سُر آسا
داستان
پهريون
1
لُڇان ٿِي لاحَدَ ۾، هادِي لَهان نه حَدُ
سُپيريان جِي سُونہَ جو نَڪو قَدُ نه مَدُ
هِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ، هُتِ پِرينِ پَرواهِ ناههِ
ڪا. [2594]
سمجهاڻي:
آءٌ هن (محبوب) جي جستجو (طلب) ۾ حد کان وڌيڪ
بيتاب آهيان، پر انهيءَ هادي (مالڪ) جي ڪنهن
هڪڙيءَ حد (صفت) کي به ڄاڻي نه سگهيو آهيان. (ڇو
ته هو ذات مطلق آهي). انهيءَ محبوب جي حسن (صفات)
جو قدڪاٺ (ڊيگهه ويڪر) نه آهي (ڇو ته هو بي صورت
آهي). جيئن عاشقن جي سڪ ۽ محبت حساب کان ٻاهر آهي،
تيئن اُهو محبوب بيپرواهه ۽ بي نياز آهي. (هر قسم
جي احتياج کان پاڪ آهي).
[مثنوي روميءَ ۾ هيءُ موضوع ڪيترن طريقن سان بيان
ٿيل آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو ته هيٺ مٿي، اڳتي پوئتي
هجڻ، اهي مادي جسم جون وصفون (Attributes)
آهن. ٻئي بيت ۾ آهي ته هيءُ جهان محدود ۽ هو پاڻ
بيحد يا لامحدود آهي، انهيءَ ذات تائين پهچڻ واسطي
هي ظاهري صورتون ۽ نقش رنڊڪ آهن.
اين جهان محدود آن خود بيحدست،
نقش و صورت پيش آن معني سدست.
(دفتر اول، ب- 526)
ٻئي بيت جي هڪ سٽ آهي:
حد کجا آنجا که وصف ايزدست
معنيٰ: انهيءَ جي ڪا حد ناهي جيڪا خدا جي صفت
آهي.]
2
ڪا جا پَرَ پِرِيَنِ، نه سا سُئِي نه ٻُڌِي
مَتيُون سَڀِ مُنجهَنِ، اِهَڙي ڏِٺي قَضِيي.
[2595]
سمجهاڻي:
منهنجي محبوب جي اهڙي عجيب عادت توڻي دستور آهي،
جيڪو (عام طور) ڪنهن نه اڳ ۾ ڏٺو آهي ۽ نه ڪنهن ان
بابت ٻين کان ٻڌو آهي، بلڪه اهڙي واقعي کي ڏسي سڀ
هوش حواس گم ٿي وڃن ٿا. (هن جي حڪمت عام انساني
سمجهه ۽ سوچ کان ٻاهر آهي، عام انسان جي سوچ توڻي
عقل محدود آهي. صرف عارف ڪامل ئي اهڙن رازن کي
سمجهي سگهن ٿا).
[هن بيت بابت مثنويءَ جي ’سلطان محمود ۽ اياز‘جي
آکاڻيءَ ۾ اشارو ملي ٿو، جڏهن بادشاهه هڪ قيمتي
هيرو اميرن جي حوالي ڪري کين ان کي ڀڃڻ جو حڪم ڪري
ٿو. ليڪن امير وزير اهو چئي انڪار ڪن ٿا ته اهو
نهايت قيمتي موتي آهي، جيڪو اڌ بادشاهي جي ملهه
جيترو آهي، پر جڏهن اياز جو وارو اچي ٿو ته هو ان
کي بنا دير ڀڃي ڇڏي ٿو. بادشاهه کي اياز (عارف
ڪامل) جو اهو عمل پسند اچي ٿو، ڇو ته هو سمجهي ٿو.
بادشاهه جو حڪم ئي اصلي موتي آهي.
ساعتيشان کرد مشغول سخن،
از قضيئه تازه و راز کهن.
(دفتر پنجم، ب- 4042)
معنيٰ: بادشاهه هنن کي ڳالهين ۾ مشغول ڪري ڇڏيو ۽
کين عجيب و غريب (سمجهه کان ٻاهر) نوان پراڻا
واقعا ٻڌائڻ لڳو:
من ز شـﮧ برمي نگردانم بصر،
من چو مشرک روي نه آرم با حجر.
(دفتر پنجم، ب- 4078)
معنيٰ: مان هڪ گهڙيءَ لاءِ به پنهنجي نظر بادشاهه
کان نٿو هٽايان. مان اهڙو مشرڪ آهيان، جيڪو پٿر
(موتي) کان هرگز نظرون نٿو هٽائي (جنهن جو خدا پٿر
آهي).
3
نَڪو ڊيگههُ نه وِيلُ، نَڪو مُنہُ مُهَاڙَ ڪا
اِيءُ اُهوئِي کيلُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَڪِين.
[2596]
سمجهاڻي:
هن (ذات) جي نه ڊيگهه آهي ۽ نه ويڪر (هيڏو ۽ هيترو
ناهي) ۽ نڪي سندس ظاهري سڃاڻپ (صورت) جا اهڃاڻ
آهن. اهو حق حقيقت (بيچوني ۽ بي رنگيءَ جو) اهڙو
(پر اسرار) کيل آهي جنهن کي انڌو (بي سمجهه ۽ بي
شعور) ڪونه سمجهي سگهندو (ليڪن عارف ڪامل ان جو
شعور رکن ٿا).
[مثنوي روميءَ ۾ هيءُ بحث گهڻو آيل آهي، هي بيت
ڏسو.
اين دراز و کوتهي مرجسم را ست،
چه دراز و کوتهي آنجا که خدا ست
(دفتر چهارم، ب- 534)
معنيٰ: اها ڊيگهه ۽ ويڪر مادي شين يعني جسم يا
جسمن جي خاصيت آهي، پر جتي خدا جي ذات آهي، اُتي
ڇا جي ڊيگهه ڇا جي ويڪر!
رومي ٻئي هنڌ انهن کي انڌو ئي چوي ٿو:
کور نشناسد از بي چشمي است،
بلکه اين زان ست کز جهلست مست.
(دفتر دوم، ب- 2366)
معنيٰ: انڌو ان ڪري نٿو سڃاڻي ته کيس اکيون ناهن.
بلڪه اهو سڀ ڪجهه ان ڪري آهي ته هو پنهنجي
اڻڄاڻائيءَ ۾ مست آهي.]
4
حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪِينَ دَرَڪُ
حُسنَ سَندو حَقُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَڪِين.
[2597]
سمجهاڻي:
حيرت (جي مرحلي) ۾ سمجهه (حقيقت جي) ادراڪ (سڃاڻپ)
کان عاجز ٿي پوي ٿي (حقيقي) حسن جو حق (پوري پرک)
جيڪو انڌو (معرفت جي رستي کان اڻ واقف) آهي ادا نه
ٿو ڪري سگهي.
[سلوڪ جي راهه ۾ ڪيترائي مرحلا آهن ۽ ’حيرت‘ انهن
مان هڪ آهي. عام طور سالڪ کي خدا جو قرب عبادتن ۽
ذڪر فڪر سان حاصل ٿئي ٿو، ليڪن هن مرحلي تي سالڪ
الاهي تجليات جي ڪثرت سبب ڪا تميز نٿو ڪري سگهي.
مثنوي روميءَ ۾ ان جي وضاحت هن ريت آهي.
حيرتي بايد که رو بد فکر را
خورد حيرت فکر را و ذکر را.
(دفتر سوم، ب- 1116)
معنيٰ: اها حيرت آهي، جيڪا فڪر (سوچ سمجهه) کي
کائي چٽ ڪري ٿي. حيرت ئي آهي، جيڪا ذڪر ۽ فڪر کي
ڳهي ختم ڪري ڇڏي ٿي]
5
حوصلو حَيرَتَ ۾ ويڇُون ٿِي وِئو
حُسنُ حَقَ سَندو، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَڪِين.
[2598]
سمجهاڻي:
حيرت (جي حالت) ۾ پهچڻ سان عقل پرزا پرزا ٿي وڃي
ٿو، انهيءَ ڪري (جيڪو معرفت جي رستي تي هلندڙ
ناهي) جيڪو انڌو آهي، اهو حقيقي حسن کي ڪيئن سڃاڻي
سگهندو .
[مولانا رومي حيرانيءَ کي صوفين جي مٿانهين مقام
تي ڏسي ٿو.
مثنوي روميءَ ۾ حيرت بابت هڪ ٻيو شعر ڏسو:
گه چنين بنمايد و گه ضداين،
جز که حيراني نباشد کار دين.
(دفتر اول، ب- 312)
معنيٰ: هو ڪڏهن هينئن نظر اچي ٿو ۽ ڪڏهن وري هونئن
يعني ان جي بلڪل ابتڙ. ان ڪري چون ٿا ته ’حيراني‘
کان سواءِ معرفت جو ٻيو مقصد ناهي]
6
حوصلو حيرَتَ ۾ وڃي ٿِئو ويڇون
مَحَبَتَ جيون ميڇُون، ڪُورُ پَروڙي ڪِينڪِين.
[2599]
سمجهاڻي:
حيرت جو مرحلو اهڙو آهي جتي سمجهه ۽ سُرت ذرا ذرا
ٿي
وڃن ٿا. محبت جا راز ۽ اشارا انڌا (راهه کان اڻ
واقف). ڪونه سمجهي سگهندا.
[مثنوي روميءَ ۾ حيرانيءَ بابت هيءُ شعر ڏسو:
خيره گشتم خيرگي هم خيره گشت،
موج حيرت عقل را از سرگذشت.
(دفتر سوم، ب- 1987)
معنيٰ: مان حيران ٿي ويس ۽ منهنجي حيراني به حيران
ٿي ويئي، تان جو حيرت جي لهر منهنجي عقل مٿان گذري
ويئي]
7
حوصلو حَيرَتَ ۾ آهِ نه مَٿي عام
محَبَتَ سِندِي مامَ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَڪِين.
[2600]
سمجهاڻي:
حيرت واري هنڌ تي حوصلو برقرار رکڻ اهو عام ماڻهن
جو ڪم ناهي (ان جي مجال کان ٻاهر آهي). محبت جي
ڳجهارت کي انڌو ڪڏهن ڪونه سمجهي سگهندو.
[روميءَ ان ڳالهه کي هن طرح پڻ سمجهايو آهي:
هر که کامل تر بود او در هنر،
او بمعني پس بصورت پيشتر.
(دفتر سوم، ب- 1117)
معنيٰ: جيڪو ظاهري فن ۾ وڌيڪ ڪامل آهي، اهو معنيٰ
(ذات) جي لحاظ کان پٺتي هوندو، پر ظاهري صورت ۾
اڳتي نظر ايندو.]
8
حوصلو حيرَتَ ۾ وَڃي لَڄاڻُو
ويچارو ڪاڻُو، ڏِسي ٿو ڏِسَڻَ کي. [2601]
سمجهاڻي:
حيرت جي مرحلي تي عقل توڙي هوش پنهنجي بيوسيءَ جي
ڪري شرمسار ٿئي ٿو. هن جو مثال ان ڪاڻي شخص وانگر
آهي، جيڪو شيءِ کي پوريءَ طرح ڏسي نٿو سگهي (ڇو ته
هو هميشه اڌ يا ڪجهه حصو ڏسي ٿو). ان ڪري هو سڄي
صورت کي ڏسڻ لاءِ وري وري ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو (پر
هو ڪڏهن به سڄي نٿو ڏسي سگهي!)
