سُر رامڪلي
داستان
پهريون
1
جوڳِيئَڙا جَهَانَ ۾ نُورِي ۽ نارِي
ٻَرِي جَنِ ٻارِي، آءٌ نه جِيَنَدِي اُنِ ري.
[2386]
سمجهاڻي:
هن جهان ۾ جوڳي ٻن قسمن جا آهن، هڪڙا نُوري (نور
وارا) ۽ ٻيا ناري (نار يا باهه وارا). پر جن
پنهنجي جان جلائي، ٻين لاءِ روشني ڪئي، تن کان
سواءِ آءٌ جيئري نٿي رهي سگهان. (منهنجو جيئڻ
اُنهن کان سواءِ اجايو ۽ بيڪار آهي)
ناري ۽ نوريءَ جو تصور مثنوي روميءَ تان ورتل آهي.
[مثنوي روميءَ ۾ هن بيت جي مفهوم وارا هونئن ته
ڪيترا شعر آهن، پر هتي پس منظر طور هي ٻه ڪافي
آهن.
جسممشان را هم ز نور اِسرشته اند،
تا ز روح و از ملک بگذشته اند.
(دفتر سوم ب 8)
معنيٰ: انهن جا
جسم نور مان ٺهيل آهن، انهيءَ ڪري هو روحن ۽
ملائڪن کان به مٿي آهن.
وڌيڪ وضاحت ڪندي چوي ٿو ته تنهنجا حواس ۽ فڪر سڀ
باهه جا ٺهيل آهن. پر روحاني رهبر (شيخ طريقت) جا
حواس ۽ فڪر سڀ جو سڀ نور وارا آهن. تنهن ڪري:
وصل کن با نار نور يار را
(دفتر سوم، ب- 1245)
يعني تون پاڻ واري باهه کي دوست جي نور سان وابسته
ڪر، ڇو ته هن جو نور ئي تنهنجي باهه کي اجهائي
سگهي ٿو جيئن چيو اٿس:
تاکه نور او کُشد نار ترا.
(دفتر سوم ب 1246)
هڪ ٻئي هنڌ وري هيئن چوي ٿو:
پس هلاک نار نور مؤمن ست،
زانکه بي ضد دفع ضد لايمکن ست.
(دفتر سوم ب 128)
معنيٰ: مطلب ته (نفس جي) باهه کي وسائڻ لاءِ گهربل
وسيلو مؤمن جو نور آهي. ڇو ته هڪ ضد کان سواءِ ٻئي
ضد جو ختم ٿيڻ ناممڪن آهي.
انهن الله وارن لاءِ ئي رومي چوي ٿو ته اهي پنهنجي
وقت جا اسرافيل آهن، جن جي ڦوڪ سان مرده دليون
جيئريون ٿين ٿيون:
هين که اسرافيل وقتند اوليا،
مرده را ز ايشان حيات ست و نما.
(دفتر اول، ب- 1930)
معنيٰ: خبردار، اهي اوليا وقت جا اسرافيل آهن، جن
(جي ڦوڪ) سان مرده (روح) به جيئرا ٿي پون ٿا. ’آءٌ
نه جيندي اُن ري‘ ۾ هنن ڏانهن اشارو آهي.]
2
جوڳِيئَڙا جَهانَ ۾ هُئا مَنجههِ حِمَامَ
آرامَا اَرَڳ ٿِئا، اوڏا نه آرامَ
ڪِئائُون قِيَامَ، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2387]
سمجهاڻي:
هن جهان ۾ جوڳي (عارف) هميشه باهه جي مچ يا آڙاهه
(موت واريءَ حالت) ۾ گذارين ٿا. (هيءُ جهان هنن
لاءِ آڙاهه ۽ عذاب آهي). هو آرام ۽ آسائش جي ڪڏهن
به ويجهو نٿا وڃن، بلڪ پاڻ کي هر وقت آرام کان الڳ
۽ ڌار رکن ٿا (ڪڏهن به آرام نٿا ڪن). هو پنهنجي
اِن حالت تي قائم آهن (پنهنجي مول متي تي پڪا پختا
آهن). انهن سان گڏ گذارڻ ۾ ئي منهنجي لاءِ جياپو ۽
زندگي آهي.
[مثنوي روميءَ ۾ گرم حمام جو تصور عام آهي ۽ ان جي
گرميءَ جو مقصد روح جي پاڪائي ۽ پاڪيزگي حاصل ڪرڻ
آهي.
واسطئه حمام بايد مر ترا،
تا ز آتش خوش کن تو طبع را.
(دفتر پنجم ب 230)
معنيٰ: تنهنجي لاءِ حمام جو واسطو يعني گرمي کائڻ
ان ڪري ضروري آهي ته جيئن ان جي گرمائش تنهنجي
طبيعت کي صحيح ڪري ڇڏي.]
3
جُسي سَندو جوڳِيين مون نه گهُرجي ماهُ
سامِي منهنجو ساهُ، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2388]
سمجهاڻي:
مون کي جوڳين جي جسم (بدن) جو ماس نه گهرجي (مون
کي هنن جي ظاهري صورت سان دلچسپي نه آهي، پر مون
کي هنن جي روحاني شفقت ۽ هدايت گهرجي). هو سامي ته
منهنجي ساهه برابر آهن. (آءٌ هنن کان سواءِ هڪ
ساهه به نٿي کڻي سگهان)، هنن کان سواءِ منهنجو
جيئڻ مشڪل آهي.
4
سَتُرُ سِڱَڙِيَنِ سِين لَحظي لاٿائون
ڪِينَرَ ڪُٺِي آهِيان اُنِي جي آئُون
مون کي مارِيائُون، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2389]
سمجهاڻي:
هنن جي نفيل جي آواز سان منهنجو (گمراهيءَ وارو)
پردو ۽ حجاب هڪدم لهي پيو. انهن جي ڪينري (ساز) جي
واڄي مون کي ڪُهي وڌو آهي (مون کي هنن جو عاشق ۽
شيدا ڪري ڇڏيو آهي). مون کي پنهنجي محبت ۾ ماري
وڌائون (فنا ڪري ڇڏيائون)، جنهن ڪري آءٌ هاڻي هنن
کان سواءِ جيئري نٿي رهي سگهان.
[رومي چوي ٿو:
اوليا را در درون هم نغمهاست،
طالبان را زآن حيات بي بهاست.
(دفتر........)
معنيٰ: الله جي دوستن جي سيني ۾ اهڙا نغما آهن،
جيڪي طالبن واسطي بي بها زندگيءَ جو ثمر آهن (انهن
جو جياپو آهن).]
5
ڳولِيان ۽ ڳَنڌيانِ، وِئا ويراڳِي نِڪَري
صُحَبَتَ جا سَنديانِ، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2390]
سمجهاڻي:
آءٌ هنن جوڳين جي خوشبوءِ (روحاني سڳنڌ) پيئي وٺان
(محسوس ڪريان) ۽ اها خوشبوءِ سڃاڻي کين تلاش پيئي
ڪريان، پر اهي تارڪ دنيا فقير هتان هليا ويا. مان
هنن جي صحبت (مجلس) کي پيئي ياد ڪريان، جنهن کان
سواءِ منهنجو جيئڻ محال آهي.
6
وَٽِنِ ويٺِي آهِيَان ڏِسئو ڪِينَ ڏِسانِ
جَنہِ جهِوئِي ناهِ ڪِين، سا ڪا سونہَ سَندِيانِ
پَسِئو ڪِينَ پَسانِ، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2391]
سمجهاڻي:
آءٌ هنن جي مجلس ۾ ويٺي آهيان ۽ کين چتائي ڏسان
پيئي ته به ڄڻ ڪانه ٿي ڏسان (ڏسڻ مان ڍؤ نٿو ٿئي).
ڏسان پيئي پر ڀانيان ته کين ڏٺم ئي ڪين، سو وري
ڏسان ڄڻ کين نه ڏٺم. هنن جي سونهن ۽ حسن ۾ ٻيو
ڪوئي مٽ ناهي (هو پنهنجي حسن ۾ لاثاني آهن). هنن
کي ڏسان پيئي پر اعتبار ڪونه ٿو اچيم ته ڪو کين
ڏسان پيئي، جنهن ڪري هنن کان سواءِ منهنجو جيئڻ
ناممڪن آهي.
7
مَران، مَٿو پِٽِيان، نِهارِيان نيڻَانِ
سُخَنَ جي سَندانِ، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2392]
سمجهاڻي:
آءٌ سندن (فراق ۾) مران ۽ مٿو پيئي پٽِيان ۽ هر هر
اکيون کڻي هنن ڏانهن پيئي نهاريان. مون کي سندن
(سهڻا) سخن (ٻول ۽ گفتا) دل تي تري پيا اچن، جن
کان سواءِ منهنجي زندگيءَ جو بچڻ مشڪل آهي.
8
واڄَٽَ ويراڳِينِ جا، مون کي وَڏِي وَٿُ
سونُ سَڀوئِي سِڱِيُون، پَسِي ڪِينَ مَ ڪَٿُ
ويساهي ويلَ ڪَنهِين پُورَبِ وِيندُءِ پَٿُ
هَلُ کَنيائُون هَٿُ، آءٌ نه جِيَندي اُنِ ري.
[2393]
سمجهاڻي:
هنن جوڳين جا (سريلا ۽ درد وارا) واڄا (سازن جا
آواز) منهنجي لاءِ وڏي قيمتي شيءِ (وڏي مڻيا) آهن.
هنن جون اُهي وڄائڻ واريون سڱيون سچ پچ سون آهن.
سندن ڪين (ڪجهه به نه) واري حالت ڏسي سندن مال
ملڪيت، ڌن دولت جو اندازو نه لڳاءِ. (سندن سڱيون
جڏهن سون برابر آهن ته سندن ڌن يعني روحاني دولت
جو ڪو ڪاٿو ڪونهي). هو توکي انهيءَ ويساهه ۾ ڇڏي
اڃان ته اتي ئي آهن، پر پورب (پنهنجي ديس) ڏانهن
پنهنجي ٽوليءَ سوڌو هليا ويندا. هنن هٿ کنيو آهي
(ان اشاري کي سڃاڻي) تون اٿي هنن جي ڪڍ هل، ڇو ته
تون هنن کان سواءِ جيئري ڪونه جالي سگهندينءَ!
9
واڄَٽَ ويراڳِينِ جا، مون وَٽِ وڏو مالُ
مَقالان مَهندِ ٿِئا، ڪِينهِين وَٽنِ قالُ
حاصُلُ جَنِي حالُ، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2394]
سمجهاڻي:
منهنجي لاءِ هنن ويراڳين جا ساز ۽ آواز وڏي ۾ وڏي
قيمتي وٿ آهن (بي بها ڌن وانگر آهن). هو هر قسم جي
زباني ڳالهه کان اڳتي آهن (زباني ڳالهين کان پري
آهن). هنن وٽ ڪا زباني ڳالهه ڪانهي (پر حال وارا
آهن). هو صاحب حال (صوفين جي اعليٰ منزل تي پهتل)
آهن، هنن کان سواءِ منهنجو جيئڻ مشڪل ٿو معلوم
ٿئي.
[اهڙن عالمن لاءِ رومي چوي ٿو:
هر که خواهد همنشيني باخدا،
گونشيند در حضور اوليا.
(دفتر دوم، ب- 2164)
معنيٰ: جيڪو الله تعاليٰ جو قرب گهري ٿو، هن کي
کپي ته وڃي اوليا الله وارن وٽ ويهي.]
10
سُتِي سيجَ هُياسِ، مون کي آهَ اُٿارِئو
جَنِي جاڳاياسِ، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري. [2395]
سمجهاڻي:
مان ته سيج واري بستري تي (آرام سان) سمهي پيئي
هيس جو مون کي هنن جي (عشق ۽ درد جي) آواز ننڊ مان
بيدار ڪري ڇڏيو. مون کي جن اهڙيءَ طرح جاڳايو آهي
(محبت سان آشنا ڪيو آهي) تن کان سواءِ آءٌ ڪيئن ٿي
جيئري رهي سگهان.
11
هَي هَي ڪِئو هَٿَ هَڻان، جوڳِي وئَڙا جاٽَ
پيهِي وِئَڙا پاٽِ، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2396]
سمجهاڻي:
آءٌ (جوڳين جي جدائيءَ ۾) هاءِ افسوس پيئي ڪريان ۽
هٿ پيئي مهٽيان. هو جوڳي وڏي ياترا لاءِ نڪري ويا
آهن. اهي جوڳي پنهنجي پاٺ پوڄا خاطر گم ٿي ويا آهن
(هنن جو موٽڻ مشڪل آهي) آءٌ تن کان سواءِ جيئري
ڪانه رهنديس.
12
سامِي سَفَرِ هَليَا، ڪو جو پُڇَنِ پَنڌُ
جَنِ هيٺاهون ڪَنڌُ، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2397]
سمجهاڻي:
اهي سيلاني سامي (سالڪ) ڪنهن وڏي مسافريءَ تي
روانا ٿيڻ وارا آهن، جو هنن کي هر وقت وڏي پنڌ جي
پڇا ۽ اون هئي. هو هميشه پنهنجا ڪنڌ هيٺ ڪري
نوڙائي نماڻا ٿي هلن ٿا. اهي ئي ته آهن جن کان
سواءِ منهنجي زندگي نٿي گذري سگهي.
13
مِٽَ نه مَعذُورِينِ جا، جوڳي جاٽَ نه نِينِ
اِنهِين ۾ آهِينِ، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2398]
سمجهاڻي:
اُهي جوڳي معذورن ۽ بيمارن جا مائٽ ناهن (هو
پنهنجي خيالن ۾ پختا آهن، کين پنهنجي منزل تي پهچڻ
جو فڪر آهي. اها ئي سندن ريت آهي). هو مون کي پاڻ
سان ان ڪري ياترا تي ڪونه ٿا وٺي وڃن. هو اهو پهه
پيا پچائين ته مون کي ڇڏي هليا وڃن، هوڏانهن آءٌ
هنن کان سواءِ هڪ پل به جيئري نٿي رهي سگهان.
14
نانگا نانِي هَلئا، ويراڳِي وِئا
ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا صُبُح تان نه سُئا
هُوءِ جي هِتِ هُئا، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2399]
سمجهاڻي:
اُهي نانگا (خاص قسم جا جوڳي فقير جيڪي بلڪل نه يا
نه هئڻ برابر لباس ڍڪين) هنگلاج ۾ نانيءَ جي ياترا
لاءِ اڪيلا ئي اڪيلا روانا ٿي ويا. انهيءَ ڪري
صبح جو سوير سندن سازن جو ڪو آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو
(ڇو ته هو عادت موجب صبح جو اٿي ساز ضرور وڄائن).
هو جيڪي (مون لاءِ وڏو آسرو ۽ اميد هئا) هتان هليا
ويا، هنن کان سواءِ منهنجو جيئڻ ڪونه ٿو ٿي سگهي.
[مثنوي روميءَ ۾ پڻ ان لحاظ سان ڪيترا اشارا ملن
ٿا، جتي ڪپڙن مان مراد بدن جون ظاهري حالتون آهن ۽
روحاني ترقيءَ واسطي انهن کي ضايع ڪرڻ ضروري آهي.
زانکه با جامه در آنسو راه نيست،
تن ز جان وجان زتن آگاه نيست.
(دفتر اول ب 2772)
معنيٰ: سمجهي ڇڏ ته لباس سان ڍڪجي هن طرف وڃڻ جو
رستو يا ڳلي ناهي. اهو ان ڪري به جو جسم ۽ روح کي
هڪٻئي جي خبر ناهي (ٻنهي جو رستو الڳ آهي.]
15
نانگا نانِي هَلئا، سامِي سَڀيئِي
وِهِڪَ مون ويئِي، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2400]
سمجهاڻي:
نانگا فقير نانيءَ جي زيارت لاءِ روانا ٿي ويا ۽
سڀ سامي پڻ هليا ويا. هنن جي وڃڻ کان پوءِ مون کان
هر قسم جو سک ۽ آرام موڪلائي ويو آهي. ايتري قدر
جو آءٌ هڪ هنڌ ويهي به نٿي سگهان. سندن جدائيءَ ۾
منهنجو جيئڻ مشڪل ٿو لڳي.
16
نانگا نانِي هَلِئا، چيلا چيلَهه ٻَڌَنِ
هَئي هَئي ٿا هَلَنِ، آءٌ نه جِيَندي اُنِ ري.
[2401]
سمجهاڻي:
نانگا جوڳي نانيءَ ڏانهن پنڌ ئي پنڌ روانا ٿي ويا
۽ سندن چيلا (شاگرد) تياريءَ ۾ آهن ۽ پنهنجي چيلهه
کي مضبوط ڪري ٿا ٻڌن ته جيئن هو به پنڌ پون. افسوس
جو اهي سڀ هلڻ وارا آهن ۽ آءٌ سندن جدائي برداشت
ڪري نه سگهنديس جو جيئري رهي سگهان.
