سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:7 

داستان ٽئو

1

عالَمُ ’آئُون‘ ساڻُ، ڀَرِئو ٿو ڀيرَ ڪَري

’پاڻُ‘ نه آهي ڄاڻُ، مانڊريءَ منڊُر پَکَيڙئو. [60]

سمجهاڻي: هيءُ سارو جهان (ڪائنات) خودي (واري خيال ۽ گهمنڊ) سان ڀريل آهي. يا هن جهان جو ذرو ذرو يا هر شيءِ پنهنجي هستيءَ (هئڻ، وجود) جي گمان ۾ آهي. پر انهيءَ وجود يا هستيءَ (پاڻ) کي انهيءَ (اجائي هستيءَ واري گمان) جي ڪا خبر ناهي ته اهو سندس طلسمي خيال پنهنجو پيدا ڪيل آهي (يا اسان کي ڪا خبر ناهي ته اهو طلسم خانو ڪنهن ڦهلايو آهي.)

[مثنويءَ ۾ حق تعاليٰ جي جادوءَ کي برحق ۽ سچو ڪوٺيو ويو آهي.

جادوي که حق کند حق ست و راست

جادو خواندن مر آن حق راخطاست

(دفتر سوم ب 1195)

معنيٰ: جيڪو جادو حق تعاليٰ ڪري ٿو اهو سچو ۽ صحيح آهي. بلڪ ان صحيح ڳالهه کي جادو سڏڻ غلط آهي.

هڪ ٻئي بيت ۾ هن جهان کي جادوء جو کيل يا مانڊاڻ سڏي ٿو:

اين جهان جادوست ما آن تاجريم

که از او مهتاب پيموده خريم

(دفتر پنجم ب 1039)

معنيٰ: هيءُ جهان هڪ قسم جو جادو آهي ۽ اسين ان ۾ سوداگر آهيون جيڪي ان جي چنڊ جهڙي روشنيءَ جا خريدار آهيون.]

٢

ڪِيئَن مائيندا مَنَ ۾، خودي ۽ خُدا

ٻِنِ تَرارينِ جا، ڪا  آهي  هِڪَ  مِياڻَ  ۾!  [61]

سمجهاڻي: انسان جي دل ۾ پنهنجي هستي يعني ’آءٌ آهيان‘ وارو خيال ۽ ’فقط الله ئي آهي‘ وارو يقين (پڪو پختو خيال) ساڳئي وقت ڪين سمائجي سگهندا. اهو ائين آهي جيئن ٻه تلوارون هڪ مياڻ ۾ نٿيون ماپي سگهن.

3

’آئُون‘ سِين اُنَ پارِ، ڪَڏَهِن تان ڪونه پِئو

اِنَ اللهَ وِترُ يُحِبُ الوتَر، نيئِي ٻيائِي ٻارِ

هيڪَڙائِيءَ وَٽِ هارِ، هَنجهُون جي ’هُئڻ‘ جُون.  [62]

سمجهاڻي:’آءٌ‘ سان يعني ’مان‘ (پنهنجي هستيءَ جي دعويٰ) سان ڪوبه (سلوڪ جي راهه طئي ڪري) هن (حق ۽ حقيقت جي) طرف پهچڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي. ’بيشڪ الله ئي هڪ آهي ۽ هيڪڙائي کي پسند ڪري ٿو‘ مطابق پنهنجي دوئي ۽ شرڪ کي ساڙي ناس ڪري ڇڏ (ان کان بلڪل آجو ٿيءُ). (اي راه سلوڪ جا پانڌيئڙا) تون هيڪڙائيءَ جي آڏو پنهنجي هستيءَ ۽ ’هئڻ‘ واري هر قسم جي احساس کي روئي ختم ڪري ڇڏ.

4

’آئُون‘ اورِيان جَهلِ تون، ڇَڏيَمِ ’پاڻُ‘ پَچارَ

شِرڪَ ساڻُ سَتارَ، گهڻا گهارِيَمِ ڏينهڙا. [63]

سمجهاڻي: اي مالڪ سائين، تون ئي مون کي منهنجي ’خودي‘ (پاڻپڻي) کان پري ۽ پاسي ڪر ته جيئن ان (بلا، آفت کان) ڇوٽڪارو ملي. (پاڻ کي آجو ڪري سگهان).

