وائي
تَنِ ڳڻَنِ ڳَهَرَ وِڃائي، هو مائِي!
جوڳِينِ مون سِين جي ڪَيَا
رِيجهائي رُموزَ سين، کاهوڙينِ آءٌ کانئِي
ننڊر تَنهِين کي ناههِ ڪا جا آديسِين اٺائِي
اَکِينِ آرَسُ ڇَڏِئُو، دِلِ ۾ ناهِ دَغائِي
هيڪائِي هيڪُ ٿِئا ٻُجهَنِ تان نه ٻيائِي
”اِن اللهَ وِترُ يُحِبُ الوِتر“ اِيءَ اُنِي لاءِ
آئِي. [2490]
سمجهاڻي:
اي امان، هنن جوڳين مون سان جيڪي چڱايون ۽ ڀلايون
ڪيون، جيڪي احسان ۽ ٿورا ڪيا، تن منهنجي ننڊاکرائي
۽ سستي ختم ڪري ڇڏي. هنن کاهوڙين وڏي راز ۽ رمز
سان مون کي پنهنجي قرب ۾ قابو ڪري برهه جي باهه ۾
جلائي ڇڏيو. او جيجي، جنهن کي آديسين ائين ننڊ مان
جاڳايو هجي، ان کي هاڻي ڪهڙي ننڊ ۽ آرام ايندو.
منهنجي اکين مان سچ پچ ننڊ اڏامي ويئي آهي ۽
منهنجي دل ۾ ڪا ڪدورت نه رهي آهي. اهي جوڳي ۽
آديسي پنهنجي دوست سان ملي هڪ ٿي ويا ۽ هاڻي وٽن
ڪا دوئي ۽ ٻيائي جي ڳالهه نه رهي آهي. ’تحقيق الله
هڪ ئي هڪ آهي ۽ هيڪڙائي کي پسند ڪري ٿو، اهو قول
انهن لاءِ سچو ۽ برحق آهي.
داستان چوٿون
1
ڪِنہِ جِنہ ڪُٺا ڪاتَ، جِئن سامِي مُورِ نه سَنَرا
ڏِينهان ڏکِي ڏِيلَ ۾، سُورُ سَڄيائِي راتِ
سَندِي جوڳِيان ذاتِ، جانڪِيتان جَڏارِئِين.
[2491]
سمجهاڻي:
اهي سامي (عشق جي) اهڙيءَ ڪاتيءَ سان ڪٺل آهن جو
ڪڏهن به سَرها نظر نٿا اچن. ڏينهن جي وقت هنن جا
جسم ڪشٽ ۽ ڪشالن سبب ڳريل ٿا ڏسجن ته سندن سڄي رات
پڻ سورن ۾ گذري ٿي وڃي. جوڳين جي ذات ئي اهڙي آهي
جو هو هميشه هيڻا، نست ۽ نٻل نظر اچن ٿا.
[اهڙن درويشن جي سقيم حالت بيان ڪندي رومي جواب
ڏئي ٿو:
اين رياضتهائي درويشان چراست،
کآن بلا برتن بقاي جانهاست،
تا بقاي خود نبيند سالکي،
چون کند تن را سقيم وهالکي.
(دفتر سوم ب 3349_50)
معنيٰ: درويشن جون رياضتون ڇا لاءِ آهن؟ ڇو ته
جسم جي تڪليف ۾ روح جي بقا آهي. جيڪڏهن سالڪ
پنهنجي بقا نه ڏسندو ته هو جسم کي لاغر ۽ فنا ڇو
ڪندو؟]
2
سامِينِ سَمَرُ سُورَ، گوندَرُ گَبَرِيُنِ ۾
جوڳِينِ جَڙِئا جِيءَ ۾ پيغامَنِ جا پُورَ
آديسِي اَسُورِ، وَڄائي واٽَ ٿِئا. [2492]
سمجهاڻي:
سامين جو سامان (جيڪو هو پاڻ سان کڻي هلن) صرف سور
۽ تڪليفون ئي آهن. هنن جي گبرين ۾ غم ۽ فراق ڀريل
آهي. هنن پنهنجي دل ۾ الاهي هدايتن جا سبق گڏ ٺاهي
جوڙي ٻڌا آهن. (هو هميشه انهيءَ خيال ۾ آهن). اهي
آديسي صبح جو سويل، ناد نفيلون وڄائي پنهنجي منزل
ڏانهن اُسهي ويا.
3
گوندَرَ گَبَرِيَنِ ۾، سامِي سُورَ سِبَنِ
ڪِنہ جِنہ ڪَيفَ ڪَڪورِئا کِجِئو کَڻَ هَڻَنِ
سَونڪَو سَناسِينِ، آهي پُورَبَ پَنڌَ جو. [2493]
سمجهاڻي:
هنن سامين جي گبرين ۾ غم ۽ فراق ڀريل آهن ۽ هو هر
وقت انهن گبرين کي ٽوپا ڏيئي سورن کي پيا سبن (پاڻ
کان الڳ ٿيڻ نٿا ڏين). هو ڪنهن اهڙي نشي ۽ مستيءَ
۾ مخمور آهن جو پوري زور ۽ طاقت سان ٽوپي جا کڻ
پيا هڻن (وڌيڪ مضبوط ڪري پيا هڻن). هنن سامين جي
دلين ۾ صرف پورب جي مسافريءَ جو اونو ۽ الڪو آهي.
(هو دنيا جي ٻي هر شيءِ کي خيرباد چئي چڪا آهن)
[مثنويءَ ۾ هنن جو ذڪر هن ريت ملي ٿو:
اوليا اهل دعا خود ديگرند،
گه همي دوزند گاهي ميدرند.
(دفتر سوم، ب-1879)
معنيٰ: انهن اوليائن مان هڪڙا دعا گهرڻ وارا آهن،
جيڪي ڪڏهن پنهنجن ڪپڙن کي سبن ٿا ته ڪڏهن ڦاڙين
ٿا.]
4
رُوحَ ۾ رَهينِ رامُ، ٻَهَر ٻولِينِ ڪِين ٻِئو
ويهي ڪِئو نه وِچ ۾ آديسِين آرامُ
ڪَري هِيءَ حرامُ، نانگا گَڏِئا ناٿَ کي. [2494]
سمجهاڻي:
هنن آديسين جي اندر ۾ صرف رام (ڌڻي، مالڪ) ئي رهجي
ويو آهي (هو هر وقت هن کي ئي ويٺا ياد ڪن)، ٻاهر
ٻيو ڪجهه نٿا ڳالهائين. هنن منزل تي پهچڻ کان اڳ
واٽ تي ڪٿي به ٿوريءَ دير لاءِ آرام نه ڪيو. اهي
نانگا جوڳي هي ظاهري زندگيءَ وارو وهنوار (خفو ۽
نفعو) پنهنجي لاءِ منع ڪيل سمجهي، نيٺ وڃي ناٿ وٽ
يعني پنهنجي اصلي منزل مقصود تي پهتا.
[مثنويءَ ۾ انهن جو ذڪر هن ريت ملي ٿو:
قوم ديگر مي شناسم ز اوليا،
که دهانشان بسته باشد ازدعا.
از رضا که هست رام آن کرام،
حُستن دفع قضا شان شد حرام.
(دفتر سوم، ب-1880 ۽ 81)
معنيٰ: اوليائن جي ٻي طبقي جي اها سڃاڻپ آهي ته
هنن جا وات بند آهن. هو ڪجهه نٿا ڪڇن. رضا تي راضي
رهڻ هنن جو معمول آهي ۽ تقدير جي فيصلي کي روڪڻ جي
ڪوشش هنن لاءِ حرام آهي.]
5
رامُ رَهيُنِ ۾ روُحَ، ٻَهَرِ ٻولِينِ ڪِين ٻِئو
سَدائين سَفَرِ ۾ مَٿا ٿِئُڙُنِ مُوهَ
تَنِ سامِينِ جي صبُوحَ، سارِئو ٿي سُورَ چَران.
[2495]
سمجهاڻي:
هنن سامين جي اندر ۾ رام (محبوب) ئي آهي، ٻاهر
زبان سان ڪجهه نٿا ڪُڇن. هو هميشه سفر ۾ پيا
گذارين تڏهن ته سندن مٿي جا وار مٽيءَ ۽ ڌوڙ جي
ڪري ميرا ڀنڊا بڻجي ڳنڍيون ڳوڙها ٿي ويا آهن. آءٌ
انهن سامين جي صبح وارين سهڻين عادتن (ڌڻيءَ سان
مشغولي) کي ياد ڪري سور پيئي کاوان (هنن جي جدائي
پيئي محسوس ڪريان.
6
راتِيان رُڻِ جهُڻِ رامَ سِين، ڏينهان ڪَنِ سَنانَ
جوڳِي سي اَنانَ، وَٿون جَنِ وِراهِيُون. [2496]
سمجهاڻي:
اهي جوڳي سڄي رات رام جو نانءُ ويٺا جپن (ياد ڪن)
۽ ڏينهن جو وري سنان پاڻي ڪري پاڻ کي تازو توانو
پيا ڪن. بيشڪ اهي جوڳي وڏي خيال ۽ خمار وارا آهن
جيڪي پنهنجا ٽول توڻي ٻيون شيون (جيڪي ڪجهه وٽن
آهي) سڀ ٻين کي ونڊي وراهي ڏيئي ڇڏين ٿا.
7
مَٿا مُوهَ ٿِئان، سَدا سُوئيتا ڪاپَڙِي
ڪوٺي ڪَنہِ نه پُڇِئَا، ته ڪِ اَندَرَ اَندوهِيانِ
جيڪا ڄَمارانِ، سا مَنجههِ گُوندَرَ گُذَرِي.
[2497]
سمجهاڻي:
هنن ڪاپڙين جا مٿي جا وار ڳنڍيون ۽ ڳوڙها (ويڙها ۽
ڀنڊا) پيا ڏسجن، ڇو ته هو سدائين سُوءَ يعني غم ۽
فراق، جهوري ۽ ڏک ۾ آهن. هنن کي ڪنهن به (همدرديءَ
وچان) سڏي اهو نه پڇيو آهي ته سندن اندر ۾ ڪهڙا
اندوه ۽ غمن جا انبار آهن. (ائين پيو معلوم ٿئي)
هنن جي ساري عمر گوندرن ۽ غمن ۾ گذري آهي.
8
جوڳِيءَ کي جُڳَ ٿِئا، مَٿي سِين ميري
اَکيون اَلکَ سامُهِيون، ڀُونءِ ڏي نه ڀيري
ڪَڪَا وارَ ڪُلهَنِ تي، ڄَراٽِئا ڄيري
لُڙُڪَ لالَ لَطِيفُ چَئي، ڪَنبي ۽ ڪيري
نِيہُ نه نِبيري، سُورَ چَري تِئن سَنَرو. [2498]
سمجهاڻي:
هن جوڳيءَ کي مٽيءَ ڀريل مٿي سان رهندي (سنان
پاڻيءَ کان سواءِ) ڪيترا ورهيه گذري ويا. هو
پنهنجيون نظرون مٿي اڀ ۾ ڌڻيءَ ڏانهن کڻيو پيو
نهاري ۽ (هڪ پل لاءِ به) هيٺ ڌرتيءَ ڏي اکيون
ڦيرائي ڪونه ٿو ڏسي. سندس مٿي جا وار باهه ۽
گرميءَ جي لهس ۽ دونهين ۾ ڪاراٽجي ويا آهن.
عبداللطيف چوي ٿو هو ڌڻيءَ جي ڊپ ۾ هر وقت پيو ڏڪي
۽ سندس اکين مان رت جهڙا ڳوڙها پيا ڳڙن. هو (اهڙي
ڏکئي حال ۾ به) پنهنجو نينهن نٿو ٽوڙي، لاڳاپو ختم
نٿو ڪري، بلڪ جيئن جيئن سور کائي ٿو ته مچي مڙس
ٿئي ٿو (سندس همت وڌي ٿي ۽ ارادو پختو ٿئي ٿو)
9
مَٿي کان مَٿي وڃي، جوڳِيءَ ڏِٺي جُوءِ
اوڏو ٿِئو الَکَ کي، وَڃي رُوءِ بَرُوءِ
بابُوءَ چَکِي بُوءَ، مَنجهان باغَ بَقاءَ جي.
[2499]
سمجهاڻي:
هو اهڙو (پهتل) جوڳي آهي جيڪو مٿي عالم بالا ڏي
(اڏامي) وڃي ٿو ۽ اهو عالم ڏسي پسي ٿو. هو ڌڻيءَ
کي ويجهو ٿئي ٿو ۽ وڃي مالڪ جي حضور ۾ حاضر ٿئي
ٿو. اهڙي وڏي حوصلي وارو جوڳي ئي بقا جي باغ جو
سير ڪري ٿو يعني (فنا کان پوءِ) بقا حاصل ڪري ٿو.
[رومي اهڙن عارفن جي باري ۾ وري هينئن چوي ٿو:
مهدي و هادي ويست اي راه جو،
هم نهان و هم نشسته رو برو.
(دفتر دوم ب 818)
معنيٰ: اي راه جا پانڌيئڙا، اهو ئي (عارف) هدايت
يافته به آهي ته هدايت ڪندڙ به آهي. اهو لڪل به
آهي ته سامهون ويٺل به آهي.]
10
ڄَرَ ڄَراٽِينِ جِندَڙا، صُورَتَ ساڙِيَنِ سِيءَ
اُڀيَنِ گهَڻي اَدَبَ ۾، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءُ
جوڳِينِ پنهنجا جِيءَ، لِلهِ ڪارَڻُ لُوپِئا.
[2500]
سمجهاڻي:
هڪ باهه جي سيڪ ۽ دونهين هنن جا بت ساڙي ڪارا ڪري
ڇڏيا، ٻيو سندن شڪل سياري جي سيءَ ۾ سڙي ڪاري ٿي
ويئي آهي. پر هو عادت موجب هميشه ادب ۽ عاجزيءَ
سان پيرن ڀر بيٺا رهن ٿا (ويهڻ يا سمهڻ جي ويجهو
ناهن). اهڙن جوڳين (حقيقت ۾) پنهنجو پاڻ کي ڌڻيءَ
خاطر يا ان جي راهه ۾ تڪليفن ۽ ڏولاون ۾ وڌو آهي.
