پنهنجي سر، شاهه لطيف جي بامقصد مسافرين ۽ ملاقاتن
جي شروعات اُنهن ماڳن سان ٿي جتي اڳ هو پنهنجي
والد سان گڏجي ويندو هو. اُنهن مان ڏکڻ طرف
مٽياري، گنجو ٽڪر ۽ اڳتي بلڙي ۽ ٺٽو هئا. بلڙي
سندس ڏاڏاڻو ماڳ هو، جتي سندس وڏي ڏاڏي ميين شاهه
ڪريم توڙي ڏاڏي عبدالقدوس شاهه جون مزارون هيون.
اتر طرف (پراڻن) هالن جو تاريخي شهر ڪوٽڙي کي
ويجهو هو ۽ پڻ ساداتن جو پهريون ماڳ هو. شاهه لطيف
جي وقت ۾ به هالا عالمن ۽ درويشن جو گهر هو. اُتان
ڏهه ميل کن اوڀر طرف ’گولي پير جو مقام‘ سندس
واسطي اهميت وارو هو، جو اُتي سندس پڙڏاڏي جلال
شاهه (جمال شاهه) شهيد جو مزار هو. ڏکڻ- اوڀر طرف
ساڱري ڍوري جي ڪناري وارن درويشن جا ماڳ مڪان
ديدار لاءِ اهميت وارا هئا. خاص طرح ڀينءَ پور ۽
اڳتي شاهپور ۽ نصرپور وارو ڀاڱو ويجهو هو، جتي وڏو
شاعر ۽ درويش ميون شاهه عنات اڃان زندهه هو ۽
شاهه لطيف وٽس وڃڻ شروع ڪيو. ساڱري ڍوري جي ڪنار
سان، اتران پهريائين مشائخ هوٿي جي درگاهه هئي،
جيڪو پاڻ يا کائنس پوءِ سندس ٻه پهتل فرزند احمد ۽
محمد ميين شاهه ڪريم سان مليا هئا. اُن کان ڏکڻ
طرف ٻين اهل مماتي وارن بزرگن جون مزارون هيون
جيڪي پڻ ميين شاهه ڪريم جي وقت جا هئا- مثلاً
درويش آچر، شيخ ڀرڪيو ڪاتيار، درويش پلي، پنيو
سهاڙ، مخدوم محمد اسماعيل سومرو اگهم ڪوٽي، شيخ
موسو، رڪن الدين ولد رتو (جُوڻ جي علائقي جو)،
ميرڻ ڪاتيار، مهراڻ فقير نهڙيو، مخدوم صابر
ولهاري، مٽياروي سيد ساجن سوائي، جرڪس ڏناڻي
(ولهار ۽ ونگي علائقن جا). ميين شاهه ڪريم جي ناتي
سان، شاهه لطيف جو اُنهن درويشن جي ماڳن مڪانن کي
ڏوري ڏسڻ فطري هو، جيتوڻيڪ ٻين ولين ۽ نيڪن جي
تلاش ۾ ڪن ٻين جاين تي به ويو هوندو. تلهار ۽ بدين
طرف سندس
پنهنجن وڏن عزيزن بزرگن جون مزارون خانقاهون هيون.
ميين شاهه ڪريم جي اولاد مان ٻه درويش سيد پنيلڌو
۽ سيد مڱيلڌو تلهار جي علائقي ۾ اچي سڪونت پذير
ٿيا هئا ۽ ٻيئي وڏا لائق ۽ سالڪ هئا. اڃان اڳتي
بدين لڳ، ’شهاب الدين سهروردي جي مقام‘ ۾ (جيڪو
عوام ۾ ’شاهه بَدي جو مقام‘ سڏجي) خود ميين شاهه
ڪريم جو والد ’شاهه للو‘ مدفون هو. انهيءَ ڪري
ساڱري جي وَلين وارن ماڳن مڪانن کان پوءِ اڳتي
ويندي بدين تائين شاهه لطيف جو وڃڻ بلڪل قرين قياس
نظر اچي ٿو.
سندس هن سير سفر واري دور جا پهريان پنج ڇهه سال
گهڻيءَ حد تائين سنڌ جي ماڳن مڪانن کي ڏسڻ، درويشن
جي خانقاهن ۽ درگاهن جو ديدار ڪرڻ، مختلف ڌنڌي
پيشي وارن وٽ ويهڻ ۽ عوامي زندگيءَ جي مطالعي ۾
گذريا. هن عرصي اندر گهڻي ۾ گهڻا گهمرا پنهنجي وڏي
ڏاڏي ميين شاهه ڪريم جي درگاهه تي ڪيائين ۽ اُتي
گهڻو ڪجهه پِرايائين. هاڻي هو پڪن پختن اڀرندڙ
ارادن سان مالا مال ٿي ڪماليت طرف قدم وڌائڻ وارو
هو، جو کيس زميني زندگيءَ جي هڪ اهم منزل ڏانهن
موٽڻو پيو، اُها هئي سندس شادي، جنهن ۾ سندس شفيق
والد جي رضا ۽ رغبت اثرانداز ٿي. هن وقت سندس عمر
24 کن سال هئي.
شاديءَ جي رسم.
شاهه عبداللطيف جي ڳڀورائي ۽ بلوغت وارو دور اڳ
ختم ٿي چڪو هو، پر فهم ۽ فڪر جي ڪمال ۽ عروج طرف
وڌڻ جي اڃان ابتدا هئي: سندس توجهه، ڪماليت جي
راهه ۾ مسلسل ڪوشش ۽ ڪشالي ۽ قدم اڳتي وڌائڻ طرف
هو جو ڄاتائين ٿي ته ويهڻ جو وقت ڪونهي ۽ تتيءَ
ٿڌيءَ ڪاهڻو آهي. شادي ۽ گهرٻار ڪري ويهي رهڻ سندس
سالڪانه جدوجهد ۽ جستجو جي خلاف هو. شاديءَ بابت
سندس خيال ساڳيا وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم وارا
هئا، جنهن شاديءَ کي رنج ۽ آزار ٿي سمجهيو ۽ رڳو
’لوڪ لڄا جي ڪري شادي ڪئي هئائين‘(1).
شاهه
عبداللطيف جو پنهنجو چوڻ هو ته جيستائين حق جو
طالب مطلوب سان نه ملي، يعني سالڪ الاهي وصال نه
ماڻي، تيستائين شادي نه ڪري، ڇاڪاڻ جو سلوڪ جي
راهه ۾ ڪاميابي آزادي ۽ يگانگي ۾ آهي(2).
باوجود
انهيءَ جي جو سندس سڄو توجهه اخلاق ۽ ڪردار جي
معراج طرف هو، زندگيءَ جي هن مرحلي تي کيس شادي
ڪرڻي پيئي.
ڪوٽڙيءَ جو رئيس مرزا بيگ مغل مقابلي ۾ دَل قبيلي
جي ماڻهن هٿان سنه 1124هه ۾(3)
مارجي
ويو. سندس ٻار ٻچا بي واها ٿي پيا ۽ سواءِ شاهه
حبيب جي ٻيو ڪو سندن سهارو ڪونه هو. مرزا بيگ کي
هڪ ڇوڪرو هو جيڪو پڻ سگهوئي فوت ٿيو ۽ باقي فقط
سيده بيگم (يا سعيده بيگم) هڪ نيڪ سيرت نياڻي هئي.
شاهه حبيب پنهنجي معتقد جي هن بيواه ڪٽنب جي
ضائفائن کي سنڀالڻ ۽ سهارو ڏيڻ ضروري ڄاتو ۽ سندن
رضا بعد پنهنجي فرزند کي مڃايو ۽ بيبي سيده بيگم
سان سندس نڪاح ڪرايو. جيڪڏهن شاهه لطيف اُن کان اڳ
بيبي صاحبه کي ڏٺو هو ۽ سندس دل ۾ محبت جي دونهين
دکيل هئي ته به اُن کي ڍڪيو هئائين ۽ ٻاهر ڪابه
ٻاڦ ڪانه ڪڍي هئائين(1).
شاديءَ
واري موقعي کان اڳ هو پنهنجي سالڪانه صبر سان ان
خيال کي اورانگهي آجو ٿي چڪو هو، پر هن وقت والد
جي رضا ۽ هڪ بيواهه ۽ يتيم گهر کي سهاري ڏيڻ خاطر
شادي قبوليائين. ان جي تصديق شاهه لطيف جي ازدواجي
زندگي جي اهڃاڻن مان ٿئي ٿي. جيئن ته زندگيءَ جي
هن مرحلي تي سندس سڄو توجهه حق ۽ حقيقت جي اعليٰ
منزلن طرف هو، انهيءَ ڪـري سندس هن شادي جي ضرورت
۽ اهميت اسلامي شرعي رسم مطابق هئي: اُن ۾ نه ته
ڪا عاشقي جي بُوءِ هئي، نه ته ڪو افساني جو رنگ
هو(2).
شادي
بعد به شاهه لطيف جو پنهنجي گهر سان جيڪو برتاءُ
رهيو سو بيشڪ شاهانه ۽ شريفانه هو پر عاشقانه ڪونه
هو. روايتن موجب بيبي صاحبه کي اميدواريءَ ۾ پلي
جي سَڌَ ٿي ۽ ونهيون فقير جَت وڏي تڪليف سان پلو
وٺي آيو ۽ سهڪندو آيو. شاهه صاحب سبب معلوم ڪري
چيو ته: ٻار اڃان پيٽ ۾ ئي آهي ته فقير کي ايڏو
هلاڪ ڪيو اٿس؛ ڄمندو ۽ وڏو ٿيندو ته الائجي ڇا
ڪندو! ان بعد، هڪ ٻڍڙي خدمتگار فقيرياڻيءَ تي جڏهن
بيبي صاحبه ڏمر ڪيو ته شاهه صاحب کي اهو ڏکيو لڳو.
ان بعد ڪو اهڙو سبب ٿيو جو ٻارڙو خير ڪو ڄائو(3).
