سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:9 

سُر يمن

 

داستان پهريون

1

حَبِيبُ تُون، طبِيبُ تُون، تُون دَردَ جي دَوا:

جانِبَ مُنهنجي جِيءَ ۾، آزارَ جا اَنوا

صاحِبَ! ڏِئين  شِفا،  مِيان!  مَرِيضَنِ  کي. [154]

سمجهاڻي:  اي منهنجا سائين، تون سٻاجهو سڄڻ آهين. تون ئي طبيب (مرض لاهيندڙ) آهين ۽ تون ئي درد جي دوا آهين. اي دل جا دلبر، منهنجي اندر ۾ ڪيترن ئي قسمن جا سور ۽ درد آهن. اي مالڪ، تون ئي مون جهڙن بيمارن کي صحت ۽ تندرستي ڏيڻ وارو آهين.

[رومي مثنويءَ جي شروعات ئي ان آکاڻيءَ سان ڪري ٿو، جنهن ۾ هو ڏيکاري ٿو ته جنهن صورت ۾ عشق ئي بيماريءَ جو اصل سبب آهي ته محبوب ئي وڏي ۾ وڏو معالج آهي.

شاد باد اي عشق خوش سوداي ما،

اي طبيب جمله علتهائي ما.

(دفتراول، ب- 23)

معنيٰ: خوش هجين اي عشق تون، منهنجي دل جي وڻندڙ چريائي آهين، تون ئي منهنجي سڀني بيمارين جو طبيب ۽ دوا دارون آهين.]

2

حَبِيبُ تُون، طَبِيبُ تُون، تُون دَردَ جو داروُن

دَوا مُنهنجي دِل کي، تُنهنجيون تَوارُون

ڪَريان تي ڪارُون، جِئَن ٻُڪي ٻِئنِئُون نه ٿِئي. [155]

سمجهاڻي:  تون ئي مهربان محبوب آهين، تون ئي مرضن جو لاهيندڙ آهين. تون ئي مرض

جي دوا به آهين. تنهنجي يادگيري (ذڪر) ئي منهنجي دل جي واسطي علاج آهي، آءٌ تو کي پيو ياد ڪريان ڇو ته ٻئي ڪنهن وٽ منهنجي بيماريءَ جو علاج ڪونهي.

[روميءَ جو به اهو ئي نقطئه نظر آهي ته ظاهري بيمارين جو تعلق بدن سان آهي، پر اندر جي بيمارين جو واسطو روح سان آهي. تڏهن ته چوي ٿو:

صحت اين حس بجوئيد از طبيب،  

صحت آن حس بجوئيد از حبيب.  

(دفتر اول، ب- 34)

معنيٰ ظاهري بيماريءَ جو علاج هن ظاهري طبيبن کان وٺ پر هُن اندرين بيماريءَ جو علاج پنهنجي محبوب کان حاصل ڪر.]

3

حَبِيبُ تُون، طبِيبُ تُون، تُون- هِين ڊَرٺَنِ ڊَربُ

تون ڏِيين، تون لاهيين، تون- هِين هادِي رَبُ

آهِمِ اِيءُ عَجَبُ، جِئن وارِئو ويڄَ وِهاريين! [156]

سمجهاڻي:  تون ئي منهنجو محبوب آهين، تون ئي منهنجو علاج ڪندڙ آهين. بلڪه تون ئي هيڻن مريضن جو خود علاج آهين. تون ئي (اها بيماري يا تڪليف) ڏئين ٿو ۽ ان کان ڇوٽڪارو به پاڻ ئي ڏئين ٿو. تون ئي رهبر ۽ هر طرح سنڀاليندڙ آهين. ليڪن آءٌ حيران آهيان جو (انهيءَ جي باوجود) وري طبيبن ۽ حڪيمن کي آڻي وهارين ٿو ته هو دوا ڪن (اصل علاج ته تنهنجي هٿ آهي).

4

حَبِيب تون، طبِيبُ تُون، تُون دارُون کي دَردَنِ

تُون ڏِيين، تُون لاهِيين، ڏاتَرَ! کي ڏُکَندَنِ

تَڏِ ڦڪِيُون فَرقُ ڪَنِ، جَڏِ اَمُرُ ڪَرِين اُنِ کي. [157]

سمجهاڻي:  تون ئي منهنجو سڄڻ آهين ۽ تون ئي منهنجو حڪيم (حاذق) آهين. منهنجي سڀني بيمارين جي دوا دارون به تون پاڻ آهين. اي ڏاتار (ڏيندڙ) تون ئي اهي (مرض جون) تڪليفون ڏئين ٿو ته وري انهن بيمارن تان تڪليفون لاهڻ وارو به تون پاڻ آهين. اي مالڪ سائين اهي دوائون (ستيون ڦڪيون) تڏهن ٿيون اثر ۽ فائدو ڪن جڏهن انهن کي تنهنجو اهڙو حڪم ٿئي ٿو.

5

جان ڪي ڪرِي طَبِيبُ، دارُون هِنَ دَردَ جا

هَڻِئو سي حَبِيبُ، اُکوڙِئو اَڌَ ڪَري. [158]

سمجهاڻي:  جيتوڻيڪ طبيب منهنجي مرض جي علاج ۾ پوري ڪوشش ٿو ڪري، پر منهنجو پيارو پرين ان جي هر دوا کي بي اثر ڪري ٿو ڇڏي.

[مثنويءَ ۾ پڻ اها وضاحت ملي ٿي ته سپرين جي صحبت کانسواءِ ڪا به دوا اثر نٿي ڪري.

باز ديوانه شدم من اي طبيب،

باز سودائي شدم من اي حبيب.

(دفتر دوم، ب- 1381)

معنيٰ: اي طبيب، آءٌ (تنهنجي دوا کانپوءِ) وري چريو ٿي پيو آهيان. اي منهنجا محبوب، آءٌ وري تنهنجي عشق ۾ بيمار آهيان.]

6

پاٻوهي هيڪارَ، مُون کي پُڇِئو سَڄَڻين

”اَلستُ بِرَبِڪُم“، چَيائُون جَنہ وارَ

سَندِي سورَ ڪِنارَ، تَڻَ تَڏَهانڪُون نه لَهي. [159]

سمجهاڻي:  هڪ ڀيري جڏهن منهنجي سپرين راضي ٿي مون کان پڇا ڪئي ۽ چيائون ڇا آءٌ توهان جو رب ناهيان؟، تڏهن (منهنجي روح اقرار ڪيو ته ’بليٰ‘ يعني هائو) کان وٺي (هن مهل تائين) منهنجي روح مان سِڪ ۽ سوز واري اِها حالت ختم نٿي ٿئي ۽ برابر قائم آهي. (ازل ۾ روحن جي اقرار ڏانهن اشارو)

7

پاٻوهِيو پُڇَنِ، ڪِٿِي هَٿُ حَبِيبَ جو

نيزي هيٺان نِيہَ جِي، پاسي پاڻُ نه ڪَنِ

عاشِقَ اَجَلَ سامُهَان، اُنچي ڳاٽِ اَچَنِ

ڪُسَڻُ  قُربُ  جَنِ،  مَرَڻُ  تَنِ  مُشاهِدو. [160]

سمجهاڻي:  اهي (سچا عاشق) کلندي ۽ خوش ٿيندي دلبر دوست جي هٿ (جنهن ۾ ڪهڻ جو ڪات آهي) جي پيا پڇا ڪن. اهي عاشق آهن جيڪي محبت جي تيرن کان بچڻ واسطي ٿورو به پاڻ کي هيڏي هوڏي نٿا ڪن. بلڪه اهي عاشق موت کي آمهون سامهون ڏسي به پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو (محبوب ڏانهن) وڌندا اچن. بيشڪ اهڙن عاشقن لاءِ ڪُسڻ (قربان ٿيڻ) قرب حاصل ڪرڻ برابر آهي ۽ ’موت‘ (فنا) ۾ دوست جو دائمي ديدار آهي.