اي ڍڪ ڍڪيندڙ، مون واقعي انهيءَ شرڪ (واري حالت) سان زندگيءَ جا گهڻا ئي ڏينهن گذاري ڇڏيا آهن.

5

ٻَنِ ٻِيائِي سُپرِين، ’پاڻان‘ اُٿي پَلِ:

’آئُون‘ اوري جَهلِ، ته توکي رسي تو ڌَڻي.  [64]

سمجهاڻي: اي منهنجا سڄڻ، کڏ کوهه ۾ پوي اها دوئي ۽ شرڪ واري حالت. تون اٿي همت ڪر ۽ پاڻ کي پنهنجي هستي ۽ هئڻ واري گمان کان پالهو ۽ خالي ڪر.

تون اها ’آئون‘ پاڻپڻي واري حالت ڦٽي ڪر (پنهنجي وجود مان ڪڍي ڇڏ) ته مالڪ سائين توسان پاڻ مهرباني ڪري.

6

توکي رَسي تو ڌَڻي، جُملو ئِي جَمالُ

ڪونهي ٻِئو خيالُ، جي شارِڪَ شَڪُ وِڃائيين.  [65]

سمجهاڻي:  (اي طالب) جيڪڏهن تنهنجو مالڪ (حقيقي محبوب) توکي ملي (توکي اهو قرب نصيب ٿئي) ته تو مٿان هن جو سمورو حسن ۽ جمال ظاهر ٿي پوي. (اهو جلوو هن جي مهربانيءَ تي منحصر آهي) ياد رک هن سلسلي ۾ دوئي يا ٻيائي آهي ئي ڪانه (اهو خيال ئي اجايو آهي)، بشرطيڪ تون پنهنجي شرڪ وارو شڪ (گمان ۽ وهم) ڪڍي ڦٽو ڪرين (يعني حقيقت ۾ سراپا سونهن يا مطلق جمال هو پاڻ آهي).

7

’مُون‘ مُون_هِين ۾ سَپِجي، مُون کي مُون جُڳاءِ

مُون_هِين جِي ساڃاءِ، مُون- هِين منجهان مُون ٿيي.    [66]

سمجهاڻي:’آءٌ آهيان‘ وارو خيال منهنجي اندر مان ئي پيدا ٿيو آهي. (اهو حقيقت ناهي) مون واري انهي گمان يا وهم کي ’مون‘ ئي مناسب آهي (ان جي حقيقت صرف ان حد تائين آهي).

مطلب ته پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ واري تميز به منهنجي اندر مان ئي سرجي ٿي. (جنهن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ گهرجي.)

[مثنويءَ ۾ پڻ هڪ هنڌ ’مون‘ يا ’انا‘ بابت هن ريت روشني وڌي وئي آهي:

از انا چون رست اکنون شد انا،

آفرين ها بر انائي بي عنا.

(دفتر پنجم، ب- 4140)

معنيٰ: اها ’مون‘ جڏهن پاڻ کان آزاد ٿي (عشق ۾ فنا ٿي) تڏهن ’مون‘ ٿي پئي. بيشڪ اهڙي ’مون‘ ئي وڌيڪ تڪليف کان سواءِ حاصل ٿئي ٿي.]

8

’ڏِسَڻُ‘ ڏِسين جي، ته هَمہَ کي حَقَ چَئِين

شارِڪَ شڪُ مَ ني، اَنڌا اِنهِين ڳالَهِه ۾.  [67]

سمجهاڻي:  جيڪڏهن توکي اندر جي اک (صحيح فهم ۽ ادراڪ واري نظر) سان ڏسڻ نصيب ٿئي ته جيڪر سڀ کي ساڳي هڪڙي حقيقت ڪري ڄاڻين. (توکي هر شيءِ ۾ حق جو جلوو نظر اچي يا سراسر حق نظر اچي). اي شرڪ ۾ ڦاٿل (اکين جا) انڌا، انهيءَ حقيقت ۾ ڪڏهن به شڪ ۽ گمان نه ڪجانءِ (ته حقيقت هڪڙي آهي).

