سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:28 

سُر آبري

 

داستان پهريون

1

اَوَلِ آخِرِ آهِ، هَلڻُ مُنهنجو هوتَ ڏي

پورهيو سَندو پورِهِيَتِين، والِي ڪِيمَ وِڃاءِ

سو مُون ٿورو لاءِ، جِئَن جِئري مِلان جَتَ کي. [1151]

سمجهاڻي: اڳي يا پوءِ (نيٺ) مون کي محبوب وٽ هلي پُهچڻو آهي (پڪ اٿم مون کي محبوب ملندو). او مالڪ سائين، جيڪي ڪشالا ڪن، انهن جي محنت کي نه وڃاءِ، (منهنجو پنڌ سجايو ڪر). مون تي اها خاص مهرباني (احسان) ڪر، جو آءٌ هن حياتيءَ ۾ هلي محبوب سان ملي سگهان.

2

ڏَري ۽ ڏاري، سَٽِ سُورَنِ جِي سَسُئِي

پييائِي پُنهونءَ ڏي، نِرمَلِ نِهاري

لالَڻِ جي لَطِيفُ چَئي، سُونہَ سَتِي ساري

پِرِيتَڻُو پاري، مارَڳَ ۾ مُنڌَ مُئِي. [1152]

سمجهاڻي: سسئي کي اڻانگي پنڌ واري سَٽ ڊيڄاري ۽ هيسائي پيئي. پر هن اها سَٽ پنڌ جي پوري ڪري پُڄائي ڇڏي. هوءَ پاڪ دل عورت (بيحال ٿي) پَٽ تي پاسي ڀر ڪِري پيئي هئي، پر پنهنجي پرينءَ لاءِ واجهائيندي ۽ انتظار ڪندي رهي. عبداللطيف چوي ٿو ته هوءَ سچي ۽ صاف پاڪ عورت پنهنجي سپرينءَ جي سونهن کي پيئي ياد ڪري. آخر هن پنهنجي محبت کي توڙ نباهيندي پاڻ کي انهيءَ راهه ۾ قربان ڪري ڇڏيو.

3

جي سِجهائِي سِڪَ، تَه پُڻ سِڪي سَسُئِي

پِيتائِين پُنهونءَ کي، هَڏَ نه ڀَڳيَسِ هِڪَ

اِنَ تَڙَ مَنجهان تِڪَ، ڏِني پاڻان اُڃ ٿِئي. [1153]

سمجهاڻي: جيتوڻيڪ سسئي پوريءَ ريت عشق ۽ محبت ۾ پچي ڪباب (فنا) ٿي ويئي، پر پوءِ به سندس سڪ پوري نه ٿي (آخر تائين سڪندي رهي). هوءَ پنهونءَ جي عشق ۾ کيس پاڻيءَ وانگر پي ويئي ۽ جيترو پيتائين، ان سان سندس نڙي به آلي نه ٿي. هڏڪي نه لٿيس، انهيءَ عشق واري تڙ (کوهه، درياء) تان جيترو پاڻيءَ جو وڏو ڍُڪ ڀربو (ته اُڃ ختم ٿئي)، اها ايترو پاڻ وڌي وڃي ٿي.

[عشق اهڙي اُڃ وانگر آهي، جيڪا ڪڏهن پوري نٿي ٿئي، اهو روميءَ جي فڪر جو خاص نڪتو آهي. جئن هن بيت ۾ چوي ٿو.

عشق   مستسقيست، مستسقي  طلب،

در پي هم اين وآن چون روز و شب.

(دفتر ششم بيت 2٦75)

معنيٰ: عشق سخت اڃايل آهي ۽ پاڻ اُڃ جو وڌيڪ طالبو آهي. اهي ٻئي هڪ ٻئي لاءِ ڏينهن ۽ رات وانگر عاشق ۽ معشوق آهن.]

4

پَسِي جهاجههِ جَمالَ جِي، جَنِي پِيتِي پِڪَ

اَپَرِ اڳانجهو ٿِئو، سُورُ تَنِي کي سِڪَ

هَڏِ نه ڀڳينِ هِڪَ، پَسڻَ ڌاران پِرينءَ جي. [1154]

سمجهاڻي: جن (عاشقن) کي محبوب جي حسن جي گهڻائي مان  صرف هڪ ڍُڪ مس نصيب ٿيو، تن کي پاڻ سڪ جو گهڻي ۾ گهڻو سور ۽ درد اچي پيدا ٿيو. دوست جي ديدار کان سواءِ انهن جي سڪ واري هڪڙي هِڏڪي به بند ڪانه ٿي. (اهي ايترا اڃايل هئا جو سندن اڃ پڇاڙيءَ تائين ختم نه ٿي)

5

سَدا سائِرَ سِيرَ ۾، توءِ تَشنگِي تارِ

آهي اُڃَ اَکينِ ۾ اڃان مُون اَپارَ

پُنهون پاڻُ پِيار، اُڃ اُڪنڊِي آهيان. [1155]

سمجهاڻي: هو سدائين ساگر جي وڏي پاڻيءَ واري سير ۾ آهن، پر تڏهن به هو هردم اڃايل (سِڪايل) آهن. (هنن جي اڃ لهڻ واري ناهي). منهنجي اکين (اندر) ۾ اڃان اٿاهه اُڃ آهي. اي منهنجا پيارا پنهون! تون پاڻ اچي مون کي (پنهنجن هٿن سان) پيار، ڇو ته آءٌ تنهنجي اڃايل سڪايل آهيان.

[روميءَ مثنويءَ ۾ عاشقن کي هر وقت پاڻيءَ جي اندر رهندڙ مڇيءَ سان تشبيهه ڏني آهي ۽ چوي ٿو ته جيئن انهن جي پياس ختم ٿيڻ واري نه هوندي آهي، عاشقن سان به ائين آهي.

آب اين دريا که هائل بقعه ايست

با خمار ماهيان خود جرعه ايست.

(دفتر ششم، ب- ۲٦٦٠)

معنيٰ: اُن درياءُ جو پاڻي جيتوڻيڪ تمام اونهو ۽ گهڻو آهي، پر مڇين جي عشق آڏو اهو هڪ ڍڪ وانگر آهي.]

6

مَحبَتَ مَڻين مَنَ ۾، تَنِ تَشنگِي تارِ

پِي پِيالو اُڃ جو، اُڃَ سِين اُڃَ اُٿيارِ

پُنهون پاڻُ پِيارِ، ته اُڃَ سِين اُڃَ اُجهائِيَان. [1156]

سمجهاڻي: جيڪي عاشق پنهنجي دل کي محبت سان مڻي ٿا ڇڏين (پنهنجي دل کي محبت سان ٽمٽار ڪري ٿا ڇڏين) تن کي عشق جي اُڃ تشنگي به تمام گهڻي ٿيندي آهي (ان اڃ جو علاج اهو آهي ته) اڃ (عشق) جي پيالي کي اڃ (عشق) جو پيالو ئي ختم ڪري سگهي ٿو. (يعني هن اڃ جو علاج ۽ درمان خود پنهون آهي). اي محبوب! تون ئي اچي انهيءَ عشق واري اڃ جو خاتمو ڪري سگهين ٿو.

هن سلسلي ۾ مثنوي روميءَ جو هيءُ شعر رهنمائي ڪري ٿو. هونئن به شاهه لطيف جي بيت ۽ مثنويءَ جي شعر ۾ لفظ ’تشنگي‘ مشترڪ آهي:

آب کم جو تشنگي آور بدست،

تا بجوشد آب از بالا و پست.

(دفتر سوم، ب- 3212)

معنيٰ: پاڻيءَ جي تلاش کان اڳ، اڃ پيدا ڪر، تڏهن پاڻهي تنهنجي مٿان هر طرف کان پاڻي پيدا ٿيندو.]

7

مَحبَتَ سَندو مَنَ ۾ پُرِ پِيالو جَنِ

پِيَڻِ پَرچاءُ ناهِ ڪو، ڪنہ جِنہ ڏاهَ ڏَڀَنِ

جِنہِ نِهايَتَ ناهِ ڪا، تِنہِ سُڃان سُڃِ وَڃنِ

تيلاهَ اُڃ مَرَنِ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾. [1157]

سمجهاڻي: جن عاشقن جي اندر ۾ محبت جو پيالو ٽمٽار آهي، سي اُن جي پيئڻ سان به ڍاپڻ وارا نه آهن، بلڪه هو وڏي (ڪشالي واري) خبر سبب دلگير آهن. هو اهڙيءَ سڃ واري پنڌ ۾ آهن (رُڃ) جنهن جو پرو پاند ئي ڪونهي. تنهن ڪري هو سدائين اڃ (واري حالت) ۾ آهن، پوءِ ڀل کڻي وڏي درياءُ جي سير ۾ ڇونه هجن.

8

سَدا سائِرَ سِيرَ ۾، اَندرِ لَهي نه اُڃَ

پَسَڻُ جو پِرين جو سا سَڀائِي سُڃَ

تيلاهَ مَرَنِ اُڃَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾. [1158]

سمجهاڻي: عاشق سدائين ساگر جي وڏي سير ۾ آهن، پر سندن اندر جي اڃ لهڻ واري ڪانهي. اهو ان ڪري جو دوست جو ديدار حقيقت ۾ سڃ آهي (ڇاڪاڻ جو مقصد پوري ٿيڻ سان محبت واري اها سِڪ ۽ ڇِڪ باقي نه رهندي. ن-ب) انهيءَ ڪري سچا عاشق اڃ ۾ مرن ٿا ۽ اڃ ۾ جيئن ٿا، جيتوڻيڪ اهي پاڻيءَ ۾ رهن ٿا.

[روميءَ وٽ عشق جو تصور اهڙي اڃ وانگر آهي، جيڪا ڪڏهن به لهڻ يا پوري ٿيڻ واري ناهي، هن لاءِ وڌيڪ هي شعر ڏسو:

هيچ مستسقي بنگريزد ز آب،

گردو صدبارش کندمات و خراب.

