سُر سُنهڻي
داستان
پهريون
1
وَهَ تِکَ، واهُڙَ تِکَ، نِيہَ تِکَ نِرالِي
جَنِ کي عِشقُ عَمِيقَ جو، سي خُلَّتَ خِيالِي
وارِيين سي والِي، هِنيَڙو جَنِي هَٿِ ڪِئو.
[3019]
سمجهاڻي:
درياهه جي (سِير واري) وهڪري ۾ وڏي تِک ۽ تيزي آهي
۽ ٻين واهڙن (ڦاٽن) ۾ پڻ وهڪري جي ساڳي تيزي آهي،
پر محبت ۽ عشق ۾ بلڪل جدا قسم جي تيزي آهي. ليڪن
جن کي اونهي پاڻيءَ (وحدت) جو عشق آهي سي وري (حق
سان) دلي پيار ۽ دوستيءَ (خلت) جي خيال ۾ محو آهن
(محبت الاهيءَ ۾ مست ۽ مخمور آهن). اي مالڪ، انهن
کي موٽائي آڻ جن منهنجي دل پاڻ وٽ کڻي وڃي قابو
ڪئي آهي.
[روميءَ پڻ اهڙن عاشقن ۾ هينئن فرق ڪيو آهي:
اين محب حق ز بهر علتي،
و آن دگر را بي غرض خود خُلتي.
(دفتر سوم، ب- 4591)
معنيٰ: هڪ خدا جو دوست پنهنجي غرض سان آهي. پر هو
ٻيو بي غرض دوستي (اعليٰ درجي واري دوستيءَ) پيو
نباهي. بيت ۽ مثنويءَ جي شعر ۾ ’خلت‘ دوستيءَ جي
خاص درجي جي نشاندهي ڪري ٿو.]
2
اَنڌِيءَ وَڇُون، ڪَنڌِيءَ وَڇُون، تَنگِئان لَهي
نه تِکَ
صُورَتَ جا ساهَڙَ جِي، ڏِيلَ منهنجي ڏِکَ
واهُڙُ تَنِي وِکَ، جَنِ سانڀاران سُپِرِين.
[3020]
سمجهاڻي:
(درياهه جو وهڪرو ايڏو تيز آهي جو) درياهه جي هِن
ڀر توڻي هُن پار ننڍيون وَڇون
پاڻيءَ جي تِکي وهڪري سبب هراسجي بيٺل آهن ۽
انهيءَ خوف سبب پاڻي ۾ نٿا گهڙن بلڪه جي درياهه جو
پيٽ سوڙهو آهي اُتي انهيءَ وهڪري ۾ وڌيڪ تيزي نه
پيئي اچي، پر سنهڻيءَ جي اندر ۾ هر وقت محبوب جي
صورت (سينگار) سامهون (پڌرو) آهي. اهو وڏو وهندڙ
واهه انهيءَ لاءِ هڪ وک برابر آهي، جن کي پنهنجو
محبوب سدائين ياد آهي.
3
واهُڙَ وَهَنَ نَوان، اَڃان وَهُ اَڳي ٿِئو
گَهرِ ويٺِيُون گَهڻا ڪَريو، سَرتِيُون سَڱَ
سَنوان
صُورَتَ جا ساهَڙَ جِي، سا جي ڏِٺِي آن
ته هُوندَ نه پَلِيو مان، گِهڙو سَڀ گَهڙا کَڻِي.
[3021]
سمجهاڻي:
درياهه جا (ننڍا) نوان واهڙ وهن پيا، پر درياهه
جو وڏو وهڪرو (سِير وارو) اڃا اڳتي آهي. اي
سرتيون، توهان ته پنهنجين گهرن ۾ ئي ويٺي ناتو ۽
مائٽي پيون نباهيو (جيڪا سولي ڳالهه آهي). جيڪڏهن
توهان منهنجي پرينءَ ساهڙ جي صورت ڏسو ها ته پوءِ
مون کي ڪڏهن نه جهليو ها. بلڪه توهين سڀ پاڻ (مون
وانگر) گهڙا کڻي درياهه ۾ ڪاهي پئو ها.
4
جيڏِيُون ڏِٺِيان جي، صُورَتَ ساهَڙَ ڄامَ جِي
سُکِ ٿِي سُتِيون ڪِينَ ڪِين، ڪانڌَنِ پاسي ڪي
هُوندَ مُونهائِي اڳي، گِهڙو سَڀ گَهڙا کَڻِي.
[3022]
سمجهاڻي:
اي سرتيون، جيڪڏهن اوهان (حقيقي) محبوب جي صورت
ڏٺي هجي ها ته ڪڏهن به خوشي ۽ آرام سان هتي
پنهنجي (دنياوي) مڙسن سان پاسي ۾ نه سمهي سگهو ها.
بلڪه مون کان اڳ ئي توهين سڀ گهڙا کڻي پاڻيءَ ۾
گهڙي پئو ها.
[روميءَ ان طرف هن طرح اشارو ڪيو آهي:
منگر از چشم خودت آن خوب را،
بين بچشم طالبان مطلوب را.
(دفتر چهارم، ب- 75)
معنيٰ: هن حسين (سهڻي سلڇڻي) چهري کي پنهنجي اکين
سان نه ڏس. هن مطلوب (معشوق) کي طالب (عاشق) وارين
نظرن يا نگاهن سان ڏس.]
5
ڏِٺِيان جي هيڪارَ، صُورَتَ ساهَڙَ ڄامَ جِي
سُکِ ٿِي سُتِيُون ڪِينَ ڪِين، ڀِرِي ساڻُ ڀَتارَ
گِهڙِيُون گَهڙنِئا ڌارَ، ڪاهي پييُون ڪُنَ ۾.
[3023]
سمجهاڻي:
جن صرف هڪ ڀيرو ئي پنهنجي (حقيقي) محبوب جي صورت
ڏٺي آهي، سي وري پوءِ ڪڏهن به پنهنجن مڙسن سان سک
۽ آرام سان سمهي نه سگهيون آهن. اهي ته پاڻ گهَڙن
کان سواءِ اونهي پاڻيءَ جي ڪنن ۾ ڪاهي پيون آهن.
6
ساهَڙُ مُون جِئَن سَرتِيُون! جي ڏِسو سَڀيئِي
ته سُمهو ڪِينَ سُکِ ٿِي، وَرَ پاسو ڏيئِي
مُونهان اَڳيئِي، گِهڙو سَڀ گَهڙا کَڻِي.
[3024]
سمجهاڻي:
اي سرتيون، جيڪڏهن توهين سڀيئي مون وانگر محب
ميهار جو ديدار ڪريو ها ته وري ڪڏهن پنهنجي مڙس
سان سک ۽ آرام سان سمهي نه سگهو ها. (محبت توهان
کي ايڏو مجبور ڪري ها) جو مون کان به اڳ گهڙا کڻي
(درياهه ۾) گهڙي پئو ها.
7
جيڪِين ڏِٺو مان، سو جي ڏِٺو جيڏِيين
گَهرَ وَرَنِ ئِي سان، هُوندَ گَهڻَنِ گهوري
ڇَڏِئا. [3025]
سمجهاڻي:
(سنهڻي چوي ٿي) جيڪا (سهڻي سڄڻ) جي صورت مون ڏٺي
آهي، اها جيڪڏهن منهنجيون سرتيون پڻ ڏسن ها ته اهي
پنهنجا گهر مڙسن سوڌو قربان ڪري ڇڏين ها!
[مثنويءَ ۾ اهو خيال هن ريت ملي ٿو:
آنکه ديدندش هميشه بيخود اند،
بي خودانه بر سُبو سنگي زدند.
اي ز غيرت بر سبو سنگي زده،
و آن شکست خود درستي آمده.
(دفتر اول، ب- 2865)
معنيٰ: جن هن (حقيقت جي درياهه) کي ڏٺو آهي ته اهي
ان جي ڏسڻ سان سدائين مست آهن ۽ پنهنجي گهڙي کي
پٿر هڻي ڀڃي ڇڏيو اٿائون. جن حق جي غيرت خاطر گهڙي
کي ڀڳو آهي (فنا ڪيو آهي)، تن جي تڪميل (مالڪ
وٽان) پاڻ ٿي آهي.]
8
گَهڙَنِ وارِيُون تَڙَنِ تي، گِهڙَنِ گَهڻيئِي
سَڀَڪا چئي: ’آن سُونهَڻِي‘ لَئه پِرِيان پيئِي
صُباحَ سَڀيئِي، پَسبِيُون پاتارَ ۾.[3026]
سمجهاڻي:
دِلن واريون عورتون جيڪي پاڻي ڀرڻ خاطر تڙ تي آيون
آهن، اُهي جيڪڏهن (ڪوڙي) دعويٰ ڪنديون ته اسين خود
سنهڻي آهيون ۽ پنهنجي پرينءَ جي صورت پسڻ لاءِ
آيون آهيون ته پوءِ اُهي انهيءَ اونهي پاڻيءَ جي
تري ۾ نظر اينديون.
9
ڪَنڌِيءَ ڀَرِ ڪِلا، دُونهان دوستَ ميهارَ جا
لَهرِيَنِ مَنجِھ لَطِيفُ چئي، دَهَلِجُ ڪِيمَ
دِلا!
گولِيءَ کي گِلا، مَتان ساهڙُ سَمُنِ جِي ڏِئي.
[3027]
سمجهاڻي:
درياهه جي ڀر تي (ويجهو، پري نه) محبوب ميهار جي
وٿاڻ جا ڪِلا لڳل آهن، جتان مال لاءِ ٻاريل ڇيڻن
مان نڪتل دونهان نظر اچي رهيا آهن. عبداللطيف چوي
ٿو اي دلا، لهرين جي خوف کان دهلجي نه وڃ. متان،
ساهڙ هن ٻانهيءَ کي گڏجاڻي لاءِ مقرر ڪيل وقت ۽
ماڳ تي نه پهچڻ لاءِ ڪا گلا ڏي.
10
ڪَنڌِيءَ اُڀِيُون ڪيتَرِيُون، ’ساهَڙُ‘ ’ساهَڙُ‘
ڪَنِ
ڪَنِي سانگو ساههَ جو، ڪي گهوريَسِ ڪِئو گِهڙَنِ
ساهَڙُ سَندو تَنِ، گھاگھائي گِهڙَنِ جي. [3028]
سمجهاڻي:
ڪناري تي بيهي ڪيتريون (سَڌن واريون) پنهنجي محبوب
جو فقط نالو (ساهڙ ساهڙ) پيون کڻن. ڪن کي پنهنجي
حياتي پياري آهي ته ڪي وري پاڻ کي ’صدقي ٿيس‘ چئي
گهڙي پون ٿيون. (تاهم) محبوب انهن کي ئي ملندو
جيڪي وڏي جوش ۽ جذبي (چاهه ۽ سرهائيءَ) سان پاڻ کي
پاڻيءَ ۾ اڇلي وجهنديون.
11
ڪَنڌِيءَ ڪَنَ ڏِنامِ، سانڀارَنِ ساهَڙَ جي
آسانگي اَرواحَ جي، اُڀِي تَڙَ تَڪِيامِ
وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گِهڙان گهورِئو جِندَڙو.
[3029]
سمجهاڻي:
درياهه جي پرينءَ ڀر کان ساهڙ جي مينهن جي چڙن جو
آواز منهنجي ڪنن ۾ پيو وڄي ۽ مان پنهنجي روح جي
جياپي خاطر گهڙڻ جا گهيڙ بيٺي نهاريان. ليڪن مون
(درياهه اندر گهڙڻ ۾) گهڻي دير لڳائي ڇڏي آهي، مون
کي سِر جو سانگو لاهي (ڳڻتي ڇڏي) درياهه ۾ گهڙڻ
گهرجي.
12
پَرِينءَ ڀَرِ پِرِيتَ مان، ٿو ساهَڙُ سَڏَ ڪَري
جي نه گِهڙان موٽي وَڃان، تان ڪا ساهَ سَري
مَرُ جان پَتِ پَري، گِهڙان گهورِئو جِندَڙو.
[3030]
سمجهاڻي:
درياهه جي پَرئين پاسي کان منهنجو محبوب ساهڙ
(سڏن مٿان) سڏ پيو ڪري. (اهڙيءَ صورت ۾) جيڪڏهن
آءٌ درياهه ۾ نٿي گهڙان ۽ پوئتي موٽي ٿي وڃان،
تڏهن به آءٌ جيئري رهي نه سگهنديس. شل ڪيئن به ڪري
(دوست سان وعدي جي) پت رهجي اچي، آءٌ پنهنجو سر
صدقو ڪري درياهه ۾ گهڙان ٿي.
13
گِهڙِي گَهڙو هَٿِ ڪَري، ٻَهُون نِهاري ٻَنگُ
’سَر دَر قَدَمِ يار فِدا شُدِ چہ بَجا شُد‘،
وَصُلَ اِهوئِي وَنگُ
’اِين بار گِران بُود، اَدا شُد چِہ بجا شُدَ‘،
آجو ٿِئو سَڀُ اَنگُ
راتِ جَنِي جو رَنگُ، آران سي اُڪارِيين. [3031]
سمجهاڻي:
سنهڻي، گهڙو هٿ ۾ ڪري، گهيڙ واري لنگهه (هنڌ) کي،
ڏسي وائسي اتان داخل ٿي. (مشهور مصرع) ’سِر يار
جي قدمن تان فدا ٿيو ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي‘
مطابق وصل يا ميلاپ جو اهو ئي راز آهي (قرباني ته
اڃان ئي ڪا وڏي ڪرڻي هئي). (ٻي مصرع) ’اهو ڳرو بار
هو جيڪو لٿو پر اها ڪهڙي
ادائگي
ٿي.‘ ان سان پاڻ بدن جو هر عضوو هڪ وڏي بار کان
آجو ٿيو. (عاشقن واسطي) رات جو وقت ئي خوشي ۽
ميلاپ لاءِ آهي. (اي مالڪ) شل انهن کي الٽي سير
مان پار لنگهائيين.
14
گِهڙِي گَهڙو هَٿِ ڪَري، ٻَهُون نِهاري ٻَنگُ
’وَ اَمَّا مَن خَافَ مَقَامَ رَبِّہِ‘،
اِيُ لَنگِھيائِين لَنگُھ
سِڪَندِيَنِ کي سَيِّدُ چئي، ڪِينَ جَهلِيندو
جَهنگُ
راتِ جَنِي جو رَنگُ، آران سي اُڪارِيين. [3032]
سمجهاڻي:
سنهڻي گهڙو هٿ ۾ ڪري درياهه ۾ ڏسي وائسي اتان داخل
ٿي جتي وڏو پاڻي هو. قرآن شريف جي آيت ’ ۽ جيڪو
ڊنو پنهنجي رب جي آڏو بيهڻ کان‘
(يعني ٻئي ڪنهن کان نه ڊنو) مطابق اهو گهٽ گهيڙ
لنگهيائين.
