سُر ڪارايل
داستان
پهريون
1
وَحدَهُ وائِي ڪَري چَڙَهندي چَيَائِين
سو لُڙُ لَنگهِيائِين، جِتي پارَکَ پَکِيَان.
[977]
سمجهاڻي:
اهو (هنجهه پکي) ’الله هڪ آهي‘ واري تنوار ڪري مٿي
اُڏاڻو. هو پکين لاءِ (هن دنيا منجهه) ميري ۽ گندي
پاڻيءَ کي اورانگهڻ واري پرک يا آزمائش مان
(ڪاميابيءَ سان) اُڪري هليو ويو (ميري ۽ لُٻيل
پاڻيءَ جي ويجهو نه ويو.)
[مثنويءَ ۾ پکين جي زبانيءَ گهڻو ڪجهه چيو ۽ ٻڌايو
ويو آهي. هڪ هنڌ جتي هدهد، بلبل، باز، مور، ڪبوتر
جو ذڪر آهي، اتي لڪلڪ نالي پکيءَ کي توحيد جو
نمائندو ڪري پيش ڪيو ويو آهي.
لکلک ايشان که ’لک لک‘ مي زند،
آتش توحيد در شک مي زند.
(دفتر دوم، ب- 3753)
معنيٰ: (حاجي) لڪلڪ پکي (هنجهه جو قسم) جڏهن لڪ لڪ
جي ٻولي ڪري ٿو ته ڄڻ هو ’تنهنجي تعريف تنهنجي
ثنا‘ چئي توحيد جا ڳُڻ ڳائي ٿو.]
2
اَکڙِيُون اوڙاههَ ۾، اُڀو تَڪيِ تارِ
پِٿُون جو پاتارِ، هَنجُهه تَهِين جو هيرَئُون.
[978]
سمجهاڻي:
هنجهه پکيءَ جون اکيون اونهي پاڻيءَ جي تري ۾ هيٺ
پيون گهورين ۽ نهارين. (ڇو ته) هي هنجهه انهن سنهن
موتين جو هيراڪ آهي جيڪي پاڻيءَ جي گهڻي اونهائيءَ
۾ بلڪل هيٺ تري ۾ هوندا آهن.
3
ڪَؤنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤُنرُ ڀري آڪاسِ
ٻِنهِين سَندِي ڳالَهڙِي رازِقَ آندِي راسِ
تِنہِ عِشقَ کي شاباسِ، جِنہِ مَحَبتِي ميڙِئَا.
[979]
سمجهاڻي:
ڪنول (ڪوڻيءَ جي ٻوٽي) جون پاڙون اونهي پاڻيءَ
اندر زمين جي تري ۾ آهن، پر ڪنول جو گل پاڻ پاڻيءَ
کان مٿي بيٺو آهي. ڀؤنر (اڏامندڙ ڪارو جيت ڪنول گل
جي خوشبوءِ تي) مست ٿي مٿانئس پيو گهمي ڦري ۽ چڪر
ڏئي. هنن ٻنهي جي آرزو ۽ خواهش کي مالڪ سائين پاڻ
پورو ڪري ٿو. انهيءَ عشق ۽ محبت کي آفرين آهي،
جيڪو هنن ٻنهي وانگر سڀني محبتين کي ملائي ٿو.
[مثنويءَ ۾ پڻ عشق جي ساڳئي انداز ۾ تعريف ڪيل
آهي. جيئن چوي ٿو:
آفرين بر عشق کل اوستاد،
صد هزاران ذره را داد اتحاد.
(دفتر سوم، ب- 3727)
معنيٰ: اهڙي عشق کي لک شاباس آهي، جيڪو ڪامل استاد
آهي ۽ لکين ذرڙن يا جزن کي ملائي ٿو.]
4
ڪَؤنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤُنرُ ڀِري ۾ سُڃ
ٻِنهِي سَندِي ڳالَهڙِي عِشق اِيءَ اُهُڃ
توءِ نه لَهينِ اُڃ، جي پِيو پِيَنِ پاڻَ
۾. [980]
سمجهاڻي:
ڪنول جون پاڙون اونهي پاڻيءَ ۾ بلڪل زمين هيٺ آهن،
پر ڀؤنر (ويچارو عاشق) گل کان مٿي اس ۽ هوا (واري
ماحول) ۾ پيو گهمي ۽ چڪر ڏئي. ٻنهي جو ويجهو اچڻ
(هڪ ٻئي کي ڳولي لهڻ) ئي منجهن عشق جي هجڻ جو وڏي
۾ وڏو دليل آهي. توڻي جو هو ٻيئي ان ريت هروقت
محبت ۾ مست ۽ مگن آهن، پر سندن پياس پوري ٿيڻ واري
ناهي (هنن جي سڪ ۽ اڪير ختم ڪانه ٿي ٿئي)
[مثنوي روميءَ ۾ جتي ڪنول جي گل جو ذڪر آهي، اتي
ڀؤنر جي بجاءِ اڃ جي بيماريءَ جو مذڪور ملي ٿو،
جنهن کي رومي عشق جي انتها ڪوٺي ٿو، ۽ اها ساڳي
ڳالهه هن بيت جي آخري سٽ ۾ آهي
همچو نيلوفر برو زين طرف جو،
همچو مستسقي حريص آب جو.