[هتي مثنوي روميءَ جو هيءُ بيت ڏسو، جنهن ۾ شيطان
کي هڪ اک وارو يعني ڪاڻو چيو ويو آهي:
بادو ديده اول و آخر ببين،
هين مباش اعور چو ابليس تعين،
اعور آن باشد که حالي ديد و بس،
چون بهائم بي خبر از پيش و پس.
(دفتر چهارم، ب- 1709 ۽ 10)
معنيٰ: ٻنهي اکين سان اول ۽ آخر کي ڏسڻ جي ڪوشش
ڪر. خبردار، شيطان ملعون وانگر ڪاڻو نه ٿيءُ. ڪاڻو
اهو آهي، جيڪو صرف وقتي طور ڏسي ٿو ۽ جانورن وانگر
اڳ ۽ پوءِ کان بي خبر آهي.]
9
حَقِيقَتَ هَڻِي، مُنهنجِي جانِ جُدا ڪَئِي
هِڪُ پَساهُ پِرينءَ ري سگهان تان نه کَڻِي
ڌَڻِي ۽ ڌَڻِي، رَهيو آهِمِ رُوحَ ۾. [2602]
سمجهاڻي:
حقيقت (واري جلوي) منهنجو ساهه ڪڍي مون کي بيجان
ڪري ڇڏيو آهي. هينئر منهنجو اهو حال آهي، جو آءٌ
هڪ دم به ان محبوب کان سواءِ نٿو کڻي سگهان. هن
کان سواءِ منهنجو زنده رهڻ محال آهي، بس اهو مالڪ
۽ محبوب ئي منهنجي اندر ۾ باقي رهجي ويو آهي.
(ائين جو آءٌ هن کان سواءِ هڪ ساهه نه اندر کڻي ٿو
سگهان ۽ نه ٻاهر ڪڍي ٿو سگهان).
[هن سلسلي ۾ مثنوي روميءَ جو هيءُ بيت ڏسو:
کاملان کز سر تحقيق آگه اند،
بيخود وحيران ومست و واله اند.
(دفتر چهارم، ب- 701)
معنيٰ: جيڪي ڪامل انسان حقيقت جي حال کان واقف
ٿيا، اهي پوءِ حيران پريشان، بيحال ۽ هر وقت
مستيءَ ۾ آهن]
10
حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جي ظاهِرُ ڪَريان ذَري
لَڳي ماٺِ مِرُنِ کي ڏُونگَرَ پَوَنِ ڏَرِي
وَڃَنِ وَڻَ ٻَرِي، اوڀَڙُ اُڀُري ڪونَه ڪو.
[2603]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن حقيقت (صوفين جي حال) جو ٿورو به اظهار
ڪريان ته (سڀ) جانور (حيوانات)، (کائڻ پيئڻ ڇڏي)
ماٺ ۾ اچي ويندا ۽ جبل ۽ ٽڪر (جمادات) خوف کان
ڦاٽي پوندا. وڻ ٽڻ سڀ جلي رک ٿي ويندا، ۽ زمين مان
هر شيءِ (نباتات) ڦٽڻ بند ٿي ويندي.
[هن بيت جي پس منظر خاطر مثنوي روميءَ جي ابتدائي
شعرن کي خيال ۾ رکي سگهجي ٿو، جتي هو بانسريءَ کان
چورائي ٿو ته جيڪڏهن آءٌ حقيقت (عشق) جو سمورو راز
کولي بيان ڪريان ته سڄو جهان هيٺ مٿي ٿي ويندو.
سر پنهان است اندر زير و بم،
فاش گر گويم جهان برهم زنم.
(دفتر اول، ب- 341)
معنيٰ: منهنجي سُر لئي ۾ اهو راز لڪل آهي، جنهن کي
جيڪڏهن صاف بيان ڪندس ته دنيا درهم برهم ٿي
ويندي.]
11
حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، ظاهِرُ ڪَريان زَبانَ
ٽاڪَرَ ٽِڪي ڪانَ، لَڳي ماٺِ مِرُنِ کي. [2604]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن آءٌ حال جي حقيقت زبان سان ظاهر ڪريان ته
جيڪر جبل ۽ ٽڪر پنهنجيءَ جاءِ تي بيهي نه سگهن ۽
جانور (ساهوارا) ماٺ ۾ اچي وڃن.
12
سَنئين سُنهائي سَڀَڪا، ڪا مُون مُنجهائي
طَلَبَ ۽ تَحصِيلَ سَڀُ اورِيائِين آهي
مان تَڻُ تِتِ لائي، جِتي آهِ نه ناهِ ڪا. [2605]
سمجهاڻي:
سڌي واٽ جو سونهون بنجڻ سولي ڳالهه آهي (اهو ڪم ته
سڀڪو ئي ڪري سگهي ٿو)، پر مون کي هڪ ٻيءَ ڳالهه
مُنجهايو آهي. (ظاهري علم جي) طلب ۽ تحصيل شروعاتي
مرحلو آهي (مثلاً شاگرد پڇي ٿو، استاد سندس رهبري
ڪري ٿو ۽ شاگرد تحصيل ڪري ٿو، سمجهي پختو ٿئي ٿو،
اها ابتدائي يا شروعاتي سونهپ آهي). (منهنجو
مسئلو هي آهي ته) منهنجي دل اُتي وڃي لڳي آهي جتي
هئڻ ۽ نه هئڻ (وجود ۽ نيستي وارا ضد ڪونه آهن
(محبوب حقيقي يعني خدا جي ذات احديت ڏانهن اشارو).
[مثنوي روميءَ ۾ نيستي ۽ هستي جو وڏو بحث آهي بلڪ
اهو رومي جي فڪر جو مرڪزي نڪتو آهي. هو چوي ٿو ته
هي جهان نيستي (ناهه) آهي پر هست (آهه) ڏسڻ ۾ اچي
ٿو ۽ اصلي جهان جيڪو واقعي حقيقت آهي، اهو تمام
ڳجهو آهي ۽ ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ٻئي هنڌ وري چوي ٿو ته
هي جهان نفي آهي، تون اثبات (حقيقي محبوب) جي تلاش
ڪر، تنهنجي ظاهري هستي ڪجهه ناهي تنهنڪري تون
پنهنجي معنيٰ (اصل مقصد) کي ڳولهي هٿ ڪر.
ماعد مهائيم وهستي هائي ما،
تو وجود مطلقي فاني نما.
(دفتر اول، ب- 602)
معنيٰ: اسان ۽ اسان جي هستي عدم يعني معدوم آهيون
(ڪجهه نه آهيون) پر تون وجود مطلق (سراسر هستي)
هجڻ جي باوجود ڏسڻ ۾ جو نٿو اچين ته ڄڻ فاني آهي.
هڪ ٻئي هنڌ وڌيڪ چٽو ڪري چوي ٿو:
هرچه انديشي پذيرائي فناست،
آنچه در انديشه نايد آن خداست.
(دفتر دوم، ب- 3107)
معنيٰ: جيڪو انساني فڪر ۽ سوچ ۾ اچي وڃي اهو فاني
آهي، جيڪو انساني فڪر توڻي عقل کان مٿي يا ٻاهر
آهي، اهو ئي خدا آهي.]
13
جِتي ”آهِ“ نه ”ناهِ“ ڪا، اِيءُ خاڪِيءَ جو خِيالُ
جانِبَ جو جَمالُ، پَسَڻان پَري ٿِئو. [2606]
سمجهاڻي:
انسان جي سوچ هست ۽ نيست، موجود ۽ غير موجود تائين
محدود آهي (هو فقط ايستائين سوچي سگهي ٿو يا ان
لحاظ کان سوچي ٿو). (حقيقت اها آهي ته) محبوب جي
سونهن ۽ ان جو جلوو پسڻ انسان جي وس (حواسن) کان
ٻاهر آهي.
[مثنويءَ جي هنن شعرن ۾ ان ڳالهه جي سمجهاڻي ڏني
وئي آهي:
پس نها نيها بضد پيدا شود،
چونکه حق را نيست ضد پنهان بود.
پس به ضد نور دانستي تو نور،
ضد ضد را مي نمايد در صدور.
نور حق را نيست ضدي در وجود،
تا به ضد اورا تو ان پيدا نمود.
(دفتر اول، ب-1131 کان 1134)
معنيٰ: جيڪي لڪل شيون آهن، سي پنهنجي ضد سان ظاهر
ٿينديون آهن. خدا جو ڪو ضد ناهي، جنهنڪري هو لڪيلن
کان به لڪل آهي. جيئن ته هن جو ڪو ضد ناهي، جنهن
سان هو ظاهر ٿئي، ان ڪري هو اسان جي ڏسڻ پسڻ جي
قوت کان ٻاهر آهي.]
14
جِتي ”آهِ“ نه ”ناهِ“ ڪا، اِيءُ خيالُ خاڪِي
پِريان جِي پاڪِي، پَسَڻان ئي پَري ٿي. [2607]
سمجهاڻي:
انساني سوچ يا تصور هئڻ ۽ نه هئڻ (ضدن) تائين
محدود آهي. ليڪن محبوب (ذات مطلق) پنهنجي حسن ۽
جمال جي پاڪائي (مطلق نوعيت) سبب ڏسڻ پسڻ کان مٿي
آهي.
[مثنويءَ ۾ ان جي سمجهاڻي هن ريت ڏني ويئي آهي:
بي ز ضدي ضد را نتوان نمود،
و آن شـﮣ بي مثل را ضدي نبود.
(دفتر ششم، ب 2152)
معنيٰ: هڪ ضد کي ٻئي ضد کان سواءِ نٿو ڏسي سگهجي،
۽ هن بي مثل بادشاهه جو ڪو ضد ناهي. هو ضدن کان
پاڪ آهي. ان ڪري صوفي چون ٿا ته خدا جي ذات ’ظاهر‘
۽ هيءَ ڪائنات ان جو ’مظهر‘ (ظاهر ٿيڻ جي جاءِ)
آهي. انسان صرف هن جي مظهر کي ڏسي سگهي ٿو.]
15
وِردَ وَظِيفا وِسَرِئا، نَڪا رَهِي نِمازَ
هِنيَڙو بَحرِي بازَ، چوري چَنَبَنِ ۾ ڪِئو.
[2608]
سمجهاڻي:
مون کان سڀ ورد وظيفا (نفلي عبادتون) به وسري ويون
ته نماز (جهڙي فرض عبادت) به هٿان هلي ويئي.
(دراصل مان پنهنجي وس ۾ نه آهيان جو ) منهنجي دل
کي (محبوب حقيقي) زورآور باز وانگر چنبن ۾ کڻي
هليو ويو آهي.
[شاهه صاحب سر آسا جي هڪ ٻئي بيت 2653 ۾ ’حقيقت‘
کي اهو باز ڪوٺيو آهي.
