وائي
وَجَہَ مَنجِهه خَلِيلُ، اَندَرِ آزَرُ آهيين
سَڌَ مَ ڪَرِ صِحَتَ جِي، اڃان تون عَلِيلُ
مُنہَ ۾ مُسلمانُ تون، قَلبُ تان ڪَلِيلُ
نالو ناهِ نفاقَ جو، جِتي رَب جَلِيلُ
وِتُرِ جي وِصالَ ۾، دُوئِي ناهِ دَلِيلُ
[84]
سمجهاڻي:
تنهنجي ٻاهران نوراني شڪل (چمڪندڙ چهرو) آهي، پر
دل ۾ پڪو ڪافر (گمراهه) آهين. انهيءَ صورت ۾ تون
پنهنجي (ايمان جي) تندرستيءَ جي دعويٰ نه ڪر جو
تون اڃان بيمار آهين. تون رڳو ظاهر ۾ مسلمان آهين
پر تنهنجو قلب ڪارو (خراب حالت ۾) آهي. اتي دوئي ۽
ٻيائي جو نالو نشان ناهي (جنهن ۾ تون مبتلا آهين)،
جتي رب ذوالجلال جي بارگاهه آهي. هيڪڙائي جي مالڪ
سان ملڻ واري راهه تي ٻيائي جو ڪو ڪم ناهي.
داستان چوٿون
1
عاشِقَنِ اَللهَ جِي مَحَبَتَ رَکِي مَنِ
سَندِي سِڪَ پِرِينِ، تَنِ ۾ آهي تَنِ کي.
[85]
سمجهاڻي:
سچن عاشقن جي دل ۾ فقط الله جي محبت ئي آهي (جنهن
تي هو زنده آهن). هنن جي اندر ۾ هر وقت بلڪ هميشه
محبوب جي اها الفت ۽ محبت ئي سمايل آهي. (هو محبوب
جي محبت کان هڪ پل به ڌار نٿا ٿين).
٢
عِشقَ جي اسبابَ کي پَرِ ۾ پُڇيائُون
دارُون هِنَ دَردَ جو، ڏاڍو ڏَسيائُون
”آخِرُ وَالعَصر جو“ اِيَهِين اُتائُون
تِهان پوءِ آئُون، سِڪان ٿِي سَلامَ کي.
[86]
سمجهاڻي:
منهنجي محبوب (هڪ دفعي) وڏي رازداريءَ سان عشق ۽
محبت واري حالت جو سبب پڇيو. پر پاڻ برهه جي
بيماريءَ جو وري ڏاڍو عجيب علاج ٻڌايائون. ائين
چيائون ته هن بيماريءَ جو علاج قرآن پاڪ جي سورة
والعصر جي آخر ۾ ٻڌايل آهي. يعني ’سچ‘ ۽ صبر جي
تلقين ڪيائون. انهيءَ ڏينهن کان وٺي آءٌ پيئي (صبر
ڪري) سِڪان ته ڪڏهن ٿا سندن سلام اچن (پاڻ ياد
ڪن!)
[مثنويءَ ۾ اها ڳالهه هن ريت آيل آهي:
صبر
را باحق قرين کرد اي فلان
آخر
والعصر را آگه بخوان
(دفتر
سوم، ب- 1853)
معنيٰ: اي فلاڻا، صبر کي حق جو ساٿي چيو ويو آهي.
انهيءَ ڪري سورة والعصر جي پڄاڻيءَ کي چڱيءَ طرح
پڙهه ۽ سمجهه.]
3
عاشقَن اَلله جي سَدا وائِي واتِ
”فَاذڪُرونِي اَذڪُرڪُم“، تَنِ ۾ اها تاتِ
اُنِي کي ڪَنہ ساتِ، سَڄَڻُ ويلُ نه وِسَري.
[87]
سمجهاڻي:
سچن عاشقن جي زبان تي سدائين الله جي يادگيري
(ذڪر) آهي. هُنن جي دلين ۾ قرآن جي آيت ’پوءِ مون
کي ياد ڪريو ته آءٌ اوهان کي ياد ڪريان‘ واري تار
سانده لڳي پيئي آهي. اهڙن سچن عاشقن کان سندن
سپرين هڪ گهڙيءَ لاءِ به ڪونه ٿو وسري. (اُهي هر
وقت هن جي ياد ۾ محو ۽ گم آهن).
4
عاشِقَنِ اَللهُ، ويروتارَ وُجُودَ ۾
آهَ ڪَرِيندي ساهُ، ڪَڏِهن ويندُنِ نِڪري.
[88]
سمجهاڻي:
سچن عاشقن جي اندر ۾ الله جي يادگيري هردم وڌندڙ ۽
تيز ٿيندڙ آهي. (اُهي هڪ پل به کانئس غافل ناهن)
اُهي ان الاهي عشق ۾ ڪنهن به وقت دانهن ڪندي
پنهنجا پساهه پورا ڪري ڇڏيندا.
5
عاشِقَنِ اَللهَ جِي وائِي نَقد وَڻِي
سائِي ڳالَهه سُڻِي، سوگهِي رَکيائون ساه سين.
[89]
سمجهاڻي:
الله جي سچن عاشقن کي اها(وحدانيت واري) وائي
(يادگيري) دل کي تمام گهڻو وڻندڙ آهي. جڏهن کان
هنن اُها ڳالهه ٻڌي آهي ته اُن کي پنهنجي ساهه
پساهه ۾ سانڍي رکيو اٿائون (اُن کان پوءِ هنن کي
ٻي ڪا ڳالهه نٿي وڻي).
6
عاشِقَن آرامُ، ڪَڏِهن تان ڪونه ڪِئو
طَعني ڪِئا تَمامُ، حَبِيباڻي هيڪَڙي.
[90]
سمجهاڻي:
سچن عاشقن جي اها حالت آهي جو هُنن ڪڏهن به ٿوريءَ
دير لاءِ به سک ۽ آرام نه ڪيو آهي. (هو هڪ گهڙي به
غافل نه ٿيا آهن، سدائين سجاڳ رهن ٿا). هنن کي
محبوبن جي هڪڙي گفتي (ڇا مان توهان جو ربّ
ناهيان؟) هميشه لاءِ بي آرام ۽ بي حال ڪري وڌو آهي
(کين فنا ڪري ڇڏيو آهي).
7
عاشِقَ اِيئَن نه هُونِ، جئن تون سَڄي اَڱَڙين
وَڃِئو دَرِ دوستَنِ جي، رَتُ ڏِيهاڻِي رُونِ
ٻيءَ پَرِ ڪَنہِ نه پُونِ، ماڪُرِ مَحبُوبَنِ
سِين.
[91]
سمجهاڻي:
اصلي عاشق ائين نه هوندا آهن جيئن تون تندرست ۽
توانو (بدن ۾ ڀريل) آهين. اُهي سچا عاشق هر روز
محبوبن جي در تي وڃي رت جا ڳوڙها ڳاڙيندا آهن. (هن
جي آڏو آهه و زاري ڪن ٿا). سڄڻن وٽ ان کان سواءِ
مقبول ٿيڻ جو (کين راضي ڪرڻ) جو ٻيو ڪو طريقو يا
ريت ڪونهي.
8
جان عاشِقَ مَٿَهءِ ماسُ، تان دعويٰ ڪَرِ مَ نِيہَ
جِي
سائو مُنہُ، سُونہ ڳَئِي، لِڱَنِ ڇَڏِئو لاسُ
ڏيئِي تَنَ تَپاسُ، پُڇِجُ پوءِ پِريتَڻو.
[92]
سمجهاڻي:
اي (صرف نالي جا) عاشق، جيستائين تنهنجي جسم تي
گوشت چڙهيل نظر اچي ٿو، تيستائين عاشقيءَ جي اجائي
دعويٰ نه ڪر. عاشقن جي (اهو حال ٿيندو آهي جو
سندن) منهن تان ماس روڙجي ويندو آهي، چهري جي رونق
موڪلائي ويندي آهي ۽ سمورا عضوا ساڻا ٿي سگهه ڇڏي
ويندا آهن. تنهنڪري توکي گهرجي ته پنهنجي تن کي
تسيا ڏئي (پاڻ کي پوريءَ ريت آزمائي) پوءِ عشق جي
واٽ ۾ داخل ٿيءُ.
