سُر ديسي
داستان
پهريون
1
مُٺِيَسِ جهَلِ مَهَارَ، ڪُٺِيَسِ ڪاهِ مَ ڪَرَهو
مون نِماڻِيءَ جي نِجهُري، ڀيرو ڪِجِ ڀَتارَ
ساجَنَ توهان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينہُ قِيَامَ جو.
[1465]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي آزي نيزاري) او پنهل سائين! آءٌ مصيبت
۾ پئجي ويس (آءٌ جيئري مري ويس)، تون اٺ کي هلڻ جو
اشارو نه ڪر، آءٌ وڍجي ويس (لٽجي ۽ برباد ٿي ويس).
تون اٺ کي هڪلي اڳتي نه وڌ. (اهڙي ڏاڍائي نه ڪر)
اي منهنجا ساجن! (ڀلائي ڪري) هن مسڪين جي گهر ڏي
موٽي اچڻ جي مهرباني ڪر. تو کان سواءِ منهنجي لاءِ
نسوري قيامت جي گهڙي آهي.
[هن بيت جي پس منظر لاءِ مثنويءَ ۾ ’مجنون ۽ سندس
ڏاچي‘ جو حوالو ضروري آهي:
هڪ دفعي مجنون ليليٰ سان ملڻ لاءِ پنهنجي ڏاچيءَ
تي روانو ٿيو، جڏهن ته ان جي ڦر کي گهر ۾ ڇڏي آيو
هو. مجنون تي ليليٰ جي محبت سوار هئي، تنهن کي خبر
ئي نٿي پيئي ته ڏاچي اڳتي هلي رهي آهي يا پوئتي.
هوڏانهن ڏاچيءَ کي جڏهن پنهنجي ڦر جي محبت ياد ٿي
آئي ته اها گهر جي طرف پٺتي ٿي ويئي. ائين چند
ڏينهن جو فاصلو سالن ۾ نه نبريو. آخر مجنون لاچار
ٿي پاڻ کي ڏاچيءَ تان ڪيرايو ته جيئن پنڌ وڃي
ليليٰ وٽ پهچي! ان مرحلي تي روميءَ جو انداز بيان
ڏسو:
نيست بر وفق من مهر و مهار،
کرد بايد از تو دوري اختيار.
معنيٰ: اي ڏاچي، تنهنجي محبت ۽ مهار ٻيئي منهنجي
محبت جي برخلاف آهن. تنهنڪري توکان پري ڀڄڻ گهرجي.
سرنگون خود را ز اشتر درفگند،
گفت سوزيدم ز غم تا چند چند.
(دفتر چهارم، ب- 1543 ۽ 1555)
معنيٰ: اهو حال ڏسي مجنون پاڻ کي اٺ تان هيٺ
اڇلايو ۽ چوڻ لڳو، مان تنهنجي ڪري ايڏي غم ۽ مصيبت
۾ مبتلا آهيان]
2
ڏاگهَنِ، ڏيرَنِ، ڏُونگرَنِ، ٽِنهِين ڏِنَمِ ڏُکَ
سي سَڀَ ڀانيَمِ سُکَ، هيڪاندِ ڪارَڻِ هوتَ جي.
[1466]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) مون کي هڪ هوت پنهونءَ جي اٺن، ٻيو
هن جي ڀائرن ۽ ٽيون جبلن ۽ پهاڙن ڏک ئي ڏک ڏنا
آهن. ليڪن مون اهي سڀ جو سڀ هوت پنهل سان ملڻ خاطر
سُکن برابر پئي سمجهيا آهن.
3
وِئا وَرائي جيڏِيُون مون ڏُکِيءَ کي ڏُکَ
ويٺِي ساريان سُکَ، هيڪاندِيءَ هُئام جي.
[1467]
سمجهاڻي:
اي جيڏيون سرتيون! مون کي ڏک ئي ڏک وڪوڙي ويا آهن
(مان ڏکن عذابن جي حوالي ٿي ويئي آهيان). انهيءَ
ڪري اهي سک ۽ خوشيون پيا ياد اچن، جيڪي پنهونءَ
سان گڏجي مون کي نصيب ٿيا هئا.
4
ڏاگهَنِ، ڏيرَنِ، ڏُونگَرَنِ، ڏُکَنِ آءٌ ڏَڌِي
پُڇان پيرُ پُنهونءَ جو وِجهان وِکَ وَڌِي
لکيي آءٌ لَڌِي، نا تَه پَٽَنِ ڪيرُ پَنڌُ ڪَري.
[1468]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) اٺن، ڏيرن ۽ پهاڙن مون کي هر قسم
جا آزار ۽ عذاب ڏنا آهن، پر تڏهن به آءٌ پنهونءَ
جي ڳولا ۾ جيئن پوءِ تيئن اڳتي پيئي هلان ۽ تيز
تڪڙي پيئي پنڌ ڪريان. مون سان قسمت اچي ائين ڪيو
آهي يا لکيو اچي منهنجي مٿان بيٺو آهي، ڇو ته
هونئن هن برپٽ ۽ وڏن ميدانن ۾ ڪير پنڌ ڪري ها.
5
ڏاگها ڪِيمَ ڏَرو، اَهنجو آرياڻِي اَڳي ٿِيو
موڙي مَڃَر ٽارِيُون چانگَا ٿا چَرو
آن تان حَرَفُ هَرو، مُورائِين مَعافُ ٿِئو.
[1469]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جو اٺن سان خطاب)اي اٺؤ! توهان ڊڄو نه،
توهان جو آرياڻي اڳواڻ آهي (اڳيان آهي). توهان ڀلي
مڃر (ڪنڊيءَ) جي وڻن جون ٽاريون ۽ ٻور کائو. توهان
تان ميار وارو حرف (ته مون سان ڊوهي ڪرڻ ۾ شامل
هئا) ۽ عتاب لهي چڪو آهي (نفس لوامه جي حالت).
6
اَڱڻَ مَٿي اوپَرا، جَڏهِن ڏاگها ڏِٺَئه ڏِينہَن
وَٺِي سَرَڪَ سَسُئِي، ويههُ وِهاڻِيءَ سِينئن
چوٽِي سِين چانگنِ کي، جَڙ زَنجِيرَنِ جِيئَن
ته هوتُ تُنهنجو هِيئن، پُنهون نه نِيائون پاڻَ
سِين.
[1470]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ کي هدايت) اي سسئي! تو جڏهن ڏينهن جو
پنهنجي گهر جي ميدان تي اجنبي اٺ ڏٺا هئا، تڏهن
تون رات جي پوئين پهر تائين هنن جي مهار کي سوگهو
جهلي ويهي رهين ها. بلڪه پنهنجي چوٽيءَ جي وارن
سان انهن کي زنجير وانگر ٻڌي ڇڏين ها. اهڙيءَ صورت
۾ هو تنهنجي هوت پنهل کي ائين کڻي غائب ٿي نه وڃن
ها.
7
اَڱڻَ مَٿي اوپَرا، جَڏِ ڏاگها ڏِينہَ ڏِٺاءِ
ڪُنجِيون جي ڪُرِفَنِ جِيون ڪِنہِ جِنہِ لَلِ
لِڪاءِ
وَٺِي پاندُ پُنهونءَ جو، ويهِي راتِ وِهاءِ
ته صُبحَاڻِي سَندياءِ، ٿِئي سارُوڻِي سَسئِي.
[1471]
سمجهاڻي:
اي سسئي! جڏهن ڏينهن جي وقت پنهنجي اڱڻ تي تو اهي
اجنبي اٺ ڏٺا، تڏهن ڪوٺين وارن ڪُلفن جون ڪُنجيون
ڪنهن حيلي سان لڪائي پاڻ وٽ رکين ها. تون پنهونءَ
جو پاند پڪڙي سڄي رات اوجاڳو ڪري گذارين ها، ته
صبح جي وقت توکي ضرور سجاڳي ٿئي ها ۽ تون انهيءَ
غفلت جي ننڊ ۾ سُتل نه هجين ها.
