سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:30 

سُر معذور

 

داستان پهريون

1

هَلندي هوتَ پُنهونءَ ڏي، کُهجَنِ ڪي کوٽِيُون

پَهَڻُ تَنِي پَٽُ ٿِيي جي لالَڻَ لَئي لوٺِيُون

سَڀي سُهيليُون سِڪ کي چُنجُون ۽ چوٽِيُون

ٻانڀَڻَ ٿِيءُ ٻوٽيُون، ته ڪُتا کِينِ ئِي ڪيچَ جا. [1341]

سمجهاڻي: پنهونءَ ڏانهن پنڌ ڪندي جيڪي نيت جون کوٽيون آهن (محبت ۾ ناقص آهن)، اُهي ئي ٿڪجي پونديون، پر جيڪي محبوب جي فراق ۾ سڙيل (پوريءَ ريت پڪل) آهن، تن لاءِ پهاڙ به سنئون سڌو ميدان ٿيو پوي. جبلن جون چوٽيون توڻي پٿرن جون تکيون چهنبون، سي سڀ سڪ وارين لاءِ سوليون آهن. اي ٻانڀڻ (سسئي) تون محبوب لاءِ قربان (فنا) ٿي وڃ ته ڀلي ڪيچ جا ڪتا تنهنجون ٻوٽيون کائي ڍئو ڪن (پرينءَ وٽ پهچڻ کان اڳ جسماني خواهشن جي قرباني ڪر).

[ڪتو وفاداريءَ جي علامت آهي ۽ پنهنجو گوشت ڪتن کي ڏيڻ وفاداريءَ جي انتها آهي.

مثنويءَ ۾ رومي چوي ٿو:

مرسگان را  چون  وفا  آمد شعار،

رو سگان را ننگ و بدنامي ميار.

(دفتر سوم، ب-321)

معنيٰ: وفاداري ڪتن جو شيوو ۽ عادت آهي. تون ٽري وڃ ۽ ڪتن کي بدنام نه ڪر.]

2

ڪُتا کِينِ ئِي ڪيچَ جا، سَندا جي پُنُونہَ

اَڳَهِين هُوندَ اَسُونہَ، جي جانارَنِ يادُ پُئين. [1342]

سمجهاڻي:  (اي سسئي، تون ڀاڳ واري چئبينءَ) جيڪڏهن تون ڪيچ وڃي (پهچين) ۽ توکي پنهونءَ جا ڪتا کائي پورو ڪن، پر جيئن ته تون اڳي ئي واٽ وڃائي ويٺي آهين، تنهنڪري جهنگ جا جانور ڪيئن تنهنجي منهن چڙهندا (تون انهن لائق به نه آهين؟)

3

تَنِ پِيئِي جانارَنِ يادِ، جي پاريَلَ پُنهونءَ ڄامَ جا

سَندِي لالَڻَ لاڌِ، مُيان پوءِ مُنڌ ٿِي. [1343]

سمجهاڻي: سسئي کي پنهونءَ جي پاليل جانورن به ياد ڪيو. سسئيءَ جي مرڻ (فنا ٿيڻ) کان پوءِ ئي سندس محبوب لڌو (مليو). (مئي کان پوءِ پنهونءَ ته ٺهيو پر پنهونءَ جي ڪتن به کيس ياد ڪيو ۽ سنڀاليو).

4

سَسُئِي پُڇَنِ سي، جي پاريَلَ پُنهونءَ ڄامَ جا

وَڍيو ويٺِي ڏي، ڪايا ڪيچَ ڪُتَنِ کي. [1344]

سمجهاڻي: هوت پنهونءَ جا پالتو جانور به سسئيءَ کي ياد پيا ڪن (هوءَ انهن سان ايترو مانوس ٿي چڪي هئي). هوءَ به پنهنجي جسم جا عضوا ڪٽي ويٺي کين کائڻ لاءِ ڏي (پاڻ کي هنن مٿان قربان پيئي ڪري).

5

ڏَکا ڏُونگَرَ جا مِرُو، مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ

پُوندا ڪِينَ پَريٽَ تي، جِنہ جا سَڌَرَ سيڻَ سُڄَنِ

سَڳائِيءَ جي سَيدُ چَئي، آهي سُڌِ سَڀنِ

هُوءِ نه هُوندَ ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪِئو. [1345]

سمجهاڻي: جهنگ جا مرون (۽ ٻيا جانور) ڀلي پيا مون تي اُلرون ڪن، پر اهي مون ڌوٻياڻيءَ تي حملو ڪري کائي ڪين سگهندا ڇو ته منهنجا عزيز قريب وڏيءَ سگهه وارا آهن. عبداللطيف چوي ٿو ته منهنجي انهيءَ خاص رشتي جي سڀني کي خبر آهي (ته منهنجو تعلق هوت پنهونءَ سان آهي جيڪو ڪيچ ڌڻي آهي). اهي جانور هوند سسئيءَ کي جيئرو نه ڇڏين ها، پر قريبن سان انهيءَ (وڏي ۽ ويجهي) مائٽيءَ جي ڪري ٽري ٿي ويا.

[مثنويءَ رومي ۾ اهو خيال هن ريت ملي ٿو ته عاشق جو گوشت جهنگل جا جانور به نه کائيندا، ڇو ته اهي به عشق کان واقف آهن.

لحم عاشق را نيارد خورد دد،
عشق معروفست پيش نيک و بد.

(دفتر پنجم، ب-2724)

معنيٰ: عاشق جو گوشت جهنگ جا جانور به نٿا کائن جو هر چڱي مٺي کي عشق ۽ عشق وارن جي خبر آهي.]

6

سَڌرَ سِين سَڱُ ڪَري پَرَکَنڊين پييَاسِ

ڪيرَ بِرَهَمڻِ، ڪَنِ جِي، ڪيرُ ڄاڻي ڪيڻاسِ

هُوندَ نه سِنڌَ سُيَاسِ، پَرَ پُريين ڪييسِ پَڌَرِي. [1346]

سمجهاڻي: ڏاڍي طاقتور (ذات) سان مائٽي ڪري ڏورانهن ڏيهن تائين وڃي اها خبر پهتي. ورنه ٻانڀڻ جي ڪهڙي ذات، هوءَ ڪير ٿيندي آهي ۽ کيس ڪير سڃاڻي ها. هونئن ته سنڌ ملڪ ۾ به کيس ڪوئي نه سڃاڻي ها، پر هاڻي سندس اصل ذات (پهرين ٻانڀڻ پوءِ ڌوٻياڻي) جي به سڀني کي خبر پئجي ويئي. (آءٌ انهيءَ ڪري پڌري ٿيس جو منهنجيون پيڙهيون نڪتيون ته برهمڻ آهي، ڌوٻياڻي آهي. انهيءَ ڪري مون کي گهٽ ذات ڄاڻي ڏير ڇڏي ويا، هو ڇڏي ويا، تڏهن آءٌ مشهور ٿيس. ن- ب)

7

مُون تان ڪِينَ چَيونِ، ڪُڄاڙِئان ڪيچِ وِئا

پُري پَٻَ نه جهَلِئا، هاڙهي ڪِين اُتونِ

سَٻَرُ ساٿُ سَندونِ، وِئا لَتاڙي لَڪِيُون. [1347]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) مون هنن سان ڪو اجايو ڳالهاءُ نه ڳالهايو، پر پوءِ به الائجي ڇو هو ڪيچي (ڪاوڙجي) هليا ويا. هنن کي پٻ جبل به پنهنجيءَ جاءِ تان چري ڪونه روڪيو ۽ هاڙهي جبل به کين ڪجهه نه چيو. هنن جو قافلو ۽ ساٿي ايڏا زورآور هئا، جو هو سڀ لڪ ۽ لڪيون لنگهي هليا ويا.