9
جان عاشِقَ مَٿي رَتُ، تان دعويٰ ڪَري مَ نِيہَ جي
سائو مُنہُ، سُونہ ڳَئِي، سِڪَڻَ اِيءُ شَرَطُ
نه ڪِين گوڏَ گَرَٿُ، مَٿان سِرُ سودا ڪَري.
[93]
سمجهاڻي:
جيستائين عاشق (جي منهن) تي رت وريو ڀريو بيٺو
آهي، تيستائين هن کي عشق جي هام نه هڻڻ گهرجي. بلڪ
سڪ ۽ محبت وارن لاءِ اهو لازم آهي ته سندن منهن
سڪل ۽ بي رونق هجن. ڀلي سچي عاشق جي ڳنڍ (کيسي) ۾
ڪجهه نه هجي پر هو (مهل اچڻ تي) سڄڻن خاطر سر جو
سودو (قربان) به ڪري ڇڏي ٿو.
10
اڃان تو مَنجها، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪري
مُنہَ ۾ معشُوقَنِ جا ڪِيئَن جَهلِيندين گهاءَ
سو تون ڪُڄاڙاءَ، سِڪَڻَ جون سَڌُون ڪرين.
[94]
سمجهاڻي:
اي (نالي ۾) عاشق، اڃان تون اهڙو نازڪ مزاج آهين
جو ڇيت (تکي تيز ڪک جهڙي ڪا شيءِ) لڳڻ سان تنهنجي
بدن مان رت نڪري پوي ٿو (عاشق جي جسم ۾ ته رت ڪانه
هوندي آهي!). اهڙيءَ حالت ۾ تون پنهنجي منهن ۾
محبوبن جا زور وارا ڌڪ ڪيئن برداشت ڪري سگهندين.
بلڪ اهڙيءَ صورت ۾ تون اجايو ڇو ٿو عشق جي خواهش
ڪرين! (گويا عشق تنهنجي وس جي ڳالهه ناهي!).
11
مَحبَتَ جي مَيدانَ ۾، عاشِقَ ٿيءُ آچامُ
سامُهان سَلَ، سَيِدُ چَئي، ڪندءِ تِيرَ تَمامُ
ڪَهِجُ ڪو مَ ڪَلامُ، جِمَ دوستَنِئُون دُورِ
ٿِيين.
[95]
سمجهاڻي:
اي سچا عاشق، عشق جي ميدان ۾ نڪري نروار ٿي بيهه.
عبداللطيف توکي خبردار ٿو ڪري ته سنوان سڌا تير
اچي لڳندا جيڪي توکي پورو ڪري ڇڏيندا. ڇا به ٿئي
پر وات مان اُف نه ڪڍجانءِ، متان انهيءَ (غلطي ۽
ڪچائي) سبب سڄڻن کان پري ٿي پوين.
12
مَحبَتَ جي مَيدانَ ۾، رُڪَ جو آهي رَنگُ
ڪوڙيين مَنجهان ئِي ڪو، اِيءُ نباهي نَنگُ
عِشقُ نانگُ نِسَنگُ، خَبَرَ کاڌَنِ کي پَوي.
[96]
سمجهاڻي:
اي عاشق، عشق جي ميدان ۾ رڳو رُڪ جي ترارين جو
تماشو (عاشقن جي سِسين وڍجڻ) لڳو پيو آهي. اهڙي
هنڌ سَون منجهان ڪو هڪڙو (سچو عاشق) هوندو جيڪو
محبت جو مان رکندو ۽ ناتو نباهي ڏيکاريندو. بيشڪ
عشق ڏاڍو زورآور نانگ آهي ۽ ان جي خبر تن کي پوي
ٿي جيڪي سندس شڪار ٿيا آهن.
13
مَحبَتَ جي مَيدانَ ۾، اَچِي پيرَ پِياءِ
سِرُ وَڍَڻُ، ڌَڙُ ڌارَ ڌَرَڻُ، اِي سِينگارَ
سَنداءِ
ڏِيندا مُون ڏِٺاءِ، مَٿا مَعَشُوقَنِ لَئي.
[97]
سمجهاڻي:
اي عاشق، جڏهن تون محبت جي ميدان ۾ قدم رکي چڪو
آهين ته پوءِ پنهنجي سسي وڍائڻ ۽ ڌڙ ڌار ڪرڻ کي
سينگار (زيور) ڪري سمجهه. مون عاشقن کي محبوبن
خاطر سر قربان ڪندي ڏٺو آهي. (سچن عاشقن جو اهو ئي
وڙ آهي).
14
مَحبَتَ جي مَيدانَ ۾، ڪَنہ چَيوئِي اَچُ،
سيڻَن جي سَراءَ ۾ ٿو مَئي جو ٻَري مچ،
پِرين چُونِئِي پَچُ، تون آڳ اوڏوئي نه وڃين.
[98]
سمجهاڻي:
(اي سڌڙيا عاشق) توکي ڪنهن چيو هو (صلاح ڏني) ته
محبت جي (تڪليفن واري) ميدان ۾ داخل ٿيءُ. (توکي
خبر آهي ته) محبوبن جي حويلي (ماڳ) تي هر وقت محبت
جي نشي جو مچ پيو ٻري. محبوب توکي اهو ئي حڪم پيا
ڪن ته پاڻ کي ان آڳ ۾ پچاءِ (تڪليفون سهي پڪو پختو
ٿيءُ)، پر تون (ڪهڙو عاشق) آهين جو ان باهه جي مچ
جي ويجهو نٿو وڃين.
15
مَحبَتَ جي مَيدانَ ۾، ڪَرِ پَڙاڏو پَٽُ
سِرُ سُورِيءَ، ڌَڙُ ڪُنگرين، مَتان ڪُڇِين ڪَٽُ
عِشقُ نانگُ نِپَٽُ، خَبَرَ کاڌَن کان پَوي.
[99]
سمجهاڻي:
اي (سورهيه) عاشق، محبت جي ميدان ۾ اهڙيءَ هڪل سان
داخل ٿيءُ جو پورو پَٽ ۽ ميدان پڙلاءُ بنجي وڃي.
(هر طرف اهو آواز ٻڌڻ ۾ اچي). ڀلي هڪ طرف تنهنجو
سر سوريءَ مٿان هجي ۽ ٻئي طرف تنهنجو ڌڙ نيزن جي
چوٽين ۾ ٽنبيل هجي، پر تڏهن به تون زبان مان اکر
نه ڪڍجانءِ. واقعي عشق نسورو نانگ آهي ۽ اها خبر
جن کي ڏنگي ٿو، تن کي پوي ٿي. (عشق جي اصلي درد جي
خبر عاشقن کي ئي آهي).
16
مَحبَتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ جو سانگُ مَ ڪَرِ
لاهي سِر لَطيفُ چَئي، اَڳئان دوستَنِ ڌَرِ
وَڍيين تان واهُ ٿِيين سَندي دوسان دَرِ
عِشقُ نانگُ اَپَرِ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَوي.
[100]
سمجهاڻي:
اي عاشق، محبت جي ميدان ۾ آيو آهين ته پوءِ
زندگيءَ جو آسرو نه ڪر. عبداللطيف چوي ٿو ته بلڪ
تون پنهنجو سر وڍي سڄڻن جي آڏو پيش ڪر. تون پنهنجو
سر صدقو ڪرڻ سان ئي محبوبن وٽ مان لهندين (هر ڪو
تنهنجي ساراهه ڪندو) بيشڪ عشق ڏاڍي خطرناڪ بلا
آهي، جنهن جي خبر رڳو ان جا کاڌل ئي ڄاڻن ٿا.
17
مَحبَتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ جو ڪَرِ مَ سانگُ
سُورِيءَ سُپيرينِ جي، چَڙهُه ته ٿِيين چانگُ
عِشقُ آهي نانگُ، خَبَرَ کاڌَنِ کي پَوي.