17
نانگا نانِي هَلِئا، هَئي مُنهِينجي حالِ
هُوءِ جي ڪَهِيا ڪالَ، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2402]
سمجهاڻي:
نانگا فقير نانيءَ جي سفر تي تيار ٿي سنڀري هليا
آهن. منهنجي حال تي افسوس آهي (جو هو مون کان جدا
ٿي ويا). هو جيڪي هتان ڪالهه روانا ٿي ويا، آءٌ
انهن کان سواءِ جيئري يا زنده ڪانه رهي سگهنديس.
18
نانگا نانِي هَلِئا، لوڪان ڪَري لِڪَ
ويئِي مون وِهَڪَ، آءٌ نه جِيَندي اُنِ ري. [2403]
سمجهاڻي:
نانگا جوڳي عام ماڻهن کان لڪي نانيءَ جي تيرٿ
ڏانهن روانا ٿي ويا. هنن جي جدائي ۾ مون کان هڪ
هنڌ ويهڻ واري عادت ڇڏائجي ويئي (سک آرام ڦٽي ويو
آهي). (مون کي پڪ آهي) مان هنن کان سواءِ بچي نه
سگهنديس.
[رومي ساڳي ڳالهه هيئن ٿو ڪري:
از گزافه کي شدند نداين قوم لنگ،
فخر را دادند و بخريدند ننگ.
(دفتر سوم، ب- 1121)
معنيٰ: هو محض ڏيکاءُ جي ڪري لولا لنگڙا نه ٿيا
آهن، بلڪ هنن فخر ۽ وڏائي کي وڪڻي ذلت ۽ خواري
خريد ڪئي آهي.]
19
جيڪِي مون کي نِي، نا تَه نانگا وانءُ مَ نِڪَري
پَههَ پَروڙِيَمِ پَٿَ جا، ڪِينَرَ منجهان ڪي
هاڻي جي هَنيَئي، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري. [2404]
سمجهاڻي:
اي نانگا جوڳي (منهنجي توکي وينتي آهي) يا ته مون
کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃو يا هتان نڪري نه وڃو (هتي
ترسي پئو). مون جوڳين جي هن ٽولي (پٿ) جا هلڻ وارا
ارادا سندن ڪينر جي واڄي مان پروڙيا. هاڻي تو جيڪي
ڪينر تي هٿ هنيا، تو جيڪي واڄا ڪيا (منهنجي روح کي
اهڙي بيقراري ڏيئي ڇڏي آهي جو) تن کان سواءِ
منهنجو جيئڻ محال آهي.
20
جيڪي مون کي تاڻِ، پَڳہُ پائي پاڻَ سِين
هُو جي هَنيَئِي هاڻِ، آءٌ نه جِيندِي اُنِ ري.
[2405]
سمجهاڻي:
(اي جوڳي!) تون مون کي پاڻ سان ڇڪي وٺي هل، يا
ٻيڙيءَ جي پڳهه (سي) وانگر ڇڪي پاڻ سان گڏ ٻڌ. تو
هينئر جيڪا ڪينر جي وڄت ڪئي، ان کان سواءِ آءٌ
جيئري ڪانه رهي سگهنديس.
21
جيڪي مون نِهو، نا ته جاٽَ مَ وَڃو جوڳِيَا!
قُوتَ مُنهِنجو ڪاپَڙي، سِڱڙِيَنِ سِهو
ڦِرِي ڦُوڪَ ڏِهو، آءٌ نه جِيندِي اُنِ ري. [2406]
سمجهاڻي:
اي جوڳيئو! مون کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃو، نه ته
(منهنجو عرض اٿو) توهين پاڻ انهيءَ ياترا تي نه
وڃو. منهنجو قوت يعني کاڌو پيتو سڱڙين جي واڄي ۾
آهي، مون لاءِ اهو ئي آسرو آهي. سڱڙين جو واڄو ئي
منهنجو آٿت آهي، منهنجو قوت آهي (جيڪو مون کي
جياري ٿو). توهين ڦري گهري سڱين ۾ ڦوڪ ڏيئي آواز
ڪڍو جنهن کان سواءِ آءٌ جيئري نٿي رهي سگهان.
22
سَڳا سيليُون تُنبِيُون ڌاڳا ڌوتائون
پاڻُ پنهنجو پرينءَ سِين پَرِ ۾ پوتائون
رَتو رُنائُون، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري. [2407]
سمجهاڻي:
هو جوڳي جڏهن پنهنجا سڳا ڌاڳا ڌوئي ٽول ٽڳن واريون
ڳوٿريون ۽ ٻيون بگريون ڪلهن ۾ وجهي هلڻ لاءِ سنڀري
تيار ٿيا، تڏهن پنهنجي اندر ۾ پرينءَ کي دل من سان
ياد ڪيائون. هو (پرينءَ کي ياد ڪري) رت جا ڳوڙها
ويٺا ڳاڙين. آءٌ هنن جي ساٿ کان سواءِ جيئري ڪانه
رهي سگهنديس.
23
سُوڌو سِڱَڙِيَنِ سِين ڪِين جو ڪَهيائُون
هُوءِ جي هَنيائُون، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2408]
سمجهاڻي:
هنن جوڳين سڱڙيون وڄائي جيڪو سڌو سنئون سنيهو ڏنو
يا انهن ڪينر تي هٿ هڻي جيڪي واڄا ڪيائون. (انهن
منهنجي من تي اهڙو اثر ڪيو آهي جو) هاڻي انهن سازن
۽ آوازن کان سواءِ منهنجو زنده رهڻ مشڪل آهي.
24
وَڄائي واٽَ ٿِئا، جوڳِي جُڳاڻي
هُئا جي هاڻي، آءٌ نه جِيَندِي اُن ري. [2409]
سمجهاڻي:
اُهي جوڳي سڱڙيون وڄائي واٽ وٺي راهي ٿيا، اهي
جوڳي وڏي جُڳ توڻي وڏي جوڳ (ڪلجڳ) وارا هئا. پر
جيڪي هاڻي هت هئا، ڪجهه دير اڳ مون وٽ هئا، آءٌ
(هنن جي ديواني آهيان) هنن کان سواءِ (هڪ دم به)
جيئري نٿي رهي سگهان.
25
صُبُحِ سِڱڙِيُون کَڻِي وِئا وَڄائي وِيرَ
ڏورِيان ڏورِيان نه لَهان تَنِ بيراڳِين بَهِيرِ
آسَڻَ جَنِ عَنبِيرَ، آءٌ نه جِيَندِي اُن ري.
[2410]
سمجهاڻي:
هو وڏي ڄاڻ ۽ مڻيا وارا جوڳي صبح سويل پنهنجيون
سڱڙيون وڄائي ساڻ کڻي روانا ٿي ويا. آءٌ هنن لاءِ
ڪيتريون پيئي جهوتون ڏيان ۽ کين ڳوليان، پر انهن
ويراڳين جي قطار (ٽوليءَ) جو ڪو پتو کرو نٿو پوي.
جن جي ويهڻ ۽ ٽڪڻ وارين جاين ۾ عنبر جي سرهاڻ
ڦهليل هئي، منهنجي زندگي هنن کان سواءِ نٿي گذري
سگهي.
[مثنوي روميءَ ۾ وري عارفن کي روحاني طبيب ڪوٺيو
ويو آهي جن جا هنڌ ۽ ماڳ خوشبوءِ وارا آهن
اين طبيبان را بجان بنده شويد،
تا بمشک و عنبر آگنده شويد.
(دفتر سوم 2732)
معنيٰ: انهن طبيبن جا دل سان غلام بنجي وڃو ته
جيئن هو توهان کي مشڪ ۽ عنبر سان پُر ڪري ڇڏين.]
26
ميڙِئون ڀاڻُ ڀَريون ڪِئو جوڳِي جَلائِينِ
سامِي سِڱڙِيَنِ سين خُودِيءَ کي کانئِينِ
هُوءِ جي تارَ نه تَڳائِينِ، آءٌ نه جِيندِي اُنِ
ري. [2411]
سمجهاڻي:
هو جوڳي مال جو ڀاڻ گڏ ڪري دونهيون پيا دکائين.
(اندر ۾ دونهي دکائي آپي کي پيا جلائين). اُهي
سامي سڱڙيون وڄائي پنهنجي خوديءَ کي ختم پيا ڪن.
اهي پنهنجي (اڏول) ريت موسم موجب بيمار يا اگهي جي
تيمارداريءَ ۾ پنهنجو وقت نٿا وڃائن (بلڪ پنهنجي
منزل ڏانهن سفر جاري رکن)، انهن جي سنگت کان سواءِ
منهنجو جيئڻ محال آهي.
27
پَسِئو آسَڻَ اُنِ جا اَچي نه آرامُ
ڪينَرَ ڪُٺِي آهِيان تَنِي جي تَمامُ
مون کي ٿِئو ماتامُ، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2412]
سمجهاڻي:
اي امڙ، اُنهن جوڳين ۽ سناسين جا (خالي) آستان ڏسي
منهنجو روئڻ ۽ رڙڻ ( وڏي آواز سان روئڻ) بند ئي
نٿو ٿئي. انهن جا اهي تڪيا ۽ ماڳ مون کي پيا
ڏکوئين ۽ بيقرار ڪن. اٽلو هنن (وڏي پنڌ وارن)
سامين مون کي (بيمار هئڻ ڪري کٽ تان لاهي) پٽ تي
سمهاري ڇڏيو (ته جيئن منهنجي ڪري هنن جي مسافريءَ
۾ ڪا رنڊڪ نه پوي). هو جيڪي هر وقت روڄ راڙي (بين
جي حالت) ۾ رهن ٿا، منهنجو جيئڻ انهن کان سواءِ
نٿو ٿي سگهي.
28
پَسِئو آسَڻَ اُنِ جا اوڇَنگاروُن اَچَنِ
آيَلِ آديسِين جا مون کي ماڳَ مُهنِ
پاڻان وِڌِيَسِ پَٽَ تي لاهي لاهُوتِينِ
جي راڙي مَنجههَ رَهَنِ، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2413]
سمجهاڻي:
هُنن آديسين جا (ويران) آستان ۽ تڪيا ڏسي (سندن
جدائي سبب) مون کي اکين اڳيان اونداهيون پيون اچن.
صبح جو سويل سندن ساز جا آواز ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿا اچن
(هو هليا جو ويا آهن). هاڻي منهنجو ڪو وڏو ڀاڳ
ڦاٽي جو هو (راضي ٿي) وري ڪو ڀيرو ڪن، ورنه سندن
جدائي ۾ منهنجو جيئرو رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي (آءٌ ڪانه
بچنديس).
29
پَسِئو آسَڻَ اُنِ جا اَندوها اَچَنِ
ڪِينَرَ ڪاپَڙِينِ جا صُبُحِ تان نه سُڄَنِ
وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ، آءٌ نه جِيندِي اُنِ ري. [2414]
سمجهاڻي:
اُنهن جوڳين جا (خالي) ماڳ ڏسي منهنجي اکين اڳيان
(ڏک ۽ جدائي سببان) اونداهيون پيون اچن. صبح جو
اُٿڻ سان انهن جي ڪينري جا آواز منهنجي ڪنن تي
ڪونه ٿا پون. اڳتي منهنجو ڪو وڏو ڀاڳ ٿئي، جو ان
جي ڪري (راضي ٿي) ڀيرو ڪن. باقي انهن کان سواءِ
منهنجو جيئڻ مشڪل آهي.
30
پَسِئو آسَڻَ اُنِ جا ٻانهُنِ وِجهان واتَ
جي ڪَهيا ڏونہ قَلاتَ، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2415]
سمجهاڻي:
هُنن جوڳين جا تڪيا (اُجڙيل ماڳ) ڏسي آءٌ پنهنجي
ٻانهن کي چڪ پيئي وجهان (جهڙوڪ آءٌ چري ٿي پيئي
آهيان) (آءٌ ڇا ڪريان) هو جيڪي تمام پري قلات
ڏانهن ڪهي ويا آهن، تن کان سواءِ منهنجو جياپو
مشڪل پيو معلوم ٿئي.
31
آسَڻَ وَٽِ آهُون ڪَرِيان، وَسِ نه مُنهنجي واتُ
لَڳُمِ لاهُوتِينِ جو مَنجهان ڪِينَرَ ڪاتُ
هَلَڻُ جَنِ هيهَاتُ، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2416]
سمجهاڻي:
آءٌ هُنن جوڳين جي اوتارن وٽ بيهي روڄ راڙو پيئي
ڪريان، آءٌ ڇا ڪريان جو بس ڪرڻ منهنجي وس ۾ ناهي.
(آءٌ ڇا ٻڌايان ته) مون کي سندن ڪينر جي آواز ڪات
وانگر ڪهي (اڌ مُئو ڪري) ڇڏيو آهي. هنن جو پنڌ يا
مسافري ڏاڍي ڏکي ۽ پري آهي (منهنجو هنن سان جيءَ
جو ڳانڍاپو آهي)، ان ڪري هنن جي جدائي سهي منهنجو
زنده رهڻ مشڪل آهي.
[’هيهات‘ جو لفظ جيتوڻيڪ اصل ۾ قرآن شريف ۾ آيل
آهي. پر رومي ان کي مثنويءَ ۾ ڪيترا دفعا آندو
آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:
پيش آرد هيهي و هيهات را
در لويشه پيچد او لبهات را.
(دفتر پنجم، ب- 158)
معنيٰ: هو پاڻ هاءِ هاءِ ۽ افسوس ظاهر ڪري ٿو پر
تنهنجا چپ سئيءَ سان سبي ڇڏي ٿو).
32
بابُو بيکارِي ٿِيَا، اَڄُ نه آسَڻَ وَٽِ
خُودِي کانئِي هَلِيا، پيرُ نه لايَئُون پَٽِ
هَي هَي جَنِي هَٽِ، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2417]
سمجهاڻي:
اُهي پڪا پختا (عمر رسيده)جوڳي جيڪي اڪثر روپ
مٽائي (عام کان) پاڻ لڪائن، سي پنهنجن آستانن ۽
ماڳن تي ڪونه آهن. هو پنهنجي هستيءَ کي ساڙي
(ايڏيءَ منزل تي پهتا جو) جڏهن اٿي پنڌ پيا ته پٽ
تي پير ئي ڪونه لڳن (هو هوا وانگر اڏامي ويا). جن
جوڳين وٽ هاءِ هاءِ واري وائي هئي (جيڪي هميشه
نيستيءَ ۾ هئا) تن کان سواءِ آءٌ ڪيئن ٿي زنده رهي
سگهان.
[مثنوي روميءَ ۾ شيخ سررزي کي انهيءَ ساڳي عارفانه
رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن هو پاڻ چوي ٿو:
گفت من از خود نمائي نامدم،
جز بخواري و گدائي نامدم.
نيتسم در عزم قال و قيل من،
در بدر گردم بکف زنبيل من.
(دفتر پنجم، ب- 2689)
معنيٰ: هن چيو مان پاڻ کي ڪنهن به ريت ظاهر ڪرڻ
نه آيو آهيان، بلڪ مون کي ته پاڻ کي گداگر ۽ پنڻ
وارو ثابت ڪرڻو آهي. مان ڪنهن ڳالهه ٻولهه جي
ارادي سان نه آيو آهيان. بلڪ مان جهولي ڦهلائي
گدائي ڪرڻ آيو آهيان].
33
بابُو بيکارِي ٿِيا، ڀَڃي ڇَڏيائون ڀاڻُ
نِسوروئي نانہِ جو نانگن وَٽِ نِڌاڻُ
سَرِکَنڊُ جَنِي ساڻُ، آءٌ نه جِيَندي اُنِ ري.
[2418]
سمجهاڻي:
اُهي وڏا جوڳي ويس مٽائي (جيئن کين ڪو سڃاڻي نه
سگهي) پيا گهمن گهتن، هنن پنهنجي خوديءَ کي ڀور
ڀور ڪري ڀڃي ڇڏيو آهي. اهڙن نانگن فقيرن جو آخري
مقصد نيستي ۽ نابودي آهي (نيستيءَ جي درجي تي پهچڻ
آهي). جن سان چندن جي ڪاٺي (روحاني سرهاڻ ۽ سڳنڌ)
گڏ آهي، آءٌ تن کان الڳ رهي جيئري ڪانه رهي
سگهنديس.
[شيخ سررزي جي آکاڻيءَ ۾ آهي ته هن گدائي وارو ويس
خدائي امر تحت اختيار ڪيو هو. رومي چوي ٿو:
بنده فرمانم که امرست از خدا،
که گدا باشم گدا باشم گدا،
در گدائي لفظ نادر ناورم،
جُز طريق خس گدايان سپرم.