8

جِهَڙا ڪَڪَرَ اَڀَ ۾، تِهَڙِي ڏُونگَرَ ڏيٺِ

آئُون تَهِين هيٺِ، پيرُ نِهارِيان پِرينءَ جو. [1348]

سمجهاڻي: جبل آسمان ۾ ڪڪرن جيڏا اوچا هئا (جبل ته نه هئا، ڄڻ آسمان ۾ ڪڪر!)، جيڪي ڄڻ آسمان سان ٿي لڳا. آءٌ انهن جي ڇانوَ ۾ پنهنجي پنهونءَ جو پير پيئي نهاريان.

9

اَنگهُنِ چاڙهي اَنگَ، وِئو ٻاروچو نِڪَري

روئِي ڏنو رَنگُ، ويچارِيءَ وَڻَنِ کي. [1349]

سمجهاڻي: اهو پنهونءَ ئي هو، جيڪو سسئيءَ کي تِکين ۽ گهائيندڙ چهنبن (نيزن ڀالن) جي حوالي ڪري پاڻ نڪري هليو ويو. هن ويچاريءَ (جدائي ۽ فراق ۾) رت جا ڳوڙها ڳاڙي واٽ جي سڀني وڻن کي رنگي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو.

10

اَڳهِنِ اَنگُ سَندونِ، وَهِي جيڏاهِين وِئو

ڪِهَڙو ڏوهُ ڏِبونِ، سو مُنہُ آيو ساٿِيين. [1350]

سمجهاڻي:  (سسئي ڏيرن لاءِ ٿي چوي) هنن جي باري ۾ قضا جي قلم اصل کان  ائين لکي ڇڏيو هو، جنهن سان هنن کي منهن ڏيڻو پيو. (هنن تڏهن ائين ڪيو، جو مون کي ڇڏي ويا)، انهيءَ ڪري هنن کي ڪهڙو ڏوهه ڏبو يا انهن تي ميار جو ڪهڙو حرف رکبو.

 

وائي

خُوبِي مَنجههِ خِفَتَ، اي دوست دِقَتَ

آهي عَبدُاللطيفَ کي

مَدَحَ مُون کان نه ٿِئي، سَندي سُورَ صِفَتَ

هِجي ڪَريان هيجَ سِين، مُطالعُ مَحَبَتَ

حُزُنُ هوتَ پُنهونءَ جو رُڳيائِي راحَتَ

پِريان  جي  پِستانَ  جو  فاقوئِي  فَرحَتَ. [1351]

سمجهاڻي: اي دوست (عاجزيءَ ۾ ئي چڱائي آهي) عبداللطيف لاءِ خفت (انڪساري) ۽ دقت (درد) ۾ راحت (سڪون) آهي. مون کان سورن ۽ دردن جي ساراهه ۽ تعريف نٿي ٿي سگهي. منهنجي دل گهري ٿي ته آءٌ محبت جي (لکيل) ورق کي هينئين سان ويهي هنڊايان ۽ اکر اکر ڪري اُچاريان. هوت پنهونءَ جو درد ۽ دک مون لاءِ سراسر سک آهي. محبوب جي انتهائي قرب (سيني سان لڳڻ يا ڀاڪر ۾ اچڻ) کان وڌيڪ ان جي فراق ۽ جدائي ۾ راحت ۽ مزو آهي.

[مثنوي روميءَ ۾ درد جي گهڻي ۾ گهڻي تعريف ملي ٿي. هو چوي ٿو ته اهو درد ئي آهي، جنهن ڪري انسان پنهنجي اصلي همدرد يعني مالڪ کي ياد ڪري ٿو. ان ڪري درد ئي الله جي دوستن جو انعام آهي، ڇو ته درد ئي دوست جي يادگيريءَ جو سبب بڻجي ٿو. ان ڪري درد دنيا جي سموري دولت کان بهتر آهي.

درد آمد بهتر از ملک جهان،

تا بخواني مر خدا را در نهان.

        (دفتر سوم، ب-203)

معنيٰ: درد دنيا جي مال دولت کان ان ڪري وڌيڪ چڱو آهي، ته جيئن تون خدا کي اڪيلائي ۾ زياده ياد ڪرين.

هن وائيءَ جي آخري سٽ لاءِ مثنوي روميءَ جو هي بيت ڏسو:

گربه بندد راه يک پستان برو،

برکشايد راه صد بستان او.

زانک پستان شد حجاب آن ضعيف،

از هزاران نعمت و خوان و رغيف.

(دفتر سوم، ب- 47)

معنيٰ: جڏهن اهو مالڪ ان ٻار لاءِ ٿڻن وارو کير پيئڻ جو رستو بند ڪري ٿو، ته وري هن لاءِ ٻيا سوين باغن (نعمتن) جا رستا کولي ڇڏي ٿو، ڇو ته ان ڪمزور ٻار لاءِ هاڻي اهو ٿڻن جو کير هڪ قسم جو پردو آهي، جيڪو کيس ٻين هزارين نعمتن ۽ لذتن کان محروم ڪرڻ وارو آهي.]

 

داستان ٻئو

1

ڏُکيءَ ڏَمَرُ نانہِ، بُکِيءَ کِلَ نه اُڄَهي

اُگهاڙِيءَ وِهانہُ، وِئو ويچاريءَ وِسَري. [1352]

سمجهاڻي: جيڪا ڏکويل ۽ غمگين آهي، اها غصو ۽ ڪاوڙ ڪيئن ڪندي؟ ساڳيءَ ريت جيڪا مفلس ۽ بُکن ۾ پاههُ آهي، اها ڪيئن کلي خوش ٿيندي؟ ائين جيڪا بنا ڪپڙن يعني ويس وڳن کان سواءِ آهي، ان ويچاريءَ کان وهانءَ جي ڪهڙي تياري ٿيندي (اها هن کان وسريل آهي).

2

ڏُکيءَ ڏورَڻُ پاڻَ تي ويچاريءَ وِڌو

ڏيل تنہِ جو ڏُکَ سِين سَڀوئِي سِڌو

هُئَڙَسِ اَڳُ لِڌو، پوءِ ٿِي ڪَري پَنڌَڙا. [1353]

سمجهاڻي: سسئي ويچاريءَ جبل جو پنڌ جهاڳڻ پاڻ تي لازم ڪري ورتو. هن جو سڄو جسم، سڀ حواس ۽ سوچ ويچار ڏکن ڏولائن سهڻ لاءِ پوريءَ ريت تيار ٿي بيٺا (سندس ساٿ ڏنائون). اهو سڀ ڪجهه سندس قسمت ۾ اڳ لکيل هو، تنهن ڪري هن کي پوءِ اهي پنڌ ڪرڻا پيا.

3

ڏُکي ٿِي ڏَڌورَ، لَهَسِي لاءِ پُنهونَ جي

ڏيئِي آڳِ اَتورَ، سَڀ نه کاڻِي سَسُئي. [1354]

سمجهاڻي: سسئي ڏکن ۽ سورن ۾ پنهونءَ لاءِ باهه ۾ (ڪچي پڪي سڙيل ڪاٺيءَ وانگر) جلندي رهي ۽ لهسجي ۽ لوساٽجي ويئي. جيتوڻيڪ هوءَ ٻرندڙ باهه ۾ وڃي پيئي، پر (سورن ۽ ايذائن سهندي) سڄي نه سڙي سگهي (هوءَ اهڙي حالت ۾ جيئندي رهي).