موهيندءُ مجاز، گهڻين ٿورين ڏينهڙين
هٿان ڇڏ م باز، هاريا حقيقت جو.]
16
وَقتُ وَڃي جو، سو قَضا ٿِئي ڪِيئن
تان نه گهُرجي تِيئن، جا پَرِ عَزازِيلَ جِي.
[2609]
سمجهاڻي:
جيڪو وقت قضا (گذري) وڃي ٿو اهو ڪيئن ٿو ٻيهر هٿ
اچي سگهي؟ (الله جي حڪم کي وقت تي ادا ڪرڻو آهي).
ائين عزازيل واري روش اختيار نه ڪجي (جو کائنس وقت
ويو ۽ الاهي حڪم مڃي آدم کي سجدو نه ڪيائين ته
هميشه لاءِ تڙجي ويو).
17
روزا ۽ نَمازُون، اِيءُ پُڻ چَڱو ڪَمُ
اُو ڪو ٻيو فَهَمُ، جِنہِ ۾ پَسڻُ پِرينءَ کي.
[2610]
سمجهاڻي:
روزا ۽ نمازون نيڪيءَ وارا ڪم آهن (شريعت مطابق
اهي ضروري ۽ فرض آهن). (پر ظاهري فرضن ادا ڪرڻ کان
سواءِ) اڃا اهو ڪو ٻئو عمل يا فعل آهي، جنهن ڪري
حقيقي محبوب جو ديدار نصيب ٿو ٿئي.
18
ڪيهِي پُڇِين ڪالَهه ڪَرَ، نَڪا اَڄُ صُباحَ
وانءُ تَهِينِ سِين واڳِيو جو پِرين مَنجههِ
پَساهَ
رَمُ رَبانِي راهَ، مَٿي حالَ هُوشِيارُ ٿِي.
[2611]
سمجهاڻي:
تون ڪالهه جي ڪهڙي خبر ٿو پڇين. (اصل ۾) نڪي اڄ
آهي ۽ نه سڀاڻي. توکي گهرجي ته تنهنجي ساهه پساهه
(حال) سان جنهن هستيءَ جو واسطو آهي، ان سان هر
صورت ۾ گڏجي هلين. ائين تون رب طرفان مقرر ڪيل واٽ
تي هلندو رهه ۽ پنهنجي حال بابت پوري هوشياريءَ ۽
خبرداريءَ کان ڪم وٺ.
[صوفين وٽ ’حال‘ ۽ ’مقام‘ ٻه خاص اصطلاح آهن.
’حال‘ اها ڪيفيت آهي جيڪا سالڪ تي پنهنجو پاڻ وارد
ٿئي، جيڪا خدا جي طرفان هوندي آهي، اها سالڪ جي
ضابطي ۾ نه هوندي آهي. ’مقام‘ اها ڪيفيت جيڪا سالڪ
پنهنجي محنت سان حاصل ڪري ٿو. ’حال‘ جو مثال قرب ۽
مُشاهدو ذوق ۽ شوق، محو ۽ جذب وغيره آهن، ’مقام‘
جو مثال تسليم، رضا وغيره آهن. تصوف جي اوائلي
تصنيف ’ڪتاب اللمع‘ ۾ ست مقام ۽ ڏهه حال بيان ٿيل
آهن.
مثنوي روميءَ ۾ آهي ته صوفي ابن الوقت آهي يعني هو
وقت سان ٻِٽ هلي ٿو. هڪ ساعت يا لمحو به ضايع نٿو
ڪري ۽ صبحاڻي جي ڳالهه نٿو ڪري. ٻئي هنڌ وري رومي
چوي ٿو ته ماضي ۽ حال جي نسبت انسان سان آهي، ۽
خدا جي لاءِ اهي سڀ هڪ آهن. سالڪ ۽ عارف جيئن ته
خدا جي ذات ۾ فنا آهن، تنهن ڪري اهي سالڪ سان به
لاڳو نه آهن:
لامکاني کي درو نور خد است،
ماضي ومستقبل وحالش کجاست.
(دفتر سوم بيت 1151)
معنيٰ: اهو لامڪان جنهن ۾ خدا جو نور آهي، اتي
ماضي، مستقبل ۽ حال ڪٿي آهن؟]
19
اَحَدَ جي اِسرارَ کي جُنبي ڏِٺو جَنِ
سي موٽِي ڪِينَ پَسَنِ، ڌاران هاديءَ هيڪَڙي.
[2612]
سمجهاڻي:
اهو سمجهه ته اها ذات (الله تعاليٰ) هڪ ئي هڪ آهي،
يعني خدا ’احد‘ ئي آهي، اڪيلو ’هڪ‘ ئي آهي، ۽ ان
جو پويان ’ٻه‘ يا ’ٻيو‘ آهي ئي ڪونه. انهيءَ راز
کي جن پوري جذبي ۽ جوش سان اڳتي پير پائي محسوس
ڪيو، اهي پوءِ ٻيءَ ڪنهن به صورت ۾ هڪڙي هادي ۽
رهبر کان سواءِ ڪجهه نٿا ڏسن، (اهي ان اڪيلي ذات
جي ديدار ۾ ئي گم رهن ٿا).
[شاهه لطيف جي هن بيت سان جوڙ هڪ ٻيو بيت هن ريت
آهي.
ڳجهان ڳجهه وڃن، احد جي اسرار ۾مٿين ٻنهي بيتن جو
پس منظر مثنوي روميءَ ۾ هن ريت ملي ٿو، مولانا
رومي چوي ٿو ته خدا جي ذات جي ماهيت جو ادراڪ
جيتوڻيڪ عام طور نٿو ڪري سگهجي، ليڪن جيڪي خدا جا
خاص ٻانها آهن، انهن کي اهو حاصل آهي، انهن وٽ
انهيءَ ڳجهه جو ڳجهه بلڪل ظاهر ۽ عيان آهي. عام
مخلوقات لاءِ حق جي ذات ۽ ان جا اسرار سمجهه ۽
بصيرت کان ٻاهر آهن، پر جيڪي انهن اسرارن جا واقف
آهن، انهن کان ذات جي وصف پڻ ڳجهي ناهي،
زانکه ماهيات و سّر سر آن،
پيش چشم کاملان باشد عيان.
(دفتر سوم، ب- 3651)
معنيٰ: بيشڪ هن (الله) جي ماهيت ۽ سندس ڳجهه جا
ڳجهه هنن ڪامل انسانن جي اکين آڏو کليل ۽ ظاهر
آهن. هتي روميءَ جي اصطلاح ’سر سر‘ لاءِ شاهه لطيف
جو سنڌي اصطلاح ’ڳجهان ڳجهه‘ يعني ’ڳجهه جو ڳجهه‘
خاص طور قابل توجـﮣ آهي.]
20
مُئي هاٿِيءَ سِين مَامِرو اَچِي پيو انَڌَنِ
مَناڙِينِ هَٿَنِ سِين، اَکِيينِ ڪِينَ پَسَنِ
فِي الحَقِيقَتَ فِيلَ کي سَڄا سُڃاڻَنِ
سَندِي سَردارَنِ، بَصِيرَتَ بِينا ڪري. [2613]
سمجهاڻي:
مئل هاٿيءَ سان انڌن کي معاملو پيش آيو. اهي
هاٿيءَ جي مٿان هٿ ڦيرائي زور ڏيئي پيا خيال
ڊوڙائين ته آخر اها ڪهڙي شيءِ آهي، ڇاڪاڻ جو اکين
سان ته ڏسي نه پيا سگهن. (جنهن هاٿيءَ جي ڪنن کي
هٿ لاتو، تنهن چيو ته وڃڻو آهي، جنهن پڇ کي هٿ
لاتو، تنهن چيو ته رسو آهي، جنهن ٽنگن ۽ سونڊ کي
هٿ لاتو تنهن چيو ته اهو ٿنڀ آهي، وغيره). (هو آخر
تائين اهو سمجهي نه سگهيا ته اهو هاٿي آهي)، حقيقت
۾ هاٿيءَ کي اُهي سڃاڻندا جيڪي اکين کان سڄا آهن،
دراصل جيڪي سالم نظر يا بصيرت جا صاحب آهن، اُهي
ئي ٻين کي اکين سان يا بنا اکين ڏسڻ جي قابل ڪن
ٿا.
[هيءَ آکاڻي مثنوي روميءَ تان ورتل آهي، ليڪن اتي
جيئري هاٿي کي اونداهي ڪمري ۾ ڏيکاريو ويو آهي، ۽
ان کي سُڃاڻڻ وارا عام اکين وارا انسان آهن.
پيل اندر خانه تاريک بود،
عرضه را آورده بودندش هنود.
(دفتر سوم، ب- 1259)
معنيٰ: هاٿي هڪ اونداهي ڪمري ۾ هو، ان کي
هندستانين ڏيکارڻ لاءِ آندو هو. آخر ۾ چوي ٿو:
درکف هر يک اگر شمعي بدي،
اختلاف از گفتشان بيرون شدي.
(دفتر سوم، ب- 1287)
معنيٰ: جيڪڏهن هر هڪ جي هٿ ۾ شمع (نور بصيرت) هجي
ها ته هنن جو اختلاف جلد ختم ٿي وڃي ها.]
21
ڳالِهه پِريان جي ڳُجههَ جِي، ڳالِهه مِڙيائِي
ڳُجههُ
هِنيَڙا اُجهُه مَ مُنجههُ، ته پِرِينِئون پَري نه
ٿِئين. [2614]
سمجهاڻي:
پرين جي ڳجهه يا راز واري ڳالهه (حقيقت) سراسر
ڳجهه ۽ راز آهي ۽ هميشه راز ۾ رهندي. (حقيقت تائين
رسائي عقل ۽ فهم کان ٻاهر آهي). اي دل، تون اها
ايتري ڳالهه سمجهي وٺ (اهو راز ئي رهندو). وڌيڪ
پاڻ کي نه منجهاءِ (اجايا ڌُڪا نه هڻ). متان ائين
ڪرڻ سان پرينءَ کان (وڌيڪ) پري نه ٿي وڃين. (مطلب
ته عقل واري ڳالهه ۽ تلاش بدران عشق واري لڇ ۽ لوچ
۾ رهڻ گهرجي)
[مثنوي روميءَ ۾ هن معنيٰ سان مناسبت رکندڙ ڪيترا
شعر آهن، مثلا هي شعر ڏسو:
زان نيآمد يک عبارت درجهان،
که نهانست و نهاست و نهان.
(دفتر چهارم، ب- 2968)
معنيٰ: هن دنيا ۾ ڪنهن به طريقي يا نموني سان هن
جو بيان نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته هو ڳجهه آهي، ڳجهه ۽
ڳجهه ئي رهندو.ٻنهي بيتن ۾ لفظ ’ڳجهه‘ تي زور کي
ڌيان ۾ رکو ]
22
آهي اُونداهِيءَ جو شِرَڪُ سَهَائِي
چِٽي
چِٽائِي،
اَلفَ
جِي
عَمِيقَ
۾. [2615]
سمجهاڻي:
جهڙيءَ طرح اونداهيءَ جي مقابل (ضد) روشني آهي
(ٻين لفظن ۾ جيڪو اونداهيءَ جو اقرار ڪري ٿو اُهو
روشني کي به مڃيندو يا ان جو اُلٽ به صحيح آهي ته
جيڪو روشنيءَ کي مڃي ٿو، اهو ظاهر آهي ته اوندهه
جو به قائل هوندو) ليڪن الف يعني الله تعاليٰ جي
ذات پنهنجي اونهي اسرار موجب رڳو روشني ئي روشني
يا چٽي چٽائي (نور ئي نور آهي.)
