سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:24 

 سُر بلاول

 

داستان پهريون

 

1

اللهَ! جُنگَ جِيَنِ، اَجهي جَنِي گهارِيَان

شالَ مَ سُڪي وِيَرِي جِئَان پَهِي پِينِ

مَرَڪڻُ اَکَڙِينِ، جَنِ ڏِ‎ٺي مُون ٿِئي. [867]

سمجهاڻي: (منگتي جي دعا) اي الله! شل اُهي سخي ۽ چڱا مڙس حياتي هجن، جن جي آسري ۽ اميد تي آءٌ پيئي جيئان. شال (رِڻ واري واٽ جو) اُهو تلاءُ (پاڻيءَ جو دُٻو) سُڪي خشڪ نه ٿئي، جتان واٽهڙو ايندي ويندي پاڻي پيا پيئن. اهڙن (نيڪ سخي مردن) کي ڏسڻ سان منهنجون اکيون کِلي خوش ٿي پون ٿيون.

2

پانڊَپَ سِين نه پاڙِيان سَئين ٻِئا سَردارَ

آهي مِثِلَ مِينہَ جي سَخي تُنهِنجي سارَ

حاتِم هَڙدَ هَزارَ، جُهڙَ تُنهِنجي جهَپِئا. [868]

سمجهاڻي: هن ايڏي وڏي (سخي) سردار سان ٻئي ڪنهن جي ڀيٽ ڪيئن ڪريان! هن جي سخا مينهن مثال آهي، جيڪو سڀ تي وسي ٿو. اي سخي! تنهنجي ڪرم جي ڪڪر حاتم جهڙن ارڙهن هزارن سخين کي به ڍڪي ڇڏيو آهي (تنهنجي سخاوت هُن کي به مات ڪري ڇڏيو آهي).

[هن بيت جي پس منظر ۾ سخيءَ جو اهو ڪردار آهي، جيڪو مثنويءَ ۾ حاتم کان به وڌيڪ نظر اچي ٿو. اهو سخي مرد تبريز جو بدرالدين عمر هو، جنهن جي سخا جي آسري تي قرضي قرض کڻندا هئا ۽ ضرورت جي وقت هو انهن جو پورائو ڪندو هو. هڪ قرضي جنهن تي نوهزار اشرفين جو قرض چڙهي ويو هو، تنهن لاءِ رومي چوي ٿو:

نـﮧ هزارش وام بُد از زر مگر،

بو در تبريز بدرالدين عمر،

حاتم از بودي گداي او شدي،

سر نهادي خاکپاي او شدي.

(دفتر ششم، ب- 3015 ۽ 3017)

معنيٰ: هن جي مٿان نو هزار اشرفين جو قرض هو، ليڪن تبريز ۾ بدرالدين عمر جهڙو سخي ٻڌبو هو. ان زماني ۾ جيڪڏهن حاتم هجي ها ته جيڪر اهو به هن کان بيک گهري ها، بلڪه هن جي پيرن جي خاڪ بنجي وڃي ها.]

3

ڪَري آسَ اَپارَ، ٻارَٽُ جَهلئو نه رَهي

ٻيلي ۽ گِرنارِ، اُٺو گَنگا- جَرُ جَکَرو. [869]

سمجهاڻي: هُو (منگتو) جنهن جي آس ۽ اُميد پوري ٿي سو خوشيءَ مان ايڏو پيو اڇلجي، جو جهليو نٿو جهلجي. جکرو (ناليرو سمو سخي سردار) لس ٻيلي (سنڌ) ۽ گرنار (ڪڇ ڪاٺياواڙ جي جبل) ۾ گنگا جي پاڻيءَ وانگر پئي وُٺو (مانائتو مينهن ٿي وٺو). (هن جي سخا مان سنڌ کان وٺي ڪڇ تائين ماڻهو ڍائجي ويا).

4

جي تُون آسائُو آئِيو، ته وَنءُ جَکَري لائي

مَتان وَڙُ وِڃائِيين ڪِنہ ٻِئي دَرِ واجهائي

سَمي سَامَائي، چِنتا لَٿِي چارَڻين. [870]

سمجهاڻي:  (اي منگتا) جيڪڏهن تون اميد کڻي نڪتو آهين، ته پوءِ جکري جهڙي ڏانهن پنڌ ڪري وڃ. اي چارڻ! متان تون پنهنجو لڇڻ (مان) وڃائين، جو اهڙي سخيءَ کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي در تي وڃين (متان سخيءَ جي وڙائتي سخا هٿان وڃائين). سمي جي سامائجڻ ۽ وڏي ٿيڻ ۽ مشهور سخي ٿيڻ سان سوالين جي ڳڻتي ۽ اُڻ تڻ لهي پيئي آهي (هو ٻئي ڪنهن طرف نٿا واجهائين).

5

جي تُون آسائُو آئِيو ته وَانءُ پانڊَپ پاسِ

گهوڙا هيوَرَ هَٿيَا، وَٺِي آءُ وَٽاسِ

پَرِيندِهين پيياسِ، سُتِي سَخَاوَتَ جِي. [871]

سمجهاڻي:  (اي سوالي!) جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته توکي تنهنجي گهرج مطابق ڏان ملي، ته اصلي وڏي ڏاتار وٽ هلي وڃ. هن وٽ گهوڙا ۽ هاٿي هر وقت موجود آهن، اهي کانئس دان ۾ وٺي اچ. (چون ٿا ته) هن کي ڄائي ڄم کان يا مُنڍ کان ئي سخاوت جي سُتي پيل آهي.

6

وِسَهُه اِنَهِين ويڻَ کي جِئَن دَعوَتَ ڪِي داتا

مَضمَضہ واتا، وِجهُه ته ڏيئِي واتَ ۾. [872]

سمجهاڻي: تون اُن  داتا جي گفتي (قول) تي يقين ڪر، جنهن جي دسترخوان تي تون (هميشه) ويٺل آهين. (دعوت ۾ طعام کائي) تون گُرڙي ڪري، اها هيٺ اڇل ته سهي، ته اهو سخي تنهنجو وات (موتين ماڻڪن ۽ سون سان) ڀري ڇڏي!

[سخاوت جي انتها طور وات سون يا موتين سان ڀرڻ جي تشبيهه مثنويءَ ۾ هن ريت ملي ٿي:

گر بمال و ملک و ثروت فرد مي،

من دهانت را پر از زر کرد مي.

(دفتر پنجم، ب- 3388)

معنيٰ: جيڪڏهن مون وٽ ايترو مال و دولت ۽ ٻيا اسباب هجن ها ته آءٌ تنهنجو وات سون سان ڀري ڇڏيان ها.]

7

پيرَ پَرِيندَهِين ٺَرِئا، اِيندهين لَٿِي اُڃ

وِيَرِي مَنجههِ سُڃَ، ڪَرَ لَڌِي رڻِ- اوڪارِئين. [873]

سمجهاڻي:  (رڻ ۾ رلندي) پري کان پنڌ ڪندي، اُن وقت پير آرام ۾ اچي وڃن ٿا ۽ اُتي پهچندي اڃ به تڏهن لهي وڃي ٿي، جڏهن انهيءَ ويرانيءَ ۾ پاڻيءَ سان ڀريل ويري (ننڍڙي تلاءُ يا کوهي) کي ڪو رڻ پار ڪندڙ ماڻهو ڳولهي لهي ٿو.