(دفتر پنجم، ب-2691)
معنيٰ: مان هن جي حڪم جو غلام آهيان ۽ هيءُ خدائي
حڪم آهي ته آءٌ گدا بنجان، گدا کان سواءِ ٻيو ڪجهه
نه! مان گدائيءَ ۾ ڪو نئون نمونو اختيار ڪونه
ڪندس، بلڪ مان پاڻ کي ڪمترين گداگرن ۾ شمار ڪندس.]
34
بابُو بيکارِي ٿِئا، آسَڻَ وَٽِ نه اَڄُ
نِسوروئي نانہِ جو سامِي ڪَنِ سَهَڄِ
هنِيَڙا تَنِ سِين هَڄُ، آءٌ نه جِيندِي اُنِ ري.
[2419]
سمجهاڻي:
اُهي پڪا جوڳي اولو ڪري (لوڪ کان لڪي) اڄ پنهنجا
تڪيا ۽ ماڳ ڇڏي هليا ويا. اُهي سامي نيستي يا هستي
وڃائڻ جو سمورو سينگار ڪن ٿا (ان ۾ هو ڪا ڪسر باقي
نٿا ڇڏين). اي دل، تون به هنن سان ملي پاڻ وڃاءِ،
ڇو ته هنن کان جدا ٿي تنهنجو جيئرو رهڻ ٿي نٿو
سگهي.
35
نَڪِين کَڻَنِ پاڻَ سِين، نه ڪو ساڻُنِ پاڻُ
اِهڙو جَنِ اُهڃَاڻِ، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2420]
سمجهاڻي:
هو پاڻ سان ڪو ٻيو سنگتي ساٿي گڏ ڪونه ٿا کڻن، بلڪ
هو پاڻ سان ’پاڻ‘به نٿا کڻي هلن (پنهنجو هئڻ ۽
هستي وڃائي پوءِ هلن ٿا). جن جوڳين ۽ سامين (اعليٰ
عارفن) جون اهي نشانيون (علامتون) آهن، تن کان
سواءِ منهنجي زنده رهڻ جو سوال پيدا نٿو ٿئي.
[’پاڻ وڃائڻ‘ صوفين جو خاص اصطلاح آهي، مثنوي
روميءَ ۾ پڻ هن سلسلي ۾ ڪيترا بيت ملن ٿا. هڪ هنڌ
چوي ٿو:
هر که ’بي من‘ شد همهه ’منها‘ خود اوست،
يار جمله شد چو خود را نيست دوست.
(دفتر پنجم ب 2994)
معنيٰ: جيڪو پاڻ وڃائي ٿو ته پوءِ هو ٻيا سڀ
’پاڻ‘ ٿي پوي ٿو. هو تڏهن سڀني جو دوست ٿي پوي ٿو
جڏهن پنهنجو دوست نٿو رهي.]
36
پاڻِهِين ويٺا پاڻَ سِين پَرِ ۾ پَريَاڻِينِ
سامِي سَفَرِ هَلِيَا، آسَڻُ اُجهائِينِ
رُخَصَتَ رُئارِينِ، آءٌ نه جِيندِي اُنِ ري.
[2421]
سمجهاڻي:
اُهي سامي (سالڪ) هڪٻئي سان (پلٿي ماري) ويٺا
ڪچهري ڪن ۽ هڪ ٻئي سان ويهي (روحاني) راز سلين،
اندر جون ڳالهيون اورين، (مخفي طور هڪ ٻئي کي ويٺا
اهڃاڻ ڏين). اُهي سامي هلڻ وقت آسڻ ۾ دکايل
دونهيون پيا وِسائين. هو اهڙيءَ طرح موڪلائڻ سان
مون کي ڏک پيا ڏين ۽ رئارين، جن کان سواءِ منهنجو
هڪ پل به زنده رهڻ مشڪل آهي.
37
پاڻِهِين ويٺا پاڻُ سِين پَرِ ۾ پَرياڻينِ
هُوءِ جي هَلَڻَ سَندِيُون ڳاهُون ڳالهائِينِ
وَڃَڻُ وِڃائِينِ، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2422]
سمجهاڻي:
اُهي سامي هڪٻئي سان ويٺا اندر جا احوال اورين ۽
وڏي راز واري انداز ۾ پيا ڳالهيون ڪن. هو هتان
اُٿي هلڻ وارين ڳجهين ڳالهين کي ڏاڍو مخفي پيا رکن
(جيئن ٻئي ڪنهن کي سندن وڃڻ بابت ڀڻڪ نه پوي)،
منهنجو هنن کان سواءِ جيئرو رهڻ محال آهي.
38
پاڻِهِين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ ڪَنِ پَرِياڻُ
اِهَڙا جَنِ اُهڃاڻَ، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2423]
سمجهاڻي:
هو جوڳي ۽ سامي پنهنجو پاڻ ۾ (بلڪل نويڪلائيءَ ۾)
ويهي وڏن (روحاني) رازن ۽ رمزن واري محفل پيا ڪن ۽
هڪٻئي کي ڏس پتا پيا ٻڌائن. جيڪي اُنهن صفتن وارا
آدرشي انسان آهن، تن کان سواءِ منهنجو زنده رهڻ
بلڪل بي معنيٰ ۽ اجايو آهي. (ان صورت ۾ مون کي
جيئرو رهڻ نه کپي).
39
لکين ڪِئا لِسَانَ سِين لاهوتِينِ لوڙا
گهوڙا ڙي گهوڙا، آءٌ نه جِينَدِي اُنِ ري. [2424]
سمجهاڻي:
لاهوتي (صفت وارن) جوڳين ڳالهه ٻولهه جي انداز ۾
پنهنجي زبان مان نصيحت جا (نادر) نڪتا ۽ هدايتن جا
گفتا اثرائتي نموني سان بيان ڪيا (هو انهن تي زور
ڏيندا رهيا). هاءِ افسوس (منهنجي حال تي)، ان کان
وڌيڪ ٻيو ڇا ٿيندو، جو آءٌ هنن جي غير موجودگيءَ ۾
مري وينديس.
40
ويراڳِينِ وَرَنَ، ڏِسڻُ گهَڻو ڏهلا
هڪ ٻولَڻُ ٻوڙَنِ سِين، ٻِئا سَندا فانِيُنِ فَنَ
ڪِين گهُرِجنِ ڪَنَ، آءٌ نه جِيندِي اُنِ ري.
[2425]
سمجهاڻي:
اُهي ويراڳي رنگ ۽ مهانڊن ۾ (ظاهري طور) گهڻو هيڻا
۽ ڪوماڻيل نظر پيا اچن. پر هنن جو ڪم (مقصد) اهڙن
ٻوڙن انسانن (دنيا ۾ غرق جيڪي چڱي ڳالهه ٻڌڻ نٿا
چاهين) کي چڱي ڳالهه چوڻ آهي. هنن فقيرن جن پاڻ کي
ماري فنا ڪيو آهي تن جا اهي ڪارگر حيلا (ڪارناما)
آهن (جو هو ٻوڙن کي سَرلو يعني ٻڌڻ لائق ڪن ٿا).
اهڙن آدرشي انسانن جي پيغام کي ٻُڌڻ لاءِ (ظاهري)
ڪن نه گهرجن (پر اندر جا ڪن گهرجن). (اهو ئي سبب
آهي جو آءٌ هنن کان سواءِ (حقيقي طور) جيئڻ جو
تصور نٿو ڪري سگهان.
[مثنويءَ ۾ اهڙن اوليائن جي نشاندهي هينئن ڪئي
ويئي آهي:
نغمئه اجزاي آن صافي جسد،
هر دمي درگوش حسش مي رسد.
همينشان نشنود، ايشنود،
اي خنک جان کو به غيبش بگرود.
(دفتر سوم، ب- 4286-87)
معنيٰ: اهي پاڪ جسمن وارا اندروني نغما پنهنجن ڪنن
سان ٻڌن ٿا، پر انهن کي ساڻن گڏ ويهڻ وارا نٿا
ٻڌن. اهي روح مبارڪباد جي لائق آهن، جيڪي بنا ڏسڻ
۽ ٻڌڻ جي سندن ڳالهه مڃين ٿا.]
41
وارُو ويراڳِينِ کي ويلَ مَ وِساريجِ
قَدَمَ ڪاپَڙِينِ جا لِيلائي لَهيجُ
پيرَتِ پَسئو پَٿَ جي وَڃَڻَ کي وڃيجُ
راتو ڏِينہِ رِڙهيجُ، آءٌ نه جِيندِي اُنِ ري.
[2426]
سمجهاڻي:
اُهي جوڳي جيڪي پوئتي موٽي وري وڃڻ وارا آهن، تن
جي باري ۾ هڪ پل جي غفلت نه ڪجانءِ. تون هنن جي
قدمن جي نشانن کي ڳولهڻ لاءِ آزي ۽ نيزاري ڪندي
وڃ. تون هنن جي پيرن جي نشانن واري پيچري پويان
هلندي وڃ ۽ وري موٽي نه اچج، تون رات ڏينهن سندن
جستجو ۽ تلاش ۾ صرف ڪر (ته توکي روحاني فيض حاصل
ٿئي). انهن کان سواءِ تنهنجو زنده رهڻ ڪيئن ممڪن
آهي؟
42
قَدَمَ ڪاپَڙِينِ جا لَڳا ۾ لاهُوتَ
جَنِي سِين ياقُوتَ، آءٌ نه جِيندِي اُنِ ري.
[2427]
سمجهاڻي:
هنن ڪاپڙين (پنڌ جون منزلون ڪندي، بک ۽ ڏک جون
سختيون سهندي) آخر وڃي ’لاهوت‘ ۾ پنهنجا قدم رکيا
(منزل ماڻيائون). هو جيڪي پنهنجن هٿن ۾ ياقوت (۽
ٻيا پٿر پائن ٿا) تن کان سواءِ منهنجو جيئڻ مشڪل
آهي.
43
”جُزُ“ وڃايو جوڳِئين، ”ڪُلَ“ سِين آهِنِ ڪَمُ
آسَڻُ جَنِ عَدَمُ، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
[2428]
سمجهاڻي:
هنن جوڳين (سالڪن) جُز (پنهنجي بشري صفات) کي بلڪل
ختم ڪري ڇڏيو آهي (هيءَ ڪائنات جيڪا خالق جي جملي
مخلوقات جو هڪ جزو آهي، ان کي نيست سمجهن ٿا). هنن
جا تڪيا فنا (ذات خداوندي) ۾ آهن (هو ملڪ عدم جا
رهواسي آهن)، بيشڪ اهڙن (عالي صفت عارفن) کان
سواءِ منهنجو جيئرو رهڻ ڪا معنيٰ نٿو رکي. (آءٌ
مئلن ۾ شامل آهيان).
[مثنوي روميءَ ۾ ’جز‘ ۽ ’ڪل‘ توڻي ’عدم‘ جو وڏو
بحث آهي، بلڪ اهي روميءَ جي فڪر جا اهم اصطلاح
آهن. هڪ هنڌ چوي ٿو:
عاشقان کل، نه عشاق جُزو،
ماند از کلّ، آنکه شد مشتاق جُزو،
چونکه جزوي عاشق جزوي شود،
زود معشوقش به کلّ خود رود.
(دفتر اول ب 2801_2)
معنيٰ: ڪُل (ذات خداوندي) جا عاشق ئي اصلي آهن ۽
نه هي جز يا ڀاڱي جا عاشق. ياد رکو، جيڪو جز جو
عاشق ٿيو اهو ڪل کان ڪٽجي ويو. ائين جيڪڏهن جزو
ٻئي جزي جو عاشق ٿيو ته سندس معشوق ’ڪل‘ ڏانهن
هليو ويندو يعني هي محروم رهجي ويندو.
’عدم‘ به روميءَ جو پسنديده اصطلاح آهي. بيت جي
ٻيءَ سٽ لاءِ روميءَ جو هيءُ شعر ڏسو:
برعدم باشم نه برمو جود مست،
زانکه معشوق عدم وا في ترست.
(دفتر پنجم، ب- 315)
معنيٰ: انهيءَ ڪري آءٌ عدم (عالم غيب، ازلي حالت)
جو عاشق آهيان ۽ موجود (جيڪو فاني آهي) تي مست
ناهيان، ڇو ته عدم وارو معشوق (خدا جي ذات) ئي
وفادار يعني باقي رهڻ واري آهي.]
وائي
سَندِڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهه ڳُجهَڙِي
مون مارِيندي ڪَڏهِين
جا وَڄائِينِ جَتَڙا، نه تِنہِ نَڙ جِهڙِي
مُرلِيءَ کي جِنہِ ماتُ ڪِئو، نه تِنہِ تُلَ
تُنبَڙِي
توڏِي تاري جِنہِ ٿي نه سا گهَنڊَ گهَنڊَڙِي
ڏارِئو جِنہِ ڏِياچ کي تَندُئان تِنہِ تِکَڙي
نه سِري، نه سِنڌِ ڪا، نَڪا هِندِ هِهَڙِي
ڪوڙين واڄَٽَ ڪيتَرا لَکين لائِيندَڙِي
ڪَڙي ڪُلاٽَنِ کي، مَحبتَ وارَنِ مِٺَڙي
مِٺايان مِٺي گهڻو، چندان جَنِ چَکَڙِي
وَنءُ اُونائي اُنَ کي، ويههُ مَ کَڻُ وِکَڙِي
بيخُودَ بابُو سي ٿِئا، ٻُرَندي جَنِ ٻُڌَڙِي
جا ساراهِيلَ سُبحان جِي، تِنہِ واکاڻَ ڪِهَڙِي
سَهسين سُرُودَنِ کي پاڻان پوءِ وِجهَندَڙِي
گهانڊارَ مِرُو موهِيا، هِيءَ ماڙهُو مُهَندَڙِي
آهي عبداللطيف چَئي مُئا جِيارِيندَڙِي. [2429]
سمجهاڻي:
هنن جوڳين جي وڄائڻ وارين سڱين (توتارين) ۾ وڏو
راز سمايل آهي، ڪا ڳجهي رمز رکيل آهي جنهن مون کي
سندن قرب ۾ قابو ڪري ڇڏيو آهي، اصل ماري وڌو آهي.
هو جَت فقير جيڪو نڙ وڄائين ٿا، تنهن جو هن سان ڪو
مقابلو ناهي. اها سڱي مرليءَ کان زور آهي، جيڪا پڻ
هرگز سندس مقابلو نٿي ڪري سگهي. سهڻيءَ کي جنهن
گهنڊڙيءَ جي آواز پاڻيءَ ۾ تاريو ٿي، سا به ساڻس
برابري ڪانه ڪري سگهندي! جنهن تند جي آواز ڏياچ جو
سر وڍرايو، هيءَ ان کان وڌيڪ تيز ۽ من موهيندڙ
آهي. سنڌ هند ۾ ان جو ڪو جواب ڪونهي. منجهس ڪروڙين
واڄٽ آهن جيڪي ٻُرن ته لکن کي دام ۾ ڦاسائي ڇڏين
ٿا. ان جي آواز ۾ جيڪي ڪٽيل دل وارا يعني ڪُوڙا
آهن تن لاءِ ڪوڙاڻ آهي پر محبت وارن لاءِ ان کان
وڌيڪ ٻي ڪا مِٺي شيءِ نه آهي، بشرطيڪ اهي دل سان
ان کي چکن.
تون ان کي ٻڌي ان جي ڪڍ لڳ، چپ ڪري نه ويهه بلڪ
قدم کڻي اڳتي هل. جن ان کي وڄندي ٻڌو، سي سامي سرت
۽ ساڃهه وڃائي مست ٿي پيا. ڀلا، جنهن کي ڌڻي پاڪ
پاڻ ساراهيو هجي، ان جي ڪهڙي تعريف ڪري سگهجي ٿي.
سندس آواز اهڙو آهي جيڪو ٻين سوين سازن سرودن کي
مات ڪيو ڇڏي. وڏا مرون ۽ جانور ته ٺهيو پر هيءَ
سڀني انسانن کي پاڻ تي موهت ڪري ڇڏي ٿي. عبداللطيف
چوي ٿو بيشڪ اها مئلن کي جياريندڙ يعني نئين زندگي
بخشيندڙ آهي.
داستان ٻئو
1
جي ڀانئِين جوڳِي ٿِيان، ته سَڱ سڀيئِي ڇَڏِ
اوڏو ٿِي ’اَلِفَ‘ کي مَنُ ’مِيمَ‘ سِين گَڏِ
هِتان لاهُوتِي لَڏِ، ته گُرَ کي گڏجِين ڪاپَڙِي.
