وائي
ڪَوا ڪان ڪان ڪَندا،
وِهَــــاڻِــــيءَ وَڻَــــــنِ ۾
مون ڏِٺا، مون وِسَهَو، اَنڌَنِ ڀيچي انڌا
اَچِي عَدالَتَ ۾، ويهِي وَٽُ وِجهَندا
حَلالُ ڇڏي هِتَهِين مَٿي ڍُونڍَ ڍَرَندا
ڦِٽَل ڦَهيارَنِ تي اوريائين اَڙَندا
سَڱُ جيڏاهِين سُرهَو، تيڏانہ نه تَرَسَندا
هَنڌان هِدايت جي، اُستُخوانَ آڻيندا
چَمڙي وارَ چُهِنبَ وَڍِئا، هُمَاءَ سين نه هَلندا
هُدهُد پاسي هَنجهَڙا ويٺا اِيئَن وِهُسَندا
طالِعَ طائُوسَنِ جا پَسئو زاغَ پَچَندا
ڪُوڙا ڪِرِفتيءَ تي سَٽُون ڏيو سِرنَدا
ڪُوڙا ڪانگيرا ڪِئو مُٺا تان مَرڪَندا
پَرچِي پاڙهيرينِ سِين، چُوڻو تان چُڻندا
حَدَ لنگهيائُون حَقَ جِي، ٻنهي پيرين ٻَجهَندا
[475]
سمجهاڻي:
جڏهن
ڏينهن لهڻ وارو ٿيندو (پڇاڙيءَ جو وقت اچي ٿيندو)
آهي ته ڪانوَ وڻن ۾ ويهڻ وقت ڪان ڪان پيا ڪندا.
آءٌ ڏسان ٿو ۽ جيڪڏهن منهنجي ڳالهه تي اعتبار
ڪريو ته انڌا انڌن سان سڀ گڏ ٿي پيا هلندا، عدل
ڪرڻ وارا (انصاف بجاءِ) ڳالهين کي اجايا پيا وٽ سٽ
۽ ڦيرا ڏيندا. هو حلال کي ڇڏي حرام جي ڪڍ پيا
ڊوڙندا ۽ ڊڪندا، ننڍين بي سود ڳالهين (ڪني مڇيءَ)
مٿان جلدي ۽ تڪڙ ڪري ڪري پوندا، جنهن طرف چڱائيءَ
جو رستو آهي اوڏانهن اصل نه ويندا. هدايت واري
مقام تان هڏا کڻي هلندا، چهنب وڍيل بد شڪل چمڙي
جهڙا هماءَ پکي سان ڪونه هلندا. هدهد پکيءَ جي
ڀرسان هنجهڙا ويهي پيا ڪڏندا. مورن جو بخت ڏسي،
ڪانو ڪانگيرا پيا سڙندا، جيڪي ڪوڙا آهن سي غلاظت ۽
گندگيءَ جي ڍير تي ڍرندا. سڀ ڪوڙا گڏ ٿيو گوڙ ڪري
مشڪل وارن تي پيا ٽوڪون ڪندا ۽ کلندا، شڪارين سان
ملي، پٽ تي پيل داڻو پيا کائيندا، (آخر) حق جون
حدون اورانگهڻ ڪري ٻنهي پيرن سان سوگها ٻڌبا.
[هن وائيءَ جي پس منظر ۾ مثنويءَ جا ڪيترا شعر ملن
ٿا. بومسيلم ڪوڙي نبيءَ جو ذڪر ڪندي رومي اهو
ساڳيو نقشو چٽيو آهي:
ورنه اين زاغان دغل افروختند،
بانگ بازان سپيد آموختند،
بانگ هدهد گر بيا موزد قطا،
راز هدد کو و پيغام سبا،
بانگ بررسته ز بربسته بدان،
تاج شاهان را ز تاج هدهدان،
حرف درويشان و نکته عارفان،
بسته اند اين بي حيايان بر زبان،
بود شان تميز، کآن مُظهر کند،
ليک حرص و آز کور و کر کند،
کوري کوران ز رحمت دور نيست،
کوري حرص ست کآن معذور نيست.
(دفتر چهارم، ب- 1700)
انهن (ڪوڙن) ڪانون (غلط رهبرن) ڏيئو ٻاري (دوکي
ڏيڻ خاطر) پاڻ سفيد باز (نمائشي رهبر) واري ٻولي
اختيار ڪئي آهي. ڇا جيڪڏهن ڪا ڪونج هدهد جي ٻولي
سکي وٺي ته اها سليماني راز جون ڳالهيون ڪري
سگهندي؟ اڏامڻ وارن کليل پرن ۽ ٻوٽيل پرن کي سڃاڻ.
بادشاهن جي تاج ۽ هدهد جي تاج ۾ فرق سمجهه! الله
وارن عارفن ۽ درويشن جون ڪي ڳالهيون هنن ڪوڙن
بيحياون سکي ورتيون آهن. هنن ۾ ايترو عقل هو، جو
سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪن ها، پر کين حرص ۽ لالچ انڌو ۽
ٻوڙو ڪري ڇڏيو. انڌن جي انڌائپ به الله جي رحمت
سان دور ٿي سگهي ٿي، پر لالچ ۾ انڌي ٿيڻ واري جي
معذوري ختم نٿي ٿي سگهي!
ڪانون جي ڪان ڪان ۽ سندن غلاظت يا گندگي کائڻ
وارين عادتن جي باري ۾ روميءَ هن ريت نشاندهي ڪئي
آهي:
کاغ کاغ و نعرهء زاغان سياه،
دايما باشد بدنيا عمر خواه.