[هن بيت ۾ مولانا روميءَ جي فڪر جو واضح پڙاڏو
موجود آهي. هو چوي ٿو ته روشنيءَ جي سڃاڻپ ان جي
ضد اوندهه جي ڪري آهي. اهو قاعدو آهي ته ضد جو
مقابل ئي اصل ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو، انهيءَ ڪري
جيڪي شيون لڪل هونديون آهن، اهي به ضد جي ڪري
پڌريون ٿينديون آهن. جيئن ته خدا تعاليٰ جو ڪو ضد
ناهي، تنهن ڪري هو پوشيده آهي. الله تعاليٰ اهڙي
روشني يا نور آهي جنهن جي ضد جو ڪو وجود ناهي،
تنهن ڪري هن جي وجود (روشني) لاءِ (اونداهي) جهڙي
ضد جو ڪو احتياج ڪونهي.
نور حق را نيست ضدي در وجود،
تا ضد او را توان پيدا نمود.
(دفتر اول ب- 1134)
معنيٰ: الله جي نور جي ڪنهن ضد جو وجود ڪونهي، جو
ان سان سندس مقابلو ڪري سڃاڻي سگهجي، يا ان طريقي
سان کيس سڃاڻجي.
نوٽ: هي بيت سر ڪلياڻ ۾ پڻ آيل آهي، البت اتي
پهرين هڪ وڌيڪ سٽ جو اضافو آهي.]
23
سُتي جا ساڃاءِ، سا جاڳندي نه ٿِئي
تِهان پوءِ مون ماءِ، نيڻَ هيرايا نِنڊَر سِين.
[2616]
سمجهاڻي:
ننڊ واريءَ حالت ۾ (اکيون بند ڪرڻ سان) جيڪا سُرت
۽ سڃاڻڻ واري سمجهه حاصل ٿي آهي، اُها جاڳ واري
حالت ۾ نٿي ٿئي (مشاهدي جي ڪيفيت). ان کان پوءِ
(انهيءَ ڪري) مون پنهنجيون اکيون يڪجا ڪري اُنهن ۾
اهڙي قسم جي ننڊ جي عادت وڌي آهي.
[هن بيت ۾ بنيادي خيال مثنوي روميءَ جي هيٺين شعرن
وارو معلوم ٿئي ٿو.
اي بسا بيدار چشم و خفته دل،
خود چه بيند چشم اهل آب و گل.
وانکه دل بيدار دارد چشم سر،
گر بخسپد بر کشايد صد بصر.
(دفتر سوم، ب- 1222)
معنيٰ: گهڻا اکين سان (ظاهري طور) جاڳندڙ آهن، پر
سندن دل ستل آهي. مٽي ۽ پاڻي وارن جي اک ڇا ڏسي
سگهندي. پر جنهن جي دل جاڳيل آهي ۽ سندس ظاهري اک
سمهي به پوي ته ان جون اکيون (اندر واريون) کلي
پون ٿيون]
24
سَڄَڻَ سَنيُون ڪَنِ، لوڪان ليکي وِنگِيُون
سَندِي سُپيرِينِ، پَرِ پَروڙڻُ ڏاکَڙو.
[2617]
سمجهاڻي:
اهو محبوب سدائين سولايون ڪري ٿو (اسان جي لاءِ
سٺو سوچي ٿو)، پر عام ماڻهو سمجهن ٿا ته ان ۾
تڪليفون آهن (درحقيقت محبوب جي انهيءَ روش کي
سمجهڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي).
وائي
پِريَنِ ئُون پوءِ، موٽِي موٽِي نه وِهامِي راتِ
راهَ رَمَندڙي روءِ
ڦوڙائو فَقِيرَ کي، قادرَ ڪوهُ ڏنوءِ
چَڙهيا ڏاڍين ڏُونگرين، سيڻَنِ سانگُ نه ڪوءِ
اَچِي
اوراهُون
ٿِئي،
ساجَنَ
سانگُ
سَندوءِ. [2618]
سمجهاڻي:
پرينءَ جي وڃڻ کان پوءِ (جدائيءَ ۾) منهنجي لاءِ
رات ڄڻ وري وري موٽي پيئي اچي (گذري ئي نٿي). آءٌ
راهه وٺيو هلندي وڃان ۽ پيئي روئان ۽ ڳچ ڳاريان.
اي مالڪ، تو هن غريب کي جدائي ڇو ڏني؟ منهنجا
محبوب ته اڙانگا جبل جهاڳي اڳڀرا ٿي ويا، پر کين
منهنجو ڪو لحاظ ڪونه آيو. (شل) محبوب جو قافلو
(ڪنهن طريقي سان) ويجهو اچي لنگهي (ته آءٌ سندن
ديدار ئي ڪريان).
داستان ٻئو
1
اُڀَرَندي ئِي سِجُ پِرين جي نه پَسَندِيُون
سي ٻَئي ڪَڍِي ڏِجِ، اکڙيُون ڪانگنِ کي. [2619]
سمجهاڻي:
جيڪي اکيون سج اڀرڻ سان، ڏينهن ٿيندي ئي (سڀ کان
پهرين) محبوب جو ديدار نٿيون ڪن، ته اُهي ٻيئي ڪڍي
ڪانگن کي ڦٽو ڪري ڏيئي ڇڏ (اُهي ڪنهن ڪم جون
ناهن).
[مثنويءَ ۾ اڪثر مرشد کي محبوب جي اکين سان تشبيهه
ڏني وئي آهي. ٻين لفظن ۾ مرشد کي اکين جو درجو ڏنو
ويو آهي. روميءَ اهو به چيو آهي ته انسان جي وجود
۾ سڀ کان وڌيڪ قيمتي اکيون ئي آهن:
يار چشم تست اي مرد شڪار،
از خس و خاشاک اورا پاکدار.
(دفتر دوم، ب)
معنيٰ: اي شڪار ٿيندڙ عاشق تنهنجو محبوب تنهنجي
اکين وانگر آهي، تنهنڪري پنهنجي اکين کي هر صورت ۾
مٽي ۽ خاڪ کان پاڪ صاف رک.]
مثنوي روميءَ جو هي شعر ڏسو:
چونکه ديد دوست نبود کور به
دوست کو باقي نباشد دور به
(دفتر اول، ب- 1407)
معنيٰ: جيڪڏهن اک دوست کي ڏسڻ واري ناهي ته ان کان
انڌي ڀلي آهي، پر جيڪو دوست باقي رهڻ وارو نه آهي
ته ان کان پري رهڻ بهتر آهي.]
2
مون کي اَکَڙِيَنِ، وَڏا ٿورا لائِيا
تَپُڻَ پِرين پَسَنِ، کَڻان جي کَرَ سامُهِيُون.
[2620]
سمجهاڻي:
منهنجي اکين جا منهنجي مٿان وڏا احسان آهن، (اهو
هن ڪري جو) جڏهن آءٌ پنهنجي رقيب يا بدخواه تي به
نظر وجهان ٿو، تڏهن به اهي پنهنجي پرينءَ کي ڏسن
ٿيون (انهن کي هر شيءِ ۾ محبوب ٿو نظر اچي).
[روميءَ مثنويءَ ۾ هن خيال کي ڪيترن طريقن سان ادا
ڪيو آهي:
ديدهء تو چون دلم را ديده شد،
شد دل ناديده غرق ديده شد.
(دفتر دوم، ب- 99)
معنيٰ: جڏهن تنهنجو نور منهنجي اکين جي روشنائي
بنجي ويو ته منهنجي انڌي دل هر طرف تنهنجي ديدار ۾
گم ٿي وئي.]
3
اَکَڙِيُون پِريَنِ ري جي ڪِين ٻِئو پَسَنِ
ته ڪَڍي کي ڪانگَنِ، نِوالا نيڻَ ڏِيان. [2621]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن منهنجيون اکيون پنهنجي محبوب کان سواءِ
ڪنهن ٻئي کي ڏسڻ جي گستاخي ڪن ته جيڪر انهن کي
ٽُڪر ٽُڪر ڪري (گرهه ٺاهي) ڪانگن کي کائڻ لاءِ
ڏيئي ڇڏيان.
4
نيرانا ئِي نيڻَ، نيئي آڇِ پِريَنِ کي
سَتَرِ کاڌا کيڻَ، جُہُ ڏِٺو مُنہُ مَحبوب جو.
[2622]
سمجهاڻي:
نيرن ڪرڻ کان اڳ (صبح جي ماني کان پهرين)
تون پنهنجا نيڻ محبوب کي کڻي وڃي پيش ڪر. (هن جي
ديدار جو انتظار ڪر). جيڪڏهن انهن کي محبوب جو
منهن ڏسڻ نصيب ٿيو ته سمجهه ته ستر کاڌا کائي
ڇڏيائون. (محبوب جي ديدار کان وڌيڪ سڪون ڏيندڙ ٻي
ڪا شيءِ ناهي).
5
تَنِ نيڻَنِ ڪِي نيرانِ، جَنِ ساجهُرِ سيڻَ
سانڀيٽِئا
جِيءَ جُسي ۽ جانِ، ڪَرَ حَضُورِي حَجُ ڪِئو.
[2623]
سمجهاڻي:
انهن اکين وڏي نيرن ڪئي جن فجر مهل سوير وڃي محبوب
جو آمهون سامهون ديدار ڪيو. بلڪه انهيءَ سان ڄڻ
مون پنهنجي دل، جسم ۽ روح سوڌو سندن حضور ۾ وڃي حج
ڪيو (اها منهنجي لاءِ حج کان وڏي سعادت آهي).
[مثنويءَ ۾ جتي شيخ يا مرشد کي محبوب جي اکين سان
تشبيهه ڏني وئي آهي، اتي وري مرشد جي چهري کي طالب
جي لاءِ آئينو ڪوٺيو ويو آهي. اهو آئينو ڏاڍو
قيمتي آهي، جو ان ۾ طالب جون سڀ اوڻايون ظاهر ٿين
ٿيون ۽ ائين اهو آئينو طالب جي سونهن جو سبب بنجي
ٿو:
آئينه جان نيست الا روي يار،
روي آن ياري که باشد آن ديار.
(دفتر دوم، ب-1121)
معنيٰ: روح جو آئينو دوست جو چهرو ئي آهي، پر اهو
ان دوست جو چهرو آهي، جيڪو هن ٻئي جهان (ملڪوت)
سان تعلق رکي ٿو.]
6
اَکِيُون عَلي الصُباح، دوستُ ديکَڻَ آئِيُون
اُڀيندِيُون اَرداسَ ۾، ٻِي نه ڪَنديون ڪاء
رَچَندِيُون ري پاهَ، پَرچَنديون پِريَنِ سِين.