[101]
سمجهاڻي:
محبت جي ميدان ۾ حياتيءَ تان آسرو کڻ. سڄڻن جي
سٽيل سوريءَ تي چڙهه ته سورهيه سڏجين (سلوڪ جي
راهه جي سختين ۾ ئي راحت آهي). عشق واقعي نانگ آهي
جنهن جي خبر صرف ان جي ڏنگلين کي ئي آهي. (عشق جي
واٽ سولي ناهي جيئن عام ماڻهو سمجهن ٿا).
18
مَحبَتَ جي مَيدانَ ۾، رَڪَنِ ڪانهي راندِ
معشوقَنِ مَهاندِ، لَکين لِيلائي مُئا.
[102]
سمجهاڻي:
عشق جو ميدان اڻ آزمايلن لاءِ راند کيڏڻ جي جاءِ
نه آهي. سڄڻن جي سامهون اهڙا لکين ليلڙاٽيون ڪري
مري ويا (پر قرب نصيب ڪونه ٿين).
19
مَحبَتَ جي مَيدانَ ۾، رَڪَنِ ناهي راندِ
حَبِيبَنِ هيڪاندِ، سَگهَنِ ٿِيي نه سَيِدُ چَئي.
[103]
سمجهاڻي:
عشق جو ميدان سيکڙاٽن لاءِ راند روند جو هنڌ ناهي.
عبداللطيف چوي ٿو ته جيڪي هر دم خوش ۽ تندرست
گذارين ٿا، تن جو محبوبن سان ملڻ ناممڪن آهي.
20
عِشقُ نه آهي راندِ، ته ڪي ڪَنِسِ ڳَڀَرُو
جِيءُ جُسي ۽ جان جِي، ڀَڃي جو هيڪاندِ
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇَلِ ته اَدَهَ ٿِئي.
[104]
سمجهاڻي:
عشق اهڙي سولي راند نه آهي جو الهڙ ۽ ڇوڪراٽ ويهي
کيڏن. (اهو چهچٽو ڪن) بلڪ عشق ته ظاهري جسم سان گڏ
جند جان کي به هڪ ئي وقت پرزا پرزا ڪري وجهي ٿو
(ماري فنا ڪري ڇڏي ٿو). اي عاشق، عشق جو حق تڏهن
ادا ٿيندو جڏهن تنهنجي سر کي سوريءَ واري نيزي جي
چوٽيءَ تي اڇلي چاڙهيندا!
21
عاشِقَ مَعشوقَنِ جِي وَٺِي ويهُه ڳَرِي
جِمَ وِرچِي ڇَڏيين سَندِي دوستَ دَرِي
ڏيندَءِ ٻُڪِي ٻاجَهه جِي وِيندَءِ ٺَپَ ٺَرِي
ساجَنِ توءِ سَرِي، اَسان سَرِي نه اُنِ ري.
[105]
سمجهاڻي:
اي عاشق، توکي گهرجي ته دوست جي ڳليءَ ۾ وڃي ويهي
رهين، (۽ اتي سندس ديدار جو انتظار ڪرين). ياد رک،
متان بيزار ٿي دوستن جو در ڇڏي وڃين. هو ضرور
ايندا ۽ اچي توکي پيار جي دوا ڏيندا ته جيئن
تنهنجا ڦٽ ۽ زخم ٿڌا ٿين (توکي آرام ۽ سڪون ملي).
اهو ٻڌي ڇڏ، محبوب جو وقت تو کان سواءِ گذري
ويندو، پر اسان عاشقن جي زندگي هن کان سواءِ گذري
نه سگهندي. (اسان جي درد جو درمان اسان جو سڄڻ
آهي).
22
عاشقَ معشوقَنِ جو وَٺِي ويهِجُ سيرُ
اچِي پُڇَندَئي پاڻهِين، پِرتان ڀَري پيرُ
ڀَلان سَندو ڀيرُ، رَهبَرُ ٿيندُءِ راهَه ۾.
[106]
سمجهاڻي:
اي عاشق، تون سڌو سنئون محبوبن واري واٽ تي وڃي
ويهي رهه. (ڏس ته ڪيئن نه!) هو پاڻهي اچي پير ڀري
تنهنجي خبرچار لهي ٿو. (اهو محبوب وڏن ڳڻن وارو
آهي). ڀلاين سان ڀريل سڄڻ جو اهو ڀيرو تنهنجي لاءِ
واٽ ڏيکاريندڙ ٿيندو (هو پاڻ تنهنجي رهنمائي
ڪندو).
23
عاشقَ معشوقَنِ جو، وَٺِي ويهِجُ دَرُ
پِرِين پُڇَندُءِ پاڻهِين، لَهندَءِ سارَ سُڀَرُ
اُنِي جو اَثَرُ، رَهبَرُ ٿِيندَءِ راهَه ۾.
[107]
سمجهاڻي:
اي عاشق (صادق)، تون هر حال ۾ پياري پرينءَ جو
دروازو جهلي ويهي رهه. اهو سڄڻ، مهرباني ڪري
پاڻيهي اچي تنهنجي سار سنڀال ڪندو. سندس اها
بيمثال روش تنهنجي لاءِ راهه جو رهبر ثابت ٿيندي (
تنهنجون سڀ تڪليفون ختم ٿي وينديون).
24
عاشقَ مَعشوقَنِ جو وَٺِي ويهُه دُکاڻُ
پَئِجَ پيشِ پِرينِ جي پُٺِيءَ وِجهِي ’پاڻُ‘
ته تون تَنِي ساڻُ، سدا هوئين سُرخُرُو.
[108]
سمجهاڻي:
اي عاشق، تون محبوبن جي اچڻ وڃڻ جو ماڳ جهلي ويهي
رهه. پنهنجي هستيءَ کي پوئتي ڇڏي (فنا ڪري)،
پنهنجو پاڻ (وڏي عاجزيءَ وچان) سندن آڏو پيش پئو.
جڏهن تون ائين ڪندين ته هميشه لاءِ وٽن عزت ۽ مان
لهندين. (تڏهن هو توکي قبول ڪندا).
25
عاشقَ مَعشوقَنِ جو، وَٺِي ويهجُ گهَٽُ
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين مَحَبتَ سَندو مَٽُ
ڪَري سِرَ جو سَٽُ، پِيجُ ڪي پِياليُون.
[109]
سمجهاڻي:
اي عاشق، تون سڄڻن جي اچڻ وڃڻ وارو هنڌ جهلي وڃي
ويهه. ڪيڏي به دير ٿئي پر متان بيزار ٿي، اهو
مهربان محبوب (محبت جو مٽ) هٿان وڃائين. انهيءَ
هنڌ تون پنهنجي سر جو سودو ڪري به پيار جا پيالا
پيئجانءِ. (ڪيڏي به وڏي قرباني ڏيڻ کان نه
ڪيٻائجانءِ)،
[صوفيانه شاعريءَ ۾ شراب جي نشي مان مراد الاهي
راز توڻي محبوب مرشد جو قرب حاصل ڪرڻ آهي، ان ڪري
مثنويءَ ۾ چوي ٿو:
بشنو
الفاظ حکيم پردهُ
سر هم
آنجا نه که باده خوردهُ
(دفتر
اول، ب- 3626)
معنيٰ: رازدان حڪيم (سنائي) جي نصيحت ٻڌ ته جنهن
جاءِ تي تو شراب پيتو آهي اتي ئي مٿو رک (سر قربان
ڪر).]
26
عاشقَ مَعشوقَنِ جو وَٺِي ويهجُ رَندُ
پِيارِيندَءِ پاڻهِين مَيخاني جو مَنڌُ
سَرو اُنِ جو سَڦَرو سُپَڪُ آهي سَنڌُ
مَتان ڪَڍِين ڪَنڌُ، اوڏو ٿِي اُنِ کي.
[110]
سمجهاڻي:
اي عاشق، محبوبن جو رستو وٺي ويهجانءِ. هو پاڻهي
توکي محبت جي ميخاني جو شراب ڀري پياريندا. (توکي
پنهنجي محبت سان سرشار ڪندا). (توکي خبر هجڻ کپي)
سندن محبت وارو شراب پوريءَ ريت پڪل ۽ تمام گهڻي
لذت وارو آهي. سندن ويجهو وڃي قرب حاصل ڪر. هن
باري ۾ متان ڪنڌ ڪڍائين يا (تڪليفون ڏسي) لنوائڻ
جي ڪوشش ڪرين.