[مثنويءَ ۾ اهڙي ڪيفيت جو ذڪر هن ريت ملي ٿو:

سو ختم من سوخته خواهد کسي،

تاز من آتش زند اندر خسي.

سوخته چون قابل آتشي بود،

سوخته بستان که آتش کش بود.

(دفتر اول، ب- 1721 ۽ 22)

معنيٰ: مان سڙيل آهيان ۽ جيڪو سڙڻ گهري ته مون کان باهه جي اماڙي وٺي سڙي ڏيکاري. ياد رک هر سڙيل باهه نه لڳائي سگهندو آهي. اهڙي سڙيل جو پاسو وٺ جنهن سان توکي اها (عشق جي) باهه لڳي سگهي.]

4

ڏُکِيءَ ڏِينهاڻِي، مُٺِيءَ مَٿي هَٿَڙا

تِنہ پَرِ نه کاڻِي، جِنہِ پَرِ پَسي پِرينءَ کي. [1355]

سمجهاڻي: سسئي هر روز ڏکن ۾ ڏڌل آهي ۽ پنهنجو مُنهن مٿو ٻنهي هٿن ۾ جهلي ڏک ۽ سور پيئي سهي، (هوءَ ڪيتري به پيڙا مان گذري) پر تڏهن به ايترو ڪانه سڙي (پچي راس ڪانه ٿي) جو دلبر جو ديدار ڪري سگهي!

5

ڏُکِي! ڏِکَ وِسارِ، سيڄَ ڦِٽِي ڪَر سَسُئِي

پَٽِيين پيرُ نِهارِ، ته آرياڻِي اُتان لَهِين. [1356]

سمجهاڻي: اي ڏکويل (سسئي) تون شاديءَ وارا هار سينگار ۽ ارمان دل مان ڪڍي ڇڏ ۽ (گهوٽ سان گڏجي) مٿي سيج تي (ڪنوار بنجي) ويهڻ وارو خيال ترڪ ڪر. برپٽ بيابان ۽ ويرانيءَ ۾ پنهونءَ جو پيرو کڻ ته پرين توکي اتي ئي ملي ويندو.

6

ڏُکي! ڏُکَ مَٿي ڪَري، وانءُ ڇَپَر پيهِي

گَڏبَئِي ڏيهِي، سُوڌِيُون ڏِيندءِ خَبَروُن. [1357]

سمجهاڻي: اي ڏکي (ڏکن ۽ سورن جي ستايل) ڏک قبول ڪري (اکين تي رکي) انهن سان گڏ جبلن ۾ گهڙي پئو. تڏهن توکي اتي پنهونءَ جي ديس جا ماڻهو گڏبا ۽ اهي ئي توکي سچيون ۽ صحيح خبرون ڏيندا.

7

ڏُکِيءَ سَنديُون ڏُونگرين پسو پِٽُون پُونِ

ڏاري جو ڏُونگَر کي سو ڪِين چَيو چُونِ

آرِيءَ جي اَفسوسَ ۾ ماڙُهو مِرُو رُونِ

اِنَ پَرِ سيئِي هُونِ، هِنئَڙا جَنِ هَڄِي وِئا. [1358]

سمجهاڻي: ڏسو ته سورن جي ستايل (سسئي) جون پٽون ۽ پاراتا جبل تي به وڃي پيا. اهي دانهون جبل کي به چيري ويون. آري ڄام جي جدائيءَ ۾ سڀ ماڻهو توڙي جهنگ جا جانور پيا روئن ۽ ماتم ڪن. اهڙي حالت انهن جي هوندي آهي، جن جون دليون ڏک ۽ غم ۾ چور ٿين ٿيون.

[رومي دشت ۾ مجنون جي حالت بيان ڪندي چوي ٿو ته جهنگ جا جانور سندس همدرد ۽ غمخوار بنجي ويا هئا.

شيرو گرگ و دد  از و واقف شده،

همچو خويشان گرد او گرد  آمده.

             (دفتر پنجم، ب- 2721)

معنيٰ: شينهن، بگهڙ ۽ ٻيا ڦاڙيندڙ جانور هن جا واقف ٿي ويا ۽ پنهنجن دوستن وانگر سندس چوڌاري مڙي اچي همدردي ڪرڻ لڳا.]

8

ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگرين آڌيءَ آهُون پُون

مُئي پُڄاڻا مُنڌَ کي روڏَ رِڃُنِ ۾ رُونِ

ڀُوڻا اِيهِين چُونِ، ته مُئِي اسان کي مارِيو. [1359]

سمجهاڻي: سورن جي ستايل سسئيءَ  جون  جبل  ۾  اڌ  رات  جو  دانهون  ڪوڪون پيون پون. سسئيءَ  جي مرڻ کان پوءِ دشت جا وڏا ڪارا ڪانوَ به ڪان ڪان ڪري هن جي ياد ۾ روڄ راڙو پيا ڪن. سڀ (جيت جڻيا) ائين پيا چون ته اسان کي سسئيءَ جي دکدائڪ موت ماري ڇڏيو.

9

ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين اوڇَنگارُون اَچَنِ

هَڻِي سانگِ سَسُئِيءَ کي ڪلو ڪِئو ڪيچِينِ

جي هَٿان هوتَ مَرَنِ، هوتُ تَنِي جي هَنجَهه ۾. [1360]

سمجهاڻي: ڏکن ۽ غمن جي ماريل سسئيءَ لاءِ جبلن پڻ (همدرديءَ وچان) روڄ راڙي جا وڏا آلاپ ٿي ڪيا. ڪيچين سسئي ويچاريءَ کي جهڙوڪ ويڙهه ۾ ڳجهو ڀالو هڻي پورو ڪري ڇڏيو، پر جيڪي ائين محبوب جي هٿان مرن ٿيون (پنهنجي جان قربان ڪن ٿيون) ته پوءِ محبوب به انهن کي ئي ملي ٿو.

10

ڏُکِيءَ سَنديُون ڏُونگَرين وَڻَ ٽِڻَ وايُون ڪَنِ

وَٽان ويئِي جَنِ، وَڍِيءَ سي واڍوڙئا. [1361]

سمجهاڻي: پهاڙن ۽ ٽڪرن جا وڻ ٽڻ ۽ جهنگ جهر سڀئي سورن جي ستايل سسئيءَ کي همدرديءَ وچان هاءِ هاءِ ڪري ياد پيا ڪن. هوءَ وڍيل (ڦٽيل) (سسئي) جتان به مٽي يا لنگهي ويئي، ته اهي سڀ سندس اها حالت ڏسي سورن ۾ وڍجي ۽ گهائجي پيا.

11

وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا، رَتُ نه ڏِٺو جَنِ

مَوتُ قَبُولِيُو تَنِ، ڏِٺو جَنِ ڏُکيءَ کي. [1362]

سمجهاڻي: هن وڍيل (سسئي) انهن کي به وڍي (ڪهي) وڌو، جن ڪڏهن رت جو رنگ به نه ڏٺو هو (جيئن جبل ۽ وڻ ٽڻ وغيره جن ۾ رت نه هوندو آهي). بلڪه جن به هن ستايل عورت کي ٿي ڏٺو، تن پاڻ ڏک ۽ سور وچان مرڻ قبول ٿي ڪيو.

[مثنوي روميءَ ۾ پڻ جبلن جي خون يا رتورت ٿيڻ جو ذڪر هن ريت ملي ٿو.

خون شود کوهها  و باز آن بفسرد،

تو نه بيني  چون  شدن  کوري  ورد.