8

اَکِينِ سوئِي اوڙِکِئو جو ڪَنين سُئوم ڪَرَنُ

ماءُ مُنهنجو مَنُ، ڄامُ پَسندِهِين پَتئِو. [874]

سمجهاڻي: آخر منهنجي اکين اچي اهو سخي ڄام ڪرن سڃاتو (مون کي ان جو ديدار نصيب ٿيو)، جيڪو صرف ڪنن سان ٻڌو هئم، جنهن جي سخا جون ڳالهيون رڳو ڪنن تائين پهتل هيون. او امڙ! ڄام کي ڏسندي ئي منهنجي دل کي پڪ ٿي ويئي ته برابر اُهو ئي هاڪارو سخي مڙس آهي.

9

جي اُڌمِئو اَڄُ، ته وَسندو سونَ- ڦُڙيين

ڀانَ تَهِين ڏي ڀَڄُ، جالَ ڍَئِيندُئي جَکَرو. [875]

سمجهاڻي: جيڪڏهن هي (ڪرم جو ڪڪر) اڄ گوڙ ڪري مٿي چڙهيو، ته سون جون ڦُڙيون وسائيندو. (جيڪڏهن اڄ سخي جکرو خوش ٿي ڏان ڏيڻ لاءِ ٻاهر آيو، ته سون جي ورکا ڪندو). اي منگتا! اي سوالي! اُن طرف ڏانهن ڊوڙ ۽ جلدي ڪر، جو هو سخي سردار سڀني کي عام جام ڏيئي ڍائي ڇڏڻ وارو آهي.

10

اُڌَمِئو اوڙاهُ، لَکين وَهَنِ واهُڙا

سَمي سَرو چِڪائِيو، پِئي شاهُ گداءُ

راهُوءَ جي رِهاڻَ ۾ نَڪو ڊَرپُ نه ڊاءُ

هوٿِياڻِي هَٿاءُ، وِڙَ پِه وَڃَنِ واسِيَا. [876]

سمجهاڻي: جڏهن (سخاوت جو سمنڊ) اُڌمي (اُڀامجي) مٿي چڙهي آيو آهي، تڏهن ڪيترائي ننڍا واهه ۽ واهيون وهي هليا آهن. سخي سمي ايترا مَٽ چِڪائي تيار ڪيا آهن، جو غريب ۽ امير سڀڪو پيو ڍئو ڪري پيئي. ناليواري سخي راهوءَ جي ڪچهريءَ ۾ ايندي، ڪنهن کي به ڊپ ڊاءُ ڪونه پيو ٿئي. بيشڪ! هوٿياڻيءَ جهڙي سخيءَ جي هٿان دشمن به ڏان وٺيو خوش ٿيو پيا وڃن.

[مثنويءَ ۾ پڻ اهڙي قسم جي سخيءَ جي ساراهه ۾ روميءَ هينئن چيو آهي:

گر بدادي تشنه را بحري زلال،

در کرم شرمنده بودي ز آن نوال.

(دفتر ششم، ب- 3018)

معنيٰ: هو اهڙو سخي هو، جو جيڪڏهن اڃايل کي صاف پاڻيءَ جو سمنڊ بخشي ڇڏي ها ته به پنهنجي شرافت سبب شرمنده ٿئي ها ته اڃا گهٽ ڏنو اٿم.]

11

رَاهُو تُنهِنجِي رِيتِ، پَرکَنڊين ئِي پَڌَرِي

گهَڻا گهوڙي چاڙِهئا تو مُسافِرَ مَسِيتِ

پُڇين ڪا نَه وِڏِيتِ، جي آيا سي اَگهِيا. [877]

سمجهاڻي: اي اڙين جا آڌار راهُو! تنهنجي سخا واري ريت رسم پرڏيهن ۾ به مشهور آهي، جو تو مسجدن ۾ ٽڪندڙ (بيواهن) مسافرن مان به گهڻن کي گهوڙن  تي  چاڙهي ڇڏيو. تو وٽ ذات پات ۽ ننڍوڏائيءَ جو فرق آهي ئي ڪونه. جيڪو ٿو اچي، تنهن کي ٿو نوازين.

12

سَرُ نِهارِجِ سَڀَرو، تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ

ڏِيندُئِي لَکَ لَطِيفُ چَئي، راڄَ راهُوءَ جي رَسُ

وِلَها جِنہ وَنهِيان ڪِئا پاڳَ تِنهين جي پَسُ

ڪوڙيين لاهي ڪَسُ، جي ڳالهائي ڳاٽُ کَڻِي. [878]

سمجهاڻي:  (اي واٽهڙو!) وڏو شاهي تلاءُ جيڪو پاڻيءَ سان ڀريل هجي، اهو نظر ۾ ڪر. هِتي هُتي هر تڙ تي نه بيهه ۽ نه واجهاءِ. عبداللطيف چوي ٿو، ته جڏهن تون ناليري سخي راهوءَ جي ديس ۾ پهچندين، ته هو توکي لَک بخشي ڇڏيندو، جنهن سُڃا ساوا ڪري ڇڏيا. تون انهيءَ سخي سردار جي حاضري ۾ وڃي پهچ. جڏهن هو (ڪرم جي نظر کڻي) ڪنڌ مٿي کڻي ٿو ته ڪروڙن جي دلين تان غريبيءَ جو غم لاهي (خوش ڪري) ڇڏي ٿو.

13

سَنيها سَرِيرَ ۾ راهُوءَ جا رَهِيامِ

ٻِئا دَرَ وِسِرِيَامِ، ڏِٺي جادَمَ جَکَري. [879]

سمجهاڻي: منهنجيءَ دل اندر اُن ناليري سخي سردار (راهوءَ) جا ڳُڻ ۽ ڳالهيون رهجي ويون آهن. مون کان ٻيا سڀ در (جتي وڃي آءٌ سوالي ٿيس) وسري ويا آهن، جڏهن کان مون جادم جکري جي سخاوت ڏٺي آهي.

14

سَمُو سَخاوَتَ جي ويٺو پُڇي پَرِ

ڪوٺِئو ڪَنگالَنِ کي ڏِئي دِلاسا دَرِ

مَٿي وِلَهنِ وَرِ، ڏيهاڻِي ڏاتارَ جِي. [880]

سمجهاڻي: سمو ڄام (جکرو) پنهنجي ليکي سخاوت جي نئين ريت رسم ويٺو وجهي. هو غريبن ۽ مسڪينن کان پاڻ ويٺو پڇي ۽ کين پنهنجي در تي سڏي آٿت ۽ دلاسا پيو ڏئي. هو اهڙو سخي ڏاتار آهي، جيڪو هر روز ڏُتڙيلن ۽ بُکين تي نت نيون مهربانيون ۽ نوازشون ٿو ڪري.

 

15

سَمُو سَوائِي، ٻَهُون ٻِئَنِئان آڳرو

دَانَہَ جِيءَ دَرٻَارَ ۾، وَرَتِي اِيءَ وائِي

ڳُهُڙُ ڳالَهائِي، مُهُڙَ سَڀَ مَلهائِيا. [881]

سمجهاڻي: سمو (جکرو) ٻين سڀني کان وڌيڪ  بختاور آهي ۽ ٻين سڀني کان  سخاوت ۾ سرس آهي. هن داناءُ جي محفل ۾ اِهائي ڳالهه پيئي هلي ۽ هر هر پيئي ورجائجي. وٽس اهو ئي گفتگو آهي  ته ’سوالين کي ڏيو‘. ڳُهڙ نالي جکري سمي اهي ٻول چئي ’مُهَڙِ‘ کي به سُرخرو ڪري ڇڏيو.