[صوفين جي نظر ۾ صرف خدا ئي حق آهي، جيڪو ڪڏهن به باطل نٿو ٿئي، يعني ڪڏهن به مٽجڻ يا ختم ٿيڻ وارو ناهي- هميشه کان آهي ۽ هميشه رهندو،جڏهن ٻيو ڪجهه نه هو، تڏهن به حق هو ۽ جڏهن ڪجهه نه رهندو، تڏهن به حق هوندو. رومي چوي ٿو:

استخوان و باد روپوش است و  بس،

در دو عالم  غير يزد ان  نيست  کس.

                                                                 (دفتر ششم، ب- 1023)

معنيٰ: هي هڏا ۽ تو ۾ ڀريل هوا محض پردو آهن. دراصل ٻنهي جهانن ۾ خدا کان سواءِ ٻيو ڪير آهي ئي ڪونه!]

9

وڏي تان اِنَ واٽَ ۾ ٻيلَپَ ’ٻيائِي‘

آهي اُونداهِيءَ جو شِرڪُ سَهائِي

چِٽي چِٽائي، اَلفَ جي عَينَڪَ ۾. [68]

سمجهاڻي: سلوڪ واري واٽ ۾ (حق تائين پهچڻ خاطر) دوئي (توحيد جي ضد) پاڻ هڪ قسم جي مدد (ضرورت) آهي. جيئن روشنيءَ جو ضد اونداهي آهي (ڇو جو اونداهيءَ کان سواءِ روشنيءَ جي خبر نه پوندي). هيءَ ڳالهه صفا چٽي پيئي آهي، پر انهن کي نظر ايندي يا سمجهه ۾ ايندي جن جي اکين تي الف يعني توحيد جي عينڪ لڳل آهي. (مطلب هيڪڙائي حق) واري عينڪ مان هيڪڙائي ۽ وحدانيت صاف چٽي نظر ايندي.

[مثنويءَ ۾ اها سمجهاڻي هن ريت ملي ٿي.

آن يکي که زان سوئي و صفست و حال

جُز دوئي نايد بميدان مقال

(دفتر ششم ب 2033)

معنيٰ: اها ذات اهڙي وحدت يا هيڪڙائي آهي جنهن جي وصف ۽ حالت بيان نٿي ڪري سگهجي. لاچار ٿي ٻيائي (هڪ کي سمجهائڻ خاطر ٻن) جو بيان ڪرڻو پوي ٿو.]

10

بي شِرڪُ ڀائِين پاڻَ کي، عينُ شِرڪُ اِيءُ

وِڃائي وُجُودَ کي پاڻان پاسي ٿيءُ

هَڏِهن ڪونهي ’هيءُ‘، ’هُو‘ پُڻُ ڪونهي ’هِن‘ ري.   [69]

سمجهاڻي: جيڪڏهن تون پاڻ کي ڀلي ’بي شرڪ‘ يعني شرڪ کان خالي سمجهين ٿو، پر اهو تنهنجو ’ڀانئڻ‘ ئي دراصل شرڪ آهي. (تون جيستائين پنهنجي وجود جو اقرار ڪرين ٿو يعني ٻه وجود سمجهين ٿو، ايستائين تون مشرڪ آهين). انهيءَ ڪري تون پنهنجي هستيءَ کي فنا ڪر (نيستي حاصل ڪر). هيءَ (ظاهري) وجود ته اصل ۾ آهي ئي ڪونه، پر ’حقيقي وجود‘ پڻ هن (ظاهري وجود) کان الڳ ڪونهي. (وجود هڪ ئي آهي جيڪو ’ذات حق‘ جو آهي يعني وحدت الوجود يا لاموجود الالله يعني وجود صرف الله جو آهي ۽ ٻيو ڪو موجود ناهي)

[مثنويءَ ۾ خالق ۽ مخلوق جي نسبت کي هڪ هنڌ هن ريت سمجهايو ويو آهي:

اتصالي بي تکيف بي قياس

هست رب الناس را با جان ناس.