[2430]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته جوڳي ٿيان ته (هن جهان
سان) سڀ ناتا ۽ واسطا ختم ڪري ڇڏ. تون الف يعني
الله (جهان جي خالق) جي ويجهو ٿيءُ ۽ پنهنجي دل کي
ميم يعني محمد ﷺسان ملاءِ (هن جي تابعداري ڪر) اي
’لاهوت‘ جي درجي وارا (هيڪڙائي حق وارا) هن جهان
کي ڇڏ يعني ترڪ ڪر، تڏهن تون بنا تڪليف پنهنجي
مرشد يا هاديءَ وٽ وڃي پهچندين.
2
جي ڀانئِين جوڳِي ٿِيَان ته سَڱَ سَڀيئِي ڇِنُ
مَٿي دَرِ دوستَنِ جي نانگا ڪِيمَ نِنُ
پَٿِ تَنِي جي پِنُ، جَنِي پُڄِي نه پُڇِئو.
[2431]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن تون سچو جوڳي ٿيڻ گهرين ٿو ته هر قسم جا لڳ
لاڳاپا ٽوڙي ڇڏ. هن دنيا جي دوستن جي درن تي هيڻو
ٿي وڃي نه ليلاءِ ۽ روئي دانهون نه ڪر. (پاڻ کي
هنن آڏو خوار نه ڪر). تون انهن جي ٽولي سان گڏ وڃي
گدائي ڪر جن ورائي نه پڇيو يا پيالي ۾ نه نهاريو
ته کين ڇا مليو آهي ۽ ڪيترو مليو آهي (هو هر حال ۾
صابر ۽ شاڪر آهن).
3
جي ڀانئِين جوڳِي ٿِيَان ته طَمَعَ ڇَڏِ تَمامُ
گولا جي گولَنِ جا تَنِ جو ٿِيءُ غُلامُ
صَبُرَ جي شَمشِيرَ سِين ڪَرِ ڪِيني کي قتَلَامُ
ته نانگا تُنهنجو نامُ، لِکِجي لاهُوتَ ۾. [2432]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن تون (سچو پچو) جوڳي ٿيڻ جو خواهشمند آهين
ته پهرين هر قسم جي طمع لالچ کي ڪڍي ڇڏ. ٻيو تون
ايڏي هيٺانهين ۽ نوڙت اختيار ڪر جو غلامن جو به
غلام ٿي ڏيکار. ٽيون تون حسد ۽ دشمنيءَ واري جذبي
کي صبر ۽ استقامت سان نهوڙي ناس ڪر يا ڪپي ٽڪرا
ٽڪرا ڪري ڇڏ. جڏهن تون ائين ڪندين ته پوءِ اي
نانگا جوڳي تنهنجو شمار لاهوت وارن ۾ ٿيندو. (جيڪا
صوفين جي وڏي ۽ آخري منزل آهي)
[رومي مثنويءَ ۾ طمع جي باري ۾ چوي ٿو ته اها
انسان کي گونگو ٻوڙو ڪري ڇڏي ٿي، بلڪ هن جون اکيون
به ڪم نٿيون ڪن، هو انڌو ٿي پوي ٿو. پر جيڪي خدا
جا مست آهن، تن کي جيڪڏهن خزانا به ملندا ته هو
انهن ڏانهن ڏسن ئي ڪونه ٿا. ان ڪري چوي ٿو:
صاف خواهي چشم و عقل و سمع را،
بر دران تو پرده هاي طمع را.
(دفتر دوم ب 569)
معنيٰ: جيڪڏهن تون پنهنجي اکين، عقل ۽ ڪنن کي پاڪ
صاف رکڻ گهرين ٿو ته پوءِ لالچ ۽ لوڀ جا سڀ پردا
ڦاڙي (ساڙي ۽ ٻاري) ڇڏ.
هڪ ٻئي هنڌ شمشير جو استعمال هن ريت ٻڌائي ٿو:
جان او مجنون و تنش شمشير او،
واستان شمشير را زين زشت خو.
(دفتر چهارم، ب- 1440)
معنيٰ: تنهنجو روح مست آهي ۽ تنهنجو جسم تلوار
آهي. ان ڪري تون اها تلوار ڦُري (جسم کي قتل يا
قيد ڪر) تڏهن تون ڇوٽڪارو لهندين.]
4
جي ڀانئِين جوڳِي ٿِيان ته پَرِ جوڳِينِ جِي پارِ
لوڪان لِڪِي لَطِيفُ چَئي مَنَ ۾ مالا وارِ
سَههُ سَڀَاڳِي آرِ، آگي جي اَدَبَ سِين. [2433]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن تو ۾ (سچي) جوڳي ٿيڻ جي تمنا آهي ته پهرين
جوڳين جي راهه و رسم (ريت ۽ رواج) اختيار ڪر (ان
تي پورو ٿي هل). عبداللطيف چوي ٿو ته عام ماڻهن
کان ڪنڊائتو ٿي پنهنجي دل ۾ سڄڻ کي ويهي سار (ان
جي نالي جو ذڪر ڪر يعني تسبيح پڙهه). توکي گهرجي
ته اهو موقعو مهل نه وڃائين، بلڪ پوري ڌيان ۽ خيال
سان اها تڪليف ۽ سختي برداشت ڪرين.
5
جي ڀانئِين جوڳِي ٿِيان ته مُورَکَ مَنجهِهِين
مَرُ
تَنُ کُڏِي، مَنُ حُجرو، گهورِجِ پنهنجو گهَرُ
دَرِ ٿِي پُورِجُ دَرُ، ڳولا ڪِجُ مَ ڳوٺَ ۾.
[2434]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن تنهنجو (سچ پچ) جوڳي ٿيڻ جو ارادو آهي ته
اي بيوقوف انسان، پهرين پنهنجي اندر ۾ مري ڏيکار
(نفس کي ماري ڏيکار). تون پنهنجي جسم کي (عبادت
واسطي) ننڍڙي سوڙهي ڪوٺي ڪري سمجهه ۽ پنهنجي دل کي
(وسيع) حجرو بڻائي پنهنجي اندر ۾ نهار (بلڪل
نويڪلائي يعني چلي پچائڻ جي نموني ۾ عبادت ۽ ذڪر
ڪرڻ سک). ائين پنهنجو پاڻ کي، دروازن کي اندران
ٻيڪڙي بند ڪري، سڄڻ جي جستجو ڪر، هن کي ٻاهر ڳوٺ ۽
ڳليءَ ۾ نه ڳول! (هو توسان گڏ ۽ ساڻ آهي).
[ياد رهي ته شاهه ڪريم جي درگاهه تي توڙي ڀٽ شاهه
تي عبادت جي لاءِ خاص ٺهيل حجرا اڄ سوڌا محفوظ
آهن). مثنويءَ ۾ اهو خيال هن ريت ملي ٿو:
ابلهان تعظيم مسجد مي کنند،
درجفاي اهل دل جدمي کنند.
مسجدي کان اندرون اولياست،
سجده گاه جمله است، آنجا خداست.
(دفتر دوم، ب- 3109 ۽ 11)
معنيٰ: بيوقوف خالي مسجد جي عزت ڪن ٿا، پر الله
وارن سان دشمني رکن ٿا. مسجدته الله وارن جي اندر
۾ آهي. اصل نوڙت واري جڳهه اها آهي، ڇو ته خدا
انهن جي اندر ۾ آهي.]
6
جي ڀانئِين جوڳِي ٿِيَان ته تَرَڪُ طَمَعَ کي ڏي
نانگا وَڃي ناٿَ جي تائِبُ ٿِيءُ تَڏي
ويراڳي وُجُودَ کي لاشَڪُ ڇَڏِ لَڏي
جو اَجهائُون اَڏي، پَري پُورَبُ اُنَ کي. [2435]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن تون جوڳي ٿيڻ جي خواهش رکين ٿو ته طمع يعني
هر قسم جي لالچ ۽ حرص کي بلڪل ترڪ ڪر ۽ ناٿ (گروءَ
يا مرشد) جي آڏو وڃي توبهه تائب ٿيءُ. ٻيو اها پڪ
ڪر ته تون پنهنجو پاڻ کان پري ٿيو آهين يعني هن
ظاهري وجود کي ڇڏي يا ان مان لڏي ويو آهين. (اها
ڳالهه سمجهي ڇڏ ته) جيڪو هتي اجها ۽ گهر (آرام
واسطي) ٿو ٺاهي، سو پورب جي پار يعني اصلي منزل
کان گهڻو پري آهي.
7
جي ڀانئين جوڳِي ٿِيان ته ڪِينَ پِيَالو پِيءُ
نانہ نِهارِي هَٿ ڪَري آئُون اُتِ نه ٿِيءُ
ته سَندو وَحَدَتَ وِيءُ، طالِبَ توڙا ماڻِيين.
[2436]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن تون جوڳي ٿيڻ گهرين ٿو ته پوءِ نانهه ۽
نيستيءَ (فنا) جو پيالو پيءُ. (پاڻ کي فنا ڪر).
تون انهيءَ نانهه واري هنڌ تي مضبوط ٿي بيهه ۽ اتي
ائين نه ٿيءُ (گمان نه ڪر) ته ’آءٌ به آهيان‘. صرف
انهيءَ صورت ۾، اي طالب (سلوڪ جي راهه جا
پانڌيئڙا) وحدت جي وادي ۾ گهڙي ان جو مزو
ماڻيندين.
[مثنويءَ ۾ عاشقن جي نيستيءَ ۽ نابوديءَ کي گهڻو
ساراهيو ويو آهي:
عاشقانرا کار نبود باوجود،
عاشقانرا هست بي سرمايه سود.
(دفتر سوم، ب-3021)
معنيٰ: عاشق پنهنجي وجود يا هئڻ سان واسطو نٿا
رکن، پنهنجي وجود کان بيپرواهه آهن. عاشق ئي بنا
پونجيءَ ۽ موڙيءَ جي نفعو ڪمائين ٿا.]
8
جي ڀانئِين جوڳِي ٿِيان ته مُنهَن ۾ مُنڊرا پاءِ
ڪَنَنِ ڪِينَ وڃائيو جَنِ ۾ ڪوري ڪَڪَرَ وِڌاءِ
ڇَڏِ چادَرَ، ٻَڌُ چَمِڙو، جُتِي تو نه جُڳاءِ
ته سامِيڙا سَندياءِ، گُرَ وَٽِ گِلا نه ٿِئي.
[2437]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن توکي واقعي جوڳي بنجڻ جي خواهش آهي ته
پنهنجي منهن ۾ (وڍ وجهي) گول ڇلا يا والا کڻي
وجهه، باقي رڳو تنهنجي ڪنن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو
انهن کي والن پائڻ لاءِ وڍ وجهي ڇڏيا اٿئي؟ توکي
گهرجي ته پاڻ کي ڪپڙي جي چادر سان ڍڪڻ بجاءِ چيلهه
سان فقط چمڙي جو ٽڪر (اوگهڙ ڍڪڻ خاطر) ٻَڌين ۽
پيرن ۾ هرگز جتي نه پائين. اي (سچا) سامي، صرف اهو
طريقو يا واٽ آهي جنهن سان تون گروءَ يا مرشد وٽ
شڪايت يا گهٽتائيءَ کان بچي سگهين ٿو. (سلوڪ جي
سفر ۾ خواهشن جي قرباني).
9
جي ڀانئِين جوڳِي ٿِيان ته سِڱِيُون سيليُون ڇَڏِ
دُونهِيَنئُون دُورِ ٿِيءُ، مَڙهِي مُورِ مَ اَڏِ
سُپيريان جي سَڏِ، نانگا وانءُ نِڱِئو. [2438]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن تون جوڳي ٿيڻ گهرين ٿو ته پوءِ اهي وڄائڻ
جون سڱڙيون ۽ هٿن ۾ ڳوٿريون کڻڻ ڇڏي ڏي. ظاهري
دونهيون دکائڻ کان پري ڀڄ ۽ ٽڪڻ واسطي مڙهيون
(اوتارا) ٺاهڻ بند ڪر. بلڪ جڏهن پرينءَ جو سڏ ٻڌين
ته اوڇڻ کان بيپرواهه ٿي نڪري پئو:
[مثنوي روميءَ ۾ حمام جو مثال ڏيندي هينئن چيو ويو
آهي:
تابروني جامها بيني و بس،
جامه بيرون کن درآ، اي هم نفس.
(دفتر اول، ب- 2771)
معنيٰ: جيستائين تون ٻاهر ڪپڙن سان بيٺو آهين،
تيستائين اهو ئي تنهنجو خيال آهي. روح جي پاڪائي
لاءِ ڪپڙا لاهي اندر گهڙي اچ، اي منهنجا دوست!]
10
جوڳَ نه جوڳو تُون، ڪَرِين پَچاروُن جوڳَ جيون
هِڪو پَنڌُ پِرِين جو، ٻِي تُنهينجِي ٻُون
سامِي سيڻَنِ ڏُون، رُوندائِي رَتُ وِئا. [2439]
سمجهاڻي:
تون جوڳ جي لائق نه آهين پر ڳالهيون وري جوڳ جون
پيو ڪرين. پرينءَ ڏانهن هلڻ يا پهچڻ جو ته هڪڙو ئي
رستو آهي، پر تون پنهنجي مطلب واري پچار پيو ڪرين.
اي سامي، جيڪي سپرينءَ جي تلاش ۾ آهن، اهي هر وقت
رت روئيندا ويا (اها راهه وٺي هلڻ سولي ڪانهي!)
11
جوڳِي هُونِ نه جِيَرا، پائي جوڳُ مَ جِيءُ
هارِئا هُنِ ڪَنَنِ سِين سُڻُ سَنيهو اِيءُ
وِڃائي وُجود کي پاڻان پاسي ٿِيءُ
هَڏِهِن ڪونهي هِيءُ، ٿو اَسَارا ”آئُون“ چَوِين.
[2440]
سمجهاڻي:
صحيح سچا جوڳي (عام وانگر کائيندڙ پيئندڙ) جيئرا
نه هوندا آهن (اهي فنا يا نيستيءَ ۾ هوندا آهن)
تون جوڳ ۾ داخل ٿيو آهين ته جيئرو ڪيئن ويٺو آهين
(مطلب کائڻ پيئڻ ۽ جيئڻ کي ڇڏ). اي موڳا موڙهل،
پنهنجي اندر جي ڪنن سان اهو اهم پيغام ٻڌ ۽ سمجهه.
پنهنجو وجود وڃاءِ (هستيءَ کي فنا ڪر) ۽ پاڻ کان
پري ٿيءُ (پاڻپڻي جي ويجهو نه اچ). ظاهري صورت ۽
لباس وارو هيءُ انسان (يا هيءُ ظاهري جڳ جهان) آهي
ئي ڪونه، پر اي بي خبر ۽ غافل انسان، تون
’آئون‘يعني وجود يا هئڻ جي ڳالهه ويٺو ڪرين!
[روميءَ جي فڪر جو اهو خاص نڪتو آهي ته هو هِن
جهان کي معدوم ۽ هُن جهان کي موجود چئي ٿو، جنهن
جو مثال هو واچوڙي ۾ مٽيءَ سان ڏيئي ٿو. هوا جي
ڪري مٽي ڦرڻ ۽ مٿي چڙهڻ لڳندي آهي، اسين سمجهندا
آهيون ته مٽي ڦري رهي آهي، جيتوڻيڪ ان کي هوا
ڦيرائي رهي آهي. مٽيءَ جو ڦرڻ هوا تي منحصر آهي.
ان ڪري هو چوي ٿو هن جهان جو مثال مِٽي وانگر آهي
جيڪو ڦرندي نظر اچي ٿو، پر هوا (جيڪا اصل آهي ۽
مٽيءَ کي ڦيرائي ٿي) اسان کي نظر ڪانه ٿي اچي.
اين جهان نيست چون هستان شده،
وآنجهان هست بس پنهان شده.
(دفتر دوم ب 1280)
معنيٰ: هي معدوم (نيست) جهان موجود نظر اچي ٿو ۽
هو اصلي موجود جهان لڪيل ڇپيل (معدوم) آهي.]
12
ويٺو پُڇِين پَرُ، ڪَرِ هِيارَ هَلَڻَ جِي
اَڄُ آديسِي مَرُ، صُباحَ مَرَندو سَڀُڪو. [2441]
سمجهاڻي:
اي جوڳي، تون اڳين يا اڳتي جي ڪهڙي ويٺو ڳالهه
ڪرين، تون هاڻي جو هاڻي هتان هلڻ جي ڳالهه ڪر (فنا
جو رستو اختيار ڪر). اي آديسي اڄ جو اڄ مري ڏيکار
(مرڻ کان اڳ مرڻ). باقي سڀاڻي (وقت پوري ٿيڻ
سان)هر ڪو ئي مرندو!
[رومي هڪ عاشق کي نصيحت ڪندي چوي ٿو:
توهمه کردي نمردي زندهء،
هين بمير ار يار حان با زندهء.