16

سَما تو سِرِ ڇَٽُ، نا ته پاڳارا پُرِسَ ٻِئا

ڳُهُڙَ تُنهِنجي ڳَڃَڙي اَچي جالَ جَڳٽُ

جِنہِ جيهوئِي پَٽُ، تِنہِ تيهائِي بِکَيا. [882]

سمجهاڻي: اي سما سردار! بيشڪ تنهنجي مٿي تي (سخاوت جو) تاج سونهي ٿو، باقي پڳدار ۽ چڱا مڙس ته ٻيا به گهڻيئي آهن. اي وڏي کانڌ وارا! تنهنجي ديري تي لاتعداد ماڻهن جا ميڙ (سوالي) اچي ڪٺا ٿين ٿا. جن وٽ جهڙو ڪِشتو يا پيالو آهي، تن کي تهڙي ئي خيرات يا دان ملي ٿو (جن جو جهڙو سوال آهي، جيڪا تمنا آهي، اها ئي پيو پوري ڪري).

17

جان تُون ساقِي آهيين تان وَٽِيءَ وِچُ مَ وِجههُ

جُودُ تُنهنجو جَکَرا آهي ثانِي سِجُ

نِيہَ پِيالو نِجُ، خالِصُ ڏي کُهَينِ کي. [883]

سمجهاڻي:  (اي سخي سردار!) جيڪڏهن تون پاڻ پيالو پياريندڙ آهين، ته پوءِ وارو نه ڀڃ (هڪ ڀيرو ڏيئي، ٻيو ڀيرو رَهائي نه ڇڏ) اي جکرا! تنهنجي سخاوت سج جي مثال آهي (جيڪو هر ڪنهن کي جتي ڪٿي ٿو روشني ڏئي). تون خالص محبت جو جام هنن ڏُتڙيلن ۽ هيڻن کي پيو پيار.

[هن سلسلي ۾ روميءَ جو انداز بيان ڪجهه هن ريت آهي:

ما   اگر   فلاش   وگر   ديوانه   ايم،

مست آن سامي و آن، پيمانه ايم.

(دفتر دوم، ب-2571)

معنيٰ: اسان سڀ ڀلي مفلس هجون يا چريا پر ان ساقي ۽ پيالي جا مست آهيون.]

18

هَٿان جادَمَ جَکَري وَٽِي پوءِ مَ وِچُ

اَچو آيا نِچُ، سَمي وائِي واتَ ۾. [884]

سمجهاڻي: جادم جکري جي (جادم جي پيڙهيءَ ۾) اها ريت نه آهي، جو پياريندڙن جو وارو ڀڃي (هر هڪ کي واري وٽيءَ سان ملي ۽ ڪنهن کي به محروم نه ڪري). هن سمي سردار وٽ هروقت ’اچو اچو‘! ڀلي آيا ڀلي آيا! لڳي پيئي آهي (اها وائي سندس وات آهي).

19

هَٿان جادَمَ جَکَري وَٽيءَ وِچُ مَ پوءِ

پِي پِي سو پُرِ ٿِئي جو حاتِمَ پاسي هوءِ

ڪَيفَ ڌاران ڪوءِ، جِئي ڪو مَ جَهَانَ ۾. [885]

سمجهاڻي: جادم جکرو پنهنجي هٿان پيالي پيارڻ ۾ دير نٿو  ڪري،  بلڪه جيڪو هن حاتم جهڙي سخي مرد جي هيڪر ويجهو پهچي ٿو، سو پي پي ڍاپجي وڃي ٿو. سندس پيارڻ جي رواج موجب جهان ۾ نشي ۽ سُرور کان سواءِ ڪو بچي ئي ڪونه ٿو.

[مثنويءَ ۾ حضرت عيسيٰ جي دور ۾ هڪ اهڙي امير جي تعريف ڪندي، رومي هيئن چوي ٿو:

بود اميري خوش دلي مئي باره،

کهف هر مخمور و هر بيچاره.

مشفقي مسکين نوازي عادلي،

مکرمي زر بخشي و دريا دلي.

شاه مردان و اميرالمومنين،

راه بان و راز ان و دوست بين.

(دفتر پنجم، ب- 3439 کان 41)

معنيٰ: ان زماني ۾ هڪ امير دل جو سخي ۽ شراب دوست هو، جيڪو هر پيئندڙ ۽ بيڪس جو سهارو هو. هو ڏاڍو مهربان ۽ غريب پرور هو. هو اهڙو دريا دل هو جو سون (اشرفيون) ورهائيندو هو. هو بهادر ۽ رستن جو نگهبان ۽ رازدان حڪمران هو.]

20

دُڪو دارُونءَ هيڪَڙو جي وِڪامي پَدَمِ

سَمُو دَمِ قَدَمِ، ٿو جالَ پِياري جَکَرو. [886]

سمجهاڻي: جيڪڏهن شراب جو هڪ تولو (ٿورڙو مقدار) هڪ پدم (ڏهه لک ارب يعني تمام وڏي رقم) ۾ وڪامڻ لڳي، پر تڏهن به جکري جهڙو سخي سردار هردم ۽ هر گهڙي عام خاص کي پيو پيئاري.

[رومي ان امير جي شراب جي قيمتي هجڻ جو بيان هن ريت ڪري ٿو:

جُرعه زان جام راهب آن کند،

که هزاران جُرعه و خمدان هرکند.

(دفتر پنجم، ب- 3447)

معنيٰ: ان راهب جي شراب جي هر ڍڪ مان اهڙو سُرور ٿي پهتو، جيڪو ٻئي هنڌان هزارن ڍُڪن ۽ مَٽن مان به نه پيو حاصل ٿئي.]

21

دُڪو دارُونءَ هيڪَڙو جي وِڪامي نِيلَ

سَمُو ڄامُ سَبِيلَ، ٿو جالَ پِياري جَکَرو. [887]

سمجهاڻي: جيڪڏهن شراب جو صرف هڪ دُڪو نيل (پدم، دهه پدم پوءِ نيل) جي برابر مهانگو ملڻ لڳي، تڏهن به سمو ڄام جکرو گهٽتائي ڪرڻ بدران واٽهڙن کي مفت پاڻي وانگر پيو پيئاري.

22

ڏِٺي جادَمَ جَکَري چِتِ ٻِئا چَڙهنِ ڪِينَ

سَمُو تَنِ سارُون لَهي جي مُٺا ۽ مِسڪِين

اِنَهِين مَلَ مُبِينَ، لَڌِي سارَ سَڀِنِ جِي. [888]

جڏهن کان جادم جکري جي خبر پيئي آهي ته هاڻي ٻيو ڪو سخي ياد ئي نٿو اچي. سمو سردار پاڻ انهن جي سارسنڀال ٿو لهي، جيڪي ويچارا وڌيڪ مجبور ۽ مسڪين آهن. بيشڪ انهيءَ باهمت (سخي مڙس) ئي پڌري پٽ (عالم آشڪار) سڀني ننڍن وڏن جي خبر چار پئي رکي آهي.

23

ڏِٺي جادَمَ جَکَري چِتِ نه ٻِئا چَڙَهَنِ

ته ڪُہُ کُوهَ کَڄَنِ، جُہُ سَرُ لَڀي سَڀَرو. [889]

سمجهاڻي: جادم جکري (جي سخا) ڏسڻ سان ٻيا سڀ سورهيه سخي دل تان وسري ويا. هاڻي اهي ياد ئي ڪونه ٿا اچن، ڇو ته جڏهن وڏو شاهي تلاءُ (پاڻيءَ سان ڀريل) لڀي پوندو آهي، ته پوءِ کوهه ڪونه کڻائبا آهن.

24

پَسَندهِين پُرِ ٿِئا جَکرو ۽ جاجِڪُ

تِئان ڏِنِي مَڱڻي طَهُورا جي تِڪَ

سَمي ڀَڳِيَسِ سِڪَ، واصِلُ ٿِئو وِصَالَ سِين. [890]

سمجهاڻي: جکري جي ديدار سان پاڻ ۽ منگتو ٻيئي مخمور ٿي ويا. اتان ئي منگتي کي پاڪ شراب جي سُرڪي نصيب ٿي. سمي ڄام کيس (ڍئو تي پيئاري) سندس سڪ لاهي ڇڏي ۽ هي منگتو وڃي واصل (بالله) ٿيو.