سيد (عبداللطيف) چوي ٿو ته عاشقن کي
(درياهه جي ڪچي جو وڏو) جهنگ به روڪي ڪين سگهندو.
جن جو جشن رات ۾ آهي. (اي مالڪ) انهن کي درياهه جي
تکيءَ سير مان ٻئي پار پهچاءِ.
15
گِهڙِي گَهڙو هَٿِ ڪَري، چيلِھ ٻَڌِي چوتو:
”مُنهنجو مَنُ ميهارَ کي، پارَ وَڃِي پوتو
گوتي ۾ گوتو، مُون کي مُحِبَّ ميهارَ جو.“ [3033]
سمجهاڻي:
سنهڻي گهڙو هٿ ڪري پنهنجي چيلهه کي ڪپڙي سان ڇڪي
ٻڌو ۽ پوءِ پاڻيءَ ۾ داخل ٿي. (تڏهن هن محسوس ڪيو
ته) منهنجي دل اڳيئي محبوب جي (سڳي) ۾ پوتل آهي،
ان ڪري هر غوطي سان هن ائين پئي سمجهيو ته سندس
محبوب ساڻس گڏ آهي يا جيئن ٿي (ٻڏڻ کان اڳ) غوطا
کاڌائين ته پاڻ کي محبوب سان گڏ پئي ڏٺائين. (هر
غوطي ۾ محبوب کي ويجهو ٿي محسوس ڪيائين.)
16
گِهڙِي گَهڙو هَٿِ ڪَري، سانگو ڇَڏي ساهَ
ويچارِيءَ وَڏِيُون ڪَيُون، دانهُون مَنجِھ درياهَ
ٻَرُ ٻانهُنِ ڇَڏِئو، وييَسِ چُڪِي واهَ
مَدد رِءَ ميهارَ جي، غَرضَ سَڀَ گُناهَ:
نورِي ڪَرِ نِگاهَ، ته ساهَڙَ لَنگِهيان سِيرَ کي.
[3034]
سمجهاڻي:
سنهڻي گهَڙو هٿ ۾ جهلي سر جو سانگو لاهي درياهه ۾
داخل ٿي. (ٻڏڻ کان اڳ) هن ويچاريءَ تڏهن ڏاڍيون
دانهون ڪيون جڏهن سندس ٻانهن ۾ ڪا طاقت نه رهي ۽
ڪو حيلو باقي نه رهيو هوس. محبوب جي مدد گهرڻ کان
سواءِ پنهنجو ذاتي مطلب گهرڻ وڏو گناهه ۽ ڏوهه
آهي. اي سونهن ڀريا ساهڙ، تون ئي نوري نظر ڪر ته
درياهه جي سير مان گذري پار ٿيان.
17
گِهڙِي گَهڙو هَٿِ ڪَري، ٻوڙِيائِين ٻانهُون
ويچارِيءَ وَڏِيُون ڪَيُون، وِچِ درياهَ دانهُون
’موٽِ مُحِبَّ پاهُون، تاڪُنِ تَڪِي
آهِيان‘.[3035]
سمجهاڻي:
سنهڻي گهَڙو هٿ ۾ جهلي درياهه ۾ گهڙي ٻيئي ٻانهون
کُنجي (ترڻ لاءِ) پاڻيءَ ۾ وڌيون. جڏهن هوءَ وچ
سير ۾ پهتي (۽ ٻڏڻ لڳي) ته وٺي وڏيون دانهون
ڪيائين ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳي ته اي محبوب، جلدي هن
طرف پهچ جو (ماس) کائيندڙ جانورن جي مون تي نظر
پئجي ويئي آهي (هو مون کي جيئرو کائي ڇڏيندا.)
18
گِهڙِي گَهڙو هَٿِ ڪَري، ’اَلاهِي توهارَ‘
چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙهِيَسِ وارَ
ڄَنگَھ ڄَرُڪي واتَ ۾، سِسِي کي سَينسارَ
لَکين چُهٽِيَسِ لوهَڙِيُون، ٿيلِيُون، ٿَڻنِئُون
ڌارَ
مِڙِئا مَڇَ هَزارَ، ڀاڱا ٿِيندِي سُونهَڻِي!
[3036]
سمجهاڻي:
سنهڻي گَهڙو هٿ ڪري الله جي آسري تي پاڻيءَ ۾ گهڙي
پيئي (مگر ٻڏڻ کان پوءِ) سندس ٻانهن ۾ ٻَڌل چُوڙا
۽ ٻيڙا لڙاٽيل پاڻيءَ ۾ مٽيءَ سان ڀرجي چڪ ٿي ويا.
(هڪ طرف) ڄرڪن اچي سندس ڄنگهن کي چَڪڻ شروع ڪيو
ته (ٻئي طرف) سندس سسيءَ کي سيسر اچي وات وڌو.
لکن جي تعداد ۾ لوهڙين (ننڍين مڇين) اچي سندس جسم
کي چڪ پائڻ کائڻ شروع ڪيو ته ٿيلهيون مڇيون وري
اچي سندس سيني سان چنبڙي پيون. نيٺ اتي هزارين
وڏيون مڇيون اچي گڏ ٿيون، ان ڪري هاڻي پَڪَ سان
سنهڻي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي.
19
ساهَڙَ ڌاران سُنهَڻِي، اَڌُوتِي آهي
ڪُنڍِيُون جو ڪاهي، پاسي تَهِين پاڪُ ٿِيي. [3037]
سمجهاڻي:
سنهڻي پنهنجي محبوب (روحاني رهبر) کان سواءِ اڻ
ڌوتل، ميري ۽ ناپاڪ آهي. هوءَ فقط ساهڙ، جيڪو
مينهين (ڪنڍين) جو مالڪ آهي، ان وٽ پهچڻ سان، بلڪه
ان جي نزديڪ رسڻ سان ئي پاڪ صاف ٿي پوندي.
19 (الف)
ٻِيُون سَڀِ گهِڙَنِ ڏِينہَ، هيءَ روئي ۽ راتيان
گهِڙي
وَهِ پِيو واهُڙ تَري، ڪِي نِهاڻِي نِينہ
ميڙائي جا مِينہَ، ويچاريءَ وَسائيا.
سمجهاڻي:
ٻيون سڀ درياهه ۾ ڏينهن جو وڃي گهِڙن ٿيون، پر
سنهڻي آهي، جيڪا پنهنجي محبوب ميهار جي سِڪ ۾ روئي
به پيئي ۽ سندس محبت ۾ اونداهي رات ۾ وڃيو اونهي
پاڻيءَ ۾ پيئي ٽُٻيون هڻي. هن محبت جي ماريل عورت
لاءِ اهي ئي محبت ۽ ميلاپ جا مينهن ثابت ٿيا.
20
ساهَڙَ ڌاران سُنهَڻِي، نِسورِي ناپاڪَ
نَجاسَتَ نانہِ ڪَري، اُنِي جِي اوطاقَ
هُوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تَنِي پاڪُ ٿِئي.
[3038]
سمجهاڻي:
انهن محبوبن جو ماڳ ئي ناپاڪائيءَ کي پاڪائيءَ ۾
بدلائي ڇڏي ٿو ۽ انهن
کير پياڪ (معصوم) ڪامل انسانن سان ملاقات بعد هر
نجاست دور ٿي وڃي ٿي.
[هن بيت جي پس منظر ۾ مثنويءَ جا هي شعر ڏسو، جن ۾
’نجاست‘ جو لفظ آيل آهي.
اين نجاست ظاهر از آبي رود،
وآن نجاست باطن افزون شود.
جُز بآب چشم نتوان شستن آن،
چون نجاسات بواطن شد عيان.
(دفتر اول، ب....)
معنيٰ: هيءَ ظاهري نجاست پاڻيءَ سان صاف ٿي وڃي
ٿي، پر اندر جي نجاست پاڻ وڌي وڃي ٿي. ان جي ڌوئڻ
يا پاڪ ڪرڻ لاءِ اکين جي پاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو
طريقو ناهي، خاص طور جڏهن اهي نجاستون هڪ دفعو
ظاهر ٿي پون.]
21
ساهَڙَ ڌاران سُنهَڻِي، هِيءَ تان جُنبِي جوء
هِنَ پاڻِيءَ سين پانہنجو، مُورِ نه مَٿو ڌوءِ
جي پِرِينءَ پاسي هوءِ، ته ڪَرَ توڏِيءَ تَڙُ
ڪِئو. [3039]
سمجهاڻي:
ساهڙ (محبوب) کان سواءِ سنهڻي ناپاڪ زال آهي
(انهيءَ ڪري) هوءَ هن (عام) پاڻيءَ سان پنهنجو مٿو
نٿي ڌوئي. پر جڏهن هوءَ محبوب جي ڀر پاسي ۾ آهي ته
ڄڻ هن پاڪائيءَ وارو غسل ڪيو.
22
ساهَڙَ ڌاران سُنهَڻِي، هِيءَ تان جُکِي زالَ
توڏِيءَ تَپُ شُروعُ ٿِئو، هَي هيڻِيءَ جي حالَ
جَڏِي ري جَمالَ، اَگِھي ٿِي آهُون ڪَري. [3040]
سمجهاڻي:
ساهڙ محبوب کان سواءِ سنهڻي ڏاڍي ڏکايل عورت آهي.
(انهيءَ غم ۾) اچي کيس تپ ورتو آهي. افسوس هن
ڪمزور عورت جي حالت تي آهي. هوءَ سونهن ۽ محبت جي
ماريل بيمار وانگر دانهون پيئي ڪري.
[رومي، مثنويءَ ۾ مرشد کي ڪامل انسان ڪوٺي ٿو ۽ هن
کي هر لحاظ سان صحتمند قرار ڏئي ٿو ۽ طالب کي
بيمار چئي کيس مرشد جي هدايت تي عمل ڪرڻ جو چوي
ٿو. هتي ساهڙ مان مراد اهو مرشد ڪامل آهي ۽
سنهڻيءَ مان مراد اهڙو مريد آهي.
زانکه صحت يافت و ز پرهيز رست،
طالب مسکين ميان تب درست.
(دفتر اول، ب- 1604)
معنيٰ: ڇاڪاڻ ته هو (مرشد) مڪمل صحتمند آهي ۽ هن
لاءِ ڪا پرهيز ڪانهي. پر هيءُ ويچارو طالب اڃا
بخار يا تپ ۾ ورتل آهي.]
23
ساهَڙَ ڌاران سُنهَڻِي، آهي مَنجِھ آزارَ
ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکَندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگھارَ
توڏِيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوا ۾ دِيدارَ
جي پَسي مُنہُ ميهارَ، ته سِگِھيائِي سَگِھي ٿِيي.
[3041]
سمجهاڻي:
ساهڙ (محبوب) کان سواءِ سنهڻي تڪليف ۽ مصيبت ۾
آهي. ڏم جي پاسي ۾ ته مورڳو وڏي ايذاءُ ۽ عذاب ۾
آهي. البت ساهڙ وٽ بلڪل صحتمند ٿيو پوي. (دراصل)
هن عورت جي بيماريءَ جي دوا دلبر جي ديدار ۾ آهي.
(انهيءَ ڪري) جيڪڏهن هوءَ ميهار جو جلوو پسي ته
جيڪر جلد ئي صحتمند ٿي پوي.
24
سَدا پُڇُ مَ سُنهَڻِي، اُونداهِيءَ اَڌَ راتِ
پِرِيان ڏي پِرِڀاتِ، وانءُ ڏيٺاري ڏِينہَ کي.
[3042]
سمجهاڻي:
او سنهڻي! سدائين اڌ رات يا اونداهيءَ جو سهارو نه
وٺ. پرينءَ ڏي هلڻ لاءِ صبح جو وڏيءَ ويل يا سوير
۽ ڏينهن ڏٺي جو وڃ (ظاهر ظهور وڃ).
25
وَرُ اُونداهِي راتَڙِي، کُہِ چانڊُوڻي چانڊارا
اوري ميهارا، مُنہُ مَ پَسان ڪو ٻِئو. [3043]
سمجهاڻي:
اونداهي رات ڀلي آهي ۽ کڏ ۾ پوي چانڊوڪي رات جي
روشني. ان ڪري ته جيئن ميهار کان پهرين (اول) ٻئي
ڪنهن جو چهرو نه ڏسي سگهان.
26
سائِرَ ٻوڙِي سُنهَڻِي، نه ڪَنہِ ڍوري ڍَنڍَ
اَکِيَنِ مَنجِھ اُڪَنڍَ، مُيائِي ميهارَ ڏي.
[3044]
سمجهاڻي:
سنهڻيءَ کي وڏي درياهه (ذات حقيقي جي عشق) ٻوڙيو ۽
نه ڪنهن ڍنڍ ڍوري (ظاهري دنيا جي عشق). (اهو ئي
سبب آهي جو) مرڻ بعد به سندس اکين ۾ ميهار جي
(لافاني) سڪ هئي.
[روميءَ وٽ اهو خيال هن ريت ملي ٿو:
جستجوئي از ورائي حال و قال،
غرق گشته در جمال ذوالجلال.
غرق ني که خلاصي باشدش،
يا بجز دريا کسي بشناسدش.
(دفتر اول، ب- 2211-12)
معنيٰ: اها جستجو (طلب) حال ۽ قال کان مٿي آهي،
جنهن ۾ سالڪ خدا جي جمال ۾ غرق ٿي وڃي ٿو. ان کي
غرق (ٻڏل) نه چئبو، جيڪو وري ٻاهر نڪري اچي، بلڪ
هن جي سڃاڻپ خود درياهه يا ساگر ٿي پوي ٿو.]
وائي
مُنهنجيُون سَڀيئِي ماءُ! آيَلِ! مَنَ مُرادُون
پُنِيُون
جِهَڙِي پِرِيان ڳالَهڙِي، تِهَڙِي ٻِي نه ڪاءِ
ڪَجي تان ڪوڏُ ٿِيي، سُڄي تان سِيباءِ
وانءُ داتا جي دَرَ تي، شُڪُرُ جِنہِ سُهاءِ
ڪانِهي حَدَ حَمدَ جِي، ته ڪَرِيان لالَڻَ لاءِ
ڳَڻِيو ڳَڻِيان ڪيتَرِيُون وَڏِيُون وَڏاياءِ
سو مُون هَٿان نه ٿِئي، جيڪِين تو جُڳاءِ
تو سَڃِيُون، تو سَندِيُون، سِڪَنِ توهِي ساءِ
اُڃَّ تنهنجِيءَ اُڃِيُون، لوچَنِ توهِي لاءِ
دِلِ دانهُنِ ري نه رَهي، مُون کي ماٺِ جُڳاءِ.