من بهر جائي که بينم آب جو،

رشکم آيد بود من جائي او.

(دفتر سوم ب، 3885 ۽ 3889)

معنيٰ: اڃ جي بيماريءَ ۾ مبتلا ڪڏهن به پاڻيءَ کان پري نه ٿيندو آهي، توڻي جو کيس ٻه سو ڀيرا پنهنجي تباهيءَ جو يقين ڇو نه هجي. (هن جي اها حالت آهي جو چوي ٿو) مان جتي به پاڻيءَ جو واهڙ ڏسان ٿو، دل گهري ٿي ته جيڪر مان اتي هجان.]

9

ساجَنَ ڪارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولِي سَسُئِي

اَندرِ جَنِي اُڃَ، پاڻِي اُڃئو اُنِ کي. [1159]

سمجهاڻي: سسئي پنهنجي محبوب خاطر سڃ ۽ ويرانيءَ کي قبول ڪري سٺو ڪم ڪيو. (اهو قدرت جو اصول آهي ته) جيڪي پاڻيءَ لاءِ اڃايل آهن يا جن جي اندر ۾ اڃ (عشق) آهي، پاڻي (معشوق) به انهن لاءِ سڪايل آهي (اهو به انهن کي ڳولي ٿو).

[مٿين توڙي ٻين ڪيترن بيتن ۾ سڌوسنئون روميءَ جو فڪر موجود آهي.

جيئن هو چوي ٿو:

تشنگان گر آب جويند در جهان

آب جويد هم به عالم تشنگان.

             (دفتر اول، بيت- 1741)

معنيٰ: جيڪڏهن اڃايل جهان ۾ پاڻيءَ جي تلاش ۾ آهن ته پاڻي پاڻ انهن جي تلاش ۾ آهي. دراصل هي خيال روميءَ جي فڪر جو مرڪزي نڪتو آهي. هو اڃا به وڌيڪ کولي چوي ٿو:

هر که عاشق ديديش معشوق دان،

کوبنسبت هست هم اين و هم آن.

(دفتر اول، بيت- 1740)

معنيٰ: جنهن کي تون عاشق ڏسين ٿو، ان کي اصل ۾ معشوق سمجهه. ڇو ته نسبت جي لحاظ کان هو ٻئي آهي يعني هيءُ به آهي ته هو به آهي.]

10

مَهند مُحتاجِي ڪَري پُٺيءَ پِيرُ ڪَڙيجُ

ڪُٻيلَياڻِي ڪيچَ ڏي حُج مَ هَلائيجُ

پاڻان ڌارَ پِريتَڻُو سَسُئي ساڻُ کَڻيجُ

اوڏي عَزازِيلَ کي ويجهِي تان مَ وَڃيجُ

نا اُميدِي نيجُ، ته اوڏي ٿِئين اُميدَ کي. [1160]

سمجهاڻي:  (اي طالب) تون پاڻ کي شروع کان ئي عاجز ۽ محتاج سمجهي هل، انهيءَ سوچ سان پنهنجو قدم پنهونءَ جي پيرن جي نشان مطابق اڳتي وڌاءِ. اڪيلو ئي اڪيلو (ٻئي ڪنهن جي مدد کان سواءِ) ڪيچ ڏانهن وڌ ۽ ڪا دعويٰ يا حجت نه رکج. اي سسئي! پاڻ سان ٻيو ڪنهن کي نه بلڪه رڳو عشق کي ساڻ کڻي هل. (پاڻ کي ڀانئڻ واري) شيطاني خيال جي ويجهو هرگز نه وڃجانءِ. پاڻ سان ڪا ٻي اميد (محبوب کان سواءِ) نه کڻ. تڏهن تنهنجي محبوب سان ملڻ واري اميد ضرور پوري ٿيندي.

[رومي مثنويءَ ۾ ’نااميدي‘ ۽ ’نامرادي‘ ۾ هميشه مثبت پهلو ڏسي ٿو:

عاشقان از بي مرا ديهاي خويش،

باخبر گشتند از مولاء خويش.

 (دفتر سوم، ب-4466)

معنيٰ: عاشق پنهنجي نامرادي (نااميدي) ڪري ئي پنهنجي مالڪ ۽ مولا کان باخبر ٿيا آهن.]

11

مَهندِ مُحتاجِي ڪَري حُجَ وِڃائي هَلُ

عُذر خواهي عاجِزِي سَسُئِي ڪِنہِ مَ سَلُ

ڏُونگَرُ ڏورَڻُ ڏاکَڙو لَئُون رِءَ ڪونهي لَلُ

اِيءُ ڀَلائِيءَ ڀَل، جِئن پاسي ٿِيڻُ پاڻَ کان. [1161]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون منڍ کان ئي عاجزي ڏيکار ۽ هر قسم جي حجت ۽ دعويٰ کي ڇڏي اڳتي هلڻ شروع ڪر. اي سسئي! عذر ۽ عاجزي اهڙا ته وڏا گڻ آهن جو ٻئي کي ٻڌائڻ جهڙا نه آهن (تون پاڻ انهن تي ڪاربند رهه) جبلن ۽ پهاڙن جو پنڌ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، ان جو سڪ ۽ محبت کان سواءِ علاج يا حيلو ڪونهي (اهو پنڌ سڪ ۽ محبت کان سواءِ طي ڪونه ٿيندو). ڀلي ۾ ڀلو ڪم پنهنجو پاڻ کان، پنهنجي آپي کان پري ٿيڻ آهي.

[مثنويءَ ۾ رومي چوي ٿو:

آدمي را عجز و فقر آمد امان،

از بلاي نفس پر حرص و غمان.

(دفتر سوم، ب- 3283)

معنيٰ: هر انسان لاءِ عاجزي ۽ محتاجيءَ ۾ امن امان آهي. خاص طور نفس جي حرص ۽ ٻين مصيبتن کان ان ۾ پناهه آهي.]

12

مَ ويههُ مُنڌَ ماٺِ ڪَري، اُٿِي وِجههُ وڙولَ

سُتِينِ تان سَيدُ چَئي، هَمَ غَم اَچَنِ هولَ

ٻَهُون پاري ٻولَ، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪيچَ جو. [1162]

سمجهاڻي: او سسئي! تون چپ ڪري هڪ هنڌ ويهي نه رهه، بلڪه ڳولا خاطر سڀني کان پڇائون پيئي ڪر. جيڪي سمهي پون ٿيون، (غفلت ڪن ٿيون)، انهن لاءِ ڳڻتي ۽ ڏک، سوچ ۽ ڊپ ئي آهي. بيشڪ ڪيچ ڌڻي يعني پنهون ته پنهنجا سڀ جا سڀ واعدا پورا ڪري ٿو.

13

ويههُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ

جِمَ وِرِچِي ڇَڏئين، سَندو گُنگَنِ گَسُ

ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسُ، پُوندءِ هوتَ پُنهونءَ جو. [1163]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون (پنهل کان پوءِ) ڀنڀور ۾ ويهي نه رَهه. تون اٿي وڏا سڏ ڪر ۽ پنهنجي ڪوشش ۽ حيلو ڪر. متان ڪڪ ٿي يا ٿڪجي اٺن جي ڪڍ وڃڻ وارو رستو ڇڏي ڏئين، توکي گهڻي مسلسل ڳولا منجهان ئي هوت پنهونءَ ڏانهن وڃڻ جو ڏس پتو ملندو.

14

ويههُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪِجِ وَڃڻَ سِين وَسُ

ليڙَنِ جو لَطِيفُ چَئي ڏُونگرُ ڏِيندُءِ ڏَسُ

هَلِي پُنهون پَسُ، سِرَ ڀَرِ رِڙِهِي سَسُئي! [1164]

سمجهاڻي: اي سسئي! ڀنڀور ۾ چپ ڪري ويهي نه رهه، بلڪه تون (قافلي وارن جي پويان) وڃڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏ. تون جڏهن جبلن ۾ پهچندينءَ ته اهي جبل پاڻهي توکي (قافلي سان ويندڙ) اٺن جو ڏس ڏيندا. او سسئي! ڇا به ٿئي، تون ڪنڌ ڀر به رڙهي (پنڌ ڪري) پنهنجي پنهون کي وڃي ڏس.

15

ويههُ مَ مُنڌَ ڀَنڀَورَ ۾، هاڙهي هَڏِ مَ هَلُ

ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏهين، سَچِي ڳالههِ مَ سَلُ

جانِبَ لَئي مَ جَلُ، سُورَ وِسارِ مَ سَسُئِي. [1165]

سمجهاڻي: اي عورت (سسئي) تون اتي ڀنڀور ۾ ويهي نه رهه، نڪي وري هاڙهي جبل (جيڏانهن پنهونءَ جو قافلو ويو آهي) ڏانهن وڃ. تون (هن سلسلي ۾) ڪڏهن به ڪوڙي ڳالهه نه ڪر، پر (عام کي) سچي يا اصلي ڳالهه به نه ٻڌاءِ، تون پنهنجي پرينءَ لاءِ سڙڻ ۽ پچڻ کي ترڪ ڪر، مگر اهي سور ۽ تڪليفون هرگز وساري نه ڇڏج.

[سالڪ جي اها ڪيفيت جيڪا حال ۽ قال کان مٿي آهي، جنهن جو اظهار نٿو ٿي سگهي. رومي هڪ هنڌ چوي ٿو:

جستجو ئي ازورائي حال و قال،

غرق  گشته در  جمال  ذوالجلال.

   (دفتر اول، ب- 2211)

معنيٰ: اها خاص جستجو (واري ڪيفيت آهي)، جيڪا حال ۽ قال (سمجهڻ ۽ سمجهائڻ) کان مٿي آهي، جڏهن هو خالق جي حسن ۾ ٻڏي وڃي ٿو.]