(دفتر سوم، ب- 92)

معنيٰ: پهاڙ ڪڏهن رت بڻجي هلن ٿا ته ڪڏهن وري ڄمي برف به ٿي به پون ٿا، پر تون انهن جو خون ٿيڻ ڪونه ٿو ڏسين، جو تون انڌو ۽ صفا چٽ آهين.]

12

ڪِنہِ جِنہِ ڏُکان ڏي، پاراڀا کي پانڌِيين

سُورَ ڀَرِيائِين سي، ڳالهه ڪِئائِين جَنِ سِين. [1363]

سمجهاڻي: سسئيءَ اهڙي وڏي ڏک ۽ ارمان مان واٽهڙن کي نياپا ۽ پيغام پئي ڏنا، جو جن سان به ڳالهه ٿي ڪيائين ته اهي پڻ سورن سان ڀرجي ٿي ويا (سسئيءَ جا سور ٻڌي ۽ ڏسي هو پڻ سراپا سور بنجي ٿي ويا).

13

ڪو جو وَڍِيءَ وَڍُ، وَڻَ وَڍِيائِين وَڍَ سِين

ڏُکَ ڏُکيءَ کي ڏَڍُ، جَنِ ڏِٺِي سي ڏُکئا ٿِئا. [1364]

سمجهاڻي: هن عشق جي وڍيل (سسئيءَ) کي اهڙو (عشق جو چهڪ) گهاءُ لڳل هو، جو وڻ ٽڻ پڻ کيس ڏسي گهائجي ۽ زخمي ٿي پئي ويا. سسئيءَ لاءِ ڏک ته پاڻ سهارو ۽ آسرو بنجي پيا هئا، پر جن ٻين کيس انهيءَ حالت ۾ ڏٺو ٿي سي ڏکن  سان ڀرجي ٿي ويا (انهن کي پڻ سور وٺي ٿي ويا).

14

وَڍِيلِ ٿِي وايُون ڪَري، ڪُٺَل ڪُوڪاري

هُنِ پَنَ پَنهنجا سارِئا، هيءَ هَنجهوُن هوتَنِ لَئي هاري. [1365]

سمجهاڻي:  (نڙ يا بانسري) ڪپيل ٽاري لاتيون پيئي ڪري ۽ هيءَ (سسئي قرب ۽ فراق ۾) ڪٺل دانهن مٿان دانهون پيئي ڪري. (درحقيقت) هن نڙ واري ٽاريءَ پنهنجا (اصلي) پن ياد ڪيا آهن ۽ هيءَ (سسئي) وري هوتن (محبوبن) کي ياد ڪري ڳوڙها پيئي ڳاڙي (لڙڪ پيئي لاڙي).

[هن بيت جي خاص اهميت اها آهي جو شاهه جي رسالي جو پهريون مڪمل نسخو جنهن کي ’گنج‘ چيو ويو ۽ جيڪو 1207 هجريءَ ۾ يعني شاهه لطيف جي وفات کان 45 سال پوءِ لکيو ويو ۽ جيڪو سر سسئيءَ سان شروع ٿئي ٿو، هيءُ ان جو پهريون بيت آهي، يعني شاهه جي ڪلام جي ابتدا هن بيت سان ڪئي ويئي آهي.

هيءُ بيت دراصل مولانا روميءَ جي جڳ مشهور ’مثنوي معنوي‘ جي شروعات واري پهرئين بيت سان تمام گهڻي مناسب رکي ٿو، جيڪو هن ريت آهي:

بشنو از ني چون حکايت مي کند،

از    جدائيها   شکايت   مي  کند.

معنيٰ: نڙ يعني بانسريءَ کي ٻڌ جو پنهنجو قصو ٿي بيان ڪري، هوءَ پنهنجي جدائي يا فراق جي دانهن ٿي ٻڌائي.

هتي هيءَ ڳالهه قابل توجهه آهي ته شاهه جي هن ٻن سٽن واري بيت ۾ هڪ جي بجاءِ ٻه استعارا (Double Allegory) آهن. هو هڪ طرف نڙ کي پنهنجي اصل کان ڪپجي جدا ٿيڻ جي حالت ۾ سوز واري آواز ڪڍڻ جو سبب ڄاڻائي ٿو، ته وري ٻئي طرف سسئيءَ کي پنهنجي محبوب جي فراق ۾ دانهون ڪندي ۽ هنجهون هاريندي ڏيکاري ٿو.

سڀ وڏا شارح ان تي متفق آهن، ته نڙ مان مراد انساني روح آهي ۽ ان جو فراق ميثاق کان شمار ڪن ٿا ۽ هن ڌرتيءَ تي روح جي اچڻ جو مقصد پنهنجي اصل ڏانهن موٽڻ جي ڪوشش ۽ جستجو آهي.]

15

مُٺِي ٿِي مُدعَا گهُري، مَوتُ ٿِئو مَوجُودُ

اَچِين ته اَڄُ ڪَريان صَباح جو سُجُودُ

جيڪي ني وُجُودُ، جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ کي. [1366]

سمجهاڻي:  (فراق ۽ وڇوڙي جي) ستايل سسئي پنهنجي مقصد ۽ مطلب (محبوب) جي طلب ۾ آهي، هوڏانهن سندس موت به اچي مٿان بيٺو آهي. هوءَ محبوب جي طلب ۾ (ايڏو بيتاب آهي جو) صبح جو سجدو (قيامت جي گڏجاڻي) اڄ هينئر پيئي ڪرڻ چاهي. (چوي پيئي) يا ته منهنجي حياتي پوري ڪر يا مون کي سڄڻ سان ملاءِ.

16

فَردا مُنڌَ ڦِٽِي ڪِي، نَقَدُ کَنيو نارِ

هُوءَ جا واڳَ وِلِهِيءَ جي ويرَم ڏي مَ وارِ

جيڪي مُٺِيءَ مارِ، جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ کي. [1367]

سمجهاڻي: سسئي سڀاڻي (قيامت ۾ ملڻ) وارو وعدو ڦٽو ڪري، اڄ جو اڄ، هينئر جو هينئر وارو نقد سودو قبول ڪيو. هن مسڪين عورت جي واڳ جيڪا تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن کي دير سان هن طرف نه موڙ. (منهنجو عرض آهي) يا ته هن مئيءَ کي ماري ڇڏ يا هن مصيبت ۾ ڦاٿل کي پنهنجو وصال نصيب ڪر.

[شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هونئن به روميءَ جي فڪر جو پڙاڏو آهي، پر ڪيترن بيتن ۾ مثنويءَ مان سڌا سنوان الفاظ به کڻي اچي ٿو.

صوفي ابن  الوقت  باشد  اي رفيق،

نيست ’فردا‘ گفتن از شرط  طريق.

       (دفتر اول، ب- 133)

معنيٰ: سالڪ وقت سان گڏ هلي ٿو، اي ساٿي ’سڀاڻي‘ جي ڳالهه ڪرڻ هن جي طريقي ۾ ڪونهي.

ٻيو بيت هن طرح آهي:

تو مگر خود مرد صوفي نيستي،

’نقد‘ را  از  نسيه  خيز  نيستي.

       (دفتر اول، ب-134)

معنيٰ: پر شايد تون پاڻ صوفي سالڪ ناهين (تڏهن توکي خبر ناهي). اوڌر ڏيڻ سان نقد (روڪڙ) گم ٿي ويندي آهي.

رومي مثنويءَ ۾ ’نقد‘ جي سمجهاڻي هن طرح ڏني آهي، ته ان کي مڇيءَ لاءِ پاڻي (سڀ ڪجهه) سمجهو جيڪو هن لاءِ ماني به آهي ته پاڻي به آهي، پوشاڪ به آهي ته دوا به آهي. بلڪه ننڊ ۽ آرام به اهو آهي.