عمر بيشم ده که
گُـﮧ
مي خورم،
دائم اين ده که بس بدگوهرم.
گر نه گُـﮧ خوارست آن گنده دهان،
گويدي کز خوي زا غم وارهان.
(دفتر پنجم، ب -767 ۽ 769)
معنيٰ: ڪارن ڪانون جي ڪان ڪان ۽ گوڙ شور جو مقصد
هن دنيا ۾ ڊگهي عمر جي خواهش آهي. ڪانو (نفس) جي
ڊگهي عمر طلبڻ جو هڪڙو ئي مطلب آهي ته جيئن هو
ڪرفتي کائي. هو هميشه واري حياتي پيو گهري ته جيئن
ان گندگي (دنيا) مان پنهنجي سَڌ پوري ڪندو رهي ڇو
ته هو اصل کان بد بنياد آهي. جيڪڏهن هو ڪرفتي کائڻ
وارو نه هجي ها ته ضرور هيءَ دعا ڪري ها ته اي
مولا، مون کي بدطينت هجڻ کان نجات ڏيار!]
داستان ٽئو
1
نازَ مَنجهارا نِڪِرِي جَڏِ پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ
ڀُون پُڻ ’بِسم للهِ‘ چَئِي، راههَ چُمِي ٿِي
رَندُ
اُڀِيُون گهَڻِي اَدَبَ سِين وٺي حُورُون هَنڌُ
مون کي سائينءَ جو سَوڳنڌُ، جِئن ساجَنُ
سَڀنِئان سُنهَڻُو. [476]
سمجهاڻي:
منهنجو
محبوب جڏهن ناز (مان ۽ شان) سان نڪري هلڻ شروع ڪري
ٿو ته ڌرتي پڻ ’بسم الله‘ (ڀلي آئين اصطلاحي
مفهوم) چوي ٿي، ۽ اهو هنڌ يا رستو (جنهن تان پرين
هلي ٿو) سندس پيرن جا نشان چمي ٿو. (انهيءَ مهل)
حورون (هٿ ٻڌي) ادب سان اچي بيهن ٿيون ۽ (ديدار
ڪري)حيرت ۾ پئجي وڃن ٿيون. مون کي مالڪ سائينءَ جو
قسم آهي ته منهنجو محبوب (ڪائنات جي هر شيءِ کان)
وڌيڪ حسين آهي.
[هن بيت ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي معراج
واري واقعي ڏانهن واضح اشارو آهي، جيئن مثنويءَ ۾
ملندڙ هنن بيتن مان ظاهر آهي.
آنکه او از مخزن هفت آسمان،
چشم دل بربست روز امتحان.
از پئي نظارهء او حور و جان،
پر شده آفاق هر هفت آسمان.
قدسيان افتاد بر خاک رهش،
صد چو يوسف او فتاده درچهش.
خويشتن آراسته از بهر او،
خود ورا پرواي غير دوست کو.
(دفتر اول، ب- 3949-52)
معنيٰ: هن (سهڻي سڄڻ) ان واقعي واري ڏينهن ستن
آسمانن جي دولت ڏانهن اک کڻي نه ڏٺو. هوڏانهن سندن
ديدار لاءِ حورون ۽ ٻيا ارواح ستن آسمانن تي گڏ
هئا. مقدسي فرشتا سندس پيرن جي خاڪ کي چمي رهيا
هئا. حضرت يوسف عه جهڙا سوين سندس مشتاق هئا. هن
جي واسطي سڀني پاڻ کي سينگاريو ۽ سنواريو هو. ليڪن
پاڻ سڳورن کي دوست (الله تعاليٰ) کان سواءِ ٻئي
ڪنهن جو فڪر نه هو.]
2
صُورتَ سَندِيَنِ سالَ، پاڻَ مُصاحِبَ سُپِرِين
مَولي ڏِنَنِ مُنہ ۾ نُورِي نيڻَ نِهَالَ
سَندي خوابَ خِيالَ، مُون مَنُ مَستانو ڪِئو.
[477]
سمجهاڻي:
منهنجي
محبوب جي شڪل ۽ صورت سراسر سهڻي آهي ۽ پاڻ ئي
همدردي ۽ محبت ڪندڙ آهن. الله پاڪ سندن منهن
(مبارڪ) ۾ (دلين کي راحت ڏيندڙ) نور ڀريل نيڻ ڏنا
آهن، جن جي صرف تصور ۽ خيال ئي منهنجي دل کي
ديوانو ۽ بي قابو ڪري ڇڏيو آهي.
3
ڳاڙها ۽ ڳُوڙها، سَڄَڻَ ڊراکَ ڇُڳنِ جئن
مُڪائُون مَحَبتَ جا جهاٻا ۽ جهُوڙا
سَچُ ڪِ سَنڀُوڙا، سَڄَڻَ اَچِي سامُهَان. [478]
سمجهاڻي:
منهنجا
محبوب انگور جي ڇڳن وانگر (جڏهن اهي پچندا آهن)
ڳاڙهي رنگ تي مائل ۽ ڳورا آهن. مون ڏانهن پاڻ (قرب
ڪري) محبت جون سوکڙيون پاکڙيون موڪليون اٿائون.
(ڇا واقعي؟) منهنجا سڄڻ تيار ٿي مون ڏانهن اچڻ
وارا آهن؟ (مون کي خوشيءَ کان اعتبار نٿو اچي!).
