سُر مارئي
داستان
پهريون
1
اَوَلُ نامُ اَللهَ جو، مِڙِنِئُون مَٿاهُون
ڪِئَن ڪَري قَبُولِيَان، عُمرَ کي آئُون
رازِقَ رَضائُون، مُون مَٿي تي مَڃِيُون.
[2765]
سمجهاڻي:
بيشڪ سڀ کان اڳ (پهريائين) الله سبحانه و تعاليٰ
جو نالو (ذات) آهي، اُهو ئي سڀني شين (مخلوقات)
کان بلند ۽ بالا آهي (سڀني تي قادر آهي). آءٌ عمر
(بادشاهه) کي (جيڪو مون کي زوريءَ عمرڪوٽ ۾ کڻي
آيو آهي) ڪهڙيءَ ريت (ڇو پنهنجو گهوٽ ڪري)
قبوليان؟ آءٌ پنهنجي هن مالڪ ۽ رازق جي رضا (حڪم)
جو امر اڳيئي (عالم ارواح) ۾ مڃي چڪي آهيان (جنهن
مطابق منهنجو سڱ منهنجي مائٽن ۾ ٿيل آهي).
2
وَطَنُ مُون مَلِيرُ، قَضا آندِيَسِ ڪوٽَ ۾
چانڪِ پِيَندِيَسِ پِرِينءَ سِين، پائُرَ جو
پَنِيرُ
هاڃا ڪِئو هَمِيرُ، بِاللهِ ني ٿو بَندَ ۾.
[2766]
سمجهاڻي:
منهنجو ملڪ ملير آهي، توڻي جو قسمت مون کي عمر
بادشاهه جي ڪوٽ ۾ آڻي قابو ڪيو آهي. منهنجي دل ۾
هر وقت اها ئي تمنا (پلجي رهي) آهي ته آءٌ پنهنجي
پرينءَ سان گڏجي پنهنجي ديس پائر ۾ وڃي پنير وارو
پاڻي پيئان، پر عمر جهڙو امير مون سان نسورو ناحق
پيو ڪري ۽ الله جو قسم هو مون کي زوري بند ۾ پيو
رکي!
[روميءَ مثنويءَ ۾ حديث ’حب الوطن من الايمان‘
يعني وطن جي حب ايمان جو جز آهي جي سمجهاڻيءَ ۾ ان
طرف اشارو ڏنو آهي ته مؤمن کي اصلي وطن سڃاڻڻ کپي
جيڪو اڳلو جهان آهي.
همچنين حب الوطن باشد درست،
تو وطن بشناس اي خواجه نخست.
(دفتر چهارم ب 223)
معنيٰ: انهيءَ لحاظ سان وطن جي حب صحيح آهي، پر
تون پهرين اها خبر رک ته اهو وطن ڪهڙو آهي؟]
3
بِاللهِ آهِيان بَندَ ۾، ڌُئان ڪِيئَن ڌَٻَرُ
ويڻَ وَراڻِي ناهِ ڪا، سُومَرو سَٻَرُ
مِيان! مِهربانُ ڪَرِين، اِلاهِي عُمَرُ
ويڙِ پَسان سو وَرُ، جيڏانہَ عالَمَ آسَرو.
[2767]
سمجهاڻي:
(مارئي ٿي چوي) خدا جو قسم، آءٌ عمر جي بند ۾
آهيان (جتي مون کي نه هجڻ گهرجي)، سو هتي آءٌ
پنهنجا سادا ميرا ڪپڙا ڪيئن ويهي ڌوئينديس. آءٌ
عمر سومري جهڙي طاقتور حاڪم سان (هن باري ۾) ڪهڙو
سوال جواب ڪريان. او الله سائين، تون ئي عمر
بادشاهه جي دل ۾ ڪو رحم وجهندين. تون ئي ڪو ڪرم
ڪندين ته جيئن آءٌ پنهنجي ويڙهي (اصلي ماڳ) وڃي
پهچنديس. جتي هر ڪنهن کي پهچڻ جو (اڳي پوءِ) آسرو
۽ اميد آهي.
4
کُوءِ آسُون عُمرَڪوٽَ جُون، وَر جَهنگرُ ۾ جُهوپي
جو اَباڻَنِ اَڏِئو، ڳُڻَنِ سِين ڳُوپي
وِيندِيَسِ ويڙِيچَنِ ڏي، لوهُ ڀَڃِي لُوپي
چِڀَڙَ آءٌ چُوپي، سِڪَ لاهِيندِيَسِ
سُومَرا! [2768]
سمجهاڻي:
(مارئي ٿي چوي) باهه ۽ کڏ ۾ وڃي پون عمرڪوٽ جون
وڏيون اميدون ۽ خواهشون، ان کان منهنجي لاءِ ٿورڙي
سادي سامان واري ڪکائين جهوپڙي گهڻو بهتر آهي.
اُها جهوپڙي جيڪا منهنجي مائٽن سچي سڪ ۽ خلوص سان
اڏي آهي. (ان جو ڪهڙو مقابلو!) آءٌ هي لوهي بند
(ڪيئن به ڪري) لُٽي ڦري ڀَڃي (ڀور ڪري) پنهنجن
مائٽن ڏي هلي وينديس.
اي سومرا بادشاهه، آءٌ (پنهنجي ڳوٺ ۾
سرتين ۽ جيڏين سان) چڀڙ (هڪ قسم جو ميوو) کائي
پنهنجي سڪ ۽ محبت ضرور پوري ڪنديس. (مارئي جو عزم
ته آءٌ قيد ۾ رهڻ واري ناهيان).
5
کُوءِ آسُون عُمرَڪوٽَ جُون، وَر وِهَڻُ وَسڪاري
مُنهنجو تُورُ تَلِيَنِ ۾، چِيها ٿو چاري
مَرِي رَهندِيَسِ ماڳِهين ساهيڙِيُون ساري
ڍائِي ڍَٽَ ڌاري، اَٿَمِ اُٺي مِينهَڙين.
[2769]
سمجهاڻي:
کڏ ۾ پون عمرڪوٽ جا آرام ۽ آسائشون، ان جي مقابلي
۾ وسڪاري جي موسم (سانوڻ جا مينهن) گهڻو وڻندڙ ۽
ساهه کي سيبائيندڙ آهن. (اي عمر توکي خبر آهي)
انهيءَ موسم ۾ منهنجيون سرتيون ۽ جيڏيون ڀِٽن جي
هيٺاهين ۽ سنئين سڌي زمين (تراين) ۾ جانورن کي
چيهو گاهه پيون چارين. (اي عمر!) مان سمجهان ٿي ته
آءٌ ساهيڙين کي ياد ڪري مري کپي وينديس. (توکي
ڪهڙي خبر ته) مون کي پنهنجي هڪ جيڏين سان ڍٽ جي
اُنهن ماڳن تي مينهن وسڻ واري مند ۾ ملڻ جو انجام
آهي!
6
نَنگا آهِيُون نِڱئا، اَسِين مارُو لوڪَ
ٿَرَ کي ڀانيُون ٿوڪُ، جو ڍَڪُ ڍاٽِيئَڙَنِ جو.
[2770]
سمجهاڻي:
اسين مارو ماڻهو (ٿر جا رهاڪو) عام ريت رسم موجب
(وڏا گهر اڏي هڪ هنڌ ويهڻ) کان پري پيل (آجا)
آهيون. اسين پنهنجي ٿر ملڪ کي وڏي شيءِ (غنيمت)
ڪري سمجهون ٿا، اُهو ئي اسان جو ڍڪ ۽ سَتر (اجهو ۽
اولو، گهر ۽ تڙ) آهي. (اسين ٿر يعني پنهنجي ديس
کان سواءِ ننگا يا اگهاڙا آهيون، پر جي اُتي آهيون
ته ڍڪيل آهيون).
7
سَدا جَنِ پَرِياڻُ، پانڌِي پَکي لَڏَ جو
وِئا ڳُڻَنِ ساڻُ، مارُوئَڙا ٿَرِ
اُڪرِي. [2771]
سمجهاڻي:
جن جو پار پتو (نشان يا اهڃاڻ) ۽ ارادو سدائين اهو
آهي جو هو پکين جي لڏ (نورن تي ٻڌل سامان) سان پنڌ
۾ هلن، سي پنهنجا ڳڻ (سٺيون عادتون ۽ اخلاص) ساڻ
کڻي هتان لنگهي ٿر ۾ هليا (ڦهلجي) ويا.
8
وِئا ڳُڻَنِ ئِي ساڻُ، مارُوئَڙا ٿَرِ اُڪرِي
تَنِي پُڄاڻا هاڻِ، جاڙَ جِئان ٿِي
جيڏِيُون. [2772]
سمجهاڻي:
منهنجا ماروئڙا يا مارو ماڻهو پنهنجا سڀ ڳڻ ۽
ڳالهيون پاڻ سان گڏ کڻي ٿر ۾ جتي ڪٿي ٽِڙي پکڙي
ويا. هنن جي وڃڻ کان پوءِ آءٌ اجايو پيئي جيان يا
منهنجو جيڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي.
9
اوڏا جان هُئا، تان نِتُ نِياپا آئِيا
مارُوئَڙا مَلِيرَ ڏي، واري وَڳَ وِئا
تَنِي ڏُونہَ ڪِئا، ڏيئِي ڏوراپا چائِيان.
[2773]
سمجهاڻي:
منهنجا مائٽ ماروئڙا جيڪڏهن هتي ڪٿي ويجهو هجن ها
ته سندن پيغام ضرور پهچن ها، پر لڳي ٿو هو ملير ۾
پنهنجن مال جي ڌڻن سان گهڻو پري (ڪنهن وس تي) هليا
ويا آهن اهڙيءَ صورت ۾ اُنهن کي ڪهڙا ڏوهه ڏوراپا
ڏياري يا چورائي موڪلايان.
10
’اَلَستُ بِرَبِّڪم‘، جَڏِهن ڪَنِ پِيومِ
’قَالُوا بَلٰى‘
قَلبَ سِين، تَڏِهن تِتِ چَيومِ
تَهِين ويرَ ڪَيومِ، وَچَنُ ويڙِيچَنِ سِين.