[مثنويءَ جو هيءُ شعر گودڙي پوشن جي باري ۾ ڏسو:
تو بدلق پاره ِ پاره کم نگر،
که سيهه کردند از بيرون زر.
(دفتر پنجم ب 3449)
معنيٰ: تون هنن جي ڇنل ۽ ڦاٽل گودڙيءَ کي نه ڏس،
جيڪا ائين آهي ڄڻ سون کي دونهين سان ڪارو ڪيو
اٿن.]
11
سانگو ڪَنِ نه ساهَ جو، اُتَرَ اوٽَ نه ڏِينِ
جِئن پارو پَواڙا ڪَري تِئن سُمَرڻِيُون سورِينِ
جهُوپا نه جوڙِين، مَڇُڻُ پوئينِ وِٿُ وِصالَ ۾.
[2501]
سمجهاڻي:
اهي جوڳي پنهنجي جيئڻ جو فڪر نٿا ڪن ۽ ڪيڏو به تهه
سيارو ڇو نه هجي، هو اتر جي ٿڌي هوا کان پاڻ کي
نٿا بچائن. بلڪ جيئن جيئن سيءُ زور وٺي ۽ ٿڌ گهڻي
پوي، تيئن هو پنهنجيون مالهائون وڌيڪ چورين ۽
ڦيرائين ٿا (تڪڙو تڪڙو ڌڻيءَ جو نام جپن). هو ڪٿي
به پنهنجي رهڻ لاءِ ڪا جهوپڙي ۽ اجهو ڪونه ٿا اڏن،
انهيءَ ڪري ته متان مالڪ سان ملڻ ۾ (ڪٿي ترسڻ سان)
اجائي دير نه ٿي وڃي.
12
پارو پَوَاڙا ڪَري لَڳي اُتَرَ مُٺِ
لاهُوتِي لطيفُ چئي ڪَنِ جُسي سِين جُٺِ
پَوَڻِ نه ڏِينِ پُٺِ، مَڇُڻُ پوئينِ وِٿُ وِصالَ
۾. [2502]
سمجهاڻي:
جيتوڻيڪ سردي پنهنجي چوٽ تي آهي ۽ اتر جي ٿڌي هوا
زور ۽ آواز سان پيئي لڳي، عبداللطيف چوي ٿو ته پر
اهي جوڳي اٽلو پنهنجي بت کي وڌيڪ سيکت پيا ڏين.
(ٿڌ ۽ سيءَ کان بچڻ جو جتن ڪونه ٿا ڪن). هو هرگز
پٺيرا ڪونه ٿا ٿين. (پر اتر جي واءُ ۽ سيءَ کي
سامهون ٿي بيٺا رهن ٿا) ته جيئن ڌڻيءَ وٽ پهچڻ ۾
يا گڏجاڻيءَ ۾ ٿوري وٿي به نه پوي.
13
هَرَ هَرَ ڪَنِ هَرنامُ، ڌُونِ ڏِينهاڻِي ڌوتِيا
جَنِ نه رِيجهايو رامُ، ناٿُ نه نَمي تَنِ کي.
[2503]
سمجهاڻي:
اهي ڪاپڙي هر دم هر گهڙيءَ ڌڻيءَ جو نام ٿا جپن ۽
بدن جي (هيٺين حصي کي ڍڪڻ لاءِ) چيلهه سان ٻڌل
ڪپڙي جي ڌوتي هر روز ڌوئي پيا صاف ڪن. جيڪي رام
(اصلي مالڪ) کي نٿا راضي ڪن تن سان دنياوي گرو يا
رهبر به ڪونه ٿا راضي ٿين.
14
هَرَ هَرَ ڪَنِ اُميسَ، ڌُون ڏينهاڻِي ڌوتِيا
جَنِ نه مارِي ميسَ، ناٿُ نه نَمي تَنِ کي. [2504]
سمجهاڻي:
هو جوڳي هر وقت ۽ هر گهڙيءَ ڌڻيءَ جي بندگي پيا ڪن
۽ پنهنجيون لانگوٽيون روز ٿا ڌوئن. (اهي ڇا به ڪن)
پر جن پنهنجي اندر جي ٻيائيءَ کي ختم نه ڪيو ته
گرو يا رهبر ساڻن راضي ڪونه ٿيندو.
15
گِنڊَنِ پاسي گِنڊَ، گَڏُ گذارينِ گودِڙِيا
پَليتِيءَ کان پانهِنجا پاڪَ رکَائُون پِنڊَ
نانگا ڪَنِ نه نِنڊَ، وِئا رُئندا رامَ ڏي. [2505]
سمجهاڻي:
اهي ڪيڏا به وڏا ڪاپڙي ڇو نه هجن پر گودڙي کڻي هلڻ
وقت توڻي پوءِ سڪ ۽ سانت ۾ گڏ گذارين ٿا. هو
پنهنجا بدن ۽ سرير ناپاڪائيءَ کان پاڪ رکن ٿا. اهي
نانگا جوڳي ننڊ ڪن ئي ڪونه ۽ هر وقت روئي رام کي
پيا ريجهائن (ان سوچ ۽ فڪر ۾ پيا وقت گذارين).
[مثنويءَ ۾ پڻ اهڙن فقيرن ۽ درويشن جو ذڪر ملي ٿو:
گشت فرد از کسوت خوهائي خويش،
شد برهنه جان بجان افزاي خويش،
چون برهنه رفت پيش شاهه فرد،
شاهش از اوصاف قدسي جامه کرد.
(دفتر پنجم ب 3612_13)
معنيٰ: اهو درويش پنهنجي عادتن واري لباس کان
عاري ٿيو ۽ اگهاڙپ واريءَ حالت ۾ اصلي مالڪ ڏانهن
روانو ٿيو. جڏهن هو اهڙيءَ حالت ۾ يڪتا بادشاهه جي
دروازي تي پهتو ته بادشاهه سلامت کيس قدسي صفتن
وارو لباس ڍڪائي ڇڏيو.]
16
جِهَڙا ڪَڻجَ ڪَکَڙا، تِهَڙا جايَنِ ڦُلَ
تَنِ سامِين جي سَڌَ مَران جَنِ گودَڙِينِ ۾ گُلَ
اَندَرِ مُلَ اَمُلَ، ٻَهَرِ ڪوجها ڪاپَڙِي.
[2506]
سمجهاڻي:
جوڳين جي جهوپڙين جا ڪانا ۽ ڪاٺيون جائڦل جي ٻوٽي
جي گل وانگر پيا ڏسجن. آءٌ انهن سامين کي ياد ڪري
پيئي ساهه ڏيان جن جي گودڙين تي اهڙا سهڻا گل (ڀرت
يا ٽڪ جا ٺهيل) آهن. اهي ڪاپڙي، اندر ۾ نهايت
املهه (مُلهه کان مٿي انهن جو مُلهه آهي) آهن،
توڻي جو ٻاهر (ظاهري صورت ۽ شڪل ۾) ميرا ۽ گدلا
(مٽيءَ سان مٽي، بڀوت) پيا نظر اچن.
[مثنوي روميءَ ۾ هڪ هنڌ اهڙن سالڪن لاءِ هينئن چيو
ويو آهي:
از برائي چشم بد مردود شد،
وز برون آن لعل دود آلود شد.
(دفتر پنجم ب 3450)
معنيٰ: هو بدنظريءَ کان بچڻ لاءِ پاڻ کي خوار ۽
ڌڪاريل بڻائن ٿا. اهي دراصل لعل (موتي آهن) جيڪي
ٻاهران دونهين ۾ ڪارا آهن.]
17
ارَتو اکِيَنِ مان وَهي، مَٿان ڳَلَنِ ڳاڙَ
ڪوري ڪَنَنِ وِچَ ۾ ڦَچَ وِڌائُون ڦاڙَ
هَڻِي توبہَ تاڙَ، نانگا نِسورا ٿِئا. [2507]
سمجهاڻي:
هنن جوڳين جي اکين مان هر وقت رت گاڏڙ ڳوڙها اکين
مان وهي ڳلن تي پيا ڪرن. هنن ڪنن کي چير ڏياري
منجهن ٽُنگ ڪري ڇڏيا آهن. هنن پنهنجي مٿان توبهه
جو سخت ڪڙو (پهرو) هڻي، پاڻ کي نانگن طور (دنيا
جهان کان الڳ) نروار ڪيو آهي.
18
اکيُون آلوماهُ، سَدا سَناسِيَنِ جِيُون
واري نيڻَ نِنڊاءَ، جانڪي جهَليا جوڳيين. [2508]
سمجهاڻي:
هنن جوڳين جون اکيون هميشه (روئڻ ۽ ڳوڙهن سببان)
اڌ ڪچي گوشت جهڙيون هونديون آهن، ڇو ته هو زوريءَ
يعني وڏا وس ۽ ڪوششون ڪري پنهنجي اکين کي اوجاڳو
ڏيئي ننڊ کان پلين ٿا يا جهلين ٿا. (ان ڪري سندن
اکيون ڪچي گوشت جو ڏيک ڏينديون آهن).
19
اَڌَ لَڳِيُون آهِينِ، جِيجان سَنديُون جوڳِيين
ويهِي وِهائِينِ، ڪا قَضاني راتَڙِي. [2509]
سمجهاڻي:
اي جيجان، هنن جوڳين جون اکيون پوريءَ طرح ننڊ ۾
لڳل ناهن (کين پوري ننڊ آهي ئي ڪانه يعني ننڊ ۾
هنن جون اکيون پوريءَ ريت بند ناهن). هو تمام ورلي
قسمت سان ڪا رات ويهي گذارين ٿا (نه ته هو سدائين
انهيءَ حالت ۾ رهن ٿا)
[عارفن جي اهڙي حالت جو بيان روميءَ هن طرح ڪيو
آهي:
خواب مي بينند دو آنجا خواب ني،
در عدم درمي روند و باب ني.
(دفتر سوم، ب-3555)
معنيٰ: اهي اوليا بيداريءَ جي حالت ۾ خواب ڏسن ٿا،
ڇو ته هو ننڊ نٿا ڪن. هو عدم جي ملڪ ۾ گهمن ڦرن
ٿا، جتي کين ڪا روڪ ٽوڪ ناهي.]
20
ڪي جي سَڳا سُورَ جا ويٺي وَٽيائُون
پُويو پاتائون، ساڄا ڪِئو سِڱِيَنِ ۾. [2510]
سمجهاڻي:
هنن سورن جا سڳا وٽ وڪڙ ڏيئي ڏاڍا مضبوط پئي ڪيا
(ته جيئن سندن واسطو سورن سان سدائين برقرار رهي ۽
ڪڏهن نه ڇڄي). ان کان پوءِ انهن سڳن کي پڪو ڪري
سڱين جي سوراخن ۾ وجهي ڳچيءَ ۾ پاتائون.
(اهي سڳا جيڪي سڱين جي سوراخن مان لنگهائي هار مثل
ڳنڍجن ۽ سڱيون لٽڪائي ڳچيءَ ۾ وجهجن. سناسين لاءِ
اهي سڳا سور جا يعني سڪ ۽ محبت واري درد جا آهن. ن
_ ب)
21
اُکولِيندي اُٿِيَا، ويٺِي وَٽيائُون
اُنِي جِي آئُون، ڪِهَڙِي ڳالهه ڳَنڍِ ڏِيان.
[2511]
سمجهاڻي:
اهي جوڳي جڏهن ويٺا هئا تڏهن به ڌاڳا پئي وٽيائون
(کين ٻيو ڪم ڪار رهيو ئي ڪونه)، پر وري جڏهن اکيلڻ
تي آيا ته هڪدم اٿي بيهي رهيا (اهي وٽيل ڌاڳا
اکيلڻ شروع ڪري ڏنائون). اهڙن جوڳين جي ڪهڙي روش
جو اعتبار ڪجي يا ڇا سمجهجي!
22
ڪِين جو ڏِٺائون، ڏِسي سو ڏُورِ ٿِئا
وِهَڪَ نه ڪِئائُون، اُڀيَڻُ عَينُ اُنِ جو.
[2512]
سمجهاڻي:
هنن جوڳين کي جڏهن (پرينءَ) جي جوت يا جلوو نظر
آيو ته ان جي پويان هلندا گهڻو پري هليا ويا. ان
کان پوءِ وري هو هڪ جاءِ تي هرگز اچي نه ويٺا، بلڪ
هردم اڀو ٿي بيهي رهڻ هنن جو چٽو ۽ پڪو دستور بنجي
ويو. (هو هر وقت سخت انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ پيرن ڀر
بيٺا آهن، ويهڻ هنن لاءِ حرام آهي.)
[مثنويءَ ۾ اوليائن کي اصحاب ڪهف سان بار بار
تشبيهه ڏني ويئي آهي. هڪ هنڌ انهن جي ننڊ ۽ جاڳڻ
جي حالت جو بيان ڪندي چوي ٿو:
اوليا اصحاب کهفند اي عنود،
در قيام و در تقلب هم رقود.
(دفتر اول، ب- 3187)
معنيٰ: اي حاسد انسان، اوليا الله جا اصحاب ڪهف
وانگر اٿئي. هو بيٺا هجن يا هلندا وتن پر هو ذات ۾
محو آهن.]
23
جوڳِيَڙا پاڙي، ڪَرَ نه هوا ڪَڏهِين
وِئا مَڙَهه تاڙي، ڪالَهه وَڄائي سِڱيُون. [2513]
سمجهاڻي:
اهي پيارا ۽ قربائتا جوڳي ڄڻ پاڙي ۾ هئا ئي ڪونه،
ڪو سؤنچو ئي ڪونهي ڄڻ ڪڏهن ويجهو ئي نه هئا. هو
پنهنجا آسڻ ۽ مڙهيون (چپ چپات ۾) تاڙيون ڏيئي بند
ڪري، سڱيون وڄائيندا ڪالهه ئي نڪري هليا ويا (هنن
جي وسنئن واري جڳهه تي رک پيئي اڏامي).