[مثنويءَ ۾ ان طرف هن ريت اشارو ملي ٿو:

بهر مخمور خدا جام طهور،

بهر اين مرغان کور اين آب شور.

(دفتر پنجم، ب- 3595)

معنيٰ: جيڪي خدا جا مست آهن، تن لاءِ هر وقت طهورا شراب آهي، پر جيڪي انڌن پکين وانگر آهن، تن لاءِ کارو ۽ ڪسارو پاڻي آهي.].

 

وائي

جان ڏِنائُون پيرَ، جان ڏِنائُون پيرَ

مَٿي اَڱڻَ آئيا، سُونهَڻَ لَڳا سيرَ

جئائين نَبِي نِڱئو ڀَري مُبَارَڪَ پيرَ

لَٿا ڏُک سُکَ ٿِيا، ٿِي واڌائِيءَ ويرَ

ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا اچِي علي شيرَ. [891]

سمجهاڻي: جيئن منهنجي مٺي محبوب جي آمد ٿي ۽ اچي پنهنجا پير گهمايائين ته منهنجي اڱڻ تي (چار چنڊ لڳي ويا)، سڀ گس ۽ واٽون سينگارجي سهڻا ٿي پيا. جڏهن نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم پاڻ پيدا ٿيا ۽ پنهنجا قدم مبارڪ کڻي (هن دنيا ۾) تشريف فرما ٿيا ته (بني نوع انسان جا) هر قسم جا ڏک ۽ تڪليفون سُکن ۽ خوشين ۾ بدلجي ويا. اهو مسرت ۽ مبارڪباد جو موقعو بڻجي پيو. هن جي آمد سان ڪافرن جا قلعا ۽ ڪوٽ حضرت علي سائين شيرِ خدا ڪيرائي وڌا.

 

داستان ٻئو

 

1

جَکَرو جوڙي، پاڻَ ڌَڻِي پَيدا ڪِئو

ڪِهَرَ جِئَن ڪَرُ کَڻِئو، مَلُ مُڇُون موڙي

گهوٽُ چَڙِهئو گهوڙي، پيچِينِ لايا پيچَرا. [892]

سمجهاڻي: الله تعاليٰ ئي جکري جهڙو (سمن جي قبيلي مان وڏي ۾ وڏو سخي) مرد (پنهنجي قدرت سان) پيدا ڪيو. هو سورهيه مڙس شينهن وانگر ڪنڌ مٿي کنيو مڇن کي پيو ٺاهي مٿي ڪري (تاءُ ڏئي). هو گهوٽ (سهڻو جوان) جڏهن گهوڙي تي سوار ٿي هلي ٿو ته ساڻس پيار ڪندڙ پوئلڳ پويان ڊگهيون قطارون ڪري ٿا نڪرن، ايتريقدر جو ڪيئي واٽون ٺهي ٿيون وڃن (هن توڻي ايندڙ بيتن ۾ جکري جي تمثيل حضرت محمد صلي الله عليه وسلم لاءِ ڪم آندل آهي).

2

ڏَمَرِئو ته ڏي، پَرَچئو ته پاٺَ ڀَري

جُنگَ جَکَري کي، ٻَئي چَڱيُون چِتَ ۾. [893]

سمجهاڻي: جکرو جيڪڏهن ڪاوڙجي ٿو ته به ڏئي ٿو، پر جڏهن راضي ٿئي ٿو ته سڀني سوالين ۽ صدا هڻندڙن کي ڀري ڇڏي ٿو. هن وڏي مان ۽ مرتبي واري سخي مرد جي دل ۾ هر حال ۾ چڱائي ۽ نيڪي آهي.

3

ويٺو ڏِئي ڏاتارُ، ٻَڌيو ماڻِڪَ مُوڙِيُون

ڪَمُ نه ڄاڻي ڪِين ٻِئو وِڄا جو واپارُ

لَٿو ڏُرتُ ڏُڪارُ، جُنگَ ساماڻي جَکَري. [894]

سمجهاڻي: اهو سخي ۽ ڏاتار ماڻڪ موتي ڳَنڍين ۾ ٻڌيو پنهنجي هٿن سان پاڻ پيو ورهائي. هن وٽ سخاوت کان زياده ٻيو ڪو گُڻ ۽ ڪرامت ناهي ۽ نڪي ٻيو ڌنڌو ۽ واپار ڄاڻي. بيشڪ! هن وڌ کان وڌ سخي انسان جي آمد سان هر قسم جا ڏک ۽ ڏڪار لهي ويا (هر هنڌ سُڪر سَڻائي ٿي ويئي).

4

جَکَرا تُون جِيين، تُنهنجو ڪَنين مَندو مَ سُڻيان

اکيين ۽ هِنيين، ٻِنهِي تارِي تُنهِنجي. [895]

سمجهاڻي: اي جکرا! (توکي دعا آهي ته) تون شال وڌ کان وڌ جيئرو رهين، وڏي حياتي ماڻين. شال آءٌ پنهنجي ڪنن سان تنهنجي گِلا (غيبت) نه ٻُڌان. منهنجي اکين ۽ دل  ۾ تنهنجي ئي يادگيري آهي ۽ تون ئي منهنجي لاءِ وڏو آسرو ۽ اميد آهين.

5

جَکَرا جِيين شالَ، تُنهنجو ڪَنين مَندو مَ سُڻيان

جِئن تو اَچِي ڪالَهه، آزارِئا آجا ڪِئا. [896]

سمجهاڻي: اي جکرا! (منهنجي تمنا آهي ته) تون شل وڏي عمر ماڻين ۽ آءٌ پنهنجي ڪنن سان تنهنجي باري ۾ (دشمنن کان) ڪابه گلا ۽ غيبت نه ٻُڌان. ڇاڪاڻ ته ڪالهه جيڪي آزار ۽ تڪليف ۾ هئا، تن کي تو اچي آزار ۽ مصيبتن کان آجو ڪيو (انهن جون تڪليفون ۽ ڏک دور ڪيا).

6

جهُڙَ تُنهنجي جهَپِئا هَزارين حاتِمَ

ڪوجهَنَ سَندا ڪَمَ، ڪامِلَ ري ڪيرُ ڪَري. [897]

سمجهاڻي: تنهنجي سخاوت واري ڪڪر ڇانئجڻ سان حاتم جهڙا هزارين سخي انهيءَ ڪڪر جي هيٺان گم ٿي ويا، يعني ته انهن جي سخا ماڻهن کي وسري ويئي. اگلن ۽ عيبدارن جون مرادون تو جهڙي ڪامل کان سواءِ ٻيو ڪير پوريون ڪري سگهي ٿو (تنهنجي سخا کان سواءِ ڪو آسرو ئي ڪونهي).

7

جَنِ جُهَارِيو جَکَرو، وِيلَهه تَنِ وَڃي

سَمُو تَنِ سَڃي، جي اَڻ- تُوڻيا عالَمَ ۾. [898]

سمجهاڻي: جيڪي جکري (جهڙي سخي ڏاتار) کي ياد ڪري انهيءَ وٽ پهچن ٿا، تن کان ويلي واري بک ۽ تنگي (اڻهوند) ختم ٿي وڃي ٿي. بيشڪ سمو (سخين جو سردار) تن ڏي ڌيان ڌري ٿو، جن وٽ هن جڳ ۾ ويلي جي وسيعت به ڪانهي.

