سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:10 

وائي

ويــڄَ  مَ  مُـــون  وَٽِ  ويہ

آيَا جانِي مون گهَر آيا

آيا هادِي مون گهَر آيا

ويڄَنِ وَڏا ئِي وَسَ ڪيا، مَرضَ مُنهِنجي کي

مَرُ چڱِيائِي نه ٿِيان، ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي

ڪَرَ-لاهُو ٿِي ڪَڏهِين اڱڻِ شالَ اَچي

ٻُڪِي ڏِيندَم ٻاجههَ جي، سندو رَحَمَتَ ري. [214]

سمجهاڻي:  اي طبيب، تون هاڻي مون وٽ نه ويهه (مون کي تنهنجي ضرورت ناهي) منهنجي دل جا دلبر ڄاڻ منهنجي اڱڻ آيا، منهنجا رهبر سڄڻ مون وٽ پهچڻ وارا آهن. جيتوڻيڪ طبيبن پنهنجي پاران منهنجي مرض ڇڏائڻ لاءِ ڏاڍا حيلا ۽ گهڻا جتن ڪيا. (پر مرض ڪونه ٽريو). اي طبيب، آءٌ ڀلي چڱي ڀلي نه ٿيان، پر تون مون کي ڪا سُتي ڦڪي نه ڏي.

شال سڄڻ منهنجي خبرچار لهڻ منهنجي گهر اچي. اهو ئي سڄڻ مهربان ٿي علاج ڪندو ۽ پنهنجي رحمت سان نوازيندو.

 

داستان ٽئو

 

1

هَڻُ حَبِيبَ هَٿُ کَڻِي، ٿيڪِ مَ ٿورو لاءِ

پِرِيمِ تُنهنجي گهاءِ، مَران تَه مانُ لَهان. [215]

سمجهاڻي:  اي سڄڻ سائين، تون هٿ اُڀو ڪري (اُلاري) پوري زور سان ڌڪ هڻ اهو مون تي احسان ڪر، خنجر ورائي پوئتي نه ڪر، اي منهنجا پرين، آءُ تنهنجي هٿان زخم کائي مرندس ته عزت ۽ مان وارو ٿيندس.

[مثنويءَ ۾ مرشد جي هٿ جي اها فضيلت بيان ڪئي وئي آهي ته ان جو ڌڪ پهرين ماري ٿو پر پوءِ ابدي حياتي بخشي ٿو.

دست حق ميرانديش، زنده ش کند،

زنده چه بود، جان پابندش کند.

(دفتر اول، ب- 2973)

معنيٰ: حق جو هٿ (مرشد جو هٿ) هن کي ماري پوءِ جياري ٿو. هڪڙو  ڀيرو جيئڻ ڇا ٿيندو آهي، بلڪ کيس ابدي زندگي عطا ڪري ٿو.]

2

هَڻُ حَبِيبَ هَٿُ کڻِي، دلِ ۾ ڌَري دَنهان

وَڍِ ته ويرَمَ نه ٿِئي، صَبُرُ آءٌ نَه سَهان

ڪَنہِ کي ڪِينَ چَوان، ته مُون کي مارِئو سَڄڻين. [216]

سمجهاڻي:  اي منهنجا پيارا پرين، هٿ مٿي کڻي هيڪر وڏو وار ڪر، ڇو ته منهنجي دل ۾ (درد جي) دانهن دٻي پئي آهي. منهنجو سر وڍڻ ۾ دير نه ڪر ڇو ته آءُ وڌيڪ صبر ڪري نٿو سگهان. (تنهنجي هٿان مرڻ مون لاءِ انعام آهي). آءُ مرڻ وقت به اهو راز ڪنهن کي ڪين ٻڌائيندس ته مون کي منهنجي محبوب ئي ماريو آهي.

[مثنويءَ ۾ ساڳئي عاشق بابت چوي ٿو

گر بريزد خون من آن دوست رو،

پائي کوبان جان بر افشانم برو.

(دفتر سوم، ب- 3837)

معنيٰ: جيڪڏهن اهو دل جو دلبر مون کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪري ته جيڪر آءُ نچندو ٽپندو مٿس پنهنجي جان قربان ڪريان.]

3

هَڻُ حَبِيبَ هَٿُ کَڻي، ٻَنگان ڀَري ٻاڻُ

ماڳِهنِ مُون مِنہُ ٿئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ

اِن پَرِ ساجَنَ ساڻُ، مَنَ مُقابِلو مُون ٿِئي. [217]

سمجهاڻي:  اي پيارا پرين، پنهنجي هٿ سان ڪمان کي ڇڪي ٺاهي تير هڻ (زخمي ڪر) ته جيئن مون کي جهوليءَ ۾ وجهي پاڻ کڻائڻ جو بهانو ملي پوي. اهڙيءَ حالت ۾ من مون کي پياري پرينءَ سان روبرو ملڻ جو اتفاق ٿئي. (شل ائين سندس ويجهو ديدار ٿئي).

4

عُقابِيلَ اَکِينِ ۾ بارِي توکِي بانَ

اُڀو اَڳِرايُون ڪَرِين، ماڳِ هَڻيو مَستانَ

جانِبَ تُون زِيَانَ،. اَکِينِ سِين ايڏا ڪَرِين. [218]

سمجهاڻي:  اي منهنجي جيءَ جا جاني، تنهنجي اکين ۾ عقاب پکيءَ جهڙا تکا ۽ گهائيندڙ تير آهن. تون انهن تيرن سان اتي جو اتي (تڏي تي) مست عاشقن کي زوردار ڌڪ هنيو ڪيرائي ٿو وجهين. اي منهنجا دلبر، تون ٿورو سوچ ته رڳو پنهنجي اکين سان ڪيڏا نه وڏا نقصان پيو ڪرين.