8
اڱڻَ مَٿي اوپَرا، جَڏهن ڏِٺَئه اُٺَ
ڏانيَهءِ نه ڏاگهَنِ کي، اوڳِي ساڻُ اَڳٺَ
ته هُوندَ نه تُنهنجي هَٺَ، سُورَ پِرايا سَسُئي.
[1472]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ کان پڇاڻو) اي سسئي! تو جڏهن پنهنجي اڱڻ
۾ اهي ڌاريا اُٺ ڏٺا، تڏهن تو (سُستي ڪئي). انهن
کي سنهي رسيءَ سان ئي ڏانوڻ ٻڌي ڇڏين ها، ته جيڪر
تو کي پنهنجي جسم واسطي ايڏا ايذاءُ سهڻا نه پون
ها (نفس جي اصلاح ۾ تو غفلت ڪئي).
9
اَڱڻَ مَٿي اوپَرا ڏِٺَئِي جَڏ توڏا
وَنگِيَئِي نه وارَنِ سِين، تَنِ گورَنِ جا گوڏا
ته لَڪَنِ جا لوڏا، هوندَ نه سَٺَئِه سَسُئِي.
[1473]
سمجهاڻي:
اي سسئي! جنهن وقت تو پنهنجي پڌر ۾ اهي ڌاريا (اڻ
هيريل) جوان اٺ ڏٺا، تڏهن تون پنهنجن وارن جي چڳن
سان انهن جي گوڏن کي وڪوڙي ٻڌين ها، ته جيڪر جبلن
۽ رڻن جا رولا ۽ ڌڪا ٿاٻا نه کائين ها.
10
ڏاگهنِئُون ڏيرن، جي آندا ٻَڙڌَ ڀَنڀورَ ۾
هَڻي چيلهه چَرا ڪِئا، وَهِ پَئي وَهُڙَنِ
کُريءَ کُڙِڪو اُنِ جو، هوندَ سُتي سُئو سَڀِنِ
ڏاندَن ساٿ سَيدُ چَئي پيادِيُون پَهُچنِ
جَنِ جو پيرُ نه لَڳي پَٽيين، تَنِ آيَمِ ساڻُ
اُٺَنِ
گُنگَنِ ۽ جُنگَنِ، مُنڌَ اَسُونهِين ميڙئِين.
[1474]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي سوچ) جيڪڏهن هوت پنهونءَ جا ڀائر اٺن
جي بجاءِ ڍڳن تي چڙهي اچن ها، ته اهي ڏاند (هڪ ته)
پنهجن زورائتن کُرن سان زمين ۾ کڏون ڪري ڇڏين ها
(جنهنڪري انهن جي پيرن جا نشان، اٺن جي مقابلي ۾
چٽا رهن ها) ٻيو، ته انهن جي کُرن يعني پيرن جي
هلڻ جو آواز ٿئي ها، جيڪو سڀني ستلن وانگر آءٌ به
ٻُڌان ها. ٽيون ته ڏاندن سان پنڌ ۾ وري به پيادو
پهچي سگهجي ٿو (اٺ تيز هلن ٿا، جن سان پيادو نٿو
پهچي سگهجي). پر منهنجا ڏير اهڙن تيز اٺن تي چڙهي
هليا، جن جي پيرن جو زمين تي نشان ئي نٿو بيهي
(هڪڙا تيز اٺ ٻيو ته پٽ تي پيرن جو نشان ئي ڪونه
بيهي يا جلدي ڊهي وڃي). (اي مالڪ سائين!) هيءَ
ويچاري عورت جيڪا رستي کان واقف به ناهي، سا شال
اُٺن ۽ اوٺين يعني سڄڻن جي ساٿ سان ملائين (نفس جي
چالاڪين ڏانهن اشارو).
11
اَڳي اُٺَ رَڙنِ، مون ڀيري ماٺِ ٿِي
پَلاڻِيندي پاڻَ ۾، ڪُڇئو ڪِينَ ڪُٺَنِ
ڪا جا مامَ مُٺَنِ، هِنِ پُڻ هُئِي هُنِ سِين.
[1475]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) هُونئن هميشه (هلڻ وقت) اُٺ پيا
آواز ڪندا آهن، پر جڏهن منهنجو وارو آيو ته اهي
بلڪل خاموش رهيا (ڪو آواز نه ڪيائون). جڏهن اٺن تي
پلاڻ ٿي ٻَڌائون (هلڻ جي تياري پئي ڪيائون) تڏهن
به انهن ظالمن ڪا دانهن نه ڪئي. معلوم ٿو ٿئي ته
هن باري ۾ ڏيرن جي هنن بدبختن اٺن سان ڪا ڳجهي
صلاح مصلحت هئي.
12
ڇا جي ڏِنگا ڏيرَ، مُنهنجو ڏِينہُ ڏِنگو مَ ٿِئي
اُٺَنِ اوٺِيئَڙَنِ جِي، ڇا وَهِيڻو ويرُ
هِيءَ ڪَمِيڻي ڪيرَ، جا اَمُرَ کي آڏِي ڦِري.
[1476]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) ڇا ٿي پيو جيڪڏهن منهنجا ڏير ڏکيا
(خراب) آهن (يا ڏير وري ڪهڙا ڏنگا آهن!) شل،
منهنجو بخت يا نصيب ڏکيو (خراب) نه ٿئي. ائين اٺن
(جانورن) توڻي اٺن هڪلڻ وارن جي وس ۾ ڪهڙو وير يا
بدلو ٿي سگهي ٿو (اهو انهن جي هٿ وس کان ٻاهر
آهي). بس، اهو سڀ خدا جو حڪم يا قضا آهي، جنهن کي
هيءَ عاجز (تڇ) عورت ڪيئن ٿي بدلائي سگهي يا اُن
کان بچي سگهي.
13
جَتَنِ جا جيڏِيون، هُئَڙَمِ سُکَ سَرِتِيُون
پاندُ نه ڇَڏِيان پِرينءَ جو، جي هوتُ ڪَري
هيڏِيون
مُون ڪَميڻيءَ ڪيڏيون، اُميدُون اَصِيلَ سين.
[1477]
سمجهاڻي:
اي سرتيون! مون تي هوت پنهونءَ وارن جا وڏا ٿورا ۽
گهڻيون ئي ڀلايون آهن. انهيءَ ڪري ڇا به هجي، مون
سان ڇا به ٿئي، پر پنهنجي پنهونءَ سان واسطو ختم
نه ڪنديس. (توهان کي اندازو ناهي) مون ڪمذات کي هن
اصلي آري ڄام ۾ ڪيڏيون وڏيون اُميدون ۽ آسرا آهن!
[رومي پڻ هيئن چوي ٿو:
خاطر مجرم زما ترسان شود،
ليک صد اُميد در ترسش بود.
(دفتر سوم، ب-4381)
معنيٰ: عشق جي ماريل جي دل ڪيترن وسوسن ۾ مبتلا
آهي، پر ساڳئي وقت انهيءَ خوف ۽ ڊڄڻ ڪري سندس دل ۾
سوين اميدون به آهن.]
14
جَتا شالَ جِئو، جِئو ٿا جاڙُون ڪَريو
ٻانڀَڻَ جو ٻَروچَ ري ٻيلي ناه ٻِئو
ڇِنَڻُ تان نه پِئو، هيءُ سَڱ نه ڇِنَڻَ جِهَڙو.
[1478]
سمجهاڻي:
(سسئي دعا ٿي ڪري) اي جتئو! شال وڏي عمر ماڻيو،
ڀلي جيئرا رهي مون کي تڪليفون ۽ ايذاءَ پهچايو!