[3045]
سمجهاڻي:
اي امڙ! منهنجيءَ دل جون سڀ خواهشون پوريون ٿيون
(ڇو ته مون کي هاڻي خبر پيئي ته) جهڙو پرينءَ جي
ياد ۾ مزو آهي، اهڙو ٻيءَ ڪنهن شيءِ ۾ ناهي. ان
جي يادگيري ڪرڻ سان مون کي دلي خوشي حاصل ٿئي ٿي
يا جڏهن رڳو هن جي ڳالهه ٻين کان ٻُڌان ٿي ته به
ڏاڍو ٿي وڻي.
انهيءَ ڏاتار ۽ ڏيندڙ جي در تي هلي وڃ
جنهن جو (هر حال ۾) شڪر ڪرڻ جڳائي. انهيءَ دل
گهريي مالڪ لاءِ ساراهه ۽ واکاڻ جي ڪا حد ڪانهي.
سندس ڪيترين (مهربانين) کي ڪيترا ڀيرا ڳڻي ڪيترو
ڳڻبو. مون کان (اهڙي ۽ ايتري) تعريف ڪٿي ٿي
سگهندي، جيڪا اُن جي باري ۾ ڪرڻ گهرجي. (اي
مالڪ) جيڪي تو نگاهه ۾ ڪيون ۽ جيڪي تنهنجيون
پنهنجيون آهن، سي تنهنجي قرب لاءِ پيون سڪن. انهن
کي تنهنجي ئي اڃ (سڪ) آهي ۽ اهي تنهنجي ڳولا ۾
آهن. منهنجي دل دانهن ڪرڻ کان سواءِ بس نٿي ڪري
سگهي. جيتوڻيڪ مون لاءِ ماٺ ڀلي آهي.
[محبوب جي تعريف پاڻ ڪرڻ ۽ ٻئي کان ٻڌڻ بابت
روميءَ هينئن چيو آهي:
خوشتر آن باشد که سر دلبران،
گفته آيد در حديث ديگران.
(دفتر اول، ب-136)
معنيٰ: محبوب جي سونهن جي تعريف ٻين کان ٻڌڻ ۾
وڌيڪ لطف ۽ مزو آهي.]
داستان
ٻِئو
1
وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪَري
گِهڙِي گهڙو هَٿِ ڪَري، سُڻِي سانجِهيءَ ٻانگَ
سيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساهَڙُ سُپِرِين. [3046]
سمجهاڻي:
ڪانو (ڏينهن پوري ٿيڻ سان) اچي وڻن تي ويٺا آهن.
ٽپهريءَ وارو وقت به وڃڻ وارو آهي. سنهڻي جيئن ئي
سج لٿي جي ٻانگ ٻُڌي ٿي ته گهَڙو هٿ ۾ ڪري گِهڙي
پوي ٿي. هوءَ اُهي گهٽ گهيڙ پيئي ڳولي جتي سندس
محب ميهار جو ديرو آهي.
[رومي مثنويءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا انسان جي بدن کي
گهڙي سان تشبيهه ڏني آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:
چيست آن کوزه؟ تن محصور ما،
اندرو آب حواس شور ما.
اي خداوند اين خُم و کوزه مرا،
در پذير از فضل ’الله اشتريٰ‘.
(دفتر دوم، ب-2708 ۽ 9)
معنيٰ: گهڙو ڇا آهي؟ اهو اسان جو بند ٿيل بدن آهي،
جنهن جي حواسن ۾ کارو ۽ ڪسارو پاڻي آهي. اي منهنجا
مالڪ، انهيءَ گهڙي ۽ دلي کي تون پنهنجي مهربانيءَ
سان خريد ڪر يا قبول ڪر.]
2
مِنہِ جِهِين جي مُون، ڏِٺو مُنہُ ميهارَ جو
آهِمِ ساهَ سَنئُون، سو ڪِئَن گَهڙو گهورِيان!
[3047]
سمجهاڻي:
(سنهڻي ٿي چوي) جنهن وسيلي يا بهاني (گهَڙي يا
دلي سبب) مون کي محب ميهار جو (هڪ وار) ديدار
نصيب ٿيو، اُهو مون کي پنهنجي ساهه برابر پيارو
آهي. انهيءَ گهَڙي کي آءٌ ڪيئن گهوري ڦٽو ڪيان؟
3
گَهڙو ڀَڳو ته گهورِئو، مَرُ چُورُ ٿِيي چُوڙو
’طالِبُ المَوليٰ مُذَڪَرُ‘، اِيءُ ٻُڏَندِيَنِ
ٻُوڙو
ڪوڙِهِيو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميهارُ ئِي مَنَ
۾.[3048]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن (درياهه ۾ ويندي) گهڙو ڀڄي پيو آهي ته اهو
گهوريو ڀلو! بلڪه ڀلي منهنجو (ٻانهن ۾ پاتل قيمتي)
چوڙو به ٽٽي پرزا ٿي وڃي. ’حق جو طالب ئي مرد
ماڻهو آهي.‘ اهو قول ئي ٻڏندڙن واسطي بچاءُ ۽ آسرو
آهي. ڏم (انسان جو نفس) ڪوڙ ۽ ڪوڙهه جهڙي بيماريءَ
جيان آهي. منهنجي دل اندر ته ميهار ئي آهي.
[مثنويءَ ۾ اهو خيال هن ريت ملي ٿو:
خُم شکسته آب ازو ناريخته،
صد درستي زين شکست انگيخته.
جزو جُزو خم برقص ست و بحال،
عقل جزوي را نموده اين محال.
(دفتر اول، ب- 2867-8)
معنيٰ: مَٽُ ڀڄي پيو، پر ان جو پاڻي نه وهيو. ان
جي ڀڄي پوڻ سان سوين درستيون (سولايون) ٿي پيون.
ڀڳل مٽ جو هر ٽڪرو رقص ۾ حال مست آهي. ليڪن ناقص
عقل واري کي اها ڳالهه ناممڪن لڳي ٿي.]
4
گَهڙو ڀَڳو ته گهورِئو، مَرُ ٻِيڻَ ٿِئي ٻانهِين
’طالِبُ المَوليٰ مُذَڪَرُ‘، اِيءَ پَرِ اَسانهِين
پُئان مَ پانهِين، مَهندان مُنہِ ميهارَ جي.
[3049]
سمجهاڻي:
گهڙو ڀڄي پيو ته صدقي ٿيو ۽ ڀلي منهنجي ٻانهن
واريون سڀ چوڙيون ڀڄي پرزا پرزا ٿي پون. ڇو ته
اسان جي واٽ (طريقو) ’الله جا طالب ئي مرد آهن.‘
واري آهي. (ڇا به ٿئي) شال آءٌ محب ميهار جي آڏو
وڃڻ کان پٺتي نه پوان.
5
گَهڙو ڀَڳو ته گهورِئو، پاڻان هو حِجابُ
واڄَٽُ وَڄي وُجُودَ ۾، رَهِيو رُوحُ رَبابُ
ساهَڙَ رِءَ ثوابُ، آءٌ گَهڻوئِي گهورِئان! [3050]
سمجهاڻي:
گهڙو ڀڳو ته صدقي ٿيو، اهو ته پاڻ منهنجي ۽ محبوب
جي وچ ۾ پردو (ڍڪ) هو. منهنجي سموري وجود ۾ (محبوب
جي ياد جو) ساز پيو وڄي. (گويا) منهنجو روح خود
رباب (ساز) بڻجي آواز پيو ڪري.
آءٌ محب ميهار کان سواءِ پنهنجون سڀ
نيڪيون (نيڪ ڪم) ثواب گهوري ڇڏينديس (هن کان سواءِ
منهنجي سموري حياتي اجائي آهي).
[رومي هن سلسلي ۾ هينئن ٿو چوي:
چون بمردم از حواسات بشر،
حق مرا شد سمع و ادراک و بصر.
(دفتر اول، ب- 3125)
معنيٰ: جڏهن منهنجا بشري حواس (ظاهري حجاب) ختم ٿي
ويا (ظاهري حواس فنا ٿي ويا). تڏهن حق تعاليٰ ئي
منهنجا ڪن، سمجهه ۽ اکيون آهي.]
6
گَهڙو ڀَڳو ته گهورِئو، ڀَڄي تان مَ گَهڙِي
چِڪَڻِ تان چَڙهِي، پَسان مُنہُ ميهارَ جو. [3051]
سمجهاڻي:
گهڙو ڀڳو ته قربان ٿيو، پر ملاقات واري گهڙي ضايع
نه ٿئي. پاڻيءَ هيٺ نامعلوم چاڙهه ۽ ترڪڻ واري سخت
زمين (ڪيڏي به ڏکي حالت) وچان گذري به جيڪر محب
ميهار جو ديدار ڪريان.
[رومي هڪ هنڌ هن طرح به دليل ڏنو آهي:
آب دريا مرده را برسر نهد،
ور بود زنده ز دريا کي رهد.
چون بمردي توز اوصاف بشر،
بحر اسرارت نهد بر فرق سر.
(دفتر اول، ب-2842-43)
معنيٰ: درياهه جو پاڻي مئل کي ئي مٿي تاريندو آهي،
پر جيڪڏهن جيئرو هجي ته درياهه کان ڪيئن بچي ها.
جڏهن تون ان ريت بشري صفتن کان خالي ٿي ويندين ته
پوءِ اهو پر اسرار بحر توکي پاڻهي پاڻيءَ مٿان
تاريندو.]
7
گَهڙو ڀَڳو ته گهورِئو، آسَرَ مَ لاهيجِ
’لَا
تَقنَطُوا مِن رحمة الله‘،
تُرَهي اِنَ تَريجُ
حَبِيباڻي هيجِ، پَسِين مُنہُ ميهارَ جو. [3052]
سمجهاڻي:
(اي سنهڻي) گهڙو ڀڄي پيو ته صدقي ٿيو، ليڪن تون
نااميد نه ٿي. ’الله جي رحمت مان نااميد نه ٿيو‘
(قرآن جي فرمان) تون انهيءَ ترهي تي تر. (ياد رک)
دوست سان ملڻ جي چاهت ۽ خواهش جي ڪري تو کي سندس
ديدار ضرور نصيب ٿيندو.
8
گَهڙو ڀَڳو، مُنڌَ مُئِي، وِئا وَسِيلا
سارَ ڇَڏِيائِين سِيرَ ۾، هَئي رَهِيا حِيلا
سُنهڻِيءَ جا سِيلا، وَحدتَ سَڀِ وِڃائِيا. [3053]
سمجهاڻي:
(آخر اهو مرحلو آيو جڏهن) گهڙو ڀڳو (مادي ذريعا
ختم ٿيا) ۽ عورت (سنهڻي) مري ويئي. جڏهن سڀ مادي
شيون ختم ٿيون، درياهه جي وچ سير ۾ پهچڻ سان سندس
هوش حواس به جواب ڏيئي ويا ۽ سڀ حيلا وسيلا ڪنهن
ڪم جا نه رهيا. (تڏهن) سنهڻيءَ جو ست سيل (ظاهري
وجود جون صفتون) سڀ وحدت ۾ گم ٿي هڪ ٿي ويون.
(سنهڻيءَ جو جدا وجود ختم ٿي ويو ۽ هوءَ حق سان
ملي هڪ ٿي ويئي ۽ ان کي صفات جو ذات ۾ گم ٿيڻ چون
ٿا).
[روميءَ هن خيال کي هنن لفظن ۾ ادا ڪيو آهي:
چون ز جان مردم بجانان زنده ام،
نيست مرگم تا ابد پاينده ام.
(دفتر اول، ب- 3124)
معنيٰ: جڏهن مان جسماني (صفاتي) طور فنا آهيان ته
مان پنهنجي محبوب (ذات) سان زنده آهيان. منهنجي
لاءِ موت ناهي، مان اَبد يعني هميشه لاءِ زنده
آهيان.]
9
گَهڙو ڀَڳو، مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِئا
تِهان پوءِ سُئا، سُنهڻِيءَ سَڏَ ميهارَ جا.
[3054]
سمجهاڻي:
جڏهن گهڙو (مادي آسرو) ڀڄي ڀري پيو ۽ سنهڻي مري
ويئي ۽ ٻيو ڪو وس ۽ حيلو نه بچيو . (جڏهن ٻانهي ۽
مالڪ جي وچ ۾ ڪا رڪاوٽ نه رهي)، تڏهن (اهڙي فنا
واريءَ حالت ۾) سنهڻيءَ محب ميهار جو آواز ٻڌو.
(هن وجود جي وڃائڻ سان، حق سان هڪ ٿيڻ سان، حق جا
آواز سنهڻيءَ جي ڪنن تي پيا).
[روميءَ جي فڪر جو هيءُ خاص نڪتو آهي ته حق جو
آواز هنن ظاهري حواسن سان نٿو ٻڌي سگهجي، بلڪه
انهيءَ آواز ٻڌڻ لاءِ ٻيا حواس عطا ٿين ٿا.
بي حس و بي گوش و بي فکرت شويد،
تا خطاب ارجعي را بشنويد.
(دفتر اول، بيت-568)
معنيٰ: بغير حواسن، بغير ڪنن ۽ بغير سوچ سمجهه جي
ٿي وڃ. تڏهن تون ’مون ڏانهن موٽي اچ‘ وارو سڏ ٻڌي
سگهندين.
هي روميءَ جو پسنديده موضوع آهي. ٻئي هنڌ چوي ٿو:
پس بداني چونکه رستي از بدن،
گوش و بيني چشم مي داند شدن.
راست گفته ست آن شـﮧ شيرين زبان،
چشم گردد مو بموئي عاشقان.
(دفتر چهارم، ب- 2400-1)
معنيٰ: جڏهن تون بدن کان فارغ ٿي ويندين ته تنهنجا
ڪن ۽ نڪ اکين جو ڪم ڏيندا. (بايزيد بسطاميءَ) سچ
چيو آهي ته تڏهن عارفن جو وار وار اک وارو ڪم ڪري
ٿو.]
10
جڏهن وَسِيلَنِ، لوڙهي ڇَڏِي لُڙَ ۾
پَراڙان پِريَنِ، تَڏِهن پُڇِي سُونهَڻِي. [3055]
سمجهاڻي:
جڏهن سنهڻي (ظاهري) وسيلن جي باوجود درياهه جي وڏي
لڙاٽيل وهڪري جي نذر ٿي ويئي (هوءَ فنا جي حالت تي
پهتي) تڏهن، ٻئي پاسي کان محبوبن سنهڻيءَ کي ياد
ڪيو.
[هن سلسلي ۾ مثنوي روميءَ جو هيءُ شعر ڏسڻ وٽان
آهي:
وانکه پايش در ره کوشش شکست،
در رسيد اورا براق و بر نشست.
(دفتر اول، بيت- 1072)
معنيٰ:
جنهن پنهنجا پير دوست جي ڳولا ۾ هلندي هلندي گسائي
ختم ڪري ڇڏيا، انهن کي ئي اڳتي پهچائڻ لاءِ بجليءَ
جو گهوڙو ويهڻ خاطر سواري ٿي مليو.]
