سُر ڪاپائتي
داستان
پهريون
1
توڻي تُون ڪاتارِ، جِمَ هيڪَلِي ڀيرِيين
ڏِٺِي ڪا ڏُئَارِ، صَرافَ تُنهنجي سُٽ ۾.
[824]
سمجهاڻي:
جيتوڻيڪ تون ڪَتڻ ۾ ڀڙ ۽ هوشيار آهين، پر متان
اڪيلي سر (رهبر ۽ ساٿين جي صلاح کان سواءِ) ويهي
چرخو هلائين. تنهنجي انهيءَ ڪوتاهي سبب تنهنجي
ڪتيل تند ۾ جيڪا وِڏَ يا جيڪو عيب آهي. سو سُٽ جي
سودي ڪندڙ صراف (سوداگر) ڏسي ورتو آهي.
[مثنويءَ ۾ روحاني رهبر يعني مرشد جي اهميت کي
واضح ڪندي هڪ هنڌ رومي چوي ٿو:
اين هوا را نشکند اندر جهان،
هيچ چيزي همچو سايهء همرهان.
(دفتر اول، ب- 2958)
معنيٰ: هن دنيا ۾ تنهنجي خواهشن کي ٻي ڪا شيءِ فنا
نٿي ڪري سگهي، مگر اهي رهنما ساٿي جن جي پاڇي ۾
تون آهين.]
2
جَني ڀِيرئو هيڪَلي تَنِي ميڙئو ماءِ
تَندُ اِهڙي ساءِ، مون آتَڻِ هَڏِ نه
اُڄَهي. [825]
سمجهاڻي:
جن اڪيلائيءَ ۾ ويهي (دل سان) چرخو چوريو
(عبادت ڪئي)، تن کي ان هنڌان يعني ان نموني ئي
مراد حاصل ٿي ويئي، پر (منهنجي حالت اها آهي ته)
مون کي اهڙي نموني سان آتڻ ۾ ويهي تند ڪتڻ نٿي
اچي.
3
جان ڪَتِين تَان ڪَتُ، هِيءَ هَڏِ وهاڻِي
ڪاپائِتِي سَڀَڪا ڪَتي سِيَبَاڻِي
ڄانتو جَنِ ڄاڻِي، تَنِ هَٿان پَهِي نه ڇَڏِي.
[826]
سمجهاڻي:
(اي ڪتڻ واري) جيستائين ٿي سگهي تيستائين ڪَتڻ جي
ڪِرت جاري رک، ڇو ته اهو (رات جو باقي) پهر به ڄاڻ
گذرڻ وارو آهي. اُها ئي ڪتڻ واري سڀڪنهن کي وڻندي
جيڪا سٺو ۽ عمدو ڪتيندي. جن کي جڏهن ان راز جي خبر
پيئي تن پوءِ ڪڏهن به پنهنجي هٿ مان ڪپهه جي
پوڻيءَ کي نه ڇڏيو (هنن هر وقت پاڻ کي اُنهيءَ
ڪِرت ۾ مشغول رکيو).
4
هيءَ هڏ وِهاڻِي، جان ڪَتَندِينءَ تان ڪَتُ
ڪو پنهنجي عِيدَ کي، ڀيري ڪِجُ ڀَرَتُ
مَتان روئِين رَتُ، صُباحَ وِچِ سَرَتِيين. [827]
سمجهاڻي:
هيءَ مهل به اجهو گذري پوري ٿيڻ واري آهي. توکي
جيڪڏهن پنهنجي لاءِ ڪجهه ڪَتڻو آهي ته ڪَتي وٺ.
مٿان عيد اچڻ واري آهي. سو تون پنهنجو چرخو پاڻ
هلاءِ ۽ ڀرت (واري سهڻي وڳي) جي تياري ڪر. ائين نه
ٿئي جو صبحاڻي توکي سرتين جي وچ ۾ پشيمان ٿي روئڻو
پوي.
5
ڪَتَڻَ جِي ڪانَه ڪَرِين، سُتِي ساهِين هَڏَ
صُباحَ اِينديَئِي اوچتِي، عِيدَ اُگهاڙَنِ گَڏَ
جِتِ سَرتِيُون ڪَندِيُون سَڏَ، اُتِ سِڪَندِينءَ
سِينگارَ کي. [828]
سمجهاڻي:
اي ڪاپائتي، تون سُٽ ڪتڻ لاءِ تيار ئي نه ٿي ٿين ۽
رڳو سست ٿيو، ليٽيو پنهنجا لڱ ويٺي ساهين. اهڙيءَ
حالت ۾ صبحاڻي تنهنجي عيد به اگهاڙن سان گڏ ٿيندي
جن پنهنجي لاءِ ڪابه تياري نه ڪئي. هوڏانهن جڏهن
تنهنجيون سرتيون سهيليون هار سينگار ڪري توکي اچي
سڏ ڪنديون ته تڏهن تون سينگار لاءِ ڏاڍي پشيمان
ٿيندينءَ (هٿ هڻندينءَ).
6
پائي ڏورِ اَرَٽَ ۾ ڪَتِين نه ڪُوڙِي
وِنهانءَ جي واڌائِيين ڀُوڻِي سَنڀُوڙِي
مَٿي جِنہِ مُوڙِي، سا ڪِئَن وِيهي ويسَرِي! [829]
سمجهاڻي:
اي ڪوڙي (ڪم کان نٽائيندڙ)، تو اڃا تائين ايٽ کي
هلائڻ لاءِ ڪتڻ واري سنڍي (مُک) ڏوري به نه وڌي
آهي (تو ڪا تياري نه ڪئي آهي)، باقي وهانءَ ۽ ڪاڄ
۾ مبارڪون وٺڻ لاءِ سدائين تيار پيئي ڏسجين. ڀلا
جنهن جي سر مٿان ذميواريءَ جو بار هجي، (اهو ڪم
کيس ئي ڪرڻو آهي) اُها ايڏي سستي ۽ بي پرواهي ڪيئن
ٿي سهي سگهي!