(ڇا به هجي!) هن ٻانڀڻ عورت (سسئيءَ) جو هوت پنهل
کان سواءِ ٻيو ڪو ساٿي ۽ ساڻي ڪونهي. (ڇو ته) هيءُ
منهنجو اهڙو ڳانڍاپو آهي، جيڪو ڪڏهن به ٽوڙڻ ۽ ختم
ڪرڻ جهڙو ناهي.
15
جَتَنُ ڪِجِ جَتَنِ جو، آيا ڪِين اِيندا
وَٺِي پُنهون پانهنجو وَٽان تو وِيندا
دَمُ نه دَمِيندا، سِڌارِيندا ساڻيههَ ڏي.
[1479]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ کي صلاح) اي سسئي! تون اُنهن جتن واسطي
(اڳ ۾) سوچي سمجهي جوڳو بندوبست ڪر (جئن هو
پنهونءَ کي توکان الڳ ڪري نه سگهن)، ڇو ته هو ضرور
ايندا يا اچڻ وارا آهن ۽ هو اچي پنهنجي پنهونءَ کي
تو وٽان وٺي ويندا. هُو گهڻي دير نه ڪندا ۽ پنهنجي
ديس روانا ٿي ويندا.
16
جَتَ هَڏهِين هُتِ، مون هِت هِينڙي حَلُ ٿِئا
چَنگَلَ جَنِي چَؤڦرا، راحَتَ تَنِ جِي رُتِ
گُنگَنِ جي گُپَتِ، ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرين.
[1480]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) منهنجا جت (هوت پنهونءَ وارا ٻئي
هنڌ نه) پنهنجي ديس ۾ آهن، پر هو منهنجيءَ دل ۾
گهر ڪري ويٺا آهن (دل کان جدا
ناهن). هُنن
جا اٺ پليل ۽ ڀريل رانن وارا آهن ۽ انهن جي صحتمند
بيهڪ ۽ بناوت دل کي وڻندڙ آهي. مون کي انهن اٺن جي
ويساهه گهاتيءَ يعني خاموشيءَ پهاڙ جي پنڌن
جي حوالي ڪري ڇڏيو.
17
جَتَنِ وِڌيسِ جارِ، نا تَه هُيَسِ نِماڻي نِڪَڻي
ٿئا پاڻَ قَرارِ، مُون مَنُ گَڏي گُوندرين.
[1481]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي دانهن) جتن مون کي جنجال (مصيبت) ۾
وجهي ڇڏيو، ورنه آءٌ عاجز اڪيلي عورت هيس. هُو پاڻ
وڃي سکيا ۽ سولا ٿيا، پر مون کي غم ۽ الم ڏيئي
ويا.
18
ڄاڻان جي جَتَنِ، پوءِ پٽاندَرُ هيتَرو
آءٌ ڪِئن مُلا تَنِ، سَرتيون سُورَ پِرائِيَان.
1482]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي سوچ) ڪاش! آءٌ جتن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي
سڃاڻي وٺان ها، ته آخر ۾ ان ڳالهه جو ڪهڙو نتيجو
نڪرندو (آءٌ ڏاڍن ڏکن ۾ پئجي وينديس). اي ڀينر!
پوءِ آءٌ ڇو انهن جي ويجهو وڃي سوز ۽ فراق حاصل
ڪريان ها!
19
جَتَنِ جارانو، ڪيچِينِ مون سِين ڪونَه ڪِئو
نالي سُيَسِ نِيہَ جي، مَٿمِ بارانو
تيلاهِين طَعنو، ڏيئِي مون ڏيرَ وِئا.
[1483]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي ٻڌائي) جتن مون سان دوستيءَ وارو ناتو
ڪونه نباهيو (مُٺن مون سان خيرخواهي نه ڪئي). آءٌ
هنن جي نينهن سان نروار ٿي ويس ۽ پنهنجي سر تي اهو
بار کڻي پيئي هلان (ٻانهپ ۽ غلاميءَ ۾ پيئي
ڳَهان)، پر تڏهن به منهنجا ڏير مون کي طعنا ۽ مهڻا
ڏيئي هليا ويا.
20
گورا وَڃنِ گامَ، ڏيرَن سندا ڏيههَ تي
توڏَنِ جِيون تَڙَ ڀيڙَ ۾، تَريون تِرڪَنِ تان مَ
اوٺِيئَڙَنِ آرامَ، لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئا.
[1484]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي دعا) شل هنن ڏيرن جا نوخيز اٺ تيز ۽
تکا هلي (خير سلامتيءَ سان) پنهنجي ديس پهچن. سندن
اٺن جا تيزيءَ سان (تمام تکو ۽ تڙتڪڙ ۾) هلڻ سبب
پير نه ترڪن ۽ نه ٿاٻڙجن. ائين شال هو پٻ جبل مان
آرام سان گذري وڃي پنهنجي ماڳ رسن.
21
گُسڙِ ٿِئي مَ گَسُ، پَڻِي پوءِ مَ پِرينءَ تِي
جِنہِ سَرِ ساجَنُ سُپِرِين، تِنہِ اُٺَ مَ لَڳي
اُسَ
پُنهون پاڪ پُرِسَ، هوتَ نه ڪَجَنِ هيڏِيُون.
[1485]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي تمنا) شل واٽ تي مٽيءَ جي رؤ ۽ دز يا
جيڪا ڊُسڙ اڏامي، سا منهنجي پرينءَ جي مٿان نه
پوي. منهنجو سهڻو ساجن جنهن اٺ تي سوار آهي، شل ان
کي به اُس ۽ گرمي نه لڳي. اي منهنجا پنهل سائين!
پاڪ خصلتن وارا انسان ! توکي ايتري ڏاڍائي نٿي
جڳائي.
22
لَڏِيندي لِباسُ، جَتَنِ جيڏوئِي ڪَيو
اَچي آريءَ ڄامَ جو وَڻَ وَڻَ منجهان واسُ
مِرو کِينمِ ماسُ، هَڏ هَلندا هوتَ ڏي.
[1486]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) اٺن جي مالڪن ڀنڀور مان هلندي وڏي
نموني وارا ويس وڳا ڪيا (پاڻ کي لڪايائون). مگر
مون کي واٽ سان ويندي هر ڪنهن وڻ منجهان پنهونءَ
جي خوشبوءِ پيئي اچي. جيتوڻيڪ منهنجو ماس يا گوشت
جهنگ جا جانور کائي چٽ ڪندا، پر پوءِ به منهنجي
بدن جا باقي بچيل هڏا پرينءَ ڏانهن ئي پنڌ ڪندا
هلندا.
وائي
ڏاگهَنِ ڏيرنِ ساڻُ، ڪَرَهَنِ ڪيچِين ساڻُ
متان ڪا ٻِي لَنئُه لائي
آءٌ سُتِي هُو هلِيا، وَئڙا ڪَرَهَلَ ڪاهي
آسَڻَ اَڳيان اُنِ جي، هِي ’ٻَرِ ٻَرِ‘ ڪِئو
ٻاڏائي
دُونهِين مُنهنجي دِلِ تي، وِئَڙا دوستَ دُکائي
آسَروَندِي آهيان، اِيندَمِ واڳَ وَرائي
چَتُرَ ڏيئِي چِتَ کي، وِئڙا هوتُ ڇَپائي
جيڪا هُينِ مَنَ ۾، وِئڙا پنهنجِي پَڄائي.
[1487]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي سرتين کي صلاح) اي ڀينر! اٺن ۽ اوٺين،
ڪيچين ۽ ڪنواٽن سان توهان مان ڪا محبت نه ڪري.