[مثنويءَ ۾ پڻ عاشق جو محبوب جي هٿان ڪسڻ جو اڪثر ذڪر ملي ٿو، جنهن مان مراد عشق جي انتهائي قرب واري ڪيفيت آهي. جيئن هن شعر مان واضح ٿئي ٿو.

عاشقان آنکه شراب جان، آنگه کشند،

که بدست خويش خوبان شان کشند.

(دفتر اول، ب- 229)

معنيٰ: عاشق انهيءَ گهڙيءَ خوشي (سرمستيءَ) جا پيالا پيئن ٿا، جڏهن پنهنجي محبوب جي هٿان قتل ٿيندا آهن.]

8

ڪوٺي ڪُهي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُهَڻَ ساڻُ

نيزي هيٺان نِيہَ جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ

ڄُلُ  وِڃائي  ڄاڻُ،  عاشِقَ  اَجَلَ  سامُهُون. [161]

سمجهاڻي:  دلبر دوست عاشقن کي (قريب آڻڻ خاطر) پاڻ سڏي ڪهي ٿو ۽ سندس سڏڻ جو مطلب ڪهڻ (قرب جي انتها) ئي آهي. اي عاشق، تون محبوب جي اهڙن تيز تيرن کان بچڻ جي متان ڪا ٿوري به ڪوشش ڪرين (پاڻ کي محروم ڪرين) اي عاشق هن راهه ۾ تون هر قسم جي عقل منديءَ کي ڇڏي ڏي ۽ فقط (محبوب جي سامهون) هر حال ۾ اڳتي وڌندو رهه.

[مثنويءَ ۾ عاشق جو معشوق هٿان تير کائڻ جو ذڪر هن ريت ملي ٿو.

بردلم زد تير و سوداييم کرد،

عاشق شکر و شکر خاييم کرد.

(دفتردسوم ،ب- 4135)

معنيٰ: هن منهنجي دل ۾ تير هڻي ان کي پنهنجو مجنون بنائي ڇڏيو. ائين هن مون کي مٺاڻ جو عاشق ۽ مٺاڻ کائڻ وارو ڪري ڇڏيو.]

9

ڪوٺڻَ قَرِيبَنِ جو، عَينُ تَڙَڻُ آهِ

ايءَ اُلُٽِي ڳالهَڙِي، سِکُ وَرَندي ساهِ

آسَرَ  هَڏِ  مَ لاهِ،  ڇِنَڻُ  ڳنڍَڻُ  اُن  جو. [162]

سمجهاڻي:  محبوبن جو ڪنهن کي پاڻ وٽ سڏڻ يا پاڻ کان پري ڪرڻ ٻيئي برابر آهن. هيءَ ابتي حقيقت پنهنجي ٻئي ساهه کڻڻ کان به اڳ ۾ سِک ۽ سمجهه (ان ۾ ذري برابر دير نه ڪر). اي عشق ۾ سچا (سالڪ)، سڄڻ مان ڪڏهن نااميد نه ٿيءُ جو هن جو پري ڪرڻ به ويجهو ڪرڻ برابر ئي آهي.

10

ڪُهنِ تان ڪَرَ- گهُرا، ڪَرَ لَهَنِ تانِ ڪُهَنِ

سيئِي مُون مُهَنِ، سيئي راحَتَ روُحَ جِي. [163]

سمجهاڻي:  اهي سڄڻ  جڏهن ڪُهن ٿا ته ڄڻ خيرخواهي ڪن ٿا. وري سندن خبرچار لهڻ جو مطلب آهي ته هو ڪهڻ لاءِ تيار آهن. مطلب ته اهو ساڳيو سڄڻ ئي وڏي ايذاءُ ۾ وجهي ڇڏي ٿو ته وري پاڻ ئي روح جي راحت ۽ سڪون جو سبب به آهي.

[مثنويءَ ۾ پڻ محبوب جي هٿان عاشق جو قتل ٿيڻ وڏو اعزاز ۽ درجو ٻڌايو ويو آهي.

عاشقم من کشته و قربان لا،

جان من نوبتگه طبل، بلا.

(دفتر سوم، ب- 4098)

معنيٰ: مان عاشق آهيان ۽ نفيءَ جو ڪٺل ۽ قربان ٿيل آهيان. منهنجو وجود مصيبت ۽ درد جي نقارخاني جو وڄندڙ طبل آهي.]

11

ڪُهي سو ڪَرَ لَهي، ڪوٺي سو ڪُهي

سوئي مُون مُهي، سوئِي راحَتَ رُوحَ جي. [164]

سمجهاڻي:  جيڪو سڄڻ قتل ڪري ٿو سو ئي خبرگيري ڪري ٿو. اهو ئي جڏهن پاڻ ياد ڪري ٿو ته وري قتل به ڪري ٿو. ساڳيو دلبر دوست جيڪو ايذاءُ ڏئي ٿو، سوئي روح کي فرحت ۽ آرام پڻ بخشي ٿو.

12

ڪُهي سو ڪَرَ لهي، ڪوٺي سو قَرِيبُ

اِها عادَتَ سِکئو هَرِ زَمانِ حَبِيبُ

تِڇي سو طبِيبُ، سوئِي راحَتَ رُوح جِي. [165]

سمجهاڻي:  جيڪو دلبر دوست پاڻ قتل ڪري ٿو ته وري پاڻ ئي حال احوال به وٺي ٿو ۽ پاڻ ئي گهرائي ويجهو ويهاري ٿو، هن پياري پرينءَ هر وقت (عاشقن لاءِ) اها ئي روش ۽ هلت اختيار ڪئي آهي. ساڳيو سڄڻ جيڪو وڍي ڪاٽي زخم رسائي ٿو، سو ئي طبيب بنجي علاج ٿو ڪري ۽ روح کي راحت رسائي ٿو.

[مثنويءَ ۾ اهڙي عشق جو ذڪر هنن لفظن ۾ ملي ٿو:

عشق، خود بي خشم در وقت خوشي،

خوي دارد دم بدم خيره کُشي.