8

[899]

 

9

ڀيريُون ڀيري ڀَڃَ، هي جي مَنجهان پورِيُون

ٻِئي دَر ڪِنہِ مَ وَڃُ، ري هاشِمي هيڪَڙي. [900]

سمجهاڻي:  (اي منگتا!) اهي وڏيون ڀيريون، جيڪي تون صبح جو اٿي سردارن جي صحن ۾ ڏان ملڻ خاطر وڄائين ٿو، سي سڀ ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏ. اهي ته هونئن به اندران پوريون يا کوکليون آهن. تون (هاڻي) ٻئي ڪنهن در تي نه وڃ، سواءِ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جيڪو هاشمي نسل مان آهي.

10

جَکَرو جَسَ کَرو، ٻِئا سَڀ اَنِيرا

جِيائِين جُڙئو جَکَرو، تِئائِين نه ٻِئا

مٽِي تِنہِ ماڳا، اَصُلِ هُئِي ايتَرِي. [901]

سمجهاڻي: جکرو ئي سورهيه سردار ۽ ساراهه لائق آهي، باقي ٻيا سڀ رواجي سردار آهن. جکرو جنهن هنڌ يا جاءِ (مٽيءَ) مان خلقيو ويو، اتان ٻيو ڪوئي پيدا نه ٿيو (بلڪه هينئن چئجي ته) انهيءَ هنڌ يا جاءِ تي صرف اوتري ئي مٽي هئي، جنهن مان صرف (جکرو) پيدا ٿيو.

[رومي مثنويءَ ۾ حضور صلي الله عليه وسلم جي خلقت جو بيان ڪندي، اهڙي مٽيءَ جي فضيلت تي بار بار روشني وڌي آهي:

فضلها دزيده اند اين خاکها،

ما مُقر آريم شان از ابتلا.

بس عجب فرزند کو را بوده است،

ليک احمد برهمه افزوده است.

شد زمين و آسمان خندان و شاد،

کاينچنين شاهي زما دو جفت زاد.

(دفتر چهارم، ب- 1006 کان 1018)

معنيٰ: ان مٽيءَ ۾ گهڻيون فضيلتون ڳجهيون رکيل آهن ۽ اسان گهڻي رَک کان پوءِ کانئس اهڙو اقرار ڪرايو. بيشڪ ان مٽيءَ مان عجيب فرزند پيدا ٿيا، پر محمد صلي الله عليه وسلم انهن سڀني ۾ وڌيڪ آهي. ان تي زمين ۽ آسمان ٻيئي ڏاڍا خوش ٿيا ته سندن هنج ۾ اهڙي بينظير بادشاهه جنم ورتو.]

11

جَکَري جِهو جُوانُ، ڏِسان ڪونَه ڏسِينِ ۾

مُهُڙُ مڙني مُرسَلِين، سَرسُ سَندُسِ شانُ

اِيءُ آگي جو اِحسانُ، جِنہِ هادِي ميڙيُم هِهَڙو. [902]

سمجهاڻي: جکري جهڙو (عظيم) انسان (هن دنيا جي) ڪنهن طرف ۽ ڪنهن ڏس ۾ ڪٿي به نظر نٿو اچي (هجي ته نظر اچي!). هو (محمد صلي الله عليه وسلم) سڀني پيغمبرن ۽ رسولن جو اڳواڻ ۽ مهندار آهي (انهيءَ ڪري سندس مان ۽ مرتبو به سڀني کان وڌيڪ آهي). اهو انهيءَ مالڪ ۽ آقا جو وڏو احسان آهي، جنهن اهڙو هادي ۽ رهبر ملايو.

[روميءَ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي هدايت واري پهلوءَ کي هڪ هنڌ هينئن خراج عقيدت پيش ڪيو آهي:

کار هادي اين بود تو هادي،

ماتم آخر زمان را شادي.

(دفتر چهارم، ب- 1471)

معنيٰ: بيشڪ هادي (هدايت ڪندڙ) جو اهو ئي ڪم آهي ۽ تون هدايت ڪندڙ آهين. تون ئي تون هن آخري زماني جي غمگيني ۽ ڏکن ڏولاون ۾ خوشي ڏيندڙ آهين.]

12

جِئائِين جُڙئو جَکَرو، تِنہِ مِٽيءَ ڪونهي مُلُ

اِهَڙو گوهَرُ گُلُ، پاڻَ ڌَڻِي پيدا ڪِئو. [903]

سمجهاڻي: جنهن هنڌان يعني جنهن مٽيءَ مان جکرو بڻيو، اُنهيءَ مٽيءَ جو ڪو ملهه ٿي نٿو سگهي. (حقيقت اها آهي ته) اهڙو هيرو ۽ موتي، گُلن جو گل ڌڻي تعاليٰ پاڻ ئي خلقيو آهي (جيڪو سندس تخليق جو ڪمال آهي).

[مثنويءَ ۾ رومي ساڳئي هنڌ هينئن به چوي ٿو:

مغز او خود از نسب دورست و پاک،

نيست جنبش  از سمک تا  سماک.

             (دفتر چهارم، ب- 1038)

معنيٰ: هن جو اصلي جوهر حسب نسب کان پري ۽ پاڪ آهي. هن جهڙو ڌرتيءَ جي هيٺئين ڇيڙي کان آسمان ۽ عرش جي بلنديءَ تائين ٻيو ڪوئي نه ٿيو آهي ۽ نه ٿيندو.]

13

جَکَرو جَسَ کَرو، ٻِئا مِڙيئي خانَ

مِٽي اِنَ مَڪان، اَصُلِ هُئِي ايتَرِي. [904]

سمجهاڻي: جکرو  ئي (هر لحاظ سان) سچي ساراهه لائق آهي ۽ باقي ٻيا سڀ (نالي ۾) خان ۽ چڱا مڙس آهن. (ٻيا فقط نبي آهن، مگر حضرت محمد صلي الله عليه وسلم نبين جو سردار آهي). اصل ڳالهه اها آهي ته ان جاءِ يا هنڌ تي مٽي صرف ايتري ئي هئي (اها خاص مٽي صرف ايتري هئي).

14

جَکَرو جَسَ کَرو، ٻئا مِڙيئِي ڄامَ

مِٽِي اِنَ مَقامِ، اَصُلِ هُئِي ايتَرِي. [905]

سمجهاڻي: جکرو ئي صحيح معنيٰ ۾ ساراهڻ جوڳو آهي، باقي ٻيا سڀ فقط ڄام آهن. دراصل ان جڳهه تي مٽي ايتري ئي هئي (جيڪا سندس خاص خلقت واسطي هئي).

15

جَکرو جَسَ کَرو، ٻِئا مِڙيئِي مِيرَ

مِٽِي اِنَ خَمِيرِ، اَصُلِ هُئِي ايتَرِي. [906]

سمجهاڻي: جکري لاءِ ئي سدائين واهه واهه ڪجي (ڳُڻ ڳائجن)، باقي ٻيا صرف بادشاهه ۽ اَمير آهن. (دراصل) جنهن خمير مان هو جُڙي تيار ٿيو، اُها مٽي صرف هُن لاءِ ئي مخصوص هئي (انهيءَ ڪري هُن سان ٻئي ڪنهن جو ڪهڙو مقابلو!).

16

جَکَرو جَسَ کَرو، ٻِئا مِڙيئِي مَلَ

سَمي جي سُهاڳَ جي ڪِنہَ نه پيئِي ڪَلَ

مِٽِي اُنَ مُرسَلَ، اَصُلِ هُئِي ايتَري. [907]

سمجهاڻي: جکرو ئي شرف ۽ شان وارو آهي، توڻي جو ٻيا به بهادر ۽ پهلوان آهن. (دراصل) سمي جي بخت ۽ طالع جي ڪنهن کي خبر نه هئي. (حقيقت ۾) اُهو مٺو مرسل جنهن مٽيءَ مان پيدا ٿيو، اُها فقط ايتري ئي هئي يعني هن لاءِ مخصوص هئي.