[2624]
سمجهاڻي:
اکيون سويل صبح ٿيڻ شرط ئي محبوب جي ديدار لاءِ
اچي حاضرٿيون آهن ۽ عرضداشت کڻي وڏي ادب سان
بيٺيون آهن. کين ٻيو ڪوبه غرض يا لالچ ناهي. اهي
ڪنهن (ظاهري) رنگ لڳڻ کان سواءِ رنگجي وينديون ۽
محبوب جي ديدار ڪري خوش ٿينديون، (محبوب مٿن راضي
ٿيندو).
7
ڪِين جو ڪيڏاهِين، اَکيون پَسِي آئِيُون
تاڻِينِ تيڏاهِينِ، پييُون پاڻَ مُنهائِيون.
[2625]
سمجهاڻي:
اکيون الائجي ڪهڙي طرف ڇا ڏسي آيون آهن (محبوب) جو
ان کان پوءِ پنهنجي منهن پاڻمرادو اوڏانهن هر هر
ڇڪجي پيون وڃن، (محبوب جي ڪشش کين هر وقت پاڻ
ڏانهن ڇڪيو بيٺي آهي).
8
ڪِين جو ڪَنهين پارِ، اکيون پَسِي آئيُون
ٿِيون ديوانيون دِلِ ۾، اَپَرَ لَڳِينِ آرِ
تِهان پوءِ قَرارِ، سُتيون ڪِينَ سَيدُ چَئي.
[2626]
سمجهاڻي:
اکيون ڪنهن پاسي الائجي ڇا ڏسي آيون آهن، جو
انهيءَ عشق ۾ چريون ٿي پيون آهن. کين محبت جي اهڙي
ڪا چوٽ لڳي آهي، جو عبداللطيف چوي ٿو ته ان کان
پوءِ اهي وري آرام سان سمهي نه سگهيون آهن.
9
ڪِين جو وَڃي اَڄُ، اکيون پَسي آئِيُون
سيڻَنِ ڪِيو سَهَڄُ، لالُون ٿِيون لَطِيفُ چَئي.
[2627]
سمجهاڻي:
اڄ خبر ناهي ته اکيون الائجي ڇا ڏسي آيون آهن،
محبوب اهڙو ڪو قرب ڏنو اٿن جو (خوشيءَ کان)
ڳاڙهيون ٿي (ڪڪورجي) مست ٿي ويون آهن. (اها ڪيفيت
سندن ختم ئي نٿي ٿئي.)
10
ڪِين جو وَڃي ڪالَ، اکيون پَسِي آئِيُون
لالُون ڪِيُون لَطِيفُ چَئي، جانِبَ جي جَمالَ
ٿِئا نيڻَ نِهالَ، جَنِي دِلَبَرُ ديکِيو. [22628]
سمجهاڻي:
اکيون ڪالهه الائجي ڇا ڏسي آيون آهن، عبداللطيف
چوي ٿو اهي جانب جو جلوو پسي آيون آهن، تڏهن ته
ڳاڙهاڻ مائل ۽ خماريل آهن. انهن اکين جن دلبر جو
ديدار ڪيو آهي، اهي هاڻي ڏاڍو خوش ۽ فرحت ۾ آهن
(سندن اها خوشي لهڻ واري ناهي).
11
اَکين کي آهِينِ، عَجَبَ جِهڙيون عادَتُون
سُورَ پَرائي ساٿَ جا وڃئو وِهائِينِ
اُتي لَئُون لائِينِ، جِتِ حاجَتَ ناهِ هَٿيارَ
جي. [2629]
سمجهاڻي:
اکين کي ڏاڍيون عجيب عادتون آهن، (منهنجي وس کان
ٻاهر آهن) تڏهن ته پاڻ محبوبن جي قافلي مان وڃيو
سور خريد ڪري اچن ٿيون. اهڙي هنڌ (محبوب وٽ) وڃي
محبت جو آغاز ڪن ٿيون، جن کي (عاشقن کي مارڻ لاءِ)
ڪنهن هٿيار کڻڻ جي ضرورت ناهي.
12
اَکَڙِيَنِ آرامُ، ڪَڏهِنِ تان ڪونه ڪِئو
هَنيُون منجههِ حِمَامَ، کاڻِيُون کُوري وِچَ ۾.
[2630]
سمجهاڻي:
اکين جو اهو حال آهي جو سندن هر وقت جو آرام ۽ سک
ڦٽي ويو آهي، اهي ڪڏهن به سک سان ڪون ستيون آهن.
اهي تيز تپش جي ڪري موت واريءَ حالت ۾ آهن ۽ باهه
جي کوريءَ ۾ پيون جلن ۽ پچن، (محبوب جي ديدار بابت
شديد ڪيفيت جو اظهار).
13
اَکِينِ کي آرامُ، پِرينءَ ڌاران نه پِئو
ٿِيَنِ تي تَمامُ، جي پَسَنِ مُنہُ مَحَبوبَ جو.
[2631]
سمجهاڻي:
اکين کي محبوب جي ڏسڻ کان سواءِ هڪ پل به آرام نٿو
اچي، اهي جڏهن محبوب جو چهرو ڏسن ٿيون تڏهن وڃي
سڪون ۾ اچن ٿيون.
[رومي ان ڪيفيت جو بيان هن ريت ڪري ٿو:
چشم باز ار تاسه گيرد مرترا،
دان که چشم دل به بستي، برکشا.
(دفتر دوم، ب-86)
معنيٰ: جيڪڏهن تنهنجون کليل اکيون بي قرار ۽
پريشان آهين ته سمجهه ته تنهنجي دل جي اک محبوب
کان بند آهي، ان کي کول.]
14
اکيون پِريَمِ تُنهنجِيون، ڪَٽاري جي ڪارِ
کوڙِي کَڻُ مَ سُپِرين، چاڪَ وِجهَنِ چَؤڌارِ
ساجَن سَنئون نِهارِ، ته وَڃنِ سُورَ سَنڌيون
ڪَيو. [2632]
سمجهاڻي:
اکيون ڪٽاري (ننڍي خنجر) جو ڪم ڪن ٿيون، وري جڏهن
تون اهي (تکي گهور سان) خنجر جيان کپائي هڻين ٿو
ته اهي منهنجي بدن ۾ هر طرف کان چير وجهي ڇڏين
ٿيون. ليڪن جڏهن تون سنئون سڌو نهارين ٿو (مهر
واري نظر ڪرين ٿو) ته سور وچان وٿيون ڪري پري ڀڄي
وڃن ٿا.
15
اَکِينِ کي آئون، جانڪي جهَلون پائِيَان
لوڪُ لَتاڙي نِنڊَر ۾، ساجَنُ سُونٺَائُون
مون کي مارِيائُون، پاڻُ پَرِچي آئيُون. [2633]
سمجهاڻي:
مون اکين کي ڪيترو به زور سان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي
پر اهي ننڊ (خواب) ۾ سڄي لوڪ کي اورانگهي
(نظرانداز ڪري) پنهنجي سڄڻ ۽ ساجن ڏانهن سڌو رخ
رکيائون، مون کي مصيبت ۾ وڌائون پر پاڻ محبوب جو
ديدار ڪري راضي ٿي آيون.
[مثنوي روميءَ جو هيءُ بيت ڏسو،
چشم من ره برد شب شه را شناخت،
جمله شب باروي ماهش عشق بافت.
(دفتر ششم، ب- 2858)
معنيٰ: منهنجي اکين رات جو فاصلو طي ڪري ان
بادشاهه کي وڃي سڃاتو ۽ سڄي رات ان جي چنڊ جهڙي
چهري سان ڪچهري ڪئي ۽ محبت ونڊي.]
16
اَکِينِ کي آئُون، جانڪي جهَلُون پائِيَان
رَءِ جَهِين جي رَتِيُون، سو سوجهي سونٺَائون
پَسَنِ پَراهُون، اورانگهي عالَمَ کي. [2634]
سمجهاڻي:
مون اکين کي هر لحاظ سان جهلڻ جي ڪوشش ڪئي (پنهنجي
وسان نه گهٽايو) پر جنهن محبوب جو مٿن رنگ چڙهيل
هو يا جنهن جي رنگ ۾ رتل هيون، تنهن کي آخر ڳولي
وڃي ڏٺائون. پرين ڪيترو به پري هجن، پر هي سڄي
جهان کي جهاڳي وڃي ديدار ڪري آيون.
[روميءَ هڪ مرحلي تي هينئن چيو آهي:
گفتم آخر خويش را من يافتم،
در دو چشمش راه روشن يافتم.
(دفتر دوم، ب-101)
معنيٰ: مون کي آخر تڏهن وڃي اطمينان ٿيو، جڏهن مون
پاڻ کي محبوب (مرشد) جي ٻنهي اکين جي روشن راهه تي
هلندي ڏٺو.]
17
اَکِينِ کي آهِينِ، وَڏا واجَهه وِڙَهڻَ جا
اُڀِيُون مَنڊي مامِرو، جهيڙو نه لاهِينِ
جِئن سي ڪَڪَرَ اُڀَ ۾ تِئن آگمِيُون آهِينِ
جهُڙِ ڦڙِ نه لاهِينِ، وَسَنِ ساوَڻَ مِينهَن
جِين. [2635]
سمجهاڻي:
اکين کي جهيڙي (وچڙڻ) ڪرڻ جا گهڻا نمونا ۽ ڍنگ اچن
ٿا. اهي جڏهن معاملو مچائي بيهن ٿيون ته پوءِ اهو
ختم نٿيون ڪن. بلڪه جئن آسمان ۾ ڪڪر اچي ويندا
آهن، تيئن هي به جهڙ وانگر ڀرجي بيهن ٿيون. اهي
پوءِ ڪڏهن سنهي مينهن جيان ته ڪڏهن وري سانوڻ جي
برسات وانگر وسڪارا پيون ڪن (لڙڪ وهائين) ۽ بند
ٿيڻ جو نالو نه وٺن!.
18
اَکِينِ اَدَبُ ڇَڏِئو، ڪوجها نَظرَ ڪَنِ
کَرَنِ ساڻُ کِلَنِ، پييُون وَهِ وَرَنَ سين.
[2636]
سمجهاڻي:
اکين پنهنجو ادب (حياءُ شرم) ڇڏي وڃي (غيرن) بڇڙن
۽ بدخواهن سان نظر ملائي آهي. دشمنن ۽ غيرن سان
پيون کلن ۽ خوش ٿين ۽ پنهنجن ورن (سڄڻن) سان
سامهيون (بي ادب) ٿي بيٺيون آهن ۽ انهن سان ضد
(مخالفت ۽ مقابلي وارو رخ) پيون ڪن.