(دفتر ششم ، ب- 4103)

معنيٰ: عشق، بنا ڪنهن غصي ۽ ڪاوڙ جي بلڪ عين خوشيءَ ۾ بي خوف ٿي قتل ڪرڻ جو عادي آهي.]

13

ڪُهَنِ ۽ ڪوٺِينِ، اِيءَ پَرِ سَندِي سَڄڻين

سُوريءَ چاڙهئو سُپِرِين، ڏَنڀَ ڏِينهاڻِئو ڏِينِ

ويٺا  وِرِهُ  وَٽِينِ،  واڍوڙِئا!  وِهاءِ  تُون. [166]

سمجهاڻي:  سڄڻن جي شروع کان ئي اهائي روش آهي جو هڪڙن عاشقن کي ڪُهي ڇڏيو اٿائون ته ٻين کي وري (ڪهڻ لاءِ) پيا سڏين يا تيار ڪن. انهيءَ سڄڻ وٽ هڪڙا عاشق اڳيئي سوريءَ تي ٽنگيل آهن ته ٻين کي وري هر روز نوان ايذاءَ ۽ چٽڪا پيا چکائين. اي عشق ۾ وڍجڻ وارا، سڄڻ ته ائين پيا محبت ۽ درد ورهائين ۽ ونڊين ۽ چون ته اچ ۽ اچي پنهنجو اهڙو حصو حاصل ڪر!

14

رَهِي اَچِجِي راتَڙِي، تَنِ واڍوڙِين وَٽاءَ

جَنِ کي سُور سَرِير ۾، گهَٽ مَنجهارا گهاءَ

لِڪائي لوڪاءَ، پاڻِهِين ٻَڌَنِ پَٽِيُون. [167]

سمجهاڻي:  (گهٽ ۾ گهٽ) هڪ رات ئي سهي اهڙن محبتن ۾ ماريلن ۽ وڍيلن سان گڏ گهاري اچجي جن کي اندر ۾ دلبر جو درد ۽ پيڙا آهي ۽ جن کي اندر ۾ ڳجها ڦٽ ۽ وڍ پيل آهن. اهي سچا عاشق پاڻ کي عام کان لڪائي پنهنجيون پٽيون پاڻ ويٺا ٻڌن (ڪنهن کي علاج لاءِ دانهن ڪوڪ نه نٿا ڪن).

15

سِرَ جُدا، ڌَڙَ ڌارَ، دوڳَ جَنِي جا دِيڳِ ۾

سي مَرُ ڪَنِ پَچارَ، هَڪيا جَنِ جي هَٿَ ۾. [168]

سمجهاڻي:  اهڙا عاشق جيڪي محبت ۾ وڍيل آهن، ايتري قدر جو سندن سر باقي جسم کان جدا پيا آهن ۽ گوشت جا وڏا وڏا ٽڪر ديڳين جي حوالي ٿي چڪا آهن، سي ڀلي جيئن وڻين محبت جي هر هر ڳالهه ڪن (کين اها ڳالهه ٺهي ٿي) ڇو ته هنن پنهنجا سر تريءَ تي رکي (سڄڻ جي آڏو) حاضر ڪيا آهن.

16

ديڳيين دوڳَ ڪَڙَهنِ، جِتِ ڪَڻِهِيءَ ڪَڻِڪو نه لَهي

تِتِي   طَبِيبَنِ،   چاڪَ   چِڪَندا   ڇَڏِئا. [169]

سمجهاڻي:  عاشقن جي جسم جا ٽڪرا باهه تي رکيل ديڳين ۾ پيا گرم ٿين ۽ ڪڻاهيءَ ۾ (باهه جي تَوَ ۽ گرميءَ سبب) ٽڙڪاٽ ۽ آواز پيا ڪن. اهڙيءَ حالت ۾ (ظاهري) طبيبن کين لاعلاج سمجهي ڇڏي ڏنو.

17

اَڄُ پُڻِ دانهو داَنہَ، واڍوڙَڪِيءَ مَنَهِين

ويڄَ  وَرائي  ٻانہَ،  چوري  چاڪَ  نِهارِئا. [170]

سمجهاڻي:  اڄ به عاشقن جي درد ۽ فراق ۾ اها حالت آهي، جو سندن ماڳ تي دانهن مٿي دانهون پيون ٻڌجن. طبيب اچي سندن عضون کي چڪاسيو ۽ ڏٺو (ته سندن ڪو علاج ممڪن آهي؟)

[ظاهري علامتن ذريعي مرض جانچڻ جو ذڪر مثنويءَ ۾ هن ريت ملي ٿو:

اين طبيبان نو آموزند خود،

که بدين آيا تشان حاجت بود.

(دفتر چهارم،  ب -1799)

معنيٰ: اهي طبيب اڃان سيکڙاٽ آهن جيڪي مرض جون علامتون ڳولين ٿا يعني انهن جا محتاج آهن.]

18

اَڄُ پُڻ ڪَنجهو ڪَنجههَ، واڍوڙَڪِيءَ مَنَهِين

جو پُڻِ پِييَنِ سَنجههَ، ته هوءِ پِنيُون هوءِ پَٽِيُون. [171]

سمجهاڻي:  عشق ۾ وڍيلن جي ماڳ تي درد ۽ سور جي شدت سببان ڪنجهڻ ۽ ڪرڪڻ جو آواز پيو ٻڌجي. جيئن سج لهي ٿو تيئن وري هو محبوب کي پيا ياد ڪن، ڇو ته اهو ئي سندن درد جو درمان ۽ سندن دلين جي سڪون جو سبب آهي.

19

ويچارا واڍوڙَ، سَدا شاڪِرَ سُورَ تي

تاڻِنِ مَٿي توڙَ، اوري ڪَنِ نه آسَرو. [172]

سمجهاڻي:   (اهي عاشق) محبت جا گهايل سور ۽ درد ۾ به سدائين سُکي ۽ شانت پيا نظر اچن، (هنن کي ڪا شڪايت ناهي). هو پنهنجي مقصد (محبوب) کي ماڻڻ خاطر سڀ ڪجهه پيا سهن، پر ان کان گهٽ ٻي ڪنهن شيءِ تي راضي ٿيڻ وارا ناهن.

20

سَدا آهي سُورَ جي واڍوڙِنِ وائِي

جيڪا اَٿَنِ مَنَ ۾ سلَنِ نه سائِي

اوڙَڪِ اُهائِي، ڳولِئو ڏِسن ڳالهَڙِي. [173]

سمجهاڻي:  اهي گهايل ۽ وڍيل (عاشق) هر وقت سور ۽ سختين ۾ گذارين ٿا ۽ سندن چپن تي اهائي ڳالهه آهي، پر (ان جي باوجود) سندن دل ۾ جيڪا اصلي مراد آهي سا ڪنهن کي به نٿا ٻڌائين. ڇا به ٿئي (ڪيڏا به سور سهن) پر آخرڪار هو پنهنجو مقصد ماڻين ٿا.