[رومي حضور صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ آخر ۾ هن ريت اظهار ڪري ٿو:

نور حق را کس نجويد زاد و بود،

خلعت حق را چه حاجت تار و پود.

(دفتر چهارم، ب- 1039)

معنيٰ: الله جي نور جي پيدائش ۽ وجود کي ڪير سمجهي سگهندو؟ جنهن کي حق جي پوشاڪ پهريل آهي، ان جي حقيقت جو ڪير اندازو ڪري سگهندو!]

وائي-1

آسَرو آهي، يا الله! مون کي هوتَ حَبِيبَ جو

مون کي دوستَ حَبِيبَ جو

جان جان اوڏا ڪَرَها پَهُچان تان ڪاهي

موٽُ مُنهنجا سُپِرِين، واڳُون وَرائي

شَفاعَتَ شَفِيع جِي تِنہِ ۾ ڦيرُ هَڏِهن ناهي

مِيرُ مُحَمَدُ ڪارِڻِي اَڙئا ڇَڏائي

اهي ڪَمَ ڪَرِيم جا جِئَن لڱا لَنگهائي

لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چَئي، مُوڙها مِلائي. [908]

سمجهاڻي: اي الله سائين! او مالڪ سائين! مون کي پياري حبيب ۽ محبوب جو آسرو آهي. منهنجو سڄڻ ۽ دوست اُهو ئي آهي. جيستائين آءٌ پنهنجي سواريءَ وارو اُٺ هڪلي پهچان، منهنجي التجا آهي ته منهنجا سپرين تون پاڻ واڳ ورائي اچ. مون کي (روز محشر) شافع جي شفاعت ۾ پڪو ويساهه آهي ۽ ان ۾ ڪا ڪمي ڪانه آهي. بيشڪ محمد صلي الله عليه وسلم ئي اَجهو ۽ آسرو آهي، جيڪو گناهن ۾ ڦاٿلن کي ڇڏائيندو. اُهوئي وڏو مهربان آهي، جيڪو عيبدارن کي پار پهچائيندو. عبداللطيف چوي ٿو ته اُهو سٻاجهو سائين پنهنجي مهر سان سڀني ڀٽڪيلن کي ملائيندو.

[قيامت جي ڏينهن شفاعت جي باري ۾ روميءَ هينئن چيو آهي:

گفت پيغمبر که روز رستخيز،

کي گذارم مجرمان را اشک ريز.

من شفيع عاصيان باشم بجان،

تا رهانمشان ز اشکنجه گران.

(دفتر سوم، ب- 1783- 83)

معنيٰ: حضور صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته قيامت جي ڏينهن مان گنهگارن کي روئندي ڪيئن ڇڏيندس. مان هنن جي دل سان شفاعت ڪندس ته جيئن هنن کي عذاب جي ڳرن ڳٽن ۾ ڦاسڻ کان بچايان.]

وائي-2

پَسِئو سو پَسبو

نَورُ نَبِيءَ جو، نُورُ شَفِيع جو

ظاهِرُ ٿِئو زَمِين تي ڏيهَن جو ڏِئو

خاوَندَ خاصَ خَلقِيو هِهَڙو ڪونَه ٻِئو

ڍَرندو ڇَٽرُ رَسُولَ تِي ڏُوران ئِي ڏِسبو

بابو بِيبيءَ فاطِمَہَ ميڙي  ۾  مَلهندو. [909]

سمجهاڻي: نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جو نور ئي هر طرف پيو نظر ايندو. انهيءَ شافع شفيع جو نور ۽ روشني هر ڏس ۾ پيو جهلڪندو (تجلا نظر ايندا). اهو سڀني ڏيهن ۽ مُلڪن ۾ (سوجهرو ڪندڙ) ڏيئو آهي، جيڪو هن ڌرتيءَ تي اچي ظاهر ٿيو آهي. بيشڪ! مالڪ سائين هُن کي خاص ڪري خلقيو آهي ۽ جهڙس ڪو ٻيو ناهي. رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم تي خدا جو خاص ڇَٽ لٿل آهي، جيڪو سموري خلق کي پري کان ئي نظر اچڻ وارو آهي. (محشر جي) ميڙي ۾ حضرت بيبي فاطمة رضي الله عنها جي والد يعني پاڻ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي سرسي ۽ ڪاميابي ٿيندي.

[مثنويءَ ۾ پڻ حضور صلي الله عليه وسلم کي سج به چيو ويو آهي ته شمع يعني ڏيئو پڻ ڪوٺيو ويو آهي:

يا رسول الله رسالت را تمام،

تو نمودي همچو شمس بي غمام.

(دفتر پنجم، ب- 274)

معنيٰ: اي الله جا رسول، توهان ڪڪر کان سواءِ سج وانگر رسالت کي پوريءَ طرح ڏيکاري ڇڏيو آهي.

ٻئي هنڌ چوي ٿو:

هين قم اليل، که شمعي اي همام،

شمع اندر شب بود اندر قيام.

(دفتر چهارم، ب- 1456)

معنيٰ: اي (سهڻا سردار) هن انڌيري رات ۾ تون شمع وانگر بيهي روشني ڪر، ڇو ته شمع اونداهي رات ۾ ئي ته روشني ڦهلائيندي آهي.]

داستان ٽئو

 

1

تُون اوڍَرُ، تُون اوڍَڪَو، تُون اَجهو، تُون آڳُ

هِتِ پُڻِ تُنهنجو تَڪيو، مَهند به تُنهنجو ماڳُ

سي لوڙِيُون ڏِينِ نه لاڳُ، جي اَجهي آيُون اَبَڙي. [910]

سمجهاڻي: تون ئي ڍڪيندڙ آهين ۽ تون ئي ڍڪ آهين. هن جهان ۽ اڳئين جهان ۾ فقط تنهنجو آسرو آهي. جيڪي تنهنجي پناهه هيٺ آيون، انهن کي ڪنهن به سزا يا ڏنڊ جو اُلڪو ناهي. هر ڏنڊ ڏوهه کان آجيون آهن.

2

سَمُو تَنِ سَڏَ ڪَري جَنِ تي وڏو ويرُ

اُٿيءُ ته آجِي ٿيان، پاءِ پاڳُوڙي پيرُ

تو رِءَ ٻِئو ڪيرُ، سَرڻِينِ جا سُوٺَا سَهي. [911]

سمجهاڻي: سمو سردار اُنهن کي سڏي پناهه پيو ڏئي، جيڪي وڏيءَ مصيبت ۾ آهن. (اي ابڙا، سردار! پناهه ۾ آيل عورت جي پڪار) ته تون رڪيب ۾ پير پائي، گهوڙي تي چڙهي (مقابلي لاءِ) سوار ٿي اٿي دشمن کي پل، ته آءٌ آزاد ٿيان. توکان سواءِ ٻيو ڪير اُنهن ويچارين جي سِرَن (سامن جا جيڪي پناهه ۾ آيون) جا بار ۽ ذما کڻندو!

3

سَرَڻِينِ جا سُوٺا سَهي، وَسِيلو وِلَهنِ

لُڏي ڪِين لَطِيفُ چَئي اڳئان لالُ لَکَنِ

جِتِ ڪوڙيين ڪِينَ ڪُڇَنِ، اُتِ پاٻوهي پَڌرو. [912]

سمجهاڻي:  اُهو (ابڙو سردار) ئي سام هيٺ آيل عورتن جي سرن جو ذمو کڻي ٿو ۽ بي وسيلن جو اجهو ۽ آڌر بڻجي ٿو. عبداللطيف چوي ٿو ته اهو ڳاڙهو (گهوٽ) بهادر پُٽ لکن جي لشڪر ۾ آڏو ايندي نڪي هٻڪي ٿو ۽ نه وري ڊڄي ٿو. جتي ڪروڙين ماٺ ۾ اچي ڪجهه نٿا ڪُڇن، اُتي هو ويٺو مُشڪي ۽ مُرڪي.