11
پاڻُ مَ کَڻِجُ پاڻَ سِين، وَسِيلا وِسارِ
لُڙُ لَنگهائي سُونهڻِي، پِرتِ وِجَهندِيَئِي پارِ
سي تُرتُ لَنگهندِيُون تارِ، اُڪَنڊَ آڳہُ جَنِ
سِين. [3056]
سمجهاڻي:
(سنهڻيءَ کي صلاح) پنهنجي هستي يا خودي وساري هل ۽
(ظاهري) وسيلن کي وساري ڇڏ (انهن تي ڀروسو نه ڪر).
(ڇو ته) درياهه جي تيز لُڙ واري وهڪري مان تنهنجي
محبت ئي توکي پار پهچائي سگهي ٿي. اُهي ئي درياهه
جي تار پاڻيءَ مان جلد اڪري وينديون جن کي پرينءَ
سان ملڻ جي سڪ (اُڻ تُڻ) هوندي ۽ اها سڪ ئي سندن
وسيلو ٿي کين توڙ تائين پهچائيندي.
12
پاڻُ مَ کَڻِجُ پاڻَ سِين، رِءِ وَسِيلي وانءُ
مَٿان سائِرَ سُونهڻِي، پِرتِ وَٺِجي پانءُ
نِيہَ ڳِنَهندي نانءُ، وانءُ پِرِيان جي پارَ ڏي.
[3057]
سمجهاڻي:
اي سنهڻي (طالب) تون پاڻ (پهرين) هر قسم جي خوديءَ
واري خيال کان پري ٿي. ٻيو (ظاهري) وسيلن کي ڇڏي
محبوب ڏانهن هل، درياهه کي اڪري پار ڪرڻ لاءِ پرت
جو پيچرو (دوستيءَ جي واٽ) وٺي هل. فقط محبت جو
نالو (سهارو) وٺي پرينءَ جي ماڳ ڏانهن وڃ.
13
پاڻُ مَ کَڻِجُ پاڻَ سِين، رِءِ وَسِيلي وَڌُ
لالَڻُ تَنِي لَڌُ، عِشقُ جَنِي جي اَڳَ ۾.[3058]
سمجهاڻي:
اي سنهڻي، تون پاڻ کي خوديءَ کان خالي ڪر ۽
(ظاهري) وسيلن کي ڇڏي اڳتي وڌڻ جي ڪر. (ڇو ته)
دوست کي اُهي ئي ڳولي لهن ٿا جن عشق کي پنهنجو
اڳواڻ ڪيو آهي يعني رهبر سمجهيو آهي.
14
پاڻُ مَ کَڻِجُ پاڻَ سِين، وَسِيلا وِڃاءِ
عِشقَ ساڻ اُٺاءِ، پيرُ پِرِيان جي پارَ ڏي.
[3059]
سمجهاڻي:
اي سنهڻي، پنهنجو پاڻ کي ڀانئڻ ۽ سمجهڻ ڇڏي ڏي ۽
(ظاهري) وسيلن تي ڀروسو نه ڪر. (اصل ڳالهه آهي ته)
پرينءَ ڏانهن هلڻ لاءِ هر قدم عشق ۽ شوق سان کڻڻ
گهرجي.
[روميءَ اهڙي مرحلي جي هن ريت نشاندهي ڪئي آهي:
خالي از خود بود و پر از عشق دوست،
پس ز کوزه آن تراود که دروست.
(دفتر ششم، ب- 4041)
معنيٰ: هو پاڻ هر خيال کان خالي پر دوست جي عشق
سان ڀريل هو. مطلب ته پيالي مان اهو نڪرندو، جيڪو
منجهس پيل هوندو].
15
پاڻُ مَ کَڻِجُ پاڻَ سِين، رِءِ وَسِيلي وَڃُ
ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪَنڊَ کَڻُ عَمِيقَ ڏي. [3060]
سمجهاڻي:
اي سنهڻي، پاڻ کي ڀانئڻ ڇڏي ڏي (وجود جي نفي ڪر) ۽
(ظاهري) وسيلن کان سواءِ ئي وڃ. تون (انهيءَ ڪري)
ڪچي گهڙي کي ڦيرائي ڀڃي ڇڏ (دوست وٽ پهچڻ لاءِ)
فقط اونهي پاڻيءَ جي الفت کي دل ۾ جاءِ ڏي.
[مثنويءَ ۾ اهو خيال هن ريت ملي ٿو:
اندر آ در جُو، سُبو برسنگ زن،
آتش اندر بُو، و اندر رنگ زن.
(دفتر پنجم، ب- 4081)
معنيٰ: اي طالب، تون درياءَ ۾ گهڙي پئو ۽ پاڻ واري
دلي (ظاهري جسم) کي ڀڃي ڇڏ (فنا ڪر). رنگ ۽ بو جي
جهان (صفات جي عالم) کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏ.]
16
آڳَہَ عِشقَ وارِيين، جڏهن کَنيا جَنِ
تَڏِهن رَسِئا تَنِ، مِهڻا مُحِبَّ ميهارَ جا.
[3061]
سمجهاڻي:
جڏهن عشق وارين اڳتي بچاءَ جا وسيلا هٿ ڪري اُنهن
تي آسرو ڪيو، تڏهن انهن کي (واقعي) محبوب ميهار
طرفان (غير تي ڀروسي ڪرڻ جا) طعنا مليا.
[مثنويءَ ۾ ساڳئي هنڌ اڳتي هينئن به چوي ٿو:
گرنهءَ راه دين از رهزنان،
رنگ وبو مپرست مانند زنان.
(دفتر پنجم، 4082)
معنيٰ: جيڪڏهن تون سنئين رستي کان ڦريل نه آهين،
ته پوءِ عورتن واري هار سينگار کي ڇڏي ڏي (انهيءَ
سهڻي کان پاڻ کي پري رک).]
17
ڪونهي آڳہُ اِهَڙو، جِهَڙِي مَحَبَّتَ مَنِ
اُڀِيُون اورِيين پار ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ
نَدِي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جي تُرَهي رِءَ تَرَنِ
سِڪَ رَساڻي سُونهڻِي، اَصُلِ عاشِقَنِ
سي جَهلِيُون ڪِينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جي ميهارَ کي.
[3062]
سمجهاڻي:
دل جي سچي سڪ کان وڌيڪ ٻيو ڪو آسرو يا ڀروسو ناهي.
اهي جيڪي (عشق ۾) سچيون ناهن سي (وڃڻ کان اڳ) هن
پاسي بيهي ڪک ڪنڊا (ترڻ لاءِ کوڙو) پيون ڳولين.
ليڪن انهن لاءِ درياهه جو پاڻي ننڍي ڪسيءَ وانگر
آهي جيڪي تُرهي کان سواءِ ترن ٿيون (سچيءَ همت ۽
ارادي سان پاڻيءَ ۾ گهڙن ٿيون)
اي سنهڻي، اصل عاشقن کي اها محبت ئي آهي
جيڪا کين محبوب وٽ پهچائي ٿي. جن کي محب ميهار جي
ياد لڳل آهي، تن کي درياهه جا ڪُن ڪو نه ٿا جهلين.
[ظاهري وسيلن ۽ ذريعن تي نه ڀاڙڻ بابت رومي هينئن
چوي ٿو:
زانکه آلت دعويٰ است و هستي ست،
کار در بي آلتي و پستي ست.
(دفتر اول، ب- 2697)
معنيٰ: ساز و سامان کڻي هلڻ جو مطلب پنهنجي هستيءَ
جي دعويٰ ڪرڻ آهي. اصلي ڪم بنا وسيلن ۽ پاڻ کي
ڪجهه نه سمجهڻ ۾ آهي.]
18
پُڇَنِ جي ميهارَ کي، پُڇي سي ميهارُ
’فَاذکرُونِي
اَذکرکم‘،
اِيءُ پَرُوڙِجِ پارُ
تُرَهو تَنِي بارُ، عِشقُ جَنِي کي آڪِرو.
[3063]
سمجهاڻي:
جن کي محب ميهار جي طلب آهي، هو به انهن کي ئي ٿو
ياد ڪري. قرآن جي آيت، ’توهين مون کي ياد ڪريو ته
آءٌ توهان کي ياد ڪريان‘ ۾ آيل اهو اشارو سمجهه.
جن جو عشق وڌيڪ زور ۽ غلبي وارو آهي، انهن لاءِ
ترهو (مادي وسيلو) الٽو بار آهي.
[مثنويءَ ۾ رومي هن آيت بابت هينئن چيو آهي:
از وفاي حق تو بسته ديده اي،
اذکروا اُذکرکم نشنيدهء اي.
معنيٰ: تو الله تعاليٰ جي وعدي کان اکيون ڇو بند
ڪيون آهن، ’توهين مون کي ياد ڪريو ته آءٌ توهان کي
ياد ڪريان‘ نه ٻڌو اٿئي؟]
19
عِشقُ جَنِي کي آڪِرو، تُرَهو مَ ٿِئي تَنِ
جي ساهَڙَ کي سِڪَنِ، تَنِي جَرُ جَنڊرو ٿِئي.
[3064]
سمجهاڻي:
جيڪي عشق جي ڪري مست آهن، يعني جن جو عشق حد کان
وڌيڪ آهي، تن کي تُرهي (ٻئي ڪنهن قسم جي ظاهري
آسري) جي تات يا گهرج ڪانهي، جيڪي پنهنجي محبوب
لاءِ سڪن ٿيون، انهن لاءِ درياهه جو پاڻي ٻن دلن
کان وڌيڪ ناهي.
[روميءَ اهڙي عشق جي باري ۾ هينئن چيو آهي:
عقل راه نااميدي کي رود،
عشق باشد کان طرف برسر دود.
(دفتر ششم، ب- 1966)
معنيٰ: عقل نا اميدي (ڏکئي ۾ ڏکئي) رستي تي ڪونه
هلندو آهي. اهو عشق ئي آهي، جيڪو ان ميدان ۾ ڊوڙڻ
شروع ڪندو آهي.]
20
تُرَهو آڇِ مَ تِنہِ کي، جِنہِ عِشقَ سِين آگاهَ
پُڇي مَسَ مَلاحَ، سائِرُ مَڻي سُونهڻِي.
[3065]
سمجهاڻي:
انهن کي پاڻ سان ترهي کڻڻ جي صلاح نه ڏجي، جيڪي
عشق سان آشنا آهن يا جن جي دل ۾ عشق آهي. (ان جو
مثال اهو آهي جيئن) ڇا سنهڻي ڪڏهن ملاح يعني ٻيڙي
هڪليندڙ جي پڇا ڪئي؟ بلڪه هن پاڻ سڌو درياهه جو رخ
ٿي ڪيو ۽ درياهه کي چتائي گهڙي ٿي پيئي.
[هن سلسلي ۾ مثنوي روميءَ جو هيءُ بيت ڏسو:
غرق حق خواهد که باشد غرق تر،
همچو موج بحر، جان زير و زبر.
(دفتر اول، بيت- 1745)
معنيٰ:
جيڪو الله (جي عشق) ۾ غرق هوندو آهي، اهو اڃا وڌيڪ
غرق ٿيڻ چاهيندو آهي. ساگر جي لهر وانگر ان جو روح
ڪڏهن هيٺ ته ڪڏهن مٿي هوندو آهي.]
وائي
سَچا سائِرَ! مُون کي تُون،
اي وَنهِيان واهُڙَ! مُون کي تُون
نيئِي، نيئِي، اولِ پِرِيان جي پارَ ڏي
سَندو جِئَڻَ آسَرو، مَنان لاٿو مُون
ڪُنَ جي ڪارُونڀارَ جا، سي آن ڀانيان ڀُون. [3066]
سمجهاڻي:
(سنهڻي درياهه کي مخاطب ٿي چوي ٿي) او، سچا ساگر،
او، سکيا واهڙ، مون کي تون ئي محبوب جي پار ڏي
وٺي هل. مون پنهنجي حياتيءَ تان آسرو کڻي ڇڏيو
آهي. اونهي پاڻيءَ ۾ جيڪي ڪُن آهن تن کي آءٌ سُڪي
ڌرتيءَ وانگر سمجهان ٿي.
[هن بيت جي پس منظر خاطر مثنويءَ جا هي شعر ڏسو:
جوئي ديدي کوزه اندر جوئي ريز،
آب را از جوئي کي باشد گريز.
آب کوزه چون در آب جو شود،
محو گردد دروي و او شود.
معنيٰ: تون جڏهن سدائين وهندڙ واهه تي پهتو آهين
ته پنهنجي دلي جو پاڻي ان ۾ وهائي ڇڏ، ڇو ته
پاڻيءَ کي دريا (حق) کان ڪهڙو ڀؤُ ڀولو! دلي جو
پاڻي جڏهن دريا جي پاڻيءَ ۾ ملي ويو ته اهو هڪ ٿي
درياءَ ٿي ويو.]
داستان ٽئو
1
ڪَرَڳَلَ ڪُوچَ، ڪُنَ گَهڻا، جَرَ واڪو جائِين
پاڻُ اُڇَلي آبَ ۾، وَهَ سِرِ وِڌائِين
لَهرِيُون لَنگِهيائِين، لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي.
[3067]
سمجهاڻي:
درياهه جي (قهري) ڪُنن جو ڌڌڪو ۽ گجگوڙ لڳي پيئي
آهي ۽ ججهي پاڻيءَ جو ڪڙڪو پيو ٻُڌجي، پر اهڙيءَ
حالت ۾ به سنهڻي پاڻ کڻي وڏي وهڪري ۾ ٽپو ڏنو.
عبداللطيف چوي ٿو پر مالڪ جي مهربانيءَ سان هوءَ
اهي (خوفناڪ) لهرون لنگهي پار پهچي ويئي.
[روميءَ اهو نظارو هنن لفظن ۾ چٽيو آهي:
عاشقان در سيل تند افتاده اند،
برقضائي عشق دل بنهاده اند.
(دفتر ششم، ب-910)
معنيٰ: عاشقن پاڻ کي اونهي پاڻيءَ جي ڪُنن جي
حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو عشق جي فيصلي تي راضي ٿي
ويا آهن.]
2
ڪَرَڳَلَ ڪُوچَ، ڪُنَ گَهڻا، جِتِ ڌَڙڪو مَنجِھ
درياهَ
اَچِئو اُتاهِين گِهڙي، سانگو ڪَري نه ساهَ
ساهَڙَ جِيءَ صَلاحَ، ٻارِ لَنگِهيائِين ٻاجَھ
سِين. [3068]
سمجهاڻي:
درياهه ۾ (بي شمار) ڪُنن جا ڪڙڪا ۽ گوڙ شور پيو
ٻُڌجي ڄڻ ته درياهه دڙڪا پيو ڏئي ۽ ڊيڄاري. ليڪن
سنهڻي اهڙي (خوفناڪ ۽ خطري واري) هنڌ تان ئي
درياهه ۾ داخل پيئي ٿئي (ڇو ته) کيس حياتيءَ جي
پرواهه ناهي. (اهڙيءَ حالت ۾) هوءَ ساهڙ جي
مهربانيءَ سان اهو وڏو پاڻي (جنهن ۾ جيڪر ٻيڙيون
به مس بچي سگهن) لنگهي پار پوي ٿي.