24
اَڃان سي آهِين، جي سَزاوارَ سِڱينَ جا
ويٺا وَڄائِينِ، جي سَناسِي تون سُڻين. [2514]
سمجهاڻي:
انهن ۾ ڪي اهڙا سامي ۽ سناسي اڃان تائين موجود آهن
جيڪي سڱڙين وڄائڻ ۾ ڏاڍا سُڄاڻ (پنهنجو مٽ پاڻ)
آهن. (هي جهان انهن کان خالي ڪونه ٿي ويو آهي). هو
اڃان تائين پيا انهن سڱين مان (الاهي) آواز ڪڍن
(جيڪي عام ماڻهن لاءِ وڏيءَ ڇڪ وارا آهن)، بشرطيڪ
تون انهن کي ٻڌڻ واسطي ڳولي لهين يا انهن جي جستجو
۽ تلاش ڪرين.
وائي
مَڙِهنِئُون موڪَلَ، ڪالَهه ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي
بابُو ڪَنِ نه بِکيَا، نَڪا وَلَن وَلَ
ڪَڏِهِن اُتَرَ سامُهَان، ڪَڏِهن دُونهَنِ جهَلَ
هُنِ سيڪِيندي هَٿَڙا، مون ڳاڙيندي ڳَلَ
چيرِي چَندَنِ ڪاٺَ جئن، سُورَ ڏِنائمِ سَلَ
ڄَرَ ڄَراٽِينِ جِندَڙو، کوري کانيَنِ کَلَ.
[2515]
سمجهاڻي:
اُهي ڪاپڙي ڪالهه پنهنجين مڙهين (آستانن) مان
موڪلاڻي ڪري روانا ٿي ويا. اُهي رمتا فقير خيرات
يا دان ڪونه وٺن ۽ نڪو کيتي يا پوکي راهي ڪن. هو
ڪڏهن اتر جي لڳندڙ ٿڌي هوا جي سامهون بيٺا رهن ته
ڪڏهن وري مڙهين اندر ٻرندڙ هلڪي باهه جي دونهين لڳ
ويٺا رهن. هو باهه جي تَو تي هٿ پيا سيڪين ۽ آءٌ
ڳوڙها پيئي ڳاڙيان (ڇو ته هو وڃڻ جو پهه پيا ڪن،
مون کان جدائي ٿا ڪن). مون کي صندل جي ڪاٺيءَ
وانگر وڍي ڪپي سورن جا سوراخ ڏيئي ڇڏيائون. (عشق
واري) باهه جي نڪرندڙ گرميءَ سندن بت جي چمڙيءَ کي
ساڙي ڪارو ڪري ڇڏيو.
داستان پنجون
1
بُکَ وِڌائُون بَگَرِيين جوڳِي ڪَندا جُڃ
طَلَبَ نه رَکَنِ طعامَ جي اوتِئو پِينِ اُڃ
لاهُوتِينِ لَطِيفُ چَئي مَنُ ماري ڪِئو مُڃ
سامِي جهاڳي سُڃ، وَسُونءَ کي ويجها ٿِيا. [2516]
سمجهاڻي:
هنن جوڳين جي بغلن ۾ پيل ڳوٿرين ۾ بک آهي (کاڌي
پيتي جي ڪا شيءِ ڪانهي) ۽ هو انهيءَ بک واري حال ۾
مست آهن. هو کاڌي جي خواهش رکن ئي ڪونه ۽ پاڻيءَ
جي بجاءِ اڃ کي پسند ٿا ڪن. عبداللطيف چوي ٿو اهڙن
لاهوتين پنهنجي تن کي تڪليفون ۽ تسيا ڏيئي نابود
(ڪُٽيل واڻ وانگر سنهون) ڪري ڇڏيو آهي. اهي جوڳي
ويرانيءَ جو ڊگهو پنڌ ڪري (فنا مان گذري) وسندڙ
ماڳ يعني آبادي (بقا) جي قريب پهتا آهن.
[مثنويءَ ۾ بک جي فضيلت کي ڪيترن هنڌن تي بيان ڪيو
ويو آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:
جوع مرخاصان حق را داده اند،
تا شونداز جوع شير و زور مند.
(دفتر پنجم ب 2838)
معنيٰ: بک الله جي خاص ٻانهن کي ڏني ويئي آهي ته
جيئن هو بک سان شينهن جهڙا طاقتور ۽ زور وارا
ٿين.]
2
بُکَ اُنِي جِي بِکِيَا، ڌُوڙِ اُنِي جو ڌُوپُ
ڪِئائُون سو رُوپُ، جِئان لوڪ لَڄَ ٿِي. [2517]
سمجهاڻي:
اُنهن جي پِن (جيڪي هو گهري وٺن، جنهن لاءِ هڪ
سوال ڪن) بک آهي (اهي طعام يا کاڌي جو سوال نٿا
ڪن) ۽ انهن جو ڌوپ (جنهن جو هو واس ڏين) مٽي يا
ڌوڙ آهي. هو اهڙي صورت يا مهانڊو ڪري گهمن ٿا جنهن
کان عام ماڻهن کي لڄ ٿئي ٿي (ڪوئي سندن ويجهو نٿو
وڃڻ گهري)
[مثنويءَ ۾ رومي هڪ هنڌ هينئن چوي ٿو.
جوع رزق جان خاصان خداست،
کي زبون همچو تو گيج گداست.
(دفتر پنجم ب 2846)
معنيٰ: (ٻڌي ڇڏ) بک الله جي خاص ٻانهن جو رزق
آهي. اها تو جهڙي بيوقوف پينوءَ جي هٿ ۾ ڪيئن
ايندي.]
3
قُوتِ ڪَڙايا ڪاپَڙي طَعامَ نه طامائو
سَينَ هَنيائون سُڃ ۾، پَهَرَ نه پينَائُو
اَوَسَرِ آسائو، اُٺي گوندرِ گَڏِيا.
[2518]
سمجهاڻي:
هنن ڪاپڙين کي کاڌو کائي ڍؤ ڪرڻ منهن پئجي ويو آهي
(هو ڍؤ ڪري کائڻ کان بيزار آهن). هو کاڌي جي طمع
رکن ئي ڪونه ٿا. هو جتي ڪا وسندي يا آبادي ڪانهي،
اتي وڃي صدا هڻن ٿا. (هو وسنديءَ ۾ پنڻ وارا ناهن
يا ماڻهن کان گهرڻ وارا ناهن). هو ڏڪر ۽ سوڪ جا
ڳوليندڙ آهن. هو مينهن وسڻ ۽ آباد ٿيڻ واريءَ حالت
۾ هم غم ٿي پيا هلن. (هو خوش ٿيڻ کان پري پيا
گذارين ٿا)
[روميءَ اهڙن سالڪن لاءِ هينئن چيو آهي:
عشق نان بي نان غذائي عاشق ست،
بند هستي نيست هر کو صادق ست
(دفتر سوم، ب- 3020)
معنيٰ: عشق ماني هجڻ کان سواءِ (بک ۽ اڃ جي صورت
۾) عاشق لاءِ ماني يعني کاڌو ۽ پاڻي آهي (هو عشق
تي جيئرو رهي ٿو. هن جو کاڌو پيتو عشق آهي). جيڪو
سچو عاشق آهي اهو وجود جي ضرورتن جو پابند نه آهي
(تنهنڪري هن کي مانيءَ جي ضرورت ڇو ٿيندي!
4
قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نه طَمَعدارَ
سَينَ هَنيائون سُڃ ۾ جوڳِي ڪِنہِ نه يارَ
اوَسَرَ جي آڌارَ، اُٺي گوندَرِ گَڏِئا. [2519]
سمجهاڻي:
اُهي ڪاپڙي کاڌي پيتي (پيٽ پوڄا) کان ڀڳل آهن. هو
طعامن کائڻ ۾ دلچسپي ڪونه ٿا رکن. هنن جوڳين برپٽ
بيابان ۾ صدا هنئي آهي جتي ڪا وسنءَ ۽ آبادي
ڪانهي. هو ڪنهن جا دوست ۽ سنگتي ناهن. هو ڏک ۽ ڏڪر
جي آسري تي پيا تڳن ۽ مينهن جي موسم ۾ پاڻ کي ڏکن
جي حوالي ڪن ٿا.
[روميءَ وري هينئن چوي ٿو:
عشق باشد لوت پوت جانها،
جُوع ازين رويست قوت جانها.
(دفتر سوم ب 3024)
معنيٰ: عشق ئي عاشقن لاءِ هر قسم جو طعام آهي،
انهيءَ ڪري بک هنن جي روح جي غذا آهي.]
5
قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، بُکَ چَکِيائُون بُوءِ
وِئا نيرانا نِڪَرِي جوڳي مَنجهان جُوءِ
اَوَسَرِ آجا اوءِ، اُٺي گوندَرِ گَڏِئا. [2520]
سمجهاڻي:
اُهي ڪاپڙي کائڻ پيئڻ کان بيزار آهن، البت بک جي
بوءِ چکن ٿا (بک کين وڻي ٿي). اهي جوڳي صبح جي
ناشتي يا ڪجهه کائڻ پيئڻ بنا پنهنجي جوءِ مان نڪري
هليا ويا. هو ڏکن کان آجا آهن (بيماري ۽ غم کان
ڇٽل آهن). هو برسات جي مند ۾ به غمن سان گڏ گذارين
ٿا. (موسم جي تبديلي ۽ خوشحاليءَ جو مٿن ڪو اثر
ڪونهي)
[مثنويءَ ۾ رومي هڪ هنڌ چوي ٿو:
عاشقي کز عشق يزدان خورد قوت،
صد بدن پيشت نيرزد تره توت.
(دفتر پنجم ب 2708)
معنيٰ: اهو عاشق (درويش، سالڪ) جيڪو الاهي عشق جو
طعام کائي ٿو، هن جي آڏو ٻيا سوين طعام وڻن جي پنن
برابر به نه آهن.]
6
ڪَسي چيلِهه ڪَسَا، ڏِيلَ ڪِئائون ڏُٻَرا
لاهُوتِي لَطِيفُ چَئي تَنَ کي ڏِينِ تَسَا
گروءَ جي گَسَا، پاسي ڪَن نه پاڻَ کي. [2521]
سمجهاڻي:
هنن ڪاپڙين پنهنجي چيلهين کي هر وقت ڪمرپٽن سان
ڇڪي سوگهو ٻڌي بت ۽ سرير کي هيڻو ۽ ڪمزور ڪري ڇڏيو
آهي (هنن جا پيٽ پٺيءَ سان لڳل آهن). عبداللطيف
چوي ٿو هنن لاهوتين پنهنجي تن بدن کي پاڻي نه پيڻ
۽ اڃ جهلڻ تي هيرائي ڇڏيو آهي. هو گروءَ جي هڪ
دفعو ٻڌايل گس يا راهه کان پاڻ کي ڪڏهن به ٻئي
پاسي ڪونه ٿا هٽائن.
7
ڪَسي ساڻُ ڪَسَنِ، ڏِيلَ ڪِئائون ڏُٻَرا
پيٽَ نه هيريَئُون پانهنجا چوري ساڻُ چَسَنِ
اِهَڙِيءَ راههَ رَسَنِ، ڪاپَڙي ڪابُولَ ڏي.
[2522]
سمجهاڻي:
هنن ڪاپڙين چيلهه کي چمڙي جي پٽن سان ٻڌي پاڻ کي
اڀرو ۽ لاغر ڪري ڇڏيو آهي. هنن پنهنجا پيٽ لذيذ
کاڌن يا طعامن تي قطعي ڪونه هيرايا آهن. هو انهيءَ
بک ڏک ۽ تنگيءَ جي حالت ۾ وڏي ڊگهي مسافري ڪري وڃي
ڪابل جهڙي دور ماڳ تي پهچن ٿا.
8
نَڪِين طَعامُ تُنبِين ۾، نَڪِين گَبَرِيَنِ
مون پُڻ مُلا تَنِ، حاصُلُ ڪِين حالُ ڪِئو. [2523]
سمجهاڻي:
هنن ڪاپڙين جي تُنبين (هٿ ۾ کڻڻ وارن ڪستن) ۾
واپرائڻ جي ڪا شيءِ ڪينهي (جنهن سان هو پيٽ جهل
ڪن) ۽ نڪي سندن گبرين (ڪلهي ۾ لٽڪندڙ ڳوٿرين) ۾ ٻي
ڪا کاڌي جي (خشڪ) شيءِ آهي. (هو توڪل تي آهن، کاڌو
پاڻ سان کڻن ئي ڪين). مون کي پاڻ اهڙن فقيرن ۽
درويشن سان گڏ گذارڻ سبب حال (معرفت جو درجو) نصيب
ٿيو آهي.
9
نَڪِين هيٺِ نه بيٺِ، نَڪِين گَبَرِيَنِ ۾
رامُ ڪِئائون ڏيٺِ، وَڃَنِ ڪِينَ ڪُلهي ڪِئو.
[2524]
سمجهاڻي:
هنن ڪاپڙين جي چيلهه سان نڪو ڪجهه ٻڌل آهي ۽ نڪي
وري سندن گبرين (بغل ۾ لڙڪندڙ ڳوٿريءَ) ۾ ڪا شيءِ
آهي (جيڪا بک جي وقت کائي سگهن). هنن جي نظر يا
نگاهه ۾ صرف رام (خدا جي ذات) آهي، تنهن ڪري هو
پنهنجي ڪلهن مٿان يا سر مٿان ٻي ڪا شيءِ کڻي نٿا
هلن. (هنن جو آسرو فقط ذات واحد ۾ آهي)
[روميءَ وٽ ان سان ويجهو هي خيال ملي ٿو:
کآن گداي کان بجھد مي کرد او،
بهر يزدان بود، نه از بهر گلو
(دفتر پنجم ب 2703)
معنيٰ: اها گدائي جيڪا هو ڄاڻي ٻجهي ڪري رهيا
هئا. خدا جي واسطي ڪري رهيا هئا ۽ نه پنهنجي پيٽ
خاطر!]
10
جا بَرادَ بُتَنِ جِي سا اُڃ بُکَ آديسينِ
روزا رِندَ رَکَنِ، عِيدَ نه اوڏا ڪاپَڙِي. [2525]
سمجهاڻي:
جيڪي شيون (جهڙوڪ گيهه، کير ۽ ڪُٽي وغيره) بُتن
(ديوتائن) آڏو ڀيٽا طور رکبيون آهن، آديسين لاءِ
اهي اڃ ۽ بک برابر آهن (هنن لاءِ براد يعني خوشي
يا فرحت اڃ بک ۾ آهي). اهي رند سد ائين روزن (اڃ
بک) ۾ آهن، ان ڪري هو عيد (جي طعامن) کي ويجهو وڃڻ
وارا ناهن.