حقيقت ۾ شاهه صاحب جي زندگي جو شاديءَ کان اڳ ۾ ئي
اهڙو دور شروع ٿي چڪو هو جو سندس سوچ ويچار جا
معيار مٽجي ويا هئا. پنهنجي گهرواريءَ جي سَڌن جي
پورائي کان وڌيڪ پنهنجن مخلص فقيرن جي تڪليف کي
مهانگو ٿي سمجهيائين. شاديءَ کان اڳ ئي گهر کي
ڇڏيو هئائين ۽ گهڻو وقت ڪوٽڙيءَ کان ٻاهر پئي
گذاريائين، ۽ شاديءَ بعد به گهر ڪري ڪونه ويٺو؛
سندس هل هلان جو اهو سلسلو ’ڀِٽ‘ کي وسائڻ کان
پوءِ تائين هلندو رهيو. مير سانگي ڄاڻايو آهي ته
اُن وقت به شاهه صاحب گهڻو وقت ٻاهر گهمندي پئي
گذاريو ۽ جڏهن ڀِٽ تي هوندو هو ته به گهڻو وقت
مسجد ۾ هوندو هو ۽ پنجئي وقت نماز جا جماعت سان
پيو ادا ڪندو هو. ان کان سواءِ ٻيو به گهڻو سارو
وقت گهر کان ٻاهر گذاريندو هو ۽ اندر حويليءَ ۾،
جيڪا مسجد سان لڳو لڳ اُتران هئي، گهٽ ئي ويندو
هو(1).
شاهه ڪريم جي طور طريقي کي سمجهڻ.
مٿي چئي آيا آهيون ته زندگيءَ جي سفر ۽ ڪشالي واري
ٻئي دور ۾ گهڻي ۾ گهڻا گهمرا ميين شاهه ڪريم جي
درگاهه تي ڪيائين جتي ذڪر ۽ سماع ۾ شريڪ ٿي ان
سلسلي کان واقفيت حاصل ڪيائين، جيڪو پوءِ پاڻ ڀِٽ
تي قائم ڪيائين. شاهه ڪريم بابت ڳالهين هٿ ڪرڻ
لاءِ ڪريمي فقيرن سان صحبتون ڪيائين جن مان جَتن
فقيرن سان پوءِ هميشه لاءِ سندس نينهن ۽ ناتو ٿي
ويو. شاهه ڪريم جي سوانح ۽ تلقين بابت ڪتاب
(غالباً ’بيان العارفين‘) دستياب ڪري مطالعي لاءِ
پاڻ وٽ رکيائين جيڪو پوءِ هميشه لاءِ پاڻ سان گڏ
کڻندو هو(2).
ميين
شاهه ڪريم جي تواضع ۽ نهٺائي، تجريدي زندگي کي
ترجيح، فطري مشاهدن ۽ روزمره جي ڌنڌن ۽ مشغلن جي
مطالعي مان حقيقت تائين پهچڻ وارن سلسلن شاهه لطيف
جي ذهن ۽ فڪر کي گهڻو متاثر ڪيو.
ميين شاهه ڪريم پنهنجي طرفان ڪيل هدايت ۽ تلقين ۾
اعليٰ انساني اخلاق ۽ ڪردار توڙي عارفانه فڪر کي
گاهي بگاهي پنهنجن توڙي ٻين درويشن جي چيل سهڻن
سنڌي بيتن ذريعي سمجهايو هو. اهو طور طريقو هڪ
بهترين مثال جي صورت ۾ شاهه لطيف جي سامهون آيو.
اُن کان اڳ کيس پنهنجي والد شاهه حبيب جي عام فهم
بيتن ذريعي اهڙي تربيت ملي هئي. اُن وقت ميون شاهه
عنات رضوي، عام مقبول سنڌي بيتن ۾ سلوڪي شاعري جو
بادشاهه هو. گنباٽ واري ڀيڻي، جتي شاهه عبداللطيف
جو ننڍپڻ گذريو، اُتان ميين شاهه عنات جي شاهپور
ويهن ميلن تي هئي. ڪوٽڙي کان به شاهپور ۽ نصرپور
ايتري ئي پنڌ تي هيون. ميين شاهه عنات جي بيتن جو
غلغلو هو ۽ اهو پڙلاءُ ننڍپڻ توڙي نوجوانيءَ واري
دور ۾ شاهه لطيف جي ڪَنن تي پيو. پهريائين غالباً
سندس والد شاهه حبيب کيس ميين شاهه عنات وٽ وٺي
ويو جنهن کيس گهڻو پيار ڪيو. پوءِ شاهه عبداللطيف
پاڻ ميين شاهه عنات وٽ وڃڻ ۽ سندس صحبت مان فيضياب
ٿيڻ لڳو. اهي ملاقاتون ۽ صحبتون اندازاً سنه
1122هه کان وٺي، جڏهن شاهه لطيف جي عمر ويهه سال
هئي، وڌيڪ گهاٽيون ٿيون ۽ ڪم از ڪم سڄا سارا ڏهه-
ٻارهن سال پوءِ ويندي سنه 1133هه ۾ ميين شاهه عنات
جي وفات تائين مسلسل طور جاري رهيون. پنهنجي جوان
ذهن ۽ سالم طبيعت توڙي ميين شاهه عنات سان سندس
محبت جي ڪري، شاعريءَ جي ذوق ۾ شاهه لطيف، ميين
شاهه عنات کان گهڻو ڪجهه پرايو. ميين شاهه عنات جي
وفات بعد پڻ سندس ڪلام سان شاهه صاحب جي گهڻي رغبت
رهي جنهن جو عڪس شاهه صاحب جي بيتن ۾ نمايان طور
نظر اچي ٿو(1).
ذوقِ ڪمال ۾، مولانا رومي جي مثنوي ۾ سمايل سلوڪ ۽
معرفت جي رازن کي سمجهڻ:
شاهه لطيف جي ذوقِ ڪمال کيس حق ۽ حقيقت جي اعليٰ
مقامن جو متلاشي ڪيو. سلوڪ ۽ معرفت جي اعليٰ معنوي
فڪر جا اهڃاڻ، توڙي ديني تعليم جي رسمي ڄاڻ کان
اڳتي اسلامي تعليم جي ’روح‘ تائين پهچڻ جا راز،
کيس ميين شاهه ڪريم جي ’بيان العارفين‘ ۽ مولانا
جلال الدين رومي جي مثنوي ۾ نظر آيا. پنهنجي پاڻ
تربيت واري هن دور ۾، شاهه لطيف خاص طرح مثنوي کي
سمجهڻ طرف گهڻو ڌيان ڏنو. چئي نٿو سگهجي ته شاهه
کي مثنوي جي باک ڪٿان پيئي ۽ ڪيئن پيئي، پر غالباً
ميين شاهه ڪريم جي سوانح ۽ تلقين طرف توجهه ڪندي،
کيس ’مثنوي‘ جي اهميت ۽ عظمت جو پتو پيو، ڇاڪاڻ جو
ميين شاهه ڪريم کي مولانا رومي جي مثنوي توڙي سندس
ديوان مان بيت ياد هئا(2).
البت
شاهه صاحب کي مثنوي سان هن دور ۾ ڪنهن روشناس
ڪرايو، سو خاطريءَ سان چئي نٿو سگهجي. ٿي سگهي ٿو
ته ٺٽي جي عالمن جي صحبتن ۾ شاهه صاحب کي مثنوي
بابت وڌيڪ واقفيت حاصل ٿي ۽ مثنوي پاڻ وٽ رکيائين.
اُن دور ۾ ٽنڊه قيصر- ڊاسوڙي طرف جي عالم ۽ درويش
محمد عارف جو فرزند محمد صلاح، جنهن کي فارسي تي
دسترس هئي ۽ پڻ مثنوي جو ڄاڻو هو، سو شاهه صاحب جو
معتقد ٿيو، ۽ جيئن ئي هو شاهه صاحب جو ارادتمند
ٿيو ۽ سندس خذمت ۾ اچڻ لڳو ته شاهه صاحب کانئس
مثنوي پڙهائڻ ۽ ٻڌڻ جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو پوءِ
زندگيءَ جي پوئين دور تائين جاري رهيو(3).
مثنوي
سان شاهه صاحب جي شغف جي ايتري ته مشهوري ٿي، جو
وقت جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي مثنوي جو هڪ
خوشخط نسخو شاهه صاحب ڏانهن تحفي طور موڪليو. پر
خوبي جي تلاش واري هن هلندڙ دور ۾، مثنوي کي خاص
توجهه سان ٻڌڻ ۽ سمجهڻ سان، شاهه صاحب جي سجاڳ ذهن
۽ صاف دل تي جيڪو ڪجهه نقش ٿيو، تنهن مان سندس
رهنمائي خاص انهيءَ طرف ٿي جيڏانهن هو پاڻ مائل
هو: يعني ته انسان جي زميني زندگي جو راز ئي
انهيءَ ۾ آهي ته ڪمال جي جستجو ۾ رهي ته جيئن
معرفت جي مقام تي پهچي ۽ حق جو قرب حاصل ڪري.
سفر ڪرڻ ۽ هر ڌنڌي پيشي وارن سان ملڻ، پرجهڻ ۽
پروڙڻ.
قادر جي قدرت، ڪائنات جي وسعت، خالق ۽ مخلوق جي
رشتي جي حقيقت ۽ هن زميني زندگيءَ جي لاهن چاڙهن ۾
انسان جي اخلاق ۽ ڪردار جي ڪيفيت کي پرجهڻ ۽ پروڙڻ
خاطر، شاهه صاحب هڪ جاءِ تي ويهڻ ۽ گهر سنڀالڻ
بدران ڏسڻ ۽ ڏورڻ، ڪهڻ ۽ ڪشالا ڪرڻ کي ترجيح ڏني.
هن دور ۾ هن سنڌ توڙي سنڌ جي ڀر وارن جن ملڪن ۽
ماڳن کي ڏٺو، تن سڀني بابت معلومات محفوظ نه رهيا
آهن. البت ڪڇ ۾ شاهه ڪريم جي معتقد جَتن فقيرن وٽ
گهڻو ويو، جيڪي پوءِ سندس ئي مريد ٿي ويا. اڀرندي
ڏانهن جيسلمير طرف سندس وڃڻ بابت به ڪي پڪا دليل
موجود آهن. الهندي طرف سنڌ جي ڪوهستان ۽ لس ٻيلي
وارو ملڪ ڏٺائين ۽ سنڌ جو اوڀر، ٿَر ۽ اُتر سڀ
ڏٺائين. سفر ۾ هر طبقي ۽ هر ڌنڌي پيشي وارن سان
مليو، وٽن ويٺو ۽ سندن روزمره جي ڪرت ۽ ريت رسم
کان واقف ٿيو، جنهن جو پڪو پختو ثبوت رسالي جي
مختلف سُرن ۽ داستانن هيٺ سندس بيتن ۽ واين ۾
موجود آهي.