4
پاٽُوندَرَ ماڻِڪَ پِرين، عَطَرَ سِين آهِينِ
گهُنڊِڙِي نه لاهِينِ، سَڄَڻَ بَنڀي وارَ جِئَن.
[479]
سمجهاڻي:
منهنجا
سڄڻ پٽ جي پوشاڪ پهريل (وڏي شان وارا) ماڻڪ موتي
وانگر (جرڪندڙ) آهن ۽ عطر جي خوشبوءِ سان مهڪيل
آهن. سندن پيشانيءَ ۾ پيل گهنج (حسن ۽ سونهن جو
اهڃاڻ) لهڻ وارو ناهي. منهنجا سڄڻ ڪڪوريل ڀوري رنگ
وارا سدائين سهڻا آهن.
5
پاٽُوندَرَ ماڻِڪَ پِرين، عَطُرَ سِين اَمُلَ
مُنہِ گهُنڊِي تَڻَ ڳَلَ، ڀوري لوڪَ نه لَکَئِا.
[480]
سمجهاڻي:
منهنجا محبوب پَٽ (ريشم) وانگر نرم آهن ۽ ماڻڪن جيان
(تجليدار)
آهن ۽ بي بها عطر جي هٻڪار وارا آهن. سندن منهن ۾
ناز واري گهنڊي (شوخي) آهي ۽ سندن ڳلن تي سهڻي مرڪ
واري تڻڪ (ڪشش) آهي، پر انهن سڀني خوبين جي اٻوجهه
ماڻهن کي خبر ئي ناهي.
[محبوب جي بي مثال سونهن سان گڏ هن جي سڳنڌ ۽
سرهاڻ جي تعريف مثنويءَ ۾ هڪ هنڌ هينئن بيان ٿيل
آهي:
بوئي آن دلبر چون پران مي شود،
اين زبانها جمله حيران مي شود.
(دفتر سوم، ب- 3843)
معنيٰ: جڏهن هن دلبر دوست جي خوشبو اچڻ لڳندي آهي
ته سڀ زبانون يعني ماڻهو حيران پريشان (ڪجهه ڪڇڻ
کان) ٿي ويندا آهن.
6
مُنهِنجِي مَحبوبَنِ، ڪچِي ڪِئَڙِي ڪانَڪا
توڻي اَگَلِي آهِيان تان پِي سَندِي تَنِ
جامو ڏيئِي جَنِ، منهنجيون ڍِليون سَڀِ
ڍَڪائِيُون. [481]
سمجهاڻي:
منهنجي دوست ڪڏهن به منهنجن عيبن ۽ اوڻاين کي ظاهر
نه ڪيو، توڻي جو آءٌ عيبدار آهيان پر پوءِ به انهن
جي آهيان. منهنجي سڄڻ پنهنجو پاند ڏيئي هميشه
منهنجي اوڻاين ۽ ڪچاين کي پئي ڍڪيو آهي.
7
مُنهنجي مَدايِنِ جِي ڪَلَ پِريان پيئِي
ڪَڏهِنِ ڪوسا نه ٿِيا ڏوراپو ڏيئِي
ساجَنَ سَڀيئِي، ڍَڪِئَمِ ڍولَ ڍِلائِيُون. [482]
سمجهاڻي:
جيتوڻيڪ
منهنجي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جي منهنجي محبوب کي خبر
پئجي ويئي، پر پوءِ به ڪڏهن ڪاوڙ ڪري ميار نه
ڏنائون، (ناراضگيءَ
جو اظهار نه
ڪيائون). منهنجي سڄڻن پاڻ (وڏي ستاري ڪري)
منهنجيون سڀ ڪچايون ڍڪي ڇڏيون.
8
[483]
9
ڪُهَنِ ۽ ڪوٺِين، اِيءَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين
هِنيين گهُرَنِ اَوڏَڙا، هَٿَنِ سين ٿيلِينِ
ڪي ڪَمتَرَ پَرُوڙِينِ، اِيءَ اَڻانگِي ڳالَهڙِي.
[484]
سمجهاڻي:
منهنجي
محبوبن جي اها (عجيب) ريت رسم آهي، جو هو مون کي
پاڻ وٽ سڏين به ٿا ته وري (ناز ۽ ادا سان) ڪُهن به
ٿا. هو مون کي ويجهو به وهارن ٿا، پر (ظاهر ۾) هٿن
سان ٿيلها ڏيئي پري به ڌڪن ٿا. ڪي ٿورڙا (داناءَ ۽
سمجهه وارا) سڄڻ ئي انهيءَ ڏکي ڳالهه (رمز) کي
سمجهي سگهن ٿا.
10
جَنِ رِءَ سَري نه ساههَ، رَتِي رُسُ مَ تَنِ سِين
هُوءِ ڪَرَهِين ڪُڇجِ ڪِيمَ ڪِين، ڪِج سيدُ چَئي
صَلاحَ
ٻِي وِرُوهَڻَ واههَ، ڪا توکي آهي تَنِ ري! [485]
سمجهاڻي:
جن محبوبن
کان سواءِ تنهنجي هڪ گهڙي به نٿي گذري سگهي انهن
سان ٿورڙي دير لاءِ به رسڻ نه گهرجي. توڻي جو هو
تو تي ناراض ٿي ڪجهه چون، پر تون هرگز ورائي کين
ڪجهه نه چئجانءِ. عبداللطيف چوي ٿو ته تون هميشه
صلح واري ڳالهه ڪجانءِ، ڇو ته تو وٽ انهن جي محبت
جي پچار ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ئي ڪانهي.