3
دَهشَتَ دَمُ درياهَ ۾، جِتِ هَيبَتَ هُلاچو
وِرڄِي وِيرِيَنِ وِچَ ۾، ڪاڏي وِئو ڪَچو
ساهَڙُ ڄامُ سَچو، ساڻِي ٿِيندُمِ سِيرَ ۾. [3069]
سمجهاڻي:
درياهه ۾ وڏو زور ۽ دهشت آهي ۽ هيبتناڪ هُل ۽ آواز
پيو اچي. (اهڙيءَ حالت ۾) ڪچو گهَڙو (زوردار)
لهرين ۾ ڀَڄي ڀُري الائجي ڪيڏانهن ويو. (ليڪن
سنهڻي نااميد ناهي جو سمجهي ٿي ته) منهنجو سچو
سپرين (رهبر) ان ڏکيءَ حالت ۾ ضرور اچي مدد ڪندو.
[اونداهي رات ۾ درياهه جي دهشت ۽ مٿان وسندڙ مينهن
جو نظارو مثنويءَ ۾ هن ريت ملي ٿو:
هم شب و هم ابر و هم موج عظيم،
آن سه تاريکي و از غرقاب بيم.
(دفتر سوم، ب-2180)
معنيٰ: رات جو وڳڙو، مٿان مينهن ۽ درياءَ جون اجگر
لهرون، هڪ نه پر ٽي اونداهيون ۽ وڌ ۾ وڌ ٻڏڻ ۽
لڙهي وڃڻ جو خوف خطرو.]
4
دَهشَتَ دَمُ درياهَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سَينسارَ
بيحَدِ باڳُو بَحَرَ ۾، هَيبتَناڪَ هَزارَ
سارِيان ڪانَه سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توهان ڌارَ
ساهَڙَ ڄامَ سَتارَ، سِگهو رَسِجُ سِيرَ ۾![3070]
سمجهاڻي:
درياهه ۾ ڏاڍو زور شور آهي ۽ منجهس خوفناڪ مانگرمڇ
۽ ٻيا ڪيترا (ڦاڙيندڙ) جانور موجود آهن. ان کان
سواءِ پاڻيءَ ۾ هزارين وحشتناڪ واڳو پڻ رهن ٿا.
(اهڙيءَ حالت ۾ سنهڻي ٻاڏائي چوي ٿي) اي مالڪ، مان
پنهنجي تن بدن ۾ تو کان سواءِ ڪا طاقت ڪانه ٿي
ڏسان، تون ئي مالڪي ڪر ۽ جلدي اچي پاڻيءَ جي تيز
وهڪري ۾ پهچ.
5
دَهشَتَ دَمُ درياهَ ۾، جِتِ ڪَڙَڪا ڪُنَ ڪَرِينِ
ٻِڇَلَ ٻانڌِي ٻارِ ۾، لَهرِيُون لوڏا ڏِينِ
سَناوَرَ اُتِ سَهِمِيا، سِيڻاهِيا نه سَنڊِينِ
جِتِ وِيرِيُون واٽَ نه ڏِينِ، تِتِ ساهڙَ سِيرَ
لَنگهائِيين. [3071]
سمجهاڻي:
درياهه مان خوفناڪ آواز پيا اچن ۽ ڪُنن جا ڪڙڪا
صاف پيا ٻُڌجن. زوردار هوا جي ڪري ڇوليون پيون
ٽڪرائين ۽ ڪاٺيءَ جا لڙهندڙ بُنڊ به (بيوس ٿي)
لهرن تي هيٺ مٿي پيا ٿين. جيڪي تارُو آهن سي به
دهلجي بيهي رهيا آهن ۽ جيڪي سيڻاهه سان گڏ آهن اهي
به گهڙڻ جي جرئت نٿا ڪن. لهرون ايتري تيزيءَ سان
هيٺ مٿي پيون ٿين جو اڳتي وڌڻ جي واٽ ئي ڪو نه
ٿيون ڏين. (اهڙيءَ حالت ۾) اي ساهڙ ڄام (سچا رهبر)
تون ئي اچي سير مان اڪاري پار ڪرائج.
6
دَهشَتَ دَمُ درياهَ ۾، جِتِ ڪَڙَڪو ڪُنَ ڪَري
اُتِ توڏِي تاڪُنِ وِچَ ۾، مَٿان وِيرَ وَري:
’ساهَڙَ مُنہنجا سُپِرِين، آءُ پِرتان پيرَ ڀَري
هادِي هَٿَ ڌَري، اُونِهين مان اُڪارِيين‘. [3072]
سمجهاڻي:
درياهه ڀوائتيون گجگوڙون پيو ڪري ۽ ڪُنن ۾ ڪڙڪو
لڳو پيو آهي. ليڪن سنهڻي نوجوان مادي اُٺ جهڙي
تيزيءَ سان ڇولين کي چيريندي انهن جي مٿان پيئي
وڃي. اتي موتمار جانورن به کيس ڏسي ورتو آهي.
(اهڙي حال ۾) هوءَ ساهڙ کي پيئي ياد ڪري ۽ محبت
جا واسطا پيئي وجهي ته اي هادي ۽ رهبر، مون کي هٿ
کان پڪڙي انهيءَ پاڻيءَ مان سلامتيءَ سان ٻاهر ڪڍ.
7
دَهشَتَ دَمُ درياهَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جا ڪَڙڪا
سَهي ڪِينَ سَمُونڊَر جا، ماندِي دِلِ دَڙَڪا
ساهَڙَ! سُڻِجُ ڪا، فَرِيادِي فَقِيرَ جِي. [3073]
سمجهاڻي:
درياهه ۾ ڏاڍي دهشت آهي ۽ ڌڌڪا پيو ڪري، ڪُنن جا
ڪڙڪاٽ صاف پيا ٻُڌجن. درياهه سمنڊ جهڙي ڏِک پيو
ڏئي ۽ منهنجي پريشان دل ۾ انهن ڌڙڪن برداشت ڪرڻ
جي طاقت آهي ئي ڪانه. (اهڙيءَ حالت ۾) او، ساهڙ
(منهنجا رهبر) تون ئي هن مسڪين جي ڪا دانهن ڪُوڪ
ٻڌ!
8
دَهشَتَ دَمُ درياهَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙَڪو
ڪونهي ڪاڻِيارِيَنِ جو، تارَ بِنا تَڙُ ڪو
آهِمِ اُنهِين پارَ جو، دِلِ اَندَرِ ڌَڙَڪو
ڀَڃي سِڪَ، سَيِّدُ چئي، سِيرَ سَندو سَڙَڪو
والِي ڪِجِ وَڙُ ڪو، ته ٻارِ لَنگِهيان آءٌ ٻاجَھ
سِين! [3074]
سمجهاڻي:
درياهه ۾ وڏي دهشت ۽ گجگوڙ (جو ماحول) آهي، منجهس
ڪُنن جو ڪڙڪو لڳو پيو آهي. ليڪن جيڪي حاجتمند
يعني محبت ۾ مجبور آهن، انهن لاءِ (عجب آهي جو)
سِير واري اوڙاهه يا وڏي پاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو
محفوظ ماڳ ڪونهي. منهنجي دل اندر انهيءَ پار
(عميق) جو کٽڪو لڳو پيو آهي. سيد (عبداللطيف) چئي
ٿو ته اها سڄڻ جي سڪ ئي آهي جيڪا سِير يا اوڙاهه
جي خوفناڪ آواز کي به مات ڪري (شڪست ڏيئي) ڇڏي
ٿي. اي مالڪ، تون ئي پنهنجو احسان ڪر ته تنهنجي
مهربانيءَ سان هن تار اونهي پاڻيءَ مان لنگهي پار
پوان.
9
دَهشَتَ دَمُ درياهَ ۾، جِتِ لُڙُ، لَهرِيُون،
لَسَ ليٽَ
آڻِيو اوڀارَنِ ۾، ٻانڌِي ٻوڙي ٻيٽَ
جِتِ چِڪَڻَ جِي چَپيٽَ، اُتِ ساهَڙَ! سِيرَ
لَنگهاءِ تُون. [3075]
سمجهاڻي:
درياهه ۾ وڏو چاڙهه ۽ گجگوڙ آهي ۽ لڙاٽيل پاڻيءَ
جون لهرون (بظاهر) سنئين سطح جو گمان پيون پيدا
ڪن (ائين پيو لڳي ڄڻ) پاڻي مٿان کان هيٺ پيو ليٽي
۽ پلٽ کائي. پاڻيءَ جو اوڀارو وهڪرو درياهه ۾
لڙهندڙ ٿلهن بُنڊن کي ته نٿو بخشي، پر ٻيٽن کي به
ٻوڙي ڇڏي ٿو. درياهه جي ڪناري تي ڌٻڻ (مٽيءَ جي
ظاهري طور هموار سطح پر ماڻهو يا جاندار جڏهن ان
تي پير رکي ته هيٺ ڦاسندو وڃي ۽ مٿي نڪري نه سگهي)
۾ ڦاسڻ جو خطرو به هر وقت موجود آهي. (اهڙيءَ
صورتحال ۾) اي ساهڙ ڄام، تون ئي اچي هن سِير مان
اُڪاري پار ڪر!
10
دَهشَتَ دَمُ درياهَ ۾، جِتِ تِکِيُون تَوارُون
منهنجيون مانَ ميهارَ کي، پَهُچَنِ پُڪارُون
لَہُ ساهَڙَ سَنڀارُون، ته لَهرِيَنِ لوڏِي نه
مَران. [3076]
سمجهاڻي:
درياهه (جو نظارو) ڏاڍو دهشتناڪ آهي. (پاڻيءَ) جا
ڌڌڪا پري کان پيا ٻُڌجن. (اهڙيءَ حالت ۾ به
سنهڻيءَ کي اميد آهي) شل منهنجيون دانهون محب
ميهار تائين پهچن. اي ساهڙ ڄام (اهڙي ڏکئي وقت ۾)
تون ڪا منهنجي سار سنڀال لهه ته لهرن ۾ هيٺ مٿي
ٿي ٻڏي مرڻ کان بچي وڃان.
11
دَهشَتَ دَمُ درياهَ ۾، جِتِ جايُون جانارَنِ
نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نه مَلاحَنِ
دَرندا درياهَ ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ
سَڄا ٻيڙا ٻارِ ۾، هَلِئا هيٺِ وَڃَنِ
پُرزو پَيدا نه ٿِئي، تَختو مَنجهان تَنِ
ڪو جو قَهَرُ ڪُنَنِ ۾، وِئا ڪِينَ وَرَنِ
اُتي اَڻتارُنِ، ساهَڙَ! سِيرَ
لَنگهائِيين. [3077]
سمجهاڻي:
درياهه جي پاڻيءَ ۾ وڏي دهشت ۽ گوڙ شور آهي جنهن ۾
ڪيترا جانور پڻ آهن. ان جي اونهي پاڻيءَ جو نڪو
دنگ آهي ۽ نڪا حد جتي ختم ٿئي. اتي ملاحن جو به ڪو
حيلو نٿو هلي. (مطلب ته انهن جي جاءِ ناهي) اُتي
ڪيترا خونخوار جانور (مانگر مڇ) وڏي آواز سان حملا
پيا ڪن. (درياهه ڪٿي ايڏو اونهو آهي) جو سڄا ٻيڙا
ان جي اوڙاهه ۾ هيٺ تري ۾ ٻُڏي وڃن ٿا ۽ انهن جو
تختو ته ڇا پر ذرو به ظاهر نٿو ٿئي. اتي ايڏا
غضب جا ڪُن آهن، جو جيڪي انهن جي ور چڙهيا سي ڪين
بچيا. اي ساهڙ ڄام (اهڙيءَ حالت ۾ سنهڻيءَ جهڙن)
تري نه ڄاڻندڙن کي تون ئي هن سير مان اڪاري پار
ڪرائيندين.
12
دَهشَتَ دَمُ درياهَ ۾، ٻِئا اَتِ اُبَتا آرَ
ڪَپَرَ ڪارُونڀارَ جِي، ڪَنڌِي ناهِ ڪِنارَ
بَلائُنِ ري بَحرَ ۾، سُڄي ٻِي نه تَوارَ
مُون کي مُحِبَّ ميهارَ، اَچِي آرَ اُڪارِئين.
[3078]
سمجهاڻي:
درياهه ۾ وڏي دهشت آهي ۽ گجگوڙون پيو ڪري. ٻيو
منجهس الائجي ڪيترا ڀرپور سِير ۾ ابتا اوڀار پيا
اچن. درياهه جي ڪناري تي ئي پاڻيءَ جو ايڏو وڏو
چاڙهه ۽ لُڙ آهي جو ٻئي ڪپر يا پاسي جي ڪا خبر ئي
نٿي پوي. درياهه وڏي بحر وانگر پيو لڳي ۽ منجهائنس
رڳو بلائن ۽ جانورن جا خوفناڪ آواز پيا اچن (اهڙي
ڏکي حالت ۾) اي مٺا محبوب، تون ئي اچي تکي پاڻيءَ
جي وهڪري مان پار ڪرائيندين.
13
دَڙَهَڙَ دَئُونسَ درياهَ ۾، جِتِ لَهرِيُون ڪَنِ
لوڙا
سَهَسين اَچِئو سِيرَ ۾، ٿِينِ سِيڻهايا سوڙا
جي تارُو هُئا توڙا، تَنِ هُڻبُ ڀانيو هيڪَڙو!
[3079]
سمجهاڻي:
درياهه ۾ پاڻيءَ جي تيزيءَ جو ڌڌڪو ۽ دهمان آهي ۽
ان جو ڊپ لڳو پيو آهي. لهرون به وڏو آواز ۽ سَٽڪو
پيون ڪن. پاڻيءَ جي تيز وڏي وهڪري (سير) ۾ وڃڻ وقت
جن کي سيڻاهه (ٻڪريءَ جي ڦوڪيل کل) ساڻ آهي، سي به
مشڪل ۾ پئجي وڃن ٿا، پر جيڪي اصل کان تارو يعني
تري ڄاڻن ٿا (سالڪ آهن)، اهي ان کي ٻن ٻانهن جي
اڇل سان تري وڃڻ جيترو مس سمجهن ٿا، يعني تمام
ٿورو فاصلو خيال ڪن ٿا (۽ تري پار پون ٿا).
وائي
مَدَتَ ٿِيءُ ميهارَ! يارَ!