16

ويههُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾ اُٿي رائو ريلِ

هيڪَرَ اُٿِي هوتَ لَئي ٻَڌُ چِتائي چيلِ

ٿَڪيائِي تون ٿيلِ، ته پَسِين ڄامَ پُنهونءَ کي. [1166]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون ڀنڀور ۾ ويهي نه رهه، بلڪه (پنهونءَ جي ڳولا ۾) برپٽ بيابان وڃي جهاڳ. تون هڪ دفعو چڱيءَ طرح اٿي پنهنجو سندرو (چيلهه کي) ساهي ٻڌ ۽ هل. تون ٿڪل هوندي به پنهنجو پنڌ هلي پورو ڪر، ته جيئن پنهونءَ کي پاڻ پسي سگهين.

17

سُکين ٿِيءُ مَ سَنَرِي، پَسِي ڏُکَ مَ ڏَرُ

پَٽِي ڪَرِ مَ پانهِنجو، گهورِئو اَڏ مَ گهَرُ

ماري هَڏِ مَ مَرُ، مَڇڻُ جِيءُ جِيارِئين. [1167]

سمجهاڻي: او سسئي! سک ڏسي سرهي ۽ خوش نه ٿيءُ ۽ نه وري ڏک ڏسي ڊڄي ويهي رهه. ائين پنهنجو اڏيل گهر ڊاهي ميدان نه ڪر ۽ نه وري ڊٺل گهر کي ويهي ٺاهه. اي مئل! تون پاڻ کي هرگز مرڻ نه ڏج ۽ نه وري پنهنجي جيءَ کي جيئرو رک! (سالڪ جي خاص ڪيفيت).

[سالڪ جي انهيءَ ڪيفيت ڏانهن مثنويءَ جي هن شعر کي ڏسڻ گهرجي:

راه فاني گشته راه ديگرست،

ز انکه هشياري گناهه ديگرست.

           (دفتر اول، ب- 2204)

معنيٰ: جيڪي فاني ٿي چڪا آهن، انهن جي راهه بلڪل جدا آهي. هن راهه وارن لاءِ هوشياري به هڪ قسم جو گناهه آهي.]

18

سُکين ٿِئي نه سَنَرِي، ڏُکين ڪِينَ ڏَري

اوري هَڏَ نه اُڀِيي، پُوري تان نه پَري

سَرتِيُون ٿِي سَري، ٻِنهي ري ٻانڀَڻَ کي. [1168]

سمجهاڻي: هوءَ (سسئي) سکن ملڻ سان خوش ڪانه ٿي ۽ نه وري ڏک ڏسي ڊڄي ويٺي. نڪي (عشق جي) ويجهو وڃي ٿي ۽ نه وري (جدائي ۾) پري وڃي ٿي. اي سرتيون! انهن ٻنهي حالتن کان سواءِ هيءَ ٻانڀڻ (سسئي) پيئي پنهنجو وقت گذاري.

19

لُڪُنِ ۽ لَڪَنِ، ڄَرَ ڄَراٽِي سَسُئِي

ڪارَڻِ ڪوهيارَنِ، ته پُڻُ چَڙهي چوٽِيين. [1169]

سمجهاڻي: سسئي کي هڪ گرم لڳندڙ واءُ (جهولي) ۽ ٻيو جبلن جي سوڙهين ۽ ڏکين لاهين ۽ چاڙهين باهه جي گرميءَ وانگر ساڙي لوساٽي ڇڏيو، ليڪن هوءَ پنهنجي ڪوهياري سڄڻ خاطر پهاڙن جي چوٽين تي چڙهڻ کان بس ڪري نه ويٺي.

20

لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙوئي لَهسِئو

اَڀَنَ مَنجهان آئِيو هَي هَي جو هُڳاءُ

طَيُورَنِ تَوارِئو پُنهونءَ پُڄاڻاءُ

رَسِئو سوزُ شَبانَ کي وُحُوشَنِ وَٽاءُ

مِرُوئَنِ موتُ قَبُولِئو، اَپَرِ اَفسوساءُ

بَرَ پُڻِ ڪَنِ بُڪَاءُ، اُڪَنڊِئا آرِيءَ لَئي گهڻو. [1170]

سمجهاڻي: اهڙي ساڙيندڙ هوا لڳي، جو سڄو جهان ان جي گرميءَ ۾ لهسجي ويو. آسمانن مان به هاءِ افسوس جي صدا اچڻ لڳي. پنهونءَ جي جدائيءَ ۾ سڀ پکي پکڻ وغيره دک درد جون دانهون ڪرڻ لڳا. جهنگ جا جانور توڙي ڌڻن جا ڌنار ڏک ۾ ڀرجي ويا. افسوس جو اهو عالم هو جو ٻين حيوانن پڻ مرڻ قبول ڪيو. بر پٽ بيابانن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو جو اهي سڀ سڄڻ لاءِ سڪي رهيا هئا.

(هيءَ بيت جنهن ۾ بر بيابان به آري لئه اڪنڊئا ۽ رنا، سو حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي هن دنيا مان رحلت ڪري وڃڻ بابت آهي. ن.ب)

وائي-1

مُون کي جهَل مَ پايو،

جيڏيُون! آءٌ هَلندي هوتَ ڏي

هيءُ جو بارُ بَنڀورَ جو، لُوٺيءَ تان سَڀ لاهيو

ڪِينَ وِهنديس ڪُنڊَ ۾، نه مون ڀَئهُ، نه ڀانيو

وِهاري وَطَنِ ۾ شُهديءَ کي مَ سِڪايو

ڪُٺَلِ ڪَجائَنِ ۾ چاڙهي هيءَ هَلايو

منهنجو پَنڌُ پُنهونءَ ڏي، ريبي تان مَ رَهايو

آهي   عاجِزِينِ  تي  سُپيريان  جو  سايو. [1171]

سمجهاڻي: مون کي روڪي نه ويهاريو، او سرتيون! او جيڏيون! هن سڙيءَ تي جيڪو ڀنڀور وڃڻ جو بار يا ذمو آهي، اهو لاهڻ ڏيو. آءٌ هاڻي هتي ڪنڊ ۾ ڪونه وهنديس، مون کي ڪو ڀؤ ڀولو نه ڏياريو. هن نماڻيءَ کي هتي ويهاري وڌيڪ نه سِڪايو. بلڪه هن ڪٺل کي ڪيئن به ڪري اٺن تي چاڙهي ڪيچ اماڻيو. منهنجو پنڌ هونئن پنهونءَ ڏانهن آهي، پوءِ مون کي ريهي ريبي ڇو ٿا هتي اجايو ترسايو. بيشڪ هيڻين ۽ بي واهين جي مٿان هن سڄڻ جو ئي پاڇو (مهرباني) آهي.

 

وائي-2

ڪيچِي وِيا جيڏاهِين، جيڏيُون!

آهِمِ آسَ اوڏاهِين

بَندِي هِيءَ بازارَ ۾، شالَ مَ پَوي پاهِين

هاڙَهي وڃي هوتَ ڏي، ڏاههِ ٿِينديس آءٌ ڏاهِين

پيرُ سُڃاڻي پِرينءَ جو، موٽان ڪِيئن آئون پاهِين

پَسڻَ ڪارَڻِ پِرينءَ جي، پُوندِيَسِ اَتِ اَڳاهِين. [1172]

سمجهاڻي: او سرتيون، منهنجا ڪيچي (قافلي وارا) جيڏانهن ويا آهن، مون کي به اوڏانهن وڃڻ جي آس اميد آهي. خدا نه ڪري جو هيءَ ٻانهي ماڻهن جي هن ميڙ ۾ پٺتي پوي. آءٌ پنهنجي پرينءَ جي ديس وڃي اتي سندس پڪي گولي ۽ خذمتگار ٿينديس. مان پرينءَ جو پير سڃاڻي هاڻي پٺتي ڪيئن پونديس، بلڪه مان ته محبوب سان ملڻ خاطر جيئن پوءِ تيئن اڳتي وڌندي وينديس.

 

داستان ٻئو

1

پَسِي ڏُونگَرَ ڏاهَ، جِمَ هَلَڻَ ۾ هِيڻي وَهِين

لانچي لَڪَ لَطِيفُ چَئي، پُٺِيءَ ڪيچينِ ڪاهِ

پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي، بَلوچاڻِي باهِ

اِن وَڙائِتِ وَرَ جِي، آسَرِ هَڏَ مَ لاهِ

جو اَکِينَئُون اوڏو آهِ، سو پِرين پَرانهُون مَ چَئهُ. [1173]

سمجهاڻي: اي (سسئي)! وڏا جبل ڏسي متان هلڻ ۾ سُستي ڪرين. (دل نه لاهجانءِ) تون چيلهه کي سندري سان ٻڌي ڪيچين (جي قافلي) پٺيان هلندي وڃ. اي سسئي! تون قافلي جا هر منزل تي باهه جا ڇڏيل نشان پڇائيندي اڳتي وڌندي وڃ. تون ان قربائتي ڪانڌ کان ڪنهن به صورت ۾ نااميد نه ٿيءُ. اهو سڄڻ جيڪو اکين کان وڌيڪ ويجهو آهي، انهيءَ لاءِ ائين نه سوچ ته هو ڪو توکان پري آهي.

2

هِتان کَڻي هُتِ، جَنِ رکيو سي رَسيُون

ساجَنُ سُونہَ سُرِتِ، وِکان ئِي ويجهو گهڻو. [1174]

سمجهاڻي:  (اي سسئي) جن پنهنجي دل (سوچ ۽ فڪر) کي هتان (هن جهان) کان هٽائي (پوريءَ ريت) هتي هن طرف (محبوب) ڏانهن مائل ڪيو، انهن لاءِ سونهن ۽ سرت وارو سڄڻ (حسن مطلق ۽ عقل ڪُل) هڪ وک کان به وڌيڪ ويجهو آهي.