11
آءُ عَجِيبَ اڳي، ٻُڌُ حَقِيقَتَ حالَ جِي
چَئُه ڪا باتَ بَيانُ ڪَري تان مُون تَنُ تَڳي
لالَڻ تو لَطيفُ چَئي ٿي جَنهن سان لَڙههَ لَڳي
سو تان مَنجههِ سَڳي، پُوتو آههِ پِرِيتِ سِين.
[486]
سمجهاڻي:
اي سڄڻ
سائين، تون اڳتي اچي منهنجي حال جي حقيقت ٻڌ. تون
به محبت جي ڳالهه کي ٿورو (پاڻ پنهنجي واتان) بيان
ڪر ته منهنجي سرير ۾ ساهه پوي. عبداللطيف چوي ٿو
ته تو محبوب سان اهڙو ناتو قائم ٿي ويو آهي، جنهن
منهنجي ساهه کي پريت جي ڌاڳي ۾ سوگهو ڪري ڇڏيو
آهي.
12
اُٿِي وَڃُ اَندوهَ، دوسِتَنِ دِلاسو ڪِئو
مَحبوبَنِ مَعافِي ڪِئا، ڏُکُ ڏَمَرَ سَڀَ ڏوهَ
جا پَرِ لوهَرَ لوهَ، سا پَرِ سُورَنِ ساڻُ ٿِي.
[487]
سمجهاڻي:
اي ڏک ۽
ڏولاوا، ڀڄي پاسو ڪريو ڇو ته منهنجي پرين مون کي
ملڻ جو دلاسو (آسرو) ڏنو آهي. منهنجي محبوبن
منهنجي طرفان ڪيل سڀ ڏوهه سڀ ڏوراپا ۽ خطائون بخشي
ڇڏيون آهن. جهڙيءَ طرح لوهار لوهه کي گرم ڪري
ڪٽيندو آهي، تيئن منهنجي سورن سان به ساڳي حالت
(سَٽَ ڪُٽَ) ٿي آهي (سور ڀڄي پري ٿيا آهن).
13
جي ٿي جيءَ گهُرئا، سيئِي سَڄَڻَ آئِيَا
سي سڀ ڦَٽَ ڇُٽِي وِئا، جي ٿي ڪالَهه ڪُرِئا
آڻي اَڻَ- تُرِئا، داروُن دوست پِيارَيا. [488]
سمجهاڻي:
جيڪي سڄڻ منهنجي دل پئي گهريا، اهي ئي سڄڻ اچي ويا آهن،
(تشريف فرما ٿيا) اهي سڀئي زخم جن ايذاءَ ٿي
رسايا، اهي سڀ ڇٽي ڀرجي ويا. منهنجي محبوب مهرباني
ڪري ڪيتريون دوائون پاڻ (پنهنجي هٿن سان) اچي
پياريون (ان ڪري آءٌ تندرست ٿي ويئي آهيان).
14
جِيءَ گهُرِئا جيئِي، سيئِي سَڄَڻَ آئِيا
ڀَڳو مَنُ سَڄو ٿِئو، ڳَچَ ڳَنڍِئا ٻِيئِي
پِيڙ پَري ويئِي، اَچَڻَ سِين عَجِيبَ جي. [489]
سمجهاڻي:
جن محبوبن
لاءِ منهنجو من ماندو هو سي ئي سڄڻ اچي ويا ۽
منهنجي ٽٽل ۽ ٽڪرا ٿيل دل سڄي ٿي پيئي ۽ سڀئي حصا
ڳنڍجي وري هڪ ٿي ويا. منهنجي سڄڻ جي اچڻ جي ڪري
جيڪا منهنجي دل ۾ اُڻتڻ هئي سا ختم ٿي ويئي ۽
منهنجو من باغ بهار ٿي ويو.
وائي-1
هوت نيڻان جو، دوستُ نيڻان جو دِلبَندُ لو!
ڀَلو جيڏيُون!
هيڏانهن هوڏانهِن سُپرِين، ڪاڏي وَرايان ڪَنڌُ لو!
چَڙهي ڏاڍين ڏونگرين، راهَ پُڇايان رَندُ لو!
ساجَنُ سَڀنِئان سُونهَڻُو، سائينءَ جو سَوڳنڌُ
لو!
جيڏانہ عالَمَ آسَرو، مُون پڻ اوڏاهِين پَنڌُ لو!
[490]
سمجهاڻي:
اهو ئي
منهنجي اکين جو محبوب (ٺار) آهي، (اهو ئي منهنجي
اکين ۾ سمايل آهي). اهو ئي منهنجي اکين جو دادلو
دوست آهي. او جيڏيون، او سرتيون، اها ڀلي ڳالهه
آهي، ٻڌو ۽ سڻو! منهنجو سڄڻ هر جاءِ تي موجود آهي.
آءٌ پنهنجو ڪنڌ ڪهڙي ڪهڙي پاسي ورايان. مان اجايو
هن جي لاءِ ڏکين پهاڙن ۽ جبلن ۾ به پيئي رستا ۽
پيچرا پڇايان! منهنجو محبوب سڀني کان حسين آهي.
مون کي مالڪ سائينءَ جو قسم آهي، سڄي جهان کي جنهن
جو آسرو آهي (پيغمبر اسلام جي ذات بابرڪات) مون کي
پڻ ان جو آسرو ۽ آڌار آهي ۽ منهنجو پنڌ به اوڏانهن
آهي.