(دفتر پنجم ب 1255)
معنيٰ: تو سڀ ڪجهه ڪيو آهي، پر تون مئو (پاڻ کان
فنا) ناهين، جيئرو (توکي هستيءَ جو گمان آهي)
آهين، وارو ڪر، هاڻي جو هاڻي مري ڏيکار جيڪڏهن تون
ساهه قربان ڪرڻ وارو دوست آهين.]
13
جوڳِي تُنهنجي جوڳَ ۾ ڳالِهه گهُرجي ڳَچُ
سَڳا سيليُون چَمڙا، اِيءُ پُڻِ ڪُوڙو ڪَچُ
وَڍيو چِيرِيو چِچِريو، پَرِ ۾ اڀو پَچُ
سوئِي ٻارِجُ مَچُ، جِئن ٻاهَرِ ٻاڦَ نه نِڪري.
[2442]
سمجهاڻي:
اي جوڳي، تنهنجي جوڳ جي سچائيءَ ۾ گهڻو ڪجهه
گهرجي، اهي سڳا ڌاڳا، ڳوٿريون ۽ چيلهه کي ٻڌڻ وارا
چمڙا ڪوڙو ڏيک ويک آهن. اصل ڳالهه آهي ته تون پاڻ
کي مورڳو وڍي ٽڪرا ڪري اندر ئي اندر ۾ پاڻ کي
پچائي پورو ڪر. (فنا ۽ نيستي حاصل ڪر). تون پنهنجي
اندر ۾ اهو مچ ٻار، جنهن جي ٿوري ٻاڦ به ٻاهر نه
نڪري (عوام کي خبر نه پوي ته تنهنجي اندر ۾ ڇا پيو
وهي واپري).
14
سامِي چائِين، سُکَ طَلَبِين، سُکين نه سامي
اَڃان اورِيين پَنڌَ ۾ ويٺين وِسامي
گُرَ کي تون نه گڏِيينِ چائين اِنعامِي
دائِمُ مُدامِي، پُورو رَهجُ پِرينءَ سِين. [2443]
سمجهاڻي:
اي سامي، تون پاڻ کي سامي چورائين ٿو پر سک ۽ آرام
جي طلب به ڪرين ٿو (ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟) سکن
سان (اڄ تائين) ڪو سامي ڪونه ٿيو. اڃان ته تون
ٿوري ويجهي پنڌ تي ئي ٿڪجي ٽٽي ويهي رهيو آهين.
(تنهنجي منزل پري پيئي آهي). تون جڏهن پنهنجي رهبر
تائين ڪونه پهتو آهين ته پوءِ ڪهڙي مراد حاصل
ڪندين! توکي گهرجي ته هر وقت ۽ هر حال ۾ هميشه
پنهنجي پرينءَ جي پچار ۽ يادگيريءَ ۾ پورو هجين
(ان جي حڪم مڃڻ ۾ ڪابه ڪمي بيشي نه ڪرين)
15
سامِي چائين، سُکَ طَلَبِين، هومَ هُوندَن جيئن
لاهُوتِي لطيف چَئي، آديسي نه اِيئَن
سي ڪاپَڙِي ڪِيئن، جي ڌَرِينِ تَعَلقَ تَڪِيا.
[2444]
سمجهاڻي:
تون پاڻ کي سامي ٿو سڏائين پر ان سان گڏ سک ٿو
گهرين، تون سک ماڻڻ وارن وانگر نه ٿيءُ. عبداللطيف
چوي ٿو ته آديسي انهيءَ طرح نه هوندا آهن. اهي
ڪاپڙي ڪيئن چئبا جيڪي (ڪنهن به قسم جا) واسطا ۽
آسرا ٿا رکن!
16
سامِي چائين، سُکَ طَلَبِين، هُوندَنِ جِئَن مَ هو
توکي ويسَ وِڃائِيو، ويسُ وِڃايو تو
سامِي آهي سو، جِنہِ پاڻُ وِڃائي پُورِئو. [2445]
سمجهاڻي:
تون پاڻ کي سامي سڏائڻ جي فڪر ۾ آهين پر (ساڳئي
وقت) سک ۽ آرام به ڳولين ٿو. تون هوند يعني آسودن
وانگر نه ٿيءُ. توکي ساميءَ واري (ظاهري) لباس
ڀُلايو يا بيڪار ڪري ڇڏيو آهي، تون پاڻ ان لباس جو
قدر نه ڪيو. دراصل سامي اهو آهي جيڪو پاڻ کي گم
ڪري ٿو يا فنا ڪري ٿو ڇڏي ۽ انهيءَ راهه تي هلي
ٿو.
[رومي مثنويءَ ۾ درويشن جي نيستي ۽ فنا بابت هيئن
چيو آهي:
نيستي چون هست بالائين طبق،
برهمهه بردند درويشان سبق
خاصه درويش که شد بي جسم و مال،
کار فقر جسم دارد ني سوال.
(دفتر ششم ب 1471)
معنيٰ: فنا يا نيستي سڀ کان مٿانهين آهي، ان ڪري
درويش به سڀني کان اڳتي نڪتل آهن. خاص طور اهي
درويش جيڪي جسم ۽ مال کان خالي ٿي ويا، سي پوءِ
جسماني فقر توڻي هر قسم جي محتاجيءَ کان آجا ٿي
ويا.]
17
سامِي چائِين، سُکَ طَلَبِين، تَسا ڏئين نه تَنَ
مِنہَ ڪِئو ماڙُهنِ کان، پِنِي اَٽا اَنَ
ڪاپَڙِي تو ڪَنَ، ڪِين چِيرايا چَسَنِ کي. [2446]
سمجهاڻي:
تون پاڻ کي سامي ٿو سڏائين پر ان سان گڏ آرام جي
طلب رکين ٿو ۽ پنهنجي بدن کي اُڃون بکون ڪونه ٿو
ڏئين. بهانا ڪريو ماڻهن کان در در تان وڃي اٽو ۽
ان پنِي ٿو اچين (۽ ان سان پيٽ ٿو پالين). اي
ڪاپڙي، تو پنهنجا ڪن (ظاهري طور) انهيءَ ڪري
چيرايا آهن ته جيئن کائڻ پيئڻ جا ڪجهه مزا وٺي
سگهين.
18
سامِي چائين، سُکَ طَلَبِين، وارِيين نه ويراڳُ
لاڳاپا لطيف چَئي، ڇڏي جوڳي جاڳُ
جِئن تون ڀُڻين سَنَرو، اِيءُ آديسِي اَڀاڳُ
لاهُوتِيئَڪو لاڳُ، مَرِي جِيءُ ته ماڻِيين.
[2447]
سمجهاڻي:
تون پاڻ کي سامي پيو سمجهين ۽ سک جي طلب پيو رکين
(عجيب ڳالهه آهي) دنيا کي ترڪ ڪرڻ واري طريقي جي
ويجهو ئي نٿو وڃين. عبداللطيف چوي ٿو اي جوڳي سڀ
لڳ لاڳاپا ڇڏي هوشيار ۽ خبردار ٿيءُ. جيستائين تون
کائي پيئي خوش ۽ تازو توانو ٿي پيو گهمين ته اهو
سمجهه ته تنهنجو نڀاڳ يعني بدقسمتي آهي. لاهوت جي
درجي يا منزل وارو رنگ توکي تڏهن لڳندو جڏهن تون
مري جيئرو ٿيندين (مرڻ کان اڳ مرڻ واري مرحلي مان
گذرندين)
19
جيڪي جوڳُ مَ پاءِ، نا تَه نانگَنِ سِين ناٿُ
وانءُ
سامِي سي مَ لَڄاءِ، مُنڍان جي مَرڪڻان. [2448]
سمجهاڻي:
اي سامي، يا ته تون جوڳ اختيار نه ڪر ۽ نه وري
نانگن جوڳين سان گڏجي ناٿ جي ياترا لاءِ (دور ديس)
مسافري ڪر. تون اهڙي روش اختيار نه ڪر جنهن سان
هنن مرڪندڙ مانائتن جوڳين (جيڪي هر هنڌ عزت لهن)
کي شرمسار ڪرين. (هنن جي خواريءَ ۽ ذلت جو سبب
بنجين)
20
جيڪِي جوڳِي ٿيءُ، نا ته وانءُ نِرِجا نِڪرِي
ڪُہُ ٿو ڪَنَ ڪَپائِيين، جان نه سَهندِين سِيءُ
ڀَڄُ پَراهُون ٿِيءُ، مَتان لانگوٽِيا لَڄائِيين.
[2449]
سمجهاڻي:
اي سامي يا ته تون (صحيح نموني ۾) جوڳ اختيار ڪر،
نه ته اجايو ضد يا هٺ ڇڏي هليو وڃ. تون پنهنجا ڪن
ڇا جي لاءِ ٿو چيرائين جڏهن ته تون اڳتي هلي سردي
(۽ گرمي) ڪونه سهندين. تون سويل ئي ڀڄي پري ٿي
(اها ڏکي ڳالهه آهي ان جي ويجهو نه وڃ) متان ٻين
لانگوٽين کي (جيڪي وڏي رک ۽ ادب ۾ آهن) تون لڄي
ڪري وجهين!
21
جِندا هو مَ جوڳَ رءَ، جِندا جوڳَ مَ پاءِ
ڪُوڙِي ڪِجُ مَ ڪَڏِهِين، سَچي ڪامَ سُلاءِ
پَهُچَڻِ پارِينداءِ، مَتان رامُ رُسائِيين.
[2450]
سمجهاڻي:
اي سامي سچي ۽ صحيح جوڳ کان سواءِ مٿي جا وار
موڙهل (جهنڊولا) نٿا ٿي سگهن، باقي جوڳ جي لاءِ
(هروڀرو) وارن کي (هٿرادو) موڙهل نه بڻاءِ! تون
ڪڏهن به ڪوڙي ڳالهه نه ڪر، پر ساڳئي وقت سچي ڳالهه
(اندر جو مشاهدو) ڪنهن سان بيان نه ڪر. جڏهن تون
ائين ڪندين ته هو تنهنجي مراد پوري ڪندا. (هن راهه
تي هلندي هر وقت خيال ڪر) متان مالڪ کي ناراض ڪري
وجهين!
22
ڪَنَ ڪَٽائي ڪاپَڙي، جندا ٿِيءُ مَ جُوءِ
جيڪِين پُڇِين پُڇُ سو، گُنگا نِينِ نه گوءِ
’سِرَ سَپايَنِ وِڪِيا‘، سو ڪَ نه سامي سوءِ
لَنگهه لاهوتِي لوءِ، عَجزُ ڪِين آڏو ڪَري. [2451]
سمجهاڻي:
اي ڪاپڙي، تون ڪَن ٽوپائي ۽ وارن کي مُنجهائي (فقط
ظاهري روپ سان) جيئرو رهڻ نه سک. توکي جيڪي کانئن
(راهه جي ڄاڻن کان) پڇڻو آهي سو پڇي وٺ (پڇڻا نه
منجهڻا)، ڇو ته جيڪي گونگا (ڪجهه نٿا پڇن) سي ڪڏهن
به گوءِ نه کڻندا (ڪاميابي حاصل نه ڪندا). توکي
اها خبر آهي يا نه، ته نانگ جهليندڙ جوڳين پنهنجا
سر (لالچ ۾ پئجي جڏهن نانگ جهليا جن کين کاڌو ته
هو مري پيا) ضايع ڪري ڇڏيا. اي لاهوت جا طالبو
سامي، هي ماڳ ۽ وستيون نياز ۽ نوڙت سان اڪري پار
ڪر.
23
ڪَنَ ڪپائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ جوانُ
ڪاههِ ته لَڳيئِي ڪانُ، ناگنِ هٿان نِيہَ جو.
[2452]
سمجهاڻي:
اي ڪاپڙي جيڪڏهن تون ڪَن ٽوپائين ٿو ته پوءِ اي
موڙهل وارن وارا، تون جوان مرد ٿي ڏيکار، همت ۽
حوصلي وارو ٿيءُ. تون اڳتي هل ۽ وڌي ڏيکار ته توکي
(اصلي) محبت جو تير لڳيئي!
24
ڪَنَ ڪَپائِين ڪاپَڙِي، اِيءُ زَنانو جوڳُ
سامِيءَ سُڃاڻڻُ پئو هِڪَ دُئِي ٻئو دوڳُ
جَنہِ وِڙَ ڀانيو ڀوڳُ، رامَ تَنهِين کي ريبِئو.
[2453]
سمجهاڻي:
اي ڪاپڙي، ڪَن ٽوپائڻ (تن ۾ والا پائڻ) اهو زنانو
جوڳ (عورتن وارو جوڳ يعني ظاهري ۽ رسمي سينگار)
آهي. سچي ساميءَ لاءِ لازمي آهي ته ٻيائي (دُوئي)
۽ سڻڀ (دوڳ) کي سڃاڻي (۽ ان کان پاسو ڪري). پر
جنهن نامراد ۽ نڀاڳي کاڌي پيتي کي پيارو ڪيو، تنهن
ڄڻ ته پنهنجي مالڪ سان ٺڳي ڪئي.
25
هِي جي ڪَنَ ڪَپَارَ جا سُوڌو سي نه سُڻِينِ
اَندَرِ جي آهِينِ، سُڻُ سَنيهو اُنِ سِين. [2454]
سمجهاڻي:
(اي ڪاپڙي!) هي جيڪي مٿي تي ٻه (ظاهري) ڪن آهن،
تن سان سربستو صحيح (احوال) نٿو ٻڌي سگهجي. هو
جيڪي تنهنجي اندر (دل) ۾ ڪن آهن، تن سان (دوست جو)
پيغام ۽ نياپو ٻڌ.
[روميءَ جي فڪر جو هيءُ بنيادي نڪتو آهي ته انسان
کي ظاهري حواسن کان علاوه اندروني يا باطني حواس
مليل آهن. انهن حواسن جي بيدار ٿيڻ سان ئي دوست جو
پيغام سمجهه ۾ اچي ٿو:
اين سخن از گوش دل بايد شود،
گوشي گل اينجا ندار هيچ سود.
(دفتر پنجم، ب- 3635)
معنيٰ: اها ڳالهه دل جي ڪنن سان ٻڌڻ گهرجي. هي
مٽي وارا ڪن ڪنهن ڪم جا ناهن.]
26
پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، کوءِ راوَلَ ٻَنِ رُجاتُ
لِباسان لَطِيفُ چَئي پَلِ ويراڳِي واتُ
مَنُ ماري ڪَرِ ماتُ، ته تِيرَٿُ پَسِين تَڪِيو.
[2455]
سمجهاڻي:
(اي ڪاپڙي) پنهنجي پوڄا نه ڪراءِ (پاڻ کي وڏو
جوڳي سمجهي مشهوري نه ڪراءِ)، اي شهزادا جوڳي، عام
ماڻهن جي رجوعات (اچ وڃ) ۽ مڃتا کي کڏ ۾ وجهه (ان
کان پاسو ڪر). عبداللطيف چوي ٿو ته ٻاهرين ڏيک ويک
ذريعي ٻين کي برغلائڻ جون ڳالهيون ڇڏي. پنهنجي من
کي ماري فنا ڪر ته پاڻ ۾ ئي تيرٿ ۽ تڪيا ويٺو
پسندين (مشاهدا ماڻيندين).
27
پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، پَلُ پُوڄا کان پاڻُ
لاهُوتِي لَطِيفُ چئي سَڌَ نه کَڻَنِ ساڻُ
ڇَڏڻُ تعلقَ تَڪِيا، اِيءُ آديسِينِ اَهَڃاڻُ
ڄاڻِي ڇَڏي ڄاڻُ، پُرئا پُورَبَ پارَ ڏي. [2456]
سمجهاڻي:
(اي آديسي!) تون جوڳيءَ وارو ويس بڻائي، پنهنجي
پوڄا نه ڪراءِ، عبداللطيف چوي ٿو ته جيڪي لاهوتي
(منزل وارا) جوڳي آهن سي ڪنهن به قسم جي خواهش نٿا
رکن، اهي ته پاڻ هر قسم جا لڳ لاڳاپا ۽ رهڻ جا ماڳ
به ڇڏي ڏين ٿا. هنن جي اها ئي خاص سڃاڻپ يا علامت
آهي. هو پڪو پختو ارادو ڪري پنهنجي ڄاڻ ۽ ڏاهپ کي
پاسيرو رکي، پورب (جي منزل) ڏانهن روانا ٿين ٿا.