7
نهَ ڪِين ڪِتوءِ ڪالَ، اَڄُ پُڻ اُجَهڻَ کي
مَرِينِ
مُناَ مَنجِيءَ اُکڙِئا، اَرَٽِ ڍُرُڪِي مالَ
هَئي تَنِي جي حالَ، جَنِ ڪاپي مَنجهَان ڪِين
ڪِئو.
[830]
سمجهاڻي:
تو ڪالهه به ڪجهه نه ڪتيو ۽ وري اڄ به هيڏانهن
هوڏانهن گهمڻ گهتڻ (لٻاڙون هڻڻ) ۾ پوري آهين.
(تنهنجي غفلت جو اهو حال آهي جو) چرخي جي ٻنهي
پاسن کان لڳل مُٺيا به ڍرا ٿي نڪري پيا آهن. ائين
چرخي جي مٿين گولائيءَ ۾ واڻيل سُٽ به لڙڪي پيو
آهي. انهن جي حال تي افسوس آهي، جن ڪتڻ جي پورهيي
مان ڪجهه هڙ حاصل نه ڪيو ۽ پنهنجو سٽ ضايع ڪري
ڇڏيو.
8
اَڄُ پُڻ اُجَهڻَ کي مَرِين، نَڪِين ڪتوءِ ڪالَ
اَرَٽِ اوڏِيائِي نه وِهِين، مَحَڪُمُ وَٺِي مالَ
ڀورِي توسِين ڀَالَ، ڪانڌُ ڪَرِيندو ڪيتَرا! [831]
سمجهاڻي:
(اي سست نڪمي!) تو اڄوڪو ڏينهن به اجاين ڳالهين ۾
پورو ڪري ڇڏيو ۽ تو ڪالهه به ڪجهه نه ڪتيو. بلڪ
تون چرخي جي ويجهو ئي نٿي وڃي ويهين ۽ نه ان جي
مالهه کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪرين. اي بيوقوف، ڪم
عقل، اهڙيءَ ٽوٽائيءَ ۾ تنهنجو مالڪ توسان ڪيتريون
مهربانيون (نوازشون) ڪري ڪيتريون ڪندو. آخر توکي
مياري ڪندو.
9
سي تو وَهيءَ وِڃائِيا جي ڪَتَڻ سَندا ڏِينهَن
اَرٽِ اوڏِيائِي نهَ وَڃِين، ڀورِي ڀوري سِيئَن
تَندُ پَسَندِينءَ ڪِيئَن، هاڻي تُون وَڏِي ٿِئين.
[832]
سمجهاڻي:
جيڪي تنهنجي ڀرپور جوانيءَ جا ڪتڻ وارا ڏينهن هئا،
سي تو اجايو ويهي ضايع ڪري ڇڏيا. اي نادان، تون
ٿوريءَ دير لاءِ به پنهنجي سُٽ جو ڍيرو کڻي ڪتڻ
لاءِ چرخي جي ويجهو وڃي نه ويٺينءَ. تون هاڻي عمر
۾ وڏي (پوڙهي) ٿي ويئي آهين (تنهنجي نظر به گهٽجي
ويئي آهي) سو انهيءَ سنهيءَ تند کي ڪيئن ڏسي
سگهندينءَ. اهو سُٽ ڪتڻ وارو وقت تنهنجي هٿن مان
هليو ويو.
10
توڙي تُون وَڏِي ٿِيين، اُٿِي آتَڻِ آءِ
ٿِيءُ ڀيڙِي ڀيرَ مَ وارِيِين، ٻِي هڏِ ڪَر مَ
ڪاءِ
تهَ صَرافَ تو صُباحِ، ڪوٺي ڪاتارِيَنِ سِين.
[833]
سمجهاڻي:
(اي ڪتڻ واري) جيتوڻيڪ تون عمر ۾ وڏي ٿي ويئي
آهين، پر تڏهن به اٿي آتڻ ۾ ضرور
اچ. تون هنن ڪتڻ وارين سان گڏجي ويهه ۽ انهن کان
الڳ نه ٿيءُ ۽ ٻي ڪا ڳالهه نه ڪر. (انهيءَ ڪري ڇا
ٿيندو جو) صبحاڻي سُٽ جا پارکو (وهنوار ڪندڙ) توکي
ضرور انهن (سٺو سُٽ) ڪتڻ وارين سان گڏ گهرائيندا
يا سڏائيندا. (اها به تنهنجي ڪاميابي چئبي، جو
انهن جي سٿ ۾ شامل هوندينءَ.)
11
سونَ سارِيکا هَٿَڙا ڪُہُ نه ڪَتِين رَڏِ
ويهِي ڪُنڊَ ڪاپو ڪَرِ، گَهٽيين گوهِيُون ڇَڏِ
تهَ صَرَافاڻي سَڏ، مَرَڪِئو هُوندَ مَٽائِيين.
[834]
سمجهاڻي:
(اي ڪتڻ واري) جڏهن توکي سون جهڙا (وڏي هُنر
وارا) هٿ مليل آهن، ته پوءِ اي هوڏ تي بيٺل، تون
ڪتڻ جي ڪِرت تي ڌيان ڇو نٿي ڪرين؟ توکي کپي ته هڪ
هنڌ ويهي (دل من سان) ڪتڻ جي ڪار ڪر ۽ هيڏانهن
هوڏانهن گهمي ڦري وقت نه وڃاءِ، ته جڏهن (صراف)
سُٽ جا واپاري اچي سڏ ڪن ته تون ڪتيل سُٽ ڏيئي
قيمت وٺي سرخرو ٿئين.