21

سَگهَنِ سُڌِ نه سُورَ جِي، ته گهايَلِ ڪيئن گهارِينِ

پِئَلَ پاسو پَٽَ تان، وَڍِيلَ نه وارِينِ

پَرِ ۾ پَچِي پرينءَ کي، هَئي هَنجهُون هارِينِ

سَڄَڻُ جي سارِينِ، سي نه رُونِ نه چُونِ ڪِين. [174]

سمجهاڻي:  جيڪي چڱا ڀلا آهن، تن کي ڪا خبر ڪانهي ته ويچارا وڍيل ۽ گهايل (عاشق) ڪهڙين تڪليفن ۾ پيا وقت گذارين ۽ لاچار اهي ڦٽيل (زخمن ۾ چور چور) پنهنجي بدن جو پاسو به بدلائي نٿا سگهن. بس هو اندر ئي اندر ۾ پنهنجي سڄڻ کي ياد ڪري ڳوڙها پيا ڳاڙين. اهي عاشق، جيڪي (سچيءَ دل سان) پنهنجي پرينءَ کي پيا ياد ڪن، سي وري نڪو اکين مان لڙڪ هارين ۽ نڪو ڪنهن سان اها ڳالهه ڪن.

22

سَگهنِ سُڌِ نه سُورَ جِي، ٿا رُڻِڪَنِ رَنجُورِي

پِئا آهن پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي

لَڳِينِ لَئُون لَطيف چئي، سَدا جي سُورِي

پِرِتِ جَنِ پُورِي،  تنِ  رويو  وِهامي  راتَڙِي. [175]

سمجهاڻي:  جيڪي صحتمند آهن تن کي سور ۽ درد جي ڪهڙي خبر، جيڪي محبت جا

ماريل آهن، سي ئي ٿا سور واريون دانهون ڪن. اهي ئي ويچارا پٽ تي ڪريا پيا آهن ۽ هر ڳالهه کان بيخبر آهن. عبداللطيف چوي ٿو ته اهي محبت جا ماريل آهن جيڪي سدائين سورن ۾ پيا گذارين. بيشڪ جيڪي محبت ۾ هر طرح سان پورا بيٺا آهن، تن جون راتين جون راتيون روئيندي گذري وڃن ٿيون).

23

سَدا آهي سُورَ جِي، رَنجورِنِ رُڻِڪَ

ڪَنہِ جَنہِ ڏُکَ ڏَسائِيا، لَٿين ڪِينَ جهُڻَڪَ

اِنَ ڀَلارِيءَ ڀُڻِڪَ، هيڪَرَ حُضُورِي ڪِئَا. [176]

سمجهاڻي:  محبوب جي جدائي ۾ غمزده عاشق هر وقت روئڻهارڪا آهن. هو ايڏي ته وڏي ڏک ۽ غم ۾ آهن جو ٿوريءَ دير لاءِ به سندن اهو سنهو روئڻ بند نٿو ٿئي. هائو پر انهيءَ روئڻ واري حالت ئي کين دوست جي حاضريءَ ۾ پهچائي ڇڏيو.

24

آيَلِ! آن نَه وِسَهان، هَنجُهون جي هارِين

آڻِئُو آبُ اَکِينِ ۾، ڏيههَ کي ڏيکارينِ

سَڄَڻُ جي سارِينِ، سي نه رُونِ نَه چُونِ ڪِين. [177]

سمجهاڻي:  اي امڙ، مون کي هنن جي روئڻ تي ڪو اعتبار نٿو اچي جيڪي رڳو ڳوڙها پيون ڳاڙين. اهي فقط (مٿئين دل سان) اکين ۾ پاڻي آڻي ٻين کي پيون ڏيکارين (باقي هنن کي دل ۾ درد ڪونهي) درحقيقت جيڪي عاشق سڄڻ کي ياد ڪن ٿا، اهي ظاهري طور ڪونه ٿا روئن ۽ نه ڪنهن سان اهڙي ڳالهه ڪن ٿا.

25

اَگهي اگهائِي، رَنجُ پِريان کي رَسئِو

چَکِيمِ چَڱائِي، سورانگهي سُورِيءَ تان. [178]

سمجهاڻي:  منهنجي بيماريءَ کي مان مليو (صاب پيئي) جو منهنجي اهڙي حال جي خبر سڄڻ تائين پهچي ويئي. مون کي اها چڱائي (نيڪبختي) تڏهن نصيب ٿي جڏهن ڏکن سورن ۽ دک درد مان لنگهي پار پيس. (انهن جي مقابلي ۾ همت نه هاري ويٺس).

26

هُو جي مَنجها هيجَ، وَهَمَ پِريان جي وَڍِئا

ٻُڪي ڏيئي تن کي، ڪوهُ ڪَرِيندا ويڄَ

نَڪا پِڇَ نه پيڄَ، پَسَڻ ڌاران پِرينءَ جي. [179]

سمجهاڻي:  جيڪي عاشق انتهائي سڪ وچان محبوب جي خيال ۾ وڍجي ويا، تن کي ان حالت ۾ (ظاهري) طبيب دوائون ۽ ڦڪيون ڏيئي ڇا ڪندا (هو هنن ڦڪين سان ٺيڪ ڪو نه ٿيندا). اهڙن عاشقن لاءِ ٻي ڪا سُتي ڦڪي آهي ئي ڪا نه، سواءِ دلبر دوست جي ديدار ۽ ملاقات جي (هاڻي اهو ئي سندن علاج آهي).

27

وڍي جَنِ وَڍِياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِئا

پِرِتِ ٻَڌائون پَٽِيُون، رُوحُ ڪَئِائُون راسِ

هِنيَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ ته گهايَلُ نه ٿِيين. [180]

سمجهاڻي:  مون کي جيڪو محبوب هر وقت وڍيندو رهيو سوئي وري منهنجو طبيب به ثابت ٿيو. پاڻ ئي محبت سان منهنجي ملم پٽي ڪري منهنجي روح کي آرام ڏنائين. اي منهنجي دلڙي، تون اهڙي سڄڻ سان هر وقت گڏ گذار (هن کان ڪڏهن پري نه ٿيءُ) ته ڪڏهن به وري پاڻ گهائجي نه وڃين.

28

ويڄَنِ ويٺي ئِي، دوستُ پيهي دَرِ آئيو

صِحَتَ جِي سَرِيرَ ۾ ڪَلَ ڪَڙِيين پيئِي

پِيڙَ پَري ويئِي، اَچَڻَ ساڻُ عجِيبَ جي. [181]

سمجهاڻي:  طبيبن جي هوندي ئي منهنجو سڄڻ سائين پاڻ منهنجي (خبر لهڻ واسطي) گهر اچي نڪتو. هن جي اچڻ سان منهنجو تن بدن ٺيڪ ٿيڻ لڳو ۽ ٻڌل ڦٽ مڙي ڀرجڻ ۽ ٺيڪ ٿيڻ لڳا. دلبر دوست جي اچڻ سان درد ۽ سُور سڀ غائب ٿي ويا.