28
پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، جوڳِي رَکِجُ جوڳُ
خَلقَ خادِمَ جِئن ڪَرِين، اِيءُ راوَلَ وڏو روڳُ
ڀَڳَنِ ڪونهي ڀوڳُ، نانگا وَڃنِ نِڱِئا. [2457]
سمجهاڻي:
پاڻ کي جوڳيءَ طور مشهور نه ڪراءِ (ته جيئن ماڻهو
تو وٽ اچي گڏ ٿين)، بلڪ تون جوڳ جي اصلي ريت رسم
پوري پڪي بجا آڻج (دنيا سان قطع تعلق ڪر). تون خلق
خدا جي يعني عام ماڻهن کي مريد خادم ويٺو ڪرين، اي
سهڻا جوڳي، (سمجهي ڇڏ ته) اها هڪ وڏي بيماري آهي.
(ياد رک) جيڪي دنيا کي ترڪ ڪن ٿا ۽ کاڌي پيتي جو
فڪر نٿا ڪن، اهي نانگا فقير ئي ڪاميابيءَ سان اڳتي
نڪري وڃن ٿا.
29
پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، سَمُجههِ ڪين سامي
ٿِيءُ سُورَنِ سِين سَنَرو، ويههُ مَ وِسامِي
خَطَرا ڇَڏِ خامِي، ته نانگا رَسِين ناٿُ کي.
[2458]
سمجهاڻي:
اي سامي، تون پاڻ کي جوڳي بڻجي ظاهر نه ڪر خدمت نه
ڪراءِ ۽ اها ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. تون پاڻ سخت
سورن ۾ هوندي صحتمند ٿي ڏيکار ۽ سست ۽ بيڪار ٿي
ويهي نه رهه. دل جا سڀ ڀؤ ڀولا ڪڍي ڇڏ ته نانگن
فقيرن وانگر پنهنجي گروءَ وٽ جلدي پهچي وڃين.
30
کُوءِ گودَڙَ ٻَنِ گَبَرِيُون، نيئِي کِدائون
کانءِ
جيڏاهِين جوڳُ وِئو، نيڻَ تيڏاهِين نانءِ
ڀُڻو اِيهِين ڀانءِ، ته سِڱِيُون سامَتَ هَٺَ جِي.
[2459]
سمجهاڻي:
اي سامي، کڏ ۾ وجهه اهي گودڙيون ۽ رليون ۽ باهه
ڏيئي ڇڏ جسم مٿان ڍڪڻ واري لباس کي. توکي گهرجي ته
جوڳ وارن جي ٽولي جنهن طرف ويئي آهي، تون اوڏانهن
سڪ سان ويهي نهار (انهن جو انتظار ڪر) بس، ائين
سمجهه ته اهي وڄائڻ واريون توتاريون تنهنجي هٺ ۽
وڏائيءَ جي ڪري تو مٿان مصيبت آهن.
[مثنويءَ ۾ پڻ اهو ذڪر هن ريت ملي ٿو:
چند ازين زنبيل وين در يوزه چند،
چند ازين صبر و ازين سر روزه چند.
(دفتر دوم، ب- 523)
معنيٰ: هي ڪشڪول ۽ گدائي ڪيستائين ڪندين؟ ڪيستائين
هي ماٺ ميٺ ۽ ڪيستائين ٽن ڏينهن وارا روزا
رکندين؟]
31
کُڻ گودَڙَ پُڻ گَبَرِيُون، کانءِ مَ کِدائون
جِندا وَڃي جوڳَ سِين لَهَجُ تون لائون
اِيئَن ڪُہُ اتائُون، ته ’سِڱِيُون سامَتَ هَٺَ
جِي‘.[2460]
سمجهاڻي:
(مٿئين بيت جو جواب)اي سامي، تون ڀلي گودڙيون ۽
گبريون کڻ ۽ رلين کي (اجائي) باهه نه ڏي. تون پاڻ
کي سچي دل ۽ جذبي سان جوڳ ۽ جوڳ وارن جي حوالي ڪر.
(انهيءَ تي غور ڪر) ائين ڇو چيو اٿائون ته سڱيون
جسم کي آرام ۾ آڻڻ لاءِ آهن (سڱيون ڪارائتيون آهن
جو انهن جو واڄو هٺ ۽ هستيءَ کي هيٺ ڪري نهوڙي
ٿو).
32
پُوري پَئي رَههُ، اُپٽي اُجُهه مَ ڪاپَڙِي
اُلا جي عِشق جا سي تون سَهيو سَههُ
پُڇُ پاڻَ کي پَههُ، هِنگِلاج جي هَلَڻَ جو.
[2461]
سمجهاڻي:
اکيون ٻوٽي (ماٺ ڪري) اندر ۾ سوچ، پر اکيون کولي
(جيڪي نرالا رنگ ڏسين تن ۾) مُنجهه نه! تنهنجي
اندر ۾ جيڪا عشق جي آتش يا گرمي آهي، ان کي پيو
برداشت ڪر. تون پاڻهي پنهنجي اندر مان هنگلاج
(معرفت جو ماڳ) پهچڻ جي واٽ معلوم ڪر (اها واٽ
ٻاهر ڪونه آهي).
33
نسورِيائِي نانہِ جي دِلِ ۾ دُونهِين پاءِ
آڻي آڳَ عِشق جي لاهُوتِي تون لاءِ
جِندا تِئن جاڳاءِ، جِئن سا آتش آبُ ٿِئي. [2462]
سمجهاڻي:
اي جوڳي، تون پنهنجي اندر ۾ نفي ۽ نيستيءَ جي باهه
دکاءُ. اي لاهوتي، تون عشق جي آڳ کي وڌيڪ تيز ڪر.
تون اها باهه ائين وڌاءِ ۽ تيز ڪر جو اها باهه
پاڻي ٿي پوي!
[مثنويءَ ۾ هن ڳالهه کي زور ڏيئي سمجهايو ويو آهي
ته جيستائين گرمي ۽ پاڻي، يعني آسماني بجلي ۽ بادل
گڏ نه ٿيندا ۽ برسات نه ٿيندي ته بهار ۾ گل ڪيئن
ٽڙندا ۽ ڌرتي سائي پوشاڪ ڪيئن پهريندي. اڳتي چوي
ٿو:
تا نباشد برق دل و آب دو چشم،
کي نشيند آتش تهديد و خشم.
(دفتر دوم ب 1655)
معنيٰ: جيستائين دل تي کنوڻ نه کنوندي ۽ ٻنهي
اکين جا نار نه وهندا، تيستائين غصي ۽ ڪاوڙ جي
باهه ڪيئن وسامندي! اها اندر جي آتش يا باهه ئي ته
آهي جيڪا ڳوڙهن جي شڪل ۾ پاڻي بنجي اکين مان ٻاهر
نڪري ٿي.]
34
ڪَري مَرِجِ ڪاپَڙِي، گُرَ وَٽِ گَدائِي
اِشارَتُون اُنَ جِيُون، وانءُ کَپِي کائِي
راوَلَ رُباعِي، اِيءَ اِنهِين ڳالِهه جِي. [2463]
سمجهاڻي:
اي جوڳي (ساري عمر) پنهنجي گروءَ وٽ گدائي ڪندي
(فيض جي طلب) ۾ گذاري ڇڏ. هن جي اشارن ۽ رمزن
واريون ڳالهيون اندر هينئين ۾ هنڊائڻ سک (انهن تي
پوري ريت توجهه ۽ عمل ڪر). اي سهڻا شهزادا جوان،
اها سهڻي ۾ سهڻي صلاح آهي يعني اهو ئي (عمل خاطر)
سهڻو گفتو آهي.
[مثنويءَ ۾ پڻ اهو ساڳيو لفظ رباعي ان مقصد سان
هينئن استعمال ٿيل آهي:
اين رباعي را ثسنو از جان و دل،
تا بکل بيرون شوي از آب و گل.
(دفتر پنجم)
معنيٰ: تون هيءَ ڳالهه دل و جان سان ٻڌي هنڊاءِ ته
جيئن هن پاڻيءَ ۽ مٽيءَ واري جسم کان مڪمل نجات
حاصل ڪري سگهين.]
35
ڀانئِين آءٌ جوڳِي ٿِئو لائي لِڱ بَڀُوتَ
تو سارِيکا ڪاپَڙِي، پيٺا ۾ لاهُوتَ
جي پِرت پِريان سِين پُوتَ، تَنِ ويسَ وَرائي
ڇَڏِئا.
[2464]
سمجهاڻي:
تون سمجهين ٿو ته لڱن کي بڀوت ملي تون وڏو جوڳي
بنجي ويو آهين، توڻي جو تنهنجي جوڙ وارا (تو سندا)
جوڳي وڃي لاهوت واريءَ منزل تي پهتا آهن. جيڪي
پرينءَ سان پرت ۾ رتل ۽ پوتل آهن، تن (هي ظاهري)
ويس مٽائي ڇڏيا آهن.
36
اَندَرِ نه ساههُ سُڪائِيين، ٻَهَرِ سُڪايين
ٻانهُون
مُٺا مُٺَئِي پاڻ کي، چَئين ”آديسِي آئون“
او پَنڌُ پَراهُون، جِتي نَظَرُ ناٿَ جو. [2465]
سمجهاڻي:
اي جوڳي، تون پنهنجي اندر ۾ ساهه سُڪائڻ (ڌڻيءَ کي
ٻاڏائڻ) ڪونه سِکيو آهين، باقي هي بدن جون ٻانهون
(مٿي اڀيون ڪري) پيو سُڪائين. اي مت جا ماريل، تو
پاڻ کي خوامخواه ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو آهي جو پاڻ کي
’آديسي‘ پيو سمجهين ۽ چورائين. اهو پنڌ توڻي منزل
اڃان گهڻو پري آهي جتي ڌڻيءَ جي مهر واري نظر ۽
نگاهه آهي.
37
سُپيرِيان جي ڳالهه کي سامِي ڪِين سَمجهُه
نانگا تون نَانيءَ ڏي ڪِيمَ آديسِي اُجُهه
ويهِي تون وُجُودَ مان ڳولي لَهجُ ڳُجههُ
ٻِي ڏانہَ هَڏِ مَ ٻُجههُ، اَلکُ اِتي ئِي ڪاپَڙي.
[2466]
سمجهاڻي:
اي سامي، سپرينءَ جي ڳالهه (رمز) کي چڱيءَ طرح
سمجهه. اي نانگا جوڳي، تون نانيءَ ڏانهن هلندي
هيڏانهن هوڏانهن اجايون جهوتون نه ڏي. توکي گهرجي
ته پنهنجي اندر مان يعني پنهنجي وجود منجهان سڄڻ
جو پتو ڳولي لهين. ٻئي ڪنهن طرف يا جاءِ بابت نه
سوچ، اهو مالڪ (ذات) اتي ئي آهي (هن جو پتو اندر
مان ملندو)
38
ڪَريو تَڪَبرَ تَڪِيا، حيلا ڪِئو هلنِ
مُوڙها تان نه لَهَنِ، لَمِي راهَ لَطِيفُ چئي.
[2467]
سمجهاڻي:
هو (بناوٽي جوڳي) پاڻ کي بهتر سمجهي تڪبر ۾ پئجي
ويا آهن ۽ قسمن قسمن جا بهانا حيلا ڪيو پيا هلن ۽
گهمن ڦرن. اهي ڀليل (گمراه) آهن، تڏهن ته انهيءَ
اصلي ڊگهي واٽ جي خبر ئي ڪانه ٿا رکن.
وائي-1
ويههُ مَ ويسَرِي، تان ڪين اورِ اللهَ سِين
مَحبَتَ جي ميدانَ ۾ سُڄي ڳالِهه ڳَرِي
سي پڻِ رُوندا رَتُ وِئا مِلئا جي مَرِي
سُتي ساجنُ نه ملي، خَبَرَ اِيءَ کَرِي
اِنَ اوسِيڙي آڌيءَ اُٿَنِ، تون ڪيئن ڍَٻَ ڍَرِي
ويئِي ميرائِي مَنَ تان سڀڪا ڳالهه سَرِي
لطف ٿئو لطيف چئي، وَرَ ڏي دِلِ وَرِي. [2468]
سمجهاڻي:
(اي طالب) تون سستي ڪري غافل ٿي نه ويهه. گهڻو نه
ته ٿورو ئي ضرور، ڪجهه نه ڪجهه (جيترو پڄي سگهي)
الله سائينءَ کي ويهي ياد ڪر. جيتوڻيڪ محبت جي
ميدان ۾ گهڙي پار پهچڻ وڏو مامرو ٿو معلوم ٿئي. ڇو
ته اهي (سالڪ) پڻ رت جا ڳوڙها ڳاڙيندا ويا، جيڪي
مرڻ کان اڳ مري (پنهنجو پاڻ ماري) پنهنجي پرينءَ
سان وڃي مليا. اها پڻ سچي ۽ کري خبر آهي ته آرام ۽
ننڊون ڪرڻ سان سڄڻ ڪونه ٿو ملي. اهو ئي سبب آهي جو
ڌڻيءَ کي ياد ڪرڻ وارا اڌ رات جو اُٿن ٿا، پر تون
ڏاڍو سست ۽ ڪاهل آهين. هنن جون دليون (اوجاڳن ڪري)
پاڪ صاف ٿي پون ٿيون ۽ هنن جو هر عرض اگهامجي ٿو.
عبداللطيف چوي ٿو ڌڻيءَ جي فضل سان ئي دل اوڏانهن
لڙي پوي ٿي.
وائي-2
راوَلُ رَهي نه راتِ،
منهنجو راوَلُ رَهي نه راتِ
ڪوهُ ڪرينديَسِ ڪانڌَ ري وِهاڻي پرڀاتِ
مِٽُ نه مَعذُورِينِ جا، ڪا جا جوڳِي ذاتِ
لَڳَمِ لاهُوتِينِ جو منجهان ڪينَرَ ڪاتُ.
[2469]
سمجهاڻي:
منهنجو پيارو پنهون شال ڪٿي رات نه رهي. آءٌ
پنهنجي پياري وَرُ کان سواءِ ڇا ڪنديس جو هاڻي ڄاڻ
ته رات گذري. اِهي جوڳي ذات وارا ڪنهن جا به مِٽَ
نٿا ٿين. مون کي منهنجي پرديسي پرينءَ جو ڪات لڳل
آهي. (فقيرن جي روايت موجب شاهه صاحب هيءَ وائي
راول فقير جي وفات وقت چئي (ن-ب).
داستان ٽئو
1
مُونا طُورُسِينا سَندا سَنَاسِينِ
سَجَدي ۾ سَيدُ چَئي گوڏا گودَڙِيَنِ
فَکَانَ قَابَ قَوسَين اَو اَدنيٰ، نانگا اِيئَن
نَمَنِ
کُلَ مِنَ عَلَيهَا فَان، باقِي ڪِينَ بَچَنِ
اللهُ وَلِـيۡ الذينَ آمنَوا يُخرِ جُهمِ مِن
الظلمَاتِ اِليٰ النُورِ، اِهڙيءَ پَرِ پَرَنِ
وَخَر مُوسيٰ صَعِقا، ٿا جوڳي جُنگَ جَلَنِ
مازَاغُ البَصَرُ وَمَا طَغيٰ، اِهڙيءَ رَوِشَ
رَوَنِ
مُشاهِدو مَحبُوب جو اُتي آدِيسِينِ
بِي يُبصِرُ بِي يَسمَعُ بِي وِصالَ وَهَنِ
بِي يَمشي بي يَنطقُ، ٿا اِهڙي چالَ چَلَنِ
سَيدُ چَئي سَندِيَنِ، ڪَلَ پُڇِين تون ڪِهَڙِي.
[2470]
سمجهاڻي:
هنن سناسين (عارفن) جا گوڏا طور سينا (پهاڙ) مثل
آهن (اهو پهاڙ جتي حضرت موسيٰ الله تعاليٰ سان
همڪلام ٿيو هو ۽ مٿس الاهي تجلي ٿي هئي).
اهڙن گودڙي پوش فقيرن جا گوڏا (مراقبي
واريءَ حالت کان سواءِ) سجدي واريءَ حالت ۾ آهن.
قرآن جي آيت ’ٻن ڪمانن جي فاصلي تي يا اڃان به
ويجهو‘ (جڏهن نبي ڪريم ﷺ معراج تي ويو ته الله جي
ازلي حقيقت کي ايتري قدر قريب هو)، هي درويش به
ايترو ويجهو وڃي ڪنڌ نمائين ٿا يا قريب ٿين ٿا.
قرآن شريف جي آيت ’سڀ شيءِ تي فنا آهي‘ مطابق اهي
درويش پنهنجو پاڻ فنا ڪري ٿا ڇڏين ۽ باقي بچن ئي
ڪين ٿا.