3

جيڪُسِ يادِ ڪِيَاسِ، وَرَ وَڃي وَڻَڪارَ ۾

جَلدَ جَرِيدي پنڌِ ۾ اديُون اَڄُ ٿِياسِ

وڃي ڪيچِ پُنياسِ، ٻاروچاڻِيءَ ٻاجَهه سِين. [1175]

سمجهاڻي: شايد مون کي منهنجي مڙس (محبوب) پنهنجي ملڪ ۾ وڃي ياد ڪيو آهي. اي سرتيون! (انهيءَ سبب) اڄ آءٌ اڪيلي ئي اڪيلي تکو پنڌ ڪري رهي آهيان. مان ته ان ٻاروچي (پرين) جي خاص مهربانيءَ سان ڪيچ وڃي پهتي آهيان.

4

وَڏا وَڻَ وَڻڪارَ جا جِت چِٻُون ۽ چِيها

مَنزلَ دُورِ مَن تَنها، اُتِ ٻولنِ ٻاٻِيها

رائي پيرَ رَتُ ڪِئا، لَڳي لُکَ ڏِينها

لِکيي جُون لِيهَا، لوڙيان ٿِي لَڪَنِ ۾. [1176]

سمجهاڻي: جتي وڻڪار جا وڏا وڻ آهن ۽ جتي چٻون ۽ چيها پکي عام جام آهن، جتي ٻاٻيها (ننڍي ڳيري جهڙا) پکي اها ٻولي ڪري رهيا آهن، ’منزل پري ۽ آئون اڪيلي‘ آهيان. پهاڙ جي پٿرن ۽ پهڻن منهنجا پير رتو رت ڪري ڇڏيا آهن ۽ ڏينهن تتي جو گرم هوا ۽ جهولو پيو ساڙي. اهي سڀ منهنجي قسمت ۾ لکيل (تڪليفون ۽ مصيبتون) هيون، جيڪي جبلن ۾ اچي پيئي ڀوڳيان.

5

وَڏا وَڻَ وَڻَڪارَ جا جِتِ جائُو جهَمَر جهَرَ

ڪوسا تَپَنِ ڪَڪَرا، ٻِي ڌَمَ ڌَمَ تَپي ڌَرَ

ويچارِي ڏِئي وَرَ، پيرُ نه لَهي پِرِينءَ جو. [1177]

سمجهاڻي: وڻڪار (علائقي) ۾ وڏا وڏا درخت آهن، جتي جائو جهڙو جبل آهي. (ان واٽ سان) گهاٽو جهنگ ۽ وڻراهه آهي. جتي پهاڙن جا پهڻ ۽ پٿريون گرم ٿي وڃن ٿا ۽ ڌرتي پڻ تپي باهه ٿي وڃي ٿي. اهڙي هنڌ ويچاري سسئي گهڻائي پئي ڦيرا ڏئي ۽ نهاري، پر ان راهه تي محبوب جي پيرن جو کيس نشان ئي ڪونه ٿو ملي.

6

وڏا وَڻَ وَڻَڪارَ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نِيلا

اُتي عَبدُاللطِيفُ چَئي ڪِئا هَيڪَليءَ حِيلا

جِتِ ڪُڙُم نَه قَبِيلا، اُتِ رَسِجُ رَهَبَرَ راهَ ۾. [1178]

سمجهاڻي: وڻڪار (جي علائقي) ۾ جتي ڊگها درخت آهن، اتي ڪارا نانگ به گهڻا ٻُڌجن ٿا. عبداللطيف چوي ٿو ته اهڙي (خوفناڪ) هنڌ تي به هن اڪيلي عورت گهڻا جتن  ڪيا، جتي سندس پنهنجي قبيلي ۽ مائٽن مان ڪو (سنگتي ۽ ساٿي) نه هو، اي مالڪ سائين، اتي تون اچي انهن جو رهبر ۽ رهنما ٿيءُ.

7

واقُفِ نه وَڻڪارَ جِي، سَفَرُ سَٽراڻُو

آڏا لَڪَ لَطيفُ چَئي جَبَلُ جوراڻُو

پِهروئِي پاڻُو، سَوَلو ڪِجِ سَچا ڌَڻِي. [1179]

سمجهاڻي:  (سسئي چوي ٿي) مون کي وڻڪار (جهڙي ڏکي جڳهه) جي بلڪل ڪا خبر ڪانهي، هوڏانهن سفر سخت ڪٺن آهي. پهاڙن جا پيچرا هيٺ مٿي ۽ آڏا ترڇا آهن. عبداللطيف چوي ٿو ان کان سواءِ جبل ڏاڍو ڏکيو (ظالم) آهي. اي مالڪ سائين! تون ئي پهرين منزل کي سولو ۽ آسان ڪر.

8

واقُفِ نه وَڻَڪَارَ جِي اَڳَ نه ڏيہُ ڏِٺومِ

ڏونگَر ڏوراپَنِ سِين، ڪاتِيءَ ري ڪُٺومِ

جيلاه مُحِبُ مِٺومِ، تي ڇُلُون ڪَريان ڇَپَرين. [1180]

سمجهاڻي: آءٌ وڻڪار جي رستي کان اڻ واقف آهيان، اهو مُلڪ مون اڳي

ڏٺو ئي ڪونه هو. رستي جي پهاڙن مون کي (اڪيلي عورت ڏسي) طعنا ڏيئي بغير ڪاتيءَ جي ڪهي ڇڏيو آهي. پر مون کي پنهنجي مٺي محبوب جي تلاش آهي، سو جيڏانهن هو آهي، آءٌ انهيءَ طرف پيئي ٿي ڊوڙون پايان.

9

واقُفِ نه وَڻِڪارَ جِي، پاڻِيءَ کَنيُمِ نه پاءُ

جَبَلُ جَلَدايُون ڪَري تِکَ ڏيکاري تاءُ

لَڳي لُکَ لَطِيفُ چَئي، مَعذُورِينِ مَٿاءُ

اُتي اوڏو آءُ، جِتِ هوتَ هَيڪَلِي آهِيان. [1181]

سمجهاڻي: مون کي وڻڪار جي ڪهڙي خبر مون ته پاڻ سان پيئڻ جو ٿورو پاڻي به نه کنيو آهي. هوڏانهن جبل سخت تپڻ جي ڪري زورآوري ٿو ڪري ۽ باهه جي ڏک پيو ڏئي. عبداللطيف چوي ٿو ته جيڪي اڳيئي مصيبت جون ماريل آهن، تن کي ويتر گرم هوا جو جهولو پيو ساڙي. او منهنجا پرين! منهنجي اتي اچي مدد ڪر جتي آءٌ اڪيلي آهيان (جتي تنهنجي مدد درڪار آهي.)

10

واقُفِ جي وَڻڪارَ جا، وانءُ تَنِي جي سَڏِ

نيئِي نِماڻِيءَ نِجهُرو اوٺِينِ پاسي اَڏِ

ساٿِين ساڻُ سَيدُ چَئي لَڏو لَڏي لَڏِ

سُکَ ڀنڀوران ڇَڏِ، ته ڪاهي رَسِين ڪيچَ کي. [1182]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون انهن جي آواز پٺيان هلندي وڃ جيڪي وڻڪار جي ديس جا واقف ۽ ڄاڻو آهن. اي نماڻي عورت! تون پنهنجي سفر جو سامان سڙو انهن اوٺين جي پاسي ۾ وڃي رک (انهن کان پري نه ٿيءُ). عبداللطيف چوي ٿو ته تون اهڙن ساٿين سان ئي پنهنجو لڏو (سامان) کڻي هلندي هل. تون اهي ڀنڀور وارا سک ڀنڀور ۾ ئي ڦٽي ڪر (وساري ڇڏ) ته اڳتي ڪيچ ڏانهن هلي پهچين.

11

سُونهان چائِن سُڌِ نه ڏِين، سَسُئِي پُڇُ مَ سي

متان تو هِي کي، مُنجهائِينِ مارَڳَ ۾. [1183]

سمجهاڻي: اي سسئي! جيڪي پاڻ کي واٽ جو سونهون ۽ واقف ٿا چورائن پر (صحيح) خبر نٿا ڏئي سگهن، انهن جي ڪڍ نه لڳ (آسرو نه ڪر). متان توکي اهي پاڻ وڌيڪ منجهائي نه ڇڏين ۽ رستي ۾ ڀٽڪائي نه وجهن.

12

هاڻِ نه ڏِسجي هنڌِ ڪِنہ سُڌيو جو سُونهُون

اُجَهانئي دُونهُون، ڪُہُ ڄاڻان ڪيهيءَ وِئا. [1184]

سمجهاڻي: هاڻي هن هنڌ ۽ هن پاسي ڪو سُڌ ڏيڻ وارو يا ڄاڻ وارو جيڪو واٽ ٻڌائي، نظر ئي ڪونه ٿو اچي. خبر نٿي پوي ته هو باهڙي وسائي پنهنجو ماڳ ڇڏي، الائجي ڪيڏانهن هليا ويا.

13

ڪُڄاڙو ڏيئِي، آءٌ گَڏِبي پِرينءَ کي

سِرُ ٿِي سُنَتَ ڀانئِيَان، سَڃيندِيَسِ سوئِي

اوڙَڪِ اُهوئِي، وِجهندِيَسِ پيشِ پُنهونءَ جي. [1185]

سمجهاڻي: (سسئي سوچي ٿي) مون وٽ ڇا آهي جيڪو آءٌ ڏيئي پرينءَ سان وڃي ملنديس (مون وٽ ڪجهه به ته ناهي). (هائو) مون وٽ پنهنجو سِر آهي، جنهن جي قرباني ڪرڻ پاڪ رسم ۽ ريت ڀانئيان ٿي. آّخرڪار اهوئي وڃي پنهونءَ جي آڏو پيش ڪنديس.