(4) ڀٽ تي دائمي سڪونت، فاقيري فيض ۽ تربيت، ڪمال
ڄاڻ ۽ معرفت جي فروغ وارو دور (1142-1161هه)
شاهه لطيف جي نوجوانيءَ کان وٺي پڪي جوانيءَ تائين
سندس زندگيءَ جا سڄا سارا ويهه ورهيه ڪَهڻ ۽ ڪاهڻ،
ڏسڻ ۽ پَسڻ، پرجهڻ ۽ پروڙڻ ۾ صرف ٿيا: حق ۽ حقيقت
جي تلاش ۾ پاڻ پنهنجي تربيت وارو اهو دور سندس
واسطي هڪ وڏو ڪشالو هو، جنهن ۾ مسلسل طور ٻاهرئين
مطالعي ۽ مشاهدي سان گڏ سندس پنهنجي اندروني سُرت
نِرت سان بصيرت جا نوان باب کُليا، ۽ کيس يقين ۽
معرفت جا اعليٰ مقام حاصل ٿيا. هاڻي سندس عمر
چاليهه سال هئي، ۽ جوانمرد لطيف هر لحاظ سان پاڻ
کي پچائي راس ڪيو هو. فڪر ۽ فهم، ڄاڻ ۽ بصيرت جي
اعليٰ منزل تي پهچڻ بعد هاڻي سندس حياتيءَ جو
تخليقي ۽ تعميري دور شروع ٿيو، جنهن ۾ ڪمال معرفت
جي جستجو سان گڏوگڏ ٻين لاءِ رهنمائي، فاقيري فيض
۽ تربيت طرف متوجهه ٿيو. شاهه جي حياتيءَ جي هن
دور بابت جيڪي اُهڃاڻ موجود آهن، تن جي بناء تي
ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته سندس زندگيءَ جو
ويهن کن سالن وارو هيءُ عرصو خاص طرح هيٺين مشغلن
۽ مرحلن وارو دور هو:
(الف) ڀِٽ کي وسائڻ ۽ اُتي دائمي سڪونت اختيار
ڪرڻ.
(ب) شاهه حبيب جي وفات، ۽ ان بعد مرشديءَ جو مسند
سينگارڻ.
(ج) ڀِٽ تي فاقيرو نظام ۽ انتظام قائم ڪرڻ.
(د) سماع ۽ ذڪر جو سلسلو ۽ راڳ جو ادارو قائم ڪرڻ.
(هه) وڏن جي درگاهه جي سنڀال ۽ تعمير ڪرڻ.
(و) معتقدن مريدن وٽ ڀيرا ڪري سندن حال معلوم ڪرڻ
۽ ڄاڻ وارن فقيرن درويشن سان ملڻ.
(ز) سنڌ جي عالمن عارفن سان صحبتون ڪرڻ.
هيٺ سندس انهن مشغلن ۽ مرحلن تي مختصر روشني وڌي
ويندي.
(الف) ڀِٽ کي وسائڻ ۽ دائمي سڪونت اختيار ڪرڻ.
شاهه عبداللطيف جو ڀِٽ کي وسائڻ بابت ڪوبه پڪو
پختو حوالو موجود ڪونهي. البت مير عبدالحسين خان
سانگيءَ جيڪي
ڳالهيون ٻُڌيون ۽ ’لطائف لطيفي‘ ۾ قلمبند ڪيون، سي
ساڳيون پوءِ مرزا قليچ بيگ ۽ ليلارام لالواڻيءَ به
پنهنجن ڪتابن ۾ آنديون. مگر ٽنهي جي بيانن ۾ تضاد
آهي، جن مان ڪوبه خاطر خواهه
نتيجو ڪونه ٿو نڪري. مير سانگيءَ کي ٽي جدا بيان
مليا جن موجب مرزا بيگ مغل جي نياڻيءَ سان شادي
بعد سگهوئي شاهه لطيف ڪوٽڙيءَ مان ڀِٽ تي لڏي آيو،
ٻيو ته پنهنجي والد شاهه حبيب جي وفات بعد لڏي آيو
۽ ٽيون ته سير سفر واري دور بعد آخري عمر ۾ شاهه
صاحب ڀِٽ تي اچي ويٺو(1).
پهرئين
اهڃاڻ موجب سنه 1124هه ۾ مرزا بيگ مغل جي وفات کان
اڳ يا پوءِ ڀِٽ تي لڏي آيو، ٻئي اهڃاڻ موجب سنه
1144هه ۾ شاهه حبيب جي وفات بعد لڏي آيو ۽ ٽئين
ٽاڻي موجب اڃان به ان کان پوءِ آخري عمر ۾ لڏي
آيو. انهن بيانن موجب شاهه لطيف جو ڀِٽ کي وسائڻ
وارو عرصو سنه 1124هه کان وٺي 1144هه تائين ڪم از
ڪم ويهه سال کن ٿئي ٿو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته
شاهه لطيف جي ڀِٽ کي وسائڻ، يعني شروعاتي ارادي ۽
پوءِ آخري طور اُتي گهر ٻار ڪري ويهڻ ۾ ڳچ وقت لڳو
هوندو؛ پر ٻين اهڃاڻن مطابق اهو وڌ ۾ وڌ ست سال کن
(1135-1142هه) ٿي سگهي ٿو.
شاديءَ بعد فوراً ڪوٽڙيءَ مان لَڏڻ لاءِ ڪو سبب
ڪونه هو: شاديءَ جو مقصد ئي هڪ شريف اُجڙيل خاندان
کي سهارو ڏيڻ هو، جيڪو هڪ وسندڙ گهر ۽ شهر کي ڇڏي
ڀِٽ ۽ بَرَ کي وسائڻ سان پورو ٿي نٿي سگهيو.
غالباً ڪوٽڙي ڇڏڻ جي نوبت تڏهن آئي جڏهن مغل حويلي
جا ٻيا سڀ ڀاتي گذاري ويا. روايتن مان معلوم ٿو
ٿئي ته بي بي سيده بيگم جو فقط هڪ ننڍو ڀاءُ عرف
’گولو‘ هو جيڪو شاديءَ کان پوءِ سگهو ئي گذاري
ويو. سندس والده ڏهه ٻارهن سال پوءِ سنه 1135هه جي
لڳ ڀڳ رضا ڪئي. هڪ روايت موجب، شاهه لطيف ڀِٽ تي
هو جو ”گُلان“ اچي اُتي ڳايو ۽ شاهه صاحب کيس دعا
ڪئي(1)،
جو هوءَ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي نڪاح ۾ آئي ۽
ميان غلام شاهه جي ماءُ بني. جيڪڏهن انهيءَ روايت
کي صحيح تسليم ڪجي ته به گُلان سنه 1135هه ڌاري
شاهه لطيف جي آڏو اُن وقت ڳايو هوندو جڏهن هو شروع
۾ پنهنجي عيال کان سواءِ بعضي اچي ڀِٽ تي رهندو
هو. گُلان جو قصو بيان ڪندي سانگي ڄاڻايو آهي ته
ان وقت مخالفن ميان نور محـمد ڪلـهوڙي کي شاهه
بابت ائين ٻڌايو ته ’اُهو سيد جنهن ڀِٽ کي پنهنجي
آستاني بنائڻ جي رٿ رٿي آهي.‘(2)
مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته ننڍپڻ کان وٺي شاهه
لطيف گنباٽ ۽ اُن سان لاڳيتي ڊرٻ کي ڏٺو هو؛ پوءِ
بلوغت ۽ جوانيءَ واري دور ۾ پڻ اُتي گهمندو هو ۽
گوشائتو ويهي چلا ڪڍندو ۽ عبادت ڪندو هو. ”شاهه جو
ڪنڊو“ اُن ڊرٻ واري ايراضيءَ جي اُترين ڀاڱي ۾ هو،
جتي شاهه صاحب رياضت ۾ محو ٿيو هو. ’ڀِٽ‘ يعني
موجود درگاهه ۽ ڳوٺ وارو ماڳ، اُن ڊرٻ واري
ايراضيءَ جو وچ هو جتي (غالباً ’حجري‘ واريءَ جاءِ
تي) پاڻ اڪثر نويڪلائيءَ ۾ رياضت ڪندو هو، جو اُن
وقت ڪن ماڻهن اُتي کيس ڏٺو ۽ سندس گوشائتي ويهڻ
واري ڳالهه مشهور ٿي. اُنهيءَ ڀِٽ جي هيٺان ڏکڻ
طرف ’ڪِراڙ واري ترائي‘ هئي جتي مينهن جو پاڻي
بيهندو هو. اُن جي چوڌاري ڪِرڙ هئا، جنهن ڪري ان
کي ’ڪِراڙ‘ سڏيو ويو. ڀِٽ واري اها ڀيڻي شاهه صاحب
کي پسند آئي ۽ اُتي پهريائين پنهنجو پاڻ ۽ بعد ۾
پنهنجن فقيرن سان گڏجي خاص طرح سانوڻ ۾ اچي منزل
انداز ٿيندو هو، جڏهن مال وارا ڀاڳيا ماڻهو به
اُنهيءَ ڀيڻيءَ تي وانڍون ڪندا هئا. جيئن ئي شاهه
صاحب جي عمر چاليهن سالن (1140-1142هه) کي ويجهي
ٿيڻ لڳي ته ڀِٽ واري ماڳ کي هميشه لاءِ وسائڻ وارا
سندس ارادا پختا ٿيا. ڀِٽ واري ڀيڻيءَ جي اصل ڪهڙي
حالت هئي، شاهه صاحب ڪيئن اُت موجوده درگاهه واري
ماڳ کي چونڊيو ۽ هموار ڪيو، ڪهڙيءَ طرح اُتي جايون
ٺهرايون- اُن بابت سانگيءَ جا قلمبند ڪيل هيٺيان
بيان تصديق جهڙا آهن(3):
¡
سانگيءَ کي وڏيري عبدالله ٻڌايو ته هن پنهنجي پيءُ
وڏيري رستم کان ٻڌو، جنهن پنهنجي پيءُ وڏيري قلندر
کان ٻڌو ته هيءُ ماڳ اصل ۾ واريءَ جي هڪ وڏي شاهي
ڀِٽ هئي جنهن جي چوڌاري پاڻي هو ۽ هر طرف وڏو جهنگ
هو، جتي هن شاهه لطيف کي ننڍي هوندي بيخودي ۽
محويت واري حالت ۾ ويٺل ڏٺو هو(لطائف لطيفي، ص
144).