ساهَڙِ! سائِرَ سِيرَ ۾
اُونَهان ڪُنَ، اَتانگَھ تَڙَ، اولِيين مُون آڌارَ
ڏِينہَ ڏُهلا ڏَمَ سِين، آهِيان آهان ڌارَ
ٻِڇَلِ ٻانڌِي ٻارِ ڪَري، اَتِ اُبَتا آرَ
ٿيلهي گِهڙِي سُونهَڻِي، آڳَہَ رِءَ آڌارَ
ڪارِي راتِ، ڪَچو گَهڙو، توڏِي ڪِي تَوَارَ
سَنڀُوڙو سِيڻاهِ سِين، سِگهو رَسُ سَنگهَارَ
اوراران آهُون ڪَرِيان، پَهُچان شالَ پَرارَ
سُڻِئو جهانءِ، جِهڄي هِنيُون، سانڀارا سَنڀارَ
آيَمِ ريلي رِيءَ سِين، اَللهُ تو آهارَ
تارِ تَرَندِيَسِ، پِرِين پَسَندِيَسِ، وِيندِيَسِ
وَٽِ وَڇارَ
پُورِيندِيَسِ پارُ مَڻي، سَهَسِين جي سَينسارَ
گولِي گهاگھائي گِهڙِي، جَڪَنِ ٿا جانارَ.
[3080]
سمجهاڻي:
(سنهڻي ميهار کي پڪاري چوي ٿي) اي مٺا ميهار،
منهنجا مهربان ۽ سڄڻ، تون ئي اچي درياهه جي هن
سِير (وڏي تيز وهڪري) ۾ منهنجي مدد ۽ سڻائي ڪر.
جتي تمام اونها ڪُن آهن ۽ ڏکيا تڙ آهن، اتي تون ئي
منهنجو آسرو اميد آهين، تون ئي مون کي اُڪاري پار
پهچائج. (تو کان سواءِ) ڏم سان منهنجا ڏينهن
(حياتي) گذارڻ مصيبت وارا آهن، مان ته تنهنجي
آسري (جيئري) آهيان.
درياهه ۾ ٻنهي طرفن کان آمهون سامهون
پاڻيءَ جو ايڏو زوردار ابتو ڦيرو ۽ وهڪرو آهي،
جيڪو وڏن سُڪل پورن بُنڊن کي به اوڙاهه ۾ غرق ڪري
ڇڏي ٿو. اتي سنهڻي ٻيئي ٻانهون کُنجي پاڻيءَ کي
پوئتي ڌڪي (ترڻ جي حالت ۾) گهڙي پوي ٿي جتي
(بظاهر) سندس ڪو به واهرو ۽ مددگار ڪونهي. اها
اونداهي رات هئي ۽ وٽس ڪچو گهَڙو هو، ليڪن سنهڻي
(محبوب کي) ياد ڪري گهڙي پيئي.
(سنهڻي پڪاري چوڻ لڳي) اي سهڻا ساهڙ
(منهنجا رهبر)، تون ئي سيڻاهه (ترڻ واري کليءَ)
سميت جلدي پهچ. آءٌ هن پاسي بيٺي دانهون ڪريان ته
شال آءٌ پرئين پاسي (جتي منهنجو منٺار آهي)
پهچان. مان جڏهن پرئين پاسي (بيٺل مينهن جي) چَڙن
جو سريلو آواز ٻُڌان ٿي ته منهنجي دل تڙپڻ لڳي
ٿي. منهنجو واسطو هڪ تکي وهڪري ۽ ٻيو تيز طوفان
سان اچي پيو آهي. يا الله، آءٌ تنهنجي ئي آسري
آهيان. (انهيءَ آسري تي) آءٌ تار پاڻيءَ مان تري
(ضرور) پنهنجي دوست سان ملنديس. اهو جيڪو وڇن
(مينهين جي وڳ) جو مالڪ آهي. آءٌ پرئين ڀر ضرور
پهچنديس. جيتوڻيڪ درياهه ۾ الائجي ڪيترا خوفناڪ
مانگر مڇ آهن، پر تڏهن به سنهڻي (گولي) ايڏي جوش
۽ جذبي سان درياهه ۾ گهڙي پيئي جو دريا جا جانور
به ڏڪڻ
۽ ڪنبڻ لڳا!
داستان چوٿون
1
تَڙَ تَڪَڻُ، تارِ گِهڙَڻُ، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ
ڏَه ڏَه ڀيرا ڏِينہَ ۾، ڏِئي ڏوراپا ڏَمُ
عَقُلُ، مَتِ، شَرَمُ، ٽريئِي نِينہَ نِهوڙِئا.
[3081]
سمجهاڻي:
گهٽ گهيڙ (جتان پاڻيءَ ۾ داخل ٿجي) نهارڻ ۽ درياهه
جي سير (تکي وهڪري) ۾ گهڙڻ، اهو ڪاڻ وارين يعني
حاجتمند يا جيڪي محبت ۾ مجبور آهن، تن جو ڪم آهي.
(اهو ئي سبب آهي جو جيتوڻيڪ) ڏم سنهڻيءَ کي ڏينهن
۾ ڏهه دفعا ٽوڪيندو هو (پر سنهڻي ڇا ڪري) جو ميهار
جي محبت سندس عقل، سمجهه ۽ حياء ٽيئي ختم ڪري ڇڏيا
هئا.
[عشق لاءِ رومي پڻ ساڳئي قسم جو اظهار ڪيو آهي:
عشق و ناموس اي برادر راست نيست،
بر در ناموس اي عاشق مَ ايست.
(دفتر ششم، ب- 612)
معنيٰ: اي ادا، عشق ۽ آبرو، ٻيئي گڏ ٺهن ئي ڪونه
ٿا. اي عاشق عزت ۽ آبرو جي دروازي تي نه بيهه (ان
تان هٿ کڻي ڇڏ).]
2
گهيڙان ڪَري نه گُهورَ، تَڙُ تَڪَڙِ کان نه لَهي
جِنہِ کي سِڪَ ساهَڙَ جِي، پُورَنِ مَٿي پُورَ
ڪارِيءَ راتِ، ڪُنَنِ ۾، وَهمَنِ ڪِي وَهلُورَ
جِنہِ ساڻُ پِرِيان جا سُورَ، تِنہِ نَدِي ناهِ
نِگاهَ ۾.[3082]
سمجهاڻي:
سنهڻي (سولي) گهيڙ وٽان داخل ٿيڻ جو خيال ئي نٿي
ڪري ۽ جلدي هجڻ سبب تڙ ئي نٿو لڀيس. هن کي فقط محب
ميهار جي سڪ کنيو بيٺي آهي. انهن ئي خيالن ۾ گم
(آخر) اونداهيءَ رات جو وڃي ڪُنن ۾ پيئي، جو هوءَ
انهن غمن ۾ غلطان هئي. (حقيقت اها آهي ته) جنهن کي
محبوب جي جدائي) جا سور لڳل آهن، ان کي ندي ۽
درياهه نظر ئي نٿا اچن.
3
جِئان وَهي تِئان واٽَ، ڪُوڙِيُون پُڇَنِ ڪَپَرا
جَنِ کي سِڪَ ساهَڙَ جِي، سي گهيڙَ نه پُڇَنِ
گهاٽَ
جَنِي عِشقَ اُساٽَ، سي واهُڙُ ڀائِينِ وِکَڙِي.
[3083-الف]
سمجهاڻي:
سنهڻيءَ کي، جتان پئي آيو اُتان پئي ويئي (هن
لاءِ هر هنڌ واٽ هئي). ڪناري يا ڪنڌيءَ جي پڇا
اُهي ڪنديون آهن جيڪي (عشق ۾) سچيون ناهن، پر جن
کي ساهڙ جي (سچي) سڪ آهي، سي واٽن ۽ پيچرن بابت
پڇا ڪن ئي ڪو نه. (مطلب ته) جن کي عشق جي سخت اڃ
آهي تن لاءِ واهڙ هڪ ننڍي وک برابر آهي.
3 (الف)
هِيءَ ڀَرِ هِيءُ هَنڌوسِ، ڪوڙو ٿِئُسِ قَريبَ ري
روزُ ڏينهاڻِي راتِ کي مٿي پارَ پَنڌوسِ
عشق جو عبداللطيفُ چئي، نَڪو سِڪَ سنڌوسِ
ساهڙَ ساهُ نَڌوسِ، نِيرُ پائي نِيہَ جو. [3083-ب]
سمجهاڻي:
سنهڻيءَ جي لاءِ درياهه جي هيءَ ڪنڌي پنهنجي محبوب
ميهار کان سواءِ ڪڙي (زهر) ٿي پيئي آهي. انهيءَ
ڪري رات توڻي ڏينهن پنهنجي پرينءَ جي پار (درياهه
جي ٻي ڪنڌي) ڏانهن سندس پنڌ هئا. عبداللطيف چوي ٿو
ته سندس پيار ۽ محبت جو ڪوبه سَنڌو (انت) نه هو.
ائين هن پنهنجي سهڻي سڄڻ جي سِڪَ ۽ محبت جي زنجير
۾ ڦاسي پنهنجو پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو.
4
ڪِنہِ جِنہِ گهيڙَ گهڙِي جِين اَوَتَڙُ تَڙُ
ٿِئوسِ
سالَمَ ويئِي سُونهڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪِئوسِ
اُهُسُ اَکڙِيُنِ ۾، پِرِيان جو پِئوسِ
حَقان حَقُ ٿِئوسِ، هُئِي طالِبَ حَقَ جِي. [3084]
سمجهاڻي:
سنهڻي ڪهڙي به (ڏکئي) گهيڙ وٽان داخل پئي ٿي، هن
لاءِ اُهو ڏکيو تڙ به سولو تڙ هو. سنهڻي هر هنڌان
صحيح سالم (حالت ۾) لنگهي ٿي ويئي ۽ (ايتريقدر جو)
ڪُنن به هن جو ڪجهه نه بگاڙيو. (اهو هن ڪري جو)
هن جي اکين ۾ پنهنجي پرينءَ جي تجلي (روشني) هئي.
آخر هوءَ حق سان ملي حق ٿي ويئي (ڇو ته) هوءَ (اصل
کان) حق جي طالب (ڳولا ڪندڙ) هئي.
[رومي پڻ ان خيال جو آهي، جڏهن هو چوي ٿو:
عاشقي حقي و حق آنست کو،
چون بيايد از تو نبود تار مو.
(دفتر سوم، ب- 4621)
معنيٰ: تون الله (حق) جو عاشق آهين ۽ سچ اهو آهي
ته جڏهن هو پاڻ اچي وڃي ته تنهنجي ڪابه شيءِ وار
سوڌ و سلامت نه رهي.]
5
توڏِي توڙائِين، نِينہَ نَوازِي سُونهڻِي
ڳِچِيءَ هارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين
ڪوڙين سَندو ڪارَڻِي، مُحَمَّدُ مَڃِيائِين
سو تَڙُ سُوٺائِين، جيڏَنہَ عالَمَ آسَرو. [3085]
سمجهاڻي:
سنهڻي ازل کان محبت سان نوازيل هئي، تڏهن ته ٻنهي
جهانن جي حبيب جي محبت کيس حاصل ٿي (پنهنجي گلي ۾
هن جي محبت جو هار وڌائين). هن ڪروڙين انسانن جي
رهبر ۽ رهنما، سونهين ۽ سردار حضرت محمد صلي الله
عليه وسلم کي سچيءَ دل سان مڃيو. (هوءَ ڀاڳ واري
هئي جو) اهو تَڙُ يا ماڳ ڳولي لڌائين جنهن جو
سموري جڳ جهان کي آسرو آهي.
6
هُئِي طالِب حَقَ جِي، توڏِي لاڪُون توڙُ
نَه مَلاحُ، نَه مَڪُرِي، نَڪِي ٻَڌي نوڙُ
پاڻِي پِنِيءَ ٻوڙُ، سُنهڻِيءَ ليکي سِيرَ جو.
[3086]
سمجهاڻي:
سنهڻي ازل کان ئي حق جي طالب هئي تنهن ڪري هن کي
نڪا ٻيڙيءَ جي ضرورت هئي ۽ نڪي ان کي هلائيندڙ
ملاح جي ۽ نڪا وري درياهه تي ٻَڌل ڪنهن رسيءَ جي،
جنهن کي جهلي پار وڃجي. سنهڻيءَ (جهڙن سچن عاشقن)
لاءِ درياهه جو اهو پاڻي گوڏي جيترو به نه هو!
[روميءَ ان ڳالهه جي سمجهاڻي هن ريت ڏني آهي:
گر چنين وگر چنان چون طالبست،
جذب حق او را سوي حق جاذبست.
(دفتر سوم، ب- 4597)
معنيٰ: هن ريت يا هُن ريت (ڪنهن به طرح) رڳو طالب
هجڻ شرط آهي، ڇو ته اها الله تعاليٰ (حق) جي ڪشش
ئي آهي، جيڪا هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ واري آهي.]
7
وَڃي ڪُنَ ڪَپِيندِي سُنهڻِي مَنجھان سِڪَ
هَڏِ نه ڀِڳِيَسِ هِڪَ، مَحبَتِي ميهارَ جِي.
[3087]
سمجهاڻي:
سنهڻي وڏيءَ سڪ ۽ چاهت منجهان ڪُنن کي چيريندي
ٻاهر نڪريو وڃي. مٿس ميهار جي محبت (جو ايڏو غلبو
آهي) جو ان (درياءَ ۾ هوندي) پنهنجي نڙي به آلي
نٿي ٿيڻ ڏئي. (يڪ ساهي تري پار پهچي ٿي ويئي)
[مثنوي روميءَ جو هن سلسلي ۾ هيءُ شعر ملاحظه ٿئي:
آب اين دريا که هايل بقعه ايست،
باخمار ماهيان خود جرعه ايست.
(دفتر ششم، ب- 2673)
معنيٰ: هن درياهه جو پاڻي جيڪو هڪ اونهي ۽ خوفناڪ
جڳهه آهي، ليڪن مخمور (پاڻيءَ جي عشق ۾) مڇين جي
واسطي اهو هڪ ڍڪ يا ڳيت آهي.]
8
سُنهِڻِيءَ ليکي سِيرَ جو، پاڻِي پِنِيءَ هيٺِ
ٻَڌِئو بِرِهَ بيٺِ، وَڃي ڪَپِيندِي ڪُنَنِ کي.
[3088]
سمجهاڻي:
سنهڻي (جهڙي سچي عاشق) لاءِ درياهه جي سير جو پاڻي
پير جي پنيءَ جي ٻُڏڻ کان به گهٽ آهي (تمام ٿورو
پاڻي آهي). هوءَ پنهنجي چيلهه سان عشق جو سندرو
ٻڌي ڪُنن کي به چيريندي وڃي.