5

عُقابِيلَ اکِينِ ۾ توکي تِکا تِيرَ

ساجَنَ! اَنِهين سِيڱَ سِين ڦٽِيئي گهَڻا فَقِير

ٻِئو مَ مارِجِ مِيرَ، تُنهنجو پهروئي پُورو ٿِئو. [219]

سمجهاڻي:  اي سڄڻ سائين، تنهنجي عقابي (گهوريندڙ ۽ گهائيندڙ) نگاهن ۾ تمام تکا تير موجود آهن. تو پنهنجي انهيءَ تاڻيل ڪمان (اکين جي ڀروئن) سان اهي تير هڻي ڪيترا نماڻا عاشق ڦٽي اڌ مئا ڪري ڇڏيا آهن. اي زور آور سائين، توکي ٻيو تير هڻڻ جي ضرورت ئي ڪونهي ڇو جو تنهنجي پهرئين تير ئي اسان جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو آهي.

6

عُقابِيلَ اَکِين ۾، تِيرَ تِکا توکي

ساجَنَ اِنِهين سُورَ جِي ڪَلَ نه آ ڪَنہِ کي

مارِين ٿو مُون کي، چاڙِهئو لوهَ لَطِيفُ چئي. [220]

سمجهاڻي:  اي منهنجي سر جا سائين، تنهنجي عقاب جهڙين اکين ۾ ڏاڍا تکا تير موجود آهن، انهن جي لڳڻ سان جيڪو سور اُڀري ٿو، تنهن جي (مون کان سواءِ) ٻئي ڪنهن کي ڪهڙي خبر! عبداللطيف چوي ٿو ته اهي رڪ مثل تکا تير هنيو مون (جهڙن مسڪينن) کي اُڦٽ ماري ٿو وجهين.

7

عُقابِيلَ اکِينِ سِين، تِيرُ چَلايو تو

ٻِئو مَرُ ماري سو، جَنہِ جو پَهرو پُورو نه ٿِئي. [221]

سمجهاڻي:   (اي پيارا پرين) تو پنهنجي عقابي (تيز ۽ گهائيندڙ) نظرن سان هڪڙو ئي تکو تير ڀري هنيو. ٻيو تير ڀلي اهو هڻي جنهن جو پهريون تير نشاني تي نه لڳو هجي. (مون کي ته پهرين ئي پورو ڪري ڇڏيو آهي!)

8

جي پائِنِ ڪانَ ڪَمانَ ۾ ته سِينو سِپَرَ رَکُ

مُنَہَ ۾ مَعشُوقَنِ جا، چاڪَ چَٽِڪَا چَکُ

سُورِي ڀانءِ مَ شَڪُ، عاشِقُ ٿِيءُ ته اُبَهِين. [222]

سمجهاڻي:  جڏهن اهي محبوب ڪمان ۾ تير وجهي توڏانهن سڌو ڪن ته تون پنهنجو سينو سامهون سپر ڪري جهل (ته جيئن اهي تير توکي سنوان سڌا لڳن). ائين تون پنهنجي منهن ۾ محبوب جا سڀئي گهاءَ ۽ ايذاءَ سهندو رهه. عشق ۾ سوريءَ تي پهچڻ ۾ ڪو شڪ ۽ گمان نه ڪجانءِ، سچو عاشق ٿيءُ ته اها وڏي منزل ماڻين.

[مثنويءَ ۾ عاشق معشوق جي هٿان تيرن کائڻ جو استقبال هينئن ڪري ٿو

تن برهنه مي شدم در پيش تير،

تايکي تيري خورم من جاءُ گير.

تير خوردن برگلو يا مقتلي،

در نيايد جز شهيدي مقبلي.

(دفتر پنجم، ب -82 ۽ 3781)

معنيٰ: آءٌ تيرن جي آڏو سينو اگهاڙو ڪري وڃان ٿو ته جيئن ڀلي گهائيندڙ تير مون کي لڳي. ڳلي جو ڪٽجڻ يا قتل ٿيڻ نصيب وارن شهيدن کان سواءِ ٻين کي ڪونه ٿو ملي.]

9

جي پائِنِ ڪَانَ ڪَمانَ ۾ ته سِينو سِپَرَ ڏيجِ

مُنہَ ۾ مَعشُوقَنِ جا، جهالُو ٿِي جهَليجِ

پاهان پَڳَ  مَ  ڏيجِ،  عاشِقُ  ٿِيءُ  ته  اُبهَيِن. [223]

سمجهاڻي:  جڏهن محبوب ڪمان ۾ تير وجهي توکي هڻڻ لڳن ته تون اڳتي وڌي اهي سڀ تير پنهنجي سيني تي برداشت ڪر. ائين تون پنهنجي محبوب جا سڀئي ايذاءَ منهن تي جهلڻ سک. (اهڙي پرآزمائش واري مرحلي تي) متان پير پوئتي ڪرين. بلڪ سچو عاشق ٿي ڏيکار ته (محبوب سان قرب جي) اعليٰ منزل کي ماڻين.

[مثنويءَ ۾ هڪ هنڌ عاشق جي تيرن کائڻ جو نظارو هن ريت چٽيل ملي ٿو:

برتنيم يک جائگه بي زخم نيست،

اين تنم از تيرچون پرويز نيست.