11
گَندِي ۽ گِراهُ، جَنِ سَناسِينِ سانڍِيو
اُنِي کان اَللهُ، اَڃان اَڳاهُون ٿيو. [2526]
سمجهاڻي:
جن سناسين کي هر وقت (ويس وڳن ۽ لباسن) جو اونو ۽
فڪر آهي ۽ کاڌي پيتي جي ڳڻتي ڪن ٿا، تن کان الله
(حقيقت جي منزل) اڃان گهڻو اڳتي آهي (۽ هو اتي
پهچي نه سگهندا).
12
گولا جي گِراهَ جا، جُوٺا سي جوڳي
ڦِٽَلَ سي ڦوڳِي، جَنِي شِڪَمَ سانڍِئا. [2527]
سمجهاڻي:
اهي آديسي جيڪي طعامن ۽ لقمن جا غلام (شوقين) آهن
(جن جي کاڌي کان سواءِ سري نٿي سگهي) سي ڪوڙا جوڳي
آهن. اهي راهه کان بيراهه ۽ ڦوڳ مثل (ڪنهن ڪم ڪار
جا ناهن) آهن، جيڪي پيٽ جي پرورش ۾ مشغول رهن ٿا.
[روميءَ مثنويءَ ۾ اهڙن فقيرن لاءِ هينئن چيو اٿس:
فقر لقمه دارد او ني فقر حق،
پيش نقش مرده کم نه طبق.
(دفتر اول ب 2753)
معنيٰ: هوکاڌي جو فقير (پينو) آهي، هو حق تعاليٰ
جو فقير ناهي. اهڙي مردي جي تصوير آڏو کاڌي جو
ٿالهه ضايع نه ڪر.]
13
سَٻيرِيءَ سَيدُ چَئي جي ٿا پُڇَنِ اَنُ
تَنِ ڪاپِڙينِ نه ڪَنُ، جوڳي چائِينِ جاڙَ ٿا.
[2528]
سمجهاڻي:
سيد (عبداللطيف) ٿو چوي ته جيڪي جوڳي صبح جو سويل
ئي اٿي کائڻ پيئڻ جي فڪر ۾ لڳي وڃن ٿا، تن ڪاپڙين
وٽ اصل جوڳين وارو ڪَنُ (جيڪا سندن خاص سڃاڻپ آهي)
آهي ئي ڪونه! اهي پاڻ کي ٺلهو يا اجايو جوڳي ٿا
ڪوٺائين.
14
جِيئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي تِيئَن جي پُڇَنِ پَنڌُ
رِڙهِي لَڌائون رَندُ، لَٿِينِ لُکَ لَطِيفُ چَئي.
[2529]
سمجهاڻي:
هو جيتري ڳڻتي ۽ سوچ کائڻ پيئڻ يا پيٽ پوڄا بابت
ڪن ٿا، تيتري ڳڻتي اڳتي پنڌ ڪرڻ لاءِ ڪن ها ته
جيڪر هو اها واٽ ڳولي لهن ها (جيڪا کين منزل تي
پڄائي ها). عبداللطيف چئي ٿوته سندن اها پريشاني ۽
ڳڻتي به لهي پوي ها.
[هن بيت جي پس منظر ۾ روميءَ جو هي شعر ڏسو:
آن گدا گويد خدا از بهرنان
متقي گويد خدا از عين جان
(دفتر دوم ب 498)
معنيٰ: هو پينو فقير خدا جو نالو فقط ماني حاصل
ڪرڻ واسطي ٿو وٺي. پر خدا کان ڊڄندڙ درويش خدا جو
نانءُ دل سان وٺي ٿو.]
15
جِئَن ٿا پُڇَنِ اَنَ کي، تِئَن جي پُڇَنِ اَللهُ
ته رِڙهي لَڌائون راهَ، لَٿِينِ لُکَ لَطيفَ چئي.
[2530]
سمجهاڻي:
هو جيتري ڪوشش پنهنجي کاڌي پيتي جي باري ۾ ڪن ٿا،
اوتري جيڪڏهن هو پنهنجي ڌڻيءَ جي ڳولا ۾ ڪن ها ته
اها راهه کين ڪڏهن جو معلوم ٿي وڃي ها. عبداللطيف
چوي ٿو ته پوءِ سندن اها (کاڌي پيتي واري) پريشاني
۽ ڳڻتي به لهي پوي ها.
[مثنويءَ ۾ روميءَ پڻ چيو آهي:
الله الله مرزني از بهرنان،
بي طمع پيش آ، و الله را بخوان.
(دفتر دوم ب 499)
معنيٰ: تون رڳو مانيءَ خاطر الله جو نالو پيو
وٺين. لالچ کان سواءِ اڳتي وڌ ۽ الله جو مٺو نالو
بنا طمع وٺ.]
16
پِنَنِ جو پَٽُ کَڻِي، سو جي سُڃاڻَنِ
ته بَرَ ۾ بِيکَ لَهَنِ، پَهَرُ نه پُڇَنِ
ڪاپَڙِي. [2531]
سمجهاڻي:
اهي ڪاپڙي ڪشڪول کڻي (هر ڳوٺ ۽ واهڻ ۾) جيڪي ڪجهه
ٻين درن تي وڃي گهرن ٿا، ان باري ۾ جيڪڏهن کين
صحيح خبر پوي ها، (ته اصلي ڏيندڙ ڪير آهي) ته برپٽ
۽ويراني ۾ به هنن کي اهو دان ملي وڃي ها، تڏهن هو
ڪنهن ڳوٺ يا وسنديءَ ۾ پنڻ لاءِ رخ نه ڪن ها.
[روميءَ انهيءَ مفهوم کي هن طرح ادا ڪيو آهي:
گر بدانستي گدا از گفت خويش،
پيش چشم اونه کم ماندي نه پيش.
(دفتر دوم، ب- 500)
معنيٰ: جيڪڏهن هن پنڻ واري فقير کي پنهنجي گهرڻ
جي خبر هجي ها ته (ڪنهن کان گهري رهيو آهي ۽ ڪير
ڏيندڙ آهي) سندس آڏو ڪنهن شيءِ جي ڪمي بيشي نه هجي
ها.]
17
اَسُکُ جَنِ اَويرَ، سي سانجهِيءَ رَهَنِ سُمَهِي
لاهُوتِي لَطيفَ چَئي، آڌيءَ ڏينِ اُليرَ
اُٿئا لوڪُ سُتو پَسي، پئا سامِي مَٿي سيرَ
ڪيڏانہَ ڪَندا پيرَ، جُہُ مِڙوئي مَٿو ٿِيو.
[2532]
سمجهاڻي:
هنن لاءِ دير سان سمهڻ ڏک ڏيندڙ آهي، تنهنڪري هو
سوير سج لٿي ئي سمهي پون ٿا. عبداللطيف چوي ٿو اهي
لاهوتي اڌ رات جو ڦڙتيءَ سان اٿي جاڳي ويهن ٿا.
اهي سامي ٻين عام ماڻهن کي ستل ڏسي (هؤ مؤ ٽرڻ
بعد) پنهنجو (روحاني سفر) سير شروع ڪن ٿا. اهي
سامي (محويت جي ڪيفيت ۾) عين روح ۾ رهجي وڃن ٿا،
کين پيرن جي خبر ئي نٿي پوي ته ڪهڙي طرف آهن.
[هن سلسلي ۾ مثنويءَ جو هي شعر ڏسو:
پس بزرگان اين نه گفتند از گزاف،
جسم پاکان عين جان افتاد صاف.
(دفتر اول ب 2000)
معنيٰ: انهيءَ ڪري درويشن اها ڳالهه اجائي نه ڪئي
آهي ته انهن پاڪ انسانن جا جسم روح وانگر خالص يا
نج بنجي پون ٿا.]
18
وِچينءَ ويراڳِينِ جِي، مَٿي ڪَڻجَ ڪُوڪَ
ساڙي سِڪَ سَنها، ڪِئا مَحَبَتِي مَلُوڪَ
تَنِي سَندِي هُوڪَ، جيڪَرَ جوڳِياڻِي ٿِيان.
[2533]
سمجهاڻي:
اهي ويراڳي ٽپهريءَ جي وقت ڪاٺين جي دونهين دکائي
(باهڙي ٻاري) ويٺا (هڪ ٻئي کي) سڏ صلح ڪن ٿا. اهڙا
سدا سهڻا ملوڪ جوان سڪ ۾ سڙي سنها ٿي پيا (ته ڇا
ٿي پيو!). انهن جي هاڪ ۽ ساراهه ٻڌي منهنجي دل چوي
ٿي ته آءٌ هنن سان گڏ جوڳياڻي بنجي هلندي وتان.
[رومي وري هينئن چوي ٿو:
هين غدائي دل بده از همدلي،
رو بجو اقبال از مقبلي.
(دفتر اول، ب-726)
معنيٰ: هائو، ڪنهن دل واري کان خوراڪ وٺي پنهنجي
دل کي کاراءِ وڃ، ڪنهن نصيب واري کي تلاش ڪر ته
تنهنجو نصيب کلي!]
19
وِچينءَ ويراڳِينِ جِي، مَٿي دُونهِنِ دُوسَ
ساڙي سِڪَ سَنها ڪِئا، بيراڳِي بيهُوسَ
اِيءَ نانگَنِ جِي نامُوسَ، جِئن پَٽَ نه کَڻَنِ
پاڻَ سِين.
[2534]
سمجهاڻي:
اهي ويراڳي لڙي شام جي وقت دونهين جي پاسي ۾ اچي
تڙڀيڙ ڪن ٿا ۽ سوڙها ٿي هڪٻئي سان لڳي ويهن ٿا.
انهن ويراڳين کي اندر جي سڪ ساڙي سنهو ڪري ڇڏيو
آهي ۽ هو ٻئي ڪنهن جي بدخواهي ۽ گلا نٿا ڪن. اهي
نانگا پنهنجي نيڪناميءَ خاطر ڪڏهن به جمن يا پيالو
گڏ کڻي نٿا هلن. (اهي خيرات يا دان ڪونه گهرن يا
وٺن)
20
وِچِينءَ ويٺا هُونِ، سانجهِيءَ رَهَنِ سُمَهِي
آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، راوَلَ رَتو رُونِ
وِهاڻِيءَ واٽَنِ تي، پاسا کوڙيو پُونِ
مَهيسِي مُنہُ پانهِنجو، ڌاران ڌوڙِ نه ڌونِ
ڪِنہِ کي اِيئن نه چُونِ، ته اسين آديسِي آهِيُون.
[2535]
سمجهاڻي:
هو شام جو ٽپهريءَ جي وقت ويٺا رهن ٿا، پر سج لهڻ
سان سمهي پون ٿا. اهي سهڻن منهن مهانڊن وارا جوڳي
اڌ رات جو اٿي (پرينءَ کي پرچائڻ لاءِ) ويٺا ڳوڙها
ڳاڙين ۽ رات جي پوئين پهر وچ رستي تي ئي پاسا
کوڙيو پئجي رهن (ليٽي آرام ڪن). اهي وڏا آديسي ۽
جوڳي مٽيءَ سان مٽي ٿي هلندا وتن ۽ ڪڏهن به پنهنجو
منهن پاڻيءَ سان نه ڌوئن. (گويا هو پنهنجو منهن
ڌوڙ سان ڌوئيندا وتن). آخر ۾ ڪنهن کي ائين نه
ٻڌائين ته اسين آديسي فقير آهيون. (هو پنهنجي
سڃاڻپ ظاهر نه ڪن)
21
وِچِينءَ ويٺا رَهَنِ، سانجهِيءَ رَهَنِ سُمَهِي
بُکَ مَرَندي بکِيا، ڪِنہِ کان ڪِينَ گهُرَنِ
ڦَڪِي فقِيرَنِ، ماڳهان پِئِي ماٺِ جِي. [2536]
سمجهاڻي:
اهي فقير (منش انسان) سج لهڻ کان اڳ واري وقت ويٺا
رهن ٿا ۽ سج لهڻ سان گڏ سمهي پون ٿا. هو بک مرندي
(جڏهن وٽن کائڻ لاءِ ڪجهه نه هجي) به ڪڏهن ڪنهن
کان هٿ کڻي سوال نٿا ڪن. اهڙن فقيرن اصل کان ماٺ ۽
چپ ۾ رهڻ جي سُتي کائي ڇڏي آهي. (هو ڪڏهن به نٿا
ڪڇن، ڪجهه به نٿا ڳالهائن).
22
گُوندَرِ گُذارِئو ڪاپَڙِي، پَڌَرِ وِجهَنِ نه
پاڻِ
تَنِ آيَلِ آديسِينِ جِيءَ رُئان ڪاڻِ رِهاڻِ
هِتِ نه پَسجَنِ هاڻِ، وِئا ويراڳِي نِڪَري.
[2537]
سمجهاڻي:
اهي ڪاپڙي سدائين گوندرن ۾ پيا زندگي گذارين، پر
اها ڳالهه هو ڪنهن کي به ظاهر ڪري نٿا ٻڌائين. آءٌ
اهڙن آدرشي آديسين لاءِ پيئي سڪان ۽ رئان ته ڪڏهن
ساڻن رهاڻ ٿيندي. پر اهي آديسي ته هاڻي هتي ڪٿي
نٿا ڏسجن شايد اهي هتان هليا ويا.
23
نَه کِلَنِ نه کِينِ ڪِين، نه ڪِين ڳالهائِينِ
ڪِنہِ جنہِ ۾ آهِين، سا پَروڙَڻ ڏاکَڙو. [2538]
سمجهاڻي:
اهي سامي نه ڪڏهن کلن ٿا ۽ نه ڪجهه کائن ٿا ۽ نه
وري ڳالهائين ٿا (هو هميشه سانت ۾ آهن). هو ڪنهن
اهڙي ويچار ۾ آهن جنهن کي سمجهڻ ۽ صحيح ڪرڻ ڏاڍو
ڏکيو ڪم ٿو لڳي (هنن جي اها عجيب روش سمجهه ۾ نٿي
اچي).