27
پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، پَسِي مَچُ مَ موٽُ
سَهائيءَ سُپيرِينِ جي گِهڙُ ته ٿِيين گهوٽُ
اڃان تون اَروٽُ، کُوري خَبَرَ نه لَهِين!
[111]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن تون پاڻ کي پروانو (سچو عاشق) ٿو چوائين ته
پوءِ محبت وارو مچ (عشق جو آڙاهه) ڏسي واپس نه
ٿيءُ. بلڪه محبوبن جو تجلو ڏسي اندر ڪاهي اچ ته
پچي لال (ڳاڙهو گهوٽ) ٿئين. پر لڳي ٿو تون اڃان
(عشق ۾) ڪچو آهين جو عشق واري آڳ جي توکي خبر ئي
ڪانهي.
(شمع تي پرواني جو عشق مشرقي شاعريءَ جو عام فهم
موضوع آهي.
[مثنويءَ ۾ ان ڏانهن هن طرح اشارو ڪيو ويو آهي.
هر
کجا شمع بلا افروختند،
صد
هزاران جان عاشق سوختند.
(دفتر
دوم، ب- 2574)
معنيٰ: جتي به عشق جي شمع روشن ٿي آهي، اتي هزارن
عاشقن سر جي قرباني ڏني آهي.]
28
پَتَنگُ چائين پاڻَ کي، ته ڄيري پَؤ ڄاڻِي
تان تان تاڻِجِ تاءَ ڏي، جان آڳِ نه اُجهاڻِي،
وِسِہُ وِهاڻِي، اَتُ نه ڏِجي عامَ کي.
[112]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن تون پاڻ کي پروانو ٿو سڏائين ته پوءِ ڏسي
وائسي پاڻ کي ٻرندڙ باهه جي مچ جي حوالي ڪر. تون
تيستائين انهيءَ باهه ڏانهن اٽل ارادي سان وڌندو
رهه، جيستائين باهه وساڻي نه آهي. تون اعتبار ڪر
رات پوري ٿيڻ واري آهي پر تون (سڄي رات ان ۾
ڪاميابيءَ سان جلڻ وارو) اهو انت (راز) عام ماڻهن
تي پڌرو نه ڪجانءِ!
[مثنويءَ ۾ پڻ عشق جي رازداريءَ بابت گهڻو تاڪيد
ملي ٿو.
عاشقاني کز درون خانه اند
شمع
روئي يار را پروانه اند
(دفتر
دوم، ب- 2575)
معنيٰ: جيڪي عاشق (صادق) محفل جي اندر پهتل آهن،
سي يار جي شمع جهڙي روشن چهري جا پروانا آهن.]
29
پَتَنگُ چائين پاڻَ کي، ته اَچِي آڳِ اُجهاءِ
پَچَڻَ گهَڻا پَچائِيَا، تون پَچَڻَ کي پَچاءِ
واقِفُ ٿِي وِساءِ، اَتُ نه ڏجي عامَ کي.
[113]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن تون پاڻ کي پروانو ٿو ڪوٺائين ته پوءِ اچي
باهه جي مچ کي وساءِ. انهيءَ (عشق واري) باهه گهڻن
کي جلائي ڀسم ڪري ڇڏيو آهي، پر تون ان جلڻ کي
جلائي (ختم ڪري ڏيکار). تون ان باهه (اصل راز) جو
ڄاڻو ٿي اها باهه وساءِ، پر ان سموري راز جو ڳجهه
عام ماڻهن کي نه ڏجي. (عشق جي باهه جي ٻاڦ ٻاهر
نڪرڻ نه گهرجي).
30
پُڇُ پَتَنگَنِ کي، سَنديُون کامَڻَ خَبَرُون
آڻِيو وِجَهنِ آڳِ ۾، جِيءَ پنهنجا جي
جيري جَنِي جي، لَڳا نيزا نِيہَ جا.
[114]
سمجهاڻي:
اي عاشق، تون (عشق جي باهه ۾) جلڻ وارن جو احوال
پتنگن کان وڃي معلوم ڪر، جيڪي پاڻ کي سڌو سنئون
ٻرندڙ باهه جي حوالي ڪن ٿا. اهي انهن جا جيرا جگر
ئي ته آهن جن کي ڀڙڪندڙ باهه جي اُلن جا تيز نيزا
لڳن ٿا. (اهڙن عاشقن کان وڌيڪ ٻيو ڪير توکي اها
ڳالهه سمجهائيندو!).
31
پُري پَتنگَ آئِيا، سُري سَهائي جَهلَ
ڪَندا ڪانَه اُڇَلَ، مَٿو ڏِيندا مَچَ کي.
[115]
سمجهاڻي:
پروانا پري کان هلي اچي شمع جي روشنيءَ جي چوگرد
ڪٺا ٿيا. هو صرف نچندا ٽپندا ڪونه، بلڪ ان (شمع
جي) شعلي ۾ پنهنجو سر ساهه قربان ڪري ڇڏيندا.
٣٢
پُرِي پَتَنگَ آئِيَا، سُرِي سَهائي وَٽِ
ڪَندا ڪانَه گهَٽِ، مَٿو ڏِيندا مَچَ کي.
[116]
سمجهاڻي:
پتنگ پڪو ارادو ڪري هلندا اچي شمع جي شعاع وٽ پهتا
آهن. هو ٻي ڪا ڳالهه ڪونه ڪندا، بلڪ انهيءَ شعاع
تي سر ڏيئي سرها ٿيندا.
٣٣
پُرِي پَتَنگ آئِيَا، سُرِي سَهائي ساءِ
ڪَندا ٻِي نه ڪاءِ، مَٿو ڏِيندا مَچَ کي.
[117]
سمجهاڻي:
پتنگ هيڏانهن هوڏانهن کان مڙي ڪٺا ٿي اچي روشنيءَ
جي شعلي جي چوڌاري پهتا آهن. هاڻي هو مُڙڻ ۽ موٽڻ
وارا نه آهن، بلڪ پنهنجو سر انهن شعلن جي حوالي
ڪندا.
٣٤
پَتَنگَ رَءِ رَچنگَ، آڳِ پَسِي آئِيَا
اُهي عبدُاللطيِفُ چَئي، کُورِي کَپايا
جيلاهَ لئُون لايا، مَرَنِ موٽَنِ ڪِينڪِي.
[118]
سمجهاڻي:
عشق ۾ پچي پڪا ٿيل پتنگ پروانا باهه کي ڏسندي اچي
اتي پهتا. عبداللطيف چوي ٿو ته انهن کي ٻرندڙ باهه
جي شعلن کائي کپائي يعني جلائي ڇڏيو. جيئن ته هنن
کي لونءَ لڳل هئي (عشق ۾ اڙيل هئا)، تنهنڪري هنن
سر ڏنو پر پوئتي ڪين هٽيا.
٣٥
چَڙهئو چَڪاسِن چاه، آڳِ ٻَرَندي آئيا
وهُسَنِ واڙيءَ ڦُلَ جِئن مَحَبتِي مَچَ لاءِ
کامَندَنِ کَٽِئو، اُجهاڻَنِ اُونداهِ
جَنِ اَندر ٻَري باهِ، اِيءَ سُڌِ سَڀَڪا اُن کي.
[119]
سمجهاڻي:
اُهي (پتنگ پروانا) مٿي اُڏامي باهه کي چتائين ٿا
(باهه لاءِ واجهائين ٿا ۽ باهه جي ڳولا ڪن ٿا) ۽
ڪٿي به باهه ڏسڻ ساڻ اچي ٿا اتي رسن. اُهي سچي
محبت وارا پتنگ باهه جي مچ ۾ پوڻ خاطر خوشيءَ وچان
واڙي جي گل وانگر ٽڙن ٻهڪن ٿا. جيڪي جلن ٻرن ٿا،
سي ئي کٽن ٿا، باقي وسامي ويلن لاءِ فقط اونداهي
آهي، جن جي اندر ۾ محبوب جو مچ ٻريو آهي، تن کي ئي
ان جلڻ واري راز جي ته خبر آهي.