قرآن پاڪ جي آيت ’جن ايمان آندو الله سندن دوست
آهي ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ڏي آڻي ٿو!‘
مطابق (ايمان سان ۽ ڌڻيءَ جي مدد ۽ ڪرم سان) پورا
بيهن ٿا. قرآن شريف جي آيت، ’۽ پوءِ موسيٰ غش ٿي
ڪِري پيو‘ مطابق اهي جوڳي هر وقت الاهي تجليءَ ۾
جلن ٿا. قرآن شريف جي آيت، ’نه اک ڪنهن طرف ڦري ۽
نه حد کان لنگهي ويئي‘، موجب هو اها ئي روش هلن
ٿا. اهي درويش اتي ئي محبوب جو مشاهدو ماڻن ٿا. هو
الله تعاليٰ جي قول: ’(منهنجو پيارو بندو)‘ مون
سان ڏسي ٿو، مون سان ٻُڌي ٿو، مون سان گڏ آهي واري
حالت ۾ آهن. ’بلڪ مون سان هلي ٿو ۽ منهنجي ذريعي
ڳالهائي ٿو‘ واري حال ۾ هلن ٿا. سيد (عبداللطيف)
چوي ٿو ته تون هنن جي ڪهڙي خبر پڇي ڪهڙي پڇندين!
(هنن جون خبرون بيان ڪرڻ کان مٿي آهن)
[تصوف جي مشهور ڪتاب ’عوارف المعارف‘ جي هڪ عبارت
موجب اهل الله جي گوڏن کي
طور سينا سان تشبيهه ڏني ويئي آهي ۽ انهيءَ حالت
کي هو ’قرب جو مقام‘ ڪوٺي ٿو.
’لله عبادُ طور سينا هم رکبهم وتکون رؤسهم عليٰ
رکبهم وهم في محال القرب‘ يعني الله جا ڪي ٻانها
اهڙا آهن، جن جا گوڏا طور سينا آهن ۽ جڏهن هو مونن
۾ منهن وجهن ٿا ته هو قرب جي مقام ۾ هوندا آهن‘
رومي مثنويءَ جي شروعات ۾ ئي چوي ٿو ته الله جي
عشق جي ڪري طور سينا زنده ٿيو، بلڪ مست ٿي ويو ۽
حضرت موسيٰ بيهوش ٿي ڪري پيو.
عشق جان طور آمد عاشقا،
طور مست و خرّ موسيٰ صاعقا.
(دفتر اول ب 25)
شاهه لطيف بيت جي ڇهين مصرع ۾ ’خر موسيٰ صاعقا‘
واري ڳالهه به ڪئي آهي ۽ ان مان مراد حق تعاليٰ جي
تجلي ورتي اٿس، جيڪا سالڪن ۽ عارفن تي هر وقت
ٿيندي رهي ٿي.
مثنويءَ ۾ ’قاب قوسين‘ جي سمجهاڻي هن ريت ڏنل آهي:
گويد از آيم بقدر يک کمان،
من بسوي تو بسوزم در زمان.
(دفتر چهارم ب 1889)
معنيٰ: اتي جبرئيل چوڻ لڳو ته جيڪڏهن هڪ ڪمان
جيترو نزديڪ ايندس ته مان ان وقت ئي سڙي ويندس.
’مازاغ البصر‘ بابت روميءَ جي وضاحت هن ريت آهي:
چشم ظاهر ضابطئه حليه بشر،
چشم سر حيران ما زاغ البصر.
(دفتر پنجم ب 3604)
معنيٰ: هنن جي ظاهري اک جسم سان وابسته آهي، پر
اندر جي اک ’مازاغ البصر‘ ۾ محو آهي.
’بي يُبصر، بي يسمع، بي يمشي، بي ينطق‘ جا الفاظ
هڪ ڊگهي عبارت واري حديث قدسيءَ مان ورتل آهن.
جنهن کي ’قرب نوافل‘ واري حديث به چيو وڃي ٿو.
پوري حديث جو ترجمو هن ريت آهي: ’منهنجو ٻانهو
نفلي عبادتن ذريعي مون سان ايڏو ويجهو ٿي وڃي ٿو
جو آءٌ هن جون اکيون، ڪن زبان ۽ ٽنگون ٿي پوان ٿو
جن سان هو ڏسي ٿو، ٻڌي ٿو، ڳالهائي ٿو ۽ هلي ٿو.‘
مثنوي روميءَ ۾ پڻ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا هن حديث جا
الفاظ شعرن ۾ تضمين طور ملن ٿا. هڪ هنڌ چوي ٿو:
رو که بي يسمع و بي يبصر توئي،
سرّ توئي چه جائي صاحب سّر تو ئي.
(دفتر اول ب، 1930)
معنيٰ: وڃ تون جو هن (ذات) سان ٻڌين ٿو ۽ هن
(ذات) سان ڏسين ٿو. بيشڪ تون اهو ڳجهه يا راز
آهين، بلڪ اهو ڳُجهه تو ۾ سمايل آهي.
مطلب ته هن بيت ۾ عارفن جي مشاهدي ۽ مقام قرب کي
بيان ڪيو ويو آهي.]
2
مُونا طُورُسِينا سَندا سَناسِينِ
پُورَبِ کَنيو نه پاڻَ سِين بُغضُ بيراڳِينِ
رِدا آهي رازَ جي اوڇَڻُ آديسِينِ
قُربُ ڪاپِڙِينِ، نُههَ چوٽِيءَ سِين ڍَڪِيو.
[2471]
سمجهاڻي:
هنن درويشن جا گوڏا طور سينا جبل وانگر آهن. هنن
پورب (پرينءَ جي پار) ڏانهن ويندي (پنهنجي دلين
مان) حسد ۽ ڪيني کي بلڪل ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو آهي.
هنن خدا جي قرب ۽ پيار کي پنهنجو اوڇڻ ۽ چادر
بنايو آهي. بلڪ هو انهيءَ قرب ۽ محبت واري ڪيفيت ۾
پيرن جي نهن کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين ڍڪيل
آهن.
[مثنوي روميءَ ۾ صوفين جي مراقبي واري حالت ۾ گوڏن
جي هڪ هنڌ هن طرح تعريف ڪيل آهي، هڪ هنڌ چوي ٿو:
چون دبيرستان صوفي زانوست،
حل مشکل را دو زانو جا دو ست.
(دفتر سوم ب، 1173)
معنيٰ: صوفيءَ جو مڪتب (پِرائڻ جي جاءِ) سندس گوڏا
آهن. اهي ئي گوڏا هر مشڪل جو کيس جادوءَ جهڙو حل
ٻڌائن ٿا.]
3
مُونَا طورُسِينَا سَندا سَناسِينِ
”طالبُ الموليٰ مَذَکَرُ“ اِيءُ ڪَلامُ ڪِئائُون
ڪَنِ
سُکَنِ کي سَڀِين پَرين ٻُجهِي ڏِنائُون ٻَنِ
اَلفُ آديسِينِ، چوري رکيو چِتَ ۾. [2472]
سمجهاڻي:
(الله وارن) درويشن فقيرن جا گوڏا طورسينا پهاڙ
جي حيثيت رکن ٿا. ’الله جو طالب مڙس ماڻهو آهي‘
(وڏيءَ همت ۽ حوصلي وارو آهي). هنن هر قسم جي سک ۽
آرام کي هر لحاظ سان ڄاڻي ٻجهي ترڪ ڪري ڇڏيو آهي.
اهڙن آديسين صرف الله جي محبت کي ئي پنهنجي دل ۾
جاءِ ڏني آهي.
[صوفين وٽ هي مشهور مقولو هن ريت مڪمل آهي. ’طالب
الدنيا مؤنث، طالب العقبيٰ مخنّث و طالب الموليٰ
مذڪر‘ يعني هن دنيا جو طالب مؤنث آهي ۽ آخرت جو
طالب کدڙو آهي، پر موليٰ جو طالب مذڪر يا مڙس
ماڻهو آهي.]
4
مُونَا جَنِ محرابُ، جُسو جامِعَ تَنِ جو
قِبلَہ گاهَ قَلب ڪَري تَنَ ۾ ڪَنِ توابُ
تَحقِيقَ جي تَڪَبِير چَئي جِسمَان ٿِئا جوابُ
تَنِ ڪِهَڙو ڏوههُ ثوابُ، جَنِ هِنيڙي هادِي حَلُ
ٿِئو. [2473]
سمجهاڻي:
هنن درويشن جا اڀا گوڏا (سندن ويهڻ ۽ مراقبي
واريءَ حالت ۾) ڄڻ محراب آهن ۽ هنن جو جسم ڄڻ جامع
مسجد آهي. هو پنهنجيءَ دل کي قبلو ڪري، پنهنجي تن
اندر طواف (تواب) ٿا ڪن. هنن تحقيق (حقيقت) واريءَ
منزل ۾ تڪبير چئي (پاڻ کي ڪهي ڇڏيو آهي) ۽ هن
ظاهري جسم جي (تقاضائن ۽ خواهشن) کان پنهنجي ذاتي
حقيقت کي الڳ ڪيو آهي. اهڙن (فنا في الله) سالڪن
کان ڪهڙو گناهه ۽ ثواب ٿي سگهي ٿو، جن جي دل ۾
پرين پاڻ موجود آهي. (جن پاڻ پرينءَ کي ارپي يا
سونپي ڇڏيو آهي).
[مثنوي روميءَ ۾ ڪيترا اهڙا شعر آهن جن ۾ هن بيت
جو مفهوم سمايل نظر اچي ٿو. هڪ هنڌ هو اوليا الله
جي بدن کي مسجد سان هينئن ڀيٽ ڪري ٿو:
مسجدي کآن اندرون اولياست،
سجده گاه جمله است، آنجا خداست.
(دفتر سوم ب 3111)
معنيٰ: اها مسجد جيڪا اوليا الله جي اندر ۾ آهي،
اها سڀني لاءِ (محراب) سجدي جي جڳهه آهي، ڇو ته
خدا اتي موجود آهي)
ساڳئي هنڌ ٻئي شعر ۾ چوي ٿو خبردار، هيءَ مجازي نه
پر حقيقي ڳالهه آهي ته اوليا الله جون دليون ئي
خدا جو گهر آهن (انهن ڏانهن رجوع ڪريو).
وڌيڪ چوي ٿو ته دوزخ ۽ جنت خود انهن اوليائن جي
ڪري آهن. تون هنن جي باري ۾ جيڪو گمان رکين ٿو هو
ان کان مٿي آهن.
دوزخ و جنت همـﮣ اجزائي اوست،
هرچه انديشي تو ان بالائي اوست.
(دفتر دوم ب 3106)
هاڻي بيت جي آخري سٽ تي غور ڪريو ته مفهوم واضح ٿي
ويندو.
تڪبير جي باري ۾ روميءَ هينئن چيو آهي:
معنيء تکبير اينست اي اميم،
کاي خدا پيش تو ما قربان شويم.
(دفتر سوم، ب- 2143)
معنيٰ: تڪبير جو مطلب هي آهي ته اسان پاڻ کي خدا
جي آڏو قربان ڪري ڇڏيو آهي.]
5
سامِي کامِي پِرينءَ لَئي ڪُسِي ٿِئا ڪَبابُ
اوتِينِ اَرَتي گاڏَئُون منجهان اَکِينِ آبُ
جِهَڙو ڏِسَنِ ڏوههَ کي، تِهَڙو تَنِ ثَوابُ
سَندو جاتِ جوابُ، تون ڪِئن پُڇين تَنِ کي. [2474]
سمجهاڻي:
اهي سامي ۽ سناسي پنهنجي پرينءَ جي محبت ۾ پهرين
ڪسجي پوءِ ڪباب ٿي پچي تيار ٿيا آهن. هو پرينءَ کي
ياد ڪري اکين مان هر وقت رت وارا ڳوڙها پيا هارين.
هو ڏوهه ۽ ثواب کي هڪجهڙو پيا سمجهن. (هنن کي ڏوهه
۽ ثواب ۾ ڪا دلچسپي ڪانهي). تون هنن کان سندن ذات
بابت (ته اوهان جي اصليت ڇا آهي يا توهين ڪير
آهيو) ڪيئن ٿو پڇي سگهين! (توکي اها ڳالهه ڪيئن
سمجهه ۾ ايندي؟)
[رومي مثنويءَ ۾ اهڙن درويشن لاءِ چوي ٿو:
چون قضائي حق رضائي بنده شد،
حکم او را بندهء خواهنده شد،
بي تکلف نه پئي مزد و ثواب
بلک طبع او بران شد مستطاب،
زندگيءَ خود نخواهد بهر خود
بلک خواهد از پئي حکم احد.
(دفتر سوم، ب- 1906-1907)
معنيٰ: جڏهن خدا جو حڪم بندي جي رضا بنجي پوي ٿو
يا هو ان حڪم جو پاڻ گهرندڙ ٿي پوي ٿو، تڏهن هو
بغير تڪليف جي ڪنهن ثواب ۽ اجرت کان سواءِ ائين
پيو ڪندو ڇو ته هن جي طبيعت ان تي هريل هوندي آهي.
هو پنهنجي زندگي پاڻ لاءِ نٿو گهري، بلڪ اها به
خدا جو حڪم سمجهي گذاري ٿو.]
6
سامِي چَئِجي تِنہ کي جِنہ سَڀَنِئان سَري
پَرَ گهَرِ وَڃي ڪينَڪِين، گهَران ڪِينَ گهُري
پُٺيءَ پيرَ پُري، حقيقت هادِيءَ جي. [2475]
سمجهاڻي:
(سچو) سامي ان کي سمجهڻ گهرجي جنهن کي ٻين جي
سهاري جي ضرورت نه هجي (ڪنهن جو محتاج نه هجي). هو
نڪو پرائي گهر تي وڃي (سين هڻي) ٿو، نڪي پنهنجي
گهران گهري کائي ٿو. (هو لاطمع ٿي گذاري ٿو). ليڪن
هو هر حال ۾ پنهنجي گروءَ يا مرشد جي ٻڌايل واٽ
سان هلي ٿو (هن جي تابعداري ڪري ٿو ۽ ان کان ٻاهر
ڪڏهن نٿو وڃي).
7
سَناسِي سيئيِ، جي آدَمَا اَڳي هُئا
اورِيان اورينِ عامَ سِين، پَريان پَريئي
تَنِي کي ڏيئي، بادِ وِڃاءِ مَ بِکِئا. [2476]
سمجهاڻي:
سنياسي (دراصل) اهي ئي آهن جيڪي حضرت آدم عليه
السلام کان به اڳ موجود هئا. پر جيڪي هتي عام ۾
اچي پهتا، اهي انهن سان ئي گڏ گذارين ٿا ۽ ٻيا
پنهنجي اصلي ماڳ مڪان تي ئي آهن. تون اهڙن درويشن
کي ورتل خيرات ڏيئي ضايع نه ڪر.
[رومي مثنويءَ ۾ اهڙن ئي اولياءَ الله جي باري ۾
چوي ٿو ته جڏهن الله تعاليٰ مخلوق پيدا ڪرڻ واسطي
ملائڪن سان مشورو ڪري رهيو هو ته هي اڳ ئي موجود
هئا.
مشورت مي رفت در ايجاد خلق،
جان شان در بحر قدرت تا بحلق.
(دفتر دوم، ب- 171)
معنيٰ: جڏهن مخلوق جي پيدا ٿيڻ بابت مشورو ٿي
رهيو ته هنن جا روح ڳچيءَ تائين قدرت جي سمنڊ ۾
موجزن هئا. اڳتي چوي ٿو:
مطلع بر نقش هر چه هست شد،
پيش ازان کين نقش گل پابست شد.
(دفتر دوم، ب- 173)
معنيٰ: هو هر شيءِ کان باخبر هئا جيڪا وجود ۾
آئي. مطلب ته مٽيءَ جي صورت ۾ اچڻ کان اڳ کين سڀ
خبر هئي.]
8
مَنجههِ مَحَبَتَ مَچُ، ٻَهَرَ ڌؤنرا ڌوڙ سِين
ڇَڏِيائُون ڇِرِ لَهي ڪُوڙَ ڪُلکَڻُ ڪَچُ
اَوڳُڻِ اوڏا نه ٿِيا، ڳُڻَ ڪِئائُون ڳَچُ
جِئن سَڙَنِ تِئن سَچُ، جِئن سِڪَنَ تِئن سَنَرا.
[2477]
سمجهاڻي:
هنن آديسين جي اندر ۾ محبت جو مچ پيو ٻري (ڳاڙها ۽
رتل آهن)، پر ٻاهران ڌوڙ ۾ اڇا بڀوت (مٽيءَ سان
مٽي) ٿي پيا هلن. هنن سچي حقيقت معلوم ڪري ڪچين ۽
ڪوڙين، دغا ۽ فريب وارين ڳالهين تان هٿ کڻي ڇڏيو
آهي. هنن ڪڏهن ڪوجها ڪم نه ڪيا بلڪ وڌ ۾ وڌ چڱايون
۽ نيڪيون ڪندا رهيا. کين سڪ ۽ محبت وڌيڪ سچار ۽
کرو بڻائي ڇڏيو ۽ جيئن عشق ۾ وڌيڪ جلن ٿا تيئن
اوترو زياده خوش ۽ سرها ٿين ٿا.