12
مَڇُڻِ ڀاڳَ ڀَرُ ڏِيين، ڪَتُ ڪَنبَندِي آءُ
جَڏهِن تَڏهِن ماءُ، ڀُلَنِ ڀيرَڻَ وارِيُون.
[835]
سمجهاڻي:
تون متان رڳو ڀاڳ تي ڀاڙي ويهين يا پنهنجيءَ محنت
تي مغرور ٿئين، تون ڪتڻ سان گڏ عاجزي ۽ انڪساريءَ
کان منهن نه موڙجانءِ! اي امڙ، هميشه ڪتڻ تي ڀروسي
ڪرڻ ۽ پاڻ کي ڀانئڻ (تڪبر) واريون ڀٽڪي ويون آهن.
13
جِئَن ڀيريين ۽ ڀانئِيين، ايڏانہَ هَڏ مَ آءُ
اِنَ سُرِڪِيءَ ساءُ، آهي عَزازِيل کي.
[836]
سمجهاڻي:
تون جو پنهنجي ڪتڻ تي ڀروسو ٿي ڪرين ۽ پنهنجو پاڻ
کي ڪجهه سمجهين به ٿي، انهيءَ (احساس) جي ويجهو
بلڪل نه وڃ. (انهيءَ سوچ کان پري ٿيءُ). (توکي خبر
هجڻ کپي) انهيءَ (تڪبر واري) ڍُڪ جو ذائقو عزازيل
چکي چڪو آهي (تڏهن ته هو شيطان ’تڙيل‘ بنيو آهي.)
[مثنوي روميءَ ۾ عزازيل جو بار بار ذڪر ملي ٿو. هڪ
هنڌ پاڻ کي آدم کان بهتر سمجهڻ سبب آخر تڙجي وڃي
ٿو، جيئن هن شعر مان واضح ٿئي ٿو:
شد عزازيلي ازين مستي بليس،
که چرا آدم شود بر من رئيس؟
(دفتر پنجم، ب- 1924)
معنيٰ: انهي مستيءَ (پاڻ کي مٿڀرو سمجهڻ) واري
احساس سبب عزازيل ابليس يعني تڙيل ۽ ڌڪاريل بنجي
ويو، جو سوچيائين ته آدم کانئس ڪيئن برتر آهي.
هڪ ٻئي شعر ۾ چوي ٿو:
چونکه کرد ابليس خو با سروري،
ديد آدم را به تحقيراز خري.
(دفتر دوم، ب-3462)
معنيٰ: ابليس پاڻ کي معتبر ۽ مٿڀرو ٿي سمجهيو. ان
ڪري آدم کي پنهنجي گڏهه واري گهه سبب حقير ٿي
ڏنائين.]
14
ڀيريين ۽ ڀانئِيين، اِئين وِڏُوڻو
ڪانڌُ
ويٺِي اورِ اَرٽَ سِين ڳِچِيءَ پايو پاندُ
تَه تُنهِنجو ئِي وِڙِاندُ، ڪَتِو وِتو نه ٿِئي.
[837]
سمجهاڻي:
تون اَرٽ به پيئي هلائين ۽ ان تي وڏائي پيئي ڪرين،
(ياد رک) ان سان تنهنجو مالڪ توسان ناراض ٿي
ويندو. تون هميشه ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي (وڏي
نماڻائيءَ سان) چرخو ويهي هلاءِ. ائين ڪرڻ سان
تنهنجو ردي ۽ بيڪار ڪتيل سُٽ به اجايو نه ويندو
(اهو به اگهامي ويندو).
15
ڀيرِيين ۽ ڀانئِيين، ڀانئِڻُ ڀَڃي ڇَڏِ
ڪِتو وِتو پورِهيو هوڏَ وِجَهنديَئِي هَڏِ
هِتِ ڏيڍو مَٽِين ڏَڏِ، جِتِ ڏَڪَنِ ڏَهسَئي
وارِيُون.
[838]
سمجهاڻي:
تون چرخو هلائي پاڻ کي ڪجهه سمجهين ٿي (پنهنجي ڪئي
ڪمائي تي مغرور نه ٿيءُ)، اهو پاڻ کي سمجهڻ
(پاڻپڻو يا هٺ) نابود ڪري ڇڏ. ڇو ته هو ايڏي محنت
سان ڪتيل سُٽ صرف تنهنجي هٺ ۽ هوڏ جي ڪري قبول نه
ڪندا (ڦٽو ڪري ڇڏيندا). اي اياڻي، جتي ڏيڍ سئو
تندن جي تاڃي وارو سُٽ (صرف عاجزيءَ سبب) اگهيو
وڃي، اتي ڏهن سون يعني هزار تندن جي تاڃي ۽ اُڄت
ڪتڻ واريون پيون ڊڄن ته شل سندن سٽ اگهامجڻ کان
رهجي نه وڃي!
16
ڀيرَڻَا جَنِ ڀانئِيو، تَنِ پَئِي ڪاپاتِينِ ڪاڻِ
تُنهنجِي ٽِرسئَي مَٿي تاڻِ، هُتِ ڏَڪَنِ ڏَهَسئي
وارِيُون. [839]
سمجهاڻي:
جن ڪتڻ وارين چرخي هلائڻ تي (تڪبر ۽ غرور) ڪيو ۽
پاڻ کي (ٻين کان) مٿانهون سمجهيو، اُهي سُٽ جي
خريدارن وٽ عتاب هيٺ آيون (اُنهن جي سُٽ ۾ اها
گهٽتائي نڪري پيئي). تون پنهنجي ٽن سون تندن جي
بَرَ واريءَ اُڄت تي پيئي ناز ڪرين، هوڏانهن ڏهن
سون تندن جي تاڃي واريون خوف ۾ پيون لرزن ته متان
اسان جي ڪتيل سُٽ مان ڪا ڪاڻ نه نڪري پوي.