(دفتر پنجم، ب -3783)

معنيٰ: منهنجي سموري جسم ۾ ڪا اهڙي جاءِ نه بچي آهي جيڪا بغير زخمن جي هجي. منهنجو سمورو بدن تيرن سان چچريل ۽ گهايل آهي.]

10

جي پائِنِ ڪانَ ڪَمانَ ۾ ته ڏِجيئين سِينو

ڪَهجِ مَ ڪِينُو، مَتان دوسَنِئُون دُورِ ٿِيين. [224]

سمجهاڻي:  جيڪڏهن محبوب ڪمان ۾ تير وجهي تو ڏانهن سِڌو ڪن ته تون پنهنجو سينو سامهون ڪري بيهجانءِ. سڄڻن کي سامهون ڪنهن به قسم جي نٽائڻ يا گسائڻ واري ڳالهه نه ڪجانءِ. متان ائين ڪرڻ سان تون کانئن (هميشه لاءِ) پري ٿي وڃين.

11

پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، مِيان! مارِ مَ مُون

مُون ۾ آهِين تُون، مَتان تُنهِنجو ئِي توکي لَڳي. [225]

سمجهاڻي:  اي منهنجا دلبر سائين تون پاڻ ڪمان ۾ تير وجهي مون کي نه هڻ. منهنجي ساري وجود ۾ فقط تون ئي آهين، انهيءَ ڪري متان تنهنجو اهو تير توکي ئي لڳي.

12

لورِي جِتِ لَڳومِ، اُتي اُڀو آهِيان

سُورِههُ پِرِين سَنَدومِ، مَنَ ٻاجهائي ٻِئو هَڻي. [226]

سمجهاڻي:  مون کي جنهن هنڌ محبوب جو پهريون تير لڳو آهي، آءٌ اتي ئي (صبر سان) بيٺو آهيان (اهو هنڌ ڪونه مَٽايو اٿم). آءٌ اتي ئي بيٺو انتظار پيو ڪريان ته من منهنجو دلير دلبر وري ٻيهر ٻيو تير هڻي ڪڍي!

[مثنويءَ ۾ پڻ عاشقن کي محبوب جي هٿان بار بار قتل ٿيڻ (قرب جو مقام) جو مشتاق ڏيکاريو ويو آهي.

کشته از ذوق سنان دادگر،

مي بسود که بزن زخمي دگر.

والله از عشق وجود جان پرست،

کشته بر قتل دوم عاشق ترست.

(دفتر ششم، ب -1542-43)

معنيٰ: اهي ڪٺل عاشق پنهنجي محبوب جي هٿان مرڻ جي شوق ۾ فرياد ۽ زاري پيا ڪن ته اسان تي ٻيو وار به ڪر. خدا جو قسم هن ظاهري جسماني زندگيءَ سان محبت جي مقابلي ۾، اهڙن ڪٺل عاشقن کي ٻيو ڀيرو قتل ٿيڻ سان وڌيڪ عشق هوندو آهي.]

13

ڪانارِئا ڪُڻڪَنِ، جَنِي لوهَ لِڱنِ ۾

پاڻِهِين ٻَڌَنِ پَٽِيُون، پاڻَهِين ڌَڪَ ڌُئَنِ

ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏئا، اَڄُ ڪِ ڪالهه مَرَنِ

ڪِنہ کي ڪِينِ چَوَنِ، دَردُ اسان جي دِلِ ۾. [227]

سمجهاڻي:  محبوب جا تير کاڌل عاشق، جن جي جسم ۾ اڳيئي لوها تير لڳل آهن، سور جي سختيءَ کان لاچار ٿي آهون ۽ دانهون پيا ڪن. (هنن جي تيمارداري ڪرڻ وارو ڪوئي ڪونهي)، هو پاڻ ئي ويٺا پنهنجي ملم پٽي ڪن ۽ ڦٽن کي ڌوئي صاف ڪن. طبيب به کين لاعلاج سمجهي ڇڏي ويا ته هو اڄ يا سڀاڻي مرڻ وارا آهن. اهي سچا عاشق (اهڙيءَ حالت ۾ به) ڪنهن کي پنهنجي اندر جو دک درد ڪونه ٿا ٻڌائن. (ٻڙڪ ٻاهر نٿا ڪن).

[مثنويءَ ۾ ان مفهوم جا هي شعر ملن ٿا

زخم ديگر خورد آن را به هم بيست،

بيست کرت رُمح و تير ازوي شکست.

(دفتر پنجم، ب -3818)

معنيٰ: هن ٻيو زخم کاڌو ۽ ان کي به ڇڪي پٽي ٻڌائين. اهڙيءَ طرح ويهه ڀالا ۽ تير کاڌائين.]

14

چوري چَنگُ، ٻَنگُ لَهِي، حَبِيبَنِ هَنيوسِ

ٻُجهان  ٻاڻُ  لَڳوسِ،  ڪانارِئو  ڪَرُ  کَڻي. [228]

سمجهاڻي:  سڄڻن پاڻ پوري تياريءَ سان ڪمان چاڙهي زهه کي ڇڪي عاشق کي تير هڻي ڪڍيو. سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته عاشق کي سندس تير لڳو آهي جو تير لڳڻ سان ئي ڪنڌ کڻي (محبوب کي) پيو ڏسي!