[هن وائيءَ ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم سان
جنهن والهانه عشق ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو ويو آهي،
اهو ساڳيو انداز مثنويءَ ۾ ’مسجد ضرار‘ جي قصي هيٺ
ملي ٿو. اتي ئي لفظ ’سوگند‘ جو بار بار استعمال
ملي ٿو.
چون ندارد مردکز در دين وفا،
هر زماني بشکند سوگند را.
راستان را حاجت سوگند نيست،
ز آنک ايشان را دو چشم روشنيست.
(دفتر دوم، ب- 2873-74)
معنيٰ: جيڪي ماڻهو دين ۾ سچا ناهن، سي هر وقت
پنهنجو قسم ٽوڙيندا رهن ٿا، پر سچن کي وري قسم جي
ضرورت ناهي، ڇو ته سندن ٻيئي اکيون روشن آهن.]
وائي-2
دلبَرَ آ، دلبَرَ آ، يارَ وو، دلبَرَ آ
سُورُ تُنهنجو سُپرين مُون کي آهِ رُوحِ رَهيو
دوستَ دارُون دِلِ کي، تو رِءَ ڏِيندو ڪيرُ ٻِيو.
[491]
سمجهاڻي:
منهنجو
دلبر دوست اهو ئي آهي، هائو، اهو ئي ساڳيو دلبر
جيڪو منهنجو يار آهي، اهو ئي دلبر! اي سپرين
منهنجي اندر ۾ تنهنجو ئي سور سمايل آهي. اي پيارا
سڄڻ منهنجي دل کي توکان سواءِ ٻيو ڪير دوا ڏيندو.
داستان چوٿون
1
عِشقُ اِهَڙي ذاتِ، مُنجهائي مَيَنِ کي
ڏِينهان ڏورَڻُ ڏوُنگَرَين، رُئَنِ سَڄِيائِي راتِ
اُٿيي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي. [492]
سمجهاڻي:
عشق جي
ذات (اصليت) اهڙي آهي جيڪا وڏي حوصلي ۽ وڏي صبر
وارن کي به پريشان ڪري ڇڏي ٿي. عشق ۾ ڏينهن جو
جبلن ۽ پهاڙن جا ڏکيا پنڌ ڪرڻا ٿا پون ته رات سڄي
ڳوڙها ڳاڙڻ ۾ گذري ٿي. عاشق کي هردم ۽ هر گهڙي، ڇا
اٿڻ ڇا ويهڻ، هر لمحي صرف محبوبن جي تات ۽ طلب ئي
رهي ٿي.
2
آدِمِينِ اخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪَيو
ڪَونَه کائي ڪَڏِهِينِ سَندو ماڻهُوءَ ماسُ
دِلِبَرَ هِنَ دُنيا ۾ وَڃي رَهندو واسُ
ٻِئو سَڀُ لوڪُ لِباسُ، ڪو هِڪدِلِ هُوندو هيڪَڙو.
[493]
سمجهاڻي:
ماڻهن
سچائي ۽ خلوص کي نه رڳو گهٽائي بلڪه ترڪ ڪري ڇڏيو
آهي، ايتري قدر جو هڪڙو ٻئي جي گوشت کائڻ کان به
نٿو مڙي (ڪوئي ڪنهن تي ڪهل ئي نٿو ڪري). اي دوست،
هن دنيا ۾ فقط ناموس نيڪيءَ وارو نالو ئي وڃي باقي
بچندو. اڪثر انسان ظاهري ڏيک ويک وارا (خالي ۽
کوکلا) آهن، منجهن خلوص ۽ سچيءَ دل وارو ڪو ايڪڙ
ٻيڪڙ هوندو.
[مثنوي روميءَ ۾ اهو خيال هن طرح ملي ٿو:
آدمي خوارند اغلب مرد مان،
از سلام عليک کم جو امان،
خانهء ديوست دلهائي همـﮣ،
کم پزير از ديو مِردم دمدمه.
(دفتر دوم، ب- 257-8)
معنيٰ: اڪثر ماڻهن مان ٻين جو گوشت کائيندڙ آهن.
هنن جي اليڪ سليڪ کان مطمئن نه ٿجانءِ. هنن سڀني
جون دليون شيطان جو گهر آهن. انساني شڪل وارن
شيطانن کان دوکي ۾ نه اچجانءِ.]
3
دِل جو دلبَرُ هيڪَڙو، گهڻا تان نِه ڪَجَنِ
دِلِ ڏِجي کي هيڪَڙي، توڙي سَوَ سِڪَنِ
اُوءِ چِلِوِلا چَئِجَنِ، جي دَرِ دَرِ لائِنِ
دوستِي. [494]
سمجهاڻي:
دل جو دلبر (محبوب) هڪڙو ئي ڪرڻ گهرجي، گهڻا نه ڪجن. محبت به
هڪڙي سان ڪجي توڻي جو ٻيا ڪيترا ان لاءِ خواهشمند
هجن. اهي هلڪڙا ۽ غير سنجيده آهن جيڪي هر ڪنهن سان
دوستي ۽ محبت ڪن ٿا.