وائي-1

هُوءِ جي هلئا هوتَ سَوارا،

مون نه وَهِيڻا، پُنهلَ سَڱيڻا

سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا اوطاقُون اوتَارا

ٽَليون، ٽؤنر، هَلَوِيُون، مَيَنِ سِرِ موچارا

آن ڪي وِيندا گَڏِيا، آرِياڻِي اِنَ پارا

مُون کي نِيندا پاڻَ سِين، ڪامِلَ ڪُرَ اُجارا. [1186]

سمجهاڻي: هو جي قافلي وارا هوت بلوچ سوير اٿي هليا ويا، اهي پنهونءَ جا مٽ مائٽ هئا، منهنجي هٿ وس نه هئا. (تڏهن ته منهنجو ڪو خيال نه ڪيائون) سسئي پنهنجي ليکي قافلي وارن جي ماڳن ۽ مڪانن جي پيئي پڇا ڪري. (سسئي واٽ ويندن کان پيئي پڇي) انهن جي اٺن جون ڳچيون، ڦندڻن ۽ ٻين زيورن سان سينگاريل هيون. انهن نشانن وارا محبوب اوهان کي ڪٿي گڏيا يا ڏٺا. مون کي اميد آهي ته منهنجا محبوب جيڪي پنهنجن وڏن کي ملهائين (عزت جو خيال رکن) مون کي پاڻ سان ضرور وٺي ويندا.

وائي-2

جيڏيُون  آءٌ  تان  نــَه،

چَوَندي لو، ڏُکُ ڏوراپو!

سِيڻَنِ  کي  صَريحُ   لو!

سَڱَ نه وَرَنِ سُپِرين، مِنَٿَ موٽَنِ مانَ

ڀينَرُ! ڀيڻِي حُجَ جِي، ڪوهِياري سين ڪانَ. [1187]

سمجهاڻي: او جيڏيون، (ڇا به ٿي پوي) آءٌ ڪڏهن به پرين کي ڏک ڏوراپو ڪونه ڏينديس، اهو کُليو کُلايو ڪونه چونديس. سڱ يا رشتي واري حجت سان سپرين ڪڏهن ڪونه موٽندا، مگر منٿ ميڙ، عاجزي ۽ آزي نيزاريءَ سان متان موٽي اچن. او ڀينر! ڪوهياري محبوب سان حُجت جي واٽ آهي ئي ڪانه (ٺهي ئي ڪانه ٿي.)

 

داستان ٽئو

 

1

پُنهون ڇَڏيو پوءِ، جانِبُ جَبَلِ ڳولئين

تيلاهِين تَنگُون ڪَرين، جيلاهِين تون جوءِ

ساجَنُ سُڃ نِهارِئينِ، ڏُکِي ڏوهُ ڪِيوءِ

هاڙهي هوتَ نه هوءِ، وَرِي پُڇُ ويٺِينِ کي. [1188]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون پنهون (پرين) کي پٺتي ڇڏي، جبل ۾ ڪهڙي پرينءَ کي پيئي تلاش ڪرين. تون پاڻ کي پنهونءَ جي گهرواري سمجهي، هن لاءِ پيئي ٿي تکيون منزلون طي ڪرين. ليڪن (درحقيقت) اي ڏکويل! تو وڏو گناهه ڪيو آهي، جو ساجن کي سڃ ۾ ڳولڻ نڪتي آهين (بيابان ۾ ٿي ڳولين). پنهون يعني پرين هاڙهي جبل ۾ ڪونهي، تون موٽي هن جو ڏس پتو انهن کان معلوم ڪر جيڪي (سالڪ) هڪ هنڌ ويهي هن کي ڳولين ٿا.

2

دَران مَنجهه دوستُ ٿِئو، وَري پُڇُ پاهِين

عَبَثُ اڳاهِين، وَڃئو ڪُوڪِين ڪانڌَ کي. [1189]

سمجهاڻي: تنهنجو سڄڻ تنهنجي گهر جي در کان به اندر آهي، سو تون وري پوئتي موٽي گهر هلي پڇا ڪر. تون اجايو اڳتي وڃي (پنڌ ڪري) پنهنجي ڪانڌ لاءِ پيئي دانهون ڪوڪون ڪرين.

3

هوتُ تُنهِنجي هَنجههَ ۾ پُڇِين ڪوهُ پَهِي

”وَ فِي اَنفُسَکُمِ اَفَلا تُبصِرُونَ“، سوچي ڪَرِ صَحِي

ڪَڏهِن ڪانه وَهِي، ڪا هوتُ ڳولَڻُ هَٽَ تي. [1190]

سمجهاڻي: محبوب تنهنجي اندر ۾ آهي، تون ڇو پيئي واٽ ويندڙ مسافرن کان پڇائون ڪرين. قرآن جي آيت ’هو اوهان جي اندر ۾ آهي، پوءِ نه ڏسندا ڇا؟‘ واري حڪم کي سوچي صحيح سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. محبوب کي ڳولڻ لاءِ دڪان تي ڪوئي ڪونه ويندو آهي (هو ٻاهر خريد ڪرڻ جي چيز نه آهي).

4

ڪونِهي اُتِ ڪوهيارُ، جِتِ تو ڀورِي ڀانئِيو

پَنڌُ مَ ڪَرِ پَهاڙَ ڏي، وُجودُ ئِي وَڻِڪارَ

ڌاريا ڀانئجِ ڌارَ، پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻُ تون. [1191]

سمجهاڻي: اي ڪم عقل عورت! اتي تنهنجو محبوب هرگز ڪونهي جتي تو سمجهيو آهي. تون جبلن ۽ پهاڙن ڏي پنڌ نه ڪر، تنهنجو پنهنجو وجود ئي وڻڪار (محبوب جو ماڳ) آهي. غيرن ۽ ٻين کي ڌاريو ڪري سمجهه (انهن کي ويجهو نه وڃ). پرين لاءِ پنهنجو پاڻ کان پڇ يعني پنهنجو پاڻ ۾ ڳول.

[سڀني صوفين پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ تي گهڻو زور ڏنو آهي، رومي چوي ٿو:

اي خنک آن را که ذات خود شناخت،

اندر امن سرمدي قصري بساخت.

(دفتر پنجم، ب- 2341)

معنيٰ: اهو خوشنصيب آهي، جنهن پنهنجو پاڻ کي سڃاتو ۽ پنهنجي لاءِ هميشه امن واري جڳهه ٺاهي ورتائين.]

5

سَڀَئِي ساري سَسُئِي گهَرَ ڪُنڊُون تُون گهورِ

وَڃي ڏُورِ مَ ڏورِ، دَران مَنجههِ دوستُ ٿِئو. [1192]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون پنهنجي گهر (اندر) جون سڀ ڪنڊون ۽ پاسا چڱيءَ طرح جانچي ۽ ڳولي ڏس، پر هيڏانهن هوڏانهن وڃي اجائي ڳولا نه ڪر، دوست تنهنجي (گهرجي) در اندر ئي آهي (ٻاهر ناهي).

[مثنوي روميءَ جو هن سلسلي ۾ هيءُ شعر ڏسو:

روي  در  روي  خود  آر  اي   عشق   کيش،

نيست اي مفتون تُرا جز خويش خويش.

                     (دفتر ششم بيت 1984)

معنيٰ: اي عاشق! تون پنهنجو پاڻ ۾ اندر ڏس ته توکان سواءِ توتي ٻيو ڪوئي عاشق ناهي، تون پاڻ ئي آهين.]

6

هوتُ تُنهنجي هَنجَ ۾ پُڇِين ڪوهُ پَرياڻُ

”وَنحنُ اَقَرَبُ اَلَيہِ مِن حَبَلِ الوَرِيدِ“، تنهنجو توهِي ساڻُ

پَنهنجو آهِين پاڻُ، آڏو عَجِيبَنِ کي. [1193]

سمجهاڻي: تنهنجو دوست تو وٽ آهي، توسان آهي. تون هن کي جبلن ۾ پري وڃي ڇو ٿي تلاش ڪرين. قرآن جي آيت ’۽ اسين هن کي ساهه جي رڳ کان ويجها آهيون‘ مطابق پڻ هو توسان گڏ آهي. (گويا) تون پاڻ پنهنجي ۽ محبوبن جي آڏو رنڊڪ آهين.

7

ووڙِيمِ سَڀَ وَٿاڻَ، جارَ ڪارَڻِ جَتَ جي

”وَاللهُ بِکُلَ شَيءِ مُحيطُ“، اِيءُ آرِياڻِيءَ اُهڃاڻُ

سَڀَ ۾ پُنهون پاڻُ، ٻِئو ناهِ ٻَروچَ ري. [1194]

سمجهاڻي: مون پنهنجي محبوب خاطر هر هنڌ تلاش ڪئي ۽ ان جي جفا ڪارڻ

سڀ جايون ڳولي ڏٺم. قرآن جي آيت ’۽ الله هر شيءِ کي گهيريندڙ آهي‘ يا هر شيءِ کي الله جو گهيرو آهي. اها ئي سندس نشاني آهي. سڀ شيءِ ۾ هو پرين پاڻ آهي (سندس جلوو آهي)، هن سپرين (جي ذات) کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي.

8

پيهِي جان پاڻَ ۾، ڪِيَمِ رُوحَ رِهاڻِ

ته نَڪو ڏُونگَرَ ڏيههَ ۾ نڪا ڪيچينِ ڪاڻِ

پُنهون ٿِيَسِ پاڻِ، سَسُئِي تان سُورَ هُئا. [1195]

سمجهاڻي: مون پنهنجي اندر جي اونهائيءَ ۾ وڃي ان روحاني راز کي ڳوليو ته مون کي معلوم ٿيو ته هن جهان ۾ ڪو جبل آهي ئي ڪونه ۽ نڪو ڪيچين سان ڪو ڪم اٿم. مان ته پاڻ پنهون هيس (مان هن کان الڳ نه هيس، منهنجو هن کان الڳ وجود ڪونه هو). يعني سسئي صرف سورن ۽ دردن جو نالو هو.