[2774]
سمجهاڻي:
(مارئي ٿي چوي) منهنجي ڪنن تي جڏهن (عالم ارواح)
۾ (ڌڻي تعاليٰ روح خلقيا ۽کانئن پڇيو) ’ڇا، مان
توهان جو ربّ ناهيان‘ جو آواز پيو هو، تڏهن ئي
منهنجي روح (دل) چيو، ’هائو‘ (تون منهنجو ربّ
آهين). آءٌ (گويا) اُن گهڙيءَ کان وٺي پنهنجن مارن
(مائٽن) سان اهو اقرار (وعدو) ڪري ويٺي آهيان ته
آءُ اُنهن جي آهيان. (ان ڪري آءٌ ٻئي ڪنهن جي نٿي
ٿي سگهان).
[مثنوي روميءَ ۾ الست جي وعدي بابت ڪيترائي شعر
ملن ٿا. هتي هيءُ بيت ڏسو:
هم چنانکه ذوق آن بانگ الست
در دل هر مؤمني تاحشر هست
(دفتر سوم ب 2344)
معنيٰ: الست جي آواز جو غلغلو پنهنجي جاءِ تي هر
ايمان واري جي دل ۾ تاقيامت قائم رهڻ وارو آهي.]
11
نَڪا ’ڪُن
فيڪونُ‘
هُئِي، نَڪا مُورَتَ ماهَ
نَڪا سُڌِ ثَواب جِي، نَڪو غَرضُ گُناهَ
هيڪائِي هيڪُ هُئِي، وَحدانِيتَ واهَ
لِکِيائِين لَطِيفُ چئي، اُتِ ڳُجهاندَرَ ڳاهَ
اَکيَنِ ۽ اَرواحَ، سائِي ساڃاءِ
سُومَرا! [2775]
سمجهاڻي:
الله تعاليٰ اڃان پنهنجو فرمان ’ٿيءُ‘، پوءِ اُها
شيءِ ٿي پوي ٿي‘ (قرآن جي آيت) جاري نه ڪيو هو ۽
جڏهن چنڊ وغيره (ٻي آسماني مخلوق) جو نقشو ئي ڪونه
جڙيو هو، ثواب ۽ گناهه جو به وجود ڪونه هو، فقط
پاڻ ’الله‘ جي هيڪڙائي يا وحدانيت هئي (صوفين جي
اصطلاح ۾ ’عالم احديت‘). عبداللطيف چوي ٿو اوڏيءَ
مهل اُهو رازن جو راز (رمز) رکيائين جو مون
مارئيءَ کي پنهنجي ماروءَ سان سڪ ۽ سچائيءَ واري
ساڃاهه (واقفيت ۽ ڄاڻ) ڏنائين.
[مثنوي روميءَ ۾ ’ڪن فيڪون‘ جي امر خداوندي بابت
هڪ هنڌ اها سمجهاڻي هينئن ملي ٿي:
گر نيندي واقفان امر ’کُن‘،
در جهان روگشته بودي اين سخن.
)دفتر
اول ب 2124(
معنيٰ: جيڪڏهن هو ’ڪن‘ جي امر کان واقف نه هجن ها
ته دنيا ۾ اها ڳالهه يا اقرار هرگز نه مڃين ها.
رومي مثنويءَ ۾ عالم ارواح جي ڪيفيت کي ڪيترن ئي
هنڌن تي ڏاڍي دلچسپ نموني ۾ بيان ڪيو آهي. هڪ هنڌ
چوي ٿو:
بي پر و بي پا سفر مي کردمي،
بي لب و دندان شکر مي خوردمي،
ذکر و فکري فارغ از رنج و دماغ،
کردمي با ساکنان چرخ لاغ،
چشم بسته عالمي مي ديدمي،
درد و ريحان بي کفي مي چيدمي.
(دفتر اول، ب- 2093)
معنيٰ: اُتي بغير کَنڀن ۽ پيرن جي سفر ڪريان ها،
بغير چپن ۽ ڏندن جي مٺاڻ چکان ها. ڪنهن تڪليف ۽
پريشانيءَ کان سواءِ ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول هجان ها ۽
آسمان وارن سان خوشيون ملهايان ها. اکيون ٻوٽي
ڪيترا جهان ڏسان ها ۽ هٿن کي ڪم آڻڻ کان سواءِ
گلاب ۽ ٻيون خوشبويون سنگهان ها.]
12
نَڪا ’ڪُن
فَيَڪونُ‘
هُئِي، نَڪو لِڱ لَحَمُ
بَنِئو هو نه بُتَ ۾، اَڃان ڪو آدمُ
مُون مارُوءَ سِين سَڱ، سوئِي آهي سُومَرا. [2776]
سمجهاڻي:
اڃان ’ڪن فيڪون‘ جو آواز ئي ڪونه هو ۽ نه وري ڪنهن
انساني جسم يا انساني تخليق جو آغاز ٿيو هو. مطلب
ته ڪوبه انسان وجود ۾ ئي نه آيو هو. اي سومرا
سردار، اُن گهڙيءَ کان وٺي منهنجو تعلق يا ناتو
ماروءَ (محبوب) سان قائم ٿي چڪو هو. (اها محبت هن
ظاهري جهان جي تخليق کان اڳ جي آهي)
[مثنويءَ ۾ ’ڪن فيڪون‘ جي سمجهاڻيءَ جو انداز هن
ريت آهي:
پيش چوگا نهاي حکم ’کن فکان‘،
مي دويم اندر مکان و لامکان.
(دفتر اول، ب- 2469)
معنيٰ: ’ڪن فيڪون‘ جي حڪم آڏو سڀ جهڪن ٿا ۽ اهو
حڪم مڪان ۽ لامڪان ۾ هر هنڌ لاڳو آهي.]
13
چَئِي’ڪُن
فَيَڪونُ‘،
جَڏِ خَلقِيا رُوحَ خُدا
گڏُ جِتِ گُذرانُ هو، جَڙَ لَڳِي تِنہِ جاءِ
مُون مارُوءَ سِين ساڃاءِ، سا ئِي آهي سُومَرا.
[2777]
سمجهاڻي:
(مارئي ٿي چوي) جڏهن خدا پاڪ ’ڪن فيڪون‘ وارو امر
ڪري سڀيئي روح (عالم ارواح ۾) پيدا ڪيا. جتي سڀني
روحن جي هڪ هنڌ رهائش هئي، منهنجي دل ۾ تڏهن کان
ماروءَ جي محبت جي ميخ لڳل آهي. اي سومرا سائين،
منهنجي اُن وقت کان پنهنجي پرينءَ سان گهرائي ۽
گهاٽائي آهي. (اهو ناتو ۽ واسطو ايڏو پراڻو آهي).
14
نَڪا ’ڪُن
فيڪونُ‘
هُئِي، نَڪا هُونگَ نه هُون
سَڄَڻُ تِنہِ ساعتَ ۾، اُڀي ڏِٺاسُون
مُون مَنُ تَڏَهانڪُون، مِلِي مُلاقاتَ ڪِي.
[2778]
سمجهاڻي:
الله تعاليٰ ڪائنات کي پيدا ڪرڻ جو حڪم ئي نه
فرمايو هو ۽ نه وري ڪنهن قسم جو آواز يا پڙلاءُ
هو. اهڙي وقت سڄڻ سامهون هو ۽ اسان سندس ديدار پئي
ڪيو (اسان ان ساعت ۾ به سڄڻ کي پئي ڏٺو). (مارئي
ٿي چوي) اهڙي موقعي تي ئي (ڪائنات جي تخليق کان
اڳ) منهنجي پنهنجي محبوب ماروءَ سان ملاقات (ڏيٺ
ويٺ) ٿي ويئي. (تڏهن کان اسان جي وچ ۾ پيار ۽ محبت
جو ناتو قائم ٿيو جيڪو اڄ سوڌو هلندو اچي)
15
قِسمَتَ قَيدُ قَوِيءُ، نا ته ڪيرَ اَچي هِنَ ڪوٽَ
۾
آڻي لِکِيي لَوحَ جي، هَنڌُ ڏيکارِيُمِ هِيءُ
پَرِچي ڪِينَ پَهُنوارَ رِءَ، جانِ جُسو ۽ جِيءُ
راجا! راضِي ٿِيءُ، ته مارُنِ مِلي مارُئِي.
[2779]
سمجهاڻي:
(مارئيءَ جي دانهن) قسمت ۾ لکيل قيد يا بند ڏاڍ و
مضبوط آهي (ان کان ڪو بچي نٿو سگهي) ورنه هن شاهي
ڪوٽ ۾ ڪير اچي ها. اهو لوح قلم جو لکيو ئي آهي،
جنهن جي ڪري مون کي هيءُ هنڌ اچي ڏسڻو پيو آهي.
منهنجو جسم توڻي روح پنهنجي پرينءَ کان سواءِ
حيران پريشان آهي (اهو ڪڏهن به خوش رهي نٿو سگهي).
اي عمر بادشاهه، تون مهربان ٿيءُ (دل ۾ ديا ڪر) ته
مارئي (ويچاري) وڃي پنهنجن مائٽن سان ملي.
16
قِسمَتَ قَيدُ ڪِياسِ، نا ته ڪيرَ اَچي هِنَ ڪوٽَ
۾
’وَ
نَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ‘،
وَطَنُ آءٌ وِيندِياسِ
مارُنِ کي مِلَندِياسِ، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪوٽَ جُون.
[2780]
سمجهاڻي:
(مارئي ٿي چوي) مون کي منهنجي تقدير ئي هِتي آڻي
قيدي بنايو آهي نه ته هِن عمرڪوٽ جي بنديخاني ۾
آءٌ ڪيئن اچان ها. قرآن پاڪ جي آيت ’اسين (انسان)
کي سندس ساهه واري رڳ کان به ويجها آهيون‘ موجب
(مون کي پڪ آهي ته) آءٌ ضرور موٽي پنهنجي ديس
وينديس. (مون کي الله ۾ اميد آهي ته) آءٌ هڪ ڏينهن
ضرور هِنن قيد ڪوٺين مان آزاد ٿي وڃي پنهنجن مائٽن
سان ملنديس.
[مثنوي روميءَ ۾ قرآن جي اها آيت ٻه دفعا تضمين
ٿيل آهي، هڪ هنڌ چوي ٿو:
خفته مي بيند عطشهائي شديد،
آب اقرب منـﮧ من حبل الوريد.
(دفتر چهارم ب 3241)
معنيٰ: ننڊ ۾ پيل غافل سخت اڃ محسوس ڪري ٿو،
جيتوڻيڪ پاڻي سندس ساهه جي رڳ کان به ويجهو آهي.]