(دفتر چهارم، ب- 760)

معنيٰ: ان تعلق يا ميلاپ جي ڪيفيت عقل کان ٻاهر آهي، جيڪو رب تعاليٰ کي پنهنجي ٻانهن جي روح سان آهي!

ٻئي هنڌ وري هينئن چوي ٿو:

متصل ني، منفصل ني، اي کمال،

بلکه بي چون و چگو نه و اعتلال.

(دفتر سوم، ب- 1340)

معنيٰ: اها ذات نه ڳنڍيل آهي نه جدا، بلڪه اهو ان جو ڪمال آهي. اهو تعلق بي مثل (ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت آهي) هئڻ کان سواءِ آهي. ان جي نوعيت بيان ڪرڻ کان زور آهي.]

11

آڏو جو اِثبات کي سو شِرڪُ لاهي شَڪُ

هُئي جَنہ ۾ حَقَ، تَنہ ’نَفِي‘ جهڙو ناه ڪِين.   [70]

سمجهاڻي: هن (ذات حقيقي) جي اثبات (ثابتي) کان اڳ ۾ جيڪو شرڪ (هِن ۽ هُن، ٻن هستين جو گمان)آهي. اهو ئي سڀ شڪ شبها ختم ڪري ٿو. بيشڪ ان نفيءَ جهڙي ٻي ڪا شيءِ ڪانهي، جنهن سان حق جي ڳالهه ظاهر ٿئي.

ٻي معني: هن (ذات حقيقي) جي اثبات (الالله) کان اڳ ۾ هر قسم جو شرڪ توڻي شڪ ۽ گمان ختم ڪر. (لاالہٰ جو عهد ڪر) بيشڪ انهيءَ نفي (لاالہٰ) جهڙي ٻي ڳالهه ڪانهي جنهن سان حق جو ڪلمو نصيب ٿئي.

[مثنويءَ ۾ ’اثبات‘ ۽ ’نفيءَ‘ جي ڪيترن طريقن سان سمجهاڻي ڏنل آهي، هڪ هنڌ چوي ٿو:

ما چه باشد در لغت، اثبات و نفي

من نه اثباتم، منم بي ذات و نفي

(دفتر اول ب 1734)

معنيٰ: ’ما‘ لفظ لغت ۾ ’اثبات‘ به آهي ته نفي جي معنيٰ به ڏيندو آهي. آءٌ ’اثبات‘ نه آهيان. آءٌ نيست ۽ نفي (ڪين) آهيان.]

12

اِنَ پَرِ نه اِيمانُ، جِئن ڪَلِمي-گو ڪو‎ٺائيين

دَغا تُنهنجي دِلَ ۾، شِرڪَ ۽ شيطانُ

مُنہَ ۾ مُسلِمانُ، اَندَرِ آزَرُ آهِيين. [71]

سمجهاڻي: مؤمن يعني ايمان هجڻ لاءِ صرف ڪلمو پڙهڻ يا ڪلمي گو ڪوٺائڻ ڪافي ناهي (محض اها دعويٰ ڪافي ناهي). جڏهن تنهنجي دل ۾ ڪوڙ، بي ايماني، ٻيائي ۽ شيطان ويٺل آهي. تون فقط ڏسڻ ۾ مسلمان آهين، پر اندر ۾ ’وڏو ڪافر‘ آهين. (تون شڪل ۾ هڪ پر عملن ۾ ٻيءَ طرح آهين).

13

ڪُوڙو تون ڪُفرَ سِين ڪافرُ مَ ڪوٺاءِ

هِندو هَڏِ نه آهيين، جَڻيو تو نه جُڳاءِ

تِلِڪُ تَنِي کي لاءِ، سَچا جي شِرڪَ سين. [72]

سمجهاڻي:  (اي ڪفر جا مڃيندڙ) تون جڏهن پنهنجي ڪفر واري عقيدي ۾ به سچو ناهين ته پوءِ توکي پاڻ کي ڪافر سڏائڻ جو ڪو حق ڪونهي. اي هندو، جيڪڏهن تون پڻ پنهنجي عمل ۾ سچو نه آهين، ته پوءِ توکي هندو ڌرم وارو جڻيو پائڻ نٿو سونهي. مٿي تي تلڪ به انهن کي لڳائڻ کپي جيڪي ’شرڪ‘ (پنهنجي عقيدي) سان سچا آهن.