[هن بيت کي مثنوي روميءَ جي هن شعر جي روشنيءَ ۾ ڏسو ته معنيٰ وڌيڪ صاف نظر ايندي:

جمله معشوق ست و عاشق پرده،

زنده معشوق ست و عاشق مرده.

(دفتر اول، ب 30)

معنيٰ: سڀ ڪجهه معشوق پاڻ آهي، عاشق لڪل آهي، معشوق ئي پاڻ زنده آهي ۽ عاشق مئل آهي.]

9

پَرَ گهَران پاسو ڪَري، پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻُ

سو تان تو هِين ساڻُ، جِنہِ لَئي جَفائُون ڪَرِين. [1196]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون ٻاهر پرائي ۽ غير جي گهر کان پاڻ کي بلڪل الڳ ۽ ڌار سمجهه. تون پرين جي پڇا پاڻ (پنهنجي ذات) مان ڪر. (توکي خبر ناهي ته) جنهن لاءِ تون ايڏا ڪشالا پيئي ڪرين، اهو ته توسان گڏ آهي.

10

سوئِي کَڻِئو ساڻُ، سوئِي ڏوريين سَسُئِي

ڪَڏهِن ڪَنِي نه ٿِئو ڄُلڻَ مَنجهان ڄاڻُ

پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻُ، ته تون تِئائِين لَهِين. [1197]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون انهيءَ پرينءَ کي پيئي ڳولين جيڪو تون پاڻ سان کنيو پيئي هلين (هو اڳيئي توسان گڏ آهي). ڪنهن کي به صرف هلڻ ۽ ڦرڻ مان ڪجهه حاصل نه ٿيو آهي. پرينءَ لاءِ پنهنجو پاڻ کان پڇ (اندر ۾ ڳول) ته پوءِ هو توکي اتان (اندران) ئي ملي ويندو.

[هن مطلب خاطر روميءَ جو هي شعر ڏسو:

آن باتوست وتو واقف برين،

آسمانا چند پيمائي زمين.

معنيٰ: هو توسان گڏ آهي ۽ تون ان ڳالهه کان واقف آهين، اجايو آسمان ۽ زمين ۾ ويٺو هن کي ڳولين.]

11

جو تون ڏوريين ڏُورِ، سو سَدا آهي ساڻُ تو

لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چَئي مَنجهِهين ٿِيءُ مَعذُورِ

مَنجهان پَہُ پَرُورِ، تو منجهِه آهِسِ تَڪِيو. [1198]

سمجهاڻي: اي سسئي، جنهن جي لاءِ تون ايترو پري پنڌ ڪري ڪشالا پيئي ڪرين، اهو ته هميشه هر وقت توسان گڏ آهي. عبداللطيف چوي ٿو ته انهيءَ محبوب لاءِ تون پنهنجو پاڻ ۾ ماندي ٿي ان لاءِ پنهنجي وجود ۾ وڏا وس ڪر. پنهنجي اندر مان هن جو پتو ڪڍ ۽ هن جا پار سڃاڻ، ڇو ته هن جو ماڳ تنهنجي اندر ۾ آهي (هو تنهنجي من ۾ وسي ٿو).

12

وَڃين ڇو وَڻِڪَارِ، هِتِ نه ڳولِين هوتَ کي

لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چَئي، ٻاروچو ٻِئي پارِ

ٿِيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندَرو پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ

نائي نيڻَ نِهارَ، تو ۾ ديرو دوستَ جو. [1199]

سمجهاڻي: تون وڻڪار جو پنڌ ڇو ٿي ڪرين. هتي ڇو نه ٿي پنهنجي دلبر دوست کي ڳولين؟ عبداللطيف چوي ٿو ته تنهنجو دوست ٻئي ڪنهن هنڌ وڃي ڪونه لڪو آهي. تون سچائي تي قائم رهه ۽ هن محبوب سان پريت جو ناتو نباهي ڏيکار. تون ڪنڌ جهڪائي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏس ته دوست تنهنجي دل ۾ آهي.

13

ڪُوڙيُون پُڇَنِ ڪيچُ، هوتُ نه ڳولين هِتَهِين

جَنِ پُنهونءَ سِين پيچُ، تَنِ پيرين پَنڌُ وِسارِئو. [1200]

سمجهاڻي: جيڪي محبت ۾ سچيون ناهن، اهي ڪيچ جي پڇا پيون ڪن. هتي پاڻ وٽ (پنهنجي اندر ۾) محبوب لاءِ نٿيون واجهائن. جن جو پنهونءَ سان سچي محبت جو سنٻنڌ آهي، انهن پيرن سان پنڌ ڪرڻ وساري ڇڏيو آهي. (محبوب پنڌ هلڻ سان ڪونه ملندو).

14

هَلُ هِنيين سِين هوتَ ڏي، پيرين پَنڌُ وِسارِ

قاصيداڻِي ڪارِ، ڪِينَ رَساڻِي ڪيچَ کي. [1201]

سمجهاڻي: تون دل سان محبوب ڏي هلي ڏيکار ۽ اهو پيرن سان پنڌ ڪرڻ

ڇڏي ڏي. پيرن سان پنڌ ڪري پهچڻ جيئن قاصد عام طور نياپن پهچائڻ خاطر ڪندا آهن، ان طريقي سان ڪيچ يعني  محبوب جي ملڪ پهچي ڪونه سگهبو (عشق جو اهو طريقو ناهي).

15

هَلُ هِنيين سِين هوتَ ڏي، پيرين ڪَرِ مَ پَنڌُ

رائي پُڇُ مَ رَندُ، رِڙههُ رُوحانِي سَسُئِي. [1202]

سمجهاڻي: دوست ڏانهن هلڻو آهي ته دل سان هلي ڏيکار ۽ اهو پيرن وارو پنڌ نه ڪر. جبل جي ريتي ۽ واري ۾ رستو ڳولڻ ڇڏي ڏي. دوست وٽ پهچڻ خاطر روحاني سفر (طريقو) اختيار ڪر.

16

هَلُ هِنيين سِين هوتَ ڏي، ڇَپَرِ هَڏِ مَ ڇُلُ

آرياڻِي  اَمُلُ،  ڪايا  ۾  ڪانڌُ  ٿِئو. [1203]

سمجهاڻي: پرينءَ وٽ پهچڻ لاءِ دل سان سفر ڪر. جبل ۾ هيڏانهن هوڏانهن اجايو هلڻ کي بلڪل تَرڪ ڪر. اهو بي مثل محبوب تنهنجي سرير ۽ جند اندر آهي.

17

هَلُ هِنيين سين هوتَ ڏي، ڇَپَرِ ڇُلُ مَ تُون

مَنجهان لَڌو مُون، ڪوهيارو ڪيچَ ڌَڻِي. [1204]

سمجهاڻي: تون دل سان محبوب ڏانهن هلڻ سک. جبل ۾ رولڙن کي ڇڏي ڏي (تڏهن توکي خبر پوندي). مون کي منهنجو محبوب منهنجي اندر مان ئي مليو آهي.

18

هَلُ هِنيين سِين هوتَ ڏي، سِسِي کَڻُ مَ ساڻُ

جَنِي ڀانيو پاڻُ، سي آرِياڻِيان اوري رَهيُون. [1205]

سمجهاڻي: تون (سچي صاف) دل سان سپرين ڏانهن هلندي هل. پنهنجي مٿي ۾ پاڻ کي ڀانئڻ وارو خيال ڪڍي ڇڏ، ڇو ته جن پاڻ کي ڪجهه سمجهيو، سي پنهنجي آرياڻي دوست وٽ پهچڻ کان گهڻو پري رهجي ويون.

19

ڪِجِي جِئن ڪيچين لَئِي تِئن تان ڪِينَ ڪِيوءِ

وِيجهائي وِڌوءِ، وِکَ نه کَنيَئِي وِتَري. [1206]

سمجهاڻي: اي سسئي! جئن توکي ڪيچين (جي قافلي) کي پهچڻ لاءِ ڪرڻ گهربو هو، تو ائين نه ڪيو. تو هلڻ ۾ سستي ۽ دير ڪئي ۽ وقت تي هڪڙو قدم به نه کنيئي.

20

ڪِجي پَنڌُ پُڇانِ ٿِي، ڪيچينِ ڪارَڻِ ڪِيئَن:

بيخود هَلِجُ بَرَ ۾، آءٌ ٿو چَوان اِيئَن

سِڪڻُ ساجَنَ سِيئَن، مَتان مُٺِي ڇَڏِئين. [1207]

سمجهاڻي:  (سسئي جي سوچ) آءٌ پڇان پيئي ته ڪيچين لاءِ ڪهڙيءَ ريت پنڌ ڪريان (جو وٽن پهچي وڃان). آءٌ توکي چوان ٿو (صلاح ٿو ڏيان) ته انهيءَ بر بيابيان ۾ (پاڻ) وساري هلج (پاڻ کي هرگز نه ڀانئج). (ٻيو) اي مُٺي! (ڪم بخت) ڪنهن به صورت ۾ انهيءَ دوست جي محبت کي دل مان نه ڪڍجانءِ!

21

مَتان مُٺي ڇَڏِئين پاڻان پِرِيَتَڻُو

کَٿُورِيءَ ڪَڻو، مَڙهي مَڙِهجِ مُنہَ ۾. [1208]

سمجهاڻي: اي بدنصيب (عورت)! (ڇا به ٿي پوي) متان تون پاڻ پنهنجي محبت کي (ڪڏهن به، ٿوري دير لاءِ به) ڇڏي ڏئين (يا ان باري ۾ سوچين)، سڄڻ جي محبت کي خوشبوءَ جو داڻو يا ذرو سمجهي پنهنجي منهن تي لڳائي هل (ته جيئن هن جي خوشبوءِ تومان اچي).