36
اَچِي اُجهانيو آڳِ کي، پَتنگَنِ سِين پَروازُ
کامِي خاڪِ ٿِيَڻَ جو اُنِي وَٽِ اَندازُ
رَمزَ پَرَوڙيَئُون رازُ، ڄيري جِي ڄِڀِيءَ جو.
[120]
سمجهاڻي:
پتنگن الائجي ڪٿان اڏامي اچي ساڙيندڙ باهه کي
وسايو. اهڙا پتنگ ئي (محبت جي مچ ۾) سڙي رک ٿيڻ جي
ريت کي ڄاڻن ٿا. انهن ئي باهه جي تيزي ۽ تک واري
رمز ۽ راز کي سمجهيو ۽ آزمايو آهي.
37
پَتنگَنِ پَہُ ڪري، اَچِي اُجهانئِي آڳِ
ڪِيئَنِ کي قُربَ جِي ڪا جا لَڳِي لاڳِ
مَرِي پِئا سَڀ ماڳِ، کامِي کُورِي وِچَ ۾.
[121]
سمجهاڻي:
پتنگن پڪو ارادو ڪري پاڻ کي باهه ۾ اهڙيءَ طرح اچي
اڇلايو جو (حيرت انگيز طور تي) باهه کي وسائي
ڇڏيائون! انهن ننڍڙن جيتن کي محبت جي اهڙي ڇڪ اچي
کنيو جو سڀ جا سڀ اتي ٻرندڙ باهه جي مچ ۾ سڙي جلي
مري ويا (پر پوئتي پير نه ڪيائون).
38
پَتنگَنِ پَہُ ڪِئو، مِڙِئا مَٿي مَچَ
پَسِي لَهَسَ نه لِچئا، سَڙِئا مَٿي سَچَ
سَندا ڳِچِين ڳَچَ، ويچارَنِ وِڃائِيا.
[122]
سمجهاڻي:
پروانن (سچن عاشقن محبوب مٿان قربان ٿيڻ جو) پڪو
عزم ڪيو ۽ اچي مچ مٿان گڏ ٿيا. هو ٻرندڙ باهه جي
تپش جي ڪري ٿورڙو به هيڏانهن هوڏانهن ڪونه ٿيا،
بلڪ سچي محبت جي باهه ۾ سڙي پورا (فنا) ٿي ويا.
هنن اهڙيءَ طرح (محبت جي راهه ۾) پنهنجي سرن جي
قرباني ڏيئي ڇڏي.
39
اَصُلِ عاشقَنِ جو، سِرُ نه سانڍَڻُ ڪَمُ
سَئو سِسِيان ئِي اَڳَرو، سَندو دوسان دَمُ
هِيءُ هَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِيءَ نه پَڙي.
[123]
سمجهاڻي:
شروع کان وٺي سچن عاشقن جي اها ريت ناهي جو (محبوب
جي اڳيان) پنهنجي سر کي وڌيڪ پيارو سمجهن. (هو هر
وقت سر صدقو ڪرڻ لاءِ تيار رهن ٿا). اهو ان ڪري جو
هو ڄاڻن ٿا ته دلبر جي هڪ گهڙيءَ جو ديدار به سندن
سون سِرن کان مٿانهون آهي. دراصل عاشق جو هيءُ جسم
۽ جان محبوب جي محبت واري پيالي جي هڪ قطري يا ڦڙي
برابر به ناهي.
[روميءَ جي نظر ۾ دوست جو ديدار ئي اصل زندگي آهي.
ان جي وضاحت ڪندي چوي ٿو:
نيم
جان بستاند وصد جان دهد
آنچ
در وهمت نيايد، آن وهد
(دفتر
اول، ب- 245)
معنيٰ: اهو مالڪ اڌ جان جي عيوض سو جانيون ڏئي ٿو.
جيڪو خواب خيال ۾ به نٿو اچي سگهي، اهو عطا ڪري
ٿو.]
40
اَصُلِ عاشِقَ پانهِنجِيون سِسِيُون نه سانڍِينِ
لاهيو سِرَ لَطِيفُ چَئي، ساهَ سَلهاڙِيو ڏِينِ
ڪُلَهنِئُون ڪاٽِينِ، پُڇَنِ پوءِ پِرِيتَڻو.
[124]
سمجهاڻي:
اصل کان وٺي عاشقن جي اها رسم آهي ته هو پنهنجا سر
قربان ڪرڻ کان بنهه ڪونه ڪيٻائن (ڪو بهانو تلاش نه
ڪن). عبداللطيف چوي ٿو ته هو پنهنجو سر وڍي، ان
سان گڏ (ساڳئي رسي ۾) ساهه به صدقو ڪيو ٿا ڇڏين.
هو محبت جو نالو وٺڻ کان اڳ ۾ پهريائين پنهنجا سر
ڪلهن وٽان ڪوري (ڪپي) ڏين ٿا.
وائي-1
دِلِ ماهي دي نال لوڪو
دل رانجهي دي نال لوڪو
مَئن رانجهن دي رانجهن مَيڏا
ٻِئو سَڀ ڪُوڙو ٿوڪو
مَحبتَ جي ميدان ۾، سِرُ وَڍي ڪو ڪو.
[125]
سمجهاڻي:
اي لوڪ وارؤ، (منهنجي ڳالهه ٻڌو) منهنجي دل منهنجي
محبوب وٽ آهي. (ٻيهر ٻڌي ڇڏيو)، منهنجي دلڙي
(ساهه) رانجهن وٽ (سوگهي) آهي.
آءٌ رانجهن جي آهيان ۽ رانجهن منهنجو آهي. ٻي هر
شيءِ ڪوڙي ۽ کوٽي آهي. محبت جي ميدان ۾ مشڪل سان
ڪوئي پنهنجو سر صدقو ڪري ٿو.
وائي-2
عِشق ساجن دا لڳا مَئن نُون مائِي!
بره ڍولڻ دا لڳا مئن نون مائي!
راتِيان دَردَ، ڏِينهان دَرماندِي، لوڪان ڪَلَ نه
ڪائِي
مون کي مَرض ماريئو، سيڻنِ هَٿِ سَگهائي
دارُون هِنَ دَردَ جو، آهِيين يا اِلاهِي!
[126]
سمجهاڻي:
مون کي سهڻي سڄڻ جو عشق لڳو آهي. او امان، او امڙ،
(دانهن مٿي دانهون) مون کي دلدار جي نينهن نهوڙيو
آهي.
آءٌ رات جو سور سهان ٿي ۽ ڏينهن جو ڏکن ڏڌي آهيان.
منهنجي انهيءَ حال جي عام ماڻهن کي ڪا خبر ناهي!
مون کي محبت جي مرض ماري ڇڏيو آهي. هاڻي منهنجي
صحت سڄڻن جي هٿ وس آهي. اي الله سائين، هن عشق جي
آزار جو تون ئي علاج ڪندڙ آهين.
داستان پنجون
1
سِڪَڻُ ۽ سُورِي، ٻَئِي اَکَرِ هيڪَڙي
ويهَڻُ واٽَڙِيُنِ تي، ڪارَڻُ ضرُورِي
ٻِنهِينءَ جي پورِي، جِيءَ ڏِني ري نه جُڙي.
[127]
سمجهاڻي:
سڪ (عشق) ۽ سوري ٻيئي (سختين ۽ تڪليفن ۾) برابر
آهن. عشق ۾ دلبر جي ديدار واسطي واٽن تي وڃي ويهڻ
(انتظار ۽ اوجاڳا ڪرڻ) ضروري ٿيو پوي. (آخر ۾)
ٻنهي سڪ توڻي سوري سان جن جو واسطو پوي ٿو ته انهن
کي جند جان قربان ڪرڻي پوي ٿي.
٢
سُورِيءَ سَڏُ ٿِئو، ڪا هَلَندِي جيڏِيُون!
وَڃڻُ تَنِ پِئو، نالو نِيہَ ڳِنَهنِ جي.
[128]
سمجهاڻي:
سوريءَ تي چڙهڻ جو سڏ ٿيو آهي. اي سرتيون، توهان
مان ڪا مون سان گڏجي هلندي. بيشڪ انهن کي ضرور
وڃڻو پوندو، جيڪي نينهن جو نالو (دل سان) وٺن ٿا.
(جيڪي عشق ۾ سچا آهن).