ماهيان را ’نقد‘ شد از عين آب،

نان و آب و  جامه  دارو  و  خواب.

(دفتر ششم، ب- 4047)

معنيٰ: مڇين لاءِ پاڻي ئي نقد (سڀ ڪجهه) آهي. هنن جو کاڌو پيتو، لٽو ڪپڙو، دوا درمل، سمهڻ ۽ جاڳڻ پاڻي ۾ آهي، بلڪه خود پاڻي آهي.]

17

جيڪي ميڙ مُٺيءَ کي، جيڪي مُٺيءَ مارِ

ڏُکِيءَ کي ڏيکارِ، هيڪَرِ هوتَ اکِينِ سِين. [1368]

سمجهاڻي:  (او مالڪ سائين) يا هن مصيبت جي ماريل کي محبوب سان ملاءِ يا

هن مصيبت ۾ ڦاٿل کي بنهه ماري ختم ڪر. (منهنجو عرض آهي ته) هڪ دفعو ئي سهي هن ڏکن ڏڌيءَ کي محبوب اکين سان ڏيکار.

[مثنوي روميءَ مان هن مفهوم وارو هيءُ بيت ڏسو:

گويم  افگندم  به  پيشت  جان  خويش،

زنده  کن    يا سر   ببر   ما را   چو  ميش.

            (دفتر سوم، ب 3796)

معنيٰ: منهنجو عرض آهي ته مون پاڻ کي توهان جي آڏو پيش ڪيو آهي. هاڻي مون کي جيئرو رکين يا رڍ وانگر منهنجو سر ڪپين، سڀ تنهنجي هٿ وس آهي.]

18

پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، جهَلي تان نه رَهان

اَپَرِ عاجُزِ آهِيان لالَڻُ جان نه لَهان

فَردا مُون ڦِٽِي ڪي، وَعدي ڏي نه وَهان

صَباحَ سِينءَ نَه سَهان، خواه ميڙيين خواه ماريين. [1369]

سمجهاڻي: آءٌ محبوب کي ڏسڻ کان سواءِ ڪنهن جي به جهلڻ سان نٿي جهلجان. آءٌ پاڻ ڏاڍي لاچار ۽ بلڪل بيوس آهيان، جيستائين آءٌ پنهنجي محبوب کي ڳولي نٿي لهان. مون سڀاڻي جي ڳالهه ڇڏي ڏني آهي ۽ سڀاڻي جي وعدي تي ڀروسو نٿي ڪريان. مون کان ته صبح جو انتظار به نٿو ٿئي، اي منهنجا موليٰ! هاڻي تنهنجي وس آهي ته تون مون کي ملائين يا (ملڻ کان اڳ) مارين.

19

ڏِسَڻُ ڏِکان اَڳرو، سَسُئِي آڻِ مَ شَڪُ

ٿِيءُ ٻانهِي ڀَر اوئِيُون، لُڏُ مَ پَسِي لَڪُ

وَرُ پُنهونءَ ساڻُ پَلَڪُ، ٻنِ ٻارهَن ماهَ ٻِئَنِ سِين. [1370]

سمجهاڻي: اي سسئي! انهيءَ ڳالهه ۾ شڪ نه ڪجانءِ ته محبوب جو (دائمي) ديدار شاديءَ واري (عارضي) هار سينگار کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ ۽ اڳڀرو آهي. تون پاڻ کي سدائين ٻانهي ۽ گولي سمجهي پرينءَ جي در جو پاڻي ڀر (خدمت چاڪري ڪر) ۽ وڏن پهاڙن جا ڏکيا لڪ ڏسي ڊڄي نه وڃ. (سمجهي ڇڏ) پنهونءَ سان هڪ گهڙي گهارڻ ٻين سان ٻارهن مهينن يعني پورو هڪ سال گڏ گذارڻ کان وڌيڪ قيمتي آهي.

20

هَردَمُ هوتَ پُنهونءَ جو ڏِسَڻُ ڀانئِجِ ڏِکَ

وَرُ ٻاروچاڻِي لِکَ، کُوءِ ٻارَهَن ماهَ ٻِئنِ سِين. [1371]

سمجهاڻي: هوت پنهونءَ جو هر وقت ديدار وهانءُ ۽ شاديءَ جي هار سينگار برابر آهي. پنهونءَ سان هڪ گهڙيءَ جي گڏجاڻي ۽ رهاڻ وڌيڪ قيمتي آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ ٻين سان ٻارهن مهينن جي ملاقات کي باهه ڏيڻ گهرجي.

[رومي دوست جي ديدار بابت هن ريت چوي ٿو:

بنده دائم خلعت ادرار جو ست،

خلعت عاشق همه ديدار اوست.

   (دفتر پنجم، ب- 2730)

معنيٰ: هر غلام يا بندو صرف انعام ۽ نوازش گهرندو آهي، پر عاشق لاءِ سڀ ڪجهه دوست جو ديدار آهي.]

21

ٿورَــــــ ويرَمِي  ٿِيءُ،  وَڃڻُ  ويرَمَ  نه  سَهي

ڏيئِي مَرِجُ ڏُونگَرين جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ

هَڏِ نه هُوندو هِيءُ، ساهُ پِريان تان صَدَقو. [1372]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون ٿوري دير ۾ تيار ٿي هلڻ سک (پاڻ کي ڳؤرو يا معتبر نه سمجهه)، پرينءَ ڏانهن هلڻ ۾ گهڻي دير نٿي جڳائي. تون جتن ڪارڻ پنهنجي جان جبلن ۾ قربان ڪر. هونئن به هميشه لاءِ هيءُ ساهه هرگز نه هوندو، تنهن ڪري تون پنهنجو ساهه پرينءَ تان صدقو ڪري ڇڏ.

22

اَدِيُون وَرُ اُگهاڙَ، وِهانءُ جِنہ وِسارِئو

جيڏيُون ڇَڏي جاڙَ، سَڀِ نَنگِيُون ٿِي نِڪرو. [1373]

سمجهاڻي: اي سرتيون! هيءَ اوگهڙ وڌيڪ بهتر آهي، جنهن مون کي شاديءَ واري هار سينگار کان بيپرواهه ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪري (جيڪڏهن توهين منهنجو چوڻ مڃو ته) توهان اها ڏاڍائي ۽ وڏائيءَ واري روش (وڏ-ماڻهپائيءَ وارو غرور ۽ مستي) ترڪ ڪري، بي حجاب ٿي، پنهونءَ لاءِ نڪري هلڻ شروع ڪريو.

23

سَڀ نَنگيُون ٿِي نِڪَرو، پَرَهَڻَ ڇَڏي پوءِ

سا مَهندِ مِڙنِئان هوءِ، ڪَهي جا ڪِينَ کَڻي. [1374]

سمجهاڻي: اوهين سڀ بي حجاب بڻجي ۽ ويس وڳا ڇڏي (انهن کان بي پرواهه ٿيو)، بلڪه هر قسم جي آسائش کان بي نياز ٿي اڳتي وڌو. بيشڪ! اهائي سڀني کان اڳتي ۽ اڳڀري هوندي، جيڪا پاڻ سان ڪنهن قسم جو (ظاهري) بار ڪانه کڻندي.

[مولانا رومي مثنويءَ ۾ عاشقن کي عريان جي لقب سان ياد ڪيو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته هو بشري صفات کان خالي آهن.

عاشقان عريان همي خواهند تن،

پيش  عنينان  چه  جامه  چه  بدن.

            (دفتر پنجم، ب- 3٦33)

معنيٰ: عاشق ننگي بدن جي خواهش رکن ٿا، باقي نامردن لاءِ ڪهڙا ڪپڙا، ڪهڙي پوشاڪ!]