15

سَرُ جو سَڃئو سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏيءَ ڏيئِي

ڪانَ ڪَرِنگهَرُ ڪَپِئو، پَکَنِ سِرِ پيهِي

جيرا جِگَر، بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي

ويڄَنِئُون  ويئِي،  ٿِي  وَهِيڻِي  سَڄَڻين. [229]

سمجهاڻي:  جيئن ئي محبوب تکو تير ڪمان ۾ ڪشي ٻانهن جي پوري زور سان سڌو چتائي هنيو تيئن اهو تير چوٽين سوڌو عاشق جي ڪرنگهي کي ڪپي ويو، بلڪ اهو زوردار تير جيرا، جگر، بڪيون ۽ ٻيئي پاسريون چيريندو ويو. هاڻي عاشق جي اها حالت آهي جو طبيبن ته کيس لاعلاج ڪري ڇڏي ڏنو آهي، باقي سندس حياتي دلبر دوست جي وس آهي. (اهو ئي سندس زندگي بچائي سگهي ٿو!)

16

سَرُ جو سَڃئو سَڄَڻين، ٻَنگان ڀَري ٻانُ

وِئو وُجودان نِڪرِي، ڪَڙِ ڪَڙِ ڪَري ڪانُ

ٿِئا جي نِيشانُ، سي پِهرِئين سِين پُورا ٿِئا. [230]

سمجهاڻي:  محبوب ڇڪيل ڪمان سان تير جو اهڙو نشانو ٻڌو جو اهو زوردار تير عاشق جي بدن مان ڪڙڪو ڪندو آرپار هليو ويو. جيڪي عاشق اهڙيءَ طرح نشان ٿين ٿا، تن جي لاءِ پهريون ڌڪ ئي ڪافي آهي.

17

سَرُ جو سَڃئو سڄَڻِين، ٻَنگان ٻاڻُ ڀَري

وِئو وجُودان نِڪِري، ڪَڙِ ڪَڙِ ڪانُ ڪَري

پُڇو پيرَ ڀَري، تَه ڪِين ٺَرِئو هَٿُ حَبِيبَ جو. [231]

سمجهاڻي:  اهو تير جيڪو محبوب وڏي زور سان عاشق کي سڌو هڻي ڪڍيو، اهو عاشق جي جسم مان آواز ڪندو ٻسٽ پار لنگهي ويو. اي دوستئو، توهان هاڻي وڃي معلوم ڪريو ته ڀلا ان کان پوءِ محبوب جي هٿن کي ڪجهه آرام آيو؟

18

سَرُ جو سَڃئو سڄَڻين، سِيڱَ مَنجهان سِيلو

ٽِينگرُ ٽِڪئو ڪِينڪِين، پارِ لَنگهئو پِيلو

هَڻڻُ سِين حِيلو، جانِبَ جيڏو ئِي ڪِئو! [232]

سمجهاڻي:  اهو تير جيڪو محبوب ڪمان کي زور سان ڇڪي سڌو سنئون عاشق کي هڻي ڪڍيو، اهو ٽن منهن وارو ۽ پيلي ڪاني ۾ ٻڌل تير عاشق کي لڳڻ سان آرپار لنگهي ويو. واقعي محبوب ڪامياب نشانو چٽڻ ۾ ڪارنامو ڪري ڏيکاريو!

19

سَرُ جو سَڃئو سَڄَڻين، تَنہِ لورِيءَ لوههُ ٻِئو

وِئو وُجُودان نِڪِرِي، ڪَڙِڪو ڪانَ ڪِئو

مَنجهان مُون وِئو، گهائِيندو گهَڻنِ کي. [233]

سمجهاڻي:  اهو تير جنهن سان محبوب عاشق کي نشانو بنايو آهي، تنهن تير جي نوڪ جو فولاد ڏاڍي (سخت) قسم جو آهي. اهو تکو تير ڪڙڪا ڪندو جسم مان پار لنگهي ويو. بلڪ اهو تير منهنجي جسم مان ته پار هليو ويو پر ٻين گهڻن کي به زخمي ڪندو ويو.

20

سَرُ جو سَڃئو سَڄَڻين، ٻِيهَرَ ٻانُ ڀَري

اَچِي ڇَمَڪِئو ڇوههَ مان، ڪَڙِ ڪَڙِ ڪانُ ڪَري

جيرا جِگِرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري

لَڳو جِيءَ جَري، تاڻيان تِيرُ نَه نِڪَري. [234]

سمجهاڻي:  سڄڻن جيڪو تير ٻيهر تيار ڪري هنيو، اهو وڏي زور ۽ آواز سان اچي مون کي لڳو. اهو جيرن، جگر ۽ بُڪين مان لنگهي ويو. اهو ايڏي زور سان بدن ۾ چڀي ۽ ڦاسي پيو آهي جو ڪيترو به زور لڳايان ٿو ٻاهر نٿو نڪري.

21

ڪَهيو ڇَنڊِينِ ڪانَ، هَڏ نه هَٽائِين ڪِين

ٿئا جِي نِيشانَ، سي پِهرِئين سِين پُورا ٿِئا. [235]

سمجهاڻي:  سڄڻ ٻڌائي ۽ ٻولائي ڪان مٿان ڪان هڻي ٿا ڪڍن ۽ پوءِ پنهنجي ڳالهه تان هرگز نٿا هٽن. اهڙيءَ طرح جيڪي عاشق سندن نشانو بنجن ٿا، تن جو ڪم پهرئين تير لڳڻ سان پورو ٿيو وڃي.