4
جِئن سا ڪانِي ڪانهَه، لَهسَندي لاتِيُون ڪري
اَچِي اُڀَرِي اوچِتِي دَردَ پِريان جِي دانههَ
ويڄَ ڏَنڀِين ڇو ٻانههَ، سُورُ هِنيين کي
سامُهُون. [495]
سمجهاڻي:
جيئن
ڪانهه جو وڍيل ڪانو باهه جي سيڪ کائڻ کان پوءِ (نڙ
بنجي ٿو ۽) منجهانئس سريلو آواز نڪرندو آهي، تيئن
عاشق (عشق جي لهس کائي ٿو ته) اوچتو درد ڀريون
دانهون ڪرڻ لڳي ٿو. پر جڏهن طبيب علاج خاطر اچي
سندس ٻانهن کي ڏنڀ ڏنو ته عاشق (آهون ڪندي) چيو؛
ٻانهن ڇو ٿو ڏنڀين، سور ۽ درد ته منهنجيءَ دل ۾
آهن.
[مثنوي روميءَ جي شروعات بانسريءَ جي آواز يعني
شڪايت سان ٿئي ٿي. هِن بيت جي پس منظر ۾ اهو ئي
تصور آهي:
ني، حريف هر که از ياري بُريد،
پردها اش پردهاي ما دريد.
(دفتر اول، ب- 11)
معنيٰ: بانسري ان سان همراز ۽ همدم آهي (ان جون
لاتيون ٿي ڪري) جيڪو پنهنجي يار کان ڪٽيل يعني جدا
ٿيل آهي. ان جي لڪل سوز ۽ ساز اسان جي اندر جا
پردا ڦاڙي ڇڏيا.]
5
لَڳيءَ جو لَطِيفُ چئي نڪو قالُ نه قِيلُ
لِکِئِي لامُون کوڙيُون، نيڻين وَهي نيلُ
هِينڙا ٿِيءُ سُڌِيلُ، ڪالَهه قَرِيبنِ لَڏِيو.
[496]
سمجهاڻي:
عبداللطيف
چوي ٿو ته عشق (ازلي محبت) جي چوٽ کائڻ کان پوءِ
ان باري ۾ ٻيو ڪجهه وڌيڪ چوڻ (غور و فڪر) اجايو
آهي. اهو (ڪاتب تقدير جو) لکيو آهي، جنهن جو اثر
ائين ظاهر ٿئي ٿو ته اکين مان هر وقت آب جاري ٿي
پوي ٿو. پر اي دل، پاڻ کي سنڀال (اميد ۽ آسرو قائم
رک) جو ڪالهه (تازو) سڄڻ هتان ٽري ڪنهن ٻئي پاسي
هليا ويا.
6
ڌَرَ تي دُونهِين جِيئَن، سُرٻُر سُپيرِيَنِ ڏي
لَڳو آهِ لَطِيفُ چَئِي تَنُ پِريان سِين تِيئن
حاصلِ ٿِئي هِيئن، قَرِينو قَرِيبَ جو. [497]
سمجهاڻي:
آءٌ هن
ڌرتيءَ تي دونهين وانگر (سڙندي ۽ جلندي) پنهنجي
محبوب ڏانهن سُرپُر پيو ڪريان (ياد پيو ڪريان).
عبداللطيف چوي ٿو منهنجو من به محبوب سان ائين
اٽڪي پيو آهي يا ڪڍ لڳي پيو آهي. محبوب سان ملڻ ۽
ان جي قرب جو اهوئي سليقو ۽ طريقو آهي.
7
پَرَوَسِ ٿِئَنِ پَرياڻُ، پِرين وَسِ نه پانهنجي
لَڳو ڪِينَ لَطِيفُ چَئي ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ
پِرين ڏيکاري پاڻُ، خُوش ڪَري وِئا خوابَ ۾. [498]
سمجهاڻي:
منهنجا
محبوب پنهنجي اختيار وارا نه آهن، انهن جو ارادو
به ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ آهي. انهيءَ جبل به منهنجي
سيني سان لڳي مون کي منهنجي پرينءَ جي ملڻ جي آٿت
نه ڏني. منهنجا پرين مون کي خواب ۾ پنهنجو ديدار
ڪرائي مون کي خوش ڪري ويا.
8
ڪي اوڏائِي ڏُورُ، ڪي ڏُورُ ئِي اوڏا سُپرين
ڪي نه سَنڀَرِجَنِ ڪَڏهِين، ڪي نه وِسَرَنِ مُورُ
جِيئَن مينهِن ڪُنڍِيءَ پُورُ، تِيئَن دوست وَراڪو
دِلِ سِين. [499]
سمجهاڻي:
ڪي سڄڻ
ويجهو هوندي به پري آهن ۽ ڪي وري پري هجڻ جي
باوجود ويجهو آهن. ڪي ته ڪڏهن به ياد ڪونه ٿا اچن
۽ ڪي وري بلڪل نٿا وسرن. ليڪن دلي دوست منهنجيءَ
دل کي ائين گهيرو ڪري ويٺو آهي، جيئن ڪنڍيءَ مينهن
جو سڱ پوريءَ ريت گول ڦري ايندو آهي.