17
ڪَتُ ڪَنبَندِي آءُ، مَتان ڀاڳَ ڀَرُ ڏيين
تو جيڏُيون تو سَرِتُيِون رُوندي رات وِهاءِ
اَرِٽُ اولاڻِئو ماءُ، سَمُورا ساٿَ ني. [840]
سمجهاڻي:
تون ڪتڻ سان گڏ عاجزي ۽ نوڙت کي هٿان نه ڇڏ، متان
پنهنجي بخت تي باور ڪرين يا زور سمجهين. (توکي
معلوم هجي) تنهنجي سرتين ۽ ساهيڙين جي سڄي سڄي رات
روئڻ ۾ گذري ٿي. انهيءَ لاءِ ته متان اهي صراف
اسان جي ڪتڻ واري ماڳ کي ڇڏي سموري ساٿ سميت ڪنهن
ٻئي پاسي هليا وڃن.
[مثنوي روميءَ ۾ عاجزيءَ سان گريي ۽ زاري ڪرڻ جي
وڏي فضيلت بيان ٿيل آهي.
زاري و گريه قوي سرمايه ست،
رحمت کلي قوي تر دايه ست.
(دفتر دوم _ ب 1951)
معنيٰ: عاجزي ۽ روئڻ زبردست سرمايو (موڙي) آهي.
(الله جي) رحمت ئي فقط پاليندڙ ۽ نپائيندڙ دائيءَ
وانگر آهي.]
18
اَٺَئِي پَهَرَ اَرِٽَ سين جي ڪَتَنِ ۽ ڪَنبَنِ
تَنِ جو صَرافَنِ، ڦورو ڦوِلئو ڪِينَڪِين. [841]
سمجهاڻي:
جيڪي ڏينهن رات پنهنجي چرخي تي سُٽ به ڪتين ٿيون ۽
دل ۾ ڊڄن به ٿيون ته متان اسان جو ڪتيل سُٽ قبول
نه پوي. (هر وقت عاجزيءَ واري حالت ۾ آهن)، پارکن
تن جي ڪمائي ڪيل سُٽ جي ڦورن کي کوليو ئي ڪونه!
(ڪوبه حساب ڪتاب نه ڪيو، جيئن جو تيئن خريد ڪري
ڇڏيو).
19
چائُتِ پائي چِتَ ۾ سَنهُون ڪِتو جَنِ
تَنِ جو صَرافَنِ، دُڪو داخِلُ نَه ڪِئو. [842]
سمجهاڻي:
جن ڪتڻ وارين پنهنجي دل ۾ کوٽ يا ٻيائي رکي ڪيڏو
به سنهو (عمدو ۽ نفيس) سُٽ ڪتيو، پارکن انهن جو
مُلهه دُڪي تولي (ٿوري ۾ ٿوري وزن) برابر به نه
ڪيو. هنن اهو سُٽ قبول نه ڪيو ۽ ليکي جي ڪتاب ۾
ڪجهه نه لکيو (انهن جي سموري محنت ضايع ٿي ويئي) .
20
مَحَبَتِ پائي مَنَ ۾ رَنڍا روڙِيا جَنِ
تَنِ جو صَرافَنِ، اَڻَتورِئو اَگهائِيو. [843]
سمجهاڻي:
جن ڪتڻ وارين الفت ۽ محبت (دل جي شوق ۽ چاهه) سان
ڀلي سادو ۽ ٿلهو سُٽ ڪتيو (جنهن ۾ سُٽ جون تندون
صاف ۽ لسيون نه هيون پر انهن ۾ ڳنڍيون ۽ ڳوڙها
هئا)، انهن جو سُٽ، وهنوار وارن بنا تور تڪ جي سٺي
ملهه ۾ وٺي ڇڏيو.
[مثنوي روميءَ ۾ محبت کي ڪائنات جي وڏي ۾ وڏي اثر
واري قوت يعني ڪيميا طور سمجهايو ويو آهي.
از محبت تلخها شيرين شود،
از محبت مِسها زرّين شود،
از محبت درد ها صافي شود،
وز محبت درد ها شافي شود.
(دفتر دوم، ب 1529 _ 30)
معنيٰ: محبت جي ڪري ڪوڙاڻ مٺاڻ بنجي پوي ٿي ۽ محبت
جي ڪري ٽامو سون بنجي پوي ٿو. محبت جي سبب ڪڙو
شراب وڻندڙ ٿي پوي ٿو ۽ محبت جي ڪري بيماري شفا ۾
بدلجي وڃي ٿي.]
21
ٿُلهو سَنهو اَگهِيو، ڪِين جي ڪَتيائِينِ
مَرَڪِئو مَٽيائِينِ، صَباحَ وِچِ سَرَتِيين.
[844]
سمجهاڻي:
انهن ڪتڻ وارين جو ٿلهو توڻي سنهو (هر قسم جو
ڪتيل) سُٽ يعني جيڪي ڪجهه انهن دل لائي سچائيءَ
سان ڪتيو، سو جيئن جو تيئن صرافن وٽ پسند پئجي
ويو. اهي صبح جو سڀني سرتين جي سامهون وڏي خوشيءَ
۽ سرهائيءَ وچان مُلهه وٺيو پيون وڃن (کِلنديون ۽
خوش پيون ٿين).