22

جِت حَبِيبَ هَڻَنِ، ڀَري نائُڪَ نِيہَ جِي

تِتي   طَبِيبَنِ،   وَڃِي   وِڄا   وِسرِي. [236]

سمجهاڻي:  محبوب جتي ۽ جنهن کي محبت جو تير هڻي ڦٽي وجهن ٿا، اتي پوءِ طبيبن جي سمجهه ختم ٿي وڃي ٿي. (طبيب هنن جي علاج کان عاجز ٿي پون ٿا)

23

هَڻِين جي حَبِيبَ، مَحَبَتِي مَيَا ڪَري

پُڇان ڪِينَ طَبِيبَ، هُند گهاوَنِ سِين ٿِي گهارِيَان. [237]

سمجهاڻي:  اي مٺا محبوب، تون جيڪڏهن اهي محبت جا تير مهر ۽ ٻاجهه سان هڻي ڪڍين ته جيڪر ساري عمر آءٌ طبيبن جي پڇا ئي نه ڪريان. بلڪ اهي سور ۽ ايذاءَ انعام سمجهي پيئي حياتي گذارينديس.

 

وائي

مُون کي ٿا مارِين، ڪو پَہُ پِئَڙو سَڄَڻين

وَڍئو، چِيرئو، چِچِرئو، ڏيہَ کي ڏيکارِينِ

سِيخُون سَڄَڻَنِ هَٿَ ۾، چُلهي تي چاڙِهينِ

”مُوتُوا قَبلَ اَنَ تَمُوتُوا“ مَرڻَ اِنَ مارِينِ

”فَهُوَ   حَي   لايَمُوتُ“   مارِئو   جِيارِينِ. [238]

سمجهاڻي:  منهنجي محبوبن مون کي مارڻ جو ارادو ڪيو آهي. هو مون کي وڍي، چيري ۽ چچري سڀني ماڻهن کي پيا ڏيکارين (ته اسان جي عاشق جو اچي حال ڏسو!) محبوبن جي هٿ ۾ اهڙيون سيخون به آهن جن سان هو عاشق جا ٻوٽ باهه تي چاڙهي ڪباب ڪندا.مرڻ کان اڳ مرو، واري طريقي سان مارڻ پيا گهرن. پوءِ اهو جيئرو آهي ۽ وري نٿو مري! ائين عاشقن کي ماري وري جياري ڇڏين ٿا.

[محبوب جي هٿن ۾ ڪُسڻ جو تصور روميءَ وٽ بار بار ملي ٿو، پر هو اها وضاحت ڪري ٿو ته عاشقن کي انهيءَ ڪسجڻ جي بدلي ۾ محبوب جو قرب نصيب ٿئي ٿو جيڪو لافاني آهي.

مرگ يک قتل ست واين سي صد هزار،

هر يکي را خونبهاي سي شمار،

گرچ کشت اين قوم را حق بارها،

ريخت بهر خونبها انبارها.

(دفتر ششم، ب- 40 ۽ 1539)

معنيٰ: ظاهري موت کي صرف هڪ دفعو قتل جي برابر سمجهو، پر هي (فنا جو موت) ٽي لک ڀيرن جي برابر آهي ۽ هرهڪ موت جو بي انداز خون بها (معرفت جو مقام) آهي. جيئن ته حق تعاليٰ هنن ماڻهن (صوفين) کي بار بار قتل ڪيو آهي، ان ڪري هنن کي خونبها جي طور تي (قرب جا بي انتها) ڪيترا خزانا ڏئي ڇڏيا آهن.]

 

داستان چوٿون

 

1

هَي هَي وَهي هاءِ، مَنَ ۾ مَحبُوبنِ جِي

جِيرا جوشَ جَلائِيَا، بُڪِنِ ٻَرِي باهِ

پَسو  مَچُ  مَٿاءِ،  جي  ويساهِ  نه  وِسَهو. [239]

سمجهاڻي:  منهنجي اندر ۾ محبوبن لاءِ آهُن ۽ دانهن جو سلسلو جاري آهي، جيرا جگر عشق جي آڳ ۾ پيا جلن ته بُڪين کي باهه ساڙي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن منهنجي ڳالهه تي اعتبار نٿا ڪريو ته انهيءَ آڙاهه (ٻرندڙ باهه) جي مٿان پاڻ اچي بيهي ڏسو (ان جو سيڪ محسوس ڪريو)

2

هَي هَي وَهي هُوءِ، مَنَ ۾ مَحبوبنِ جِي

جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪِنِ مُڪِي بُوءِ

اَچِي  پَسو  رُوءِ،  جي  ويساهِ  نه  وِسَهو. [240]

سمجهاڻي:  منهنجي دل منجهان سڄڻن خاطر سڪ ۽ سور واريون آهُون پيون نڪرن. جيرا انهيءَ عشق جي باهه ۾ پيا جلن ته بُڪين مان سڙڻ جي بوءِ پيئي نڪري. جيڪڏهن ڪنهن کي منهنجي ڳالهه تي پڪ نٿي اچي ته روبرو اچي منهنجي حالت پاڻ ڏسو.

3

ڪانڊين ٽانڊين ٻاٻُرين پَچان مَرُ پيئِي

جيرا، جِگَر، بُڪِيُون، سِيخُنِ ۾ ٽِريئِي

ويڄَنِئُون  ويئِي،  ٿِي  وَهِيڻِي  سَڄَڻين. [241]

سمجهاڻي:   (عاشق جي ڪيفيت) آءٌ ٻٻر جي ڪاٺ جي ٻرندڙ ٽانڊن ۾ پئي سڙان ۽ پچان. منهنجا سڀيئي وڏا لاڳ جيرا، جگر ۽ بُڪيون جهڙوڪ سيخن ۾ ٽنگيل آهن ۽ باهه جي تَوَ تي پيا پچن. (حقيقت ۾) هيءَ محبت ۾ جلندڙ جان طبيبن لاعلاج ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي محبوبن جي هٿ وس آهي (وڻين ته جيارين يا مارين).