وائي

غَفِلَتَ يارُ گَنوايو، ٻَڙِي جيڏيُون!

ڪِيئن ڪريان آئُون ڪوهُ ٿئو

سُتِيَسِ تان ساٿُ ويو، اُٿِيَسِ تان ڏُک آيو

پُڇان ٿِي پُنهونءَ کي عَبَثُ تان اَنُ کايو

هوتَ هَلَندي جا ڪَئِي، سا مُون ڳالههِ سُڻايو. [1209]

سمجهاڻي: اڙي جيڏيون! مون پنهنجي غفلت سبب ئي پنهنجو دوست وڃايو آهي. (منهنجي غفلت سبب هو هليو ويو). هاڻي آءٌ ڪيئن ڪريان، هي ڇا ٿي ويو. آءٌ سمهي پيس ته ساٿ وارا هليا ويا ۽ جڏهن اٿيس ته ڏک ئي منهن پيا. کائي پي (پيٽ ڀري) پنهونءَ جي پڇا پيئي ڪريان. هاڻي اها اجائي ڳالهه آهي. هوت پنهونءَ وڃڻ وقت جيڪي چيو سو اوهين کڻي مون کي ٻڌايو.

 

داستان چوٿون

 

1

هيجُ نه هُوندو جَنِ، سي ڪِيئَن وِندُرِ وينديُون

وِهو وِچِ رَهَنِ، سَهسِين سَڌُنِ وارِيُون. [1210]

سمجهاڻي: جن کي (محبوب سان ملڻ جو) شوق يا جذبو ناهي، اهي وندر جو پراهُون پنڌ ڪيئن ڪنديون؟ ڪيتريون ڪوڙيون سڌون ڪندڙ ۽ خواهش واريون اڌ رستي ۾ ئي ويهي رهنديون.

2

سَڌائتِي سَڀَڪا، بُکَ نه باسي ڪا

جيهِيءَ تيهِيءَ ذاتِ جي، جُنبَشَ ڪانهي جا

مُون سِين هَلي سا، جا جِيءُ مِٺو نه ڪَري. [1211]

 سمجهاڻي: (سسئي چوي ٿي) هر ڪا ئي سَڌ ڪري ٿي (سَڌ ڪرڻ سولي آهي)، پر بک ۽ ڏک برداشت ڪرڻ لاءِ ڪائي تيار ڪانهي. هتي جهڙي تهڙي (هر ڪنهن) ماڻهوءَ جي هلڻ جي جاءِ ناهي. مون (سسئي) سان اها اڳتي هلي ۽ پنڌ ڪري جنهن کي پنهنجو ساهه پيارو نه هجي.

3

آتَڻَ مَنجهِه پَرِياڻُ، هُئو سَڀنِي جيڏِيين

مُون سَڀاڳيءَ ساڻُ، ڪيرِ ڇُلندِي ڇَپَرين. [1212]

سمجهاڻي: گهر جي اڱڻ ۾ ويهي چرخي ڪتڻ وقت پنهنجي پرينءَ کي سڀني سهيلين (بنا تڪليف) ياد ٿي ڪيو، پر خبر هاڻي پوندي ته مون (خوش قسمت) ڀاڳ واريءَ سان (سخت تڪليفن وقت) جبل ۽ پهاڙ جو پنڌ ٻي ڪير ٿي ڪري! (ٻي ڪير اهڙي نصيب واري آهي!)

4

سُکَنِ وارِي سَڌَ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري

اَندَر جَنِي اَڌَ، ڏُونگرُ سي ڏورِيندِيُون. [1213]

سمجهاڻي: جيڪي سک ۽ آرام سان گذارن ٿيون، اهي مون سان هرگز ريس نه ڪن (ڇو ته محبت تمام ڏکيو ڪم آهي). جبل ۽ ڏونگر جا پنڌ ۽ ڪشالا اهي ڪنديون يا ڪري سگهن ٿيون، جن جو اندر اڳيئي ٻه اڌ ٿيل آهي يعني (جدائي جي) ڏک ۽ ڏولاون جي ڪري ڦٽيل آهي.

5

ڏُونگَرُ نه ڏوري، سِڪَڻَ جِيُون سَڌُون ڪري

گهَرِ ويٺِي گهوري، مَٿان پِرِينِ جِندَڙو. [1214]

سمجهاڻي: پهاڙن ۽ ڏونگرن جو پنڌ ڪونه ٿي ڪري باقي اجايون سڪڻ جون سَڌون پيئي ڪري. هوءَ گهر ۾ (آرام سان) ويٺي آهي ۽ چوي پيئي ته آءٌ پنهنجي پرينءَ تان هيءَ جان قربان ڪنديس (ان عورت لاءِ ڇا چئجي!).

6

اَئِين وَريتيُون وَرو، آءٌ نه وَرَندِي وَرَ ري

جاڏي هِن جَبَلَ جو تانگهِيندِيسِ تَرو

جَتَن  ساڻُ  ذَرو،  نِيہُ  نِبيرَڻُ  نه  ٿِئي. [1215]

سمجهاڻي: او (سرتيون) پنهنجي مڙسن واريون! توهين واپس موٽي وڃو، آءٌ پنهنجي مڙس کان سواءِ هرگز واپس نه اينديس. ڀلي ان جي ڪري مون کي هن اڙانگي ۽ وڏي جبل جو ترو (هر قسم جي لاهين کي) جهاڳڻو ڇو نه پوي. (ڇا به هجي) محبوب سان ٿوري دير لاءِ به محبت کي ڇِني يا ٽوڙي نٿو سگهجي.

7

اَئين جي وَڃڻَ وارِيُون، وَڃو سَڀ وَرِي

ڦوڙائي فِراقَ جي سُڄي ڳالهه ڳَرِي

ٻُنڀان جَنِ ٻَرِي، ڏُونگرُ سي ڏورِيندِيُون. [1216]

سمجهاڻي:  (او جيڏيون) اوهين جيڪي پنهنجن ڪانڌن واريون آهيو، سي سڀ موٽي وڃو. دوست جو وڇوڙو ۽ فراق ڏکيو مامرو آهي، جن جي اندر ۾ (جدائي جي) باهه پيئي ٻري، سي ئي پهاڙ جا پنڌ ڪنديون.

8

اَئين جي وَرَنِ وارِيُون سَرَتِيُون سَڌَڙِيُون

آرياڻِي پُنهونءَ جي ٻولِ نه ٻَڌِڙِيُون

جي لِکئي لَڌَڙِيُون، ڏُونگر سي ڏورِينديُون. [1217]

سمجهاڻي: او سرتيون! توهين جيڪي سهاڳ واريون آهيو، صرف سڌ ۽ تمنا ڪرڻ واريون آهيو. اوهان جو پنهونءَ سان ڪو واعدو وچن ٿيل نه آهي، جن جي قسمت ۾ ائين لکيل آهي، صرف اهي ئي ڏونگر جا پنڌ ڪنديون.

9

دُکائِيندِي دُونهَڙا، مُنڌَ سيڻانِي وَڃُ

پَرِياڻُو مَ ڀَڃُ، ساٿُ چَڙَهندو لَڪِيين. [1218]

سمجهاڻي: اي سسئي! واٽ تي ڀلي دونهيون دکائيندي (ڏس پتو پڇائيندي)، پر انهن سان گڏ يا ڪَڍ وڃ. ساڻن گڏجڻ يا ملڻ وارو ڪيل قول هرگز نه وسارج. ڇو ته تنهنجو قافلو ضرور لڪ چڙهي پار پهچندو.

10

اَڄُ مَلِيندِيَسِ ماءُ، ڌاڄا ڪَندِيَسِ ڪَپَڙا

جِيجان جوڳِياڻي ٿِيان، آيَلِ جهَلَ مَ پاءِ

هوتَ ڪوهياري لاءِ، ڪَنين ڪُنَرَ پائِيان. [1219]

سمجهاڻي: اي امڙ! اڄ آءٌ ڪپڙا ڌوئي گيڙو (پيلاڻ مائل ڳاڙهو) لباس ڍڪينديس. او جيجل! هاڻي آءٌ جوڳياڻي ٿينديس، (فقيرياڻي ٿي ڳولا ڪنديس) مون کي روڪ ٽوڪ نه ڪجانءِ. مان پنهنجي هوت پنهل لاءِ ڪنن ۾ (جوڳين وارا) ڪاٺيءَ جا والا پائينديس.

11

سُڻُ تو سَڱُ نه واٽَ، ٻانڀَڻَ ٻَاروچَن سِين

ليڙَنِ ڌَڻِي لَڄائِيَا، ڪاهِيائُون ڪَنواٽَ

جهُوٽين ڏيئِي جهاٽَ، سَبَبِ اِنَ سُتي وِئا. [1220]

سمجهاڻي: اي سسئي! ٻڌ، (تون ذات جي) ٻانڀڻ تنهنجو پنهونءَ سان ڪهڙو واسطو يا رشتو؟ هو اٺن جي وڳن وارا (پنهونءَ جي قبيلي وارا) تو ڌوٻياڻيءَ سان پرڻجڻ ڪري شرمسار ٿيا (پنهنجي گهٽتائي محسوس ڪيائون) ۽ ان ڪري پنهنجا اٺ ڪاهي هليا ويا. بلڪه انهيءَ (خاص) سبب جي ڪري هو ننڊ واري وقت (جهوٽن ۾) ئي جلدي ڪري توکي ستل ڇڏي پاڻ نڪري ويا.