9
ماڻهو گهُرَنِ مالُ، آءٌ سَڀَ ڏِينہَ گهُران
سُپِرِين
دُنيا تَنهن دوست تان فدا ڪَريان في الحالُ
ڪِيَسِ نامَ نِهالُ، پَسَڻُ تان پَري ٿِئو. [500]
سمجهاڻي:
عام ماڻهو هر وقت مال ۽ دولت جي خواهش ڪن ٿا، پر آءٌ هر وقت
هر گهڙيءَ پنهنجي محبوب جي تمنا ڪريان ٿي. مان
پنهنجي انهيءَ دوست تان بنا دير سڀ مال ۽ دولت
قربان ڪري ڇڏينديس. مان ته پنهنجي پياري پرينءَ جي
نالي ٻڌڻ سان ئي خوش ٿي پوان ٿي، باقي ان جو ديدار
(ملڻ) ته پري پيو آهي، (اهو الائجي ڇا هوندو ۽
ڪيئن هوندو؟)
10
هيرائي هَٿِ ڪِئو هنِيڙو حَبِيبَنِ
ٻَڌي ڪَچِيءَ تَندُ ۾ سَلَهاڙِئو سيڻَنِ
جُہَ وِڌا پيچَ پِرِينِ، ته هِنَيڙو هَٿِيڪو ٿِئو.
[501]
سمجهاڻي:
محبوب
منهنجيءَ دل کي ريجهائي (ريهي ريبي) پنهنجي هٿ وس
ڪري ڇڏيو آهي، هنن ڪچي تند سان منهنجيءَ دل کي پاڻ
سان گڏ ٻڌي ڇڏيو آهي. جيئن پرينءَ پنهنجيءَ پريت
جا پيچ وڌا تيئن منهنجو هنيون به سوگهو ٿي ويو.
11
ڪَڏِهن طاقِيو ڏِينِ، ڪَڏهِن کُلَنِ دَر دوستَنِ
جا
ڪَڏهَنِ اچان اَچڻُ نه لَهان، ڪَڏهن ڪوٺِئو نينِ
ڪڏهِن سِڪان سَڏُ کي، ڪَڏ ڳُجهاندَرَ ڳَرَهِينِ
اِهَڙا ئِي آهِينِ، صاحِبَ مُنهنجا سُپِرِين.
[502]
سمجهاڻي:
منهنجا
دوست ڪڏهن پنهنجيءَ محبت جا در صفا بند ڪريو ڇڏين
ته ڪڏهن وري سندن اهي دروازا کليل آهن. ڪڏهن اچان
ٿو ته اچڻ نٿا ڏين ته ڪڏهن وري پاڻ سڪ منجهان سڏيو
وٺن. ڪڏهن سندن آواز ٻڌڻ لاءِ پيو سڪان (ته من
ڳالهائين، مخاطب ٿين) پر ڪڏهن وري ويهي راز جون
ڳالهيون پيا ڪن. منهنجا محبوب ته انهيءَ ناز انداز
وارا آهن.
[مثنويءَ ۾ رومي اهڙن روحاني محبوبن يا طبيبن لاءِ
هينئن چوي ٿو:
آن مليحان که طبيبان دلند،
سوي رنجوران به پرسش مائل اند.
ور حذ را ز ننگ و نامي کنند،
چارهء سازند و پيغامي کنند.
ورنه در دلشان بود آن مفتکر،
نيست معشوقي ز عاشق بيخبر.
(دفتر ششم، ب- 1772-74)
معنيٰ: اهي سهڻا جيڪي دل جا طبيب آهن، پنهنجن
بيمارن جي خبرچار لهن ٿا، پر جيڪڏهن خلق کان
بدناميءَ جي ڪري گوشو ڪن ٿا ته پيغام موڪلين ٿا.
بهرحال هو پنهنجيءَ دل ۾ هنن لاءِ فڪر ڪن ٿا، ڇو
ته ڪوبه معشوق عاشق جي حالت کان بيخبر نٿو ٿي
سگهي.]
12
جَڏانہَ ڪَرَ جانِي، سَڄَڻَ سانگِ سِڌارِئَا
راتِيان راحَتَ ناهِ ڪا، ڏِينهان حيرانِي
آئُون پَنهنجي پِرِينءَ تان ڪوڙين قُربانِي
رَضا رَبانِي، نا ته ڪَريان وَسُ وِصالَ کي. [503]
سمجهاڻي:
جڏهن کان
وٺي منهنجا پرين پري هليا ويا، تڏهن کان رات جو ڪو
سک آرام ناهي ۽ ڏينهن جو وري جانب جي جدائيءَ جي
پريشاني آهي. مان ته پنهنجي دوست تان ڪئين ڀيرا
قربان ٿيان، پر مون کي الله جي رضا تي راضي رهڻو
آهي، (منهنجي لاءِ اها جدائي لکيل آهي) نه ته آءٌ
هن سان ملڻ لاءِ پنهنجي وسان نه گهٽايان.
13
جَڏانہَ ڪَرَ ٿِيامِ، ساڃاءِ سُپيرينِ سِين
تَڏانَہ ڪَرَ تِرَ جيتَرو ويلَ نه وِسِرِيامِ
اَندَرِ رُوحَ رَهَيامِ، سَڄَڻَ اوطاقُون ڪَري.
[504]
سمجهاڻي:
جڏهن کان
وٺي سپرينءَ سان سڪ ۽ ساڃهه وارو ناتو قائم ٿيو
آهي، تڏهن کان وٺي هڪ لمحي جي لاءِ به هو مون کان
نه وسريا آهن، بلڪه اهي سڄڻ منهنجي روح ۾ اچي گهر
ڪري ويٺا.
14
اَڄُ پُڻِ اَنگِئَمِ اَنگَ، هَٿان حَبِيبَنِ جي
ساجَنَ رِءَ سَرتِيُون رُوحَ نه رُچَنِ رَنگَ
جانِي آيو جُوءِ ۾ مَنجهان نِيہ نِسَنگَ
جا پَرِ ساٽي سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِئي.