4

ڌڳايومِ ڌِئين، ڄيرو اَندَرِ ڄَندَڙي

لَڳِي سيخَ وُجُودَ ۾، سَندِي نِيہَ نَئين

مُشاهِدي  تَهِين،  مون کي  وِڌو  مَچَ  ۾. [242]

سمجهاڻي:  منهنجي اندر ۾ آهستي آهستي دکندڙ مچ ٻري آڙاهه ٿيو آهي، گويا منهنجي وجود ۾ محبت جي ميخ نئين سر مضبوط لڳي آهي. محبوب جي هڪڙيءَ جهلڪ مون ۾ وري عشق جي آڳ کي ڀڀڙ ڪري ڇڏيو آهي.

5

تَتو تَنُ تَنُورَ جئن، ته ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ

آڻي آڳَ اَدَبَ سِين، ٻاري جانِ جَلاءِ

بُرقعان اَندَرِ بازِيُون، پَنهنجُون سَڀِ پَچاءِ

لُڇَڻَ لَئُون، لَطِيفُ چئي، پَڌَرِ هَڏَ مَ پاءِ

مَتان  لوڪَ  لَکاءِ،  وِصالان  وِچُ داه پَئي. [243]

سمجهاڻي:   (اي طالب) جڏهن تون پنهنجي جان کي مچ جهڙي باهه ۾ سڙندو ڏسين ته ان کي (صبر ۽ سڪون جا) ڇنڊا هڻي ٿڌو ڪر. ادب ۽ اخلاص جي آڳ ٻاري پنهنجي جان (وجود) کي فنا ڪر. پاڻ کي ٻين کان لڪائي (مراقبي جو جهنڊ هڻ) سڀ مشقون پچائي پوريون ڪر. عبداللطيف جي صلاح اٿئي ته بدن جي ٻاهرين لڇ پڇ سان پنهنجي عشق ۽ محبت کي هرگز ظاهر نه ڪر. ياد رک متان ماڻهن کي ڪڏهن ان راز جي خبر پئجي وڃي ۽ محبوب سان ملاقات کان محروم ٿي وڃين!

6

اَڃان تَنُوراءَ، ڪالَهه ڪَڍِياسون سَڄَڻين

تَپُڻُ تايائُون تَڪڙو، وَحَدَتَ جي وَڌاءَ

مَحَبَتِنِ مَٿاءَ، مَچُ  مُورائِين نه لَهي. [244]

سمجهاڻي:  اڃان فقط ڪالهه ئي محبوبن مون کي محبت جي ٻرندڙ کوري مان ٻاهر ڪڍيو. پر وري وصال (وحدت) خاطر جلد ئي ٻيهر عشق جي تپش جي حوالي ڪيائون. مطلب ته عاشقن مٿان عشق جي اها گرمي لهڻ واري آهي ئي ڪانه! (هر وقت پيئي ٻري)

7

مَچُ مَنجهيئِي  ٺاهه، ٻاهَرِ ٻاڦَ نه نِڪري

چورِ ته لَڳي چاهِ، کامِ کامَندَنِ کَٽِئو. [245]

سمجهاڻي:  تون پنهنجي اندر ۾ ئي محبت جي مچ کي دکڻ ۽ ٻرڻ ڏي ۽ خيال ڪر جيئن ان منجهان هلڪو دونهون به ٻاهر نه نڪري. ٻرندڙ ڪاٺين کي سوريندو رهه ته مچ برابر ٻرندو رهي. بيشڪ جن پاڻ کي جلايو (هستيءَ کي فنا ڪيو)، اهي ئي ڪاميابيءَ کي پهتا.

8

ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻَ وارَ، اَڄُ پُڻ آڳِڙِيَنِ جِي

ٻاري مَچُ مِجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ

ڌوڌِئان ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪَڻِيُون ٿِئي. [246]

سمجهاڻي:  لوهار اڄ به ساڳيءَ ريت ڌنوڻيءَ (جنهن سان ٽانڊن کي هٿراڌو هوا ڏيئي باهه تيز ڪجي) کي هيٺ مٿي پيا ڪن. هنن (عاشقن لاءِ) محبت جو مچ ٻاري ان ۾ وڌيڪ اڱار وڌا آهن ته جيئن باهه کي تيز ڀڙڪائي سگهجي. اي عاشق، تون انهيءَ ٻرندڙ مچ کان پاڻ کي پري نه ڪر، ٻيءَ صورت ۾ تون (پوري ريت پچڻ کان سواءِ) ڪچو رهجي ويندين ۽ پوءِ ڪچي رڪ وانگر ٽٽي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پوندين (جيڪو ڪنهن ڪم جو نه هوندو آهي).

9

دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونهي چيتُ

کورِيءَ هيٺ سُچيتُ، ڪاهِيو پاکَرِيين هَڻي. [247]

سمجهاڻي:   (محبت جو مچ) دائود نبيءَ جي کوري وانگر زوردار ڄڀيون پيو ڪڍي، پر جيڪي بي خبر آهن، انهن کي (پاڻ پچائڻ سان) ڪا دلچسپي ڪانهي، ليڪن قابل ۽ ذهين (محبوب) انهن کي جيڪي زرهه پائي پاڻ کي محفوظ ٿا سمجهن، تن کي به گهلي آڻي انهيءَ آڙاهه ۾ ٿو هڻي.