19
اَکِيُون تان عيدَ، ڪانِهي عِيدَ اَکِيَنِ ري
خوشي ۽ خَريدَ، ويئِي ويچارِينِ وِسَري. [2637]
سمجهاڻي:
اکين سان ئي عيد (خوشي ۽ مزو) آهي (جڏهن اهي محبوب
جو ديدار ڪن). اکين کان سواءِ عيد (محبوب کي ڏسڻ
کان سواءِ) ڪيئن ٿي سگهي ٿي. (جنهن صورت ۾ اکين کي
محبوب سان ملڻ جو ڪو آسرو ڪونهي). اکيون ويچاريون
بيحال ٿي پيون آهن، ۽ کانئن (عيد واري) خوشي ۽
خريداري وسري ويئي آهي.
20
اَکِيون مون نه وَهيڻيُون، اکيون پنهنجيءَ مَتِ
اُتي وَڃي اَٽَڪِيُون جِتي جانِ کَپَتِ
نَڪا ڳالهه نه ڳَتِ، جِيءَ ڏنِي رِءَ نه جُڙي.
[2638]
سمجهاڻي:
اکيون منهنجي هٿ وس ناهن، اهي پنهنجي سوچ ۽ ارادي
واريون آهن، اُهي اُتي وڃي اڙيون آهن جتي پاڻ کي
قربان ڪرڻو پوي ٿو. اتي ڪو دليل يا بهانو ڪونه ٿو
هلي، بلڪه ساهه صدقي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو حل
ڪونهي.
21
اَکَڙِينِ آرو، مُونهان پُڇِي نه ڪِئو
اُتي وَڃي اَڙِيُون جِتِ چَوَڻُ نه چارو
هنِيَڙو ويچارو، واٽون جهَلِئو وِنجهُلي. [2639]
سمجهاڻي:
اکين مون کي ٻڌائي، محبت ڪانه ڪئي. اتي وڃي ڦاٿيون
آهين جتي ڳالهه ٻولهه يا منٿ ميڙ جي به گنجائش
ڪانهي. (هاڻي نتيجي طور) منهنجي دل محبوب جي واٽن
تي بيٺي نهاري ڏکن سورن ۾ پئي ڳري ۽ جهڄي.
22
وَسَنِ ۽ وِهُسَنِ، ڏينهاڻِي ڏِسَڻَ لَئي
جِئن جِئن پِرين پَسَنِ، تِئن تِئن نَشا نِينهَن
جا. [2640]
سمجهاڻي:
محبوب کي روز ڏسڻ لاءِ اکيون ڪڏهن ڳوڙها پيون
ڳاڙين ته ڪڏهن وري ڏاڍيون خوش پيون لڳن. پر جيترو
گهڻو محبوب جو ديدار ڪن ٿيون ته اوتروئي محبت ۾
مست (ڳاڙهيون) ٿي وڃن ٿيون.
23
وَسَنِ ۽ وِهُسَنِ، ڏِينهاڻِي ڏِسَڻ لَئِي
ڏِسِي ڏِسِي آئِيُون، توءِ تلَاشُون ڪَنِ
ڍايُون نه ڍاپَنِ، ڪا جا اُڃ اَکِينِ کي! [2641]
سمجهاڻي:
محبوب جي ديدار خاطر روزانو اکيون ڪڏهن لڙڪ پيون
لاڙين ته ڪڏهن وري گهڻو خوش پيون ٿين. جيتوڻيڪ
محبوب کي هر هر پيون ڏسن پر تنهن هوندي به پيون
نهارين ۽ جهاتيون پائين. اکين کي اهڙي ڪا پياس آهي
جو ڍئو ڪندي به نٿيون ڍاپن.
24
ڏِسَنِ ڏِينهاڻِي، توءِ تَرَسَنِ اوڏَهِين
آيا سُڃاڻِي، نيڻَ نِهاري پِرينءَ کي. [2642]
سمجهاڻي:
جيتوڻيڪ اکيون هر روز محبوب جو ديدار پيون ڪن، پر
تڏهن به سندن سڪ لهي ئي ڪانه ٿي ۽ هر هر ان طرف
پيون واجهائين. لڳي ٿو ته اهي محبوب کي چڱيءَ طرح
ڏسي وائسي آيون آهن ۽ سندس ديدار ڪري آيون آهن.
25
ڦيرِ مَ تون اُبَتِ، کَڻُ سُبَتِيُون سُپرِين
مون کي موهي جَنِ سِين ماري ڳيڙَيَئِي مَتِ
اِيءَ پِرين تُنهنجِي پَتِ، هاڻِ جَڏو جِيي نه
مَري. [2643]
سمجهاڻي:
اي محبوب، اکيون ابتيون ڦيري نه ڏس (ڪاوڙ سان نه
ڏس) بلڪه سنيون سبتيون ڪري (پيار ۽ محبت سان) مون
تي نظر ڪر. اها نظر جنهن سان مون کي موهي (ديوانو
بنائي) ماريو اٿئي ۽ جنهن سان منهنجو مت عقل کسجي
ويو آهي. اي پرين، تنهنجي شان وٽان اها ڳالهه
ٿيندي (جو پاڻ راضي ٿي توجهه ڪرين)، باقي (تنهنجي
محبت جو) هي بيمار نه ته جيئرو آهي ۽ نه مئل!.
26
جِتِي آڻي ڇَڏِيَئِي، اُتِي ئِي آهِينِ
سي سٻاجهيون اَکِيُون ماڳُ نه مَٽائِينِ
جيٿِي لِکَ لاهِينِ، ته ڪَڍِي ڪانگَنِ کي ڏِيان.
[2644]
سمجهاڻي:
اي محبوب، منهنجيون اکيون جتي تو ڇڏيون يعني جتي
تو پاڻ ڏيکاريو ۽ تو ۾ نظر ڪري بيٺيون اتي ئي
آهين. اهي نماڻيون اکيون اها جاءِ ڇڏين ئي ڪونه
ٿيون، جيڪڏهن اهي ذري جيتري به گهٽتائي ڪن
(هيڏانهن هوڏانهن ٿڙن) ته ڪڍي ڪانون کي ڏيئي
ڇڏيان.
27
جِتِي آڻي ڇَڏِيَئِي اُڀِيُون آهن اُتِ
ٻيو ڀَروَسو نَه ڀِتِ، اکيون اوهان جي آسَري.
[2645]
سمجهاڻي:
اي پرين، (منهنجيون اکيون) جتي تو پاڻ ڇڏيون اتي
ئي بيٺيون آهن، منهنجي اکين کي ٻيو ڪو سهارو ۽ ٽيڪ
ناهي، اهي تنهنجي ئي آسري تي آهن.
28
کُتِيُون ڪِينَ کِسَنِ، ڪِنہِ جِنہِ آگَمِ
اُڀِيُون
پييُون پِنبڻينِ ۾ کُوري جِيئَن کامَنِ
لاٽُون ڪِئو لُوسَنِ، لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چَئي.
[2646]
سمجهاڻي:
اکيون جتي کپي ويون آهن، (اتي ئي ڄمي بيٺيون آهن)
اتان چُرن ئي ڪونه ٿيون، بلڪ گهُٽ ۽ گرميءَ واري
جهڙ جيان پيون لڳن. اهي اکيون اندر ئي اندر ۾ باهه
جي مچ وانگر پيون ٻرن. عبداللطيف چوي ٿو ته اهي
پنهنجي محبوب لاءِ ڄڀيون ڪري پيون سڙن ۽ جلن.
29
کُتِيُون ڪِينَ کِسَنِ، ڪِنہِ جِنہِ آگَمِ
اُڀِيُون
نيڻين جهيڙو پاڻَ ۾، ويڻين ڪِينَ وڙَهنِ
اَکينِ ۽ پِرينِ، پُوريون پاتِيُون پاڻَ ۾. [2647]
سمجهاڻي:
اکيون جتي هيڪر کُپي ويون آهن، اتان هٽن ئي ڪونه
ٿيون ۽ ڪڪرن وانگر ڀرجي بيٺيون آهن. (عاشق ۽ معشوق
جي) اکين هونئن پاڻ ۾ وڏي ويڙهه ڪئي (هڪ ٻئي سان
پيار ۾ جنبجي ويون)، ليڪن انهن هڪٻئي کي ڏوراپا
ڪونه ڏنا. ائين اکين ۽ پرين پاڻ ۾ حساب پورو ڪري
ڇڏيو.
30
اَڄُ پُڻِ اکَڙِيُون، سارِئو رُونِ سَڄَڻِ کي
جانِبِ جي جَمال ڏانہ تاڻنِ ٿيون تَڪَڙِيُون
جي وَهَمَ پِريان وَڪَڙَيون، تَنِ اُڃ اَکينِ کي
نه لَهي. [2648]
سمجهاڻي:
اڄ وري اکيون سڄڻ کي ياد ڪري لڙڪ لاڙي ويٺيون آهن،
اهي سڄڻ جي سونهن کي وسارين ئي ڪونه ٿيون،۽ بنا
دير اوڏانهن ڇڪجي ٿيون وڃن (ياد پيون ڪن). اهي
اکيون جيڪي پرينءَ جي خيالن ۽ پورن ۾ سوگهيون آهن،
تن جي پياس ڪا لهڻ واري آهي!
31
اَڄُ پُڻِ اَکَڙِيُون، سارِئو رُونِ سَڄَڻ کي
جانِبَ جي جَمالَ ڏانہ تاڻنِ ٿِيون تَڪَڙِيُون
جي وَهَمَ پِريان وَڪَڙِيون، تَنِ اُڃَ اَکِينِ کي
نه لَهي. [2649]
سمجهاڻي:
اڄ وري منهنجي اکين پنهنجي محبوب کي ياد ڪيو آهي.
(محبت جي شدت کان) اکين مان ڳوڙهن جي ٽم ٽم واري
برسات بند ئي ڪانه ٿي ٿئي. (در حقيقت) محبوب جي سڪ
جو جواب ناهي، اها ٻي سڄي دنيا جي چهرن کي ڏسڻ سان
به پوري نٿي ٿئي.
وائي-1
تَنِ اَکينِ آءٌ اَڙائِي، ٻَڙِي جيڏِيُون
ڪَنهن دَر ڏِيان دانهِڙِي
ڦَڪِيون ڏيئِي ڦِڪِيُون، ويڄَنِ آءٌ وِرچائِي
حُسنُ جو حَبِيبَ جو تِنہِ لالِيءَ آءٌ لُڇائِي
اُلفَتَ ڪَرِ مَ اُنِ سِين، قُربَ جا ڪَڙائِي
صُحبَتَ سُپيرين جي، مِٺِي آههِ مِٺائِي. [2650]
سمجهاڻي:
اڙي جيڏيون، مان ته انهن اکين جي ور چڙهي ويئي
آهيان ۽ اها دانهن آءٌ ڪهڙي در کڻي وڃان (ڪير
منهنجي دانهن ٻڌندو ۽ دادرسي ڪندو). (دنيا جي)
طبيبن مون کي بي اثر دوائون ڏيئي پاڻ وڌيڪ لاچار
ڪري ڇڏيو. مان ته محبوب جي حسن ۽ سندس لالاڻ ۾
(مدهوش) ڦٿڪي ۽ لڇي رهي آهيان. ان سان محبت نه ڪر
جنهن کي قرب يا پيار منهن پئجي ويو آهي، محبوب سان
رهاڻ واقعي مٺاڻ کان وڌيڪ مٺي آهي.