¡
اهو معلوم آهي ته خود پنهنجي حياتيءَ ۾ حضرت
اولياءَ صاحب (شاهه صاحب) ’ڀِٽ شريف‘ جا سڀ پاسا
پلئه پوريءَ طرح ڏٺا هئا. ڀِٽ جي هيٺ چوڌاري
پاڻيءَ جون خوبصورت ترايون هيون ۽ هيٺ ڀِٽ جي پاسي
ڪناري سان سائي سهڻي وڻراهه هئي. مٿي ڀِٽ وارو ماڳ
راحت بخشيندڙ هو، جنهن جا آثار هن وقت(1880-1878ع)
تائين موجود آهن، جو
آب ڪلاني ۾ چوڌاري هيٺاهيون پاڻيءَ سان ڀرجي وڃن
ٿيون، جن مان ڪي (وڻراهه جي ڪري) نظاري دار آهن
(لطائف لطيفي، ص78-79).
¡
جڏهن کان اولياءَ صاحب (شاهه صاحب) ڀِٽ تي پنهنجو
فيضور تڪيو قائم ڪيو تڏهن سانوڻ جي برسات ۾ اڪثر
سير تفريح لاءِ ايندا هئا. بهار جي موسم کين وڻندي
هئي ۽ اُن موسم ۾ خاص طرح گهڻي عبادت ڪندا هئا.
(لطائف لطيفي، ص-183).
¡
شاهه صاحب ئي ’ڀِٽ شريف‘ کي سڀ کان اول اچي وسايو
هو. اُن کان گهڻو اڳ تائين هيءَ سرزمين غيرآباد
هئي ۽ منجهس جهنگ هو. ڀِٽ شريف جي چوڌاري سڄو سال
پاڻي بيهندو هو، گاهه گهڻو ٿيندو هو ۽ ڀاڳيا ماڻهو
مال چاريندا هئا. سانوڻ جي آب ڪلاني ۾ ڀاڳيا ماڻهو
ڀِٽ تي پنهنجا ڀاڻ ڪندا هئا. حضرت اولياء صاحب
جيئن ته (هِت) اڪيلو پيو هلندو هو، سو هن ڀيڻيءَ
کي ڏسي پسند ڪيائين؛ پر جيئن ته هِت واري پيئي
وسندي ۽ هلندي هئي، سو مٿان ڀَنجهُو وجهائي ڀِٽ کي
هموار ۽ ڪشادو ڪيائون. اها (خذمت) فقيرن لاءِ
رياضت هئي (لطائف لطيفي، صفحا 90-91).
¡
ڳالهيون هلنديون آيون آهن ته حضرت اولياء صاحب
(شاهه صاحب) حياتيءَ جو وڏو عرصو سير سفر ۾
گذاريو ۽ جڏهن آخر عمر ۾ اچي ڀِٽ تي ويٺا (تڏهن
پهريائين) ’ڀِٽ‘ (جي چوٽيءَ کان) ڪجهه هيٺ تي هڪ
ڪوٺي (حجره) ٺهرايائون، جنهن جي آڏو ڪجهه باغيچو
ڪيائون ۽ زمين کي (هموار ڪري) ڪشادو ڪيائون. پوءِ
ٻه صُفا (حجرا) پنهنجي حرم لاءِ ۽ هڪ صُفو (حجره)
پنهنجي والد لاءِ ٺهرايائون. هڪ مسجد، ٽن گنبذن
سان، پاڻ پنهنجي سر بيهي ٺهرايائون. پوءِ ’ڀِٽ‘ جو
تَر ۽ برُ اڳئين کان وڌيڪ ويڪرو ۽ ڪشادو ٿيو جو
سَوَن فقيرن مٽي کڻي اچي اُن جي مٿان وڌي. پوءِ
(شاهه صاحب) پاڻ پنهنجي عصا جي چوٽيءَ سان (نقشي
جي صورت ۾) ليڪا ڪڍي درگاهه جي خليفن لاءِ جاين
جون حدون نروار ڪيون، ۽ پوءِ هر هڪ پنهنجي پڄندي ۽
مرتبي آهر پنهنجي پنهنجي حد ۾ ائين جايون جوڙايون
جيئن حضرت اولياء صاحب رٿ ڪري ڏنيون هيون، ۽ اُنهن
جون ڀتيون اڃان تائين (1880-1887ع ۾) بيٺيون آهن
(لطائف لطيفي، ص 36).
آخري طور ڀِٽ تي اچي ويهڻ کان اڳ مٿئين ڪم پوري
ڪرڻ ۾ وقت لڳو هوندو ۽ اُهو ڪن مرحلن ۾ پورو ٿيو
هوندو. پهريون مرحلو اهو هو جو شاهه صاحب هتي
اڪيلي سر پئي آيو ويو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ماڳ
پسند آيس ۽ اُتي پنهنجو تڪيو (عارضي رهائش)
ڪيائين. اُن بعد بعضي پنهنجن فقيرن سان گڏ اچي ٿي
هِتي رهيو، ۽ اُنهيءَ عرصي دوران جهنگ وڍي صاف
ڪيائون، زمين هموار ڪيائون، اُن سرزمين کي ڪشادو
ڪيائون، ۽ اُن جي چڱي خاصي ڀاڱي تي مٿان مٽي ۽
ڀنجهو وجهي پَٽ پڪو ڪيائون. جڏهن شاهه صاحب جي عمر
چاليهه کن سال ٿي ته ڀِٽ تي ئي پنهنجي دائمي سڪونت
جو ارادو پڪو ڪيائين. عمر جو اهو هڪ اهڙو مرحلو
آهي جو هر سجاڳ دل واري انسان کي زندگيءَ جي نئين
ورق ورائڻ جو خيال اچي ٿو. 1142هه وارو سال شاهه
صاحب جي زندگيءَ جو چاليهون سال هو ۽ بالڪل ممڪن
آهي ته 1142-1143هه واري عرصي ۾ ڀِٽ واري ماڳ تي
اهي جايون ٺهيون جن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. جاين
ٺهڻ بعد ئي سندس والد ۽ پاڻ ڪوٽڙيءَ مان لڏي هميشه
لاءِ اچي ڀِٽ تي مقيم ٿيا. هن بيان ۾ جن جاين جو
ذڪر آهي، سي سڀ پهريائين ڪچيون ۽ محض اوٽ اَجهي
لاءِ هيون. البت گنبذن واري مسجد جو ذڪر صحيح نه
آهي جو اُها پوءِ ٺهي جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو.
پهرين جيڪا مسجد ٺهي سا ڪچي ۽ صُفائين هئي.
(ب) شاهه حبيب جي وفات.
ڀِٽ
تي دائمي سڪونت لاءِ تياريون ڪرڻ، جايون ٺهرائڻ ۽
اُن بعد ڪوٽڙيءَ مان لڏي اچي ڀِٽ تي ويهڻ وارو
مرحلو پورو ٿيو هو جو شاهه حبيب بيمار ٿيو. شاهه
عبداللطيف پوءِ سڄو توجهه پنهنجي شفيق والد ۽ مرشد
جي چڱڀلائيءَ لاءِ دوا درمل ۽ خذمت طرف ڪيو. سندس
سڀ فقير پڻ اُنهيءَ اوسيڙي ۾ هئا ۽ وڏي شاهه صاحب
جي صحت ۽ عافيت لاءِ دعا گهرندا رهندا هئا. شاهه
صاحب گهڻو سارو وقت حويليءَ ۾ اندر پنهنجي والد جي
خذمت ۾ پئي گذاريو، ۽ جنهن وقت ٻاهر ايندو هو ته
فقير کانئس خيريت جو احوال پڇندا هئا. هڪ طرف شاهه
حبيب پاڻ پنهنجي دينداري ۽ درويشيءَ جي ڪري مشهور
هو ته ٻئي طرف شاهه عبداللطيف پنهنجي سر عام خاص ۾
مقبول هو. انهيءَ ڪري ڪيئي وڏا ڄاڻو طبيب حڪيم آيا
ويا هوندا، پر ڦڪين فرق نه ڪيو. شاهه عبداللطيف
سڄو وقت والد جي خذمت ۾ رهيو، ۽ پئي پيار ڀرين
لفظن سان حال
پڇيائين. پر آخر اهڙو وقت آيو جو شاهه حبيب طرفان
ڪا ورندي ڪانه وري. شاهه صاحب اُن وقت ٻاهر
آيو ته سڀني کي اڳواٽ ڄاڻ ڏئي. جڏهن سندس پيارن
فقيرن اڳتي وڌي اچي کانئس حال پڇيو تڏهن جواب
ڏنائين ته:
اوٺي اُٻهرا ٿيا، بيٺا تنگ ڪشين
ڪڇن پُڇن ڪينڪي وَرندي وات نه ڏين
لاکيڻا لطيف چئي، ٿا منجهئون لوڪ لڏين
نيڻ نماڻا کڻيو هنجهون ٿا هارين
سي جُنگ جواب
نه ڏين، ڪنهن ڏاڍي ڪيف
ڪڪوريا(1)
جڏهن شاهه حبيب وفات ڪئي ته شاهه لطيف پاڻ پنهنجي
والد کي ڀِٽ تي اُتي دفنايو جتي هن وقت سندس مزار
آهي. اُهو سال 1144 هجري هو جڏهن شاهه حبيب
گذاريو. شاهه عبداللطيف جنهن اڳي ئي سڪ ۽ صبر جا
پيالا پيتا هئا سو رضا الاهيءَ تي راضي رهيو جو
سندس شفيق والد هِن جهان مان سرخرو ٿي هُن جهان
طرف لاڏاڻو ڪيو. ٺٽي جي نامياري عالم ۽ اديب ميان
محمد صادق نقشبندي، جيڪو شاهه عبداللطيف جي
مريديءَ جي دائري ۾ داخل ٿي چڪو هو، تنهن حضرت
شاهه صاحب جي رضا ۽ تسليم واري حال موافق شاهه
حبيب جي وفات جي تاريخ هيٺئين عربي ماده مان ڪڍي
جيڪو معنوي اعتبار سان نهايت ئي موزون ۽ بي بدل
آهي:
”اَلموتُ جِسر يُوصِل الحبيبَ لِلِقاءِ الحبيبِ“
يعني: ”موت هڪ پُل آهي جيڪا هڪ دوست (’حبيب‘) کي
ٻئي دوست سان ملائي ٿي“(2).