17
”قَيدُ المآءِ“ ٿِئومِ، هِتِ اَڙانگِي گهارِيان
’هُناڪَ جِسمِي وَالفُوادُ لَدَيڪُم‘، هِنيُون
هُتِ سَندومِ
قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙائو سِين مارُوئين.
[2781]
سمجهاڻي:
(مارئي ٿي چوي) هيءُ داڻي پاڻيءَ جو قيد ئي آهي،
(جتي داڻو پاڻي نصيب ۾ لکيل هوندو، اوس اُتي ئي
گهارڻو پوندو) جنهن ڪري مون کي هي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا
پيا آهن. ’هِتي فقط منهنجو جسم آهي، باقي منهنجي
دل هُتي آهي‘ (عربي مقولي) موجب منهنجو روح مارن
وٽ آهي. بيشڪ اُهو مالڪ جيڪو هر شيءِ تي قدرت وارو
آهي، مون کي پنهنجن ماروئڙن ۽ سانگيئڙن سان
ملائيندو.
18
’قَيدُ المآءِ‘ ڪَهَنِ جو، سو مُون پاندِ پِئو
’جَفَ القَلَمُ بِما هُوَ ڪَائِنُ‘، وَهِي قَلَمُ
وِئو
اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، جِئَن ٿَرِ مارُو آءٌ
ماڙِيين. [2782]
سمجهاڻي:
(مارئي ٿي چوي) جنهن کي ’داڻي پاڻيءَ جو قيد‘ ٿا
چون، منهنجي نصيب ۾ اُهو ئي هو (تڏهن ته عمر جي
قيد ۾ آهيان). ’قلم سُڪي ويو ان وقت جيڪي هن لکيو‘
(جيڪو لکيائين سو لکيائين ۽ پوءِ خشڪ ٿي ويو).
تقدير جي قلم منهنجي لاءِ (هيءُ قيد) لکي ڇڏيو.
هيءُ سڄو معاملو خدا جي حڪم موجب آهي جو اڄ آءٌ
هِتي عمر جي ماڙين ۾ بند آهيان ۽ منهنجا مائٽ هُتي
ٿر ۾ (پريشان) آهن.
[پوري حديث جا الفاظ هن ريت آهن ’جف القلم بما انت
لاقِ، يعني جيڪو تو سان ٿيڻو هو سو قلم لکي خشڪ ٿي
چڪو‘. مثنوي روميءَ ۾ ’جف القلم‘ ڪيترا دفعا ملي
ٿو. هڪ هنڌ چوي ٿو:
من همي گويم برو ’جف القلم‘،
آن قلم بس سرنگون گردد علم.
(دفتر اول، ب- 3851)
معنيٰ: مان چوان ٿو تون وڃ جو قلم (لکڻ بعد) خشڪ
ٿي چڪو آهي ۽ ان قلم سان ڪيترا جهنڊا زمين تي ڪري
چڪا آهن.]
19
جِهَڙو ’قَيدُ المآءِ‘، تِهَڙو بَندُ نه ڪو ٻِئو
’جَفَ القَلَمُ بِما هُوَ ڪَائِنُ‘، لَهي نه تِرُ
تِئا
عُمَرَ تو هَٿا، شالَ آجائِي ٿِئي آجَڙِيين.
[2783]
سمجهاڻي:’داڻي
پاڻيءَ‘ جي قيد جهڙو ٻيو ڪو قيدوبند ناهي. ’قلم
خشڪ ٿي ويو، ان وقت جيڪي هن لکيو‘ جي قول موجب
لکيي مان تِر يا رتيءَ جيترو به گهٽ وڌ ٿيڻ وارو
ناهي. (گويا منهنجي نصيب ۾ هي قيد ئي لکيل هو).
ليڪن دعا آهي ته اي عمر شال تنهنجي هٿان (مون
جهڙين) پنهوارين (ٻاڪرو مال پاليندڙ غريب عورتن)
کي ڇوٽڪارو ملي.
[رومي مثنويءَ ۾ ’جف القلم‘ جي وڌيڪ سمجهاڻي ڏيندي
اهو به چيو آهي ته قلم اهو به لکي ڇڏيو آهي ته
چڱائي ۽ برائي ٻيئي برابر ناهن.
ظلم آري، مدبري جف القم،
عمل آري، برخوري جف القلم.
(دفتر پنجم، ب- 3134)
معنيٰ: قلم لکي ڇڏيو آهي ته ظلم جو نتيجو بدبختي ۽
نڀاڳ آهي ۽ عدل جو نتيجو راحت ۽ سڪون آهي.]
20
گَهنگَهرُ گهارَڻُ مُون ٿِئو، رِءَ اِعرابِيَنِ
اِتِ
’بَڪَت العَينَين فِي هَواڪَ دَما‘، پُڄان ساڻُ
پِرِتِ
مُون اَکِيُون تَنُ تِتِ، جِتي جَنَبُ جيڏِيين.
[2784]
سمجهاڻي:
مون کي پنهنجن ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن کان سواءِ هِتي
ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڪاٽڻا پئجي ويا آهن. ’تنهنجي سڪ
سوز ۾ اکين رت رنو‘ (عربي مقولي) واري حالت آهي.
شل آءٌ مارن وٽ ثابت سڪ سان وڃي پهچان. منهنجيون
هي ظاهري اکيون توڻي منهنجو روح، اُهي هنڌ ۽ ماڳ
پيو واجهائي، جتي منهنجيون هڪ جيڏيون ڄايون نپنيون
آهن. (منهنجي دل پيئي گهري ته آءٌ به جيڪر ساڻن گڏ
هجان!)
21
هِي هَنڌَ ماڙِيُون هاڻِ، ساڙِئان سَڀَ ڏيهِينِ ري
’ڪُل شَيءٍ يَرجِعُ اِلٰى اَصلِهٖ‘،
ٿِي جِهڄان
جهانگِيَنِ ڪاڻِ
ڀِرِي پَنہِنجي ڀاڻِ، پَسان مُلڪُ مَلِيرَ جو.
[2785]
سمجهاڻي:
(مارئي ٿي چوي) هينئر هي جايون جڳهيون مون کي اصل
نٿيون وڻن ۽ آءٌ چاهيان ٿي ته مارن کان سواءِ
اُنهن کي باهه ڏيئي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيان. ’هر ڪا
شيءِ پنهنجي اصليت ڏانهن موٽي ٿي، (صوفين جي
مقولي) موجب آءٌ پنهنجن ماروئڙن کي ياد ڪري پيئي
روئان ۽ رڙان. مون کي هر وقت اِهو ئي اونو آهي ته
آءٌ ڪڏهن وري خوش ٿي پنهنجي ساڳئي ماڳ ملڪ ملير کي
وڃي ڏسنديس.
وائي
پَرَچَنِ شالَ پَنهَوارَ،
ڍولا مارُو مُون سِين،
پَرچَنِ وو!
پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ
مُون مُورائِين مَدِيُون، آهينِ سيڻَ سَتارَ
قضا آندِيَسِ ڪوٽَ ۾، لِکِيي جي لَغارَ
ميخُون مَحَبَّتَ سَندِيُون، هِنئَڙي مَنجِھ
هَزارَ
اُٺا مِينہَ مَليرَ ۾، تَڙِ تَڙِ پوءِ تَوارَ
مُون جيڏِيُون مَلِيرِ ۾، پِيَنِ پِسُ پَهَنوار
عُمَر چارِيان اُنِ جا، ٻَڪَر شالَ ٻِيهارَ
آهِينِ، عَبدُاللَّطِيفُ چئي، سَرَها سيڻَ
سَنگهارَ. [2786]
سمجهاڻي:
(مارئي ٻاڏائي ٿي چوي) شل، مون سان منهنجا پنهوار
(مٽ مائٽ) راضي ٿين (ڪاوڙ نه ڪن). منهنجي تمنا آهي
ته منهنجا سٻاجها سپرين ۽ منهنجا ماروئڙا سڀ مون
سان وري سرچي پون. (هو مون کي وري پنهنجو سمجهن).
مون ۾ اڻ ڳڻيا عيب ۽ اوڻايون آهن ۽ آءٌ اُنهن سوڌي
اچي معافي (وٺڻ لاءِ) حاضر ٿي آهيان. مون ۾ منڍ
کان ئي بيشمار برايون آهن. اي ڍڪڻ وارا، تون اُنهن
کي ڍڪ ۽ مون کي پناهه ڏي. هن قيد ۾ مون کي قسمت ۽
لکيي جي لڪير ئي وٺي آئي آهي. منهنجي ماروئڙن جي
محبت جون سوين هزارين ميخون لڳل آهن.
منهنجي ملڪ ملير ۾ تازا مينهن اُٺا آهن ۽ گهر گهر
۾ خوشي ۽ سرهائي جي چوپچؤ ۽ چوٻول آهي. منهنجون
سرتيون ۽ هڪ جيڏيون سُئا/ سُوا ٻڪرين جو پهريون
ڏڌل کير پيون پين. اي عمر بادشاهه، شل آءٌ وري وڃي
اُهي ٻڪريون چاريان. عبداللطيف چوي ٿو (مارئيءَ جي
واپس اچڻ تي) اُهي پنهوار ۽ سنگهار ڏاڍا خوش آهن.
داستان ٻئو
1
اوٺِي ڳوٺِي آڻِيين، ڪو هُتي جو هِتِ هيرَ
ته ڪِنا جي ڪوٽَنِ جا، سي ٿِين سُرها سيرَ
آءٌ ته اَکِيين اُگهان، جي پائُر ڏِنَئين پيرَ
لِلهِ لَڳَ لَطِيفُ چئي، تُون لاءِ ڪِيمَ اَويرَ
ڪوٺِيين گهاري ڪيرَ، مَحلين مُنجهي مون هِنيُون.
[2787]
سمجهاڻي:
(مارئيءَ جي سوچ) اي ادا اُٺ وارا (قاصد)، تون
جيڪر منهنجي ڳوٺ (ملير) جو (ڪو مِٽُ مائٽ) هاڻ هتي
مون وٽ وٺي اچ، ته جيئن (هن جي پيرن جي مٽيءَ سان)
هن ڪوٽ جون گنديون گهٽيون صاف سهڻيون ٿي پون. آءٌ
اُنهيءَ قاصد جا اُهي (مٽيءَ هاڻا) پير پنهنجي
اکين سان ويهي صاف ڪنديس (چمان)، جيڪي هو منهنجي
ڳوٺ (پائر) ۾ گهمائي آيو هوندو. عبداللطيف
(مارئيءَ لاءِ) چوي ٿو، اي قاصد الله جي واسطي تون
هن ڪم ۾ ڪا دير نه ڪر، ڇو جو آءٌ ڪوٽ اندر ڪوٺين ۾
گذاري نٿي سگهان ۽ عمر سومري جي محلاتن ۾ منهنجي
دل ماندي پيئي ٿئي.