[مثنويءَ ۾ درويشن لاءِ هڪ هنڌ هينئن چيو ويو آهي:
کار درويشي ورائي فهم تست،
سوئي درويشان تو منگر سست سست.
(دفتر اول ب 3352)
معنيٰ: درويشيءَ جي ڳالهه تنهنجي سمجهه کان مٿي
آهي، تون هنن کي جهڙي تهڙي نظر سان نه ڏس.]
24
تَنِ اَکين اُتا سُکَ، کِلَندي کَڻَنِ جي
پِرِينِ پاٻوهَڻَ سان، ڏورِ ڪِئا سَڀ ڏُکَ
ماڻُهنِ ليکي بُکَ، سامِي سُورَ سَنَها ڪِئا.
[2539]
سمجهاڻي:
(سائينءَ جا سنواريل) جڏهن کلي نيڻ کڻن ٿا ته
(سڪندڙن لاءِ) سک سهنج جا سلام مُنجن ٿا. اهڙا
پرين پنهنجي مُرڪڻ ۽ مشڪڻ سان سڀ دک درد دور ڪري
ڇڏين ٿا. عام ماڻهو سمجهن ٿا ته سامي بک ۽ کاڌي نه
کائڻ ڪري ظاهري طور ڪمزور ٿي ويا آهن، پر درحقيقت
اهي سور کائي کائي سنها سيپڪ ٿي ويا آهن. (اهي
پرينءَ جي مُرڪڻ ۽ مشڪڻ جي انتظار ۾ ائين ٿي ويا
آهن)
25
ڪِنہِ جِنہِ کيپَ خُمارِئا، ڀَنوَارِئا ڀُوڻَنِ
ڳالهيون ڳَهلي لوڪَ سِين پَڌَرِ پَئِي نه ڪَنِ
سونڪو سَناسِينِ، آهي پُورَبَ پَنڌَ جو. [2540]
سمجهاڻي:
اهي سناسي ڪنهن اهڙي نشي ۾ چُور ٿي ويا آهن جو
متوالا ٿي گهمندا پيا وتن. (ڇا به هجي) پر عام بي
سمجهه ماڻهن سان هو ڪڏهن به ڪا راز جي ڳالهه ظاهر
ڪونه ٿا ڪن يا ٻڌائن. هنن کي هميشه پورب جي پار
پهچڻ جو انتظار ۽ اوسيئڙو آهي. (هو اٺئي پهر ان
اصلي ماڳ ڏانهن موٽي وڃڻ جي فڪر ۾ آهن)
26
جوڳِيان سَندِي ذاتِ جِي ٻولِي ٻُجهارَتَ
ڏورَڻُ گهڻو ڏاکَڙو، هَلڻَ ۾ حَيرتَ
عَجَبُ عِبارتَ، پَہُ پَروڙَڻُ اُنِ جو. [2541]
سمجهاڻي:
اهي جوڳي جيڪي (عارف) آهن تن جي گفتگو يا ڳالهه
ٻولهه ڪنهن ڳجهارت کان گهٽ ناهي. (جيڪي هو ڳالهائن
ٿا ان جو مطلب سمجهڻ ڏکيو آهي). ائين هنن جو هلڻ
چلڻ ڳولڻ يا پيروي ڪرڻ سراسر حيرت (عارفن جو خاص
مقام) آهي. هنن جي خيال ۽ انداز بابت سوچ سمجهه
عجب ۾ وجهي ڇڏي ٿي يا حيران ڪري ڇڏي ٿي.
27
آديسِي آديسُ، هِئان ڪَري هَلِئا
ڪاپَڙِينِ قَلَبَ ۾، ڪِئو ڏوراڻو ڏيسُ
ويراڳِيڻون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمئا. [2542]
سمجهاڻي:
آديسي پنهنجي اڳواڻ کي جهڪي ۽ نوڙي سلام ڪري
موڪلائي توڪلائي روانا ٿي ويا. هنن ڪاپڙين پنهنجي
دل ۾ پري پرديس وڃڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي.
اهي شهزادا اڳواڻ فقيراڻو (چتين لڳل) لباس ڍڪي
رمندا ويا (ڪٿي ڪا پهر يا ڊاٻو ڪونه ڪيائون).
28
ويراڳِي وَاڳِي، ڏِينِ ڏِينهاڻِي ڏيلَ کي
راوَلَ رَتين مولهيين، سامِي سُهاڳِي
لَئُون جَهين لاڳِي، سو جوڳِي پَسان نه جِيَان.
[2543]
سمجهاڻي:
اهي (سچا) سامي هر وقت پنهنجي بدن کي جهلين پلين
ٿا (ضابطي ۾ رکن ٿا). اهي شهزادن وانگر ڳاڙهين
پڳڙين ۾ ڄڻ گهوٽ پيا لڳن. منهنجي جن جوڳين سان
پريت جي ريت آهي، سي جڏهن ڏسان ٿي ته جيئري ٿي
پوان ٿي (منهنجي دل ۾ تازگي اچي وڃي ٿي).
29
ويراڳِي واري، اَللهَ اَڱڻِ آڻيين
ڏُکَ لاهِيندا ڏيلَ جا، تُهَنِ جِئن تاري
اِيندَمِ اوتاري، کِينئَن جون ڏِيندَمِ خَبَرُون.
[2544]
سمجهاڻي:
او الله سائين، تون انهن ويراڳين ۽ سامين کي ڪنهن
ريت وري موٽائي هنن ماڳن تي آڻ، جيڪي (ڇڄ جي ڇنڊڪي
وانگر) منهنجا ڏک هڪ پاسي الڳ ڪري (تُهن جيان)
ٻاهر ڪيرائي ڇڏين. (منهنجي آس آهي) اهي ضرور
منهنجي اڱڻ تي ايندا ۽ اچي مون کي خير خوشيءَ جون
خبرون ۽ دلاسا ڏيندا.
وائي
ڪـــاپَـــڙِي ڪَـــنَچِــير،
وِئا ويــراڳــي نِــڪَــــرِي
دِلِ هَڻِي وِئا دَردِ سِين، ڦورُو هُئا فَقِيرَ
هَڻِي وِئا حِلمَ سِين، سِڱيون منجهه سَرِيرَ.
[2545]
سمجهاڻي:
اُهي ڪاپڙي جن جا ڪن چيريل هئا (منجهن والا پيل
هئا)، هتان نڪري هليا ويا. اُهي منهنجي دل کي درد
ئي درد ڏيئي ويا، اهي فقير نه هئا پر ڦورو هئا
(جيڪي منهنجو سک ۽ آرام ڦُري ويا). اُهي محبت ۽
صبر جي گڏيل چُٽڪيءَ سان سڱين جا واڄٽ هنيين ۾ هڻي
ويا. (منهنجو آرام ۽ سک ڦٽائي پاڻ هليا ويا)
داستان ڇهون
1
ڪَنَ- ڦَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ جي ڪَٽائِينِ
لاهُوتِي لَطيفُ چَئي، ماڳَ نه مَٽائِينِ
هُوءِ جي خودِيءَ کي کائِينِ، هَلو تڪيا پَسُون
تَنِ جا.
[2546]
سمجهاڻي:
اُهي ڪاپڙي جن جي ڪنن ۾ سوراخ آهن ۽ جن جا ڪن ڪٽيل
آهن، عبداللطيف چوي ٿو اهي لاهوتي ڪڏهن به پنهنجا
ماڳ يا تڪيا هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڪونه ٿا بدلائين.
هو هميشه پنهنجي خوديءَ (آپي ۽ پاڻپڻي) کي جلائي
ساڙي ناس ڪن ٿا. اچو ته هلي اهڙن جوڳين جا آسڻ
(ٽڪڻ ۽ ترسڻ جا ماڳ) ڀيٽي اچون. (انهن جي زيارت
ڪريون ۽ برڪت حاصل ڪريون)
[مثنويءَ ۾ خوديءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ هيئن چيل آهي:
پس خودي را سر ببر با ذوالفقار،
بيخودي شو فاني و درويش وار.
(دفتر ششم ب 1522)
معنيٰ: انهيءَ ڪري تون خوديءَ جو سر تلوار سان
ڪاٽي رک ۽ هڪ درويش وانگر بيخود ۽ فاني ٿي وڃ.]
2
ڪَنَ- ڦَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪاپَڙِي ڪَنوٽِيا ڪَنَ
ڪَٽَ
دُونهان جَنِ دُکائِيا، هَلِي مَٿي هَٽَ
خاڪَ جَنِي جي کٽَ، هَلو تَڪيا پَسُون تَنِ جا.
[2547]
سمجهاڻي:
اُهي ڪاپڙي جن جي ڪنن ۾ ٽنگڙا آهن ۽ منجهن والا
پيل آهن ۽ جيڪي ڪن ٽوپائين يا چيرائين ٿا، جيڪي هڪ
خاص مقرر هنڌ ’هٽ‘ تي پهچي دونهيون دکائن ٿا. جن
جي ويهڻ ۽ ليٽڻ لاءِ کٽ مٽي ۽ خاڪ آهي، اچو ته
انهن ڪاپڙين جا اهي (برڪت وارا) آستان هلي ڏسون.
3
ڪَنَ- ڦَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، لُنگَ لانگوٽِيا لالَ
لاهُوتِي لَطيفُ چَئي، ڪَنہ نه موهِيا مالَ
هِهَڙا جَنِي حالَ، هَلو تَڪيا پَسُون تَنِ جا.
[2548]
سمجهاڻي:
اُهي ڪن ڦاڙ جوڳي جن جا لانگوٽا ٻڌل آهن يا لنگ
نڪتل آهن، اهي لاهوتي منزل ماڻي آيا آهن. هنن کي
(رستي ۾) مال ۽ پئسي جي ڪا لالچ پنهنجي راهه تان
هٽائي نه سگهي. جيڪي ڪاپڙي انهيءَ حال ۾ گذارين
ٿا، اچو ته هلي انهن جا ماڳ ۽ هنڌ پنهنجي اکين سان
ڏسي اچون. (من اسان تي به ڪا مهرباني ڪن)
4
ڪَنَ- ڦَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنوٽِيا ڪَنَ ڍارَ
هَلَنِ هُو هنگلاچَ ڏي، بابُو ڇَڏي بارَ
جي ڪِينَ قَبُولڻهَارَ، هَلو تَڪيا پَسُون تَنِ
جا.
[2549]
سمجهاڻي:
اُهي ڪن ڦاڙ جوڳي ئي آهن، جن جا ڪن والن ۽ پاپڙن
جي ڪري هيٺ تي لڙيل آهن ۽ جيڪي هنگلاج ياترا خاطر
(دنيا جا) سڀ ساز سامان لڳ لاڳاپا ڇڏي نڪري پون
ٿا. هو سدائين نانهه ۽ نيستيءَ کي قبول ڪرڻ وارا
آهن، هلو ته هلي اهڙن ڪاپڙين جا اهي آستان ڏسون.
5
ڪَنَ- ڦَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنوٽيا ڪَنَ- چِيرَ
سَدا ويهَنِ سامُها، عاشِقَ اُتَرَ هِيرَ
تَسَا ڏيئِي تَنِ کي، ساڙِيائون سَرِيرَ
هُوءِ جي فَنا ٿِئا فَقِيرَ، هَلو تَڪيا پَسُون تن
جا.
[2550]
سمجهاڻي:
اُهي ڪن ڦاڙ جوڳي چيريل ڪنن (جي سڃاڻپ) سان هلندا
وتن ۽ عاشق بنجي سدائين اتر جي لڳندڙ تيز ٿڌي هوا
جي سامهون ويٺا آهن. هنن ئي پنهنجن جسمن کي پياسو
رکي اندر کي فنا ڪري ڇڏيوآهي. اهڙا فقير جيڪي
(واقعي) فنا في الله آهن، اچو ته هلي انهن جي ويهڻ
وارين (برڪت ڀرين) جاين جي زيارت ڪري اچون.
6
ڪَنَ- ڦَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڳَلَ- ڦَٽَ ڳاڙِهِيءَ
رُوءِ
پَنڌُ جَنِي جو پُورَبَ ڏي مُشڪِ کَٿُورِي بُوءِ
هَنڌَ جَنِي جا هُوءِ، ڪِينهِين ڪالهه کَڻِي وِئا.
[2551]
سمجهاڻي:
اُهي ڪن ڦاڙ ڪاپڙي آهن جن جي ڳلن تي به چير يا
جهير آيل آهن ۽ سندن چهرا بڀوت مٽيءَ ۽ سينڌر مَلڻ
ڪري ڳاڙها لال آهن. هنن جو پورب وارو پنڌ مشڪ
کٿوريءَ جي واس وارو آهي. جن جا ٽڪڻ وارا هنڌ ڄاتل
سڃاتل آهن، سي پاڻ سان هتان ڪجهه به نه کڻي ويا.
7
ڪَنَ- ڦَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي جَنِ ڇَڏِيون ڄاڻِي
ڄَٽائُون
خُودي کانيائون، هَلو ته تَڪيا پَسُون تَنِ جا.
[2552]
سمجهاڻي:
اُهي ڪن ڦاڙ ڪاپڙي آهن جن جي مٿي جا وار ڊگها ۽
ميرا، ليڙون ليڙون يعني چڳون ٿي پيا لڙڪن. انهن
پنهنجي خوديءَ کي ساڙي جلائي فنا ڪري ڇڏيو آهي.
هلو ته هلي انهن جا آسڻ ۽ تڪيا ڏسي اچون.
8
سَدائينِ سفر ۾ رَمَنِ مٿي راهَ
جَنِ جي اَلَکَ سِين آگاهَ، هَلو تَڪيا پَسون تن
جا.
[2553]
سمجهاڻي:
اُهي (ڪاپڙي ۽ سامي) سدائين سفر ۾ پيا هلندا وتن
(ڪڏهن به ڪٿي ويهي گهر ٺاهي ڪونه رهن). اهي ئي ته
آهن جيڪي الک (خدا جي ذات) سان واقف (ڄاڻو سڃاڻو)
آهن. هلو ته انهن جا اهي هنڌ ۽ مڪان هلي ڏسون.