29

ڪارائِيان قَرِيبُ، وَنِينِ– ئُون ويجهو گهَڻو

دارُون سَڀَ دَردَ کي، طَبعَ جو طَبِيبُ

ايهي حالِ حَبِيبُ، ساهان اوڏو سُپِرِين. [182]

سمجهاڻي:  منهنجو محبوب منهنجي اکين جي ڪاراڻ کان به وڌيڪ ويجهو آهي، بلڪ اکين جي اندر ماڻڪين کان به گهڻو ويجهو ٿو ڀانئيان. هو منهنجي سڀني دردن جي دوا ۽ منهنجي طبيعت (بيماري) کي سڃاڻيندڙ حاذق حڪيم آهي. اهو ئي سبب آهي جو اهو سهڻو سڄڻ مون کي هر دم ساهه کان وڌيڪ ويجهو آهي.

وائي

وِرِسِئا ويڄَ ويچارا، ڀُليا ويڄَ ويچارا

دل ۾  دردُ  پِرِين  جو

منَ ۾ مَرض پِرِين جو

اُٿيو ويڄا، مَ وِهو، وَڃو ڊَرڀَ کَڻي

اُٿيو ويڄا مَ وِهَو، کَڻو ڊَرڀَ تَمارا

ٻُڪِي ڏيندا ٻاجهَه جي، آيا سُورَ ڌَڻِي

ٻُڪِي  ڏيندا  ٻاجهَه  جي،  آيا  جِيءَ  جِيارا. [183]

سمجهاڻي:  اهي طبيب ويچارا (منهنجي بيماري سڃاڻي نه سگهيا ۽) پريشان ۽ پشيمان ٿي پيا. (هنن کي ڪهڙي خبر ته) اهو مرض منهنجي اندر ۾ آهي يا مون کي اهو مرض محبوب کان مليل آهي. (انهيءَ ڪري) اي طبيبو، توهان اجايو وڌيڪ نه ويهو ۽ ڀلي پنهنجون دوائون يا سُتيون ڦڪيون کڻي هليا وڃو. توهان اٿو ۽ پاڻ سان آندل دوائون کڻي ورانا ٿيو. (توهان جو ويهڻ ڪنهن فائدي وارو نه آهي).

منهنجا پرين، جن سور ڏنو آهي، سي اچي ويا آهن، اهي ئي پيار جي سُتي پياريندا. منهنجي جيءَ کي جياريندڙ جاني، پاڻ ئي ڪا مهرباني ۽ عنايت ڪندا.

[ظاهري طبيبن ۽ الاهي طبيبن جي سڃاڻپ ڪرائيندي رومي هينئن چوي ٿو:

چون طبيبان را نگهداريد دل،

خود به بينيد و شويد از خود خجل.

(دفتر سوم، ب- 2730)

معنيٰ: جڏهن تو پنهنجي دل (دنياوي) طبيبن جي نگهداشت ۾ ڏني، پاڻ ڏسجانءِ ته تون ڪيئن ٿو پشيمان ٿئين؟

ٻئي هنڌ چوي ٿو

اين طبيبان بدن دانشورند،

برسقام توز تو واقف ترند.

پس طبيبان الاهي در جهان،

چون ندانند از توبي گفت دهان.

(دفتر چهارم، ب- 1794 ۽ 97)

معنيٰ: بيشڪ اهي دنياوي طبيب سياڻا ۽ ڏاها آهن جيڪي تنهنجي مرضن بابت توکان وڌيڪ واقف آهن. ليڪن جهان ۾ الاهي طبيب پڻ آهن جيڪي توکان پڇڻ کان سواءِ تنهنجي مرض بابت ڄاڻن ٿا.]

 

داستان ٻئو

 

1

جان جان ناهِ ضَرورُ، تان تان طَبِيبُ ناهِ ڪو

جُہ سو سَرِئو سُورُ، ته ڪَرَ ويڄُ وَرِ پِئو. [184]

سمجهاڻي:  جيستائين طبيب جي ضرورت ناهي تيستائين طبيب به ڪنهن فائدي وارو ناهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن سور يا درد پيدا ٿئي ٿو ته طبيب به تڏهن ياد پوي ٿو.

2

سُورُ جَنِي کي سَرِئو، سَرِي تَنِ صِحَتَ

مِٺِي   مُصِيبَتَ،   آهي  عاشِقَنِ   کي. [185]

سمجهاڻي:  جيستائين طبيب جي ضرورت ناهي تيستائين طبيب به ڪنهن فائدي وارو ناهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن سور يا درد پيدا ٿئي ٿو ته طبيب به تڏهن ياد پوي ٿو.

3

اُٿياري اُٿِي وِئا، مَنجهان مُون آزارَ

حَبيبَ ئي هَڻِي وِئا، پِيڙا جي پَچارَ

طبِيبَنِ توارَ، هَڏ نه وَڻي هاڻِ مون. [186]

سمجهاڻي:   (منهنجو پرين) منهنجي اندر ئي اندر ۾ درد ۽ سور جاڳائي پاڻ هليو ويو. اهو پرين پاڻ ئي مون کي اهو ايذاءُ ۽ آزار ڏئي ويو (جيڪو مون کان جدا ئي ڪونه ٿو ٿئي). انهيءَ حالت ۾ (منهنجي دل کي) ويڄن ۽ طبيبن جي ڪا ڳالهه نٿي وڻي.

4

اَورِ ڏُکَندو اُو ٿِيي هادي جَنہِ حَبِيبُ

تِرُ تَفَاوَتُ نه ڪَري تَنہِ کي ڪو طَبِيبُ

رَهَنُمَا رَقِيبُ، ساٿَرِ آهي سُپِرِين. [187]

سمجهاڻي:  اهڙو عاشق وڌيڪ تڪليفن ۾ پئجي وڃي ٿو جنهن جو اڳواڻ ۽ واٽ ڏيکاريندڙ پاڻ پيارو پرين آهي. هن جي سور جي تڪليف لاهڻ ۾ دنياوي طبيب ڪنهن ڪم جو ناهي، بلڪ انهيءَ حالت ۾ ڏس ڏيندڙ توڻي سنڀال ڪندڙ تان جو مرض جي ستي ڦڪي پڻ اهو سڄڻ پاڻ آهي.

[مثنويءَ ۾ اهڙي طبيب بابت هينئن چوي ٿو:

دفع اين کوري به دست خلق نيست،

ليک اکرام طبيبان از هديست.

(دفتر سوم ب 2730)

معنيٰ: هن انڌائپ واري بيماريءَ جو علاج مخلوق جي هٿ ۾ ناهي، البت طبيبن جي عزت ڪرڻ واري هدايت تي عمل ضروري آهي.]