(توهان کي خبر آهي) هو مون کي ننڊ ۾ ئي ڇڏي پنهنجا
اٺ ڪاهي هليا ويا. مون هنن جي سامهون بيهي دل جي
سڪ ۽ سوز مان ڏاڍيون عاجزيون ۽ وينتيون ڪيون، اٽلو
هو منهنجي دل ۾ برهه جي باهه دُکائي نڪري روانا ٿي
ويا. ليڪن آءٌ وري به اميدوار آهيان، ته هو موٽي
مون وٽ ايندا. هو مون کي دڙ دلاسو ڏيئي (آسري ۾
رکي) منهنجي محبوب کي لڪائي کڻي ويا. اهڙيءَ ريت
هنن جي دل ۾ جيڪو مطلب هو، سو پورو ڪري ويا (مون
کان منهنجو محبوب کسي ويا).
داستان ٻئو
1
نالي نِماڻِي، ٻاجهارِي ٻَروچَ ري
ڪِئائِين سَڱُ سَيدُ چَئي، ڄامَنِ سِين ڄاڻِي
پاڻِ ته پَرِيٽاڻِي، ٿِيَسِ حِمايَتَ هوتَ جِي.
[1488]
سمجهاڻي:
سسئي هونئن ته (ذات ۽ نسب ۾ ئي) عاجز ۽ گهٽ هئي،
پر هوءَ پاڻ کي ٻاروچل تان قربان ڪرڻ واري هئي.
عبداللطيف چوي ٿو ته هن ڄاڻي واڻي
آري ڄام جي وڏي ذات وارن سان وڃي مائٽي ڳنڍي. هوءَ
ته هئي ئي کٽياڻي، پر هوت پنهل جي حمايت ۽
مهربانيءَ سان سندس مان مٿانهون ٿي ويو.
2
پُڻُ ٿا پَلاڻِين، اوٺِي اَڄُ اُٻاکَرا
پَہَ پارسِيُون پاڻَ ۾، ڏيرَ ڏِيهاڻِي ڏِينِ
هوتُ پُنهون ٿا نِينِ، ٻاروچِي ٻولِي ڪِئو.
[1489]
سمجهاڻي:
هو اٺن کي پلاڻي تيار ڪري هلڻ وارا آهن. پنهونءَ
جا ڀائر پاڻ ۾ بلوچڪي (پارسي) زبان ۾ راز واريون
ڳالهيون پيا ڪن. (هو ڪا سازش پيا سٽين) هو پاڻ ۾
ٻروچڪي ٻولي ڳالهائي، منهنجي هوت پنهل کي وٺي ٿا
وڃن.
3
پُڻُ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي گهڻو اُٻَاهَرا
هوءِ جي هَلَڻَ سَندِيُون ڳاهُون ڳالهائِينِ
مُون کي ٿا مارِينِ، سَڄَڻَ سَانبَاهِي ڪِئو.
[1490]
سمجهاڻي:
هُو اٺن کي هلڻ لاءِ تيار پيا ڪن ۽ ڏاڍي تڪڙ ۾
آهن. هو پاڻ ۾ راز وارن ڍڪيل لفظن ۾ پيا ڳالهائين
(جيئن آءٌ نه سمجهي سگهان، ته ڇا پيا چون). هو وڃڻ
جي تياري ڪريو، مون کي ماريو ٿا وڃن.
4
مِڙي مُنڌَ ڏي آئِيُون ساهيڙِيون سَهجا
”اَلسَفَرُ قِطعَةُ مِنَ النَارِ“، هارِي موٽُ
هِتا
سَڱ ”صِراطُ المُستَقِيمِ“، اَٿَئي تان نه اڳئا
ڪيچِي نِيندَءِ ڪِئا، جِئن تُنهنجو نِيہُ نِفَاقَ
سِين.
[1491]
سمجهاڻي:
سسئيءَ ڏي سندس هڪ جيڏيون سرتيون همدردي ۽
خيرخواهيءَ وچان گڏجي آيون ۽ کيس سمجهائڻ لڳيون،
ته اي نادان، ’سفر دوزخ جي پنڌ جو ٽڪرو اٿئي‘،
تنهنڪري، تون اِتان ئي موٽ. ’سڌي ۽ سنئين واٽ‘
وارو جوڙ اڳيان نه اٿئي. (تون پاڻ سڌي رستي سان
ناهين) توکي ڪيچي پاڻ سان ڪيئن وٺي ويندا، ڇو ته
تنهنجي پريت (اڃان تائين) ٻيائيءَ سان آهي.
5
جَڏهن ”ڪُن فَيَڪُون“ تَڏِ نِئو آرِياڻي اَرواحُ
اَنگُ اڳهين لِکئو منهنجو ميثاقاه
”مَن طلَبَ شَيئا وَجَدَ وَجَدَ“، اُتو علي شاه
اَڃان اِنَ حَدِيثَ جو آسَرو مون آهِ
پُنهونءَ جي پيزار تان مُنهنجو موتُ مُباحُ
سرتيون دُعا ڪِجاهُ، مانَ ميڙائو مُون ٿِئي.
[1492]
سمجهاڻي:
جڏهن ڪُن فَيَڪون (ٿيءُ ۽ پوءِ هر شيءِ ٿي پيئي)
جو الاهي آواز آيو، تڏهن کان منهنجو روح آرياڻيءَ
کڻي وڃي سوگهو ڪيو. ائين منهنجو رشتو منڍ کان ئي
يعني ميثاق جي ڏينهن کان آرياڻي سردار سان لکجي
ويو. حضرت علي سائينءَ جو قول آهي ته، ’جيڪو ڪنهن
شيءِ جي طلب ڪري ٿو ۽ ان لاءِ ڪوشش ڪري ٿو، ته اها
شيءِ کيس ضرور ملي ٿي.‘ مون کي انهيءَ قول جو وڏو
سهارو آهي. مان سمجهان ٿي، ته هوت پنهونءَ جي
پويان لڳي ان راهه ۾ مرڻ مون لاءِ برحق آهي. اي
سرتيون! مون کي دعا ڪجو، ته شال سڄڻ سان ملاقات
ٿئي.
[حضرت علي رضه ڏانهن منسوب مٿيون قول مثنوي روميءَ
۾ ڪيترين ڦيرين گهيرين سان ملي ٿو، هڪ هنڌ چوي ٿو:
هرکه رنجي ديد گنجي شد پديد،
هرکه جدّي کرد در جدي رسيد.
(دفتر اول، ب- 2047)
معنيٰ: جيڪو محنت ۽ تڪليف ڪري ٿو، ان لاءِ خزانو
ظاهر ٿئي ٿو. جيڪو ڪوشش ڪري ٿو، ان کي اها شيءِ
ملي ٿي).
6
سَڀا سِيَاهِي، آهي آرِيءَ ڄامَ ري
ڪَڏهن پَسبي ڪانه ڪا، رءَ لالَڻَ لالائِي
دُودُ دِلِ تان دُورِ ڪري ساجَنَ صَفائِي
”مَن لاشَيخَ لَہُ فَشَيخَہُ الشيطانُ“، اُن رِءَ
اُونداهِي
هُوءِ جا هَلي هيڪَلِي سا گِيرَبَ گَمائِي
”مَن يَمشِي فِي الطريق بِلا شيخَ کَمَنِ يَمشِي
فِي البَحَرِ بِلا سَفِينةِ“ اِهَڙِي اَوائِي
تِنہِ رِءَ تَوائي، ڪوڙين ٿِيَنِ ڪيتَرِيُون.
[1493]
سمجهاڻي:
آري ڄام کان سواءِ هر طرف اونداهي ۽ ڪاراڻ آهي.
انهيءَ سهڻي سڄڻ کان سواءِ ڪڏهن به روشنيءَ جي
دلڪش چمڪ ڪانه ڏسي سگهبي. اها محبوب جي حسن جي
تجلي (چمڪو) آهي، جيڪا دلين تان ڪاراڻ کي هٽائي
سگهي ٿي. ’جنهن جو روحاني رهبر ڪونهي، تنهن جو
رهبر شيطان آهي‘ مطابق ٻيءَ صورت ۾ اونداهي ئي
اونداهي آهي. ان حقيقت کي سمجهڻ کان سواءِ جيڪا
هيڪلي هلندي، تنهن کي غرور گمراهه ڪري ڇڏيندو.