9
ڪِنہِ جِنہِ سَناسِي سُورَ ۾ جئن وَتَنِ ٿا
وَهلورَ
ٻاهَرِ ٻولِي ٻِي پَرين، گهَٽَ ۾ گهايَلَ گهُورَ
چِتَ جَنِي جا چُورَ، هَلو تَڪيا پَسُون تَنِ جا.
[2554]
سمجهاڻي:
اُهي سناسي ڪنهن وڏي سور ۾ آهن جو ماڻهن کان پري
ڀڄندا پيا وڃن (کين گهڙيءَ کن لاءِ به ٽڪاءُ يا
آرام ڪونهي). هو ٻاهر يا ظاهري طور ٻيون ڳالهيون
پيا ڪن، پر اندر ۾ گهايل ۽ زخمي آهن. جن جي مَن جي
ميس ماريل آهي، هلو ته انهن جا آستان ۽ مڪان ڏسي
اچون.
10
ڪِنہِ جِنہِ سَناسِي سَورَ ۾ وَهلُورِئَا وَتَنِ
اَٺَئِي پَهَرَ اَلَکَ جو ڪو وَڍُ ويراڳِينِ
سَدائِين صاحِبَ ڀَر ٿا ڪاپَڙِي ڪَنبَنِ
جي راتو ڏِينہَ رَمَنِ، هَلو تَڪيا پَسُون تَنِ
جا. [2555]
سمجهاڻي:
اُهي سناسي ڪنهن ڏاڍي سور ۾ مبتلا آهن جو ماڻهن
کان پري ڀڄندا پيا وڃن. هنن ويراڳين کي اندر ۾ بي
انت ذات جي وڇوڙي جو وڍ پيل آهي. تڏهن ته هو هر
وقت انهيءَ مالڪ کان پيا ڊڄن ۽ خوف کائن. هو رات
ڏينهن هلندا وتن ۽ ڪٿي ويهي آرام نه ڪن، اچو ته
سندن اهي (مبارڪ) ماڳ هلي پنهنجي اکين سان ڏسون.
11
جوڳِي جَڳَ نه وَڳِ، جَڳُ نه ڏِٺو جوڳيين
آديسِي عالَمَ کان، لاهي چُرِئا لَڳِ
سامِي ٿِئا سُرَڳِ، هَلو تَڪيا پَسُون تَنِ جا.
[2556]
سمجهاڻي:
اُهي جوڳي عام جڳ وارن سان هلڻ وارا ناهن. هنن
هيءُ جڳ جيڪوڪلجڳ آهي، تنهن ڏي نهاريو ئي ڪونهي
(سچا جوڳي سدائين ست- جڳ ۾ آهن). هو هن دنيا کان
لڳ لاڳاپا لاهي هليا يا ٽوڙي هليا. اهي سامي نيٺ
وڃي سلامتيءَ واري ماڳ تي رسيا. هلو ته سندن (برڪت
ڀريا) هنڌ هلي پنهنجي اکين سان ڏسي اچون.
12
تَڪيا پَسُون تَنِ جا هَلِي منجهان حالَ
ڪوڙين ڪَنوٽينِ جا ڀينَرُ ڀانيان ڀالَ
سامِينِ جي سَنڀالَ، منهنجو چِتُ چَڱو ڪيو. [2557]
سمجهاڻي:
اچو ته هلي اهي هنڌ ۽ مڪان ڏسون جتي فقير الاهي
نشي ۾ مخمور رهن ٿا (مٿن بيخوديءَ وارو حال ڇانيل آهي). اي اديون، مان انهن ڪن ڦٽ
ڪاپڙين جي ٿورائتي آهيان. انهن جي يادگيري ئي آهي
جيڪا منهنجي جڏي جيءَ کي جياري ۽ چڱو ڀلو ڪري ٿي.
13
تَڪِيا تاڪيائون، وِئا رَمَندا رامَ ڏي
کِجان خَبَرَ نه لَهان، تَنِ آديسِينِ آئون
ڪَنهِن کُوڻِ کَنيائون، ڪاڏي وِئا ڪاپَڙِي. [2558]
سمجهاڻي:
هنن آديسين تاڙيون تاڪ ڏيئي آسڻ پوري ڇڏيا (بند
ڪيا) ۽ ٻاهر نڪري رام (ڌڻيءَ) جي ڳولا ۾ روانا
ٿيا. مان هنن لاءِ گهڻو پيئي سوچان ۽ خفي ٿيان پر
هنن جي ڪا خبر يا پتو کُرو ڪونه ٿو پوي. ڪا سُڌ
نٿي پوي ته اهي ڪاپڙي ڪهڙيءَ ڪنڊ يا ڪهڙي رخ تي
هليا ويا.
14
کَڻي کِدائون هَليا، جوڳي جيڏاهِين
آءٌ پُڻ اوڏاهِين، تَنَ کي تَندو پائِيان. [2559]
سمجهاڻي:
اُهي جوڳي پنهنجيون وڇائڻ واريون ٽپڙيون ۽
اڌوراڻيون رليون ويڙهي کڻي هليا ويا. مان هنن جي
پويان وڃڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي پڪي وٽيل سڳي سان
ٻڌي گهلبي پيئي وڃان.
15
نه گِندا، نَه گَبَري، نه لانگوٽِي، نه لينگَ
ڀُنگَا جَنِي ڀِينگَ، صاحِبُ تَنِي سامُهُون.
[2560]
سمجهاڻي:
هنن جوڳين وٽ (هيٺ وڇاڻي لاءِ) نه رلي آهي ۽ نه
گودڙي (بغل ۾ وجهڻ واري ڳوٿري) آهي. هنن وٽ وڏي
لانگوٽي ته ٺهيو پر ڪپڙي جي سوڙهي پٽي (جنهن سان
صرف اوگهڙ ڍڪجي) به ڪانهي. هنن جا آسڻ صفا خالي
(ڀڙڀانگ) آهن (جن ۾ ڪجهه ڪونهي). بيشڪ سچو ڌڻي ۽
مالڪ اهڙن بي ثمرن بيراڳين کي ئي نظر اچي ٿو (اهي
ئي سندس مشاهدو ماڻن ٿا).
16
نَه گِندا، نَه گَبَري، نه لانگوٽِيءَ ليڙَ
جيڏانہَ ڪَرِينِ ڀِيڙَ، تيڏانہَ صاحبُ سامُهُون.
[2561]
سمجهاڻي:
هنن آديسين وٽ نه وڇاڻي واري ٽپڙي آهي ۽ نه بغل ۾
وجهڻ واري ڳوٿري. هنن جي بدن تي لانگوٽيءَ جي ليڙ
(ڪپڙي جو سنهو ڊگهو ٽڪر) به ڪونهي. پر (مٿن مالڪ
جي ڪا خاص مهرباني آهي جو) اهي جنهن طرف هلڻ جي
تڙڀيڙ يا تڪڙ ۽ تک ڏيکارين ٿا، ته اوڏانهن هو مالڪ
کي سامهون پيا ڏسن.
[رومي هنن عارفن جي اهڙي ڪيفيت جي نشاندهي هن ريت
ڪري ٿو:
صد نشان دارند محو مطلق اند،
چه نشان، بل عين ديدار حق اند.
(دفتر اول، ب- 3480)
معنيٰ: هو ذات حق ۾ بلڪل فنا ٿيڻ جا ڪيترا نشان
رکن ٿا. نشانن جي ڪهڙي ڳالهه ڪبي؟ هو پاڻ ذات
الاهيءَ جو ديدار آهن!]
17
نَه گِندا، نَه گَبَرِي، نَه لانگوٽِيءَ لِکَ
جيڏانہ کَڻَنِ وِکَ، تيڏانہ صاحِبُ سامُهُون.
[2562]
سمجهاڻي:
هنن وٽ ڪو وڇاڻو ڪونهي ۽ نه وٽن گودڙي آهي (جنهن ۾
ڪا کائڻ جي شيءِ هجي) ۽ نه وري لانگوٽيءَ جي ڪپڙي
جو ٽڪر ئي اَٿن (صفا نانگا آهن). پر (هنن جا ڀاڳ
ڏسو) جيڏانهن قدم ٿا کڻن ته دوست جو ديدار ٿا ڪن.
18
نَه گِندا، نَه گَبَرِي، نَه ڪَڇين ڪاڇوٽِي
سامين ٻارِي سُڃ ۾ بابُنِ باهوٽِي
جوڳِي جَبَرُوتِي، وَڄائي واٽَ ٿِيا. [2563]
سمجهاڻي:
هنن وٽ وڇاڻي خاطر رليءَ جو ٽڪر به ڪونهي ۽ نه وري
وٽن ڪا گودڙي ئي آهي. هنن وٽ ڪڇ يا بغل ۾ کڻڻ واري
بغلي به ڪونهي. هنن سامين بلڪل سڃ ۽ برپٽ بيابان ۾
وڃي باهڙي دکائي آهي. اهي جبروت جي منزل ماڻڻ وارا
جوڳي سڱڙين جا آواز ڪڍي اڳتي هلندا ويا.
19
هُوءِ جي ٿِئا هَرڪيسِ، تَنِ لَڳي ڪِينَ لباسَ
سِين
وَتَنِ وِلهي ويسِ، لاهُوتِي لَطيفُ چَئي. [2564]
سمجهاڻي:
اُهي جوڳي هر رنگ ۾ رتل آهن (مٿن مالڪ جو رنگ
چڙهيل آهي. هنن جي دل ڪنهن پوشاڪ ۽ پهراڻ سان هرگز
ڪانهي. هو فقيراڻي ويس سان گهمن ۽ هلن پيا.
عبداللطيف چوي ٿو ته اهي لاهوتي سچ جا طالب آهن
(تن جي ٻاهرئين ڪوڙي ڏيک ويک سان پوي ئي ڪانه!)
20
ڀِنِيءَ ڀَڙڳَ ڪَنِ، باهِيُون بيراڳِيَنِ جِيون
هَلو ته سيڪيُون هَٿَڙا، مَٿي تَنِ مَچَنِ
مُلا سَناسِينِ، مون جَڙَ لَڳِي جانِ ۾. [2565]
سمجهاڻي:
هنن سناسين جون دکايل باهيون وهاڻيءَ رات جو به
ڀڙڪا پيون ڏين (تيز ٻرن). هلو ته سندن باهه جي ان
ٻاريل مچ تي هلي پنهنجا هٿ گرم ڪريون (هنن وٽ ويهي
روحاني فيض حاصل ڪريون). مون کي اهڙن سناسين جي
محبت ئي ته مست ڪيو آهي. (پنهنجي قرب ۾ قابو ڪيو
آهي)
21
پَرِيندَهِين پيرِ ٿِئا، ڇڏي گنجو گامُ
ويهِي ڪئو نه وِچَ ۾، تَنِ آديسِين آرامُ
گُروءَ سَندي گَس ۾، ڪِئائون تَنُ تمامُ
رَههَ ۾ گڏيُنِ رامُ، ڪَسان ڇُٽا ڪاپَڙِي. [2566]
سمجهاڻي:
اُهي آديسي شروع کان ئي يا اٿندي ئي پرينءَ جي
پيچري تي آهن، جڏهن کان هنن گنجي جي ماڳ کان منزل
کنئي آهي ته واٽ ۾ ڪٿي ترسي هنن ٿڪ نه پٽيو آهي.
بلڪ هنن گروءَ (روحاني رهبر) ڏانهن هلندي رستي ۾
پنهنجا جسم جهوري (فنا) ڪري ڇڏيا آهن. اهو ئي سبب
آهي جو رام (ڌڻيءَ) مٿن راهه ۾ پاڻ مهرباني ڪئي
(هو ان سان ملاقي ٿئا) ۽ هو وڌيڪ پنڌ جي تڪليف ۽
ڪشالن کان ڇٽي پيا.
22
رينگڙِيَارَا رَمِيَا، لوٺِيَسِ لانگوٽِينِ
مُنهنجو جِيءُ جَلائِيو اَندَرِ آديسِينِ
لانجهِيُون لاهوُتِينِ، چوري ڏِنيون چِتَ کي.
[2567]
سمجهاڻي:
اُهي آديسي جن جي بدن تي لانگوٽيءَ جون فقط ڪي
ٿوريون ليڙون يا ريڙون وڃي بچيون آهن، اهڙن
لانگوٽيءَ وارن مون کي جلائي (ڀسم ڪري) ڇڏيو آهي.
هنن منهنجي اندر ۾ آگ لڳائي دل کي ساڙي ڦوڪي ڇڏيو
آهي. انهن لاهوتين (وڏيءَ منزل وارن) ئي ته منهنجي
من کي ماندو ۽ بيحال ڪري وڌو آهي.
23
چيلههِ چَڪَرِ، ڳَلِ سِڱِيُون، مَٿَنِ مُگهَٽَ
موڙَ
جوڳِي اِهڙيءَ جوڙَ، مُون ويسَرِيءَ وِڃائيا.
[2568]
سمجهاڻي:
اُهي جوڳي (جن جو سينگار) چيلهه کي چمڙي جي واڍ يا
رسي جا وڪڙ ڏيڻ ۽ ڳلن جي پاسن کان ڪلهن تان وڄائڻ
واريون سڱيون کڻي هلڻ آهي ۽ جن جي مٿي جا وار سخت
چڳون بنجي سندن منهن تي موڙن وانگر پيا لٽڪن.
(هاءِ افسوس) مون اهڙي سينگار وارا جوڳي پنهنجي
غفلت سبب گنوائي ڇڏيا.
24
پَٽَ ڇَڏِيائُون پَٽَ ۾، ڏَنڊَ ڇَڏيائون ڏورِ
مَهيسِي مَعمُورِ، وَڃي ڪالَهه ڪُلُ ٿئا. [2569]
سمجهاڻي:
هنن پنهنجا (کاڌي توڻي پاڻي پيڻ وارا) پيالا ۽ جمن
ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ ڏنڊا (ٿلهي لٺ جا هٿ ڏيڍ ڊگها
ٽڪرا) به پاڻ سان نه کنيائون. اهي وڏا جوڳي معرفت
ماڻي، ’جز‘ مان ڦري ’ڪل‘ ٿئا (الک سان هڪ ٿئا).