14

ڪافرُ ٿيءُ ته اُبَهِين بابَ شَرَعَ جا ڇَڏِ

مَنُ مُشرِڪَنِ گَڏِ، ته ويجهو ٿِئين وصالَ کي. [73]

سمجهاڻي:  (اي ڪافر!) تون سچو پچو ڪافر ٿيءُ ته پنهنجي مراد ماڻئين. تون پوءِ ٻيون شريعت (اسلام) جون ڳالهيون ڇڏي ڏي. تون پنهنجي دل پوريءَ ريت مشرڪن سان ملاءِ ته تون پنهنجي اصل مقصد کي ويجهو ٿئين (پهچي وڃين!)

15

مُنہُ آهيريان اُجِرو، قَلبَ ۾ ڪارو

ٻَهران زيبُ زِبانَ سِين، دِلِ ۾ هَچارو

اِنَ پَرِ ويچارو، ويجهو ناهه وصالَ کي! [74]

سمجهاڻي: اهڙو شخص جنهن جو چهرو آئيني کان وڌيڪ صاف ۽ اُجرو آهي، پر سندس دل ۾ دغا ۽ دولاب آهي، سندس زبان تي وڻندڙ ۽ مٺيون ڳالهيون آهن، پر اندر ۾ ڪارو ۽ بي رحم آهي. اهڙن افعالن سبب اهو ڀٽڪيل ۽ ڀليل شخص الاهي قرب کان گهڻو پري آهي.

16

مُنہُ ته مُوسيٰ جهڙو، اَندرِ ۾ اِبليسُ

اهڙو خامُ خَبِيثُ، ڪَڍي ڪوهَ نه ڇَڏيين. [75]

سمجهاڻي: تون پاڻ کي ڏسڻ ۾ نيڪ ۽ نوراني شڪل وارو پيو ظاهر ڪرين، پر تنهنجي اندر ۾ جهڙوڪ شيطان ويٺل هجي. تون اهڙي پليتيءَ کي پنهنجي اندر مان ڪڍي ڇو نه ٿو ڇڏين! (پنهنجي اندر کي پاڪ صاف ڪرين).

[مثنويءَ ۾ اها ڳالهه هن طرح سمجهايل آهي:

موسيٰ و فرعون در هستيءَ تست،

بايد اين دو خصم را در خويش جست.

(دفتر سوم، ب- 1253)

معنيٰ: موسيٰ ۽ فرعون ٻيئي تنهنجي اندر ۾ آهن. انهن ٻنهي مخالفن کي تون پنهنجي اندر ۾ ڳول.]

17

مُنہُ ته مُوسيٰ جِهڙو، سِيرَتَ شَيطاني

بازِي بيرانِي، ڪَڍي ڪوهُ نه ڇَڏيين. [76]

سمجهاڻي: تون پنهنجو منهن نيڪ صورت ۽ نوراني چهري وارو ڪري پيو هلين، پر تنهنجا اعمال ۽ ارادا هوبهو شيطان جهڙا آهن. تون پاڻ کي اهڙي برباد ڪندڙ ۽ بڇڙي روش کان آجو ڇو نه ٿو ڪرين.

18

سِرُ نايو سَجدا ڪَرِين، تَنُ تَواضِعو تو نه

هُو جو مَڻڪو مَنَ جو سُوڌو سورِين سو نَه

ڪُوڙا ٿِيندُءِ ڪونَه، ڦُوڪِيي ڌوتي فائدو. [77]

سمجهاڻي: تون (ظاهري طور) سِر جهُڪائي (ڊگها) سجدا پيو ڪرين، پر تو پنهنجي جسم کي اصلي نوڙت ۽ هيٺاهين ڪانه سيکاري. ائين تو پنهنجي دل جي مڻڪي کي (الله جي ذڪر سان) چورڻ تي به ڪونه هيرايو. اي ڪوڙا، فقط ظاهري طور بار بار جسم کي ڌوئڻ ۽ ٻاهرين ڇنڊڦوڪ مان توکي ڪجهه هڙ حاصل ڪونه ٿيندو.