9
توڏِي تُهائِينِ جي، سي هِتِهِين ڇَڏِ حِرِصَ
ساهَڙَ ڌاران سُنهَڻِي، کوٽِيُون ڪَنِ کِرِسَ
وَڏِي اِيءَ وِرِسَ، جِئَن ڏَمَ وَٽِ ڏِينہَ
گُذارِيين. [3089]
سمجهاڻي:
اي سنهڻي، جيڪي (دنيا جون ظاهري) شيون توکي
هرکائين ٿيون اُنهن کي اُتي ئي ڇڏي ڏي. محبوب کان
سواءِ ٻي ڪا به ڳڻ يا سوچ ڪندڙ کوٽيون ۽ ڪوڙيون
آهن. ان کان وڏي ٻي غلطي ۽ ڀُل نٿي ٿي سگهي جيئن
تون پنهنجي زندگيءَ جا ڏهاڙا ڏم وٽ (غفلت ۾) پيئي
گذارين.
10
ساري سِکُ سَبَقُ، شَرِيعَتَ سَندو سُنهَڻِي!
طَرِيقَتان تِکو وَهي، حَقِيقَتَ جو حَقُ
مَعَرَفَتَ مَرَڪُ، اَصُلِ عاشِقَنِ جو. [3090]
سمجهاڻي:
اي سنهڻي (طالب) تون (سڀ کان پهرين) شريعت (اسلام)
جي ٻُڌايل رستي تي هلڻ جو سبق پوريءَ ريت سک (ان
تي عمل ڪر). (اڳتي) طريقت (واري راهه) کان وري حق
جي حقيقت ۾ وڌيڪ تيزي (محنت ۽ تڪليف) آهي. ليڪن
اصلي عاشقن جو انعام يا اجورو معرفت (خداوندي)
آهي.
11
پَلِ پَلِ ٿي پَلِي، ڏَمَ ڏِيهاڻِي ڪيتَرو
پَسِي دَورُ درياهَ جو، وِچان ڪِينَ وَلِي
ڪارِيءَ راتِ قَرِيبَ ڏي، مَنجهان حُبَ هَلِي
نَه ڪَنہِ جهولَ جَهلِي، هُئِي سَمُنِ پُورِي
سُنهَڻِي. [3091]
سمجهاڻي:
سنهڻيءَ کي ڏم هر گهڙيءَ پئي روڪيو ۽ گهڻوئي
سمجهايو. ليڪن سنهڻي هئي جا درياهه جو چاڙهه ڏسي
به وچ تان موٽي ڪانه آئي. اونداهيءَ اڌ رات جو
هوءَ وڏيءَ محبت وچان سهي سنڀري رواني ٿي. درياهه
جو جهول (بيٺل
اونهو
پاڻي) به کيس روڪي نه سگهيو. بيشڪ سنهڻي وعدي وچن
جي پڪي هئي، پنهنجي انجام کي پاڙڻ واري هئي.
12
جهولَ نه جَهلِي سُنهَڻِي، سائِرَ سَٽَ سَندِياسِ
جِنہِ اِهَڙِي ڄائِي عاجِزا، سا مَرُ مَرَڪي ماسِ
پَسِين جي پِئاسِ، ته ڪِين عِشقُ آڻِيين. [3092]
سمجهاڻي:
سنهڻيءَ کي وڏي کان وڏو اونهو بيٺل پاڻي به روڪي
نه سگهيو، بلڪه هن جي لاءِ ته پورو درياهه هڪ سَٽ
(هڪڙي ڪوشش يا اڇل) برابر هو. ڀل اهڙي ماءُ خوش
ٿئي جنهن (بظاهر) اهڙي ضعيف (عورت ذات) کي جنم
ڏنو. (هن جو محبوب وري ايڏو خوبصورت آهي جو)
جيڪڏهن توهان مان ڪو سندس محبوب کي ڏسي وٺي ته
جيڪر توهان به ان جي عشق ۾ اچي وڃو.
[مثنوي روميءَ ۾ ساگر ۽ مڇي يعني وحدت جي درياهه ۽
انسان جي تشبيهه توڻي استعاري کي بار بار آندو ويو
آهي. هتي هيءُ شعر ڏسو:
سير جسم خشک برخشکي فتاد،
سير جان پا در دل دريا نهاد.
(دفتر اول، ب- 572)
معنيٰ:
خشڪ جسم جو سير خشڪي مٿان آهي. پر روح يا اندر جو
سير دريا ۾ پير پائڻ وانگر آهي.]
13
نَڪا جهولَ جَهليسِ، نه تانگهو نه تارُ ڪِين
ڏَمُ ڏِينهاڻِي ڪيتَرو، پَرَ ۾ ٿو پَليسِ
تان تان جِيءُ جَليسِ، مِلي جان نه ميهارَ کي.
[3093]
سمجهاڻي:
سنهڻيءَ کي نڪو وڏو اونهو بيٺل پاڻي روڪي سگهيو ۽
نڪو ڀريل ڇولين وارو ۽ گهٽ پاڻي (سندس ارادو
بدلائي) سگهيو. ائين ڏم (سندس مڙس) به پنهنجي ليکي
ڪيترو ئي ٿو سمجهائيس، ليڪن (سنهڻيءَ جي اها حالت
آهي) جو جيستائين محب ميهار سان نٿي ملي تيستائين
هن جو اندر پيو ٿو سڙي ۽ ٻري.
14
سِہُ سِيارو، پاڻِي پارو، جِتِ جَرَ، جُهڳَہَ ۽
جهولَ
مَنَ اَندَرِ ميهارَ جا، هِنيَڙي اَچَنِ هولَ
جيلاهَ ٻَڌِيَسِ ٻولَ، تي اَڻانگا آرَ تَران.
[3094]
سمجهاڻي:
سخت سياري جي مند آهي ۽ پاڻي برف جهڙو ٿڌو آهي،
جتي ڪٿي پاڻيءَ جي تيز وهڪري سببان رڳو جهاڳ يا
گِجيءَ واري اٿل پٿل (منظر) آهي، پر سنهڻيءَ جي
اندر ۾ ساهڙ جي سڪ جا اڌما پيا اٿن. (سنهڻي چوي
ٿي آءٌ ڇا ڪريان) مان ته پنهنجي وعدي (الست)
مطابق پابند آهيان، تنهن ڪري درياهه جا اهي ڏکيا
وهڪرا پيئي ٿي تران.
15
ٻانڌِي جي ٻيلِي ٿِيين، ته حالُ ڳَرهِيان هِيءُ
سَگهو ساعتَ نه جِندَڙو، جَرَ رِءَ مُنهنجو جِيءُ
ساوَڻُ سِيارو ڀانئِيان، وَهِ پِرِيان جي وِيءُ
پارِ جَنِي جو پِيُّ، وَڃَڻُ واجِبُ تَنِ تي.
[3095]
سمجهاڻي:
(سنهڻي پاڻيءَ ۾ لڙهندڙ ڪاٺ کي مخاطب ٿي چوي ٿي)،
جيڪڏهن تون منهنجو ساٿي ٿئين ته آءٌ تو سان
پنهنجي دل جو حال اوريان. منهنجي هر اها گهڙي
جيڪا پاڻيءَ کان ٻاهر (جانب جي جدائيءَ ۾) گذري
ٿي، آءٌ پاڻ کي بيمار سمجهان ٿي. آءٌ ته سانوڻ
جي مستيءَ ۾ ڀريل درياهه کي به محبوب جي عشق ۾
سياري وارو گهٽ اونهو ۽ تراکڙو پاڻي سمجهان ٿي.
محبوب جي هن پار جو نظارو منهنجي من کي پيو
ڀانئي. (اصل ڳالهه اها آهي ته) هن پار جن جو محبوب
آهي، انهن لاءِ اتي وڃڻ لازمي فرض وانگر آهي.
[هن پس منظر ۾ مثنوي روميءَ جو هيءُ بيت ڏسو:
ماهيانيم و تو درياي حيات،
زنده ايم از الفت نيکو صفات.
(دفتر سوم، بيت-1341)
معنيٰ:
اسان مڇيون آهيون ۽ تون زندگيءَ جو ساگر آهين. اي
سهڻين صفتن وارا سائين، اسين تنهنجي مهرباني سان
جيئريون آهيون.]
16
اَدا ڙي ٻانڌِي توکي ڪَڙهان ڪِ پاڻَ کي
سُوڌِي خَبَرَ سَڄَڻين، تو ڪا تَڙِ آندِي
تُون پاتارين پانڌِي، اَسان پَنڌُ پِرِيَنِ ڏي.
[3096]
سمجهاڻي:
اي ادا لڙهندڙ ڪاٺ! تنهنجي تڪليفن تي ڏک ڪريان ۽
تو سان همدردي ڪريان يا پاڻ تي غم ڪريان. ڇا تو
ڪڏهن سڄڻن جي طرف کان هن تڙ تي ڪا سولي خير جي خبر
آندي؟ بيشڪ تون پاتال يا اونهي عميق وهڪرن جو
راهي آهين، ليڪن اسان جو هلڻ پنهنجي محبوب ڏي آهي.
17
واهُڙَ ڀَرِيُون مَ پاءِ، تو پڻ ليکو ڏِيَڻُو
سَدا سانوَڻَ ڏِينهَڙا، هِيَهين نه هُونداءِ
وِهاڻِيءَ وِينداءِ، اوڀَرَ اُتاهان لَهِي. [3097]
سمجهاڻي:
اي درياهه، تون (موج مستيءَ ۾ اچي) ڪنارن ۽ ڪپرن
کي کائيندو ڪيرائيندو نه وڃ. (ياد رک) توکي پڻ
ڪڏهن حساب ڏيڻو آهي. اهي سانوڻ (پوري اوج ۽ چاڙهه)
وارا ڏينهن هميشه ائين ڪونه هوندا. (سانوڻ سدائين
نه هوندو). تنهنجا اهي وڏا چاڙهه به لهي ويندا يا
پورا ٿي ختم ٿي ويندا.
18
واهُڙَ وَهين مَ جارَ، سُڪِي ٻيلاٽِيُون ٿِيين
پَسان تُنہِنجي پيٽَ ۾، لاڻا، لُوتَ، لِيارَ
جِئَن تو سَڀ ڄَمارَ، آسائِتِيُون ٻوڙِيُون.
[3098]
سمجهاڻي:
(سنهڻيءَ جو درياهه کي پاراتو) اي درياهه، شل
تنهنجو گهڻي پاڻيءَ سان وهڻ بند ٿي وڃي (ته جيئن)
خشڪ ٿي ننڍيون ٻيٽاريون بنجي وڃين ۽ آءٌ تنهنجي وچ
۾ (سُڪل زمين تي) لاڻي جا ٻوڙا ۽ ليار جا ڊگها وڻ
بيٺل ڏسان. (اها بددعا ان ڪري نڪتي آهي جو) تون
سڄي عمر يا هميشه کان وٺي محبت جي آس ۽ اُميد
وارين کي ٻوڙيندو رهيو آهين.
19
مَحبَتِي ميهارَ جِيُون، دِلِ اَندَرِ دُونهِيُون
آڻِيو وِجهي آرَ ۾، (ڏيئي) لوهاڻو لُوهِيُون
جي ساهَڙَ جِيُون سُونهِيُون، سِيرَ سِراڙو تَنِ
کي. [3099]
سمجهاڻي:
(سنهڻي ٿي چوي) منهنجي دل ۾ ميهار جي محبت جون
دونهيون پيون دکن. درياهه جو وهڪرو پنهنجي تيزيءَ
۽ تِک سان سڀني شين کي سَٽيندو اوڙاهه ۾ ٻوڙيندو
پيو وڃي. ليڪن جن کي ساهڙ (محبوب حقيقي) جي ساڃاهه
(معرفت) حاصل آهي، تن عاشقن لاءِ درياهه جي (ڪيڏي
به وڏي) سِير سَٽ پنڌ جي يا هڪ تکي ڊوڙ برابر آهي.
20
ڪَڙِ ڪَڙِ ڪُنَ! مَ وَڄُ، ٻانڌِي ٻوڙِ مَ ٻارِ ۾
توءِ گِهڙَنديَسِ اَڄُ، جي اُبَتا آرَ ڪَرِين.
[3100]
سمجهاڻي:
(سنهڻي ڪُنن سان مخاطب آهي) اي ڪُن، وڏو ڀوائتو
آواز (ڪڙ ڪڙ) ڪري مون کي نه هيساءِ ۽ نه وري ترندڙ
ڪاٺ کي پاڻيءَ جي هيٺ ڇوهي ڇڪ ۾ ٻوڙي گم غرق ڪر.
(تون ڇا به ڪرين) پر آءٌ ضرور اڄ پاڻيءَ ۾
گهڙنديس، پوءِ تون کڻي ڪيترا به ابتا سبتا گهمرا ۽
ڦيرا ڪرين.
21
سِياري سِہَ راتِ ۾، جا گِهڙي وَسَندي مِينہَ
هَلو ته پُڇُون سُنهَڻِي، جا ڪَري ڄاڻي نِينہَ
جِنہِ کي راتو ڏِينہِ، ميهارُ ئِي مَنَ ۾.[3101]
سمجهاڻي:
سياري جي سخت سرديءَ واري رات ۽ مينهن وسندي.
هوءَ درياهه ۾ گهڙي پيئي. هلو ته هلي سنهڻيءَ کان
اهو محبت جو راز معلوم ڪريون، ڇو ته هوءَ ئي اهڙو
(لافاني) عشق ڪري سگهي ٿي، جنهن کي ڏينهن رات دل ۾
محبوب جي ياد آهي (هن کان ئي عشق جو سبق سکڻ
گهرجي).
22
لَهَرِ مِڙوئِي لالَ، وَهَڻُ کَٿُورِئان وِتَرو
اوٻارا عَبِيرَ جا، جَرَ ۾ اَچَنِ جَالَ
ڪُنَنِ گِهڙِي ڪالَ، سِڪَ پِرِيان جي سُنهَڻِي.
[3102]
سمجهاڻي:
درياهه جي هر لهر ڳاڙهي (سنهڻيءَ جي رنگ ۾ رنگجي
لال ٿي ويئي) ٿي ويئي ۽ درياهه جو پاڻي کٿوريءَ
کان وڌيڪ خوشبودار ٿي ويو. ان جو سمورو پاڻي عنبر
جي هٻڪار سان واسجي ويو. (ڇو ته) سنهڻي ڪالهه
ميهار جي محبت ۾ ڪُنن جي حوالي ٿي ويئي.
[درياهه جي پاڻي ۽ ڳاڙهاڻ جو خيال مثنويءَ جي هنن
شعرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو:
الله الله گرد دريا بار گرد،
گرچه باشد اهل دريا بار زرد.
تاکه آيد لطف بخشايش گري،
سرخ گردد روي زرد از گوهري.
(دفتر پنجم، ب-3625 ۽ 26)
معنيٰ: خدا جي واسطي درياهه (حق) ڏانهن موٽ کائو،
توڻي جو اهي درياهه وارا (حق جا طالب) هينئر پيلي
منهن وارا آهن، پر جلد ئي تو مٿان مالڪ جي مهرباني
ٿيندي ۽ تنهنجو پيلو ۽ هيڊو منهن بلڪل ڳاڙهو ۽ سرخ
ٿي پوندو.]