22
سُٽُ اُنِي جو سَڦِرو جي پَرِ ۾ پِڃائِينِ
آوازُ اُو اَرَٽَ جو ساهَه نَه سُڻَائِينِ
لِڪايو لَطِيفُ چَئي ڪَنبئو ڪَتَائِينِ
جي ماڻِڪَ مَٽَائِينِ، توءِ مُلُ مَهانگو اُنِ جو.
[845]
سمجهاڻي:
اهڙين ڪتڻ وارين (سالڪن) جو سُٽ سٺو ۽ عمدو ليکجي
(وڏي قيمت لهي ٿو) ٿو، جيڪي پنهنجي دل و جان سان
ان کي صاف سٿرو (مٽي ۽ ميراڻ کان پاڪ) ڪن ٿيون. هو
ايڏي رازداريءَ سان چرخو پيون چورين جو ان جو آواز
سندن ساهه به ڪونه ٿو ٻڌي. (ان کي به خبر نٿي
پوي). عبداللطيف چوي ٿو ته هو لوڪ کان لڪي ڪتڻ ۽
ڪنبڻ جي ڪار ۾ مشغول آهن. جيتوڻيڪ هنن جي سُٽ جو
مُلهه ماڻڪ موتين برابر آهي، پر حقيقت ۾ ان جو
ملهه اڃا وڌيڪ آهي.
23
تُنَبائِي تاڪِيدَ سِين جَنِ پِڃايو پاءُ
لَسِي تَندُ لَطِيفُ چَئي هَلِي تَنِ هَٿاءُ
مَلِمَلِ مَنجهان ماءُ، جي سِکُيون تَنِ سُونُ
ڪِئو. [846]
سمجهاڻي:
جن ڪتڻ وارين پوري محنت ڪري ڪپهه کي پَٽ تي پٿري
سَٽَ ڪُٽَ ڪري، مٽي ۽ دز ڪڍي ڇڏي ۽ ان جا پها پها
ڪري صاف ڪيو ته پوءِ انهن جي هٿن سان چرخي تي صاف
سنهي تند پيئي تيار ٿئي. اي امڙ (ڪاپائتي) جن تند
ڪڍڻ وقت (سُٽ کي) وري وري ملي مهٽي لسو ڪرڻ سکي
ورتو، تن سون برابر نفعو ڪمايو. (اهي ئي ڪامياب
ٿيون).
وائي
ڪا هِنيين سِين لاءِ، ڀورِي ڪا
هِنيين سِين لاءِ
پَهيُون تُنهنجِيُون جِهرڪِيِن
جهوريُون، ٻِيُون اُڏايون واءُ
اَرِٽَ پاسي اوجهرِين، توکي
سُمَهڻَ آيو سَاءُ
سَنجهي سُمهِين، صُبحِ سُمهِين،
وَهِي سَڀِ وَهياءِ
جَڙَ جَنِي جِي جان ۾ سي لوچَنِ
لالَڻَ لاءِ. [847]
سمجهاڻي:
اي نادان، هيءَ نصيحت هنيين سان هنڊاءِ، پنهنجيءَ
دل ۾ ان تي سوچ ويچار ڪر ۽ سمجهه! تنهنجا ڪپهه جا
گهڻا پها ۽ ٻڙا (تنهنجي سستيءَ سبب) جهرڪين چهنبون
هڻي خراب ڪري ڇڏيا آهن ۽ باقي ڪيترا هوا ۾ اڏامي
ٽڙي پکڙي ويا آهن. تنهنجو اهو حال آهي جو ايٽ
(چرخي) جي ويجهو وڃڻ سان توکي ننڊ پيئي اچي ۽
اجائي آرام ۾ توکي مزو ٿو اچي. تون سانجهيءَ
سمهڻيءَ ته سمهين ٿي پر صبح جو به سُتي پيئي آهين.
ائين تو پنهنجي سڄي جواني اجائي گذاري ڇڏي، جن جي
دل ۾ محبوب جي محبت جي ميخ لڳل آهي، سي سدائين
پيون سڄڻ کي ياد ڪن ۽ محنت ڪن.
داستان ٻئو
1
تانسِينءَ ڀَڳوئِي ڀيرِ، جانسِينءَ رَتو راسُ ٿئي
بُرِيءَ بيڪارِيءَ سِين، هَارِي پاڻُ مَ هيرِ
ڪَتُ ڪَتَندِي ڪيرِ، نَئين سِين نِڄاڻِجِي. [848]
سمجهاڻي:
(اي ڪتڻ واري) تون ايستائين پنهنجي پراڻي ڀڳل
چرخي سان ئي ويهي ڪتڻ جو ڪم ڪر جيستائين تولاءِ
نئون (لاک سان) رتل (ڳاڙهو) چرخو تيار ٿئي. اي
نادان، پاڻ کي ائين نڪمو ڪرڻ جي عادت نه وجهه (ڇو
ته) خبر ناهي نئين چرخي تي ڪتڻ ڪنهن کي نصيب ۾
آهي.
2
ٽَرڪُ ڏِنگِي، وَرَ گَهڻا، ڪَتِيان ڪُڄاڙو
ڪاپي مَٿان ڪيتَرو آڻِيان اُڌارو
جي وَرُ ڏِئي وارو، ته سُونهان سَرتِين وِچَ ۾.