پوءِ
شاهه صاحب جڏهن پنهنجي والد جو قبو تعمير ڪرايو ته
اُهو ساڳيو تاريخي فقرو سامهون در تي سهڻو ڪري
لکارايائين جيڪو اڃان تائين موجود آهي.
مرشدي جو مسند سينگارڻ.
شاهه عبداللطيف کي مرشدي جو مسند ورثي ۾ مليو پر
پنهنجي والد وانگر سندس طور طريقو پڻ ’رسمي مرشدي
مريدي‘ کان الڳ هو. شاهه حبيب پنهنجي وقت جو هڪ
وڏو بزرگ ۽ حال جو صاحب هو. ميين شاهه ڪريم کان
پوءِ، ڪريم-پوٽن ۾ شاهه حبيب تصوف جي قادري طريقي
۾ وڏي فيض وارو ٿيو، سندس وڏي مڃوتي ٿي ۽ گهڻا
ماڻهو سندس مريد ٿيا. سندس وفات بعد اُهي سڀ فطري
طور شاهه عبداللطيف ڏانهن متوجه ٿيا. شاهه لطيف
پاڻ قادري طريقي ۾ هيٺئين سلسلي موجب پنهنجي والد
شاهه حبيب کان دست بيعت ٿيل هو:
شاهه عبداللطيف پنهنجي والد حبيب الله شاهه کان
قادري طريقي جي خلافت جو خرقو ڍڪيو. حبيب الله
شاهه پنهنجي والد عبدالقدوس شاهه کان، اُن پنهنجي
والد جلال شاهه (جمال شاهه) کان، اُن پنهنجي والد
شاهه عبدالڪريم کان، اُن پنهنجي مرشد سلطان
ابراهيم بهاري کان، اُن پنهنجي مرشد سيد احمد
قادري حسني حموي (شام جي شهر ’حما‘ جي) کان، اُن
پنهنجي والد سيد علي هاشمي کان، اُن پنهنجي والد
سيد شهاب الدين احمد کان، اُن پنهنجي والد سيد شرف
الدين قاسم کان، اُن پنهنجي والد سيد بدرالدين
يحيٰ کان، اُن پنهنجي والد سيد نورالدين حسين کان،
اُن پنهنجي والد علاؤالدين علي کان، اُن پنهنجي
والد سيد شمس الدين محمد کان، اُن پنهنجي والد سيد
سيف الدين يحيٰ کان (جيڪو حضرت پيران پير جي اولاد
مان پهريون بزرگ هو جيڪو بغداد مان لڏي اچي حما ۾
مقيم ٿيو هو)، اُن پنهنجي والد سيد ظهيرالدين احمد
کان، اُن پنهنجي والد سيد شمس الدين ابونصر محمد
کان، اُن پنهنجي والد قاضي سيد ابو صالح نصر کان،
اُن پنهنجي والد سيد حافظ ابوبڪر تاج الدين
عبدالرزاق کان، اُن پنهنجي والد شيخ الاسلام حضرت
غوث اعظم سيد محي الدين ابو محمد عبدالقادر جيلاني
کان، جيڪو قادري طريقي جو باني مباني هو(1).
جيئن ته شاهه صاحب ساڳئي وقت پنهنجي والد توڙي
مرشد جو جاءِ نشين هو، انهيءَ ڪري مخلص مريدن جي
دلجوئي، خيرخواهي ۽ رهبريءَ خاطر، شاهه صاحب
پنهنجي والد کان عنايت ٿيل تصوف جو طريقو ختم ڪونه
ڪيو پر بدستور جاري رکيو؛ البت هُو نه ڪنهن کي
پنهنجي مريد ٿيڻ جي ترغيب ڏيندو هو ته نڪي پاڻ
ڪنهن کي رسمي طور مريد ڪندو هو. اُهي ماڻهو جيڪي
سندس فيض واري صحبت ۽ رفاقت يا سندس عارفانه ڪلام
۾ سمايل حقيقت ۽ هدايت کان متاثر ٿي ساڻس صدق ۽
اخلاق جو ناتو ڳنڍيندا هئا تن جي عقيدت، سندس شفقت
جي ڪري، ڏينهون ڏينهون وڌندي ويندي هئي. سندس اهڙن
ارادتمندن بلڪ عاشقن (عرف عام ۾ سچن ’مريدن‘) جي
صف ۾ اڻ پڙهيل توڙي پڙهيل ۽ عالم شامل هئا: مثلاً
هڪ طرف سنڌ ۾ ٺٽي جو عالم مخدوم محمد صادق
عقيدتمند ٿيو ته ٻئي طرف ڪڇ جا سادا غريب جَت بلوچ
سچا
سر گهور مريد ٿيا. تصوف ۽ طريقت ۾ شاهه صاحب
پنهنجي وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم وارو سلسلو اختيار
ڪيو. ميين شاهه ڪريم جيتوڻيڪ بعد ۾ پنهنجي مرشد
سلطان ابراهيم بهاري کان قادري طريقي جي خلافت جو
خرقو ڍڪيو هو مگر اُن کان اڳ هو سهروردي طريقي مان
فيضياب هو. اُنهن طريقن جي عارفن جي نقش قدم تي هو
سنت جماعت جو پورو پيروڪار هو. ساڳئي وقت هو
پنهنجي مرشد سلطان ابراهيم وانگر، ذاتي ارادت ۾
”اويسي“ هو: يعني نبي ڪريم (صلعم) جي عاشق اَوَيس
قَرني وانگر غائبانه رسول الله (صلعم) کان رشد و
هدايت حاصل ڪيائين. شاهه عبداللطيف کي حضرت محمد
مصطفيٰ صلعم سان حقيقي ۽ شعوري عقيدت هئي جو
’رسالت‘ کي ’توحيد‘ جي تصديق لاءِ لازمي ڪري ٿي
ڄاتائين:
’وحــده لاشــريـڪ لـہ‘ جيئن ٿـو چـئين ايئن
تان مڃ محمد ڪارڻي نِرتئون منجهان نينهن‘
۽ حضرت جن جي ’عبديت‘ (’عبده و رسولـﮣ‘) واري مقام
کي انسانيت جو لاحد وارو معراج ڪري ٿي مڃيائين:
’نڪا ابتدا ’عبد‘ جي نڪا انتها‘
شاهه عبداللطيف جي حضرت رسول اڪرم (صلعم) سان بي
انتها محبت هئي، بلڪ عشق هو جو سندن اعليٰ اخلاق ۽
ڪردار ۽ نئين نياپي سان هڪ نئون جهان روشن ٿيو:
اڳيان وهم ۽ وسوسا ويا ۽ غلام آزاد ٿيا، ’ڇوريون
ڇرڻ سکيون‘ ۽ ’ڏُکيون ڏِک ويٺيون‘. شاهه عبداللطيف
پنهنجي زندگيءَ جي عارفانه بصيرت واري هن دور ۾،
’اويسي طريقي‘ سان پنهنجو روحاني رشتو حضرت نبي
صلعم سان ڳنڍيو، مگر اُن جي باوجود جيئن ته پاڻ
سلوڪ ۽ طريقت ۾ ’مرشدي‘ جي مقام تي فائز هو انهيءَ
ڪري، پاڻ هڪ خاص قدم کنيائين جيڪو سندس اعليٰ شعور
تي شاهد آهي.
مخدوم محمد معين ڏانهن خط ۽ سوال:
سلوڪ ۽ طريقت جا رهنما ۽ عارف عامي سطح وارن
ويچارن کان آجا هوندا آهن. عام سطح تي ’اويسي
طريقي‘ بابت البت اهڙا ويچار پيدا ٿي سگهن ٿا ته
غائبانه مرشد وٺي سگهجي ٿو يا نه، ۽ اهل مماتي
وارن کي به مرشد وٺي سگهجي ٿو يا نه! شاهه صاحب
هنن مسئلن جي وضاحت لاءِ ٺٽي جي وڏي عالم ۽ صوفي
مخدوم محمد معين ڏانهن، جيڪو اُن وقت شاهه صاحب
سان محبت ۽ عقيدت جي رشتي ۾ اچي چڪو هو، اويسي
طريقي بابت هڪ خاص خط لکيو جنهن جو مخدوم صاحب
تحقيق ۽ تفصيل سان جواب ڏنو، ۽ پوءِ فارسي ۾ لکيل
اُنهن ٻنهي خطن جو متن ’رسالـﮣ اويسيـﮣ‘ جي
نالي سان مشهور ٿيو.هيٺ شاهه صاحب جو سڄو خط ۽
مخدوم محمد معين جي لکيل تفصيلي جواب جو اختصار
ڏجي ٿو ته جيئن ٻنهي جو موضوع ۽ مقصد معلوم ٿي
سگهي ۽ پڻ شاهه صاحب جو هيءُ تاريخي خط سامهون اچي
وڃي(1).