٣
اُڀِي عاشِقَنِ کي سُوري سَڏُ ڪَري:
اَٿِي سَڌَ سُرِڪَ جِي، ته ڪَئُه مَ پيرُ پَري
سِسِي ڌارَ ڌَري، پُڇِجُ پوءِ پِرِيَتَڻو.
[129]
سمجهاڻي:
عاشقن لاءِ سوري سينگاريل آهي ۽ سچن عاشقن کي پيئي
سڏي چوي، اي عاشق (صادق) جيڪڏهن توکي (محبت جي مئي
جي) سُرڪ چکڻ جي خواهش آهي ته پوءِ هڪڙو قدم به
پٺتي نه هٽ. (بلڪ اڳتي سوريءَ ڏانهن هلندو رهه).
(عشق جي تقاضا آهي ته) تون پهريائين سر ڪاٽي ڌار
ڪر ۽ پوءِ عشق جي واٽ جي پڇا ڪر. (هر قسم جي سختين
برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي پوءِ عشق جي اڱڻ ۾ داخل
ٿيءُ).
4
سُورِي ٿِي سِينگارُ، اَصُلُ عاشِقَنِ جو
لُڏِئا ڪِينَ لَطيفُ چئي، نيزي ٿِئا نِروارُ
ڪُسَڻُ جو قَرارُ، اَصُلُ عاشِقَنِ سِين.
[130]
سمجهاڻي:
سوري اصل کان عاشقن واسطي سينگار (زيور يا زينت جو
سامان) آهي (اها انهن کي سونهي ٿي). عبداللطيف چوي
ٿو ته سچا عاشق ٿورو به نه هٻڪيا (هيڏانهن هوڏانهن
به نه ڏٺائون) بلڪ سڌو اچي سوريءَ جي نيزن سامهون
پاڻ کي حوالي ڪيائون. دراصل عاشقن جو سر ڏيڻ وارو
وچن ۽ وعدو پوريءَ ريت پڪو پختو آهي.
[مثنويءَ ۾ پڻ سوريءَ کي عشق جو معراج ڪوٺيو ويو
آهي:
دار قتل ما براق رحلتست،
دار ملک تو غرور و غفلتست.
(دفتر پنجم ب 4134)
معنيٰ: اسان کي قتل ڪرڻ واري سوري اسان جي لاءِ
برق رفتار گهوڙو آهي. پر تنهنجو شاهي تخت تو لاءِ
غفلت ۽ غرور جو سامان آهي.]
5
سُورِي سِينگاري، اَصُلُ عاشِقَنِ کي
لُڏِئا ڪِينَ لَطيفُ چئي، ٿئا نيزي نظاري
ڪوٺِئو ڪِناري، آڻِئو چاڙهي اُنِ کي.
[131]
سمجهاڻي:
اصل کان سوري عاشقن جو سينگار ۽ سونهن آهي.
عبداللطيف چوي ٿو ته اهڙا عاشق سوريءَ تي چڙهڻ کان
ذرو به نٿا ڪيٻائين (هرگز پريشان نٿا ٿين) ۽ سڌو
اچي پاڻ کي تکن ۽ تيز ڀالن جي حوالي ڪن ٿا. دراصل
اها سوري هنن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي اچي نيزن ۽ ڀالن جي
هنج ۾ وجهي ٿي.
6
سُورِي مَٿي سيڻَ، ڪِهَڙي ليکي سَنَرا:
جو لَئِه لَڳا نيڻَ، ته سُورِيان ئي سيڄَ ٿِي.
[132]
سمجهاڻي:
اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي (اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر
آهي) ته عاشق سوريءَ تي چڙهڻ ويل به خوش پيا ڏسڻ ۾
اچن ۽ ٽڙن! درحقيقت اهي عاشق جن جون اکيون يار جي
ديدار ۾ محو آهن، تن لاءِ سوري به سيڄ پلنگ (ڇپر
کٽ) وانگر آهي.
7
سُورِيءَ چڙهڻُ، سيڄَ پَسَڻُ، اِيءُ ڪَمُ عاشِقَنِ
پاهُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو هَلَنِ سامُهان.
[133]
سمجهاڻي:
سوريءَ تي چڙهڻ ۽ ان کي سيڄ (وڌ ۾ وڌ خوشيءَ جو
موقعو) سمجهڻ، اهو ڪم سچن عاشقن جو ئي آهي. اهڙا
سچا ۽ کرا عاشق (ڇا به هجي) هڪ قدم به پوئتي نٿا
هٽن، بلڪ سنئون سڌو سوريءَ جو رخ رکن ٿا.
8
سُورِيءَ جي سَئو وارَ، ڏِيهاڻِئُون چَنگِ چَڙهِين
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ
پِرينِ پَسِين پارَ، نِيہُ جِئائِين نِڱِئو.
[134]
سمجهاڻي:
اي عاشق (طالب)، ڀلي توکي ڏينهن ۾ هڪ سو ڀيرا
سوريءَ جي (نوڪدار) ڀالن تي چڙهڻو پوي، پر (ياد
رک)، متان بيزار ٿي همت هاري ويهين ۽ سڄڻ جي سڪ کي
ترڪ ڪرين. (اميد رک) تون ضرور اهو سڄڻ جو ماڳ
ڏسندين جتان عشق (جو اهو سج) اڀريو آهي.
9
سِڪَڻُ سَڀوئِي سُورُ، مَحبَتَ وڏو مامِرو
اَٺَئِي پَهَرَ مَلُورُ، ساعتَ نه سَگهو جِندَڙو.
[135]
سمجهاڻي:
سڪ (هر حال ۾) دردن ۽ ايذائن سان ڀريل آهي ۽ عشق
(بذات خود) وڏو معاملو آهي. سِڪ ۽ عشق جا ماريل
ڏينهن توڻي رات مطلب ته هر گهڙي ۽ هر پل غمگين رهن
ٿا ۽ ڪڏهن به صحتمند نٿا ٿين.
10
سِڪَ نه آهي سُٿري، کَڻُ پَرُوڙي پيرُ
ڪُسَڻَ ڌاران ڪيرُ، ڪَري سَڌَ سِڪَڻَ جِي!
[136]
سمجهاڻي:
اي سڪايل (خبردار) سِڪ جي واٽ سولي ناهي، تون سوچي
سمجهي پوءِ قدم کڻ. سِر اڏيءَ تي رکڻ (قتل ٿيڻ)
کان سواءِ عشق جي خواهش ڪير ٿو ڪري سگهي؟ (عشق مان
مراد سر قربان ڪرڻ آهي).
11
ڪَنہِ چيئِي ته پاءِ، پيرُ پِريان جي پيرَ ۾
تُون سُکَنِ جون سَڌُون ڪَرِين، سيڻَنِ سُورُ
سُهاءِ
اَنگهَنِ جِيءُ اَڙاءِ، جان نالو ڳِيَڙءِ نِيہَ
جو.
[137]
سمجهاڻي:
اي سڪايل، توکي ڪنهن چيو ته تون محبوبن جي واٽ
(عشق) ۾ اڳتي قدم وڌاءِ. توکي هروقت سکن ۽ آسائشن
جي خواهش آهي، پر سڄڻن کي ته عاشق جو درد ۽ اهنج
ئي پسند آهي. هاڻي پاڻ کي نوڪدار نيزن جي حوالي
ڪر، جيڪڏهن عشق جو نالو ورتو اٿئي!
12
سِڪَڻَ اِيءَ نه حَدَ، جِئن لِڪِئو لِياڪا پائِيين
پَئي پِريان جي نه ٿِيين مَٿي اَڱَڻَ اَڌَ
اِيءُ پُڻِ ڪُوڙِي سَڌَ، کِلئو کايو سُمهِين.
[138]
سمجهاڻي:
سچي محبت اِتي پوري ڪانه ٿي ٿئي (ان لاءِ ايترو
ڪافي ناهي) جيئن تون (محبوب جي ديدار لاءِ) لڪي
لڪي ويٺو جهاتيون پائين. (ان جي حد اها آهي ته)
تون پاڻ کي محبوبن جي موجودگيءَ ۾ پٽ تي اڇلائي ٻه
اڌ ڪرين (گويا جيستائين اڌ ڪٺل پکيءَ وانگر ڦٿڪين
نٿو). مطلب ته تنهنجي سڪ واري سموري ڳالهه ڪوڙي
آهي، ڇو ته تون خوشيءَ مان کلندو کائيندو ۽ ننڊون
پيو ڪرين.