[849]
سمجهاڻي:
(ڪتڻ واريءَ جو پنهنجو حال بيان ڪرڻ) چرخي ۾ پيل
لوهي سنهي سيخ (جنهن تي سُٽ جو ڍيرو هلندو آهي)
ڏنگي ٿي ويئي آهي ۽ سُٽ ۾ تمام گهڻا وٽ ۽ وڪڙ پئجي
ويا آهن، هاڻي آءٌ ڇا کي ڪتيان (نه چرخو ٿو هلي نه
سُٽ ٿو سُلجهي) ڪتڻ جي پورهيي جي (اڳواٽ معاوضي)
آسري تي آءٌ ڪيتري اوڌر وٺي ڪيتري وٺان، بس جيڪڏهن
مالڪ (خاوند خاص) مهرباني ڪري ته جيڪر وري ٻيهر
سرتين ۾ (ڪنڌ مٿي ڪري) مَرڪڻ جهڙي ٿي سگهان ٿي.
3
اوبِيندي عَيبَنِ جِيُون لِينجُهون ڪِيمَ لِڪاءِ
ڏاجي ۾ ڏِينداءِ، ڪِتي مُقابِلِ ڪَپَڙا. [850]
سمجهاڻي:
(ڪتڻ واريءَ کي آخري هدايت) تون (ڪتڻ کان پوءِ)
سُٽ کي ڍيري يا ڦوري تي ويڙهيندي تند ۾ پيل
سنهڙيون ڳنڍيون (عيب) لڪائي نه ڇڏ. ڇو ته توکي ڏاج
۾ اهو ئي ڪجهه ملڻ وارو آهي جيڪو تنهنجي ڪتيل سُٽ
جهڙو (نڪي گهٽ نڪي وڌ) هوندو (توکي پنهنجن ڪيل
عملن برابر بدلو ملندو).
4
چَرکو ڏئِي نه چَسَ، ڀيرِيان ڀينَرَ نه ڀِري
مُون کي ماري مَسَ، ڪَتائِيندِيون ڪيتَرو. [851]
سمجهاڻي:
(ڪتڻ واري پنهنجي دل جو حال بيان ٿي ڪري) اي
اديون ڀينر، مون کي چرخي مان اصل مزو ڪونه ٿو اچي
(چرخي سان منهنجي دل نٿي لڳي) ۽ آءٌ ان کي هلايان
پيئي ته هلي ئي نٿو. مون کي ته اها مشڪل پئي ماري،
انهيءَ حالت ۾ آءٌ ڪيترو سُٽ ڪتي سگهنديس!
5
تاڃي تورِيائُون، ته عَيبَ نِکَتا اَڳيَان
ڪوٺي ڪاپاتينِ کي پَرِ ۾ پُڇِيائُون
اَگَلَڙِي آئُون، مُون کان ڀِڙا ڀَڳا نه ٿِئا.
[852]
سمجهاڻي:
جڏهن تاڃيءَ وارو ڪتيل سُٽ تور ڪرڻ وقت پرکيائون
ته ان ۾ ڪيترا عيب ۽ نقص نظر آيا. سڀني ڪتڻ وارين
کي سڏي ڳجهيءَ طرح پڇا ڪيائون ته ائين ڇو ٿيو. مون
کين عرض ڪيو ته آءٌ ڀوري ۽ اڻڄاڻ آهيان، مان واقعي
اهي ڳنڍيون ۽ ڳوڙها ڀڃي نه سگهي آهيان، جيڪي
منهنجي سُٽ ۾ رهجي ويا آهن (مان پنهنجي عيبن جو
اعتراف ڪريان ٿي).
[مثنوي روميءَ ۾ اهو خيال وري هن ريت بيان ٿيل
آهي:
خويش را عريان کن از فضل فضول،
تا کند رحمت بتو هردم نزول.
(دفتر ششم ب 2371)
معنيٰ: تون پاڻ کي اجائي فضيلت ۽ چڱائيءَ جي گمان
کان خالي ڪر ته تنهنجي مٿان هر وقت مهرباني ۽ رحمت
جي بارش ٿئي.]
6
جَنِي ڪِتو ڪالهَه، سي پاڻان پييُون مامِري
جَنِي ٽَرڪُ نه مالَهه، سَرَهيُون سي صَرافَ سِين.
[853]
سمجهاڻي:
جن ڪالهه (اڳ ۾ ئي لالچ ڪري) ججهو سُٽ ڪتي پاڻ وٽ
ڍڳ ڪري رکيو (ته وقت اچڻ تي ان جو گهڻو فائدو
ملندو)، اهي پاڻ وڌيڪ پريشانيءَ ۾ پئجي ويون. پر
جن وٽ نه چرخو هو نه ڪتيل سُٽ، سي (پنهنجي توڪل ۽
ارادي سبب) سرخرو ۽ ڪامياب ٿي ويون!
7
چَرکو پَنهنجِيءَ چِتَ ۾، ڀَئيءَ ڀيرِئو جَنِ
توڻي ڪِينَ ڪَتَنِ، تَه پهُ ڪانڌُ اُنِي جو
ڪوڏِيو. [854]
سمجهاڻي:
جن پنهنجي اندر ۾ پورو خوف ۽ خيال رکي ويهي چرکو
چوريو (سڄڻ کي ياد ڪيو)، تنهن جو قدر ضرور ٿئي ٿو.
اها ڀلي پوءِ ڪجهه به نه ڪتن، پر تڏهن به سندن
مالڪ (مڙس) هنن جو هر وقت پيو خيال رکندو.
8
ڪَتيمِ سَڀ ڄَمارَ، توءِ پاندِي پُورِي نَه ٿِئي
جِئي مُون ڀَتارُ، جو ڪوٺي ڏِيندُمِ ڪَپڙا. [855]
سمجهاڻي:
جيتوڻيڪ مون سڄي عمر ڪتڻ ۾ صرف ڪئي، پر آخر تائين
پوري ڪانه پيئي. الله سائين منهنجي مڙس جي وڏي
ڄمار ڪري جو هو ئي منهنجا لاڏ ڪوڏ کڻي مونکي ويس
وڳا وٺي ڏيندو.