[مثنويءَ ۾ روميءَ وري مجنونءَ جي حوالي سان ڳالهه
ڪئي آهي ته هڪ ڀيري هو ڪتي کي چُمي رهيو هو. ماڻهن
پڇيس ڇو؟ چيائين ليليٰ جي ڳليءَ جو نگهبان آهي:
همچو مجنون، کوسگي را مي نواخت،
بوسه اش مي داد و پيشش مي گداخت.
(دفتر سوم، ب- 567)
معنيٰ: مجنون وانگر جيڪو ان ڪتي تي گهڻو مهربان هو
۽ ان کي چميون ڏيندو هو ۽ ان تان پاڻ کي قربان
ڪندو هو، جيڪو ليليٰ جي گهٽيءَ ۾ گهمندو هو.]
2
اَللهُ اوٺِي آڻِيين، جي نِياپا نِينِ
آءٌ اُنِي جِي آهِيان، توڻي مُون نه مَڃِينِ
مَسُ مُنهنجي هَٿَ ۾، ڪاغَذَ ڪي آڻِينِ
لُڙڪَ نه لِکَڻُ ڏِينِ، ڪِرِئو پُونِ قَلَم تي.
[2788]
سمجهاڻي:
(مارئي دعا ٿي گهري) او منهنجا الله، تون مون وٽ
مائٽن جو اهڙو ڪو قاصد آڻ جيڪو (گهٽ ۾ گهٽ) منهنجا
پيغام کڻي وڃي ۽ هُنن کي وڃي ٻڌائي ته آءٌ اُنهن
جي آهيان (مون پاڻ کي ڪڏهن عمر جي حوالي نه ڪيو
آهي ۽ نه ڪنديس)، هو ڀلي مون کي پنهنجو نه سمجهن.
(مارئي جي سوچ) مون وٽ لڙڪن جي مس آهي، فقط ڪوئي
لکڻ لاءِ ڪاغذ آڻي ڏئي. پر هوءَ ويچاري ڇا ڪري جو
جيڪڏهن کيس ڪو ڪاغذ به آڻي ڏئي ٿو ته سندس ڳوڙها
ڳڙڻ (قلم ۽ ڪاغذ تي ڪِرڻ) بند نٿا ٿين جو هوءَ
ڪجهه لکي سگهي.
3
’پَهِيَ سُکُ پيرين کيہَ‘، ڪو نِيہَ نِياپو آئِيو
اَتِ اُڪَنڊِي آهِيان، تِنِ ڏوٿِيَنِ تِنِ ڏيہَ
سَندِي جا ساڻيہَ، کيہَ کَٿُورِي ڀانئِيان. [2789]
سمجهاڻي:
(مارئيءَ جي سوچ) شل قاصد سکيو هجي ۽ پيرن تي مٽي
هجيس. (پير مٽيءَ ڀريل ۽ مٽيءَ هاڻا نظر اچن جو
سمجهجي ته قاصد وڏو ڏکيو پنڌ ڪري پيغام پهچايو
آهي). آءٌ کانئس پڇان ته ’اي قاصد، سڄڻن طرفان ڪو
محبت جو پيغام آيو آهي‘ يا آندو اٿئي؟ (آءٌ کيس ڇا
ٻڌايان ته منهنجي اندر ۾ ڪيتري محبت آهي). آءٌ هنن
ڏوٿيئڙن جي ڏيهه جي سِڪ ۾ ڀري پيئي آهيان. مان
پنهنجي ملڪ ملير جي سنهي دز ۽ مٽيءَ کي خوشبوءِ ۽
سرهاڻ پيئي سمجهان.
4
نَڪو ايرُ نه ڀيرُ، نَڪو اوٺِي آئِيو
مُون وَٽِ آيو ڪونه ڪو، پائُران ڀَري پيرُ
ڪِتابَتُون ڪيرُ، ڏِيندُمِ ڏِهايَنِ جِيُون.
[2790]
سمجهاڻي:
(مارئي ٿي چوي) مون وٽ ڪو اچڻ وارو ڪونهي ۽ نه
ڪنهن جي اچڻ جو ڪو گمان آهي. اُٺ تي چڙهي نياپو
نيندڙ به ڪونه آيو. (وڏي ڳالهه ته) مون وٽ منهنجي
ملڪ پائر مان ڪنهن به هن طرف اچڻ جي تڪليف نه ڪئي
آهي. (اهڙيءَ صورت ۾) مون کي پنهنجي ديس جي مٽن
مائٽن جا حال احوال ۽ خط پٽ يا چٺيون ڪير آڻي
ٻڌائيندو يا ڏيندو.
5
نَه ڪا خَبَرَ نه ڪو خَوابُ، نَڪو اوٺِي آئِيو
هُتي جَنِ هِتِ اَچِي، ڏِنو ڪونه جَوابُ
هَمِيرَنِ حِسابُ، ڪُہُ ڄاڻان ڪِيئَن ٿِئو. [2791]
سمجهاڻي:
(مارئي چوي ٿي) هُنن (مائٽن) جي ڪا سُڌ يا خبر
ڪانه آئي آهي، مان هُنن کي خواب ۾ به ڪانه ٿي ڏسان
۽ نه وري وٽائن ڪو قاصد (اوٺي) ئي ڪا خبر کڻي آيو
اهي. اُتان اهڙو ڪو نياپي وارو به ڪونه آيو آهي،
جيڪو منهنجي موڪليل نياپن جو جواب ئي آڻي ڏئي.
الائجي عمر جهڙن وڏن اميرن منهنجي باري ۾ ڪهڙو
فيصلو ڪيو آهي؟
6
اُتان اوٺِي آئِيو، خَبَرَ اِيءَ کَرِي:
وِسارِجِ مَ وَرَ کي، پَئِجُ مُنڌَ مَرِي
وِيندِينءَ اُتِ وَرِي، ڪو ڏِينہُ آهِين ڪوٽَ ۾.
[2792]
سمجهاڻي:
(هن بيت ۾ مٿئين بيت جو جواب ڏنل آهي) (مارئي ٿي
چوي) هُتان يعني مارن وٽان قاصد هيءَ سچي خبر کڻي
آيو آهي ته اي عورت (مارئي)، پنهنجي خاوند يا مڙس
کي هرگز نه وسارجانءِ، ڀلي اُن ۾ تون مري ڇو نه
وڃين (توکي ڪيڏي به تڪليف ڇو نه اچي). (پڪ ڄاڻ،
يقين رک) تون اُتي پنهنجن ماروئڙن وٽ ضرور واپس
ويندينءَ، هِتي ڪوٽ ۾ تون فقط چند ڏينهن لاءِ
آهين.
7
اُتان اوٺِي آئِيو، خَبَرَ کِينءَ کَرِي:
ٻِنهِي پارين ٻاجَھ ٿِي، پَئُه مَ مُنڌَ مَرِي
وِيندِينءَ ويڙِ وَرِي، مَلِيرِ اُٺي مِينهَڙين.
[2793]
سمجهاڻي:
هُتان يعني مارن وٽان قاصد اها سچي خوشخبري کڻي
آيو آهي ته ٻنهي هنڌن تي (هِتي توڻي هُتي) سولي
سَڻائي ٿيڻ واري آهي. اي مارئي، تون متان (تڪليفن
۽ ڏکن سبب) زندگيءَ مان نااميد ٿي پوين. تون جڏهن
ملير ۾ مينهن پيا وسندا، ضرور پنهنجي ڪڙم قبيلي
وارن وٽ وڃي پهچندينءَ.
8
ڪو ڏِينہُ آهِين ڪوٽَ ۾، لوئِي هَڏِ مَ لاهِ
ڪامَڻِ آنہِ جي ڪُرِ جِي، آڏوَڏائِي آهِ
هِتِ مَ پاڙِجِ هيڪَڙو، پائُرَ جي پَساهِ
سَتِي سِيلُ نِباهِ، مَلِيرِ وِيندِينءَ مارُئِي.
[2794]
سمجهاڻي:
اي مارئي، تون عمر جي ڪوٽ ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ آهين،
تون پنهنجي اها (مائٽن واري ڏنل) کٿي جي لوئي هرگز
نه لاهجانءِ. اي مارئي (سَتي عورت) پنهنجي پيڙهي
پُريءَ (خاندان) جي جيڪا عزت آبرو اٿئي، اُها قائم
رکجانءِ. عمر جي ڪوٽ ۾ پنهنجي وطن (پائر) جي پساه
۽ دم برابر هڪڙو ساهه يا دم به برابر نه ڪج. (ڪنهن
به ريت هِن کي هُن سان برابر نه سمجهجانءِ). اي
پاڪباز، (معزز عورت) پنهنجي آبرو رکجانءِ، تون نيٺ
ملير پنهنجي ملڪ ويندينءَ.
9
عُمرَ اوٺِي آئِيو، ڪاڪاڻِئان ڪالَ
اُٺا مِينہَ مَلِيرَ ۾، جَرَ ٿَرَ ڀَرِئا جالَ
هَئي مُنهِينجي حالَ، جِئَن مُندُون سارِئو نه
مَران. [2795]
سمجهاڻي:
اي عمر، ڪالهه اباڻن جي پار کان قاصد اها خبر کڻي
آيو آهي ته ملير ۾ جتي ڪٿي ججهي پاڻيءَ واري (آل
جال) برسات ٿي آهي. منهنجي هن حال تي افسوس آهي جو
اهڙيون مينهن واريون مُندون گذرنديون پيون وڃن پر
آءٌ اڃان جيئري آهيان! (مون کي ته ڪڏهن جو مرڻ
کپندو هو، منهنجي حال تي صد افسوس جو آءٌ پيئي
جيئان!)