12

مُون کي ڀانئي ڀاڄَ، ڏيرَ ڏُوراڻا هَلِيا

اڳيان اُتِي اُنِ جي خُوبَ نه پَڪَمِ کاڄَ

ميڙي آپَ سَرَتِيُون نهَ ڪي ڳايَمِ ڳاڄَ

سا مُون هَٿان نَه ٿَئِي جيڪا رَسَمَ راڄَ

آيَلِ! آءٌ اَڪاڄَ، ٻولُ ٻاروچي وِتَرو. [1221]

سمجهاڻي: مون کي بي بُڻائتي (ڀڄايل) عورت سمجهي منهنجا ڏير يعني پنهونءَ جا ڀائر مون کان پري ٿي مون کي ڇڏي هليا ويا. (اهو شايد ان ڪري جو) هنن جي آڏو منهنجي شاديءَ جا ڪي طعام ئي تيار نه ٿيا ۽ نڪي توهان سرتين گڏجي منهنجي لاءِ ڪي ڳيچ ڳايا. اهڙيءَ طرح منهنجي هٿن (پيرن) سان عام رواج موجب (ميندي لڳڻ) واري رسم به پوري ڪانه ٿي. اي امڙ! منهنجي لاءِ ڪاڄ يعني شاديءَ جي (شايان شان) رسم ئي ڪانه ٿي (آءٌ ڇا ڪريان) ٻاروچي پرينءَ جي ڳالهه هر صورت ۾ وڌيڪ (برحق) آهي.

13

تو جو ٻولُ ٻَروچَ، ويهِي ڪِئو وَڻڪارَ ۾

سوئِي پاڙِج هوتَ، مون جيهِي مَعذُورِ سِين. [1222]

سمجهاڻي: اي منهنجا ٻاروچل سائين! تو جيڪو (منهنجي پر پٺ) وڻڪار ۾ ويهي واعدو ۽ وچن ڪيو آهي، (ته تنهنجو سسئي سان سڱ ٿيل آهي) اهو مون جهڙي بيحال ۽ لاچار (بنا وسيلن واري) عورت سان ضرور پورو ڪج.

14

پِهرِين تُون پاريجِ، پارَڻُ پوءِ پُنهونءَ تي

ٻولُ مَ وِساريجِ، هُو جو ڪِيوءِ هوتَ سِين. [1223]

سمجهاڻي: اي سسئي! پهرين تون پنهنجو قول ۽ واعدو پورو ڪر، ان کان پوءِ پنهونءَ کي واعدو پاڙڻو آهي. تون جيڪو پنهنجي محبوب سان واعدو ۽انجام ڪيو هو، اهو ڪڏهن به نه وسار (ان کان هرگز غافل نه ٿيءُ).

15

تو سِين ٻولَ ٻَهُون، سَهسين ساجَنُ جي ڪَري

ڪَندِينءَ توءِ ڪَهُون، جي نالو ڳِيَڙُءِ نِيہَ جو. [1224]

سمجهاڻي: اي سسئي! ڀلي کڻي تنهنجي محبوب توسان سوين وعدا ۽ قول ڪيا هجن، پر جيئن ته تو محبت جو نالو ورتو آهي (ان جي تقاضا آهي) تنهنڪري هاڻي تون ئي سفر جا ڪشالا ۽ تڪليفون برداشت ڪر.

16

سُڻِي ٻولَ سَندانِ، جِمَ سُمَهِين سَسُئي

ڪَندِينءَ ڪُہُ ڪيڻانِ، جُہُ سي اُنِ اورانگهِئا. [1225]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون انهن جا قول (واعدا وچن) ٻڌي پوءِ متان سمهي پوين (غفلت نه ڪر). ڀلا انهن کي تون ڇا ڪري سگهندينءَ جيڪڏهن هنن اهي قول نه پاڙيا يا هو انهن تي پورا نه بيٺا (تون پنهنجي انجام ۽ فرض تي سچي رهه).

17

سِجَ اُلَٿي سَسُئِي رَتَ وَرَنو روءِ

نه پَهِي نه پانڌِي ڪو، جِنہِ ڪَرَ پُڇي لوءِ

مُوڙِهِي وڃي توءِ، موٽَڻَ جِي ڪانه ڪَري. [1226]

سمجهاڻي: سسئي کي (جبل ۾ هلندي) سج لهڻ جو وقت اچي ٿيو آهي ۽ (سفر جي تڪليف کان) سندس منهن ڳاڙهو رت جهڙو ٿي ويو آهي. اتي کيس ڪو ٻيو پنڌ وارو به نظر نه آيو ۽ نه وري ڪو قاصد ئي گڏيس جو انهن کان پرينءَ جي ماڳ بابت پڇا ڳاڇا ڪري. جيتوڻيڪ هوءَ پنڌ جي پيچرن ۾ بار بار ڀلجي ٿي ويئي، پر پوءِ به پوئتي موٽڻ جو هرگز نٿي سوچيائين.

18

ڇُلان مُنجهَنَمِ ڇاڪِ، پُران پُونِمِ پُرڪَڻا

متان ڪا مُنڌَ ڪَري موٽَڻَ جي مَذاقَ

چِتُ سَندو مون چاڪُ، هاڙهي هَڏُ هِيڻو ڪِئو. [1227]

سمجهاڻي: آءٌ تکو تيزيءَ سان هلان پر مون ۾ ايتري طاقت ڪانهي ۽ پيرن ۾ ڦلوڪڻا پئجي ويا آهن. ڇا به ٿئي پر مون سان موٽڻ (جي صلاح) واري مذاق ڪابه نه ڪري. هاڻي هڪ ته (جدائيءَ ۾) منهنجي دل چيرجي ويئي آهي ۽ ٻيو هاڙهي جبل جي ڪشالن منهنجو حال هيڻو ڪري ڇڏيو آهي. (مون کي بيمار ۽ اڌ مئو ڪري ڇڏيو).

19

پيرين پِئا پُرِڪَڻا، رَهَ ۾ گهَڻو رُنومِ

پاراتو پِرِينِ کي تَپِي تان نه ڏِنومِ

چُڪِي تي چيومِ، سُواهَرُو! سَڄَڻين. [1228]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) مون کي واٽ ويندي پيرن ۾ ايتريون لِڦون پئجي ويون (پير ڦٽجي پيا) جو راهه هلندي هر هر روئي ٿي ڏنم. ليڪن ڪڏهن به غصي ۽ ڪاوڙ ۾ اچي محبوب کي ڪو پاراتو ۽ بددعا نه ڏنم. بلڪه جڏهن گهڻو ٿڪجي ۽ بيزار ٿيس ته چوندي هيس، ’اي چڱي واهر ڪندڙ‘، اچي منهنجي مدد ڪر.

20

پِٿُون پيرَ ٿِيامِ، پِهرِين پَرُوڙِيمِ ڪينَڪِين

”ثُمَ لايَمُوتَ فِيهَا وَلايحيٰ“، هِهَڙا حالَ سَندامِ

جَڏِ ڪوجها ڪِرتَ ڪِئام، هوتَنِ ڇَڏيو هَبَ ۾. [1229]

سمجهاڻي: منهنجا پير (ڦٽجي) ذرا ذرا ٿي ويا، مون کي پهرين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي ته ڪو ائين ٿيندو. هاڻي ’نڪي ٿي مران نڪي ٿي جيان‘، وارو حال وڃي ٿيو اٿم. (مان سمجهان ٿي) مون کان ڪي خراب ڪم ٿيل آهن، جو منهنجا پرين ائين بر ۽ رِڻ پٽ ۾ رولي ويا.

21

چُڪِيءَ کي چَئي، ڪا جاڳائي جيڏِيُون

ويڙو  ساٿُ  وَهِي،  تو  نِنڊرائِي  نه  لَهي. [1230]

سمجهاڻي: اي جيڏيون! هن ٿڪل، ساڻي ۽ بيحال عورت کي ڪو ائين چئي جاڳائي ۽ سمجهائي چوي ته ’تنهنجو قافلو ته اڳتي هليو ويو پر توکي (نڀاڳي) ننڊ ڇڏي ئي ڪانه ٿي‘ (تون اڃان ننڊ ۾ آهين).

22

چُڪَسِ سَڀَ چَئِي، ماڙهُو شَهَرَ ڀَنڀوَرَ جا

سا موٽِي ڪِيئَن مُئِي، جنہ جو جانِبُ جَتَ وَٺِي وِئا. [1231]

سمجهاڻي: شهر ڀنڀور جا سڀ ماڻهو گڏجي هن کي گهڻو ئي سمجهائڻ آيا (پر هن ڪونه مڃيو). ڀلا، اها مئي (مُٺل ۽ ڪُٺل عورت) ڪيئن واپس اچي گهر ويهندي، جنهن جو سڄڻ ۽ ساٿي يعني پنهونءَ کي سندس مائٽ جَت وٺي هليا ويا.

23

موٽَڻَ جا مَذڪُورَ، جان ڪي چَيَسِ جيڏيين

پَرِيٽَ پِهري پُورَ، پَهُچائي پُنهونءَ کي. [1232]

سمجهاڻي: سسئي کي جيڏين سرتين واپس موٽي اچڻ جون گهڻيون صلاحون ۽ مشورا ٿي ڏنا، ليڪن (ذات جي) کٽياڻي سسئي، اهي سڀ جيئن جوتيئن وري وڃي ساڳين خيالن ۾ گم پنهونءَ وٽ پهچي ( ۽ کيس ٻڌائي ته هينئن ٿيون چون).

24

موٽَڻَ کان اڳي مَران، موٽِي مَران مَ ماءِ

لُڇِي لَالَڻَ لاءِ، پُوندِيَسِ شالَ پيرَ تي. [1233]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) منهنجي (دلي) تمنا آهي ته موٽڻ کان اڳ ۾ مري وڃان ۽ موٽي اچي پنهنجيءَ جاءِ تي نه مران. (واٽ تي مري وڃان) مان پنهنجي محبوب لاءِ لڇندي ڦٿڪندي به اڳتي وڌندي وينديس، ته جيئن سندس قافلي واري واٽ تي وڃي پوان. (ان واٽ جي پُٺِ ڪونه ڇڏينديس.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org