9
ڪَتي مَتي آئِيُون ڪَري تَندُ تَيَارُ
اُٽَلَ اوڏاهِين ٿِئي، جيڏانهه پِرينءَ پارُ
ڪاپائِتيءَ قرَارُ، پورهيي مان پِرائِيو. [856]
سمجهاڻي:
جيڪي (سچيءَ دل سان) پوريءَ ريت تند کي ڪتي ٺاهي
جوڙي صراف وٽ کڻي آيون، انهن جي اها محنت محبوبن
وٽ پسند پيئي جو ان ۾ محبت جو وزن به شامل هو. صرف
اهڙي محنت سان ڪتڻ واريءَ کي دلي اطمينان ۽ آرام
نصيب ٿيو (مطلب هن جي محنت محبت جي ڪري صاب پيئي)
10
نه ڪَتي ڪَتائي، نهَ ڪَڍي ڪوريين ڪاڻَ
رَبَ سان جَنِ رِهَاڻَ، تَنِ اُڊو ناهِه اُگهاڙَ
جو. [857]
سمجهاڻي:
هوءَ نه پاڻ ڪتڻ جي ڪار ڪري ٿي ۽ نه ٻين سان وڃي
گڏ ويهي ٿي. ان ڪري هوءُ ڪورين يعني ڪتڻ وارن جي
محتاج ناهي، جيڪي پنهنجي سچي ڌڻي ۽ مالڪ جي ياد ۾
مشغول آهن، تن کي پنهنجن عيبن جي کلڻ جو ڪو خوف يا
ڊپ ڪونه آهي.
11
سي اَڄُ نه آتَڻِ آئِيُون جَنِي ڪِتو ڪالَهه
اَرِٽَ اُکَلِي مالَهه، پُوري وِييُون نِجُهرا.
[858]
سمجهاڻي:
اُهي ڪتڻ واريون اڄ آتڻ ۾ ڪتڻ لاءِ ڪونه آيون،
جيڪي ڪالهه پنهنجو ڪم پوري ڪري ويون. هو پنهنجي
چرخي جي مالهه به کولي ويون آهن ۽ پنهنجي ويهڻ
واريءَ جاءِ يا هنڌ کي به جهڙوڪر تالو هڻي ويون
آهن (جن پنهنجو ڪم وقت سر ڪيو تن کي وري اچڻ جي
ضرورت نه پيئي).
12
نه سي وَوڻَ وَوڻَنِ ۾، نَه سي ڪاتَاريُون
پَسِئو بازاريُون، هِنيَڙو مُون لُوڻُ ٿِئي. [859]
سمجهاڻي:
وونئڻن جي بيٺل فصل ۾ اهي ڦُٽيون نظر ڪونه
ٿيون اچن (فصل ڪنهن
سبب جي ڪري تباهه ٿي ويو)، ان ڪري اهي ڪتڻ واريون
به اڻ لڀ ٿي ويون آهن. اهي دڪان ۽ بازاريون
(ويران) ڏسي منهنجو اندر ائين ڳري ۽ جهُري پيو
آهي، جيئن لوڻ پاڻيءَ ۾ ڳري ختم ٿي ويندو آهي.
13
وييُون ڪَنہِ وِگهَه تَري، ڀيرا ڀَڃي ماءِ
آتَڻ مَٿي اُسِري آيَسِ جَنِي لاءِ
تِئان هِتِ نه ڪاءِ، آتَڻِ ڪِتُمِ جَنِ سِين.
[860]
سمجهاڻي:
اُهي ڪتڻ واريون ڪنهن مصيبت سبب اهو ماڳ ڇڏي الائي
ڪيڏانهن غائب ٿي ويون، جو هينئر اچڻ جو ڀيرو ئي
نٿيون ڪن. مان کين آتڻ ۾ ڏسڻ لاءِ هر هر سنڀري
اچان ٿي پر انهن مان ڪابه هتي نظر ڪانه ٿي اچي، جن
سان مان پاڻ گڏ ويهي ڪتيندي هيس.
14
اولاڻِئانِ اَرِٽَ، وِيُون ڪيڏَنہ ڪَتَڻَ وارِيُون
لُڙِجَنِ لاکيڻينِ جِيُون پَهيُون مَٿي پَٽَ
اوبَڻُ ۽ اُگهٽَ، ڇَڏي پيٺيُون ڇَپرين. [861]
سمجهاڻي:
انهن جا چرخا هلڻ بند ٿي ويا، خبر ناهي اُهي ڪتڻ
واريون الائجي ڪيڏانهن هليون ويون. انهن سُگهڙ ۽
سيبتين ڪاتارين جون ڪپهه واريون پؤڻيون هاڻي مٽيءَ
۾ پيون ميريون ٿين. اهي سُٽ ويڙهڻ (اوبڻ) توڻي سُٽ
جي ڏيتي ليتي ڇڏي ڪيڏانهن پري هليون ويون آهن.
15
سَڄَڻُ ڏٺو جَنِ، تَنِ اَرِٽَ اولاڻي ڇَڏئا
مَٿي مُنَنِ هَٿِڙا اَکِيُون ڏانہ پِرِينِ
توڻي ڪِينَ ڪَتَنِ، تَه پُه ڪانڌُ اُنهِين جو
ڪوڏِئو. [862]
سمجهاڻي:
جن کي پنهنجي دوست جو ديدار نصيب ٿيو، تن پنهنجا
چرخا بيهاري ڇڏيا (هو ايڏيون محو ٿي ويون جو) سندن
هٿ چرخي ۾ لڳل اڀين ڪاٺين تي (جتي هئا اتي) ئي
بيهجي ويا ۽ سندن ديد دوست ۾ اٽڪي ويئي. ائين جڏهن
هنن سُٽ ڪتڻ بند ڪري ڇڏيو، تڏهن سندن ڪانڌ (مڙس)
هنن تي پاڻ وڌيڪ مهربان ٿيو.