[505]
سمجهاڻي:
اڄ به
منهنجي جان ۽ جسم (جو هر عضوو) محبوب جي (نظر هيٺ
قابو) سنڀال ۽ رکواليءَ ۾ اچي ويو آهي. اي سرتيون،
هن کان سواءِ منهنجي روح کي (هڪ ساعت لاءِ به) مزو
ڪونه ٿو اچي. ليڪن منهنجي (خوشقسمتي جو) محبوب اچڻ
سان محبت جو کلم کلا اظهار ڪيو آهي، انهيءَ ڪري
منهنجا سور سٽجي ائين ڇڻي پيا آهن، جيئن سنگ کي
سٽڻ کان پوءِ ان جا داڻا الڳ ٿي ڪِري پوندا آهن.
15
اَڄُ پُڻ جُڙيَمِ جوڙَ، دوستُ پيهِي دَرِ آئِيو
سُکَنِ وَٺي ڏُکَنِ کي مَحڪُمَ ڏِنِي موڙَ
جا پَرِ کَٽِريءَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان
ٿِئِي. [506]
سمجهاڻي:
اڄ منهنجي
اميد پوري ٿي آهي، جو منهنجو دوست پاڻ هلي آيو
آهي. هن جي اچڻ سان سکن ڏکن کي اهڙي مضبوطيءَ سان
مروٽي (ڪٽي سٽي) ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي، جيئن کٽي ڪپڙن
جي کوڙيءَ کي (مهريءَ سان سٽي سڌو ڪندو آهي). اها
ساڳي حالت سورن سان ٿي (جيڪي سٽجي ڪٽجي ٻاهر نڪري
ويا).
16
ڏاتَرَ مون ڏيکارِئو هوتَنِ جو حُضُورُ
پِرِين پَرچَڻَ جو ڪِئو موٽائي مذڪُورُ
اِيءُ دوستَنِ جو دَستُورُ، جِئَن ڇِنان ڇِنَنِ
ڪِينڪِين. [507]
سمجهاڻي:
مالڪ
سائين مون کي محبوب جي حاضري نصيب ڪئي، جو آءٌ
انهن جي حضور ۾ پهچي ويس. محبوبن پاڻ مون سان پرچڻ
جو وري ذڪر ڪيو. (دلي) دوستن جو اهوئي طريقو ۽ ريت
رسم آهي، باوجود ڇِنڻ جي هو هرگز ڪونه ڇِنندا آهن،
هو پنهنجي دوستيءَ جي ناتي کي هر حال ۾ قائم رکندا
آهن.
17
شُڪُرُ گِڏياسُون سَڄڻين، جي جانِبَ جانِي يارَ
ويٺي جَنِي وَٽِ ۾، ڪوڙِين ٿِئا قَرار
ڌَڻِي ڪِجُ مَ ڌارَ، پاڙو تَنِ پِرِينِ کان. [508]
سمجهاڻي:
الله جو
شڪر ٿو ڪريان، جو دل گهرئي دوست ۽ گهاٽي يار سان
گڏجاڻي ٿي.
هن جي ويجهو ۽ ڀر پاسي ۾ ويهڻ سان بي حد آرام ۽
سڪون آيو. اي مالڪ سائين، هاڻي مون کي انهن جي
ويجهڙائي ۽ قرب کان پري نه ڪجانءِ، انهن جي پاڙي ۽
پاسي ۾ رکجانءِ.
18
جِيري جاڳاڻي، شُڪرُ گڏِياسُون سُپرِين
لاٿو ڪَس قُلوبَ تان اَچِي ساجَنَ سياڻي
هِنيڙي کي هاڻي، عَجِيبَنِ اُجارِيو. [509]
سمجهاڻي:
شڪر آهي
ته جيئري جاڳندي (هن حياتيءَ ۾) محبوب سان وري
ملاقات نصيب ٿي. انهيءَ سياڻي سڄڻ اچي منهنجي دل
تان غم ۽ اندوه جا ڪارا ڪڪر هٽائي ڇڏيا ۽ منهنجي
دل کي اُجاري ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو.
وائي
مَــولــو ڪَندو ماڙِ،
مُنهنجِي اَللهَ ڪَندو ماڙِ
هادِي ڏيئِي هَٿَڙا اَچِي چِڪَڻُ مان چاڙِ. [510]
سمجهاڻي:
منهنجي
مولا مدد ڪندو، سولي سڻائي ڪندو، الله سائين
پنهنجي ٻاجهه ڪندو. او هادي هدايت وارا سائين، تون
منهنجو هٿ پڪڙ (رهنمائي ڪر) مون کي هن ترڪڻ
(اوڙاهه جتي آءٌ ڦاٿل آهيان پاڻ نڪري نٿو سگهان)
مان بچاءِ، ٻاهر ڪڍ (سولي سڻائي ڪر).
[هن بيت ۾ توڻي مثنويءَ ۾ هاديءَ جو اشارو پيغمبرِ
اسلام جي ذات بابرڪات ڏانهن آهي:
کار هادي اين بود تو هادي،
ماتم آخر زمان را شاديي.
(دفتر چهارم، ب- 1471)
معنيٰ: هدايت ڏيڻ واري جو اهو ئي ڪم آهي ۽ تون
هدايت ڏيندڙ آهين. تون ئي هن آخري زماني جي غم ۽
مصيبتن کي خوشيءَ ۾ بدلڻ وارو آهين.]
|