19

جان جان پَسين پاڻ کي، تان تان ناه سُجُودُ

وِڃائي وُجُودُ، تِهان پوءِ تَڪبِير چَئُه. [78]

سمجهاڻي: تون جيستائين پنهنجي پاڻ کي صحيح سالم ڏسي رهيو آهين، تيستائين تنهنجو ’سجدو‘ صحيح معنيٰ ۾ سجدو ناهي. (اهو مالڪ سائين وٽ قبول ڪونهي) پهريائين تون پنهنجي هن ظاهري وجود تان هٿ کڻ (پاڻ کي فنا ۽ نيست ڪر) پوءِ الله اڪبر واري تڪبير چؤ (تڏهن تنهنجي عبادت قبول پوندي).

[نماز ۾ تڪبير جي اهميت بابت مثنويءَ ۾ اها سمجهاڻي هن ريت ملي ٿي:

معني تکبير اين ست اي اميم

کاي خدا پيش توما قربان شويم

(دفتر سوم ب 2143)

معنيٰ: اي پيش امام، تڪبير چوڻ جو مطلب آهي ته اسين پاڻ کي خدا جي آڏو قربان ڪريون ٿا.]

20

جان جان پَسِين پاڻ کي، تان تان ناهِ نمازَ

سَڀُ وِڃائي سازَ، تِهان پوءِ تَڪبِيرَ چَئُه. [79]

سمجهاڻي: جيستائين تنهنجي نظر ۾ پنهنجو وجود آهي، تيستائين تنهنجي نماز (عبادت) قبوليت نٿي ماڻي سگهي (اها نماز نٿي چئي سگهجي). تنهنڪري توکي گهرجي ته پهريائين (پنهنجا ڪن) هر غير جي آواز کان بند ڪر ۽ پوءِ نماز جي نيت ڪري تڪبير (الله اڪبر) چو!.

21

جَنِ وِڃايو وُجُودُ، فاني ٿِئَا ’فِي اللهِ‘ سان

نه تَنِ قِيامُ، نه قَعدو، نڪو ڪَنِ سُجُودُ

جيلاهَ ٿِئَا نابُودُ، تيلاهَ رَسِئَا بُودَ کي. [80]

سمجهاڻي: اهي سالڪ جن پنهنجو وجود وڃايو ۽ پاڻ کي ذات حق ۾ فنا ڪري ڇڏيو، تن لاءِ (نماز ۾) بيهڻ، ۽ ويهڻ ڪونهي، نڪي هنن لاءِ سجدو ئي آهي. جيئن ته هو هستيءَ کي وڃائي نيستيءَ ۾ آيا آهن، تنهنڪري هو دائمي بقا (واري زندگيءَ) ۾ پهچي وڃن ٿا.

[مثنويءَ ۾ اها ڳالهه هن ريت سمجهائي وئي آهي:

او به نسبت باصفات حق فناست،

در حقيقت در فنا او را بقاست.

(دفتر چهارم، ب- 399)

معنيٰ: بيشڪ اهو ٻانهو حق جي صفتن جي نسبت سان فاني آهي. ان ڪري در حقيقت اهڙي فنا ۾ هن کي بقا (دوام) حاصل آهي.]

22

’اَنَاعَبَدُ‘، ’مَعبُودُ‘ تون، اِتِ شِرڪُ نَڪو شَڪُ

پَچارُون پِرِينِ جون مَحَبَتينِ مَرڪُ

سو سَڀوئِي حَقُ، جَنہِ ۾ پَسَڻُ پِرينءَ جو.  [81]

سمجهاڻي:’آءٌ ٻانهو ۽ تون مالڪ سائين آهين‘ انهيءَ اقرار ۾ نڪو شرڪ (غير جو تصور) آهي ۽ نه وري ان ۾ ڪو شڪ شبهو ئي آهي. سڄڻن جي هر وقت يادگيري (ذڪر وارو شغل) سچن عاشقن کي ئي سونهي ٿو. (انهن لاءِ خوشي ۽ راحت جو سبب آهي). اهڙي قسم جو هر عمل صحيح ۽ برحق آهي، جنهن ذريعي دلبر جو ديدار نصيب ٿئي.