ٻي معنيٰ: محبوب دائود عليه السلام نبيءَ وانگر طاقتور آهي (جنهن جي هٿن ۾ لوهه ميڻ وانگر نرم ٿي پوندو هو ۽ هو زرهون ٺاهيندو هو). اڻڄاڻن کي منهنجي محبوب بابت اها خبر ئي ڪانهي. هن جي آڏو ڪهڙو به مضبوط يا زرهه بند بيهي نٿو سگهي ۽ هو سڀني کي پنهنجي قوت سان زير ڪري ٿو.

10

دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونهي رَنگُ

کورِيءَ هيٺِ خَتنگُ، ڪاهِيو پاکَرِيين هَڻي. [248]

سمجهاڻي:  محبوب حضرت دائود وانگر وڏي (دٻدٻي ۽ شان) وارو آهي ۽ هن جي آڏو مضبوط رُڪ توڻي فولاد بي اثر آهي. اهو زورآور محبوب زره جي پوشاڪ پيلن کي به ڇڪي آڻي عشق جي آڙاهه ۾ اڇلي ٿو. (محبوب جي جلال آڏو ڪنهن جي ڇا مجال آهي!)

11

پَچائي پَهَاڻُ، جَنِ رَساڻيو رُڪَ کي

تَنِي  سندو   ڄاڻُ،   آهي   آڳِڙيَنِ   کي. [249]

سمجهاڻي:  جن ڪچي لوهه (کاڻين مان نڪتل گاڏڙ لوهه) کي پگهاري پڪو ڪري خالص رڪ بنائي ڏيکاريو. اهڙي پوري ۽ پڪي ڄاڻ فقط اهڙن (ماهر) لوهارن (ڪاريگرن) کي آهي جيڪي اهو ڪم ڪن ٿا. (ڪامل مرشد جي تربيت کي رمز طور بيان ڪيو ويو آهي)

12

ڌُوڌا تون نه ڌَنئِين، آڳِ اوڏو نه وَڃين

اُلا جي عشقَ جا، سي تان تُون نه سَهِين

اُڀو  اِيئَن  چَئِين،  ته  آءٌ  آڳڙِيو  آهِيان. [250]

سمجهاڻي:   (اي طالب) تون نڪي مچ کي ڦوڪون ڏيئي ڀڙڪائين ٿو ۽ نه وري باهه جي ويجهو ٿو وڃين. تون عشق جي آڳ ۽ تپش سهڻ لاءِ تيار ئي ناهين. تون رڳو بيٺو آهين ۽ اها ڊاڙ پيو هڻين ته آءٌ باهه جي ڪم جو ڪاريگر آهيان. (مرشد جي نگرانيءَ ۾ سخت رياضتون ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ).

13

سِرُ سانداڻَ ڪَري، پُڇجُ گهَرُ لُهارَ جو

ڌَڪَنِ هيٺِ ڌَري، مانَ گَڏيئِي رُڪَ سِين. [251]

سمجهاڻي:   (اي عشق جا ڪوڏيا) تون پهريائين پنهنجي سر کي سانداڻ (جنهن تي گرم لوهه کي رکي مترڪن سان ڪٽيندا آهن) بنائڻ جي تياري ڪر ۽ پوءِ ان ڪم جي ڪاريگر جي دڪان جي پڇا ڪر، ان ڪري ته جيئن اهي ڪاريگر توکي ڌڪن مٿان ڌڪ هڻي (تنهنجو غير ڪڍي) توکي رُڪ سان ملائي رُڪ ڪري ڇڏين.

[مثنويءَ ۾ پڻ سنداڻ جي تشبيهه هن ريت ملي ٿي:

چونکه گشتي هيچ از سندان مترس،

هر صباح از فقر مطلق گير درس.

(دفتر پنجم، ب -532)

معنيٰ: جڏهن تو هستي کي فنا ڪري ڇڏيو آهي ته سنداڻ کان نه ڊڄ. بلڪ هر روز صبح جو اٿي مڪمل نيستي جو سبق دهراءِ!]

14

سَهي جِئن سانداڻِ، ڌَڪَنِ مَٿي ڌَڪَڙا

وَهه  وِڃائي  پاڻِ،  ڏي  ڏُوائُون  ڏُڱِرين. [252]

سمجهاڻي:   (اي عاشق!) جهڙيءَ طرح سانداڻ هر وقت مترڪن جا ڌڪن مٿي ڌڪ پيئي برداشت ڪري، تيئن تون پاڻ (اهڙن ڌڪن کائڻ لاءِ تيار ٿيءُ ۽) پنهنجو سمورو رتُ ستُ ڏئي اهڙو پچي پڪو ٿيءُ جو تنهنجي مٿان لڳندڙ مترڪا به مات کائي وڃن (انهيءَ کي خود چپيٽ لڳي وڃي.)