سوال خُدام حضرت شاهه صاحب سَلمـﮣ
الله |
حضرت شاهه صاحب سَلمـﮣ الله جن جي
خادمن جو سوال |
[1] چه فرمايند علماء کرام مراجع انام
اندر آنچه لفظ ”اويسي“ در کلام طائفه
صوفيه رضوان الله تعاليٰ عليهم اجمعين
واقع شده يا نه؟ و بر تقدير که واقع
شده باشد، چه معنيٰ دارد؟ اکر ”اويسي“
کسي است که فيض از روحانيت گيرد، مرشد
ظاهر با اين منافات دارد يا ندارد؟
[2] و نيز فيض گرفتن از ميت در عالم
برزخ عقل و شرع آنرا تجويز نمايد يا
نمايد؟
[3] و نيز فقر و سلوک را باقوال علماي
ظاهر منافات هست يا نه؟
[4] و نيز يکي از کباران اولياء الله
تعاليٰ که مشهور بخوارق عادات و
کرامات باشد، ليکن سلسلـﮣء ارادت
بتعين مشائخ، مثل سلسله نقشبنديه و
قادريه مشهور ندارد، طريقـﮣء آن بزرگ
راسست بنياد و بي اصل توان گفت يا نه؟
[5] شما که علماي حامي دين و بيان
کننده قبيح و حسن اند، مي پرسم شمارا
که جواب اين مقدمات چه باشد؟ و
ميخواهم که بعبارت فارسي سهل الماخذ
آنرا بقيد قلم آريد که نفع عام شود و
انتفاع باقي مانده جزاکم الله سبحانه
و عافاکم کشا يُحب و يرضي و اَجرکم و
رضي عنکم آمين.“ |
[1]
علماء ڪرام، جيڪي خلق جي رجوعات جا
مرڪز آهن، هن باري ۾ ڇا ٿا فرمائين
ته: لفظ ”اويسي“ صوفين سڳورن الله جي
رضامندي وارن جي جماعت جي ڪلام ۾ آيل
آهي يا نه؟ جيڪڏهن آيل آهي ته ڪهڙي
معنيٰ اٿس؟ جيڪڏهن ”اويسي“
اُهو شخص آهي جيڪو روحاني فيض حاصل
ڪري ٿو ته (اُن حال ۾) ظاهري مرشد
(وٺڻ سندس) هن (عمل ۽ اعتقاد) سان
مخالفت رکي ٿو يا نه؟
[2] ۽ پڻ ڪنهن ميت کان جيڪو عالم-
برزخ ۾ آهي، فيض وٺڻ کي عقل ۽ شريعت
جائز ڏيکارين ٿا يا نه؟
[3] ۽ پڻ فقر ۽ سلوڪ (جي نظرين) جي،
ظاهري عالمن جي قولن سان مخالفت آهي
يا نه؟
[4] ۽ پڻ اولياء الله مان ڪو وڏو ولي
جو (سندس)
عجيب ڪارنامن ۽ ڪرامتن سبب مشهور هجي،
مگر (پنهنجو) مريديءَ جو سلسلو
نقشبندي يا قادري طريقي جي ڪن خاص
مشائخن سان رکندڙ نه هجي، ته اُن بزرگ
جي طريقي کي ضعيف ۽ بي بنياد چئي
سگهجي ٿو يا نه؟
[5] اوهان، دين جي مددگارن ۽ برائي ۽
ڀلائي جي بيان ڪندڙن کان پڇان ٿو ته
انهن مسئلن جو جواب ڪهڙو آهي؟ گذارش
آهي ته انهن (جوابن) کي سليس فارسيءَ
۾ قلمبند ڪندا ته عام فائدو ٿئي ۽ اهو
نفعو هميشه لاءِ باقي رهي- شال ڌڻي
تعاليٰ اوهان کي خير عطا ڪري ۽ بخشي
جيئن پاڻ گهري ۽ چاهي، ۽ اوهان کي اجر
ڏئي ۽ اوهان کان راضي رهي. آمين! |
جواب خُدام حضرت مخدومنا سَلمـﮣ الله |
اسان جي حضرت مخدوم سلمـﮣ الله جن جي
خادمن جو جواب |
حامداً ِلله سبحان العظيم و مصليا و
مسلما علي رسولـﮣ الکريم و اهل بيتـﮣ
الفخيم و اصحاب ذوي الفضل العظيم- اما
بعد:
[1] جواب سوال اول آن است که ”اويسي“
در کلام حضرات صوفيه واقع شده و
اشتهار يافته، چنانچـﮣ بر ناظر کتب
قوم مخفي و مستور نباشد- و ”اويسي“
کسي را گويند که روحانيان را در تربيت
و تکميل او دخل باشد- و اين معني
منافات يا پير ظاهر ندارد....
[2] جواب سوال دويم ان است که فيض
گرفتن از اهل قبور و امداد جستن از
ايشان شرعا و عقلا جائز است و در
حکايات احوال مشائخ عظام که بنقل
ثقاة رواة بثبوت پيوسة است، واقع و
کائن است- و نزديک طائفه صوفيه کرام
امري است معهود و مشهور ....
[3] جواب سوال سيوم آن است که تبعيت
علماءَ، که تبعيت شرع محمدي است، شرط
فقرو سلوک است، منافات چه معنيٰ
دارد.....
[4] جواب سوال چهارم آن باشد که
چندين هزار اولياء مقربين گذشته اندکه
سلسله مشائخ ايشان شهرت نداشت- اين
همـﮣ دوستان خدا بگمنامي در جهان و
باديها عمر بسر بردند مگر اولياء
ببودند. امام يافعي در ”روض الرياحين“
اولياء را نقل مي کند آنها که داند که
در کدام سلسله بوند و از شيخ کدام
واسطه داشته اند، خواجه حافظ شيرازي
کسي نميداند که از که سبق علوم باطن
خوانده- چنانچه در ”نفحات“ آورده است
اين معني شرط ولايت نيست و بدين سبب
طعن نمودن و طريق ايشان را بي اصل
گفتن جرات و گستاخي است.
[5] والله سبحانـﮣ و تعاليٰ هو
العاصم عن الزلل و الخطاء والنسيان و
هوالمستعان و عليه التکلان. اميد از
نظر کنندگان اين چند ورق آن است که
اين عاصي سراسر معاصي محمد الملقب
بالمعين اين محمد الملقب بالامين را
بدعاء حصول حقيقت اسلام و وصول باسرار
شريعت مطهره و ختم بر کار بران کنند. |
الله تعاليٰ جي حمد، ۽ صلواة ۽ سلام
رسول ڪريم تي، ۽ سندس اهل بيت فخيم
تي، ۽ فضل عظيم وارن اصحابن تي، ۽ ان
بعد:
[1] پهرئين سوال جو جواب هيءُ آهي ته
لفظ ’اويسي‘ صوفي حضرات جي ڪلام ۾ آيو
آهي ۽ عام استعمال ٿيو آهي جيئن ته
هنن بزرگن جي ڪتابن پڙهندڙن کان لڪل ۽
ڳجهو نه آهي. ’اويسي‘ انهيءَ شخص کي
چوندا آهن جنهن جي تربيت ۽ تڪميل ۾
روح وارن کي دخل هجي. هيءَ (روحاني
فيض وٺڻ) ظاهري مرشد وٺڻ جي مخالف نه
آهي...
[2] ٻئي سوال جو جواب هيءُ آهي ته:
اهل مماتي وارن کان فيض وٺڻ شرعاً
خواه عقلا جائز آهي ۽ (اهو دستور) وڏن
درويشن جي حالات ۾ پڻ موجود آهي جيڪي
(حالات) معتبر ذريعن رستي نقل ٿي
(اسان تائين) پهتا آهن. ۽ پڻ صوفياء
ڪرام وٽ اها ڳالهه عام طور تسليم ٿيل
آهي...
[3] ٽئين سوال جو جواب هيءُ آهي ته:
علماء جي متابعت ۾، جا (حقيقت ۾) شرع
محمدي جي متابعت آهي، فقر ۽ سلوڪ ئي
هڪ خاص شرط آهي. انهيءَ ڪري (فقر ۽
سلوڪ جي نظرين ۽ ظاهري عالمن جي قولن
۾) مخالفت بي معنيٰ آهي.
[4] چوٿين سوال جو جواب هيءُ آهي ته:
ڪيئي هزار الله جا پيارا اولياء ٿي
گذريا آهن جن جي مرشدن جو سلسلو مشهور
نه هو. اُنهن مڙني خدا جي دوستن هن
جهان ۽ اُن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گمنامي جي
زندگي گذاري مگر هئا اولياء. امام
يافعي ”روض الرياحين“ ۾ اُنهن ولين جو
ذڪر ڪيو آهي جن جي کيس خبر هئي ته
ڪهڙن سلسلن مان هئا ۽ ڪهڙن مشائخن سان
لاڳاپيل هئا. خواجه حافظ شيرازي جي
ڪنهن کي به خبر ناهي ته ڪنهن کان
باطني علم جو سبق پڙهيو هئائين. جيئن
جو (مولانا جامي جي ڪتاب) ”نفحات
الانُس“ ۾ آيو آهي، هيءَ ڳالهه (يعني
ظاهري مرشد وٺڻ) ولايت جي لاءِ ڪو شرط
نه آهي؛ انهيءَ جي ڪري طعنو هڻڻ ۽
اهڙن (بزرگن) جي طريقي کي بي بنياد
چوڻ جرات ۽ گستاخي آهي.
[5] تحقيق الله پاڪ ئي غلطي ۽ خطا ۽
ويسر کان بچائيندڙ آهي ۽ اُن جي ئي
مدد درڪار آهي ۽ انهيءَ تي ئي توڪل
آهي. هنن ورقن تي نظر ڪندڙ صاحبن کان
اميد ڪجي ٿي ته هو هن عاصي گنهگار
محمد لقب ”معين“ ولد محمد لقب ”امين“
کي اسلام جي حقيقت جي حاصل ٿيڻ ۽
شريعت پاڪ جي اسرارن تائين پهچڻ ۽
انهيءَ تي خاتمي ٿيڻ جي دعا ڪندا. |
شاهه صاحب هن خط جي ذريعي پنهنجي ذاتي ضرورت پوري
ڪرڻ کان وڌيڪ ٻين جي تسڪين لاءِ وضاحت ٿي طلب ڪئي.
کيس جيتوڻيڪ پنهنجي والد کان ’قادري‘ طريقي ۾ فيض
مليو، پر اُن سان گڏ پاڻ پنهنجي سر ’اويسي‘ طريقي
۾ اعليٰ مدارج کي پهتو ۽ حضرت نبي صلي الله عليه
وسلم جي روحاني فيض سندس قلب کي ويتر وڌيڪ روشن
ڪيو. هن خط مان ظاهر آهي ته سلوڪ ۽ طريقت جي راهه
۾ ٻين جي رهنمائي خاطر، ظاهري اسباب طور پڻ شاهه
صاحب قابل قدر قدم کنيو جنهن مان سندس ’مرشد هئڻ‘
جي وڌيڪ تائيد ٿئي ٿي. خط جي عبارت ۽ سوالن جي
سلسلي مان شاهه صاحب جي علم ۽ فڪر تي ڪافي روشني
پوي ٿي. مخدوم محمد معين کي سندس خاص تاڪيد ته
سليس فارسيءَ ۾ جواب ڏيو جيئن هرڪو سمجهي سگهي،
ڏيکاري ٿو ته شاهه صاحب کي سليس ۽ مشڪل فارسي
عبارت جي فرق جي پوري ڄاڻ هئي. اها شاهدي شاهه
صاحب جي فارسي مان واقفيت تي هڪ خاص دليل آهي.