24

ڪَهي جا ڪِينَ کَڻي، پِرينءَ پَهُتِي سا

وِهي ويڙهِجي جا، وَصُلُ تِنہِ وِڃائِيو. [1375]

سمجهاڻي: اها ئي ڪشالا ڪندي جيڪا (محبوب سان ملڻ جي جوش جذبي سبب) پاڻ سان ڪجهه به نه (فنا جي حالت) کڻندي. پرينءَ وٽ به اها ئي هلي پهچندي. پر جيڪا ويس وڳا پهري ويهي رهندي (پاڻ کي ڀائيندي ته پرين وٽس هلي ايندو)، اها محبوب سان ملڻ کان هميشه محروم رهندي.

[رومي هن طرف هن ريت اشارو ڪري ٿو:

يا ز عريانان بيک سو باز رو،
يا چو ايشان فارغ از تن جامه شو،
ور نمي تاني که کل عريان شوي،
جامه کم کن تا ره اوسط شوي.

(دفتر دوم، ب-  3523-24)

معنيٰ: يا تون هنن اگهاڙن (دنيا کان قطع تعلق ڪرڻ وارن) کان بلڪل جدا ٿي وڃ، يا هنن وانگر ٿي وڃ. ڀلا جيڪڏهن بلڪل بي لباس ٿيڻ نٿو چاهين ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ پوشاڪ پائي وچ واري راهه وٺ.]

25

اوڏو آ اَڻِ ـــــ هُوندَ کي، هُوندِئان هوتُ پَري

ساجَنُ تَنِ سَري، ’لاءَ‘ سين لَڏِينِ جي. [1376]

سمجهاڻي: محبوب انهن کي ويجهو آهي، جن وٽ ڪجهه ناهي (جيڪي فنا ۽ نيستي ۾ آهن) ۽ جن وٽ ڪجهه (هستي) آهي، انهن کان ڏور آهي. محبوب انهن کي ئي ملندو، جيڪي ’لا‘ (نيستي) وارو سفر ڪن ٿا.

[روميءَ وٽ ’لا‘ جي اصطلاحي معني ’فنا‘ ۽ ’نيستي‘ آهي ۽ ’الا‘ مان مراد اثبات ۽ بقا آهي. هيٺين بيتن ۾ ان طرف اشارو آهي:

چون اناي بنده شد ’لا‘ از وجود،

پس چه ماند؟ تو بينديش اي جهود.

گر ترا چشميست، بگشا، درنگر،

بعد ’لا‘ آخر چه مي ماند دگر.

(دفتر ششم، ب- 2096-7)

معنيٰ: جڏهن ٻانهي جي ’انا‘ سندس وجود کان ’لا‘ يعني ختم ٿي ويئي، ته پوءِ اي منڪر، تون پاڻ سوچ ته باقي ڇا بچيو؟ جيڪڏهن توکي اکيون آهن ته چڱيءَ طرح ڏس ته وجود جي نفيءَ کان پوءِ آخر (حق کان سواءِ) ڇا ٿو رهجي وڃي؟]

26

هورِنِ هاڙهو لَنگهِيو، ٿِيءُ جَريدِي جوءِ

هُوندَ جَنِي کي هوءِ، هوتُ نه هُوندو تَنِ سِين. [1377]

سمجهاڻي:  (اي سسئي!) هاڙهي جبل جو پنڌ (راهه سلوڪ) انهن طئي ڪيو جيڪي هلڪي بار واريون هيون (جن پاڻ سان دنيا جو ثمر نه کنيو). تون پڻ اڪيلي ٿي (دنيا جا لاڳاپا لاهي) اهو سفر ائين طي ڪر. (ياد رک) جن پاڻ سان دنيا جو مال متاع کنيو (دنيا سان واسطا برقرار رکيا)، انهن کي اصلي محبوب ڪونه ملندو.

[صوفين وٽ تجريد هڪ مقام آهي ۽ هتي ’جريدي‘ ۾ ان طرف اشارو آهي. رومي پڻ ان تي زور ڏنو آهي، ته الله وٽ اهي ئي ٻانها مقبول آهن، جيڪي هر وقت عاجزي ۽ نماڻائيءَ کان ڪم وٺن ٿا.

جز خضوع و بندگي و اضطرار،

اندرين حضرت  ندارد  اعتبار.

 (دفتر سوم، ب- 1323)

معنيٰ: عاجزي، ٻانهپ ۽ لاچاريءَ کان سواءِ هن مالڪ جي درٻار ۾ ٻي ڪنهن ڳالهه کي قبوليت ڪانه ٿي ملي.]

27

هورِنِ هاڙهو لَنگهِيو، مُٺِي موسَٽُ ڇَڏِ

’لا‘ سِين اُٿِي لَڏِ، ’ڪِينَ‘ رَساڻي ڪيچِ کي. [1378]

سمجهاڻي:  (اي سسئي) هاڙهي جبل وارو پنڌ انهن طئي ڪيو، جن پاڻ سان ڪنهن قسم جو بار نه کنيو. اي مُٺل عورت! تون سستي ۽ بهانو ڇڏي، پاڻ سان ’نفي‘ (نيستيءَ) جو سامان کڻي هل. توکي اها ’ڪين‘ (نابودي) ئي ڪيچ وارن وٽ پهچائيندي.

[مثنويءَ ۾ رومي ٻئي هنڌ ’لا‘ ۽ ’الا‘، نفي ۽ اثبات جي حوالي سان وڌيڪ وضاحت ڪندي هينئن چيو آهي:

زانکه در الاست او، ازلا گذشت،

هر که در الاست، او فاني نگشت.

(دفتر اول، ب- 3054)

معنيٰ: جيڪو ’الا‘ يعني اثبات (ذات مطلق) جو اقرار ڪري ٿو، اهو لا يعني نفي کان گذري چڪو آهي. وري جيڪو ’الا‘ يعني اثبات ۾ آهي، اهو ڪڏهن فاني نٿو ٿئي.]

28

هورِنِ هاڙهو لَنگهِيو، ڳوريُون پاسي ڳوٺَ

ڪيچِ تَنِي کي ڪوٺَ، ’ڪِينَ‘ جَنِي جي ڪَڇَ ۾. [1379]

سمجهاڻي:  (اي سسئي!) اهي ئي هاڙهو جبل لنگهي ويون، جيڪي بنا ثمر جي هيون، پر جن پاڻ سان بار کنيو هيو، اهي ڪنهن ڳوٺ ۾ ئي رهجي ويون. ڪيچ مان انهن کي ئي دعوت يا سڏ ملي ٿو، جن جي جهوليءَ ۾ ڪجهه ناهي (جيڪي پاڻ کي ڪجهه نٿيون سمجهن)

[هتي مثنويءَ جو هي بيت ڏسو:

گرچه  آلت  نيست  تو مي  طلب،

نيست آلت حاجت اندر راه رب.

(دفتر سوم،ب 1445)

معنيٰ: ڀلي تو وٽ ڪجهه نه هجي، پر تون طلب ۾ رهه. رب جي راهه ۾ وسيلن جي حاجت ڪانهي.]