23

نابُودِيءَ نيئِي، عَبدَ کي اعليٰ ڪِئو

مُورَتَ ۾ مَخفِي ٿِئا، صُورَتِ پُڻ سيئِي

ڪَبِي اِتِ ڪيهِي، ڳالَهه پِريان جي ڳُجهَه جِي.   [82]

سمجهاڻي: اها نابوديءَ (نيستيءَ) واري حالت ئي آهي جيڪا ٻانهي کي اعليٰ درجي تي پهچائي ٿي. اهي محبوب جون ذاتي (مخفي) صفتون ئي آهن جيڪي صورت ۾ ظاهر نظر اچن ٿيون. (مخلوقات خالق جي صفات جو مظهر آهي) يا اهي عارف جيڪي ظاهري صفاتي وجود ۾ ڍڪيل آهن، سي ئي ذاتي صورت ۾ پڻ سمايل آهن. مطلب ته انهيءَ محبوب حقيقيءَ جي راز جو ڪو بيان نٿو ڪري سگهجي. (اها ڳالهه بيان کان ٻاهر آهي).

[رومي مثنويءَ ۾ اهڙن الله وارن لاءِ هيءَ حديث ’اِن الله اولياءَ اخفياءَ‘ يعني الله جا ڪي اوليا بلڪل مخفي آهن‘ آندي آهي- اڳتي چوي ٿو:

مهدي و هادي ويست اي نيک خو،

هم نهان و هم نشسته پيش رو.

(دفتر دوم، ب-818)

معنيٰ: اي نيڪ بخت، اهي ئي (الله وارا) هدايت يافته ۽ هدايت ڪندڙ آهن. هو جيتوڻيڪ ماڻهن لاءِ مخفي آهن، پر ظاهر ظهور سڀني جي سامهون آهن.

انهيءَ ڪري صوفي چون ٿا ته هڪ ڪامل صوفي خدا جي اسمن جو مظهر يا آرسي ٿيندو آهي.]

24

نَڪا اِبتَدا عَبدَ جِي، نَڪا انتِها

جَنِ  سُڃاتو  سُپِرين،  سي  وَڃَڻَ  کي  وِئا.  [83]

سمجهاڻي: الله جي انهن ٻانهن (عارفن) جي (روحاني درجن جي) نڪا شروعات آهي نڪا پڄاڻي (انهن جا درجا اڻ کٽ آهن). بلڪ (درحقيقت) جن پنهنجي حقيقي محبوب ۽ مالڪ کي سڃاتو، تن جو اهو (روحاني) سير هميشه لاءِ جاري آهي.

[مثنويءَ ۾ الله جي اهڙن اوليائن يعني خلق جي رهبري ڪندڙن جو ذڪر ملي ٿو، جن جي آغاز يا ابتدا ۽ انجام يا انتها لاءِ روميءَ جو به ساڳيو خيال آهي.

او چنان پيرست کِش آغاز نيست

با چنان دُر يتيم انباز نيست

(دفتر اول ب 2941)

معنيٰ: هو اهڙو شيخ ۽ رهبر آهي جنهن جو آغاز ناهي بلڪ هو اهڙو ناياب موتي آهي جنهن جهڙو ٻيو ڪو موتي ناهي.

ٻئي هنڌ وڌيڪ وضاحت سان چوي ٿو:

سر ندارد، چون ز ازل بوده ست پيش

پا ندارد، با ابد بوده ست خويش

بلک چون آبست، هر قطره ازان

هم سرست ويا، وهم بي هر دُوان.

(دفتر اول ب 98_2897)

معنيٰ: هن جو مٿو (شروعات) ان ڪري نه آهي جو اهو (هن جو عشق) ازل کان به اڳ آهي. هن جو پير (پڄاڻي) ڪونهي. ڇو ته هو ابد سان ڳنڍيل آهي. مطلب ته عاشق کي پاڻيءَ وانگر سمجهه جنهن جي هر قطري (وجود) جو سِر به پاڻ آهي ته پير به پاڻ آهي ۽ ان سان گڏ درياءَ ۾ به هلندڙ آهي.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org