(ج) ڀِٽ تي فاقيرو نظام ۽ انتظام قائم ڪرڻ.
ڀِٽ کي وسائڻ ۽ اُتي دائمي طور سڪونت اختيار ڪرڻ
سان شاهه صاحب جو عالم اسباب ڏانهن متوجهه ٿيڻ
لازمي هو. جڏهن کان وٺي ڀِٽ کي هموار ڪرڻ شروع
ڪيائون ۽ شاهه صاحب جو اُتي ڪجهه وقت رهڻ ٿيو،
تڏهن کان وٺي فقيرن کي ڪم ونڊي ورڇي پئي ڏنائون.
ڪوٽڙيءَ مان ڀِٽ تي لڏي اچڻ بعد ايندن ويندن جي
آڌرڀاءُ، بَٺيءَ جي انتظام، ۽ حويليءَ جي سنڀال جي
سلسلي ۾ شاهه صاحب وڏي پوئواري ڪئي. مسجد ۽ جماعت
جي خدمت خاص فقيرن جي حوالي ڪيائين ۽ پڻ راڳ لاءِ
خاص فقير مقرر ڪيائين. اهو نظام ۽ انتظام جيئن
پوءِ تيئن وڌندو ۽ وڌيڪ سهڻو ٿيندو ويو، تان جو
سندس زندگيءَ جي پوين سالن ۾ اهو سڄو نظام هر لحاظ
سان مڪمل طور پوري پابنديءَ سان هلڻ لڳو(1).
ان
وقت، جدا جدا ڪم هيٺينءَ طرح جدا جدا فقيرن جي
حوالي هئا:
ــــــ مائي گنگا جت، مائي صالحان تُنياڻي ۽ مائي
بُوئا وساڻ اندر حويليءَ ۾ خذمتگار هيون.
ــــــ عبدالواسع فقير سالارو، سکر فقير ڏيرو،
اسماعيل فقير سمون ڀينءَ پوري، فقير سيد نهال
شاهه، اسماعيل فقير ڏيرو، اَجن فقير ڏيرو، ڪمال
فقير سينهڙو، ورُو فقير عرف ’وڳنڌ‘، نور محمد فقير
ابڙو ڪاٺڙي مڪان جو، عمر فقير سهتو، فقير سيد
سائينڏنو موسيٰ پوٽو مٽياروي ۽ بچو فقير خاص حاضري
جا فقير هئا. عمر فقير سهتو، شاهه صاحب جو خاص
خادم هو جنهن کيس ننڍي هوندي نپايو هو. شاهه صاحب
جو هنڌ بسترو سيد سائينڏني جي حوالي هو ۽ هُو ئي
هنڌ وڇائيندو هو. بچو فقير ڪونئرو جهليندو هو.
عبدالجميل فقير انڙ شاهه صاحب جو مصلو ۽ تسبيح
سنڀاليندو هو ۽ نماز ۽ عبادت جو بندوبست سندس
حوالي هو.
ــــــ خليفو محمد عالم ڏيرو، شاهه صاحب جو ماسات،
ذڪر ۽ سماع جو نگران هو(2).
ــــــ سومر فقير لاڙڪ هڪ پهتل درويش هو جنهن کي
شاهه صاحب کان پيري مريدي جو ارشاد مليل هو: يعني
ته ڪو مريد ٿيڻ ايندو هو ته سومر فقير جي حوالي
ٿيندو هو. ٻيا فقير سندس وڏو ادب ڪندا هئا(3).
ــــــ عارف فقير ٿيٻو ٽنڊي الهيار (تعلقي) جو وڏو
عابد شخص هو ۽ نَون فقيرن کي عبادت جي ترغيب ڏيندو
هو ۽ نماز سيکاريندو هو.
ــــــ عنايت فقير وساڻ جَت ٿي ڪَجائي جو رسو
جهليندو هو.
ــــــ رحمون فقير بورچي هو.
ــــــ قاسم فقير حجام هو ۽ شاهه صاحب جي سنوارت
ٺاهيندو هو.
ــــــ احمد فقير سمون، گهَلين جو، شاهه صاحب جي
گهوڙي ’چنگل‘ جو سئيس ۽ گاهي هو.
ــــــ ونهيون فقير سالاراڻي جَت، ’موتي‘ ۽
’گردگان‘ يا ’کينهون‘ نالي ٻن ڪتن کي سنڀاليندو هو
(اُهي ننڍڙا گلر هئا جو شاهه صاحب ڪٿي ڏٺا ۽ بک
پئي مئا، سو ٻنهي کي کڻي آيو. ونهيون فقير انهن جو
خاص خذمتگار هو).
ــــــ محمد رحيم فقير، شاهه صاحب جو منشي هو ۽
لکپڙهه جو ڪم سندس حوالي هو.
ــــــ اُنهن کان سواءِ راڳائي فقير جدا هئا، جيڪي
حضرت شاهه صاحب کي نهايت پيارا هئا، ۽ جن جو ذڪر
اڳتي ايندو(1).
(1)
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جو مرتب ڪيل
”شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“، 1937ع
ڇاپو، ص، 9-10.
(2)
لطائف لطيفي (فارسي متن)، ص- 104.
(3)
مير علي شير قانع هن واقعي جو تاريخي
ماده ”يک مغل بـﮣ بود“ يا ”بود خبيث“
ڄاڻايو آهي. مرزا بيگ جي قبر، ميين ونهيين
جي مقام لڳ، شاهه قاسم بيگلار جي قبرستان
۾ موجود آهي جنهن تي اهوئي سال لکيل آهي.
(1)
شاهه لطيف جو مرزا بيگ جي حويلي ۾ دعا
لاءِ وڃڻ ۽ سيده بيگم جي چيچ جهلڻ واري
ڏندڪٿا نه فقط سنڌ جي تهذيب ۽ ريت رسم جي
خلاف آهي، پر شاهه لطيف جي اعليٰ ڪردار
(جنهن لاءِ سندس والد سالن جي توجهه سان
سندس خاص تربيت ڪئي هئي) جي پڻ ابتڙ آهي.
اصل ۾ مير علي شير قانع (محض شاهه لطيف جي
ڪرامت بيان ڪرڻ خاطر) ايترو لکيو ته ’اهو
مغل اڳ مخالف هو‘؛ پر ائين ڪونه چيائين ته
ڪو شاهه لطيف جي سندس حويليءَ ۾ اک هئي
انهيءَ ڪري هو مخالف هو. اها ڳالهه پوءِ
بنائي ويئي ۽ مير سانگي پهريائين ان کي
تحرير ۾ آندو ۽ پوءِ ٻين ان کي نقل ڪيو.
شاهه لطيف جي شاديءَ واري زندگيءَ جي
اهڃاڻن مان هن جڙتو بيان جي ڪلي طور تي
ترديد ٿئي ٿي. (ڏسو هيٺ)
(2)
مرزا قليچ بيگ شاهه جي شاديءَ جي سلسلي ۾
صحيح راءِ قائم ڪئي آهي ته ”شوق جي پٺيان
شادي ڪين ڪيائين.“ ”سندس بيبي
گهر واريءَ سان ...... اوتري محبت ڪانه
هوندي هيس. نڪا عشق پئي ڪا شادي ڪئي
هئائين. رڳو شرع شريف جي حڪم پوري ڪرڻ
لاءِ ڪم ڪار جي سهنج لاءِ شادي ڪئي
هئائين. شادي ڪرڻ به هڪڙي سنت هئي،
تنهنڪري هن روا رکي.“ (احوال شاهه
عبداللطيف ڀٽائي، ص ص 60-61).
(3)
مرزا قليچ بيگ، احوال شاهه عبداللطيف
ڀٽائي، ص 26؛ لالواڻي، انگريزي ڪتاب ’شاهه
لطيف‘، ص 21؛ دين محمد وفائي، لطف اللطيف،
ص ص 96، 98.
(1)
لطائف لطيفي، فارسي متن، ص- 127. باوجود
انهن اهڃاڻن جي، شاهه جي شاديءَ کي مير
سانگي ’افسانـﮣ عشق‘ ۽ ’عشق بازي‘ طور
منظوم ڪيو. نه فقط ايترو پر شاهه جي
گهرواريءَ بابت مير علي شير قانع جي ڏنل
اشاري کي محض عامي روايتن جي آڌار تي
وڌائي وڻ ڪيو، حالانڪ اهي روايتون سنڌ جي
ريت رسم توڙي شاهه جي اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار
جي ابتڙ هيون. مثلاً شاهه لطيف کي اندر
گهر ۾ دعا لاءِ وٺي ويا ته وڃي پرده دار
بيمار ڇوڪريءَ جي چيچ جهليائين، پوءِ سندس
پيءُ کي پِٽيائين ۽ پڻ سندس ننڍڙو ڀاءُ
مئو ته ڄڻ شڪر ڪيائين! (ڏسو ’لطائف
لطيفي‘، فارسي متن، ص، 59- 73).
(2)
مير عبدالحسين سانگي جنهن هي ڪتاب ڏٺو
هو، تنهن هن کي ’رسالو‘ ڪري ڄاڻايو آهي
جنهن ۾ ميين شاهه ڪريم جو احوال درج هو
(لطائف لطيفي، ص-122) مرزا قليچ بيگ ان کي
”شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو رسالو“ ڪري
لکيو آهي. غالباً انهن حوالن مان مراد
’بيان العارفين‘ ئي آهي.
(1)
”ميين شاهه عنات جو ڪلام“ (سنڌي ادبي
بورڊ، 1963ع) ۾ راقم هن موضوع تي تفصيل
سان روشني وڌي آهي (مقدمو، صفحا 89- 106).