5

ساٿَرِ صِحَتَ سُپِرِين، آهي نه آزارُ

مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِيي، ڪاٽِيندي قَهارُ

خَنجَرُ تَنہ خُوبُ هَڻِي، جَنہِ سين ٿئي يارُ

ساجَن مُون ستارُ، سوجهي رَڳون ساهَ جون. [188]

سمجهاڻي:  اهو سپرين خود علاج ۽ دوا به آهي ته شفا پڻ آهي. هن کي مصيبت هرگز نه سمجهه. هو محبت جي مجلس ۾ جيترو مٺو مهربان آهي، اوترو ئي وڍڻ ۾ سخت ۽ بي رحم آهي. هو جنهن سان دوستي رکي ٿو تنهن کي خنجر ۽ ڀالا هڻي (تڪليفون ۽ دُک ڏئي) آزمائي ٿو. منهنجو اهو سڄڻ سائين اهڙو آهي جو (ڪهڻ کان بعد) ساهه جي رڳن مٿان پوري نظر رکي ٿو (تون هن تي پورو ڀروسو ڪر)

[مثنويءَ ۾ هن باري ۾ هينئن چوي ٿو:

گرنخواهي نُکس پيش اين طبيب

بر زمين زن زر و سر را اي لبيب

(دفتر سوم، ب- 2727)

معنيٰ: جيڪڏهن تون گهرين ٿو ته اها بيماري وري واپس نه اچي ته پوءِ اي عقلمند جلدي ڪر ۽ پنهنجو مال متاع ۽ مٿو زمين تي رک (پوري تابعداري ڪر.)

6

رڳُون ٿِيون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَهِين

لُڇَنِ ڪُڇَنِ نه ٻِئو، جانِبَ ري جَوابُ:

سوئِي سَنڌِيندُم سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنہ ڪَبابُ

سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي. [189]

سمجهاڻي:  منهنجي جسم جون سڀ رڳون رباب جي ساز وانگر تارون ٿي پيون آهن جيڪي هر وقت (سور ۾) پيون وڄن. اهي سورن ۾ پيون لرزن ۽ لچڪن (تڙڦن) پر محبوب کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان سور سلڻ لاءِ تيار ناهن. (مون کي اميد آهي ته) اهو ئي سڄڻ، جنهن مون کي وڍي ڪباب جهڙا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي، سوئي وري ملائي سڄو سالم ڪندو. منهنجي لاءِ اهو ئي محبوب ايذاءَ جو سبب به آهي ته ساڳئي وقت روح جي راحت به آهي.

7

اَنڌا اُونڌا ويڄَ، کَلَ ڪُڄاڙِئا کانئِيينِ

اسان ڏُکندو ڏِيلَ ۾، تُون پِيارِيين پيڄَ

سُورِي  جَنِي  سيڄَ،  مَرڻُ  تَنِ  مُشاهِدو. [190]

سمجهاڻي:  اي ڪم عقل ۽ سمجهه جا کُٽل طبيب، تون منهنجي ٻاهرئين کل کي اجايو پيو سيڪ ڏين ۽ ساڙين. (توکي خبر ئي ناهي ته) سڄي تڪليف اسان جي اندر ۾ آهي ۽ تون خوامخواهه پاڻيءَ ۾ سُتيون ملائي پيو پيارين. بيشڪ جن عاشقن لاءِ سوري (جهڙي تڪليف) سيج وانگر آهي، تن لاءِ موت مشاهدي يعني دلبر جي ديدار برابر آهي.

[رومي پڻ چوي ٿو ته اهو عشق جو نشو آهي، جيڪو سوريءَ کي سرور ۾ بدلائي ٿو، بلڪه ان کي محبوب بنائي ڇڏي ٿو:

ساحران هم سُکر موسيٰ داشتند،

دار را دلدار مي پنداشتند.

(دفتر چهارم، ب-2100)

معنيٰ: حضرت موسيٰ جي مقابلي تي آيل جادوگرن کي جڏهن اهو ساڳيو نشو نصيب ٿيو ته هو پڻ ڦاسي (موت) کي دلدار (دل کي وڻندڙ) سمجهڻ لڳا.]

8

تَنَ طَبِيبُ نه تُون، سُڌ نه لَهِين سُورَ جِي

ڍَڪِ پنهنجا ڊَرڀَڙا، کَڏَ کَڻِي ۾ ڀُون

ڪانَه  گهُرجي  مون،  حَياتِي  هوتَنِ  ري. [191]

سمجهاڻي:  اي (ظاهري) طبيب، تو کي منهنجي اصل بيماريءَ جي خبر ئي ڪانهي تنهنڪري تون منهنجي سور جو ڪهڙو علاج ڪري سگهندين؟ تو جيڪي دوائون يا ستيون ڦڪيون آنديون آهن، اهي کڏ کڻي مٽيءَ ۾ پوري ڇڏ. مون کي اهڙي (صحت واري) حياتي ڪانه ٿي کپي جيڪا سڄڻن کان سواءِ گذري وڃي.

9

هارِئا ويڄَ! مُياسِ، سُڌِ نه لَهِين سُورَ جِي

پِرِيان کي چُوندِياس، تَه تَرسُ طَبِيبَنِ ڇَڏِئو. [192]

سمجهاڻي:  اي بي سمجهه طبيب، آءٌ بيماريءَ سبب مرڻ جهڙي ٿي ويئي آهيان، پر توکي اڃان تائين منهنجي تڪليف ۽ درد جي خبر ئي ڪانه پئجي سگهي آهي (اصل سبب معلوم ڪري نه سگهيو آهين). آءٌ پرينءَ سان ملي اهو ئي چونديس ته هاڻي طبيبن (مرض جو علاج ڪندڙن) مريضن تي ترس (رحم) ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.

10

ڪُٺِيَسِ ڪُويڄنِ، تَنَ طَبِيبَ نه گَڏِئا

ڏيئِي  ڏَنڀَ  ڏَڏَنِ،  پاڻان  ڏِيلُ  ڏُکوئِيو. [193]

سمجهاڻي:  مون کي ڪم عقل طبيبن ويتر وڌيڪ بيمار ڪري ڇڏيو، مون کي آخر تائين صحيح طبيب مليا ئي ڪونه! (صحيح علاج نصيب نه ٿيو) انهن نادانن الٽو (ڦٽ ڇٽائڻ لاءِ) ڏنڀ مٿان ڏنڀ ڏيئي، منهنجي جان کي وڌيڪ سورن ۽ تڪليفن ۾ وجهي ڇڏيو.

11

ڪوماڻا ڪَڙيُون ڪَري، چاڪَ اُڀَرئامِ

واري ويڄَ ڏِنامِ، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُهَان. [194]

سمجهاڻي:  منهنجا ڦٽ ڀرجي ڇٽڻ لڳا هئا ۽ زخم مندمل ٿيا هئا، ليڪن بي سمجهه طبيب انهن ئي ڇٽندڙ ڦٽن تي وري ڏنڀ ڏئي (ڦٽ وڌيڪ آلا ڪري) ڇڏيا.