10
جو ڏيہَ ڏاڏاڻِئان آئِيو، پيرين تِنہِ پُئان
سانگائِتِيُون، سَيِّدُ چئي، سَندِيُون چِتِ چُئان
هِتي تان نه هُئان، حَرفَ لَٿي هيڪَڙي. [2796]
سمجهاڻي:
(مارئي وڏي حب مان پيئي چوي) منهنجي اباڻي ملڪ
کان جيڪو قاصد آيو آهي، آءٌ جيڪر هن جي پيرين
پوان. انهيءَ موقعي سان کيس دل من واريون سڀ
ڳالهيون (ميارون) چئي ٻڌائينديس. عبداللطيف چوي
ٿو، ان تان هڪ ميار لٿي (اها ميار ته آءٌ ڪا هِت
خوش ٿي ويٺي آهيان يا مون ست سيل نه رکيو آهي، عمر
بادشاهه مون کي ست سيل جي تصديق سان آجو ڪندو ته
اها ميار لهي ويندي) ۽ آءٌ بنا دير موٽي پنهنجن
مارن وٽ وينديس.
11
جو ڏيہَ ڏاڏاڻِئان آئِيو، ڏِنُمِ تِنہِ طَعنو
سَرتِيَنِ سِيلُ چَوائِيو، جورِ هَڻِي جانو
’پائي ويہُ مَ پَلنگين، ڳِچِيءَ سِرِ ڳانو
مَٿان لَڪَ لَطِيفُ چئي، کانءِ مَ خَزانو‘
ٿِئو سَڏُ سَمانو، حَرفَ لَٿي هيڪَڙي. [2797]
سمجهاڻي:
(مارئي ٿي چوي) منهنجي ابي ڏاڏي جي ديس مان قاصد
اهو ميار وارو پيغام کڻي اچي پهتو آهي، جيڪو
منهنجي سرتين کيس مون لاءِ ڏنو هو. هُنن سَت سيل
رکڻ جو وڏو تاڪيد چوائي موڪليو آهي ۽ وڏي زور ڀري
منٿ موڪلي آهي. هُنن هدايت ڪئي آهي ته پلنگن تي
چڙهي نه ويهان ۽ نه وري ڳچيءَ ۾ هار پايان. (عمر
سان ڪنهن به صورت راضي نه ٿيان). عبداللطيف چوي ٿو
هُنن (مارئيءَ کي) اهو به چوايو آهي ته متان اهڙي
آزمائش جي گهڙيءَ ۾ پنهنجي سونهن ۽ سَت سيل جو
خزانو ساڙي ويهي رهان. (اي مارئي) تو تان انهيءَ
هڪڙي ميار لهڻ جي دير آهي، اميد ته توکي جلد خير
خوشيءَ جي خبر ملندي.
12
عُمرَ مارُوئڙَنِ جو، ٿَرَ ٿَرَ اَندرِ ٿانءُ
سَڀَ تُنهنجو سُومَرا، ويٺا ڳِنِهَنِ نانءُ
اُتي وِيندِيَسِ آنءُ، لوئِيءَ لَڄَ مَٿي ڪَري.
[2798]
سمجهاڻي:
اي عمر بادشاهه، (توکي خبر آهي ته) ٿر ۾ جتي ڪٿي
(هر وسينءَ ۽ واهڻ ۾) ماروئڙن جا گهر گهاٽ ۽ ٿاڪ
آهن. هُنن سڀني کي اها سُڌ پئجي ويئي آهي ۽ هو سڀ
هر هنڌ تنهنجو نالو پيا وٺن (تو تي آڱر پيا کڻن،
تو تي الزام پيا رکن) پر (مون کي پنهنجي ربّ تي
ڀروسو آهي) آءٌ پنهنجي لوئيءَ جي لڄ هر صورت ۾
رکنديس (لوئيءَ جي لڄ کي مٿانهون ڪري وينديس).
13
عُمرَ مارُوئَڙَنِ جا، ٿَرَ ٿَرَ اَندَرِ ٿاڪَ
لاٿائُون لَطِيفُ چئي، مَٿان لوئِيءَ لاکَ
عُمرَ اَٿَمِ آکَ، پَهرِئو ٿِي پَنَ چَران. [2799]
سمجهاڻي:
اي عمر، منهنجن سانگيئڙن جا ٿر ۾ هر هنڌ ڪکاوان
گهرڙا يا ڀونگا آهن. هُنن ئي منهنجي لوئيءَ کي
لاک جي ڳاڙهي رنگ سان رڱيو آهي. (ٻي معنيٰ: منهنجي
غم ۾ هنن لاک رتل لوين کي اوڍڻ ڇڏي ڏنو آهي) اي
عمر، مون کي موڪل ڏي ته وڃي پنهنجن مائٽن جو مال
چاريان. (مارئيءَ جو خواب)
14
ٿَرَ لَيا، ٿاڌيلَ ٿِي، پَهرِئو چَرَنِ پَنَ
هِنيَڙي راتِ اُڪِيرِئو، مارُوءَ ڪارَڻِ مَنَ
زيرِيُون لاهِ ضَعِيفَ تان، اَلا ڪَرِ اَمُنَ
سَرَتِيَنِ ساڻُ سَمُنَ، مُنهنجي وُٺي وَلهارَنِ
۾. [2800]
سمجهاڻي:
مينهن جي وسڪارن سان ٿر جا ٽوڀا ۽ ترايون ڀرجي
ويون ۽ مند ۾ ٿڌڪار اچي ويئي. مارو ماڻهو هر هنڌ
مال ڪاهي پيا گاهه چارين. اڄ رات منهنجي دل پنهنجي
پرينءَ کي ڏاڍو ياد ڪيو. اي عمر، مون ڪمزور عورت
تان اِهي پيرن واريون لوهيون ڪڙيون آجيون ڪر (کولي
ڇڏ). ڌڻيءَ جي واسطي مون کي امان ڏي (منهنجي حفاظت
ڪر). اي عمر، (توکي ڪهڙي خبر) منهنجو سرتين سان
مينهوڳيءَ جي مند ۾ گڏجاڻيءَ جو انجام ٿيل آهي.
15
سي ٿاريلا ٿَرَنِ ۾، جي مان گَهٽُ گُهري
وَطَنِ وَسَ وَسَندِيُون، هِنئَڙي نِتُ هُري
اَندَرِ چِتَ چُري، وِرِهُ ويڙِيچَنِ جو.
[2801]
سمجهاڻي:
منهنجا ٿر وارا مائٽ ٿر ۾ ئي رهجي ويا، جن کي
منهنجو اندر هر وقت پيو ساري ۽ سنڀاري. (هُنن جي
ياد هر وقت پيئي ستائي) منهنجي ديس ۾ وس ۽ وسڪارا
پيا ٿين جيڪي منهنجي دل تي هر هر تري پيا اچن (اهو
نظارو هر وقت اکين آڏو آهي). منهنجي من ۾ هُنن جي
جدائي جي باهه پيئي ٻري (جيڪا گهٽجڻ واري ناهي).
16
سَهسين سيبا ڪَنجُري، لوئِي لِيڙَ ٿِيامِ
اَباڻَنِ جي آسَري، ڪَتي ڪانه ڪِيامِ
جا ڍَٽِ ڍَڪييامِ، تِنہِ جو پَروَرُ پَنُ
رَهائِيين. [2802]
سمجهاڻي:
(مارئي ڏک ۽ افسوس سان پيئي چوي) منهنجي چوليءَ
(جنهن سان سينو ڍڪجي ۽ پُٺي خالي هجي) ۾ سوين ٽوپا
لڳي چڪا آهن ۽ مٿي ڍڪڻ واري لوئي ڦاٽي ليڙون ليڙون
ٿي ويئي آهي. مان مائٽن جي آسري تي نئين لوئي ڪتي
(ٺاهي) ڪانه پاتي. اي پروردگار، اُها لوئي جيڪا
مون ڍٽ کان وٺي پاتي آهي ۽ اڃان تائين پهريل اٿم،
تون اُن جي عزت ۽ پردو رکج.
17
سَهسين سيبا ڪَنجُري، لِيڙُون ٿِي لوئِي
واسي وارَ نه ويڙِهيان، ڌارِيَنِ سِين ڌوئِي
مَلِيرُ مِڙوئِي، مَرَڪِي شالَ مَلهائِيان. [2803]
سمجهاڻي:
منهنجي چوليءَ ۾ ڪيترا ٽوپا (ڳنڍ) لڳي چڪا آهن ۽
منهنجي لوئي ليڙون ليڙون ٿي چڪي آهي. آءٌ ٻين
ڌارين سان (مائٽياڻين کان سواءِ) گڏ ويهي ڪيئن وار
ڌوئينديس ۽ انهن کي خوشبوءِ سان سُرهو ڪري ڪيئن
ويڙهينديس؟ (منهنجي ڌڻيءَ در دعا آهي ته) شل عزت ۽
مان سان آءٌ وطن وڃي پهچان ته جيئن سڀئي ملير وارا
خوش ۽ سرها ٿين.
18
سِبي سيبا ڏي، ڀورِيءَ نِيہُ نه لَڄِئو
کَٿِيءَ وَٽِيُون کُٿِيُون، سِبي سيري سي
مَڇُڻُ چُونَمِ ڪي، ته لَڄايَئِي ٿَرَ ڄائِيُون.
[2804]
سمجهاڻي:
مارئي پنهنجي اباڻي لوئي يا کٿيءَ کي وري وري پيئي
سبي، ائين هن ويچاريءَ سڪ ۽ محبت جو ناتو نه
لڄايو. هوءَ پنهنجي اوڍڻي (لوئيءَ) جون کٿل ڪنڊون
۽ پاسا سئيءَ سان سبي ۽ ٽاڪا هڻي هر هر پيئي ٺاهي.
(هوءَ اهو سڀ ڪجهه ان ڪري پيئي ڪري جو) متان کيس
ڪو اهو مهڻو ڏيئي وجهي ته تو ٿر ۾ ڄاول يا ٿري
عورتن کي شرمسار ڪري ڇڏيو.
19
اَڳڙِيارو ڪَنجُرو، لوئِي سِين ليڙُنِ
هِهَڙو حالُ وَٺِي ڪَري، وَڃان مَنجِھ ٿَرَنِ
مارُو مانَ چَوَنِ، هُئِي اَسانهِين آسَري. [2805]
سمجهاڻي:
(مارئيءَ جو عزم) شل آءٌ پنهنجي هن ڦاٽل پر اڳڙين
(چَتين) لڳل چولي ۽ ڇڳل (ڌاڳا ڌاڳا ٿيل) لوئي
سميت، اهڙي حال (خراب حالت) ۾ پنهنجي ملڪ ٿر وڃي
پهچان. شل، اهو حال ڏسي کين يقين اچي ته آءٌ هُنن
جي آسري تي ئي زنده هيس (مون ڪابه لالچ عمر
بادشاهه جي قبول نه ڪئي).