13
ڄاڻِي ٻُجهِي جَنِ، توسِين سُورَنِ سَڃ ڪِي
تُون ڪئن سَنديون تَنِ، پَرَ سِين پَچارُون ڪرِين.
[139]
سمجهاڻي:
تنهنجي سڄڻن سوچي سمجهي توکي (سڪ جي) سورن سان
آگاهه ڪيو (ته تون اهي خوشي ۽ صبر سان سهندين). پر
تون وري ڪيئن اهي (اهي راز واريون) خبرون وڃي ٻين
ڌارين (بي قدرن) سان ٿو ڪرين.
14
جيڪي سِڪَڻُ سِکُ، نا ته پَسُ سِڪَندِيُون
پاسي تَنِي مَ لِڪُ، نِيہُ نه سُڃاڻَنِ جي.
[140]
سمجهاڻي:
(اي سڪايل)، يا ته تون پاڻ عشق جو طريقو (ضروري
ڳالهيون)، سک، يا وري ٻين سڪڻ وارين جي حالت ڏسي
پوءِ سمجهه
(اهو طريقو اختيار ڪر). باقي (انهن ٻنهي کان
سواءِ) تون ڪنهن ٽئين اهڙي
اڻ
ڄاڻ جو پاسو نه وٺ (ڀرسان نه وڃ) جن کي عشق جي ڪا
خبر ئي ڪانهي.
15
جي تون سِڪَڻُ سِکئو، ڪاتِيءَ پَئي مَ ڪَنجُهه
سُپيريان جي سُورَ جو، ماڙُهنِ ڏجي نه مَنجُهه
اَندرِ اِيءُ اَهَنجُ، سانڍجِ سُکائُون ڪَري.
[141]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن تو عشق جو طريقو اختيار ڪيو آهي ته پوءِ
ڪاتيءَ سان ڪسجڻ وقت ڪنهن به قسم جون دانهون نه
ڪر. (هلڪو آواز به نه ڪر). ڇاڪاڻ ته سڄڻن جي ڏنل
سور جو راز (ڇا به ٿئي) عام ماڻهن کي نه ٻڌائجي.
بلڪ اهي سڀ سور ۽ سختيون وڏيءَ عقيدت وچان سوکڙي
سمجهي اندر ۾ سنڀالي رک (انهن کي جيءَ ۾ جايون
ڏج).
16
جان وَڍيين تان ويهُه، اَڻ- وَڍيو تان واٽَ ٿِيءُ
هِيءُ تَنِي جو ڏيهُه، ڪاتِي جَنِي هَٿَ ۾.
[142]
سمجهاڻي:
(اي طالب) جيڪڏهن تون (عشق ۾) گهائجي (فنا ٿي)
چڪو آهين ته پوءِ ڀلي اتي (محبوبن وٽ) ويهه. پر
جيڪڏهن تون اڃان اڻ وڍيل آهين ته پوءِ پنهنجو رستو
پڪڙ. توکي خبر هجڻ کپي ته هيءُ اهڙو هنڌ آهي، جتي
محبوبن وٽ عاشقن کي ڪهڻ لاءِ هٿ ۾ هردم ڪاتي آهي.
[عاشق
جو محبوب جي هٿان ڪسجڻ جو تصور مثنويءَ ۾ اڪثر ملي
ٿو. جيئن هڪ هنڌ چوي ٿو:
جز
بدست خود مبرم پاوسر،
که
ازين دستم نه از دست دگر.
(دفتر چهارم، ب- 316)
معنيٰ: اي محبوب، منهنجا پير ۽ مٿو تون پاڻ ڪاتيءَ
سان ڪپجانءِ. ڇو ته مان تنهنجي هٿن ۾ قتل ٿيڻ
چاهيان ٿو ۽ نه ڪنهن ٻئي جي هٿن سان!]
17
پِهِرين ڪاتِي پاءِ، پُڇِجُ پوءِ پِرِيَتَڻُو
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلُ ۾، واڄَٽَ جِئَن وَڄاءِ
سِيخُنِ ماهُ پَچاءِ، جان نالو ڳيڙُءِ نِيہَ جو.
[143]
سمجهاڻي:
(اي عشق الاهيءَ جا طالب) پهريائين پاڻ کي ڪاتيءَ
وجهڻ لاءِ تيار ڪر (ڪسجڻ جهڙو ٿيءُ)، تنهن کان
پوءِ عشق جو نالو وٺ. تون پنهنجي تن بدن کي دلبر
جي درد سهڻ لاءِ ائين تيار ڪر، جيئن ڪو ساز وڄندو
آهي (تون سراپا سوز ۽ ساز ٿي پئو). عشق جي نالي
وٺڻ (محبت جي ميدان ۾ داخل ٿيڻ) جو مطلب آهي ته
تون پنهنجي بدن جو ماس سيخن ۾ وجهي. ٽانڊن تي
پچاءِ! (اهو ڪم ايڏو عذاب ۽ ايذائن سهڻ جي برابر
آهي).
18
ڪاتِي ڪونهي ڏوهُ، ڳَنُ وِڍِيندَڙَ هَٿَ ۾
پَسئو پَرِ عَجيبَ جِي، لِچِئو وَڃي لوهُ
عاشِقَنِ اَندوهُ، سَدا مَعشوقَنِ جو.
[144]
سمجهاڻي:
(اي عاشق، هيءُ ڳالهه سمجهه). ڪاتيءَ جو ڪوبه
ڏوهه ڪونهي، ڇو ته ڪاتيءَ جو مُٺيو هلائيندڙ جي هٿ
آهي (ڪاتيءَ جي باري ۾ شڪايت اجائي آهي، اها پاڻ
بي جان آهي). اهوئي سبب آهي، جو محبوب جي روش
(ارادو) ڏسي ڪاتي پڻ ڪنڌ تان تِرڪي ٿي وڃي (جيئن
حضرت اسماعيل سان ٿيو). ليڪن ياد رک سچا عاشق
سدائين محبوبن جي رضا (راضي رکڻ) خاطر فڪرمند ۽
ڳڻتيءَ ۾ هوندا آهن.
19
ڪاتِي تِکيائِي مَ ٿِيي، مَرُ مُنيائِي هوءِ
مانَ وِرِمَنِ توءِ، مُون پِريان جا هَٿَڙا.
[145]
سمجهاڻي:
(عاشق جي تمنا) شل محبوب جي هٿ واري ڪاتي تيز ۽
تکي نه وهي ۽ ڀلي ته مڏي ئي هجي. انهيءَ ڪري ته
جيئن منهنجي محبوب جا هٿ ڪهڻ ۾ گهڻو وقت وٺن ۽ مون
کي لڳندا رهن.
20
هِڪ جو هَڻي هٿُ کڻي، ٻئو جو جهلي گهاءُ
اِنَهِين سُورَ سَماءُ، آهي ٻِنِ ڄَڻَنِ کي.
[146]
سمجهاڻي:
هڪ اُهو محبوب جيڪو ٻانهن اُلاري زورائتو ڌڪ ٿو
هڻي ۽ ٻيو عاشق جيڪو سامهون اهو گهائيندڙ ڌڪ ٿو
سهي. انهيءَ گهاءَ (ڪيفيت) جي پوري خبر رڳو انهن
ٻن ڄڻن کي ئي آهي.
21
تو جَنِي جِي تاتِ، تَنِ پُڻ آهي تُنهنجِي
”فَاذڪُرُونِي اَذڪُرڪُم“ اِيءُ پَرُوڙِجِ باتِ
هَٿِ ڪاتِي ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِينِ جِي.
[147]
سمجهاڻي:
(اي طالب) تون جن کي هر وقت ياد ڪري رهيو آهين،
سي پڻ توکي ياد ڪن ٿا (اهو عشق جو بنياد آهي).