وائي-2
اي ميان سَڄَڻَ توري توري
ڪيئن رَهندا نيڻَ مُنهِينجا
جَنِ جو آڌرُ تون
جِئان اُلَهي اُڀُري، توڙي تِئان پَري
توءِ وَڃبو تَنِ ڏي، اکڙيون پيرَ ڪَري. [2651]
سمجهاڻي:
اي منهنجا سائين، پيارا، توکان سواءِ بلڪ تنهنجي
ڏسڻ بنا، منهنجون هي اکيون هرگز رهي نه سگهنديون،
ڇو ته انهن جو آسرو ۽ آڌار تون آهين. جيڪڏهن
منهنجو محبوب، جتان سج اڀري ۽ لهي ٿو، ان کان به
پري آهي، تڏهن به هنن اکين کي پيرڪري (وڏي ادب ۽
نياز سان) وٽن هلي وڃبو.
داستان ٽئو
1
ڇا کي وَڃِئو ڇو، ٻيلِي ٿئين ٻِئَنِ جو
وَٺُ ڪَنجَڪَ ڪَرِيمَ جِي جَڳَ جو والي جو
سَهُکو هوندو سو، جنهن جو عشق الله سان. [2652]
سمجهاڻي:
تون ڇو ۽ ڇا جي ڪري (ڪهڙي سبب) وڃي (هڪ الله کان
سواءِ) ٻين جو غلام ۽ ٻانهو ٿيو آهين. (الله
تعاليٰ جيڪو سڄي جهان تي ڪرم ڪندڙ آهي، ان جي
(واڳ) سهاري سان هل (ان جي ٻانهپ ڪر). اهوئي انسان
عزت وارو ۽ خوش هوندو جنهن جو عشق الله تعاليٰ
(ڪائنات جي خلقڻهار) سان هوندو.
[هتي مثنوي روميءَ جو هيءُ شعر ڏسو ، جنهن ۾ هو
الله سان عشق جي ڳالهه ڪري ٿو:
عاشق صنع خدا بافر بود،
عاشق مصنوع او کافربود.
(دفتر سوم، ب-1361)
معنيٰ: الله جي قدرت جو عاشق عزت ۽ مان وارو هوندو
آهي، ليڪن ان جي ٻانهن (بتن) جو عاشق ڪافر هوندو
آهي]
2
موهِيندوءِ مَجازُ، ٿورين گهڻين ڏِينهڙين
هَٿان ڇَڏِ مَ بازُ، هارِيا حَقِيقَتَ جو. [2653]
سمجهاڻي:
اهو مجازي (دنياوي) عشق ٿورن يا گهڻن ڏينهن کان
پوءِ، جلدي يا دير سان، توکي پريشان ڪندو (برباد
ڪندو). تون ڪنهن به صورت ۾ حقيقت (سچي عشق) وارو
باز پنهنجي هٿن مان وڃڻ نه ڏج.
[مثنويءَ ۾ مجازي ۽ حقيقي يعني خدا سان عشق جي
باري ۾ گهڻو ڪجهه چيو ويو آهي. مثنويءَ جي پهرين
آکاڻيءَ ’بادشاهه جو ٻانهيءَ تي عاشق ٿيڻ‘ ۾ رومي
هن راءِ جو آهي:
عشقهائي کز پئي رنگ بود،
عشق نبود، عاقبت ننگ بود.
(دفتر اول، ب-205)
معنيٰ: اهو عشق جيڪو ظاهري رنگ روپ تي آهي، اهو
عشق ناهي، بلڪه اڳي پوءِ خواري ۽ ذلت آهي.
ساڳئي هنڌ چوي ٿو:
وعده ها باشد حقيقي دلپذير،
وعده ها باشد مجازي، تاسه گير.
(دفتر اول، ب-108)
معنيٰ: حقيقي عشق جو وعدو ئي دل کي فرحت ڏيندڙ
آهي، مجازي عشق جو وعدو هميشه پريشانيءَ جو سبب
آهي.]
3
مَجَازِي موهي، ڪَڏِهن وِيندُءِ نِڪِري
اکَڙِيُون اوهي، جِمَ وِهين وِسَهِي. [2654]
سمجهاڻي:
ظاهري عشق وارا توکي ڦري لُٽي (ناس ڪري) جلدي تو
وٽان هليا ويندا. (اهي دائمي دوستي وارا ناهن).
انهيءَ ڪري انهن اکين (جن جي ڪري تون ظاهري عشق ۾
ڦاٿو آهين) تي اعتبار نه ڪجانءِ!.
4
مون کي ماءُ مَجاجَ، پِڃَاري جِيئن پِڃئو
هَٿَنِ ڇَڏِي حاجَ، ويئِي سارَ سَرِيرَ مان.
[2655]
سمجهاڻي:
اي ماءُ، مون کي مجازي عشق ائين ذرا ذرا ڪري سَٽيو
ڪُٽيو آهي، جيئن ڪپهه پڃڻ وارو ڪپهه سان ڪار ڪندو
آهي. منهنجي هٿن ڪم ڪار ڇڏي ڏنو آهي ۽ ساري بدن
مان طاقت هلي ويئي آهي، (انهيءَ عشق مون کي ڪنهن
ڪم جو رهڻ نه ڏنو آهي).
5
ديک مَ تون سِين تَنِ، هِي جي مَجازياڻِيُون مُنہَ
۾
ڪِينَ سُڃاتو سُپرين نِهاري نيڻَنِ
پِرين سي پَسَنِ، ٻيئِي جَنِي ٻُوٽِيُون. [2656]
سمجهاڻي:
تنهنجي چهري تي جيڪي اهي ٻه ظاهري اکيون آهن ۽
جيڪي مجازي صورت تي موهجي (ڇڪجي) وڃن ٿيون، تن سان
نه ڏس. انهن مجازي اکين ڏسڻ جي باوجود (حقيقي) سڄڻ
کي ڪين سڃاتو. پرينءَ کي صرف اهي ڏسي سگهندا، جيڪي
هي ظاهري اکيون بند ڪري ڇڏيندا، جيڪي (اندر جي
اکين سان) ڏسن ٿا.
[مثنوي روميءَ ۾ هن مطلب جا ڪيترا شعر ملن ٿا.
چشم جسماني نتاند ديدنت،
در خيال آرد غم و خنديدنت.
دل که او بستهء غم و خنديدنست،
تو بگوئي لائق آن ديدن است.
(دفتر اول، ب-91-1790)
معنيٰ: هي جسماني اکيون تو (محبوب) کي نٿيون ڏسي
سگهن، غم ۽ خوشيءَ جا ماريل توکي ڪيئن خيال ۾ آڻي
سگهن ٿا؟ اها دل جيڪا غم ۽ خوشيءَ ۾ گرفتار آهي،
تون ڪيئن ٿو سمجهين ته اها ديدار جي لائق ٿي سگهي
ٿي!]
6
نَئون نِيہُ لَڳوسِ، راتِ رَمَدِي ڍولَ سِين
سو سِينگارُ ٿِئوسِ، صُباحَ وِچ سَرتِين. [2657]
سمجهاڻي:
رات جو محبوب ڏانهن هلندي (ياد ڪندي) سندس نينهن
وڌيڪ نکري ۽ نسري بيٺو آهي. صبح جو اهو نينهن
سرتين ۾ سندس سونهن جو سبب بنيو، (هوءَ وڌيڪ سرهي
ڏسڻ ۾ آئي).
7
نِيہُ سُڃاڻي نيڻَ جي، وِچان سي وِصالَ
عَيبُ عاشِقَنِ جو سَبَبَ جِي سَنڀالَ
جو هُوءِ ٿئا ڀائي حالَ، ته ويئي وِچوتَڻ وِسَرِي.
[2658]
سمجهاڻي:
نينهن جي جن نيڻن سان محبت واري سڃاڻپ آهي، اهي ئي
نيڻ وصال جي وچان رنڊڪ آهن. (نيڻ ته هڪ وسيلو يا
سبب آهن)، پر عاشقن لاءِ ڪنهن به سبب يا وسيلي کي
سنڀالڻ (۽ ان تي ڀاڙڻ) وڏو عيب آهي. جيڪڏهن عاشق ۽
معشوق حقيقي طور پاڻ ۾ حال ڀائي ٿيا، (ملي هڪ ٿيا
ته) وچ واري آڏ (سبب ۽ وسيلي واري) خودبخود وچان
نڪري ويندي. (ن-ب).
8
ڦِران ڦيريدارُ، سَدا شوقُ پرين جي
مانَ سَڃيهُون يارُ، اَکا اَکَڙِيُون کَڻِي.
[2659]
سمجهاڻي:
مان پنهنجي پرينءَ جي عشق ۾ هر وقت پريشان ٿي پيئي
گهمان ته خدا ڪري هو پنهنجي منهن تي لٽڪندڙ ڄاريءَ
کي سرڪائي پاسي ڪري ۽ پنهنجي اکين سان مون کي
گهوري يا هڪ نظر وجهي.
9
نيڻين نَظَرُ نِيہَ جو، جِتي جوڙِجَنِ
ساهُ اُنِي تان صَدَقو اَندرُ سِين عُضوَنِ
لاهي سِرُ لَطِيفُ چَئي، اَنگَ پُڻ آڇِجَنِ
قَلبُ قُربانِي ڪَريان مٿان دِل دوسَنِ
هنِيين ۽ اَکينِ، پاهِ هيڪاندي پِرينِ لَئي.
[2660]
سمجهاڻي:
نيڻن جي نظر نينهن واري آهي، پوءِ جتي به نيڻ
لڳائجن، انهيءَ دوست تان سمورو ساهه اندرين عضون
(دل) سميت قربان ڪجي. اهڙي يار لاءِ لطيف چوي ٿو
ته سِر به لاهي ڏجي ۽ سڀ عضوا صدقو ڪجن. انهيءَ
دلي دوست خاطر قلب به گهوري ڏيئي ڇڏجي. اهڙي دوست
لاءِ اکين توڻي دل ٻنهي ۾ ساڳي هڪڙي قسم جي (اڻ
کٽ) سڪ ۽ محبت آهي.
10
اَکِينِ ۾ ٿِي ويههُ، ته آءٌ واري ڍَڪِيان
توکي ڏِسي نه ڏيههُ، آءٌ نه پَسان ڪِين ٻِئو.
[2661]
سمجهاڻي:
اي محبوب، تون منهنجي اکين ۾ اچي ويهه (سمائجي وڃ)
ته پوءِ آءٌ انهن کي بند ڪري (توکي لڪائي) ڇڏيان.
انهيءَ ڪري ته جيئن توکي جهان ۾ ٻيو ڪو ماڻهو نه
ڏسي سگهي ۽ آءٌ توکان سواءِ ٻئي ڪنهن کي نه ڏسي
سگهان (محبوب سان انتهائي قرب واري ڪيفيت).
[روميءَ وٽ محبوب (مرشد) سان ان هيڪڙائي جو اظهار
هن ريت ملي ٿو:
نقش من از چشم تو آواز داد،
که منم تو، تو مني در اتحاد.