12

طَنبُو طبِيبَنِ، آڻي اڱڻِ کوڙِئا

دارُون هِنَ دَردَ کي، ڦَڪِيُون فَرقُ نه ڪَنِ

وِرِچِئو ويڄَ وَڃنِ، سُڌِ نه پيينِ سُورَ جِي. [195]

سمجهاڻي:  جيتوڻيڪ وڏا وڏا طبيب ۽ حڪيم اچي منهنجي اڱڻ تي پهچي ويا (پنهنجن طنبن طولانن سميت اچي ويا)، پر (ڇا ڪجي جو) سندن تيار ڪيل دوائون توڻي ڦڪيون منهنجي سور ۽ درد تي ذرو به فرق آڻي نه سگهيون. اهو حال ڏسي اهي طبيب لاچار ٿي (ڦڪا ۽ پريشان ٿي) واپس هليا ويا جو آخر تائين کين منهنجي علاج جي ڪا خبر ئي ڪانه پيئي.

13

ايرِيندَڙا نه اي، جي مون کي ڏِنا سَڄَڻِين

هارِئا تَنِي تي، ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَرڀَڙا. [196]

سمجهاڻي:  مون کي جيڪي زخم يا ڦٽ پنهنجي پياري پرين ڏنا آهن، سي ضرور ڀرجي ۽ ڇٽي ويندا. اي ڪم عقل طبيب، تون انهن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجون دوائون ائين ضايع نه ڪر!

14

ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَرڀَڙا، ڪَندا ڪونه فَرقُ

مُون کِي ٿِئا مَرَڪَ، مُون پِريان جا ڌَڪَڙا. [197]

سمجهاڻي:  اي طبيب، تون پنهنجون اهي دوائون اجايو ضايع نه ڪر، جو انهن سان ڪو افاقو ٿيڻ وارو ڪونهي. (توکي ڪهڙي خبر ته) مون کي منهنجي محبوب جا اهي هنيل ڌڪ يا ڏنل زخم ڪيترا وڻندڙ ۽ دل گُهريا آهن.

15

ويڄَ وِڄائُون ڇَڏِ، توکي سُڌ نه سُورَ جي

آندِيَئي جي اگهَنِ لَئي، سي گورِيُون گورِينِ گَڏِ

سوئِي صاحِبُ سَڏِ، جو پَرکَا لَهي پِيڙَ جِي. [198]

سمجهاڻي:  اي طبيب، تون پنهنجي اها طبابت واري ڄاڻ ترڪ ڪر، توکي اسان جي سور جي سبب جي خبر ئي ڪانه ٿي پوي (ته اهو ڇا جي ڪري آهي). اهي جيڪي تون پنهنجي هٿن سان (ملي ۽ مهٽي) گوريون ٺاهي کڻي آيو آهين، اهي وري ٻين پراڻين گورين سان ملائي بند ڪري وڃي رک (بلڪ جيڪڏهن توکان ٿي سگهي ته) اهو سڄڻ آڻي ڏي، جيڪو منهنجي هن آزار کي صحيح سمجهي سگهي ٿو.

16

ڌارِين دُنيا ڪارَڻِ ڊَرٻِيُون، تَنَ جو تُون نه طَبِيبُ

ايندو اَڄُ عَجِيبُ، شادِي ڏِيندو صِحَتَ جِي. [199]

سمجهاڻي:  اي طبيب، تون پنهنجي فائدي واسطي دوائون درمل کڻي ٿو هلين، توکي اسان جهڙن جي اندر جي بيماريءَ جو ڪو پتو ڪونه ٿو پوي. (توکي خبر آهي؟) اڄ منهنجو سڄڻ سائين اچڻ وارو آهي ۽ هن جو اچڻ ئي مون لاءِ خوشي ۽ چڱڀلائيءَ جو سنيهو آهي.

17

ويڄَنِ سِين وائِيءَ پِئا، ڪِرِي نه ڪِئائُون

جي پَندِ پارِئائُون، ته سِگهائِي سَگها ٿِئا. [200]

سمجهاڻي:  انهن بيمارن طبيبن سان اجايو تڪرار (سوال جواب) ڪرڻ شروع ڪيو، بلڪ پاڻ هنن جي چوڻ موجب پرهيز نه ڪيائون. جيڪڏهن هو شروع کان ئي حڪيمن طبيبن جي نصيحت تي عمل ڪن ها ته جيڪر جلد ئي تندرست توانا ٿي پون ها.

18

ويڄَنِ سِين وائِيءَ پِئا، ڪِرِي ڪَنِ نه پاڻِ

اَگها اِنَّ اُهڃاڻِ، پَسو سُور سِجهائِيا. [201]

سمجهاڻي:  هنن هڪ ته طبيبن سان ابتا سبتا سوال ڪيا ۽ ٻيو پاڻ رک نه رکيائون. (ڪِري نه ڪيائون) اهي افعال ئي سندن آڏو آيا جو هاڻي ڏسو ته سورن ۽ تڪليفن ۾ بيحال ٿي هيٺ پٽ تي ڪريا پيا آهن (ايترو حال نه اٿن جو اٿي سڌا ٿي ويهي سگهن).

19

تَڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو

چِڪئا چاڪَ چِيهُون ڪَري، ڪَڙيُون مُورِ نه ڪَنِ

دوسَ دَرسَن تُنهِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ

وِرِچِئو  ويڄَ  وَڃنِ،  آءُ  پِرِين  ته  اُبَهَان. [202]

سمجهاڻي:  طبيبن لاچار ٿي بيمارن کي لاعلاج سمجهي پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيو. هوڏانهن هنن جا زخم ۽ ڦٽ وڌيڪ گهرا ٿي ناسور بڻجي پيا ۽ ڇٽڻ جو نالو نه پيا وٺن. اهڙيءَ حالت ۾، اي دوست دلبر، وري به تنهنجي هڪ ئي ديدار زخمن ۽ ڦٽن کي ٿڌو ڪري وڌو (آرام اچي ويو). اي منهنجا سڄڻ، طبيب ته جلد ئي تنگ ٿي مون جهڙي (لاعلاج) مريض کي ڇڏي هليا ويا، (اهي ڀلي وڃن) تون پاڻ اچ ته آءٌ تنهنجي اچڻ سان چاق چڱو ڀلو ٿيان.

20

آهي گهڻو اَگهَنِ جو تَرِسُ طَبِيبَنِ

ڪِئو وَسُ ويڄَنِ، تان ڪِريءَ ري ڪِينَ ٿِئي. [203]

سمجهاڻي:  طبيبن کي پنهنجن بيمارن جي گهڻي ڳڻتي ۽ اونو آهي، ويچارن حڪيمن گهڻائي حيلا هلايا ۽ پوري ڪوشش ڪئي، پر پرهيز کان سواءِ ڪوبه فائدو ڪونه ٿو ٿئي. (ڪا شفا ڪانه ٿي نصيب ٿئي)

21

اَگها ئِي سَگها ٿِئا، جي ويٺا وَٽِ ويڄَنِ

ته تَرسِي طَبِيبَنِ، چيٺي هُوندَ  چَڱَا  ڪِئا. [204]

سمجهاڻي:  اهي بيمار جلدئي صحتياب ٿي ويا جيڪي رڳو طبيبن وٽ علاج خاطر (صبر ڪري) وڃي ويٺا. اهڙن بيمارن کي ئي طبيبن چڱي طرح تپاسي دوا درمل پياري چڱو ڀلو (شفاياب) ڪري ڇڏيو.