اهڙيءَ طرح ’جيڪو مرشد رهبر کان سواءِ راهه وٺي
روانو ٿيندو ته اهو ائين آهي، جيئن ڪو ٻيڙيءَ کان
سواءِ سمنڊ ۾ سفر ڪري‘ يعني اهو بلڪل ڀُليل آهي.
مطلب ته مرشد جي رهنمائيءَ کان سواءِ ڪروڙين انسان
گمراهه ٿيو ۽ ڀٽڪيو وڃن.
[مثنوي روميءَ ۾ گهڻن هنڌن تي اها وضاحت ملي ٿي،
ته پير يا شيخ کان سواءِ طريقت جي سفر جو نتيجو
گمراهيءَ جي صورت ۾ نڪري ٿو. پير جي رهبريءَ کان
سواءِ اهو سفر طي نٿو ٿي سگهي.
پير رابگزين که بي پير اين سفر،
هست بس پر آفت و خوف و خطر.
(دفتر اول، ب- 2944)
معنيٰ: پير جو هٿ پڪڙ، ڇو ته پير کان سواءِ هي سفر
خوف خطرن سان ڀريل آهي.
هڪ ٻئي شعر ۾ چئي ٿو، ته جي ائين نه ڪندين ته
شيطان توکي گمراهه ڪندو.
گرنه باشد سايهءَ پير اي فضول،
بس ترا سرگشته دارد بانگ غول.
(دفتر اول، ب- 2946)
معنيٰ: اي بي سمجهه! جيڪڏهن تون پير جي ڇانو ۾ نه
آئين، ته توکي شيطان جو آواز ضرور گمراهه ڪندو.]
7
ڀِنِيءَ ٿا ڀَرِين، ساٿِينِ سَنڊَر هَٿَنِ ۾
ليڙَن جو لَطِيفُ چَئي، مون کي مَنجههُ نه ڏِينِ
هوتُ پُنهون ٿا نِينِ، اَڻ سُونهينءَ جو آجِڪو.
[194]
سمجهاڻي:
هُو (اٺن تي سفر ڪرڻ وارا) لڙيءَ رات جو پنهنجن
هٿن سان پاڻ پاڻيءَ ۽ سفر جي سامان وارا ٻورا پيا
ڀرين. عبداللطيف چوي ٿو، ته هو اٺن وارا مون
سسئيءَ سان (هلڻ بابت) ڪو راز ظاهر نٿا ڪن. هو
(ڳجهه ڳوهه ۾) منهنجي هوت پنهونءَ کي وٺي وڃڻ جي
تيارين ۾ آهن، جيڪو مون موڙهل جي آخري اميد ۽
اڪيلو آسرو آهي.
8
جاڳائي جَتَنِ، جي گورا گَسِ هلائِيا
پَهُتِي رءَ پَهاڙَ ۾، شالَ اُٺَ مَ آگهٽَجَنِ
سُونهان جي سَردارَ جا، سي توڏ مَ تَرَٽِجنِ
لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چَئي، لَنگهئو بَرُ بوتَنِ
تَنِ ڪِهَڙو غَمُ گُنگنِ، هوتُ حِماتي جَنِ جو.
[1495]
سمجهاڻي:
هنن اوٺين (اوچتو) ننڊ پيل اٺن کي جاڳائي راهه جو
سفر شروع ڪيو. شال هو پهاڙ ۾ پهچڻ کان اڳ (تيز هلڻ
جي ڪري) ٻُوساٽجي هيڻا نه ٿين ۽ اهي اٺ جيڪي ڄام
پنهونءَ کي کنيو ٿا وڃن، تن جا پير (هيٺان) زخمي
نه ٿين. عبداللطيف چوي ٿو، ته مالڪ جي مهربانيءَ
سان سڀئي اٺ برپٽ کي لنگهي اڳتي نڪري ويا. هونئن
به اهڙن اٺن کي ڪهڙي تڪليف ٿيندي، جن جو مددگار
هوت پنهون پاڻ آهي.
9
ڪيڙي ڪيچايَنِ، گورا گَسِ هَلائِيا
لَڙِئو چَڙهِئو چوٽيين، ڪَرئو ڪوهَ ڪَڙَنِ
لَتاڙي لَطِيفُ چَئي لَنگهِئو بَرُ بوتَنِ
تَنِ ڪِهڙِي چُڪَ چانگَنِ، هوتُ حِماتِي جَنِ جو.
[1496]
سمجهاڻي:
هنن ڪيچ وارن ننڍن نيٽن اٺن کي به پنڌ سيکاري
ڇڏيو، جيڪي هيٺ مٿي جبل جي چوٽين تي چڙهندي گهڻو
پنڌ ڪري وڌيڪ پختا ٿي ويا. عبداللطيف چوي ٿو، ته
اهڙيءَ طرح اهي اٺ سڄو برپٽ لنگهي ويا. (هونئن به)
اهڙن اٺن کي ڪهڙي هٻڪ يا رنڊڪ ٿيندي، جن جو مددگار
۽ واهرو هوت (اصلي مالڪ) پاڻ آهي.
10
اَڄُ پِه وَسائي اوٺيين، مَٿي مارَڳَ ماڪَ
پُنهون نِيائُون پاڻَ سِين، تاڙِيُون ڀَڃي طاقَ
”هَيهاتِ وَهَيهَاتُ“، سُڃي ٿِي اوطاقَ
چُڪِيءَ چوري چاڪَ، هاڙهي هوتُ هَلِي وِئا.
[1497]
سمجهاڻي:
اڄ پڻ اٺن (قافلي) وارن تي ساٿ واري رستي سان
ويندي مٿن ماڪ پيئي (صبح جو سوير اُس جو پوڻ). هُو
(ان کان اڳ ننڊ ۾ پيل) پنهونءَ کي در ڀڃي ڏاڍائي
ڪري (زبردستيءَ) پاڻ سان وٺي ويا. ’ڪيترو نه پري
هليا ويا‘جي چوڻيءَ موجب منهنجو گهر برباد ڪري
ويا. هُو ڪيچي مون مصيبت جي ماريل عورت جا ڦٽ تازا
ڪري، پاڻ هاڙهي طرف نڪري ويا.
11
هَي هَي ڪِئو هاءِ، ٿِي پاڻُ هَڻِي سِرِ پاهَڻين
لَڌائِين لَطِيفُ چَئي جُوءِ جَتن جي جاءِ
شُڪرُ بارَ سَنداءِ، سُٿاڻي ساٿِ مِڙِي.
[1498]
سمجهاڻي:
سسئي (واٽ ويندي سخت پريشانيءَ وچان) هاءِ هاءِ به
پيئي ڪري ۽ پٿرن سان پنهنجو منهن مٿو به پيئي هڻي
(هلندي هلندي پٿرن ۾ ڪري ٿي پوي). پر عبداللطيف
چوي ٿو، ته نيٺ اهو هنڌ جتان جتن جو ساٿ لنگهيو
وڃي، ڳولي لڌائين. اي مالڪ سائين! تنهنجا شڪرانا
بجا جو سسئي سولي جاءِ تي يا سولائيءَ سان وڃي ساٿ
(قافلي وارن) سان ملي.