[مثنوي روميءَ ۾ سالڪن ۽ عارفن جي خوبين کي ڪيترن
طريقن سان بيان ڪيو ويو آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:
خواجگان اين بندگيها کرده اند،
تا گمان آيد که ايشان برده اند.
هڪ ٻئي شعر ۾ وري هينئن چوي ٿو:
گفت شان و نفس شان و نقش شان،
جمله جان مطلق آمد بي نشان.
(دفتر اول ب 2001)
معنيٰ: الله وارن جي گفتگو، هنن جو اٿڻ ويهڻ ۽
قول و فعل سڀ جو سڀ ذات مطلق جي نمائندگي ڪن ٿا.]
9
جِتي ايرُ نه ڀيرُ سا جُوءِ سُڃاتِي جوڳِيين
اُتي ڏيئي پيرُ، آسَڻَ آديسِينِ ڪِئا. [2478]
سمجهاڻي:
هنن جوڳين جو جتي ڪنهن (بني بشر) جو اچڻ وڃڻ نه
آهي، جتي ڪا پهر ئي ڪانهي، اتي اچ وڃ آهي. (هو ان
ڏيهه جا واقف آهن، جنهن جي باري ۾ ٻين کي ڪا خبر
ڪانهي). هنن آديسين جو پنڌ ان طرف آهي ۽ اتي ئي
هنن جا ماڳ مڪان ۽ تڪيا آهن.
[رومي اهڙن عارفن لاءِ چوي ٿو:
برتر اند از عرش کرسي و خلا،
ساکنان مقعد صدق خدا.
(دفتر اول، ب-3499)
معنيٰ: اهي عارف عرش، ڪرسي ۽ خلا (لامڪان) کان به
مٿي آهن، اهي قرآني آيت جي مصداق ’سچائيءَ واري
منزل‘ تي فائز آهن.]
10
ويٺا ئِي وِهُسَنِ، پايو مُنہُ مُونَنِ ۾
جوڳِي جاٽَرا ڪَنِ، جُہ آيا الوُهِيَتَ ۾. [2479]
سمجهاڻي:
هو (پهتل) جوڳي گوڏن ۾ منهن وجهي (مراقبي جي صورت
۾) ان ڪري سَرها پيا معلوم ٿين جو ديدار الاهي ۾
مست آهن. هو ’الوهيت‘ واريءَ منزل يعني ’هيڪڙائي
حق‘ ۾ محو آهن.
11
آيا الُوهِيَتَ ۾، لاهُوتُ لَنگهِئو جَنِ
منجهان تَنِ جُسَنِ، حرفُ نه سُڄي هيڪَڙو. [2480]
سمجهاڻي:
اهي جوڳي (عارف) ’الوهيت‘ واريءَ منزل تي پهتل
آهن، هو لاهوت جي منزل مان گذري آيا آهن. هنن جي
بدن مان يا سندن واتان ڪنهن اشاري سان ڪابه ڳالهه
نٿي نڪري (جو هو محويت واريءَ ماٺ ۾ آهن)
[مثنوي روميءَ ۾ هڪ بيت هن ريت آهي:
هرکه ديد الله را اللهي ست،
هرکه ديد آن بحر را او ماهي ست.
(دفتر سوم ب 3139)
معنيٰ: جنهن الله تعاليٰ کي ڏٺو، اهو الله وارو
آهي. ائين جنهن بحر وحدت جو مشاهدو ڪيو، اهو ان
سمنڊ جي مڇيءَ وانگر آهي.]
12
نِڱِئا ناسُوتان، مَڻيائُون مَلَڪُوتَ کي
جوڳِي جَبرُوتان، وَڄائي واٽَ ٿِئا. [2481]
سمجهاڻي:
هنن جوڳين ناسوت واريءَ منزل (عام ماڻهن سان لڳ
لاڳاپن يا معاشرت وارو ماحول) مان نڪري سڌو سنئون
ملڪوت واريءَ منزل (الله تعاليٰ جي تخليق ۽ تخليقي
ڪائنات کي سنڀالڻ واري تدبير ۽ قوت) جو رخ رکيو
آهي. اهي جوڳي اڳتي جبروت واريءَ منزل (مٿانهين
سالڪانه منزل جنهن کان پوءِ لاهوت آهي) ۾ داخل ٿيا
يعني هنن اها واٽ ڳولي لڌي.
[مثنوي روميءَ ۾ حضرت موسيٰ ۽ ڌنار جي آکاڻيءَ ۾
جڏهن حضرت موسيٰ هڪ ڌنار کان خدا جي عشق بابت اڻ
سُهائيندڙ ڳالهيون ٻڌي ٿو ته کيس تنبيهه ڪري ٿو،
تڏهن رومي چوي ٿو:
محرم ناسوت ما لاهوت باد،
آفرين بر دست و بر بازوت باد .
(دفتر دوم ب 1790)
معنيٰ: اسان جي (عشق جي ڪري) ناسوت جو رازدان
لاهوت بنجي ويو آهي، تنهنجي اهڙي حوصلي ۾ همت ۽
ٻنهي ٻانهن کي شاباس هجي.]
13
جَنِ اُجهئو تَنِ نه ٻُجهئو، ويٺِي گَڏِيُنِ وِيرُ
ڏوري ڏِٺائون ڏُکَ سِين پاڻَ مَنجهيئِي پِيرُ
لَٿو تَنِ لَطِيفُ چَئي جُسي جو زَنجِيرُ
ڪِينَ ڏِٺو هو ڪاپَڙِيين ڪابُلُ ۽ ڪشمِيرُ
سَچُ جَني جو سِيرُ، تَنِ گُر ويٺي ئي گَڏِيو.
[2482]
سمجهاڻي:
جيڪي جوڳي اجايو هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندا رهيا، تن
کي ڪا خبر نه پيئي ۽ اصل ڳالهه سمجهي نه سگهيا. پر
جيڪي هڪ جاءِ (صبر سان) ويهي رهيا، تن کي اتي ئي
وڏو ڄاڻو (وير) رهبر ملي ويو. ائين هنن پنهنجي
اندر مان ئي وڏين ڪاوشن کان پوءِ پنهنجو پيرِ مرشد
ڳولي لڌو. اهڙن جوڳين کي ڪابل ۽ ڪشمير وڃڻ جا
ڪشالا ڪونه ڪرڻا پيا (ڇو ته کين ان جي ضرورت ئي
ڪانه پيئي) جن آديسين سچ جي راهه ورتي ۽ سچ تي
قائم رهيا ته کين مرشد يا رهبر اتي جو اتي انهيءَ
صورت ۾ ويٺي ملي ويو.
14
ڪيهي ڪامَ ڪاپَڙِي ايهِيءَ رَوَشَ رَوَنِ
نَڪا دِلِ دوزَخَ ڏي نَڪِين بِهشِتُ گهُرَنِ
نَڪو ڪَمُ ڪُفارَ سِين، نَڪا مُسلمانِي مَنِ
اُڀا اِيئَن چَوَنِ، ته پِرِين ڪِجاهُون پانهِنجو.
[2483]
سمجهاڻي:
اهي ڪاپڙي هڪڙي خاص سبب يا هڪڙي خاص مقصد سان اهڙي
طريقي موجب هلن ٿا جو هو دل ۾ نڪي دوزخ جو خطرو
رکن ٿا ۽ نڪو وري بهشت جي سڌ يا خواهش اٿن. بلڪ هو
نڪو ڪفر ڪرڻ وارن سان واسطو رکن ٿا ۽ نڪو وري
مسلمانيءَ جي خيال ۾ محو آهن. هو هر وقت انهيءَ
خيال ۽ سوچ ۾ غرق آهن ته بس پرين شل پنهنجو ڪري
(دوست جي در تان ڌڪارجي نه وڃن!)
[مثنويءَ ۾ اهو خيال هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
هست ايمانش براي خواه او،
ني برائي جنت و اشجار جو،
ترک کفرش هم برائي حق بود،
ني ز بيم آنکه در آتش رود.
(دفتر سوم، ب- 1911_12)
معنيٰ: هن جو ايمان فقط الله جي رضا ۽ خوشنوديءَ
لاءِ آهي، اهو بهشت يا ان جي باغن ۽ ميون لاءِ نه
آهي. هن جو ڪفر کي ترڪ ڪرڻ به صرف حق تعاليٰ جي
واسطي آهي، باقي اهو جهنم جي خوف يا ڊپ کان نه
آهي.]
15
نا اُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِين
سَدا سُکُ وَسَن، طالِبَ او تقدِيرَ تي. [2484]
سمجهاڻي:
هنن آديسين لاءِ نااميدي، قوت ۽ ثمر وانگر (کاڌ و
خوراڪ) آهي، بلڪ اهو ئي سندن ڍڪ يا اوڇڻ آهي. هو
هميشه الله تعاليٰ طرفان مليل ڀاڱي ۽ هن جي ڪيل
فيصلي ۽ ورهاست تي خوش رهن ٿا.
[مثنويءَ ۾ روميءَ ’نامرادي‘ بابت گهڻو ڪجهه چيو
آهي.
بي مرادان بر مرادي مي تند،
وآن مرادان جذب ايشان مي کند.
(دفتر سوم ب 4444)
معنيٰ: نامراد (عاشق) محبوب جي چڪر (ڳولا) ۾ آهن.
ڇو ته اهو محبوب ئي آهي جيڪو هنن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي
ٿو.
اڳتي وضاحت ڪندي چوي ٿو:
عاقلان از بي مرادي هائي خويش،
باخبر گشتند از مولائي خويش.
(دفتر سوم ب)
معنيٰ: سمجهدار سالڪ پنهنجي نامرادي جي ڪري ئي
پنهنجي مولا يعني مالڪ بابت وڌيڪ خبردار ٿيا آهن.]
16
”لا“ لَڳِي ”لا“ ٿِيا، ”لا“ لَکِئو جَنِ
عَدَمَ جي اوڙاههَ تي ڪِئا آسَڻَ آڌوتِينِ
گَردانِئو گُنگَنِ، گردابَ کي گِيانَ سِين. [2485]
سمجهاڻي:
اهي آديسي ’نابودي ۽ نيستيءَ سان ملي نيستيءَ‘ جي
درجي تي پهتا ۽ انهن ئي نيستيءَ واري منزل کي صحيح
سڃاتو. تڏهن ته هنن ’عدم‘ يعني نابوديءَ واري ڏکي
هنڌ کي وڃي پنهنجو ماڳ ٺاهيو ۽ اتي ترسيا. اتي هنن
محويت (استغراق) جي عالم ۾ گهري سوچ ۽ فڪر سان هن
دنيا جي چڪر کي ويهي سمجهيو ۽ پروڙيو.
[مثنويءَ ۾ ’لا‘ يعني ’نفيءَ‘ جي ڪيترن نمونن ۾
سمجهاڻي ڏني ويئي آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:
همچنين جو ياي درگاه خدا،
چون خدا آيد شود جوينده لا،
گرچه آن وصلت بقا اندر بقاست،
ليک ز اول آن بقا اندر فناست.
(دفتر سوم، ب- 4658 ۽ 59)
معنيٰ: اهڙيءَ طرح الله جي درگاهه جو طالب جڏهن
اها ذات پاڻ اچي ٿي ته هي پاڻ فنا يعني ’لا‘ نفي
ٿي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ اهو وصل بقا ئي بقا آهي پر
شروع ۾ اها بقا فنا ۾ ئي آهي.
اهڙيءَ طرح ’عدم‘ کي به روميءَ ڪيترين معنائن ۾
استعمال ڪيو آهي، جئن هن شعر ۾ هو ’عدم‘ کي هو
اصلي جهان يعني حقيقي طور موجود مڃي ٿو ۽ اهو ئي
قدرت واري جو جهان آهي.
تابه بيني در عدم خورشيد هاست،
و آنچه اينجا آفتاب آنجا سهاست.
پس خزانه صنع حق باشد عدم ،
که بر آرد زو عطاها دم بدم.
(دفتر پنجم، ب- 1024-25)
معنيٰ: جيئن تون سمجهي سگهين ته عدم ۾ الائجي
ڪيترا سج آهن. جيڪو هتي سج آهي اهو اتي هڪ تاري
وانگر آهي، انهيءَ ڪري الله تعاليٰ جي ڪاريگريءَ
جو خزانو عدم آهي ڇو ته هو عدم مان ئي سڀ
مهربانيون ڪري ٿو.]
17
لُنگ ڪَڍِيائون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نه مَسَحو
جا اِسلاما اڳي هُئي سا سُئائون ٻانگَ
سامِي ڇَڏِي سانگَ، گڏيا گورکَناٿ کي. [2486]
سمجهاڻي:
هنن سامين صرف لُنگ هيٺان (اوگهڙ ڍڪڻ خاطر) ڪپڙو
ورائي لانگ ڪڍي. (ائين سڀ ريتيون رسمون ترڪ ڪري
ڇڏيون). هنن (وضو نه ڪرڻ جي صورت ۾) مسحي ڪرڻ واري
پائبندي پڻ پوري نه ڪئي. هنن (احديت واري) اها
ٻانگ ٻڌي جيڪا اسلام کان اڳ هئي. اهي سامي سڀ
سوچون ۽ خيال ڇڏي نيٺ وڃي پنهنجي مطلوب وٽ پهتا
(مقصد ماڻيائون).
[هن بيت جي پس منظر طور روميءَ جا هيٺيان اشعار
ڏسو:
پير ايشان اند کين عالم نبود،
جان ايشان بود در درياء جود،
پيش ازين تن عمرها بگذاشتند،
پيشتر از کشت بر برداشتند.
(دفتر دوم، ب-168-69)
معنيٰ: اهي ان وقت به پير (عارف ۽ هدايت يافته)
هئا جڏهن هي جهان ئي ڪونه هو. هنن جا روح حق جي
درياءَ ۾ موجود هئا. هن ظاهري جسم کان اڳ هنن
ڪيتريون حياتيون گذاري ڇڏيون هيون گويا هو وڻ پوکڻ
کان اڳ ميوا کائي چڪا هئا.]
18
آڌِيءَ آديسِيَنِ جون دُونهيون ٿِيون دُکَنِ
سي وَري واجهائِينِ ڪِينَڪِين سامِي ڏانہَ سُکَنِ
لاهُوتِي لُکَنِ، اُجاري اَڇا ڪِئا. [2487]
سمجهاڻي:
آديسين جون دونهيون اڌ رات جو به پيون دکن (اجهاڻل
ڪونه آهن). اهي سامي سکن لاءِ موٽي وري واجهائين
ئي ڪونه ٿا (هنن پاڻ کي ڏکن سان اهڙو هيرائي ڇڏيو
آهي). هنن کي گرميءَ ۾ لڳندڙ جهولي ۽ بدن کي
ساڙيندڙ گرم هوا پاڻ وڌيڪ پاڪ صاف ڪري ڇڏيو آهي.
19
پُوري مَڙَهه مَهيسَ، ڪِنہِ تيرَٿِ وِئا تَڪَڙا
جوڳي جُنبِي هَلِئا ڪِنہِ ڏوراهين ڏيسِ
اُنِ اَڳَهِين ٿي ڪِئا پَہَ مٿي پَرديسِ
اُنِي جِي آديسِ، ساريان گهڻو سَيدُ چَئي. [2488]
سمجهاڻي:
اهي جوڳي پنهنجيون مڙهيون ۽ آسڻ تڙ تڪڙ ۾ جيئن جو
تيئن ڇڏي ڪنهن وڏي تيرٿ جي ياترا تي روانا ٿي ويا
آهن. هو وڏي ذوق ۽ جذبي وچان پري پرڏيهه ويا آهن،
هنن اڳ ۾ ئي پرديس وڃڻ جا پهه پئي پچايا ۽ تياريون
پئي ڪيائون. عبداللطيف چوي ٿو آءٌ انهن جوڳين جي
ادب واري سلام ۽ پيام کي پيئي ياد ڪريان.
20
مَڙَهه پُوريا، ماٺِ ٿِي، تَڪِيين ناهِ توارَ
آسَڻَ مَٿي انِ جي نِتِ ٽِمايَمِ نارَ
سامِي سَڀِ ڄمارَ، ڏيئي ڏُکُ ڏورِ وِئا. [2489]
سمجهاڻي:
جوڳين جا آسڻ ماٺ جو منظر پيا پيش ڪن، سندن تڪين
تي ڪو آواز يا ڪا وسنءَ ڪانه ٿي ٻڌجي يا ڏسجي. مان
هنن ماڳن تي وڃي اکين مان بي انداز لڙڪ پيئي
وهايان. اهي سامي مون کي ساري عمر لاءِ ايئن وڇوڙي
جو عذاب ڏيئي رمندا رهيا. |