(دفتر دوم، ب-103)
معنيٰ: منهنجو ظاهري وجود جڏهن تنهنجي اکين (نظرن)
۾ محو ٿي ويو، تڏهن مون کي ’مان تون آهيان ۽ تون
مان آهيان‘ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.]
11
تارَنِ ۾ ڪَرِ تَڪِيو، وَنِينِ ۾ ٿِي وِيہُ
پِرِين اَکينِ ۾ پيہُ، ته آئون اَڇارو ٿِيان.
[2662]
سمجهاڻي:
اي پرين، تون اکين جي تارن ۾ اچي ٺڪاڻو ڪر ۽ تارن
جي ماڻڪين ۾ اچي ويهه، منهنجي اکين ۾ اندر گهڙي اچ
ته جيئن آءٌ اڇين اکين وارو ٿي پوان. (تنهنجي آڏو
ٿي ويهڻ جي ڪري منهنجون اکيون ڄڻ اڇيون ٿي
پونديون، يعني ٻيو ڪجهه ڏسي نه سگهنديون).
12
کَران وِجههُ مَ واتِ، ڍولَ هَمارِي ڳالَهڙِي
مَڇُڻُ رَتِي راتِ، اورَڻَ ۾ اُوڻِي وَهي. [2663]
سمجهاڻي:
اي پيارا پرين، تون اسان جي عشق جي ڳالهه کرن
(حاسدن) جي وات ۾ نه وجهه (انهن تائين پهچڻ نه
ڏي). انهيءَ ڪري متان اسان جي ملاقات واري رات
(ڏوراپن سبب) هڪ ٻئي سان حال احوال ڪرڻ ۾ پوري نه
پوي (ڇو ته شڪايتن جا دفتر کلي پوندا جيڪي پورا
ٿيڻ جا نه آهن).
13
سِڪَ سِڪائي سِڪُ، سِڪَ نه آهي سُٿرِي
لِڪَ لِڪوٽِي لِڪُ، ته کَرَنِ خَبَرَ نه ٿِئي.
[2664]
سمجهاڻي:
تون پنهنجي سڪ کي سڪائي سڪ (پنهنجي سڪڻ ۾ به سڪ
کان ڪم وٺ، ان کي عام نه ڪر، ڦهلاءِ نه، هرتڙو نه
ٿيءُ). سڪ جو معاملو سولو ڪونهي (گنڀير مامرو آهي)
پنهنجي محبت کي لڪلن کان به لڪاءِ (ان کي ڳجهو ۽
مخفي رک) ته جيئن کرن، کاريندڙن ۽ کريلن (جيڪي
تنهنجا هر صورت بدخواه آهن) کي سُڌ ۽ پتو نه پوي.
14
کَرُ کارِيندو سي، ماٺو جَنِ پِرِيتَڻو
جوشَ جَلايا جي، ماري تَنِ ماتُ ڪِئو. [2665]
سمجهاڻي:
رقيب يا بدخواه انهن کي کاري سگهي ٿو (انهن تي
اثرانداز ٿيندو ) جن جي محبت ۾ ڪا گهٽتائي هجي.
ليڪن جيڪي محبت جي جوش ۾ جلي ۽ سڙي چڪا آهن، اهي
اٽلو ان کاريندڙ کي ماري مات ڪندا.
15
کَرَ کي کَپُرُ کاءِ، نانگُ مَڻيارو نِڪَري
اُڀو جو اُوناءِ، سُرڀُرِ سَندِي سَڄڻين. [2666]
سمجهاڻي:
شل هن بدخواه کي ڪو زهريلو نانگ ڏنگي يا مَڻ وارو
ڪاريهر نانگ نڪري کائي، ڇو ته هو هر وقت ڪن ڏيئي
بيٺو سڄڻن جون سس پس واريون ڳالهيون ٻڌي.
16
کَرَ جا کَڏَ کَنئِي، پَوَڻَ ڪارَڻِ پِرينءَ جي
تِنہِ ۾ پاڻ پَئِي، غِيبَتِي غارُ ٿِيو. [2667]
سمجهاڻي:
هن دشمن جيڪا کڏ کوٽي هئي ته جيئن محبوب ان ۾ ڪري
پوي، تنهن ۾ هو پاڻ وڃي ڪريو ۽ ائين هو گلا خور
پاڻ غرق ٿي ويو.
17
اَللهَ کَرَ جِيَنِ، کَرُ مَ مَري هيڪَڙو
اَسان ۽ پِرينِ جون اُمِيدُون پُڄَنِ
تِهان پوءِ مَرَنِ، سَڙِي اِنَهِين سُورَ ۾.
[2668]
سمجهاڻي:
اي منهنجا مولا، اهي دشمن ڀلي جيئرا هجن ۽ هڪڙو به
نه مري ۽ ايستائين جيئرا هجن، جيستائين اسان جون
يعني منهنجيون ۽ منهنجي محبوب جون دلي اميدون پو
ريون ٿين. ان کان پوءِ ڀلي انهيءَ سور ۽ تڪليف ۾
مري وڃن!.
18
اَللهَ کَرَ جِيَنِ، جي پاڙي رَهنِ پِرينءَ جي
پُنيون مون پَسَنِ، اُميدُون سِين سَڄَڻين. [2669]
سمجهاڻي:
يا الله، اهي رقيب جيڪي پرينءَ جي پاڙي ۾ رهن ٿا
ڀلي جيئرا هجن، تان جو منهنجيون اميدون جيڪي
منهنجي سڄڻن سان آهن، اهي پوريون ٿيندي ڏسن
(انهيءَ حسرت خاطر ڀلي زنده هجن!).
19
آءٌ سي ڪَندِي سيڻَ، راتَڙِيُون جاڳَنِ جي
جَنِي سَندا نيڻَ، اوجاڳي اُجارِيا. [2670]
سمجهاڻي:
مون کي انهن سان واسطو رکڻ گهرجي جيڪي سڄيون سڄيون
راتيون (سڄڻ جي سڪ ۾) جاڳن ٿا، انهن جا نيڻ اهڙن
اوجاڳن (راتين جو جاڳڻ سبب) سدائين صاف سٿرا ۽
ميراڻ کان آجا ڪري ڇڏيا آهن.
20
لُڏِي آيا لالَ، پاٻوهي پَيدا ٿِئا
ساجَنُ اکيون جي کَڻي ته ڪوڙين ڀانيان ڀالَ
مُنهنجِي ناههِ مَجالَ، ڪو ويڻُ ورائي وارِيان.
[2671]
سمجهاڻي:
منهنجا سهڻا سڄڻ ٽلندي ۽ مشڪندي اچي ظاهر ٿيا. وري
جيڪڏهن پاڻ قرب واري نظر کڻي نهارين ته ويتر سندن
اڻ ڳڻيا احسان ۽ ٿورا سمجهندس. (هونئن به) منهنجي
ڪهڙي حيثيت آهي جو کين سامهون ڪو جواب ڏيان يا
سوال جواب ڪريان.
21
لوڏان ئِي لَکُ لَهي، پاٻوهيو پَروڙِ
اَکَڙِيُون ڀَرپُورُ، سَڃي توءِ سُهاڳِڻيُون.
[2672]
سمجهاڻي:
منهنجو محبوب پنهنجي هلڻ ٽلڻ ۾ لکن جو مَٽ آهي، پر
جڏهن کيس مرڪندي ۽ مشڪندي ڏسبو ته اڃان ويتر وڌ
آهي. سندس اکيون (نشي سان) ڀريل آهن، ۽ جڏهن اهي
سامهون کڻي ٿو ته ان حالت ۾ پاڻ وڌيڪ سهڻيون ٿيون
لڳن، جهڙوڪ سهاڳ واري خوشيءَ ۾ هجن.
22
آيا پرين گهُرَنِ، اوتارو اَکينِ ۾
ويڙو ڏِيان ويڪرو، وَنِينِ مَنجِهه وِهَنِ
آءٌ ڏِيندِي کي تَنِ، مَٿي تارَنِ تَڪِيا. [2673]
سمجهاڻي:
منهنجا پيارا پرين پاڻ (مهرباني ڪري) آيا آهن ته
انهن لاءِ ويهارڻ جي جڳهه اکيون ئي آهن. (ان کان
وڌيڪ بهتر ٻي ڪا جڳهه ناهي). مان پنهنجي اکين کي
جيڪر ايترو ويڪرو ڪري ڇڏيان ته جيئن پاڻ انهن ۾
(وڏي آرام سان) اچي ويهي رهن. مان ته هر حال ۾ کين
پنهنجي اکين ۾ جايون ڏيندس. بلڪه اکين کي وڇاڻو
ڪري کين ويهاريندس.
23
تان جي ٿِيَنِ سامُهان پُٺيرا سُونهَنِ
سَنئون وَرائِي سُپرِينِ مُنہَ جي مُون ڏي ڪَنِ
ته رَڳُون سَڀِ رَچَنِ، تَنَ ۾ تازائِي ٿِئي.
[2674]
سمجهاڻي:
منهنجا سڄڻ سامهون هجن يا پٺيرا (يا پاسيرا)، اهي
هر صورت ۾ سهڻا ۽ خوبصورت ٿا لڳن. ليڪن جڏهن سڄڻ
مون ڏانهن سنئون منهن ڪري سڌو مون ڏانهن نهارين ٿا
ته (خوشيءَ وچان) سڄي جسم جي رڳن ۾ رت (جو دورو)
تيز ٿي وڃي ٿو ۽ بدن ۾ تازگي ۽ فرحت اچي ٿي وڃي.
24
پَساهَ سِين پَسان پِرين، ساهَ سِين سُڃاڻا
اِيهي ٻه ٽاڻا، اَچِي رَهيا رُوحَ ۾. [2675]
سمجهاڻي:
جڏهن ساهه ٻاهر ڪڍان ٿو ته پرينءَ کي ڏسان ٿو ۽
وري جڏهن ساهه اندر ڪريان ٿو ته کيس سڃاڻان ٿو
(منهنجو ڪوبه دم هن کان غافل نه آهي). منهنجي روح
۾ اهي ٻه وقت ئي رهجي ويا آهن (منهنجي زندگي، جيئڻ
۽ مرڻ، انهن ٻنهي وقتن تي مشتمل آهي، انهن کان
ٻاهر هرگز ناهي، منهنجي روح جا اهي ئي ٻه اهڃاڻ
آهن).
25
مَنجهان مُنهِنجي رُوحَ، وَڃي ساجَنُ وِسرِي
ته مَرُ لَڳِي لُوهَ، ٿَرَ ٻاٻِيهو ٿِي مَران.
[2676]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن منهنجي روح (اندر) مان منهنجو محبوب (هڪ
لمحي لاءِ) وسري وڃي، (آءٌ هن جي ياد کان غافل ٿي
وڃان) ته پوءِ ڀلي اهڙي گرم ۽ ساڙيندڙ هوا لڳي،
جهڙي ٿر جي علائقي ۾ لڳندي آهي، جنهن سان ٻاٻيهو
پکي گرمي سبب مري پوندو آهي، ته آءٌ به ان وانگر
مري وڃان (ياد کان غفلت واري حالت ۾ جيئڻ کان وڌيڪ
بهتر مون لاءِ مرڻ آهي). |