12
ويٺِي ٻُڪي ٻافَ، جهولِي جهُڻِڪَ جهُنِي ڪِي
آيَسِ تَنِ اُٺَنِ سِين، جَنِ پيرَ دُڌا دَڙَ دافَ
لَنگهِئا لَڪَ لَطِيفُ چَئي، توڏا تَڙٻنگَ تافَ
ڪيرِ لَنگهيندِي ڪافَ، اِيءُ بَرُ بِرهَمَڻَ
باسِيو. [1499]
سمجهاڻي:
سسئي (رڻ پٽ ۾) جهولي جي گرم هوا (سوساٽ ۽ زوڪاٽ)
لڳڻ ڪري بيمار ٿي پيئي هئي ۽ هوءَ گرم هوا کي
پاڻيءَ وانگر جهٽي پئي پيئي (ڦڪي، پاڻي جو نه
هئس). هن جو واسطو اهڙن اٺن سان پيو، جن جي پيرن
جا ترا سگها ۽ ڳرا (مضبوط) هئا. عبداللطيف چوي ٿو،
ته اهي اڙٻنگ ۽ ارڏا يعني ڏاڍا زور وارا اٺ سڀ لڪ
۽ ميدان لنگهي ويا. سسئيءَ کان سواءِ دنيا ۾ ٻي
ڪابه عورت اهي ڏکيا جبل جهاڳي نه سگهندي، بيشڪ اهو
برپٽ ٻانڀڻ سسئي (عقيدت وچان) طئي ڪري ڏيکاريو.
[مثنويءَ ۾ سسئيءَ جي عشق ۽ ڪشالن سان ملندڙ جلندڙ
داستان بخارا جي عاشق جو آهي، جيڪو پڻ ساڳئي قسم
جي ڏک ڏاکڙن ۽ مصيبتن کي منهن ڏئي ٿو. رومي سندس
حالت بيان ڪندي هڪ هنڌ چوي ٿو:
آه سوزانش سوي گردون شده،
در دلِ صدرِ جهان مهر آمده.
(دفتر سوم، ب- 4387)
معنيٰ: هن عاشق جي ٻاڦ جهڙي گرم آهه آسمان تائين
وڃي پهتي هئي. تڏهن ته رحمت عالم کي مٿس ترس آيو.]
13
گئونرا هَلَنِ نه گَسَ ۾، دَوڪَ دَهِلِئا جِتِ
چَوسالَ ئي نه چَلَڻا، ٿِي تَنگ نِهاري تِتِ
سُوڌي اُت سَيدُ چَئي، پوءِ پانچارِئَنِ پَرِتَ
اِنَ اَڻانگي پَنڌَ جي، ڪا نيشَنِ پوءِ نِرِتِ
سَسُئِي وَڏي سَتِ، جا ايهِيءَ پَرِ پنڌُ ڪري
[1500]
سمجهاڻي:
(پهاڙن جو پيچرو ايڏو ڏکيو آهي جو) انهيءَ مشڪل
رستي ۾ ننڍا اٺ ته بلڪل هلي نٿا سگهن ۽ ٻن سالن جي
عمر وارا اٺ ڊڄي بيهي رهن ٿا. چئن سالن وارا به ان
هنڌ مٿي چڙهي لَڪن ۾ هلڻ وقت منهن موڙي بيهن
ٿا.عبداللطيف چوي ٿو، ته فقط پنجن سالن وارن اٺن
کي پنڌ جي پوري پروڙ آهي. اصل ۾ انهيءَ ڏکي پنڌ کي
نون سالن جا وڏا اٺ ئي منهن ڏين ٿا. انهن سڀني ۾
(ڏسبو ته) سسئي وڏي همت ۽ ارادي واري هئي، جنهن
اهو (ڏکئي ۾ ڏکيو) پنڌ ڪري ڏيکاريو.
14
بَرُ وَڏو، بارُ گهَڻُو، ويجهو نه وَڻڪارَ
لوچَڻَ جي لَطِيفُ چَئي، آ مَٿي مُنڌَ ميارَ
وَڻندُنِ ته وَڙ ڪَندا، نه ته اَڳينِ جي اختيارِ
ڪاڏِي ٿِئو ڪوهيارُ، ڪاڏي ٿِي هَٿَ کڻي.
[1501]
سمجهاڻي:
اڳيان برپٽ بيابان جو وڏو پنڌ آهي ۽ مٿي تي بار پڻ
گهڻو آهي ۽ ڀرپاسي ۾ ڪا وسندي ۽ آبادي به ڪانهي،
پر عبداللطيف چوي ٿو ته سسئي جي مٿان ڪوشش ڪري هلي
پهچڻ جي ذميواري آهي. باقي ڪيچين جو هونئن اختيار
آهي، جيڪڏهن خيال آين (روح ۾ رحم پين)، ته پاڻ
مرادو احسان ڪندا، نه ته مرضيءَ جا مالڪ آهن.
(سوچيو ته سهي) ڪوهياري دوست جو ديس ڪيترو پري آهي
۽ هيءَ سسئي ويچاري ڪٿي ويٺي آهي ۽ ڪٿي پهچڻ لاءِ
پيئي هٿ کڻي ٻاڏائي (مطلب ڪوهيارو ته تمام گهڻو
پري آهي).
وائي
جِيَسِ جِيَسِ وو جيڏيون، منهنجو لالَڻُ آيو پيهِي
لالَڻُ آيو پيهِي، وِئڙا سُورَ سَڀيئِي
ڳالهيون ڪَندِيَسِ ڳُجهِيُون، مُنہِ مُقابِلِ
ويهِي
کَٿُوريءَ بارُ ڀَري، ڏُونگَرَ آيَمِ
ڏيهِي.
[1502]
سمجهاڻي:
اي ڀينر! اي جيڏيون! آءٌ وري جيئري ٿي پيئي آهيان
(مان ڏاڍي خوش آهيان)، مون کي نئين حياتي ملي آهي،
منهنجو سهڻو ساجن منهنجي گهر اچي ويو آهي ۽ منهنجا
سڀ ڏک سور مٽجي ويا آهن. هاڻي آءٌ مخفي راز واريون
(دل جون) ڳالهيون هن سان آمهون سامهون ويهي ڪنديس.
منهنجو پنهون جيڪو پاڻ ڏونگر آهي (ڏونگر جيڏو وڏو
۽ اُتاهون آهي) سو مون وٽ پاڻ خوشبوءِ جا انبار
کڻي آيو آهي. هوت پنهونءَ راضي ٿي ڀڳل ٽٽل سورن
سان چُور سسئيءَ کي ڳنڍي ڇڏيو (وري صحيح سالم
ڪيو). هوت پنهونءَ جهڙي سردار سان هن نالائق جي
گستاخيءَ جي ڇا مجال آهي!
(لفظ شڪسته يا ’اشڪسته‘ بلڪل انهيءَ مفهوم ۾
روميءَ جو پسنديده اصطلاح آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:
پس شدند اشکسته اش اين صادقان،
ليک کو خود آن شکست عاشقان،
عاقلان اشکسته از اضطرار،
عاشقان اشکسته با اصد اختيار.
(دفتر سوم، ب-9 447- 71)
معنيٰ: جيتوڻيڪ اهي سچا انسان به پنهنجي مقصد ۾
شڪست کائي ويا آهن، پر هنن ۾ عاشقن واري شڪستگي
ڪٿي آهي؟ عقلمند مجبوريءَ جي ڪري شڪسته ٿين ٿا، پر
عاشق سو دفعا خود مختيار هجڻ جي باوجود شڪستگي
قبول ڪن ٿا.
هن سلسلي ۾ رومي هڪ حديث قدسي جو به حوالو ڏئي ٿو:
’انا عندالمنکسرة قلوبهم‘، يعني الله تعاليٰ
فرمائي ٿو ته: ’منهنجو مسڪن ڀڳل ٽٽل يعني عاجز ۽
نماڻيون دليون آهن.]
داستان ٽئو
1
اَللهَ اچَنِ اوءِ، جَنِ آئي مَنُ سَرَهو ٿِئي
پَسان مان پَر ڪَنهين جَتَنِ سَندِي جُوءِ
لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئي، سُڻيان هوتَنِ هُوءِ
گولي ٿِيان گُلبوءِ، جي سُڃاڻي ساٿَ ڌَڻِي.