4

سَرڻين جي سُک لَئي سانگِ کنئي سردار

جي آيون ابڙي آڌارِ، سي سُنگ نه

ڏينديون سومريون. [913]

سمجهاڻي: سام پيل عورتن جي سِرن جي سلامتيءَ خاطر ابڙو سردار تلوار هٿ ۾ کڻي ميدان ۾ آيو. سومرن (حاڪمن) جون عورتون جيڪي ابڙي سردار جي پناهه ۾ آيون، سي هاڻي ڪنهن به قسم جو ڏنڊ ڏوهه ڪونه ڀرينديون!

5

جي اَجهي آيُون اَبَڙي، تِنہِ وَڏِي ڄامَ ڄَمارَ

ٻاجَهه جَنهِين جي ٻارَ، اَٺَئِي پَهَرَ اگُوندَرا. [914]

سمجهاڻي: جيڪي ابڙي سردار جي اَجهي هيٺ آيون (سام پيون)، شل! تنهن ڄام جي وڏي ڄمار هجي، جنهن جي ٻاجهه (مهرباني) سببان انهن عورتن جا ٻار ٻچا رات توڻي ڏينهن بي غما ۽ بي ڊپا ٿيا پيا گهمن ۽ ڦرن.

6

آروڙِجِي اُٿيو ديمِينِ  پِييَسِ دُکُ

لاٿائِين لَطِيفُ چَئي عالَمَ تان اَهُکُ

تَنِ سَرڻِينِ ٿِئو سُکُ، جي اَجهي آيُون اَبڙي. [915]

سمجهاڻي: هُو (سورهيه سردار) وڏيءَ ڪاوڙ ۽ جُلهه سان اُٿيو ۽ للڪاريندي حملي ڪندڙ لشڪر تي نگاهه وڌائين. عبداللطيف چوي ٿو، ته هن جي (مثالي) سورهيائي ڪري (تڏهن مظلومن جي مدد ڪرڻ وارو اصول پڪو ٿيو ۽) جڳ جهان تان آزار لهي پيو. ان کان پوءِ ابڙي سردار جي پناهه هيٺ آيل سامن (عورتن ۽ ٻارن) سُک جو ساهه کنيو.

7

آروڙِجِي اُٿيو، ديمِينِ پييَسِ دانہَ

پاٻوهِيو پيرُ کَڻي سَمُو سَرڻِينِ ڏانہَ

مَٿِئان مَٿي ٻانہَ، اُڀو آڇي سُلطانَ کي. [916]

سمجهاڻي: هُو سورهيه جڏهن (جنگ جي ميدان ۾) وڏي جوش وچان هڪل  ڪري ڪاهي پيو ته دشمن جي لشڪر ۾ دانهون ۽ ڪوڪون پئجي ويون. هو فقط سام پيل عورتن جي حفاظت خاطر منهن تي مرڪ آڻي، ميدان ۾ لٿو. هُو چڙهائي ڪندڙ بادشاهه کي (آيل ٻانهون يعني سام ۾ آيل سومريون نه پيو ڏئي، پر) مقابلي ۾ پنهنجي ٻانهن اُڀي ڪري (اُلاري) پيو بادشاهه کي پيش ڪري (هر هر پيو للڪاري!).

8

جُہُ ڇَليُون پَسي نه ڇَڪِئو تِنہِ واکاڻِئو وِکَ

لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چَئي لَکَنِ اڳيان لِکَ

پيرُ نه موڙي پانهنجو تَنگِيءَ پَئي تِکَ

سَرڻِينِ ڏِئي نه سِکَ، هَڪَلَ سِين هالارَ ڌَڻِي. [917]

سمجهاڻي: هُو (دشمن جو) وڏو لشڪر ڏسي هرگز نه ڊنو ۽ نه پٺتي هٽيو، بلڪه سندس (سورهيائيءَ واري) قدم جي ڪري هاڪ پئجي ويئي. عبداللطيف چوي ٿو ته هو لکن جي لشڪر آڏو ذرو به ڪين لرزيو (هٻڪيو). جنگ جي ميدان ۾ ڪيڏي به سختي ۽ تيزي ٿي آئي، پر هُن ڪڏهن پنهنجو پير پوئتي نه ڪيو. هن سام پيل عورتن کي ڪو واءُ سُواءِ نه ڏنو (ته ڇا وهي واپري پيو)، توڻي جو هالار ملڪ جي حاڪم جي وڏي هڪل پئي هلي.

9

پِڙَ ۾ اُڀو پاڻِ، ساٿِيَنِ کي سَڏ ڪَري

ڀَلي جِيءَ لاڏاڻِ، سَڀِ لَنگهِيندا لَڪِيُون. [918]

سمجهاڻي: هو (سورهيه) جنگ جي ميدان ۾ پاڻ اڪيلو  بيٺو پنهنجن دوستن ۽ همراهن کي سڏي ۽ ڪوٺي. اهڙي سرواڻ جي سرواڻيءَ هيٺ سندس سڀ ساٿي اهي ڏکيا لڪ لنگهي پار پوندا.

10

اَبَڙو اَگهامَنِ ۾، سَٻَڙُ جِئَنِ ٻيلي

سي پَٽَ ڪِنہِ نه پُوڻِئا جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي

سَمُو سانوَڻَ مِينہَ جِئن رِڃون ٿو ريلي

اَچَنِ جي ويلي، تَنِ بورَ بَخشي بَٺِ- ڌَڻِي. [919]

سمجهاڻي: هيءُ سورهيه سخي ابڙو اگهامن جي قوم ۾ ائين هو، جيئن لس ٻيلي ۾ سٻڙ ڄام سخي هو. اهي ملڪ ۽ ميدان ٻئي ڪنهن کان نه ڀريا، جيئن هن بهادر ڀري ڏيکاريا. سمي ڄام سخا ۾ مينهن مثل وسي سڀ رڻ پٽ ڀري جل ٿل ڪري ڇڏيا. جيڪي ضرورتمند هن وٽ مانيءَ مهل اچي ٿي نڪتا، تن کي هي والي ڀلا گهوڙا به بخشي پيو ڇڏي.

11

اَبڙو اَگهامَنَ ۾ ڀَرجهَلو بارِي

مَنَهن مُنِي جَکَرو طاماعُنِ تارِي

سَمي سُوالِين کي ويلَههَ وِساري

پُڇي سي پارِي، جي عاجزَ اُجُورَنِ ۾. [920]

سمجهاڻي: هيءُ ابڙو سردار اگهامن ۾ اهڙي سگهاري پُشت پناهه (ٽيڪ) وانگر هو، جيئن ڪنهن ڇني يا منَهن ۾ وچ تي بيٺل مضبوط مُنِي هجي. هو سڀني حاجتمندن ۽ ضرورت وارن جو سهارو هو. اهوئي سخي سمو بُک ۽ ڏک جي ويلي تي پورت ڪرڻ وارو هو. هو پاڻ اهڙن سڀني غريب غربن کي پالڻ وارو هو، جيڪي محتاج مسڪينيءَ ۾ ٿورڙي خير خيرات تي گذر ڪندڙ هئا.