قرآن جي آيت، ’توهان مون کي ياد ڪريو ته آءٌ اوهان
کي ياد ڪريان، کي چڱيءَ طرح سمجهه. محبوب جي هٿ ۾
ڪاتي آهي (سندس ظاهري روش سخت آهي) پر سندس
ڳالهائڻ ۾ مٺاڻ آهي. هو ان ريت ئي پنهنجن پيارن جي
خبر چار لهي ٿو.
22
ڪاتِي جَنِ ڳَرِي، مان لَئُه لَڳو تَنِ سِين
مَحبَتَ جي ميدانَ ۾ وَڃان پيرَ ڀَري
اَڏِيءَ سِرُ ڌَري، مانَ ڪُهَنِمِ سُپِرين.
[148]
سمجهاڻي:
جنهن محبوب وٽ ڪهڻ لاءِ ڪاتي هميشه تيار آهي،
منهنجي محبت به ان سان ئي آهي. آءٌ به ان ئي محبوب
وٽ وڃڻ لاءِ سنڀري ويٺو آهيان. شل (آءٌ اهڙو
خوشنصيب ٿيان جو) هو پاڻ منهنجو سر ڪاٺيءَ جي
اڏيءَ تي رکي مون کي پاڻ ڪُهن (منهنجي سر ساهه جي
قرباني قبول ڪن).
23
اَڳيان اَڏِينِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباهيا
ڪاٽِ ته پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻِ ڀانيين گهَٽِ
مَٿا مَهايِنِ جا، پِئا نه پَسِين پَٽِ
ڪَلاڙَڪي هَٽِ، ڪُسَڻَ جو ڪوپُ وَهي.
[149]
سمجهاڻي:
(محبوب وٽ عاشق سِر تريءَ تي رکي آيا آهن) قطار ۾
اڳيان بيٺل عاشق قربان ٿيڻ لاءِ اڏين جي ويجهو اچي
پهتا آهن ته پويان بيٺل تياري پيا ڪن. اي سچا
عاشق، هڪ دفعو تون پنهنجو سر وڍي ڏيکار ته قبول
پوي، متان ان ۾ ڪا گهٽتائي ڪرين. تون پنهنجي
سامهون هيٺ پٽ تي پيل وڏن عاشقن جا وڍيل سر ڇو نٿو
ڏسين؟ (اهو ئي ته وڏي ۾ وڏو اعزاز آهي، جيڪو نصيب
وارن کي ملي ٿو). ياد رک، محبت جي ميخاني ۾ (مرشد
وٽ) اهو سر وڍڻ ۽ ڏيڻ جو ئي دستور آهي.
24
مَٿي وَٽِ مڙَن، ته سَڀَڪَهِين سَڌَ ٿِيي
سِرَ ڏِني سَٽُ جُڙي، ته عاشِقَ اِيئَن اَچَنِ
لِڌا تي لَڀَنِ، مُلِ مَهانگا سُپِرِين.
[150]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن فقط سِر ڏيڻ (سر جي قرباني) سان محبوب ملن
ته جيڪر هر ڪنهن کي ساڻن ملڻ جي خواهش ٿئي. بلڪ
صرف سِر جي عيوض اهو سودو ٺهي وڃي ته جيڪر ڪيئي
عاشق سِر ڏيڻ لاءِ تيار ٿي بيهن. اهو ئي سبب آهي
جو اهڙا ڀاڳ وارا عاشق به ورلي ٿا پيدا ٿين ۽ اهڙن
محبوبن جو (سر عيوض) ملڻ وري ان کان وڌيڪ مشڪل
آهي.
25
ناڻي ناهِ ڪَڪُوهُ ڪِين مُلِ مَهانگو مَنڌُ
سَنباهيجِ سَيدُ چَئي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ
هِيءُ تَنِي جو هَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.
[151]
سمجهاڻي:
اهو شراب (محبوب جو جلوو) پئسن جي عيوض ڪونه ٿو
ملي، بلڪه اهو ملهه تي ملڻ وارو آهي ئي ڪونه!
عبداللطيف چوي ٿو ته ان (جي سُرڪي) لاءِ تون
پنهنجو سر ڪنڌ وٽان وڍي ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويهه. هي
محبوب جي ميخاني وارو ماڳ انهن (سچن عاشقن) لاءِ
آهي، جيڪي اهڙي شراب سان ڀريل مٽڪن وٽ مرڻ (سر
قربان ڪرڻ) لاءِ هر وقت تيار رهن ٿا.
[مثنويءَ ۾ اهڙي شراب طرف هڪ هنڌ هن ريت اشارو ملي
ٿو:
مستي که آيد ز بوئي شاه فرد،
صد خم مي در سرو مغز آن نکرد.
(دفتر سوم، ب- 673)
معنيٰ: اها مستي جيڪا بيپرواهه ۽ يڪتا محبوب جي
خوشبوءِ مان حاصل ٿئي ٿي، سا شراب جي سو مٽڪن
منجهان به مٿي ۽ ميڄالي ۾ ڪانه ٿي پهچي.
ٻئي هنڌ رومي اها وضاحت ڪري ٿو ته شيخ يعني مرشد
جو وجود خود جام شراب آهي.
جام مي هستي شيخ است اي فليو،
کاند رو اندر نگنجد، بول ديو.
(دفتر دوم، ب- 3409)
معنيٰ: اي بيوقوف (بد دماغ) شراب جو جام شيخ جو
وجود اٿئي، جنهن ۾ اندر شيطان ڪا پليتي داخل ڪري
نٿو سگهي.]
26
مُلِ مَهانگو قَطَرو، سِڪَڻُ سَعادَتَ
اَسان عِبادَتَ، نَظَرُ نازُ پِرينِ جو.
[152]
سمجهاڻي:
انهيءَ شراب جو هڪ ڦڙو به تمام وڏي ملهه وارو آهي،
جو ڪيڏي به مُلهه سان نٿو ملي سگهي. اهڙي سڪ نصيب
ٿيڻ به وڏي خوش قسمتي آهي. اسان جو فرض (محبوب جي)
ٻانهپ ۽ بندگي آهي. باقي ڪرم جي نظر ڪرڻ سو ان
پياري پرينءَ جو پنهنجو انداز آهي (هو جڏهن مناسب
سمجهندو ته ان نظر سان نوازيندو).
[مثنويءَ ۾ مرشد جي ديدار کي اهو درجو ڏيندي چوي
ٿو:
ديدن دانا عبادت اين بود،
فتح ابواب سعادت اين بود..
(دفتر سوم، ب- 3001)
معنيٰ: الله وارن کي ڏسڻ عبادت وانگر آهي ۽ نيڪ
بختيءَ جا دروازا کلڻ سمجهه. بيت ۽ شعر ۾ مشترڪ
لفظ ’عبادت‘ ۽ ’سعادت‘ غور طلب آهن.]
وائي
سُپيرِيان جي سُونہَ جِي، ڳالهِه ڪِيئَن نه وَڄي!
وَڃي دَر دوستنِ جي، سُورِيءَ سِرُ سَرهڄي
عاشِقَ اَنگُهنِ چَڙِهئا، ٻِئو سَڀُڪو ڀَڄي
پُڇِجُ پوءِ پِرِيَتَڻُو، پِهِرين سِرُ سَنڄي
عاقِلَ ئِي اوجُهون ٿِئا، ڀورو ڪوهُ نه لَڄي.
[149]
سمجهاڻي:
سهڻي سڄڻ جي سونهن ۽ حسن جي هر طرف هاڪ آهي (هر
طرف اها ڳالهه پيئي ٻڌجي). سچن عاشقن کي وري محبوب
جي سامهون سوريءَ مٿان پنهنجو سر گهور ڪرڻ گهرجي،
اهوئي سبب آهي جو رڳو سچا عاشق ئي سوريءَ جي نيزن
تي چڙهن ٿا، باقي ٻيا سڀ ڀڄي پري ٿين ٿا.
(اي سڪايل)، تون پهرين پنهنجو سر تريءَ تي رک ۽
پوءِ عشق جي واٽ جي پڇا ڳاڇا ڪر. عشق جي راهه ۾
عقلمند انسان به ششدر ٿي ويا ته پوءِ ويچارا اڻ
ڄاڻ ڪيئن نه ڀلجي پشيمان ٿيندا. |