[1503]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي دعا) الله ڪري اهي (دل گهريا) دوست اچن
جن جي اچڻ سان مون کي دلي خوشي ملي. شل (مالڪ
سائين وٽ منهنجو اهو عرض اگهامجي) جو آءٌ ڪنهن به
ريت جَت بلوچن جي ديس وڃي پهچان. عبداللطيف چوي ٿو
ته سسئيءَ جي اها خواهش آهي ته مان ڏکين رستن ۽
پيچرن مان لنگهندي، هوتن جو اٺن کي هڪلڻ وارو ’هو
هو‘ جو آواز وڃي ٻُڌان. آءٌ سندن خاص خدمتگار ۽
گولي بڻجي گذارينديس. شل! ساٿ جو سرواڻ مون کي
سڃاڻي! (مون کي انهيءَ لائق سمجهي).
2
ڪيچان اوري ڪيتَريون مَعذُوريون مُيُون
واٽُون وِيهَه ٿِيُون، ڪُہُ ڄاڻي ڪيهِيءَ وِئا.
[1504]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي پريشاني) ڪيچ پهچڻ کان پهريائين واٽ تي
الائجي ڪيتريون
عذر واريون مري ويون، (جن کان ڪا ڪمي پيشي سرزد
ٿي، جيئن سسئي تي ننڊ جي ميار رهجي ويئي) ڇو ته
(جبل ۾) هڪ کان وڌيڪ بلڪه ويهه رستا آهن، خبر ناهي
قافلي وارا ڪهڙي رستي سان ويا.
3
ڪيچان اوري ڪِٿهِين وَڻُ نه ويساهِين
ڪَميڻي ڪيچِينِ لَئي پُرجِ پَراهِين
تاڻِجِ تيڏاهِين، وارجِ ڪا مَ وَرَڻَ جِي.
[1505]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ کي هدايت) ڪيچ ڏانهن ويندڙ واٽ ۾ ڪٿي به
وڻ ٽڻ جو نالو نشان ڪونهي، جتي ترسي ساهي کڻجي. اي
نالائق! سست عورت (آرام جو هرگز نه سوچ). ڪيچين جي
لاءِ پري پري تائين پنڌ ڪجانءِ، هلندي وڃجانءِ.
تون سڪ سوز ۾ ڇڪجي هلندي هلجانءِ ۽ ڪڏهن به پوئتي
موٽڻ جو خيال دل ۾ نه آڻجانءِ!
4
جهُوڙا جَنِ جهُلنِ ۾، هِيرا لَکَ هَزارَ
لَڳا واٽَ وَڻَن جا پُنهونءَ کي پالارَ
آن ڪي وِيندا گَڏِئا اِهَڙِيءَ سِٽَ سُوارَ
لَنگهِي ڪالهه قَطارَ، تون اوٺي اَڄُ نِهارئين!
[1506]
سمجهاڻي:
(سسئي واٽهڙن کان پڇا پيئي ڪري) جن جي اٺن جي
جهُلن (بالاپوشن)
۾ ٽئونر لڳل آهن ۽ هزارين موتي اُنهن جي جهالرن ۾
جڙيل آهن. اهڙن سينگاريل اٺن تي سواري ڪندي،
پنهونءَ کي واٽ جي وڻن جون ٽاريون ۽ پاند پئي لڳا
۽ گسيا. ڇا توهان کي رستي ۾ اهڙي سجاوٽ ۽ سينگار
وارا سوار اوٺي نظر آيا؟ (هنن جو جواب) اي، سسئي!
اهي قافلي وارا ڪالهه گذري ويا، تون انهن اوٺين کي
اڄ ڳولڻ نڪتي آهين!
5
ڪيچِي ڪالَهه ڪَهِي وِئا، اَدِيُون آڌيءَ راتِ
جاڳان تان جيڪِين ٿِئو وِهاڻِيءَ پِرڀاتِ
ڦوڙائو فَقِيرَ کي، ڏِنو جَتَنِ ڏاتِ
رَفِيعُ الدَرَجاتِ، پَرَمَلُ پُنهون ميڙِئين.
[1507]
سمجهاڻي:
اي ڀينر! ڪيچ وڃڻ وارا ڪالهه اڌ رات جو اٿي روانا
ٿي ويا. مون جڏهن رات جي پوئين پهر ۾ اٿي ڏٺو، ته
اهو ايڏو هاڃو ٿي چڪو هو. هن مسڪين فقيرياڻيءَ کي
اُهي زورآور جَت اهو جدائي جو ڏاج ڏيئي هليا ويا.
اي مالڪ سائين! تون ئي هاڻي اهو وڏي درجي وارو ۽
صاف پاڪ منهنجو محبوب پُنهون مون سان ملائيندين
(بيشڪ تون ئي هر ڳالهه تي قادر آهين).
6
مون ڀانيو مِزمانَ، هَميشہَ هُوندا پِرِين
ڪُهي ڪَمِيڻي هَلِئا، ڪَهَلَ ڪِيائُون ڪانه
ڏيئِي وِئا ڏاهَ کي، سُورَنِ جا سامانَ
جورو راتِ جُوانِ، جيڏو جَتَ ڪَري وِئا.
[1508]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جو وهم) مون سمجهيو هو ته منهنجا سڄڻ
سدائين مون وٽ هوندا. پر هو ته مون ادنيٰ عورت کي
وڏي بي رحميءَ سان ڪهي هليا ويا ۽ کين ڪو رحم نه
آيو. هو مون گوليءَ کي غمن ۽ ڏکن جي حوالي ڪري
ويا. اُهي ڪٺور ۽ سنگدل انسان، رات وچ ۾ وڏو قيس
قهر ڪري ويا.
7
ڀانيمُ جي سَرواڻَ، ڇُلائِيندَمِ ڇَپَرين
کانيَمِ هُوندَ پَلاڻَ، اُٺَ گَڏايَمِ اُنِ جا.
[1509]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) مون کي جيڪڏهن اهو معلوم ٿئي ها، ته
قافلي وارا اڳواڻ ڏير آهن ۽ اهي مون کي رڻ ۾
رلائيندا، ته آءٌ انهن جا پلاڻ ساڙيان ها ۽ انهن
جا اٺ مارايان ها. (ن _ ب)
8
ڪاڏي مُنہُ مَڪرانَ جو، ڪاڏي ڪيچُ ٿِئو
هِهَڙو ساٿُ ڀنڀورَ تان ڪَڏهِين ڪونه پِئو
ڪوهيارو ڪامَ هَڻي چوري چِتُ وِئو
جَنِي جَتُ نِئو، تَنِ اُٺَنِ گهورِي آهِيَان.
[1510]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي پريشاني) ڪهڙي طرف مڪران جو شهر آهي ۽
ڪيڏانهن
ڪيچ آهي! اهڙي (دور ديس کان) ڪڏهن به ڪو قافلو
ڀنڀور ۾ ڪونه اچي لٿو. مون کي ڪوهيار مان آيل اهو
محبوب محبت جي ڇمڪ هڻي، (پنهنجي اٺ کي لڪڻ سان
تڪڙو اٿاري) منهنجي من کي مستان ڪري ويو. مان اهڙن
اٺن جي پويان پيئي وڃان ۽کين پيئي ڳوليان، جيڪي
منهنجو هوت پنهون کڻي ويا آهن.
9
ڪاڏي مُنہُ مَڪَرانَ جو، ڪاڏي پَريون پارُ
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چَئي، سُونهُون ٿِئو سَردارُ
جو مِڙني جو مَهندارُ، سو موليٰ مون کي ميڙِئين.