ان وقت ميين شاهه عنات جي وفات جو سال
معلوم نه هو. پر پوءِ پڪيءَ طرح معلوم ٿيو
ته ميين شاهه عنات سنه 1133هه ۾ وفات ڪئي.
(2)
”شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“،
سنواريندڙ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو،
1937ع.
(3)
راقم سان 17 جنوري 1959ع تي، مولوي محمد
صلاح جي اولاد مان، ميين عبدالله (عمر 89
سال) هي حقيقت بيان ڪئي ۽ ٻڌايائين ته
مولوي محمد صلاح جي ان باري ۾ تحرير به هن
ڏٺي هئي.
(1) ’لطائف لطيفي‘، فارسي متن، 1967ع،
صفحو 69، ۽ پڻ 42- 43 ۽ 36. ساڳيءَ طرح
”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (1972ع
ڇاپو) ۾ مرزا قليچ بيگ هڪ جاءِ تي لکيو ته
مرزا مغل جي حياتيءَ ۾ ئي سندس اڻبڻت ۽
ايذاءَ کان ڪوٽڙيءَ مان لڏي وڃي ڀٽ تي ڳوٺ
ٻڌائون (ص- 34). ۽ ٻيءَ جاءِ تي ڄاڻايائين
ته ”پيءُ جي مرڻ کان پوءِ سگهوئي شاهه
عبداللطيف لڏي اچي ڀٽ تي ويٺو“(ص- 38).
وري هڪ جاءِ تي چيائين ته شاهه صاحب ڀٽ تي
هو جو گُلان کي دعا ڪيائين (ص- 86) ته
ٻيءَ جاءِ تي آندائين ته آخري عمر ۾ ڀٽ کي
وسايائين(ص- 36)- سندس انهن بيانن ۾ تضاد
آهي. لالواڻي پنهنجي انگريزي ڪتاب ’شاهه
لطيف‘ (ڇاپو 1890ع) ۾ شاهه جي شاديءَ جي
بيان بعد لکيو ته هو پاڻ اچي ڀٽ تي رهيو ۽
گهڻو وقت اُتي گذاريندو هو، حالانڪ سندس
گهر ٻار ۽ والد ڪوٽڙيءَ ۾ هئا. هو پنهنجي
والد کي ”ڀٽ تي لڏي اچڻ لاءِ مڃائي نه
سگهيو. اهو معلوم ناهي ته شاهه لطيف ڪڏهن
اچي ڀٽ تي (گهر ٻار ڪري) ويٺو، پر (ڀٽ تي)
سندس مريدن (لالواڻي کي) ٻڌايو ته شاهه
صاحب سندس والد جي فوت ٿيڻ ۽ ڀٽ تي دفن
ٿيڻ بعد لڏي آيو“(ص- 13)
(2)
’سيد کـﮣ بر ڀٽ شريف آستانه تجويز کرده
است“ (لطائف لطيفي، فارسي متن، ص-86).
ميان غلام شاهه جي ولادت جي تاريخ في
الحال اسان جي آڏو موجود ناهي، پر اهو
تاريخي طور ثابت آهي ته سنه 1152هه ۾ نادر
شاهه بادشاهه جڏهن ميان نور محمد خلاف سنڌ
تي چڙهيو پئي آيو ته ميان نورمحمد پنهنجي
طرفان اڳواٽ صفائي خاطر صاحبزادي غلام
شاهه کي نادر شاهه جي خدمت ۾ موڪليو هو.
ان وقت ميان غلام شاهه وڏو هوندو نه ته به
ڪم از ڪم سندس عمر پندرهن سورنهن سال کن
هوندي، جنهن مان پڻ اهو گمان ٿئي ٿو ته
سندس والده مائي گُلان سنه 1135هه ڌاري ڀٽ
تي شاهه صاحب جي خذمت ۾ اچي ڳايو هوندو.
(3)
ڇاڪاڻ جو انهي موضوع بابت جيڪي بيان سانگي
(1888- 1880ع ڌاري) ’لطائف لطيفي‘ ۾ آندا
آهن سي گهڻو ڪري سڀ کيس وڏيري عبدالله
شوري ٻڌايا. هڪ جاءِ تي سانگي سَنَد سان
بيان ڪيو آهي ته هن وڏيري عبدالله (عمر 55
سال) کان ٻڌو جنهن (هلندڙ) پنهنجي
والد وڏيري رستم (عمر نوي سال) کان ٻڌو
جنهن سندس پيءُ وڏيري قلندر شوري کان ٻڌو،
جنهن اُٺيون چاريندي شاهه لطيف کي ڀٽ تي
وڻن ۾ ويٺل ڏٺو هو ۽ کيس کير پياريو هو.
ان بعد جڏهن شاهه صاحب ڀٽ واري ماڳ کي
هموار ڪري ٺهرائي سهڻو پئي ڪيو تڏهن پڻ
قلندر پنهنجي پيءُ وڏيري صاحبڏني سان گڏجي
اُتي ويندو هو (لطائف لطيفي، فارسي متن، ص
144- 145).
(1)
ڄاڻو فقيرن وٽ جتي ڪٿي راقم هيءُ بيت
(ذرا مختلف پڙهڻين سان) ٻڌوجيڪو ’متفقه
زبانين موجب‘ هن موقعي تي شاهه صاحب
پڙهيو. مير عبدالحسين خان سانگي هن واقعي
بابت جيڪا روايت قلمبند ڪئي آهي، سا شاهه
حبيب ۽ شاهه لطيف جي پيار ڀريي ناتي جي
سراسر ابتڙ آهي. ان روايت موجب، شاهه حبيب
جي بيماريءَ وقت شاهه لطيف ڀٽ تي هوئي
ڪونه ۽ هو ڪوٽڙيءَ ۾ رهيو پيو هو. انهيءَ
تي شاهه حبيب ڏانهس ڏوراپي جو بيت چوائي
موڪليو، جنهن جي جواب ۾ وري پاڻ به بيت
چوائي موڪليائين، پر آيو ڪونه
. ان جو سبب اهو ڄاڻايو ويو آهي ته شاهه
عبداللطيف رضا الاهي تي راضي رهڻ جو عهد
ڪيو هو سو چيائين ته: ”جي آءٌ ويندس ۽
والد کي فوت ٿيندي ڏسندس ته مون کي ڏک
ٿيندو، جيڪو ڪيل عهد جي خلاف ٿيندو.“ (ڏسو
لطائف لطيفي، فارسي متن، صفحا 42- 43).
(1)
حضرت پيران پير کان اڳتي سندس پنهنجن
مرشدن مشائخن جو هي خاص سلسلو حضرت علي
رضه سائين تائين پهچي ٿو. ان کان سواءِ
قادري طريقي ۾ حضرت پيران پير جي مرشدن
مشائخن جا ٻيا سلسلا حضرت ابوبڪر صديق
رضه ۽ ٻين اصحابن ڪرامن تائين
پهچن
ٿا. مير عبدالحسين خان سانگي ’لطائف
لطيفي‘ ۾ (صفحا 23- 24) شاهه صاحب جو
قادري طريقت ۾ هي سلسلو ويندي حضرت علي
رضه تائين ڏنو آهي پر هن پهرئين
ڀاڱي ۾ کانئس ڪي نالا رهجي ويا آهن. هي
ڀاڱو مٽيارين جي عالم فاضل مشتاق متعلوي
جيئن لکيو آهي تيئن ڏنو ويو آهي. مولوي
دين محمد وفائي مرحوم پڻ ان کي ئي ’لطف
اللطيف‘ (صفحه 31- 32) ۾ نقل ڪيو آهي.
(1) راقم، شاهه صاحب جو هيءُ
خط مخدوم معين جي جواب جي اختصار سميت
رسالي ”نئين زندگي“، نومبر 1953ع ۾ ڪجهه
وڌيڪ تفصيل سان شايع ڪيو آهي ۽ اُتي ڏسڻ
گهرجي. ’رساله اويسيـﮣ‘ جو اصل قلمي نسخو
راقم کي پير جهنڊي جي وڏي ڪتبخاني ۾
دستياب ٿيو.
(1) مير سانگي جي هڪ روايت موجب، شاهه
صاحب جي زندگي جي پوين ڏهن سالن ۾ هيءُ
سڄو نظام قائم ٿيو (لطائف لطيفي، فارسي
متن، ص- 181)، پر سانگي جي پنهنجي ئي
ڪيترن بيانن توڙي ڪن ٻين حوالن مان تصديق
ٿئي ٿي ته شاهه صاحب جي ڀٽ تي لڏي اچڻ سان
ئي فاقيري نظام جي شروعات ٿي. البت هن
نظام جي تڪميل ۽ پوري پابندي شاهه صاحب جي
زندگيءَ جي پوين پنجن کن سالن ۾ ٿي، جڏهن
هو ٻاهر مسافرين تي وڃڻ بدران گهڻو وقت
سڄو ڀٽ تي ئي گذارڻ لڳو.
(2)
يعني محمد عالم ڏيرو ’وڏو‘ جيڪو اڳ ٿي
گذريو. هن پوئين ويجهي دور ۾ حاجي عالم
ڏيرو راڳائي هو جنهن اول ميين حسين کان ۽
پوءِ ٽنڊي غلام حيدر جي فقير حافظ چاڪي
کان راڳ سکيو. هن پوئين محمد عالم جو
ٻالڪو غلام دين آريسر ٿيو جيڪو تند جو وڏو
قابل هو.
(3)
عام مڃيل ۽ مشهور روايت موجب سومر فقير
لاڙڪ اتر جو هو ۽ خانپور (لڳ شڪارپور) جو
ويٺل هو. مير سانگي جي لکڻ موجب، سومر
فقير پير پٺي کان 7 ڪوهه پري خانپور جو
ويٺل هو.
(1)
مير عبدالحسين سانگي ’لطائف لطيفي‘ (169-
171) ۾ تفصيل سان فقيرن جا نالا ڏنا آهن.
راقم به ڀٽ تي حسين بخش فقير لاڙڪ وٽ
موجود ’شرح لطيفي‘ (نالو ائين) تان ”ڌڻي
بخش فقير“ جو (تازو ويجهي وقت ۾) اتاريل
نالن جو تفصيل، 4- آڪٽوبر سنه 1955ع تي
ڏٺو ۽ نقل ڪيو.
|