20
سَتِيءَ ڳالَھ سُئِي، سَرتِيَنِ سِنجَڻُ ڇَڏِئو:
’مارُوئَڙِي مَحلَنِ ۾، اڳي ڪانه هُئِي‘
عُمرَ آءٌ نه مُئِي، اِنَ اوڀالِئان اَڳَ ۾.
[2806]
سمجهاڻي:
مارئيءَ جي باري ۾ سندس سرتين جڏهن اها ڳالهه ٻڌي
ته هوءَ وڃي عمر بادشاهه جي محل ۾ ويٺي آهي ته
هُنن وَرت وارو پاڻي (کوهه مان) ڪڍڻ ڇڏي ڏنو (اُهي
ماٺ ۾ اچي ويون ۽ چوڻ لڳيون) هاءِ، هن کان اڳ ته
ڪا ماروئڙن جي عورت محل ۾ ڪانه ٻُڌي سون! (مارئي
اهو خيال ايندي چوي ٿي) اي عمر، اهو طعنو ۽ مهڻو
ٻڌڻ کان اڳ آءٌ مري ڇو نه ويس!
21
ماڙِيءَ چَڙهِي سُومَرا آءٌ هَڏِ لَڄاڻِي
هَٿان مُون مَ هارجي، پائُرَ جو پاڻِي
ٻولِي ٻاٻاڻِي، وَٺِي شالَ ويڙِ وَڃان. [2807]
سمجهاڻي:
(مارئي ٿي چوي) اي عمر سومرا، آءٌ تنهنجي محل
ماڙين ۾ پهچي شرم ۾ ٻُڏي ويئي آهيان (مون لاءِ
ٻُڏڻ جو مقام آهي). (هينئر به منهنجي دعا آهي ته)
پائر جو پاڻي منهنجي هٿان نه هارجي (وطن جي ساک ۽
لڄ منهنجي هٿان ڪچي نه ٿئي). شل آءٌ اباڻن جي ٻول
(ته لوئيءَ جي لڄ رکجانءِ) تي قائم رهي پنهنجي
مائٽن ۽ ديس وڃي پهچان.
22
هِڪُ سِرِي هِڪُ ساهُ، ٻِئو ناهِ جو ٻِئي ڏِيان
ڄاڻي هڪُ اَللهُ، سو تان کيتَ خَرِيدَ ڪِئو.
[2808]
سمجهاڻي:
(مارئي ٿي چوي) منهنجو هڪ سِرُ آهي ۽ هڪڙو ئي
ساهه آهي. نڪو ٻيو سِر آهي ۽ نه وري ٻيو ساهه آهي
جو اُهو ٻئي ڪنهن جي حوالي ڪريان. الله سائين ئي
ڄاڻي ٿو ته اهو هڪ سِر ۽ هڪ ساهه ته منهنجي محبوب
کيت جو خريد ٿيل آهي. (اهو هن کي ئي ارپيل ۽
سونپيل آهي، ٻئي ڪنهن کي ڏيڻ يا سونپڻ جو سوال ئي
نٿو ٿي سگهي).
23
هِنيُون هِڪُ هُئو، سو پُرزا ٿِي پِئو
ڪِين کيرين ڪِين ٻيرين، ڪِين وَلهارين وِئو
مُٺِيءَ مَوتُ ٿِئو، تُون ٿو ساهِ ڳَڻائِين
سُومَرا. [2809]
سمجهاڻي:
منهنجي دل ته هڪڙي آهي جيڪا ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيئي
آهي. ان جا هڪڙا ٽڪرا ڪٿي هڪ وڻ هيٺ ته ڪي وري ٻئي
وڻ هيٺ، ٽيان وري هيٺانهينءَ ۾ وڻن واري هنڌ تي
ڪريا پيا آهن. (منهنجي دل ائين ڇيهون ڇيهون ٿي
ويئي آهي). اي عمر سومرا، آءٌ ته مري چڪي آهيان
(ان کان وڌيڪ ٻيو مرڻ ڪهڙو ٿيندو!) پر تون وري مون
کي سِر کان وٺي پيرن تائين ڳهن (زيورن) سان
سينگارڻ جون تياريون پيو ڪرين.
24
هِنيُون هِڪُ هُئومِ، جو مُون ڏِنو پِرِينءَ کي
ٻِئو تان ڪونه ڪِئومِ، جو آءٌ آڇِيان عامَ کي.
[2810]
سمجهاڻي:
منهنجو هيانءُ (قلب) ته هڪڙو ئي آهي جيڪو مان
پنهنجي سڄڻ جي حوالي ڪري چڪي آهيان. مون وٽ ٻيو
هيانءُ ڪونهي جيڪو آءٌ هر ڪنهن کي نذرانو ڪري پيش
ڪريان.
وائي
ويڙِيچَنِ ڏي وِيندِي، عُمرَ!
آئُون مارُوئَڙَنِ ڏي وِيندِي.
ڏيہَ ڏاڏاڻين پَکَڙين
سَڱرَ ساهيڙِيَنِ سِين، ساڻيہَ مَنجِھ سَٽِيندِي
اُٺا مِينهَن مَليرَ ۾، ڌاڳا ڌَٻَرَ ڌُوندِي
گولُون گولاڙَنِ جُون، جَهپي ساڻُ جَهٽِيندِي
ڪوڪَڙِ ڪُنڍيرَنِ ۾، ڦُوڪِئو ڦَڪَ ڀَرِيندِي
عِيدَنِ بَرادَنِ تي، کيہَ مانڌاڻا کِيندِي
وَڃِي شالَ وَطَنَ ۾، ڪِرڙَ قُوتِ ڪَرِيندِي
جُهوپا جهانگِيئَڙَنِ جا، آءٌ ماڙِيَنِ تي نه
مَٽِيندِي. [2811]
سمجهاڻي:
اي عمر (تون ڀلي بادشاهه آهين ۽ تنهنجا محل
محلاتون آهن) پر آءٌ پنهنجي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن
ڏانهن ضرور وينديس. مان پنهنجن اباڻن ڪکن، جهوپڙن
۽ ڀونگن ۾ وڃي رهنديس. آءٌ پنهنجين سرتين ۽
ساهيڙين سان گڏ وڃي سڱر (ڪنڊيءَ جا پلڙا)
لاهينديس. ملير ۾ جڏهن مينهن پوندا ته آءٌ رليون
رلڪا ان پاڻيءَ سان ويهي ڌوئينديس. گولاڙن جو گول
ميوو جهٽ ڏيئي پَٽي وٺنديس يا ڇننديس. سُڪل پيرون
ٿانون مان ڪڍي ڦوڪ ڏيئي صاف ڪري لَپون ڀري وات ۾
وجهنديس. عيد برات جي خوشيءَ وارن موقعن تي کيهه ۽
مانڌاڻيءَ جي اَن جو طعام تيار ڪري (ٻين سان گڏ
ويهي) کائينديس. شل آءٌ پنهنجي ديس ۾ پهچي ڪرڙ جون
پُسيون پيٽ ڀري کاوان. اي عمر، آءٌ پنهنجن مائٽن
جا جهوپڙا ۽ ڪکاوان گهر تنهنجي محل ماڙين سان هرگز
نه مَٽينديس. (متان ان غلط فهميءَ ۾ هجين، آءٌ اهو
سودو هرگز قبول ڪونه ڪنديس!)
داستان ٽئو
1
مِينڍا ڌوءِ نه مارُئِي، پييَسِ پَهُنوارِيُون
چِتِ
راڄَ رُئاري، هَنجُهون هاري، هِيءَ هُتي جِي هِتِ
آهِسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ ۽ کَپَتِ
وِينگَسِ ويڙِيِچَنِ رِءَ، مَسَ سُڻي ڪا مَتِ
سُومَرا سُپَتِ، ڪَرِ ته ڪوٽِئان نِڪَري. [2812]
سمجهاڻي:
مارئي پنهنجا وار (سامهان ڳُتيل) نٿي ڌوئي جو
ٻڪريون ڌاريندڙ ۽ پاليندڙ سرتيون هر وقت ياد پيون
اچنس.(مصيبت جي ماريل) مارئي ڪٿان کان ڪٿي اچي
پهتي (بندياڻي ٿي)، تنهن ڪري نه رڳو پاڻ پيئي روئي
رڙي پر ٻين سڀني کي پڻ روئڻهارڪو ڪري ڇڏيو اٿس.
دراصل هن کي پنهنجي ديس پائر (ڏي موٽي وڃڻ) جي
ڳڻتي ۽ غم پيو کائي. هوءَ شانائتي عورت پنهنجن
مائٽن ڏانهن واپس ورڻ کان سواءِ ٻي ڳالهه ٻڌي ئي
ڪانه ٿي. اي سومرا سردار، تون سچائي ڪر، سهڻي ريت
ڪر، جو هوءَ ڪوٽ مان آجي ٿي پنهنجن وٽ پهچي.
2
مِينڍا ڌوءِ نه مارُئِي، آهِسِ مَنِ مَلِيرُ
ڪَڍي ته ڪاڻِ لَهي، هِتان هِيءُ هَمِيرُ
کائُڙِ پِيَنِ کِيرُ، جي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
[2813]
سمجهاڻي:
مارئي پنهنجا وار ڌوئي صاف نٿي ڪري جو هن کي هر
وقت پنهنجو ملڪ ملير ياد آهي، اهو دل تان لهيس ئي
ڪونه ٿو. (اصل ڳالهه آهي ته) جڏهن عمر جهڙو امير
هن کي پنهنجي ڪوٽ مان ڪڍي آجو ڪري ته هن ويچاريءَ
تان ميار ۽ گلا لهي. کائڙ (ٿر جي ان حصي) ۾ گهر
گهر وڏيون خوشيون ٿي وڃن، جيڪڏهن مارن جي امانت
مارئي (باسلامت) اتي وڃي پهچي.
3
مِينڍا ڌوءِ نه مارُئِي، نَه کِلي نه کاءِ
عُمرَ جي اِنصافَ جا، ويٺِي واساما ڳاءِ:
هِيءَ جا ڪِيَئِي هاءِ، سا مَهندان اِيندِيَئِي
مُنہَ ۾. [2814]
سمجهاڻي:
مارئي پنهنجا وار کولي ڪانه ٿي ڌوئي، بلڪ هوءَ نه
ڪجهه کائي ٿي ۽ نه ڪڏهن کلي ڳالهائي ٿي. هوءَ هر
وقت اهو خيال پيئي ڪري ۽ ڳڻتيون پيئي کائي ته عمر
ساڻس ڪڏهن انصاف ڪندو. (ڪندو به الائجي نه؟) هوءَ
چوي پيئي ته اي عمر، هيءُ جيڪو تو ايڏو ڏاڍ ڪيو
آهي، ان جو (ڌڻيءَ آڏو) توکي ضرور حساب ڏيڻو
پوندو.