29

هورِن هاڙهو لَنگهِيو، ڳوريُون ٿِيون ڳَمَنِ

هاڃي تان نه هَڄَنِ، ڌاران سِڪَ سَيدَ چَئي. [1380]

سمجهاڻي: جن پاڻ سان ڪو بار نه کنيو، اهي هاڙهي جبل مان ڪاميابيءَ سان لنگهي ويون، پر جن پاڻ سان بار کنيو (پاڻ کي ڪجهه سمجهيو) اهي پنهنجي ڳوٺ جي ڀرپاسي ۾ ئي پيون رڙهن ۽ آهستي آهستي ٽلڪن (اهي پهچڻ واريون ناهن). عبداللطيف چوي ٿو ته انهن کي ئي وڏو نقصان ٿئي ٿو، جيڪي محبوب جي سڪ وڃائي ويهن ٿيون.

30

نَڪا هِتِ نه هُتِ ڪا، ڳورِيءَ سَندي ڳالِ

ڪانه پَهُتِي مالِ، حالِ پَهُتِي هوتَ کي. [1381]

سمجهاڻي: اي سسئي! هِتي توڻي هُتي جن پاڻ سان وڏو ثمر يا سامان کنيو، انهن جو نالو ڪونه ٿو ٻُڌجي (انهن کي ڪجهه حاصل نه ٿيو). (درحقيقت) مال متاع جي زور يا آسري تي ڪوبه دوست وٽ ڪونه ٿو پهچي، اتي ته حال (سالڪ جي خاص ڪيفيت) وارا ئي پهچن ٿا.

[مثنوي روميءَ ۾ هن مطلب وارو هيءُ بيت ڏسو:

منگر آنکه تو حقيري يا ضعيف،

بنگر اندر همت خود، اي شريف.

(دفتر سوم، ب 1438)

معنيٰ: اهو خيال نه ڪر ته تون ڪمزور ۽ حقير آهين، بلڪه تون پنهنجي همت ۽ ارادي کي ڏس، اي چڱا مڙس.]

وائي

هَلُ هوتَنِ ڪارَڻِ حالَ،

شالَ سَڳَرَ ٿِيندينءَ ساٿَ جي

ڪيچان آيو قافِلو، مَيَنِ مَٿي مالَ

اِينديَئِي بُوءِ بودانَ جِي، جهَلِجِ پَٻَ پَهالَ

ڀورِي پيئِينءَ مامَري، سُتي ڪِيَئي نه سَنڀالَ

تَڏَهن توهِين کان وِئا، ڪاهي ڪَرَها ڪالَ

جي ڀائِين جَتَنِ جي ويجِهي ٿِيان وِصالَ

پُرِي پَٻَ وَڻَنِ ۾ وِجهِجِ ڪا وَڙالَ

جِتي جَمازَنِ کي جَبَلَ ٿِيَنِ جَنجالَ

پُڇِي پِيادَنِ کي آرِياڻِيءَ اَحوالَ

پيرَ پَنهنجي پِرينءَ لَئي ڪوڏِ رَتائِين ڪالَ

چَڙهندي  سِرِ  چوٽِيين،  لَڪَنِ  ڪِيڙَسِ  لالَ. [1382]

سمجهاڻي:  (اي سسئي!) تون محبوب خاطر هاڻي جو هاڻي (بنا دير) هلڻ شروع ڪر. خدا ڪندو تون قافلي وارن سان واٽ تي وڃي ملندينءَ. ڪيچ مان جيڪو قافلو آيو هو، انهن جي اٺن تي ڪيترو ئي سامان ٻڌل هو. توکي انهن اٺن جي بوءِ پٻ جبل جي لڪن مان لنگهڻ وقت پاڻهي ايندي، تون اهو هنڌ جهلي بيهجانءِ. اي بيوقوف عورت! تون سمهي رهينءَ، خيال نه ڪيئي، تڏهن پاڻ کي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيئه ۽ هو ڪيچي تو وٽان ڪالهه هليا ويا ۽ پنهنجا اٺ ڪاهي ويا.

جيڪڏهن تون جتن وٽ پهچڻ گهرين ٿي ته پٻ جبل ۾ پهچي اتي وڻن ٽڻن ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاري چڱيءَ ريت ڳولها ڦولها ڪر. اهي اڙانگا جبل جيڪي اٺن جهڙن مضبوط جانورن لاءِ به مصيبت بڻجي ٿي پيا، اتي سسئي پنهنجي آرياڻي محبوب واسطي پنڌ ويندڙن کان پڇائون پيئي ڪري، بلڪه پهاڙن ۾ وڏي شوق ۽ سڪ سان هلندي پنهنجا ڪونئرا پير رتورت ڪري ڇڏيا ۽ جبلن جي اتانهين چوٽين تي چڙهندي لهندي، پاڻ به سڄي رت ۾ ڳاڙهي ٿي ويئي.

 

 

داستان ٽئو

1

هَلَندي هاڙهو مَڻِي، ڪَڙَڻُ ڪوهَ پِيامِ

اَرڏا آرِيءَ ڄام ري، گُوندَرَ گُذِرِيامِ

لَڪِيُون لَڪَ لَطِيفُ چَئي اورانگهَڻُ آيامِ

پُرَڻُ پُنهونءَ پُٺ ۾، اِيءَ سَعادَتَ سَندِيامِ

مَٿِسِ ڪَمَ وِڌامِ، وِهان تان نه وَسُ پِئو. [1383]

سمجهاڻي: هاڙهي جبل ۾ پنڌ ڪندي مون کي وڏيون منزلون ڪرڻيون پيون ۽ آري ڄام کان سواءِ مون گهڻا ئي غم برداشت ڪيا. عبداللطيف چوي ٿو ته رستي ۾ ڪيترا ننڍا وڏا ڏکيا لڪ لنگهڻا پيا، ليڪن پنهل جي خاطر اها جستجو پنهنجي لاءِ وڏي سعادت (نيڪ بختي) ٿي سمجهان. مون پنهنجا سڀ ڪم ۽ مرادون هن جي حوالي ڪري ڇڏيا، باقي ويهي رهڻ منهنجي وس ۾ ناهي (آءٌ هن لاءِ پيئي هلنديس).

2

هَلَندي هاڙهو مَڻي، ڏَڪَنِ مُنهنجا ڏوهَ

هوءِ اُونچَنِ سِرِ اُٺَنِ تي، هِيءَ پَنڌِ پَيادِي پوءَ

ليڙَن سِين لَطِيفُ چَئي، ڪِيئن ڪَرِيندِيَسِ ڪوهَ

اَڳيان رائو سُڄي روهُ، وِهان تان نه وَسُ پِئو. [1384]

سمجهاڻي: هاڙهي جبل جو پنڌ ڪندي ۽ اڳتي وڌندي مون کي سخت ڊپ ٿو لڳي. هو قافلي وارا ڪيچي ڳاٽ اوچو ڪري اٺن تي سوار ٿي ويا، پر آءٌ هنن جي پويان پنڌ ڪندي پيئي وڃان. عبداللطيف چوي ٿو، ته مان اٺن سان مقابلي ۾ اهو ايڏو وڏو فاصلو ڪيئن طي ڪنديس. اڳتي رڳو واري ۽ پهاڙ جو ڏکيو پنڌ آهي، پر بس ڪري ويهي رهڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي.

3

هَلَندي هاڙهو مَڻي سِسِي ڏِيندَيسِ ساهُ

لِڱنِ تان لَطِيفُ چَئي، پاري نِئُمِ پاهُ

ڪَندو ٻاجههَ اَللهُ، وِهان تان نه وَسُ پِئو. [1385]

سمجهاڻي: مان هاڙهي جبل ڏانهن هلندي پنهنجي سِسِي ۽ ساهه قربان ڪري ڇڏينديس. عبداللطيف چوي ٿو، ته سخت سيءَ منهنجي جسم کي سڪائي ساڙي خشڪ ڪري ڇڏيو. الله پنهنجي ٻاجهه ڪندو، مان پنهنجي وس هلندي ماٺ ڪري نه ويهنديس (جيستائين وس هوندو، پيئي هلنديس).