25
پَٽَ ڇَڏيائون پَٽَ ۾، ڏَنڊَ ڇڏيائون ڏِسُ
اَلائِشان اڳي ٿِئا، موٽِي ٿِينِ نه مِسُ
هيءُ ڇڏيائون حِسُ، وَڃي ڪالَهه ڪُلَ ٿِئا. [2570]
سمجهاڻي:
هنن پنهنجا پيالا توڻي جمن ۽ ڏنڊا مطلب ته سڀ ڪجهه
رستي ۾ ڦِٽا ڪري ڇڏيا. هنن پاڻ کي هر قسم جي
پليتيءَ ۽ ناپاڪائيءَ کان الڳ ڪري ڇڏيو (دنيا جي
لڳ لاڳاپن کي ڇڏي هو سراسر سون ٿي پيا). هنن جو
وري پوئتي موٽي ٽامي (ميل ملاوت واري حالت) ٿيڻ جو
سوال پيدا نٿو ٿئي هنن هن دنيا جا محسوسات هتي ڇڏي
ڏنا ۽ پاڻ کي ڪل جي حوالي ڪيائون. (ڪل سان گڏجي ڪل
ٿيا)
[مثنوي روميءَ ۾ مرشد کي ڪيميا ۽ مريد کي ٽامي سان
ڪيترا ڀيرا تشبيهه ڏني ويئي آهي. ٽامو ڪيميا سان
لڳڻ ڪري سون بنجي پوندو آهي.
مس اگر از کيميا قابل نه بُد،
کيميا از مس هرگز مس نه شد.
(دفتر دوم، ب- 3444)
معنيٰ: جيڪڏهن ٽامو ڪيميا جي لائق نه هو ته سون
بنجي پر ان ڪري ڪيميا ٽامي سان لڳڻ جي ڪري ٽامو
ڪانه ٿيندي. مطلب ڪيميا ڪيميا رهندي.]
26
ڪَشي ڪاڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي نِيہَ جِي
سُکُ نه سُتا ڪَڏهِين، لاهي لانگوٽِي
جِهَڙا آيا جَڳَ ۾، تِهَڙا وِئا موٽِي
تَنِي جِي چوٽِي، پُوربِ ٿِيندِي پَڌَرِي. [2571]
سمجهاڻي:
هنن نانگن فقيرن (دنيا ۾ اچڻ وقت) محبت ۽ عشق جي
لانگوٽي ڇڪي ٻڌي. هنن پوءِ اها لانگوٽي کولي ڪڏهن
سک ۽ آرام نه ڪيو. هو جنهن (پاڪ صاف) حالت ۾ هِن
دنيا ۾ آيا هئا، تيئن ساڳيءَ حالت ۾ (هُن جهان
ڏانهن) واپس موٽي ويا. اهڙن نانگن فقيرن جي عزت
(مٿي جي وڌيل چوٽيءَ مان) تڏهن ٿيندي جڏهن هو پورب
جي پار (اصلي منزل تي) پهچندا (اتي ئي سندن
استقبال ٿيندو).
[هن بيت جي پس منظر ۾ مثنويءَ جا هيٺيان شعر خاص
طور قابل ذڪر آهن، جيڪي شاهه لطيف جي سوانح موجب
هن پهريائين شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي مقبري
جي تعمير ڪرائڻ وقت مٿي مهاڙيءَ ۾ ڪاشيءَ تي
لکرائي هڻايا. اهي ساڳيا شعر شاهه لطيف جي وفات
کان بعد سندس روضي جي مهاڙيءَ تي مٿي ڪاشيءَ تي
لکيل محفوظ ۽ موجود آهن:
اوليا اطفال حقند اي پسر،
غايس و حاضر عيبي با خبر.
غايس منديش از تعصانشان،
کوکشه کن از برائي جانشان.
گفت اطفال مند داين اوليا،
در غريبي فردان کار وکيا.
پشت دار جمله عضمهائي من،
گوئي هسته خود اجزاي من.
هان وهان اين دلق پوشان مذاند،
صد هزار انور هزار ويک تن اند.
(دفتر سوم، ب- 79 کان 84)
معنيٰ: اولياء الله جا سندس پاليل ۽ نپايل آهن ۽
هر سندس حاضري ۽ غير حاضريءَ کان باخبر آهي. هنن
جي غير حاضري نقصان واري نه سمهه،ڇو ته هو پاڻ
سندس ساهه جي خبر رکي ٿو، جيئن هو پاڻ فرمائي ٿو.
اهي اوليا منهنجا نپايل آهن ۽ دنيا جي ڪمن ڪارين
کان وانجهيل آهن. هو آزمائش جي ڪري خوار ۽ انگ هر
وقت اگهاڙا آهن، پر مان سندس مددگار ۽ ساٿي آهيان.
هنن جي پرهيزگاريءَ ۾ ضامن آهيان. مون تي ڀروسو ڪن
ٿا ڄڻ ته هو منهنجا جزا آهن. خبردار، اهي سڀ گودڙي
پوش منهنجا پنهنجا اٿو، جيڪي هزارن ۾ آهن، پر سڀ
هڪ جان آهن.]
وائي
شالَ سي اوڏَڙا آهِنِ،
پَلَڪُ پِريان ري نه رَهان
اُپَڙِي نِتِ نِهارِيان تَنِ واٽُون ويراڳِينِ
اُتَرُ اَجهو جَنِ جو، بُکَ بِکيا تَنِ
نَڪِين هيٺ نه بيٺِ ڪِين، کِدا تان نه کَڻَنِ
لوڪَ سُتي ئِي ڇڏيا آسَڻَ آديسِينِ
اَگَرُ چَندَنُ اُڀري، منجهان دُودَ دُنهِينِ
پَسِي آئون پُرِ ٿِي، تَنِ صُورَتَ سَناسِينِ.
[2572]
سمجهاڻي:
شال اهي مون کي ويجها هجن (جو کين ڏسي سگهان). مان
هنن کان سواءِ هڪ گهڙي به گذاري نٿي سگهان. مان هر
هر پنهنجن پٻن تي بيهي هنن ويراڳين جون واٽون پيئي
نهاريان، جن جي لاءِ اتر جي سير وارو ٿڌو واءُ
اولو ۽ پناهه آهي ۽ بُک جن جي بکيا (مرتبو ۽ شان)
آهي. (هو سوال ڪري بک ٿا گهرن) هنن کي بدن تي هيٺ
(اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ) وڏي گوڏ يا ڊگهي لانگوٽي نه آهي
۽ نڪي چيلهه سان ڪجهه ٻڌل اٿن. انهن آديسين، جڏهن
لوڪ اڃان ننڊ ۾ هو ته پنهنجا آسڻ ڇڏي پنڌ پيا. هنن
جي دکايل دونهين مان اگر ۽ چندن جي خوشبوءِ مٿي
پيئي نڪري. آءٌ اهڙن سناسين جي (سهڻي) صورت ڏسي
مخمور ٿي ويئي آهيان.
[مثنوي روميءَ ۾ درويشن جي بک جي باري ۾ گهڻو ڪجهه
چيو ويو آهي. اهڙن ئي درويشن جي باري ۾ رومي چوي
ٿو:
پّرو مالا مال از نور حق ست،
جام تن بشکست و نور مطلق ست.
(دفتر سوم، ب- 3410)
معنيٰ: اهو درويش خدا جي نور سان ٽمٽار آهي. هن
جو جسم فاني ٿي چڪو آهي تنهن ڪري هو پاڻ نور ئي
نور ٿي پيو آهي.]
داستان ستون
1
رَهيا اَٿَئِي راتِ، صُبُح وِيندَءِ صابِرِي
لَئُون لَئُون مَنجِهه لَطِيفُ چئي ڪَرِ تَنِي جي
تاتِ
سَندِي جوڳيان ذاتِ، ٻِئي ڀيري ڀاڳِ مِڙي. [2573]
سمجهاڻي:
اُهي جوڳي تو وٽ رڳو اها هڪڙي رات (الائجي ڪيئن)
رهيا آهن، صبح جو سويل تو وٽان اهي صبر ۽ سانت
وارا جوڳي روانا ٿي ويندا(هو ترسڻ وارا ناهن). تون
پنهنجي رڳ رڳ ۾ (جيترو ٿي سگهي) هنن کي ياد ڪر (دل
۾ ياد ڪر). عبداللطيف چوي ٿو جوڳين جي اها ذات
(قسم) اهڙي ناياب ۽ اڻ لڀ آهي جو ٻئي ڀيري ڪن نصيب
وارن سان هنن جي ملاقات ٿئي!
2
اَڱڻِ آهِنِ اَڄُ، صُبُحِ وِيندَءِ صابِري
ڪِجِ ڪو ڪاپَڙِينِ مان رُوحَ رُچَندو رَڄُ
پير اُنِي جا پَڄُ، مَتان سِڪين سَناسِينِ کي.
[2574]
سمجهاڻي:
اُهي صابرين (وڏي صبر وارا) سناسي اڄ تنهنجي اڱڻ
تي موجود آهن (موقعو غنيمت سمجهه) ڇو ته اهي صبح
جو سويل تو وٽان نڪري هليا ويندا. جيستائين اهي تو
وٽ آهن (جيتري دير آهن)، تيستائين تون وٽانئن روح
جي غذا حاصل ڪري ڍئو ڪر. تون نوڙي انهن جي قدمبوسي
ڪر، متان ائين نه ٿئي جو پوءِ هنن لاءِ سڪندين
وتين.
[اهڙن اوليائن سان ملاقات جي هدايت ڪندي رومي چوي
ٿو:
دست زن در ذيل صاحب دولتي،
تاز انعامش بيابي رفعتي.
(دفتر پنجم، ب- 3334)
معنيٰ: تون ولايت جي صاحب جي پيرين پوءَ ته جيئن
تو مٿان انعام و اڪرام ٿين.]
3
تان ڪِين ساڻُنِ اورِ، جان آهِنِ اوطاقُنِ ۾
ڏَههَ ڏَهَه ڀيرا ڏِينہَ ۾، پاڻُ مَٿائِنِ گهورِ
وِئا جي هِنگلورِ، ته ڪَرَمين مِلَندءِ ڪاپَڙِي.
[2575]
سمجهاڻي:
جيستائين هو پنهنجن آستانن ۾ ترسيل آهن تيستائين
تون سندن صحبت (جو شغل) اختيار ڪر. تون ڏينهن ۾
هنن مٿان ڏهه دفعا پاڻ کي قربان ڪر (ته اها پڻ گهٽ
قرباني آهي). جيڪڏهن اهي ڪاپڙي هڪ دفعو هنگلاج جي
ياترا لاءِ روانا ٿي ويا ته پوءِ وري قسمت سان اهي
توکي ٻيهر ملندا (انهن جو ٻيهر ملڻ مشڪل آهي).
4
تان ڪِين وَٽِنِ وِيههُ، جان آهِنِ اوطاقُنِ ۾
سامِي سَفَرِ هَلِيَا، ڏُورِ چِتائي ڏيههُ
ڇَڏي سُکَ ساڻيههُ، مَٿي گنگا گَجِئا. [2576]
سمجهاڻي:
تون هنن وٽ ايستائين وڃي ويهه (هنن جي حاضريءَ ۾
رهي فيض حاصل ڪر) جيستائين اهي پنهنجن ماڳن تي
آهن. اهي سامي گهڻو پري پرديس وڃڻ جي تياري ڪري
چڪا آهن. (توکي خبر آهي) هو پنهنجا سڀ سک ۽ آرام
ڦٽائي گنگا جي ياترا لاءِ هل هنگامو ڪري (دنبها
هڻي) نڪتا آهن.
5
تان ڪِين وَٽِنِ وَڃُ، جان آهِنِ اوطاقُنِ ۾
سامِي سَفَرِ هَلِيا، راهَ چِتائي رُڃ
اِهَڙو جَنِ اَهُڃُ، سي ڪَرَمِين مِلندا ڪاپَڙِي.
[2577]
سمجهاڻي:
تون هنن وٽ (ضرور ۽ بلا ناغي) وڃ، جيستائين هو
پنهنجين رهڻ وارين جاين ۾ موجود آهن. اهي سامي رڃ
واري (تمام ڏکي ۽ ڊگهي) راهه وٺي وڃڻ وارا آهن.
اهڙن اهڃاڻن ۽ نشانن وارا جوڳي ٻيهر ڪنهن ڀاڳ سڀاڳ
واري کي ئي ملندا.
6
تان ڪِين وَٽِنِ آ، جان آهِنِ اوطاقُنِ ۾
وِئو تَنِ نه وِسَري لاهُوتيڪو لا
فَنا ۽ فِراقَ جو سامِينِ چکئو سا (ءَ)
وٽان تو وِيندا، ڪاپَڙِي ڪابُولَ ڏي. [2578]
سمجهاڻي:
تون هنن وٽ ايستائين ايندو رهه (حاضري ڀر)
جيستائين هو اتي ٽڪيل آهن. هنن سامين کان ڪڏهن به
لاهوت واري ’نفي‘ يعني ’لا‘ واري ڳالهه نه وسري
آهي. هنن سامين سدائين فراق ۽ فنا جو مزو پيئي
چکيو آهي. ياد رک اهي (سچا) جوڳي تو وٽان ڪنهن به
مهل ڪابل جي ڏورانهين سفر تي روانا ٿي ويندا.
7
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾ جاڳَرُ جوڳِينِ جو
ساري سَناسِين کي رُوندِين تان رو
پَسُ پاڙِئان تو، لاهوُتِي لَڏي وِئا. [2579]
سمجهاڻي:
اڄ هنن جوڳين جا آستان رات وچ ۾ جاڳندي ڳالهائڻ ۽
غوغاءَ کان خالي پيا محسوس ٿين. انهن جي وڃڻ کان
پوءِ (هو رات وچ ۾ اسهي ويا) هاڻي جيڪڏهن تون کين
ياد ڪري ٿي روئين ته ڀلي ويٺي روءَ. اُٿي ڏس (ڀلي
پڪ ڪر) تنهنجي پاڙي مان اهي لاهوتي انسان ڪڏهن جو
لڏي ويا آهن.
8
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾ طالِبَ تَوارِينِ
آديسِي اُٿِي وِئا مَڙهيون مون مارِينِ
هُوءِ جي جِيءَ کي جِيارِينِ، سي لاهُوتِي لَڏي
وِئا.