[مثنوي روميءَ ۾ دوست جي ديدار جي ڪيفيت کي ڪيترن
ئي نمونن سان بيان ڪيو ويو آهي، هڪ هنڌ چوي ٿو:
هرکه از ديدار برخوردار شد،
اين جهان درچشم او مردار شد.
(دفتر دوم ب 582)
معنيٰ: جيڪو يار جي ديدار ۾ محو
ٿيو، ان لاءِ پوءِ هي جهان مردار بنجي وڃي ٿو.]
16
ڪي اوبِينِ عَرَبَ ۾، ڪي ڪابُلَ مَنجهِه ڪَتَنِ
سُٽُ اُنِي جو سَڦِرو مَٽِئو ماڻِڪَنِ
قادِرَ! ڪِينَ ڪَڍَنِ، ٿيلي ٿُلهي وارِيُون. [863]
سمجهاڻي:
ڪي عربستان جي ملڪ ۾ ته ڪي وري ڪابل جي شهر ۾ پيون
سُٽ ڪتين (جتي ڪٿي سالڪ ڌڻيءَ جي ٻانهپ ۾ مشغول
آهن). انهن جو سُٽ (پورهيو) صاف ۽ اجرو آهي، جيڪو
ماڻڪن جي ملهه (وڏي قيمت تي) پيو اگهامجي. اصلي
قدردان صراف ٿلهي ڪتيل سُٽ وارين کي ڪڏهن به ڌڪي
ڪونه ٿا ڪڍن ۽ انهن کي به مانَ ٿا ڏين (خوش ٿا
ڪن).
17
ڪي اوبِينِ عَرَبَ ۾، ڪي ڪابُل ٿِيُون ڪَتَنِ
سُٽ تَنِي جو سَڦِرو مِيمُ جَنِي جي مَنِ
توڙي ڪِينَ ڪَتَنِ، تَه پهَ ڪانڌُ اُنِي جو
ڪوڏِيو.
[864]
سمجهاڻي:
ڪي عربستان ۾ ويٺيون سُٽ ڪتين ته ڪي ڪابل ۾ انهيءَ
ڪار ۾ رڌل آهن. پر سُٽ انهن جو ئي صاف سٿرو آهي،
جن جي دل ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي محبت
آهي. اهي پوءِ ڀلي ڪين ڪتن، پر مالڪ مٿن مهربان
آهي.
18
نَفِيءَ جي نانہِ سِين پَهِي پِڃيائُون
ڀِڙا جي ڀانئِڻَ جا ڀيري ڀَڳائُون
هُو جو وَڻُ هُئَڻَ جو وَڍي وِڌائُون
اَسِين ۽ آئُون، آتَڻِ ناهي اُنِ جي. [865]
سمجهاڻي:
هنن (سالڪن) پنهنجي وجود جي پؤڻيءَ کي نفيءَ واري
ناهه سان ڀڃي سنها ذرا ذرا ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ کي ڪجهه
سمجهڻ جا جيڪي ٿورا گهڻا ڳوڙها ڳنڍيون هئن سي به
سُوٽي زور ڏيئي پائمال ڪري ڇڏيائون. پنهنجي (هستي
۽ هئڻ) واري گمان کي ڪڍي ڇڏيائون (وجود جي مڪمل
نفي ڪيائون). هنن وٽ پوءِ ’آءٌ‘، ’اسين‘ (پاڻ کي
ڀانئڻ واري) واري ٻولي ڪانه هئي. (هو فنا جي درجي
تي پهتل هئا).
[’نفي‘ ۽ ’نيستي‘ ۽ ’آءٌ‘ ۽ ’اسين‘ روميءَ جا
پسنديده اصطلاح آهن. جيئن هڪ هنڌ چوي ٿو:
هر که بردر او من و ما مي زند،
رد بابست او برلا مي تند.
(دفتر اول، ب- 3055)
معنيٰ: جيڪو هن جي دروازي تي ’اسين‘ ۽ ’آءٌ‘جي
ٻولي ڪري ٿو، هن کي دروازو بند ڪري تڙي ڪڍن ٿا.]
وائي
آءٌ جا وِيندَڙِي پارِ پرِينِ جي،
مون کي آيَلِ جَهلَ مَ پاءِ
جَهلُون پَلُون پائيين، پاڻان مَتَ
نه آڇِيين ماءُ
وِئو ٻاروچو نِڪرِي مون کي سُور
چَکَائي ساءُ
مُنهَنجا ڪَم ڪرِيمَ تي، ريبي تان
مَ رَهاءِ. [866]
سمجهاڻي:
اي امڙ، اي سانئڻ، مان پنهنجي پرينءَ ڏانهن هر حال
۾ وينديس. مون کي ڪا روڪ رنڊڪ نه ڪر. اي امان، تون
مون کي ويٺي جهلين پلين، پر ان کان وڌيڪ مون کي ڪا
نصيحت نه ڏج. منهنجو ٻاروچو محبوب مون کي وڇوڙي
جي درد جو مزو چکائي هليو ويو آهي. منهنجون سڀ
اميدون ۽ سڀ آسرا ربّ ڪريم تي آهن، تون مون کي
ڪوڙا دلاسا ڏيئي هتي نه رهاءِ. مون کي پرينءَ
ڏانهن وڃڻ ڏي. |