4

هَلَندي هاڙهو مَڻي، گُسان تان مَ گَسان

لَڪَنِ تان لَطِيفُ چَئي، رِڙِهي مانَ رَسان

پُنهون شالَ پَسان، وِهان تان نه وَسُ پِئو. [1386]

سمجهاڻي: شل هاڙهي جبل ۾ پنڌ ڪندي رستي تان ڀلجي نه وڃان. عبداللطيف چوي ٿو ته لڪن ۽ پيچرن تان رڙهي سڙهي ڪيئن به ڪري اتي وڃي پهچان ۽ شال پنهونءَ جو پنهنجي اکين سان ديدار ڪريان. باقي جيستائين منهنجو وس آهي ته آءٌ چپ ڪري ڪانه ويهنديس.

5

هَلَندي هاڙهو مَڻي، ڇَپَرَ مَنجهِه ڇُلان

پاٻوهَ پُنهونءَ ڄام جي سَرِتِيُون ڪِيئَن سُلان

سارِئو تِنہ سَردار کي اَندَرِ روهَ رُلان

ڄامَنِ ڏانہُ ڄُلان، وِهان تان نه وَسُ پِئو. [1387]

سمجهاڻي: مون هاڙهي هلڻ جو پهه ڪيو آهي، تڏهن ته جبل ۾ هيڏانهن هوڏانهن پيئي ڊوڙون پايان. اي سرتيون! آءٌ پنهنجي ڄام پنهونءَ جي پيار ڀري مرڪ کي ڪيئن بيان ڪري ٻڌايان. مان هن سهڻي سردار کي دل ۾ ياد ڪري، هن پهاڙ ۾ هردم پيئي تڙپان. مان پنهنجي پنهونءَ لاءِ جيستائين منهنجو وس آهي (سِسيءَ ۾ ساهه آهي) پيئي هلنديس، ڇو ته ويهي رهڻ منهنجي وس ۾ ناهي.

6

وَڌو ڪيمَ وَڻا، اُونچا ڏُونگَر مَ ٿِيو

ٽِمو مَ نيڻا، ته پيرُ نِهاريان پِرينءَ جو. [1388]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي وڻؤ! منهنجي سامهون وڏا نه لڳو، اي پهاڙؤ! منهنجي اڳيان اوچا نه ٿيو، اي نيڻؤ! ڳوڙها نه ڳاڙيو. ته جيئن آءٌ پنهنجي پرينءَ جي (ڌرتيءَ تي لڳل) پير جا نشان ڳولي ۽ ڏسي سگهان.

[روميءَ جي فڪر مطابق ڪائنات جي هر ذري کي پنهنجي حساب موجب حواس آهن، جو هو ٻڌن ٿا ۽ ڳالهه سمجهن ٿا. جيئن چوي ٿو:

جملهءَ ذرات عالم در نهان،
با تو مي گويند روزان و شبان،
ماسميعيم بصيريم و خوشيم،
با شما نامحرمان ما خامشيم.

(دفتر سوم، ب- 1019-20)

معنيٰ: ڪائنات جون سڀ شيون ڳجهيءَ طور توکي ڏينهن ۽ رات اهو پيغام پيون ڏين ته اسان کي ڪن آهن، اکيون آهن ۽ اسان خوش آهيون، پر توهان اڻ واقفن آڏو خاموش ۽ چپ آهيون.]

7

وارُو مُون وَڻاهُ، ڪا سُڌ سُونهَپَ جي نه ڏِهو

اِيءَ اِهائِي ڳالَهڙِي، شَجَرَ سُڻيجاهُ

چوٽِيين چاڙهيجاهُ، ته مُوڙهيءَ ڪو مُنہُ ٿِئي. [1389]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جو وڻن کي خطاب) اي وڻؤ! توهين منهنجي مدد ڇو ڪونه ٿا ڪريو ۽ نڪي وري اڳتي واٽ يا رستي جو ڏس ڏيو ٿا. اي درختؤ! منهنجو توهان کي وري به اهو ئي عرض آهي، جيڪو چڱيءَ طرح ٻڌو ۽ ويچاريو. توهين مون کي جبلن جي چوٽين تي چڙهي وڃڻ ۾ مدد ڪريو ته جيئن مون اڻ واقف کي سنئون دڳ هٿ اچي.

[مثنوي روميءَ ۾ پڻ وڻن سان خطاب ملي ٿو. روميءَ جي خيال موجب وڻ ڳالهائين ٿا ۽ انهن جو ڳالهائڻ سمجهڻ وارا سمجهن ٿا:

اين  درختانند   همچون  خاکيان،

دستها   برکرده   اند از  خا کدان،

سوي خلقان صد  اشارت  ميکند،

و آنکه گوشستش عبارت مي کند.

          (دفتر اول، ب، 2014-15)

معنيٰ: اهي وڻ مِٽيءَ جي پتلن (انسانن) وانگر آهن، جيڪي زمين مان هٿ ٻاهر ڪڍي بيٺا آهن. اهي ماڻهن ڏانهن سوين اشارا ڪن ٿا ۽ جن کي ڪن آهن، سي انهن جي ڳالهه سمجهن ٿا.]

8

ڀائِي حالَ هَلِي وِئا، ڪِنہِ کي سُورَ سُلان

کَڻِئو لَڄَ، لَطِيفُ چَئي، لَڪَنِ مَنجههِ لُڇان

پانڌِي ڪيرُ پُڇان، جِئن سُونهان مُون سُورَ ٿِئا. [1390]

سمجهاڻي: منهنجي حال جا واقف ۽ همراز هليا ويا، مان هاڻي ڪنهن کي پنهنجون تڪليفون ٻڌايان. عبداللطيف چوي ٿو ته آءٌ (سسئي) پنهنجي سموري عزت ۽ ناموس داءُ تي هڻي هنن ڏکين لڪن ۾ پيئي هلان ۽ ڦٿڪان. آءٌ ڪنهن واٽ ويندڙ کان رستي جو ڇو پُڇان؟ منهنجا سور ئي هاڻي مون کي واٽ ڏيکاريندڙ آهن.

9

ڪَنڊا مُون پيرَنِ ۾ مَرُ جان لَکَ لَڳَنِ

آڱرُ آڱوٺي نه مِڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِنَنِ

وِيندي ڏانہَ پِرِينِ، جُتي ذات نه پائيان. [1391]

سمجهاڻي:  (سسئي چوي ٿي) ڀلي مون کي پيرن ۾ سوين هزارين ڪنڊا لڳن ۽ منهنجي اها حالت ٿي وڃي جو آڱريون آڱرين توڙي آڱوٺي کان جدا ٿي پون. جبل جا آڏا ٽيڏا وڏا پٿر ڀلي منهنجا پير ڦٽي ذرا ذرا ڪري ڇڏين، ليڪن (محبت ۽ ادب جي خاطر) پرينءَ ڏانهن هلندي هرگز پيرن ۾ جتي نه پائينديس.

10

جُتيون سي پائينديون، جني پيرَ پِرين

لاٿيون سَڀِ پَرِين، سَسُئِي سُپيرِينِ کي. [1392]

سمجهاڻي: (محبوب ڏانهن ويندي) پيرن ۾ جتيون اهي پائينديون آهن، جن کي پنهنجا پير پيارا هوندا آهن. ليڪن سسئي سپرينءَ جي واسطي (گرم واريءَ ۾، ڪنڊن ۾، پٿرن ۾) پيرن ۾ جتي پائڻ جون سڀ ريتون رسمون ختم ڪري ڇڏيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org