15

ٻَرِ تَنِ اڱارَنِ، ٻه-ڏائِين ٻَرَنِ جي

هِڪ جِئَنِ کُورِي کانئِيا، ٻِئو ڌُوڌي مَنجههِ ڌَڳَنِ

اَڃان   لُهَارَنِ،   ميڙي   رَکِئا  مَچَ  کي. [253]

سمجهاڻي:  انهن ويچارن اڱرن جي ڳالهه ڪر جيڪي هڪ دفعو نه بلڪ ٻه ٻه ڀيرا ٻرن ٿا. هڪ دفعو جڏهن (ڪاٺين مان کوريءَ اندر) اڱر ٿين ٿا ۽ ٻيو ڀيرو جڏهن لوهار  جي مچ ۾ ڌنوڻ جي هوا سان ڳاڙها ٿي ٻرن ٿا. وري ان کان پوءِ به لوهار کين ٻئي مچ لاءِ(وسائڻ کان اڳ) ميڙي سيڙي گڏ ڪري رکندا آهن. (تيستائين پيا ٻاريندا جيستائين پوري ريت خاڪ يا ڦلهيار ٿي وڃن)

16

ٻارِئو اُجهائِينِ پِرِين، اُجهايو ٻارِينِ

مون  کي  ٿا  مارِينِ،  لُونئان  لُهارِن  جا. [254]

سمجهاڻي:  منهنجا سڄڻ، پهرين مون کي (اڱرن وانگر) باهه ڏيئي ٻاري وري پوءِ وسائين ٿا ۽ پوءِ وري (ڇڏي ڪونه ٿا ڏين) ٻيهر ٻارين ٿا. (عشق جي تپش کي ڪڏهن جهڪو ته ڪڏهن تيز پيا ڪن). سچ پچ مون کي سڄڻن جي اها لوهارن واري روش ساڙي پورو ڪري ڇڏيو آهي.

17

اَڄُ آڳڙيا آئِيا، سُوڌا سِراڻِي

پِياري  پاڻِي،  تيغُون  ڪَندا  تکِيُون. [255]

سمجهاڻي:  اڄ سراڻ هلائڻ وارا قابل ڪاريگر اچي ويا آهن اهي نين ٺهيل ترارين کي پاڻي پياري سراڻ (تيز ۽ تکو ڪرڻ واري پٿر) تي چاڙهي وڌيڪ تيز ۽ تکيون ڪندا. (پاڻي پيارڻ يا پاڻي ڏيڻ ماهر ڪاريگر جي نشاني هوندي آهي)

18

اَڄُ آڳڙِيا آئِيا، سُوڌا ڪِي سُڄاڻَ

لاهِيندا  مورِياڻَ،   رُڪُ   ڪَرِيندا   پَڌَرو. [256]

سمجهاڻي:  اڄ اهي سياڻا ۽ سمجهدار آڳڙيا اچي ويا آهن جيڪي ڪٽ چڙهيل اوزارن کي نئين سر باهه ۾ وجهي ڪٽ لاهيندا ۽ اندريون ڪَٽيل رُڪ صاف ڪري ظاهر ڪندا.

19

سَرها ڏِٺَمِ سي، جَنِ ساڃاءِ سِراڻ سِين

تيغَ تَنِي جِي کي، ڪَٽُ نه لَڳي ڪَڏَهِين. [257]

سمجهاڻي:  مون انهن کي خوش ۽ کلندي ڏٺو جن کي سراڻ جي سڃاڻپ آهي (جيڪي ان جي اهميت کان واقف آهن، يعني اها ڪهڙي وڏي ڪم جي شيءِ آهي)، جيڪي ان حقيقت کان واقف آهن، انهن جي ترارن کي ڪڏهن به ڪٽ لڳڻ وارو ناهي.

20

ڪَٽُ ڪَڙهي، لوههُ ٻَري، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ

مَتَرڪَنِ  مُنَہَ  ڪَڍِئا،  سانداڻِيُون  سَنڪَنِ

اَڄُ  پُڻِ  آڳَڙِيَنِ،  ميڙو  آهي  مَچَ  تي. [258]

سمجهاڻي:  باهه جي کوري مان اُلا پيا نڪرن ۽ منجهس پيل لوهه تپي ڳاڙهو ٿي ويو آهي ۽ ان تان (ڪارو ڳاڙهو) ڪٽ ڳرندو لهندو پيو وڃي. ڳاڙهي ۽ گرم لوهه کي ڪُٽڻ لاءِ مترڪن کي تيار ڪري رکيو اٿن ۽ سانداڻيون جن تي رکي اهو لوهه ڪٽبو آهي ڪنبن ۽ ٿڙڪن پيون. اڄ ان مقصد خاطر ڪيترائي وڏا قابل ڪاريگر ان هنڌ اچي گڏ ٿيا آهن.

21

کاڻا تَنِ کَٽِئو، اُجهاڻَنِ اُونداه

جَنِ اَندَرِ ٻَري باهِ، اِيءَ  سُڌِ سَڀَڪا اُنِ  کي. [259]

سمجهاڻي:  جيڪي عشق جي آڳ ۾ ٻري ويا، سي ئي ڪامياب ٿيا ۽ جيڪي (ٻرڻ کان اڳ) وسامي ويا، سي ناڪام ٿيا يا اوندهه ۾ رهجي ويا. جن جي اندر ۾ اها باهه ٻريل آهي، فقط انهن کي ئي اها سربستي خبر پوي ٿي. (اهي ئي آگاهي ماڻين ٿا)

21

جِئَن ڄيرو کانئي ڄَرَ سين، عِشقُ اِيئَن ڪَري

اَڃاڻ پِرتِ پَري، ڳالههِ نه ڳالهِين جِهَڙِي. [260]

سمجهاڻي:  جهڙيءَ ريت تيز ٻرندڙ باهه پنهنجي تَو ۽ تپش سان ٻي هر شيءِ کي ساڙي ٿي، تهڙيءَ ريت عشق (جي آڳ) به بلڪل ائين جلائي ۽ ساڙي ڇڏي ٿي، پر اصلي عشق جي ڳالهه اڃان گهڻو پري آهي، اها هڪ عام ڳالهه وانگر ناهي جو ڪو ڪري ٻڌائي ۽ ٻيو ان کي ٻڌڻ سان سمجهي سگهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org