[2580]
سمجهاڻي:
اڄ انهن آستانن (حجرن) ۾ خدا جي طالبن جو ڪو آواز
يا پڙلاءُ ڪونه ٿو ٻڌجي. اهي آديسي اهي ماڳ مڪان
ڇڏي هليا ويا ۽ هينئر اهي خالي هنڌ مون کي کائڻ
پيا اچن. اهي جيءَ کي جياريندڙ (نئين جوت ۽ ولولو
ڏيندڙ) لاهوتي انسان شايد هميشه لاءِ موڪلائي هليا
ويا. (پنهنجي اصل ماڳ ڏانهن روانا ٿي ويا)
9
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾ سَندِي جوڳِينِ جوڙَ
ساري سَناسِين کي کامِي ٿِيَسِ کوڙَ
مَنَ جَنِي سان موڙَ، سي لاهُوتِي لَڏي وِيا.
[2581]
سمجهاڻي:
اڄ انهن اوطاقن ۾ جوڳين جو ميڙو متل نظر ڪونه ٿو
اچي (هو گڏ ويٺل ڪونه آهن). آءٌ هنن کي ياد ڪري
سڪي کل وانگر (خشڪ) ٿي ويئي آهيان. منهنجي من جو
جن ڏانهن لاڙو هو (جن سان مون کي محبت هئي)، سي
لاهوتي (وڏيءَ منزل وارا سالڪ ۽ عارف) موڪلائي
هليا ويا.
10
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾ سَندي جوڳِيان ذاتِ
ڏِينهان ڏورَڻُ ڏُکَ سِين، رُئَڻُ سَڄيائِي راتِ
تَنِ جِنِي جي تاتِ، سي لاهُوتي لَڏي وِيا. [2582]
سمجهاڻي:
اڄ انهن آستانن ۾ جوڳين جي ٽوليءَ مان ڪوبه ڪونه
رهيو آهي (هنن جو نالو نشان ڪونهي). اهي جوڳي جيڪي
سڄو ڏينهن ڏک ۽ غم ۾ گذاريندا هئا ۽ وري سڄي رات
روئي بسر ڪندا هئا. منهنجي من ۾ اهڙن جوڳين جي ياد
آهي پر اهي لاهوتي انسان اهي ماڳ مڪان ڇڏي هليا
ويا.
11
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾ تازا پَٿَرِ ڪَکَ
دُونهِين دُکَڻُ ڇَڏِيو پيئِي اُڏامي رَکَ
سامِي کَڻِي سَنکَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا. [2583]
سمجهاڻي:
اڄ جوڳين جي آستانن ۾ تازا وڇايل ڪک ۽ پن (جن تي
هو اچي ليٽي پون) ڪونه ٿا ڏسجن. دکيل دونهين به
وسامجي چڪي آهي ۽ هاڻي رڳو مٽي پيئي اڏامي. اهي
سامي (لڳي ٿو گهڻو وقت اڳي) ناد نفيلون وڄائي هليا
ويا آهن.
12
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾ سَندِي بابُنِ بُوءِ
ڏورِيان گهوريان نه لَهان راوَل رَتِيءَ رُوءِ
هُيَمِ جَنِ سِين هُوءِ، سي آديسِي اُٿِي وِئا.
[2584]
سمجهاڻي:
اڄ هنن جوڳين جي اوطاقن ۾ (پاڻ ته ڪونه آهن) سندن
ڪا بوءِ باس به ڪانه ٿي اچي. آءٌ سندن ڳولا پيئي
ڪريان ۽ پاڻ پيئي گهوريان پر انهن شهزادن گهوٽن
(ڳاڙهي پيشانيءَ وارن) جي ڪا خبر نٿي پوي. منهنجي
جن سان گهڻي گهاٽي محبت هئي (جيڪي قرب ڏيڻ وارا
هئا) سي آديسي انسان (پڪ ئي پڪ) هتان روانا ٿي
هليا ويا (جو هاڻي انهن جو ملڻ مشڪل ٿو لڳي).
13
اَڄُ نه اوطاقَنِ ۾ سَندِي بابُنِ باسَ
وِئا ويراڳِي نِڪَرِي وِلها ڪَري واسَ
جَنِ جِي اَندَرِ ۾ اُداسِ، سي لاهُوتِي لَڏي
وِئا. [2585]
سمجهاڻي:
اڄ اهي هنڌ ۽ ماڳ بلڪل خالي پيا آهن ۽ انهن جوڳين
جي ڪا بوءِ باس ڪانه ٿي اچي. هو پنهنجا آسڻ ڀڙڀانگ
ڪري ويا آهن (اڪيلا ڪري ويا آهن). آءٌ جن لاءِ
اندر ۾ اداس پيئي ٿيان (غم ۾ مبتلا آهيان)، اهي
لاهوتي ڪنهن ٻئي ماڳ پڌاري ويا آهن.
14
جوڳِي نه جاهِلَ، پَنڌُ پَريندهِين سِکئا
ڪَنِ سِين ڪَنِ نه کِلَ، پُوتا رَهِيا پِرينءَ
سِين. [2586]
سمجهاڻي:
اهي جوڳي اڻ ڄاڻ هرگز ناهن، ڇو ته هو منڍ کان ئي
رستي جا واقف ۽ ڄاڻو آهن. (هو تيز پنڌ ۾ آهن). هو
ڪنهن سان به کل مذاق (اجايون ڳالهيون) نٿا ڪن، بلڪ
هو هر وقت پنهنجي پرينءَ سان جُڙيل ۽ ڳنڍيل آهن ۽
هن سان تعلق ۾ آهن.
15
دُونهين ڌُنڌَ نه لاٽَ، نه سي جوڳِي جُوءِ ۾
وِئا ويراڳِي نِڪَري، چِتَ جني سِين چاٽَ
گهڻا نِهارِيَمِ گهاٽَ، تَنِ سامِين جي صحبت کي.
[2587]
سمجهاڻي:
هنن جي دونهين جو ڪو ڌنڌ يا ڪا سنهي لاٽ ئي ڪانه
ٿي ڏسجي، (ڪو نشان ئي ڪونهي) مطلب ته جوڳي هيءَ
جوءِ ڇڏي ويا آهن. اهي ويراڳي نڪري هليا ويا جن
سان منهنجي دل لڳل هئي. مون هنن لاءِ گهڻا ئي گهٽ
۽ رستا نهاريا ته من ڪٿي نظر اچن ته وٽن ويهي سندن
صحبت مان ڪجهه پرايان.
16
ماءُ مُنهنجي جوڳِيين ڪَنين ڪُنَرَ لالَ
آن ڪي ڏٺا ڪالَ، وِيندا واٽڙِيُنِ تان. [2588]
سمجهاڻي:
او امڙ، منهنجي جوڳيءَ کي ڪنن ۾ ڳاڙها والا آهن.
اهڙا جوڳي ڪنهن ڪالهه واٽ ويندي ڏٺا، اهي ڪنهن کي
ڪٿي نظر آيا؟ (ڪاش، مون کي ڪو انهن جو نشان پتو
ٻڌائي)
17
هَي جي هُئا هِتِ، مَٿَنِ هُوندَ حَقُ ٿِئو
جوڳِينِ جِي جُڳَتِ، سارِئو ٿِي سُورَ چَران.
[2589]
سمجهاڻي:
(مان سمجهان ٿي) جيڪڏهن هو هتي هجن ها ته جيڪر
منهنجي مٿن حجت هلي ها ۽ ڪو حق ٿئي ها. (هنن جي
وڃڻ بعد) آءٌ سندن جوڳ واري رهڻي ڪهڻي ۽ رهاڻ کي
ياد ڪري هر وقت پيئي سور کاوان (منهنجي لاءِ ٻيو
ڪجهه نه بچيو آهي).
18
هي جي هُئا هاڻِ، ته مَٿَنِ هُوندَ حَقُ ٿِئو
پيهي وئا پاڻ، مَڙِهيون مون ماريندِيُون. [2590]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن هو هينئر هتي هجن ها ته مٿن منهنجي حجت هلي
ها ۽ ڪو حق ٿئي ها (هو منهنجو ضرور ڪجهه نه ڪجهه
خيال ڪن ها)، پر هو ته پنڌ جي وڏي منزل سٽي پري
هليا ويا (هنن جي موٽڻ جو آسرو گهٽ آهي). هاڻي
انهن جون اهي خالي مڙهيون ڏسي منهنجو هيانءُ ٿو
ڦاٽي (آءٌ مريو ٿي وڃان).
19
هي جي هُئا هِتِ، ته مَٿَنِ هُوندَ حَقُ ٿِئو
مَڙِهيئون مُورَتَ مَتِ، مانَ وِسَرئونِ ڪِين
لَهان.
[2591]
سمجهاڻي:
هو جيڪڏهن هتي ٿوري دير لاءِ به ترسن ها ته منهنجو
مٿن حق ضرور هلي ها (هو منهنجو ضرور خيال ڪن ها).
هنن جي دلين ۾ مڙهين ۾ لڳل مورتين واري ’مت‘ شال
کين وسري هجي! مان انهن کي پيئي ڳوليان، من انهن
منجهان ڪي ڳولي هٿ ڪريان (معنيٰ وڌيڪ غور طلب
آهي).
وائي
جوڳِي جَڳِ گهَڻا، مون وَههُ ويراڳِينِ سِين
پاڇِي ڪَنِ نه پاڻَ کي تُنبيءَ مَنجهه ڪَڻا
وِئا ويراڳِي نِڪري، جَنِي مُنہِ مَڻا
آيَلِ آديسِينِ جا مون کي گُنَ گهَڻا
ساريو سَناسِين کي ويٺي هَٿَ هَڻان
مون کي نِيہ نِهوڙئو، تُنبي جِيئن تَڻان
لاهوتِيءَ- ڪِيُون لَطيفُ چَئي، لَڳِيم جِيءَ
جَڙان.
[2592]
سمجهاڻي:
هونئن ته جهان ۾ ڪيترائي جوڳي آهن، پر منهنجي دل
جو لاڙو هنن ويراڳين (محبت ۽ فراق وارن) سان آهي،
جيڪي پنهنجي ڪستي ۾ ٿورا گهڻا ان داڻا به بچائي
نٿا رکن (هو سدائين توڪل تي پيا هلن). اهي ويراڳي
جن جي منهن ۾ مڻيا ۽ چمڪ هئي، نڪري هليا ويا. اي
امڙ، مون مٿان سندن ڪيل ٿورا ياد آهن. اهڙن سناسين
۽ سامين کي سنڀالي آءٌ هاءِ هاءِ پيئي ڪريان ۽
پيئي پڇتايان (ته هو هليا ويا ۽ هتي مون وٽ ناهن).
مون کي هنن جي محبت ۽ فراق جهوري وڌو آهي ۽ آءٌ
تنبي جيئن پيئي وڄان (درد جون دانهون پيئي ڪريان)
لاهوتيءَ صفت وارن جوڳين جي محبت جون ميخون منهنجي
جيءَ ۾ مضبوط لڳي چڪيون آهن.
وائي
شُڪُر آڻِ بجاءِ، آهيين اَهلُ اللهَ سِين
گهوڙو هِنَ گِروهَ ۾، حمدَ ساڻُ هَلاءِ
سُرَهِي هِنَ سِلَڪَ سين، پُڄي ڪين پُڄاءِ
ٿيءُ ته ٿوڪَ پِرائيين لاشڪَ تَنِي لاءِ
ترڪُ ڪَر طلبَ سِين، لاهوتِي مَ لَڄاءِ
خودِي کَڻُ مَ پاڻَ سِين، جوڳِينِ وَٽِ جَلاءِ
مَهندان مَشائخنِ جي چَوَڻُ سَڀُ چَلاءِ
ڪامُ تُنهنجو ڪاپَڙِي سامِينِ وَٽِ سَماءِ
آسَڻَ اڳيان اُنِ جي ٻَر ٻَرِ ڪِئو ٻاڏاءِ
سيهو جا سونُ ڪَري تِنہِ صُحبَتَ کي مَ سِڪاءِ
سُرَهِي سَناسِين جي سُڻِي ڪا سُڻاءِ
آهِمِ آسَ اِسَمَ، جي ڌاڳو تون ڌُلاءِ
اَلله عبداللطيفَ کي اُني وَٽِ اَگهاءِ.
[2593]
سمجهاڻي:
تون شڪرانا بجا آڻ جو تون الله وارن سان گڏ آهين.
هنن جي جماعت ۾ رهي تون مالڪ جي ساراهه ۽ حمد جي
رفتار (گهوڙي وانگر) تکي تيز ڪر. انهيءَ سرهي ساٿ
(سلوڪ) وارن سان ڪوشش ڪري ساڻن پڄي ڏيکار (گڏ هلي
گهار). تون هنن سان هر حال ۾ شامل رهه ته چڱا مقصد
ماڻيين (نعمتون حاصل ڪرين). پنهنجو پاڻ وڃاءِ ۽
ٻيا اسباب ترڪ ڪر. انهن الله وارن کي نه لڄاءِ.
پنهنجي خوديءَ جو خاتمو ڪر ۽ ان خوديءَ کي جوڳين
جي سنگ ۾ جلائي ساڙي پورو ڪر. وڏن شيخن مشائخن
(روحاني رهبرن) آڏو پنهنجيون سڀ ڳالهيون ڇڏي ڏي.
اهي ڪمڙا ڪر جيڪي سامين وٽ پسند پون. انهن جي آسڻ
اڳيان وڏي چاهه ۽ دل جي شوق سان بيهي عرض گذاري ۽
نيزاري ڪر. جنهن صحبت مان سيهو سون ٿئي انهيءَ
مجلس ۾ دير نه ڪر. سناسين جي سرهي ۽ سٺي ڳالهه ٻڌي
ٻين کي ٻڌائڻ ۽ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ ۾ دير نه ڪر.
الله جي اسم ذات ۾ هرڪا اميد رکي پنهنجو سڳو ڌاڳو
(اها نيت ڪري) ڌوئي ڇڏ.
اي الله سائين، عبداللطيف کي انهن الله وارن وٽ
مقبول ڪر. (انهن کان الڳ نه ڪر). |