23
تُرَهي سَندي تارِ ۾، رِٿَ نه رَکِيائِين
ٻَنڌَڻَ جي ٻَڌَڻَ جا، ڇِڪي ڇِنائِين
دَرِياهُ سَڄو دَمَ ۾، لَئُه سين لَنگِهيائِين
پِرتان پِيتائِين، مَنجهان سِڪَ ساهَڙَ کي. [3103]
سمجهاڻي:
سنهڻي (شروع کان ئي) وڏي پاڻيءَ ۾ پاڻ سان تُرهي
کڻي هلڻ جو ڪڏهن به ارادو نه ڪيو، بلڪه جيڪي سهارا
۽ آسرا ٿي پئي سگهيا، سي به ختم ڪري ڇڏيائين. هن
سڄو درياهه سچي محبت جي آسري تي لنگهي پار ڪيو.
فقط محبت ۽ الفت جي ڪري ئي کيس محبوب مليو.
وائي
ڪوهُ ڄاڻا (وئا) ڪيڏاهِين،
مُنهنجو تَنُ تَڻي تيڏاهِين، مِيان سائِين!
دُونهِين دوستَ ميهارَ جِي، ڏِيي جِيئَن ڏِٺائِين
ساري سُپيرِيَنِ کي، رَتو رُنائِين
جيڏانہَ عالَمَ آسَرو، هِنِ پڻ آهِ اوڏاهِين.
[3104]
سمجهاڻي:
(سنهڻي پڪاري پيئي چوي) او ميان، او سائين، اهي
الائجي ڪيڏانهن هليا ويا، جن لاءِ هر وقت منهنجي
دل سَٽون پيئي کائي. سنهڻيءَ کي پنهنجي محبوب
ميهار جي دکيل دونهين ڏيئي جي روشنيءَ وانگر نظر
ٿي آئي. هوءَ پنهنجي پرينءَ کي هر وقت ياد ڪري رت
جا ڳوڙها پيئي ڳاڙي. (ليڪن بالاخر) جيڏانهن هن
سڄي عالم کي آسرو ۽ اميد آهي، هن کي پڻ اهو ئي
آسرو آهي.
داستان پنجون
1
اَدِيُون سَڀَ اَندامَ، چَڙَنِ مُنہِنجا چورِيَا
لارُنِ جا لَئُون لائِيي، سا ڪِئَن آڇِيان عامَ
لَڳِيَسِ جِنہِ جِيءَ لامَ، سو دِلاسا دوستُ مُهي.
[3105]
سمجهاڻي:
اي سرتيون، منهنجا سڀ انگ ۽ عضوا ميهار جي
(مينهين جي) چَڙن بي قابو ڪري ڇڏيا آهن. چَڙن جي
آوازن دل ۾ جيڪا محبت جاڳائي آهي، اها سڀني کي
ڪيئن کولي ٻڌايان، جنهن تي هيڏو ڀروسو ڪيو اٿم،
اهو دوست (شل) ڪو دلاسو موڪلي.
2
چَوڌارِي چَڙا، ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا
سُتي سَنڀارَنِ جو، پِيُمِ ڪَنِ پَڙا
وِهَڻُ مُون نه وَڙا، سُڻِئو جهانءِ جِهڄي
هِنيُون. [3106]
سمجهاڻي:
چؤطرف ٻيلي ۾ چَڙن جو آواز پيو اچي. آءٌ سُتي پيئي
هئس ته انهن چَڙن جو آواز منهنجي ڪنن تي اچي پيو
(جنهن ڪري آءٌ جاڳي ويهي رهيس). چَڙن جي واڄي جو
مٺو آواز ٻڌي منهنجو اندر جهري پوي ٿو. (اهڙيءَ
حالت ۾) چُپ ڪري ويهي رهڻ منهنجو وڙ ناهي. مون کي
نٿو جڳائي ته آءٌ ماٺ ڪري ويهي رهان.
3
چَڙَنِ چورِي آهِيان، سُکِ ٿِي سُمهان ڪِيئَن
سارِيان ساهَڙَ ڄامَ کي، ڏَهَ ڏَهَ ڀيرا ڏِينهَن
ميهارَ مَرَڻَ سِيئَن، نِيرُ پاتُمِ نِيہَ جو.
[3107]
سمجهاڻي:
(سنهڻي ٿي چوي) مون کي ته محب ميهار جي مينهين
جي چَڙن جي سريلي آواز تڙپائي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري
آءٌ آرام سان سمهي ڪين ٿي سگهان. آءٌ ته ساهڙ
ڄام کي ڏينهن ۾ الائجي ڪيترا ڀيرا پيئي ياد
ڪريان. آءٌ مرندي گهڙيءَ تائين يعني جيستائين
مون ۾ ساهه آهي، تيستائين محب ميهار سان محبت جي
زنجيرن ۾ قابو آهيان.
4
ڪارا ڪُنَ، ڪارِي تُڳِي، گَرَهَڙَ ڪَنِ گَڙَڪا
مَئي مَتي مِهراڻَ جا، اَچَنِ دُپارا دَڙڪا
وِيندي ساهَڙَ سامُهان، جهولَ ڏِنَسِ جَهڙَڪا
اَچِي پيئِي اُتَهِين، جِتِ سِيرَ سَندا سَڙَڪا
کَرَڪَنِ جا کَڙَڪا، سُونهان ٿِئَڙَسِ سِيرَ ۾.
[3108]
سمجهاڻي:
ڪاري اونداهي رات ۾ ڪُنن جا ڪڙڪاٽ پيا پون ۽
درياهه جا وهڪرا گڙ گڙ ڪري پيا وڃن. مهراڻ پنهنجي
موج مستيءَ ۾ آهي ۽ ٻنهي طرفن جو ٻيڻو گوڙ شور پيو
ٻُڌجي. سنهڻيءَ ساهڙ ڏانهن ڪڏهن ڀريي درياهه جي
تري ۾ پهچي جهٽڪا (غوطا) ٿي کاڌا ته ڪڏهن وري سير
جي سٽڪن ۾ وڃي ٿي ڦاٿي. ليڪن (اهڙيءَ حالت ۾ به)
وڏن چَڙن جا آواز سندس رهبر بنيا. (انهن جي آڌار
وڃي ساهڙ وٽ پهتي)
5
کَرَڪَنِ خُوش ڪِياسِ، مَحبَتِي ميهارَ جي
پَسَڻَ ڪارَڻَ پِرِينءَ جي، آڌِي اُٿِيياسِ
سُتي جاڳاياسِ، سانڀَرَ سُپيرِيَنِ جي. [3109]
سمجهاڻي:
(سنهڻي ٿي چوي) مون کي محب ميهار جي مينهين جي
(ڳچيءَ ۾ لڙڪندڙ) چَڙن جي آوازن دل کي موهي ڇڏيو.
(ڇو ته انهن جو سريلو آواز ٻڌي) آءٌ اڌ رات جو
(ڇرڪ ڀري) پنهنجي محبوب کي ڏسڻ لاءِ اٿي پوندي
هيس. مان جڏهن گهري ننڊ ۾ هوندي هيس ته اهي وڏا
چَڙا (واڄا) ئي مون کي جاڳائيندا هئا.
6
جِيارِيَسِ سَنڀارَ، ڪوهُ ڪَرِيندَمِ گَڏِجي
وِيرَئُون تارِ وُجُودَ ۾، پِرِيَنِ جِي پَچارَ
سي ڪِئَن سَڄَڻَ ڌارَ، جي هِنيين ۾ حَلُ ٿِئا.
[3110]
سمجهاڻي:
سڄڻن جيڪا منهنجي اهڙي يادگيري ڪئي، جنهن مون
(مئل) کي جياري ڇڏيو، (باقي گڏجي يا ملي ڇا
ڪنديس!) منهنجي وجود ۾ ننهن کان چوٽيءَ تائين صرف
محبوبن جي ئي ياد آهي. (ڀلا) اهي محبوب (گهڙيءَ
لاءِ به) جدا ڪيئن ٿي سگهندا، جيڪي اڳيئي دل ۾ گهر
ڪري ويٺا آهن.
7
ٻيلي پارِ ٻُرِي، مُون کي چَڙَنِ چورِئو
مَحَبَّتَ جا ميهارَ جِي، سا هِنيَڙي مَنجِھ هُرِي
مَٿي جهوڪَ جُهرِي، پُندِيَسِ مُنہِ ميهارَ جي.
[3111]
سمجهاڻي:
ٻيلي جي هن طرف کان (جتي ميهار آهي) ايندڙ چڙن جي
آواز مون کي بي چين ڪري ڇڏيو ۽ ميهار جي محبت
منهنجي دل ۾ نئين سِر جاڳي پيئي. آءٌ انهيءَ ماڳ
تي مري يعني ڪيڏي به تڪليف ڪري (ضرور) پهچنديس ۽
محب ميهار جو منهن ڏسنديس (هن سان ضرور ملنديس).
8
هُنَ ڀَرِ سُيَمِ هُوءِ، سُتي سَنڀارَنِ جِي
چِتُ چَڙَنِ چورِئو، جَئُنڪُ ٿِيُمِ ڏونہِ جُوء
مَحَبَتِي ميهارَ جِي، بِاللهِ پِييَمِ بُوءِ
وَڃِي رُوءِ بَرُوءِ، ديکِيان دوستَ ميهارَ کي.
[3112]
سمجهاڻي:
آءٌ ستل ئي هيس جو هن طرف کان ايندڙ مٺي واڄي
واري لئي منهنجي ڪنن تي اچي پيئي، جنهن منهنجي
اندر ۾ الفت جا اڌما پيدا ڪيا ۽ مون ۾ انهيءَ طرف
ڏانهن بي اختيار هلڻ جي چاهت پيدا ٿي پيئي. الله
جو قسم مون کي محب ميهار جي خوشبوءِ آئي. (انهيءَ
ڪري مجبور ٿي پيس ته ڪيئن به ڪري) آءٌ محب ميهار
کي وڃي روبرو اکين سان ڏسان.
9
هُنَ ڀَرِ سُيَمِ هاڪَ، سُتي سَنڀارَنِ جِي
مَحَبَتِي ميهارَ جي، چَڙَنِ چورِئا چاڪَ
اُنِي جِيءَ اوطاقَ، وَڃڻُ واجِبُ مُون پِئو.
[3113]
سمجهاڻي:
مان ستل ئي هيس جو درياهه جي هن طرف کان (وڄندڙ
چڙن جو) هُل ۽ آواز ٻڌم ۽ چڙن جي انهيءَ آواز ئي
محب ميهار جي محبت جا ڦٽ تازا ڪري ڇڏيا. هاڻي مون
کي انهيءَ محبوب جي ماڳ تي وڃڻ لازم ٿي پيو.
10
ڪِٿي ٿِئو ميهارُ، ڪِٿي ٿو گَهنڊُ گُڙي
ڪِٿي دُونهِين دوستَ جِي، ڪِٿي پَرِيُون پارُ
جُہُ مُون سَڀِ ڄَمارُ، جَرَ ۾ جهوتُون ڏِنِيُون.
[3114]
سمجهاڻي:
(سنهڻي وڏي سوچ ويچار ۾ پئجي ويئي آهي ۽ چوي
پيئي) خبر ناهي ته ميهار الائجي ڪٿي ڪهڙي هنڌ آهي
۽ ڪٿان ٿو گهنڊ ۽ چڙن جو آواز اچي؟ خبر نٿي پوي ته
ميهار جي مينهين واري دونهين (وٿاڻ) ڪٿي آهي. بلڪه
اهو پَرئين طرف وارو ماڳ ڪهڙي هنڌ آهي؟ ڇو ته مون
سڄي حياتي (ميهار وٽ پهچڻ لاءِ) اجهاڳ پاڻيءَ کي
پئي جهاڳيو آهي (ڪوششون پئي ڪيون آهن.)
11
وَڇُنِ سِين ويٺِي، سُورَ وِياچي سُنهَڻِي
’آن ڪا ٿِي ڏيٺِي، مينهِيَنِ جي ميهارَ سِين.
[3115]
سمجهاڻي:
سنهڻي ميهار جي (پرپٺ) وٿاڻ ۾ پهتي آهي. هوءَ وَڇن
سان ويٺي پنهنجا ڏک سور بيان ڪري ۽ انهن کان پيئي
پڇي ته اوهان جي ڪا ميهار سان ملاقات ٿي؟ (مون کي
ڏٺي ڏينهن ٿي ويا آهن).
12
ڳِچِيءَ پايو ٻانہَ، ويٺِي روءِ وَڇُنِ سان
لايان لالَ لِڱَنِ کي، اَئِين جي چَرو ڪانہَ
آءٌ اَوهان جِيءَ دانہَ، سدا ڀُوڻان سَنِرِي.
[3116]
سمجهاڻي:
سنهڻي وڇن جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي (ڳراٽڙي پائي)
پيئي روئي ۽ انهن کي ويٺي چوي ته جيڪڏهن توهين وڃي
(ڍؤ تي) ڪانهن (جو گاهه) کائو ته جيڪر آءٌ انهيءَ
خوشيءَ ۾ پاڻ کي ويهي ميندي لايان. وري جڏهن آءٌ
توهان جي ڍاپڻ جو آواز (ٽاڏون) ٻُڌنديس ته انهيءَ
جي ڪري آءٌ وڌيڪ سرهي ٿي پيئي گهمنديس.
13
ميهاران مِرِڪَ، پِيتائِين پِريمَ جِي
تِنہِ مُنڌَ مَتوالِي ڪِي، سَندي ساءَ سُرِڪَ
لَڳِيَسِ ڪامَ ڪِرِڪَ، لوهان تِکِي لَطِيفُ چئي.
[3117]
سمجهاڻي:
سنهڻيءَ کي ميهار وٽان جيڪا محبت جي سُرڪي نصيب
ٿي، تنهن جي ذائقي هن عورت کي مخمور ۽ مست ڪري
ڇڏيو. عبداللطيف چوي ٿو ته لارن جو اهو مٺو آواز
لوهه جي (تير) کان به وڌيڪ تکو ۽ گهائيندڙ ٿي لڳس.
14
مَري تان مَ ميهارُ، وَٿاڻُ وِلهو مَ ٿِئي
وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ
ساهَڙُ مُون سِينگارُ، ماڙُهنِ ليکي مِيهَڻو.
[3118]
سمجهاڻي:
(سنهڻي ڌڻيءَ در هينئن ٻاڏائي ٿي) اي مالڪ، شل
منهنجو محب ميهار نه مري ۽ سندس ماڳ سُڃو نه ٿئي.
هو جيڪو مينهن جو مالڪ آهي، شل تنهن کي ڪا تڪليف
نه پهچي. منهنجي لاءِ ته ساهڙ سر جو سينگار ۽
سونهن آهي، پر عام ماڻهو کيس مون لاءِ طعنو ۽ عيب
سمجهن ٿا. |