22

پاڙي ويڄَ هُئامِ، تان مُون مُورِ نه پُڇِئا

تيلاهِين  پِئامِ،  موريسَر  اَکِينِ  ۾. [205]

سمجهاڻي:  منهنجي گهر جي ڀرسان ئي حاذق حڪيم موجود هئا پر مون (غفلت وچان) ڪڏهن به وڃي ساڻن حال نه اوريو (پنهنجي بيماريءَ بابت نه ٻڌايو). انهيءَ (سستيءَ ۽ اڻڄاڻائيءَ) جي ڪري هاڻي منهنجي اکين ۾ ڦُلا پئجي ويا، (منهنجي ڏسڻ واري نظر هلي ويئي)

23

هارِئا تو هِرِي، ڪُپَچُ ڪايا سِين ڪِئو

ڪَيَئِي جي ڪِرِي، ته تُون تَوانو ٿِيين. [206]

سمجهاڻي:  اي ڪم عقل، تو هر شيءِ کائڻ تي پاڻ کي هيرائي ڇڏيو (پوري پرهيز ۽ رک نه ڪئي)، جنهن ڪري تو پنهنجي بدن کي مهلڪ مرضن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن تو پاڻ پرهيز ڪرڻ سکين ها ته جيڪر جلد ئي تندرست ۽ توانو ٿي پوين ها.

[مثنويءَ ۾ پرهيز بابت هينئن چيو ويو آهي:

احتماها بردو اها سر ورست،

زانکه خاريدن فزوني گرست.

احتما اصل دوا آمد يقين،

احتما کن قوت حانت ببين.

(دفتر اول، ب- 2910)

معنيٰ: پرهيز دوائن کان معتبر آهي، جيئن خارش ۾ کنهڻ کان پرهيز دوا کان بهتر آهي. پرهيز ئي اصل ۾ دوا درمل آهي. پرهيز ڪر ۽ پوءِ پنهنجي اصلي طاقت کي آزمائي ڏس.]

24

ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي، مَرُ چَڱيائِي مَ ٿِيان

سَڄَڻُ  مانَ  اَچي،  ڪَرَ-لاهُو  ٿِي  ڪڏِهِين. [207]

سمجهاڻي:  اي طبيب، تون مون کي ڪابه دوا نه ڏي، ته جيئن آءٌ چڱي ڀلي ۽ تندرست نه ٿيان (آءٌ بيمار ڀلي آهيان). من منهنجو محبوب (بيماريءَ جو ٻڌي) ڪڏهن منهنجي خبر لهڻ لاءِ پاڻ اچي نڪري!

25

هُئين ويڄَنِ وَٽِ، تُون ڪِئن جِيءُ جَڏو ٿِيين

سِرُ  ڏيئِي  ۾  سَٽِ،  ڪوهُ نَه ڪِيَئِي ڊَرڀَڙا. [208]

سمجهاڻي:  اي دلڙي، تون ته طبيبن جي صحبت ۾ هئين، پوءِ تو ڪيئن پاڻ کي بيمار ۽ لاچار ڪري ڇڏيو! تون (کين راضي ڪرڻ خاطر) پنهنجو سر (وڏي ۾ وڏي قرباني) ڏيئي به علاج جي دوا وٺين ها. (تنهنجي لاءِ اهو ئي بهتر هو)

26

ويهَڻُ ويڄَنِ وَٽِ، سِکين ته سَگهو ٿِيين

اَڳِين عادَتَ مَٽِ، ته  اَگها!  عاجُزُ  نه  ٿِيين. [209]

سمجهاڻي:  اي بيمار، جيڪڏهن تون طبيبن وٽ (صبر ۽ آرام سان) ويهڻ سکين ها ته جيڪر جلد ئي نوبنو (صحتمند) ٿي پوين ها. هاڻي به اها پراڻي (بي صبري ۽ بي شڪري واري) عادت ڇڏ ته محتاج ۽ بيوس ٿيڻ کان بچي پوين!

27

تَرِسُ طَبِيبَنَ جو، جَڏَنِ ڪِئو نه جاتِ

جو ويڄَنِ جي واتِ، دارُونئان تَنہِ دُورِ ٿِئا. [210]

سمجهاڻي:  طبيبن هنن جو گهڻو ئي خيال رکيو پر هنن بيمارن بيپرواهه بنجي طبيبن جي هر ڳالهه کي نظرانداز ڪيو. انهيءَ ڪري اهڙا بيمار طبيبن جي هٿ ۽ زبان ۾ جيڪا شفا هئي تنهن کان محروم رهجي ويا.

28

جانڪي ڪِئا ويڄَ مُون دارُون ۽ ڪارُون

ٻُڪِيُون ڏيندي ٻاجَهه جُون نِهاري نارُون

جَنِ سيڻَ لَهَنِ سارُون، تَنِ تان ڏُکَندو ڏُورِ ٿِيي. [211]

سمجهاڻي:  هن طبيب منهنجا گهڻا ئي علاج ۽ حيلا ڪيا ۽ مون کي گهڻو ئي سمجهايو. هو وڏي پيار سان دوائون ڏيندو رهيو ۽ هر هر منهنجي نبض چڪاسيندو رهيو. پر (صحيح معنيٰ ۾) اهي ئي شفاياب ٿين ٿا جن جي سڄڻ پاڻ خبرچار لهن ٿا.

29

سيئي سُورَ طَبِيبَ، جَنِي سُورَنِ سَڃَ ڪِي

جو لِکئو هُتِ لَطِيفُ چئي، سوئي ڪَنِ قَرِيبَ

جي نَوازِئا نَصِيبَ، داروُنءَ سي دُرستَ ڪِئا. [212]

سمجهاڻي:  منهنجا درد دور ڪندڙ معالج ۽ طبيب اهي ئي آهن، جن اهي سور پاڻ ڏنا آهن. عبداللطيف چوي ٿو ته اهي سڄڻ اهو علاج ڪن ٿا جيڪو منهنجي تقدير ۾ لکيل آهي. جن جي قسمت ڀلي آهي، علاج مان شفاياب به اهي ئي ٿين ٿا.

30

اَگهَنِ مِڙي اَڄُ، ڪِئو سَڏُ صِحَتَ کي

ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِهِرَ مُنَہُ ڏيکارِئو. [213]

سمجهاڻي:  اڄ سڀني دردمندن ۽ بيمارن گڏ ٿي (ڌڻيءَ در ٻاڏايو) صحت لاءِ پڪاريو. اي دک ۽ درد، تون ڀڄي پاسو ڪر جو مالڪ پاڻ مهربان ٿيو آهي!

[مثنويءَ ۾ اها دعا هن انداز ۾ ملي ٿي:

کاي محب عفو ازما عفو کن،

اي طبيب رنج ناسور کهن.

(دفتر اول، ب- 2253)

معنيٰ: اي مالڪ مهربان، معافيءَ کي پسند ڪندڙ اسان کي معاف ڪر. تون ئي پراڻي ناسور ۽ بيماريءَ جو معالج ۽ مرهم آهين.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org