4
مِينڍا ڌوءِ نه مارُئِي، ٿِيَسِ ڳُرِنڍِيُون وارَ
سَتِيءَ سيئِي سارِيا، جي پائُرَ جا پَهُنوارَ
عُمَرَ اُنِهُون ڌارَ، مُورِ نه وِهي ماڙِيين.
[2815]
سمجهاڻي:
مارئي (ڏک ۽ غم ۾ ايتري ورتل آهي) جو وارن کي ڌوئڻ
لاءِ تيار ناهي، توڻي جو وارن ۾ ڳنڍيون پئجي ويون
اٿس. هوءَ اشراف عورت ٿر وارا پنهنجا مائٽ عزيز
پيئي سنڀاري ۽ ياد ڪري. اي عمر (تون اها ڳالهه
سمجهي ڇڏ ته) هيءَ مارئي پنهنجن پيارن کان سواءِ
ڪنهن به صورت ۾ تنهنجن محلاتن ۾ ڪانه گذاريندي.
5
مِينڍا ڌوءِ نه مارُئِي، مَحلين مارُوئان ڌارَ
پايو ميٽُ مَلِيرَ ري، مُنڌَ نه ويڙهي وارَ
جا هُتيجَنِ هارَ، سا ڪِيئَن وِهَندِي ڪوٽَ ۾.
[2816]
سمجهاڻي:
مارئي مارن کان ڌار رهندي بادشاهي محل ۾ ڪنهن به
صورت ۾ پنهنجا مٿي جا وار کولي ڌوئڻ لاءِ تيار نٿي
ٿئي. هوءَ پنهنجي ملڪ ملير کان پري مٿي ۾ ميٽ وجهي
وارن کي ڌوئي صاف ڪري ڪانه ٿي ويڙهي (هو اهو سوچڻ
لاءِ تيار ئي ناهي). مارئي جيڪا هُتي (پنهنجي ملڪ
ملير) جي هريل آهي يا جنهن کي هُتي رهڻ جي هير يا
عادت آهي، سا هِتي ڪوٽ ۾ ڪڏهن به ڪانه رهندي!
6
مِينڍا ڌوءِ نه مارُئِي، ڪونِهي اُنِ اوڄاهُ
عُمرَ جي اِنصافُ جو، پِئُسِ ڪَنِ پَڙاءُ
ويٺِي چوءِ اَللهُ، مُون تي مِٽَر نه موٽِئا.
[2817]
سمجهاڻي:
مارئي کان پنهنجا وار کولي ڌوئڻ پڄي ئي ڪونه ٿو،
بلڪ هن کان ڪجهه اُڳلي ئي ڪونه ٿو (هوءَ بيحال
آهي) پر اوچتو عمر جي انصاف جو ڪن تي پڙلاءُ پيس
(انهيءَ ڪري آٿت آيس) ۽ ويٺي چوي ته يا الله، ڇو
منهنجا مائٽ اڃان تائين نه موٽيا. (مون کي وٺڻ
لاءِ نه پهتا!)
7
مِينڍا ڌوءِ نه مارُئِي، ٿِيَسِ ڳُڙلُون ڳاهُ
ڪِينَ کَڻنديَسِ ڪوٽَ ۾، پائُرَ ري پَساهُ
سَرتِيُون ڏيان ساهُ، جيڪَر مِلان مارُوئين.
[2818]
سمجهاڻي:
مارئي وارن ڌوئڻ کان نابري واري ڇڏي آهي، توڻي جو
وارن ۾ چيڙهه پئجي ويو اٿس. (وار ڳُڙ وانگر ڳنڍا
ٿي پيا اٿس). مارئي ايڏي اتساهه ۾ (پر عزم) آهي جو
هوءَ پنهنجي وطن جي هوا کان سواءِ ساهه کڻڻ به نٿي
گهري!
8
مَحلين ماندِي مارُئِي، ماڙِيين ڪِي مَلُورَ
اَڻڀا سَڻڀا نه ڪَري، سُونہَ وِڃايَسِ سُورَ
پِئَسِ لوهَ لَطِيفُ چئي، لَٿَسِ ڪوڏَ ڪَپُورَ
چِتَ جَنِي جا چُورَ، سي مَکي مَرَڪُ نه
ڪَندِيُون. [2819]
سمجهاڻي:
مارئي عمر بادشاهه جي محل ۾ گهڻي غمگين ۽ ملول آهي
۽ ڏاڍي اداس پيئي گذاري. (ايتري قدر جو) هوءَ
پنهنجن وارن کي تيل ڦليل هڻي سڻڀو نٿي ڪري، بلڪ
ڏکن جي ڪري سندس سموري سونهن سوڀيا چٽ ٿي چڪي آهي.
عبداللطيف چوي ٿو ته هوءَ ويچاري زنجيرن ۾ جڪڙيل
آهي ۽ ان ڪري سندس لاڏ ڪوڏ (کل خوشي ۽ سرهائي)
موڪلائي ويئي آهي. (حقيقت به ائين آهي ته) جن
ويچارين جا اندر جدائيءَ جي صدمي کان چڪناچور آهن،
سي پاڻ کي مهٽي ۽ صاف ڪري ڪهڙو ناز نخرو ڪنديون يا
کلي خوش ٿينديون!
9
مارُوئَڙِي روئِي، ٿَرِ نِياپا چائِيا
آن جو ڳُتو جيڏِيُون مِينڍي وَرُ سوئِي
لاٿُمِ نه ڌوئِي، ساڻ سَرَچِي سُومَري. [2820]
سمجهاڻي:
مارئي ويچاريءَ (نيٺ بيوس ۽ لاچار ٿي) روئي پنهنجي
ديس وارن کي نياپا ڏياري موڪليا ۽ چورايائين ته
توهان سرتين جيڪي منهنجا وار ويڙهي هيڪر ڳُتون
(چوٽيون) ٺاهيون هيون، سي ساڳيون آهن. مون هن مهل
تائين اهي اُکيلي نه ڌوتيون آهن ڇو ته مون عمر
سومري سان ڪڏهن راضي ٿيڻ جو سوچيو به نه آهي.
10
هُنَ ڀُڻندي ڀُون، گُسَ نه لَڳِيَمِ گَسَ جِي
آيَسِ عُمرَڪوٽَ ۾، ٿِئو مَٿو ميرو مُون
جادُنِ پييُون جُون، آءٌ ڪِيئَن مَرَڪان مارُوئين.
[2821]
سمجهاڻي:
(مارئي ٿي چوي) آءٌ جڏهن ٿر جي وارياسي زمين تي
پيرين پيادي هلندي هيس، تڏهن به واٽ جي دز يا
مٽيءَ مون کي ڪڏهن ميرو نه ڪيو. پر هِتي عمرڪوٽ ۾
آئي آهيان ته منهنجو مٿو ميرو (گندو ۽ چِڪَ) ٿي
پيو آهي. منهنجي وارن ۾ ڪيتريون جؤون پئجي ويون
آهن، اهڙيءَ صورت ۾ آءٌ ماروئڙن ۾ ڪيئن ٿي سهڻي
لڳي سگهان!
11
ڪَرِئو مُهاڙَ مَلِيرَ ڏي، روءِ اُڀِي چوءِ:
سَهَجُ سُورِي ڀانئِيان، سُومَرا سَندوءِ
مِلڪَ مارُوءَ جِي آهِيان، جورِ نه ٿِئان جوءِ
سو قَلبُ ڪوٽِ نه هوءِ، جو هُتيجَنِ هَٿِ ڪِئو.
[2822]
سمجهاڻي:
مارئي ملير ڏانهن منهن ڪري پيئي روئي ۽ بيٺي چوي
ته اي سومرا سردار، تنهنجا سک ۽ آرام مون لاءِ
سوريءَ جي عذاب برابر آهن. (توکي چٽو ڪري ٻڌايان
ٿي ته) آءٌ مارن جي ملڪيت (امانت ۽ ورثو) آهيان ۽
آءٌ زور زبردستيءَ سان ڪنهن جي زال ٿيڻ واري نه
آهيان. منهنجي اها دل جيڪا هُنن مارن جي حوالي آهي
(هُنن وٽ هٿيڪي آهي)، تنهن کي ڀلا ڪير قيد ڪري
سگهندو؟ اها دل ڪوٽن ۾ ڪيئن رهندي؟
12
ڪَرِئو مُهاڙَ مَليرَ ڏي، اُڀِيائِي آهي
جا مَٿي ڏِنِيَسِ مارُوئين، سا لوئِي نه لاهي
سُومَرا ساهي، تِنہِ سَتِيءَ وِجُھ مَ سَنگَهرُون.
[2823]
سمجهاڻي:
مارئي ملير ڏانهن منهن ڪري، کُڙين ڀر اُڀي ٿي بيٺي
آهي ۽ ڪنڌ مٿي ڪري پيئي واجهائي. هوءَ اُها لوئي
مٿي تان اصل نٿي هٽائي يا لاهي جيڪا کيس مائٽن
پارائي هئي. اي سومرا سردار، تون ڏاڍ مڙسي ڪري،
اهڙي شريف عورت کي زنجيرن سان سوگهو ڪري نه رک.
13
جا عُمَرَ تو مُلِ عِيدَ، سا هُنِ سوءَ وَرتِي
سُومَرا
ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، خُوشِي ۽ خَرِيدَ
سِڪَڻَ ڪِئا شَهِيدَ، مارُو جي مَلِيرَ جا. [2824]
سمجهاڻي:
اي عمر بادشاهه، جيڪا ڳالهه (موقعو) تو وٽ عيد
سمان آهي، اهو هُنن مارن وٽ سوڳ (وڏي غم جو موقعو)
آهي، تڏهن ته هُنن ويچارن ماروئڙن کان عيد جي خوشي
۽ خريداري سڀ ڪجهه وسري ويو آهي. (هُنن جي عيد غم
۾ بدلجي ويئي آهي). مون (مارئي) لاءِ سِڪڻ کين
شهيدن مثال ڪري ڇڏيو آهي (کين بي گناهه قتل ڪري
ڇڏيو آهي).