12

صُلحُ ڪَرِ سُلطانَ سين ڪَڍي گَهلَ گَهرا

ته تُون تِنہِ دَرا، ڏِيهاڻِي ڏانَ لَهِين. [921]

سمجهاڻي: (اي انسان!) تون حاڪمن جي حاڪم (قادر مطلق) جي هر لحاظ سان تابعداري ۽ فرمانبرداري ڪر ۽ پنهنجي اندر مان جنگ ۽ جهيڙي جو جنون ڪڍي ڇڏ (خدا جي خلق سان صلح ڪري هل). ائين ڪرڻ سان تون هُن مالڪ جي در تان هر روز نت نوان دان ۽ انعام حاصل ڪندين.

13

اَصغَر ڏي آهِينِ گهڻا، تُون اَڪَبَر ڏي آءُ

متان لوڙو لاهِيين مَجُوسيءَ مٿاءُ

حَيدرَ جي هَٿاءُ، وِڙُهه ته ويرِي مارِيين. [922]

سمجهاڻي: ننڍي جنگ (جهاد اصغر يعني ظاهري جنگ ۽ جهيڙي) ۾ ته اڪثر انسان رُڌل آهن، پر تون وڏي جنگ (جهاد اڪبر يعني نفس سان جنگ) جوٽي ڏيکار. ياد رک! متان برغلائيندڙ نفس (نفس اماره) سان هلندڙ جهيڙو ختم ڪرين (متان اُن جي آڻ مڃين). حضرت علي سائينءَ جي پيروي ڪر ۽ اُن دشمن کي ماري مات ڪر.

[مثنويءَ ۾ جهاد اصغر ۽ جهاد اڪبر جي ڪيترن ئي هنڌن تي سمجهاڻي ملي ٿي. هڪ هنڌ چوي ٿو:

اين جهاد اکبرست آن اصغرست،

هردو کار رستم است و حيدرست.

 (دفتر پنجم، ب- 3803)

معنيٰ: هڪڙو جهاد اڪبر آهي ۽ ٻيو جهاد اصغر آهي. انهن ٻنهي مان هڪ رستم پهلوان جو آهي ۽ ٻيو حضرت علي شير خدا جو آهي.]

14

مَارِ مَ مُطِيعَلِ کي، مَجُوسيءَ کي مارِ

وَڏي جَنگِ مَ وِسَارِ، نَنڍيان نَفعو ناه ڪو. [923]

سمجهاڻي: تنهنجو اهو نفس جيڪو تنهنجي تابع (نفس مطمنئه) آهي، اُن سان ڪهڙو جهيڙو! بلڪه (اصل دشمن) سرڪش نفس (نفس اماره) کي ماري مڃاءِ. اها وڏي جنگ آهي، ان کي دل تان نه لاهه، ڇو ته ننڍي لڙائيءَ مان ڪو فائدو ناهي.

15

نَنڍيان نَفعو ناههِ ڪو، مَ وَڏِي وساري

مَجُوسِي ماري، اَڪَبرَ ڏي اَچيجِ تُون. [924]

سمجهاڻي: ننڍي لڙائيءَ مان ڪو فائدو ناهي (نفس سان جنگ جي مقابلي ۾ ٻيون لڙايون ننڍيون آهن)، جيڪڏهن تون وڏي اصلي (نفس سان) لڙائيءَ کي وساري ويٺو آهين، ته توکي گهرجي ته پهريائين نفس اماره کي ماري (مُڃ ڪر) پوءِ وڏي دشمن سان ويڙهه جي شروعات ڪر

وائي

ڍَڪَ ڍَڪِيندو، مُون نه ڇَڏِيندو

شَفِيعُ شافِعُ سُپِرِين

اَنڌا اُونڌا آکُڙِئَا، سَڀ نِباهِي نِيندو

وَٽان ويچارَنِ جي، داڙُو ٿِي دَڙِيندو

جي ڏوهارِينِ ڏاکَڙا، لَڪَ سِي لَنگهائِيندو

نُور ناڪارُون نه ڪَري، مُحَمدُ مِنَتَ مَڃيندو

هِت پُڻِ حامِي هِنَ جو، اَڳِئان آڌَرَ ڏِيندو

طَهُورا تَڙِئنِ کي پانڊَپُ پِيارِيندو

پاڻُ سُڃاڻِي پاڻِهين ڪامِلُ ڪَرَمُ ڪَرِيندو

طَنبُو آڻي تارَ ۾ عاصِينِ وَٽِ اَڏِيندو

داتا دوزِخِينِ کي لِينگهو لَهرائِيندو

رَسَڻَ ويرَ رَسِي ڪَري مُشڪَ رَنگُ مَٽيندو

رَحمَةُ لِلِعالَمِين اَهُکيءَ آڳَہُ ٿِيندو

اُتي عبدالَلطيفُ کي هادِي هَٿُ جهَلِيندو. [925]

سمجهاڻي:  هُو (نبي ڪريم صلي الله عليـﮣ وسلم) ئي منهنجا عيب ۽ گناهه ڍڪيندو ۽ مون کي ڇڏي نه ڏيندو. اهو محبوب ئي ته شفيع ۽ شفاعت ڪندڙ آهي. هو ئي انڌن يعني ڀٽڪلين، اونڌن يعني گمراهن ۽ ٿاٻڙيلن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلندو. هُو ئي بي واهن ۽ عاجزن جي پاران زوردار حمايتي ۽ سفارش ڪندڙ بڻجندو. ڏوهارين ۽ گنهگارن کي ڏکيا لَڪ لنگهائيندو. هو پاڻ نور وارو آهي، نهڪر نه ڪندو ۽ پاڻ سڳورا منٿ مڃيندا. هن جهان ۾ به اهوئي مددگار آهي ته اڳئين جهان ۾ پڻ هُن جو ئي آسرو آهي. اهو سچو سردار پاڻ ئي اُڃايلن کي پاڪ پيالا پياريندو. هو ڪامل پاڻ لحاظ ڪري مهرباني ڪندو. هو ڏکئي وقت ۾ گنهگارن لاءِ خيما کوڙي ڇانوَ ڪندو. جيڪي دوزخ ۾ وڃڻ وارا هوندا، تن تان پڻ اهو داغ ختم ڪرائيندو. هو جڏهن اتي اچي رسندو، ته مُشڪ واري رنگ ۾ هوندو. هو ٻنهي جهانن جي رحمت آهي، تڏهن ته تڪليف ۽ اَهنج وقت اچي مددگار ٿيندو. عبداللطيف کي اميد آهي، ته اهو رهبر ۽ هادي پاڻ اچي هٿ وٺندو ۽ مدد ڪندو.

[مثنويءَ ۾ مختلف هنڌن تي رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ ساڳئي قسم جا الفظ ۽ انداز ملي ٿو:

پس بکش تو زين جهان بي قرار،

جوق کوران را قطار اندر قطار.

 (دفتر چهارم، ب- 1470-71)

معني: اي ڪريم، بس تون ئي هن ناپائيدار جهان مان انڌن جي ٽولن کي قطارون ڪري اڳتي وٺي وڃ.

ٻئي هنڌ چوي ٿو:

زان محمد شافع هر داغ بود،

که زجز شـﮧ چشم او مازاغ بود.

(دفتر ششم، ب- 2861)

معنيٰ: حضرت محمد صلي الله عليه وسلم هر گنهگار جي شفاعت ڪندڙ آهي، ڇو ته هن جون اکيون حق تعاليٰ کان سواءِ ٻئي ڪنهن ڏانهن ڏسڻ ۽ متوجهه ٿيڻ واريون ناهن.]


·  هي بيت شاهه جي ڪلام مان خارج سمجهڻ گهرجي. وضاحت لاءِ ڏسو شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام، جلد ستون، صحت نامو ص-626 ۽ 627.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org