[1511]
سمجهاڻي:
ڪٿي رهيو مڪران جو ملڪ ۽ ڪٿي اُن جو پرئين طرف
وارو ڀاڱو (جتي پنهونءَ جو ديس آهي). عبداللطيف
چوي ٿو ته پر مڙني اٺن جو رهبر ۽ راهه ڏيکاريندڙ
اهو سهڻو سردار پاڻ آهي. اهو ئي سڀني جو اڳواڻ
(ساري عالم جو سردار) آهي، اي مولا ڪريم! شل تون
مون کي هن سان ملائيندين.
10
وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وڏو ڪَيو
نِهاريندِيَسِ نِڪَڻي بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روهَ رَتيون ٿِئين.
[1512]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) منهنجي مڙس پنهونءَ ۾ ڪا ڏنگائي يا
کوٽ ڪانه هئي، پر منهنجي ڏيرن وڏي ڏنگائي ڪئي (هنن
۾ کوٽ هئي)، آءٌ پنهنجي پرينءَ لاءِ اڪيلي ئي
اڪيلي نڪري پونديس ۽ انهن اٺن (جيڪي پنهونءَ کي
کڻي ويا آهن) لاءِ سڄو رڻ ۽ بيابان تلاش ڪنديس. اي
پهاڙ! (تون منهنجي راهه ۾ رڪاوٽون نه وجهه) تون
ڀڄي پاسي ٿيءُ (مون کي اجايون تڪليفون نه ڏي) متان
(الله جي حڪم سان) ڀڄي ڀُري پرزا پرزا نه ٿي وڃين!
[عشق جي اثر کان جبل جو ٽٽڻ ۽ پرزا پرزا ٿيڻ
مثنويءَ جو انوکو موضوع آهي،جيئن هڪ هنڌ چوي ٿو:
صار دُکاً منه وانشق الجبل،
هل رايتم من جبل رقص الجمل.
(دفتر سوم، ب-16)
معنيٰ: اهو پهاڙ (عشق جي مستيءَ ۾ اچي) ڦاٽي پرزا
پرزا ٿي پيو. ڇا تو ڪڏهن پهاڙ کي اُٺ وانگر رقص
ڪندي ڏٺو آهي؟!]
11
وَرَ وَراڪا وِچَ ۾ لَکين آڏا لَڪَ
هُوءِ جي آڏا حَقَ، سي ڪندا ڪوهُ ڪُٺيءَ کي.
[1513]
سمجهاڻي:
(جبل جي) واٽ ۾ ڪيترائي ڏکيا ور وڪڙ ۽ پيچ آهن ۽
سامهون اڻ ڳڻيا
لڪ آهن. (اهڙي تڪليف ۽ ڪشالي جي ڪري) اهي حق جيڪي
هونئن مون سان لاڳو آهن (مثلاً لڄ ڇڏي اڪيلي سر نه
هلڻ، غير محرمن سان ڳالهائڻ) سي حق مون کي ڇا
ڪندا، مون تي ڪيئن لڳندا، جو آءٌ اڳ مئل (ڪٺل)
آهيان. (ن _ ب)
12
بِرِهَ مَڻايُسِ بَرُ، نا ته سُکِي ڪيرِ سَڌون
ڪَري
گهَڻو ڏورِيائِين ڏُکَ سِين ڏيرَنِ لَئي ڏُونگَرُ
وَرِي آيُسِ وَرُ، سَفرَ مُئِيءَ جا صابَ پِئا.
[1514]
سمجهاڻي:
عشق ئي سسئيءَ کي بر بيابان جو پنڌ ڪرايو (منزل
ڏانهن اڳتي روانو ڪيو)، نه ته سکن واري (بغير عشق
جي) اهڙي خواهش يا جرئت ڪانه ڪري ها. هن وڏيون
تڪليفون سهي ڏيرن پٺيان هلندي سڄي پهاڙ جو ڪشالو
ڪيو. ليڪن جڏهن سندس مڙس هوت پنهون واپس اچي مليو،
ته هن مصيبت جي ماريل جون تڪليفون ۽ دک درد سجايا
ٿيا.
13
اُجهي ۽ مُنجهي، اَٺَئِي پَهَرَ آٽَ ۾
جنہِ گَسِ ٻاروچا وِئا سو سرتيون تان نه سُجهي
لَڪَنِ مَنجهه لُجهي، لالَڻَ لاءِ لطيفُ چئي.
[1515]
سمجهاڻي:
سسئي جبل ۾ هر وقت ڏينهن جو توڻي رات جو واٽ وڃائي
پيئي هيڏانهن هوڏانهن رلي ۽ ڀٽڪي. هُن کي اهو
پيچرو ۽ چارو هٿ ئي نه پيو اچي جنهن تان ٻاروچن جو
قافلو لنگهي ويو هو. عبداللطيف چوي ٿو، ته هُوءَ
سسئي لڪن ۾ پيئي پرينءَ لاءِ لڇي ۽ ڦٿڪي.
14
پَئِي اَچَنِ پُورَ، ويٺي پاڻان وِتَرا
گهَڻين ڀَتين گهائيو گهَٽُ پِريان جي گهُورَ
سَندا سَسُئِيءَ سُورَ، جَبَلَ پَسِي جاڳِئا.
[1516]
سمجهاڻي:
سسئي ليٽي پيئي آهي، تڏهن به پرينءَ جي خيالن ۾ گم
آهي، پر جڏهن اٿي ويهي ٿي، ته پاڻ غم وڌي وڃنس ٿا.
هن کي پرينءَ جي تيز تکي نظر اهڙو ڦٽي وڌو، جو
سندس ساهه نڙيءَ ۾ اچي ڦاٿو آهي. (هوءَ نڪي جيئري
آهي نڪي مئل). سسئي جيئن ٿي جبل جهاڳي، تيئن سندس
سور وڌندا ٿا وڃن، نئين سر نوان پيا ٿين.
15
پيئِي کڻي پَساهَ، ڏُکِي ڏيي وَٽ جِيئَن
اَڄُ ڪِ سَنجههَ صُباحِ، چُندا ڪي ته مُنڌَ مُئي.
[1517]
سمجهاڻي:
ڏکويل سسئي ڏيئي جي وٽ جيان پيئي ساهه کڻي (جنهن
جو اهڙو حال آهي) بس! اها اڄ يا صُبحاڻي جي ڳالهه
آهي، جو ماڻهو چوڻ لڳندا، ته ويچاري سسئي مري
ويئي.
وائي
هوتَ نه ڀانيُمِ هِيئَن، ڇَڏي تون ڪو ڇَپَرِ
وِيندين
لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينهن
عِشق آريءَ ڄامَ جي ڪِيَس نِماڻِي نِينهن
جهُونگاريندِي جهَنگَنِ ۾ ڀُوڻانِ راتو ڏِينهن
آن جا ڇَڏي ڇَپَرِين، سا ڪيچِ رَسَندِي ڪِيئن
وِلهيءَ هِتِ وسائِيا سندا محبت مِينهن.
[1518]
سمجهاڻي:
(سسئي پنهونءَ کي ياد ڪري چوي ٿي) اي منهنجا
محبوب! مون ائين بلڪل نه سوچيو هو، ته ڪو تون مون
کي اڪيلو ڇڏي پاڻ جبلن ۾ هليو ويندين. هتي ٽَڪرن ۾
گرم هوا جا جهولا پيا لڳن ۽ ڏينهن باهه وانگر گرم
ٿي وڃي ٿو. مون کي تو آري ڄام جي عشق بلڪل بي حال
۽ لاچار ڪري ڇڏيو آهي. آءٌ توکي ياد ڪندي پيئي
جهنگل جهاڳيان ۽ رات ڏينهن پيئي پنڌ ڪريان. او
منهنجا سائين! تو جنهن کي رڻ ۾ رولي ڇڏيو آهي، سا
ڪيچ ڪيئن هلي پهچندي. هن هيڻي حال واريءَ توهان جي
ياد ۾ روئي سِڪ ۽ محبت جا مينهن وسائي ڇڏيا آهن. |