14
آءٌ ڪِيئَن سَوڙِيين سُمَهان مُون وَرُ گهاري وِلَ
کَٿيرِيءَ تان کِلَ، عُمَرَ اِهَڙِي مَ ٿِئي.
[2825]
سمجهاڻي:
اي عمر بادشاهه، آءٌ ڪيئن (سيءَ کان بچڻ لاءِ)
سَوڙيون اوڍي سمهان، جڏهن ته منهنجو مڙس ٻاهر سخت
سيءَ ۾ بنا اوڇڻ جي سمهي. اي عمر! هن کٿيءَ ۽ لوئي
واري مارئيءَ مٿان اهڙي وڏي ٽوڪ (چرچو) نه ڪر.
15
آءٌ ڪِيئَن سَوڙِيين سُمَهان مُون وَرُ گهاري
سُڃَّ
وَرُ اَباڻَنِ سِين اُڃَّ، کُوءِ سَربَتُ تُنهنجو
سُومَرا. [2826]
سمجهاڻي:
آءٌ سَوڙ پائي سک ۽ آرام سان ڪيئن ٿي سمهي سگهان،
جڏهن ته منهنجو مڙس سڃ ۾ رهي جتي اوڍڻ ۽ کائڻ پيئڻ
لاءِ ڪا شيءِ ڪانهي. اباڻن سان گڏ اها اڃ ۽ بک
(هزار ڀيرا) ڀلي آهي، ان جي مقابلي ۾ تنهنجو شربت
وڃي کڏ ۾ پوي.
16
ڄارِين نارِين نيسَ، آءٌ ڪِيئَن ويڙِ وِسارِيان
ڍُرِڪَنِ ٿِيُون ڍاٽيلِيُون، ڪُلهَنِ ڪارا ڪيسَ
عُمرَ! ماري ميسَ، وِهان ڪِيئَن وَطَنَ ري. [2827]
سمجهاڻي:
(مارئي ٿي چوي) منهنجي ملڪ ملير ۾ جتي جا (کٻڙ)
وڻ آهن ۽ جتي برسات جو گهڻو پاڻي پلٽجي وهڪرا ڪري
وهي هلي ٿو، آءٌ اُهي ماڳ ڪيئن ٿي وساري سگهان.
جتي ڍٽ ۾ رهندڙ عورتن جا ڊگها ڪارا وار سندن ڪلهن
تي پيا ڪِرن. اي عمر، آءٌ پنهنجي ضمير کي ماري،
اهڙي سهڻي وطن کي وساري هِتي ڪيئن ويهي رهنديس؟
17
وَرُ سي وَطَنَ ڄائِيُون، صَحرا سَتُرُ جَنِ
گولاڙا ۽ گُگِرِيُون، اوڇَڻُ اَباڻَنِ
ويڙهِئا گُهمَن وَلِيين، جهانگِي مَنجِھ جَهنگنِ
مُون کي مارُوئَڙَنِ، سُڃَّ ڳڻائِي سيجَ ۾. [2828]
سمجهاڻي:
(مارئي ٿي چوي) اهي منهنجيون هم وطن (ديس ۾ ڄاول
سرتيون) ڀلي خوش رهن (سدائين خوش هجن) جن جو ڍَڪ
پردو (ستر) ٿر (صحرا) آهي (جتي غيرن جي اچ وڃ
ڪانهي). گولاڙي ۽ گگر جي ولين جا پاند ۽ پن جن جو
وڻندڙ لباس آهي. منهنجا اهي جهانگيئڙا ۽ سانگيئڙا
جهڙوڪ ولين سان ڍڪيا پيا آهن يا ڍڪجي پيا گهمن.
مون کي مائٽن طرفان اهڙي سُڃ ماروءَ سان شاديءَ
وقت ڏاج ۾ ملي آهي. (هو غريب جو آهن، ڏاج ۾ اهو ئي
ڪجهه ڏيندا جيڪو وٽن هوندو!)
18
پَلُرُ پِيَڻُ، اُنَ اوڍَڻُ، جَنِ جا پيرَ مَٿي
پَٽَ پاڪَ
ويهَڻُ وَڻاچَنِ ۾، اُنِ جِي اَجوکِي اوطاقَ
پاڻُ نه پَسَنِ پاڻَ کي، ويچارا وويباڪَ
عُمَرَ اُوءِ نه عاقَ، ڏُکِئا جِمَ ڏُکوئِيين.
[2829]
سمجهاڻي:
(مارئي چوي ٿي) مينهن جو تازو پاڻي پيئڻ ۽ اُن
(ڏاس) مان ٺهيل ڪپڙو پائڻ منهنجن مارن جو مَرَڪُ
آهي ۽ هو ٿر جي پاڪ صاف پوٺن تي هلڻ ڦرڻ وارا آهن.
ننڍن وڻن ۽ ٻُوڙن جي ڇانو ۾ ڪچهري ڪرڻ هُنن جي
نرالي (بغير نقصان) اوطاق يا بيٺڪ آهي. هو پاڻ کي
ڪجهه نٿا سمجهن (ڏاڍا نهٺا آهن) ۽ هو مسڪين هر قسم
جي خوف کان آجا آهن. اي عمر، اُنهن کي آس اميد مان
نه ڪڍ، نراس نه ڪر. هو ڏکويل آهن، متان اُنهن کي
وڌيڪ ڏکوئين ۽ ناراض ڪرين!
19
کارا کَٻَڙَ ڏيہَ ۾، ٻِئا وارِيءَ مَنجِھ وَٿاڻَ
ساٿِيَنِ کي سَيِّدُ چئي، ڀَرِئو ڏِينِ ڀاڻَ
عُمَرَ اِيءَ اُماڻَ، ثابِتُ رَکِجُ سُومَرا.
[2830]
سمجهاڻي:
اي عمر، جن جي ديس ۾ کٻڙ جا وڻ آهن جن جو ڦل
ڪَسارو ٿئي، ۽ ٻيو هُنن جا جتي گهر آهن اُتي واري
ئي واري آهي. عبداللطيف چوي ٿو ته هو (مهمان نواز
وري اهڙا آهن جو) سڀني سنگتين ساٿين (ايندي ويندي)
کي (کير ۽ پاڻيءَ جا) وڏا وٽا ڀري پيئڻ لاءِ ڏين
ٿا. اي عمر سومرا، هيءَ (مارئي) تو وٽ اُنهن جي
امانت آهي، انهيءَ کي تون صحيح سلامت رکجانءِ (ان
۾ ڪا خيانت نه ڪجانءِ).
وائي -1
کارا کَٻَڙَ کُوهَ، ٻيرِين ۽ ٻُوهَ،
آءٌ سيئِي ويٺِي سارِيان
اُٺا مِينہَ مَلِيرَ ۾، ٽَهڪِي اُڀا ٽُوهَ
سُتي سَڄَڻ سارِئا، راتِ بِه مُنهنجي رُوحَ
هَلَنِ هيلُون، ٻَڌَنِ ٻيلُون، مُدَ موچارِيءَ
مُوهَ. [2831]
سمجهاڻي:
(مارئي ملير کي ويٺي ياد ڪري) اُتي کٻڙ جا وڻ آهن
جن جو ڦل ڪسارو آهي ، اُتي پاڻيءَ جا وڏا کوه آهن،
اُتي ٻيرين جا وڻ آهن ۽ ٻُوه جا ٻوٽا آهن. آءٌ
اُنهن سڀني کي ويٺي ياد ڪريان.
ملير ۾ وسڪاري جي موسم آئي ۽ مينهن پئجي
ويا جنهن ڪري اُتي ٽوه جي ولين ۾ ٽوه نڪري ظاهر
ٿيا (پچي رنگين ٿي نڪري بيٺا) مون کي (اهڙي سمي)
پنهنجا سڄڻ ننڊ ۾ به ياد اچڻ لڳا آهن. انهيءَ سهڻي
۽ سٺي موسم ۾ ٿاريليون اڪيليون به پاڻيءَ جا دلا
ڀري پيون اچن ته ٻه ٻه دلا کڻي پيون هلن.
ٻي معنيٰ:
اهي انهيءَ موهيندڙ مند ۾ (ٻاجهريءَ جي اَن توڻي
تِرن ۽ ٻئي ڏُٿ کي) ڀورڻ ۽ ڪٽڻ لاءِ اڪيلي ۽ گڏجي
پيون جتن ڪن.
وائي-2
مُنهِنجو مَنُ مِيان، واڳِئو ويڙِيچَنِ سِين
قَضا آندِيَسِ ڪوٽ ۾، ڪنہن کي ڏوهُ ڏِيان
ڪانڌُ نه ڪَندِيَسِ ڪو ٻِئو، جانسِين ٿِي جِيان
آءٌ ڪِيئَن لوئِي لاهِيَان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏِهان
حَرفُ لَٿي هيڪَڙي، هِتي تان نه هُئان
پَهِي پاکي پَٽَڙِي، پِرِيَنِ ساڻُ پِيان
کِيرُون کَٿيرِيَنِ کي، وَڃِي ڏيہِ
ڏِيان. [2832]
سمجهاڻي:
اي حاڪم عمر، منهنجي دل منهنجن مائٽن وٽ ئي قابو
آهي، هُنن سان ڳنڍيل آهي (هُنن کان جدا ناهي). مون
کي هن ڪوٽ جي بنديخاني ۾ قسمت آڻي قيد ڪيو آهي،
تنهن ڪري آءٌ ڪنهن کي به (توکي پڻ) ڏوهه نٿي ڏيان.
آءٌ جيستائين جيئري آهيان ته ٻيو ڪو مڙس ڪونه
ڪنديس (ڇو ته منهنجو مڙس کيت ئي آهي). آءٌ هِتي
اچي جتي ڪجهه ڏينهن لاءِ آهيان، پنهنجي اباڻي لوئي
ڪيئن ٿي لاهي سگهان. بس مون تان ميار لهڻ جي دير
آهي. آءٌ ڪوٽ مان آجي ٿيڻ سان هڪ گهڙي وڌيڪ هِتي
ڪونه گذارينديس. مان چاهيان ٿي ته پنهنجي پرينءَ
سان بلڪل ڇڊي پاڻيءَ جهڙي رٻ گڏ ويهي پيئان. (شل
اهو ڏينهن اچي جو) آءٌ وطن وڃي پنهنجن مٽن مائٽن
کي پاڻ واڌايون ڏيان. |