(دفتر
سوم، ب- 3908)
معنيٰ: ڪنول جي گل وانگر نهر جي ڪناري تي اڀري
بيهه ۽ اڃ جي مريض وانگر پاڻيءَ کي پيئڻ لاءِ هر
وقت سرگردان رهه.]
5
ٿئو حُضُورِي هاڻِ، سوجها پييَسِ سَرَ جِي
کُنڊري لَڌِي کاڻِ، پَکِيئَڙي پاتارَ ۾. [981]
سمجهاڻي:
هنجهه (عارف) هاڻي وڏي درجي (معرفت) وارو ٿي ويو
(الله جي حضور ۾ پهچي ويو). هنجهه کي وڏي پاڻيءَ
جي اونهائيءَ جي پوري پروڙ پئجي ويئي . ائين هن
پکيئڙي اونهي پاڻيءَ جي تري ۾ وڃي موتين جي کاڻ
کوٽي ڳولي لڌي.
6
سَرَ سُڪي سالَ ٿئا، هَنجهَه هَرِيو ئِي پيرُ
ڪَنگُ ويچارو ڪيرُ، رَسي اِنَ رَمُوزَ کي.
[982]
سمجهاڻي:
پاڻيءَ جي تلاءُ (ڍنڍ) کي خشڪ ٿئي سال گذري ويا
(گهڻو وقت گذري ويو)، پر هنجهه پکيءَ جا پير اڃان
سوڌو آلا پيا لڳن (اهي خشڪ نه ٿيا آهن). ڪنگ (اڇو
ٻگهه) جنهن جي عادت ننڍي بيٺل گندي پاڻيءَ ۾
چهنبون هڻڻ آهي) اونهي ۽ عميق پاڻيءَ جي ويجهو ئي
ڪونه وڃي سو ڪير ٿيندو آهي، جو اهي (عارفانه)
رمزون ۽ ڳجهيون ڳالهيون سمجهي سگهي.
7
هَنجَهه مِڙِيئِي هَنجهَه، ميرو مَنجهنِ ناهه ڪو
جِتي پيينِ سَنجهَه، سو سَرُ ڪِئائُون سُرَهو.
[983]
سمجهاڻي:
سڀيئي هنجهه سهڻا ۽ خوبصورت آهن، انهن ۾ ڪوبه خراب
۽ بدشڪل ناهي، انهيءَ ڪري جتي به کين سج لهي وڃي
يا رات پوي ته هو هيٺ لهي جڏهن پاڻيءَ تي اچن، ته
انهيءَ چشمي کي (خراب ۽ بدبودار ڪرڻ بجاءِ)
خوشبودار ۽ وڻندڙ ڪريو ڇڏين (اهو سندن سهڻين عادتن
جي ڪري آهي).
8
آءُ اُڏامِي هَنجَهڙا، سَرَ ۾ سارِينَئِي
مَڇُڻُ مارِينَئِي، پارهيڙِي پَهُه ڪَري. [984]
سمجهاڻي:
اي منهنجا
پيارا (وڇڙي ويل) هنجهه، تون ان هنڌ تان اڏامي
هليو اچ ڇو ته توکي ٻيا هنجهه هن تلاءُ ۾ گهڻو پيا
ياد ڪن. (خيال ڪر) متان شڪاري ميربحر گڏجي رٿ رٿي
توکي شڪار ڪري ماري پاڻ سان گڏ کڻي وڃن.
9
سَرَ ۾ پَکِي هيڪَڙو چُڻِي چانگاري
جيڪا رَضا رَبَ جي سا پَکيئَڙو پاري
وَٽان ويچاري، وَڳَرَ سَڀَ وَهِي وِئا. [985]
سمجهاڻي:
هن پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ هاڻي صرف اڪيلو پکي وڃي بچيو
آهي جيڪو پيو چڳي ۽ لاتيون ڪري. اهو ويچارو پکي،
جيڪا ڌڻيءَ جي مرضي آهي، سا پيو پوري ڪري (سندس
تقدير ۾ اهو ئي لکيل هو جيڪو ٿيو) پکين جا سڀ ولر
هن کي اڪيلو ڇڏي هليا ويا. هن جي ڪابه يادگيري نه
ڪيائون.
10
سَرَ ۾ پَکِي هيڪَڙو پارهيڙِي پَنجاهَ
سَنديءَ آسَ اللَه، لُڏي لَهرِينِ وِچَ
۾. [986]
سمجهاڻي:
پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ رڳو هڪڙو پکي وڃي رهيو آهي (ٻيا
سڀ اڏامي ويا) ۽ هوڏانهن شڪارين جو انگ پورو
پنجاهه آهي (هو تعداد ۾ گهڻا آهن). پر هي (اڪيلو
ئي اڪيلو) اڃا تائين الله سائينءَ جي آسري ۽ ڀروسي
تي (بيپرواهه بنجي) پيو پاڻيءَ جي ڇولين مٿان
جهولي ۽ جهومي (خوش پيو لڳي)
11
دَلَبو مَنجهِه دَرياهَ، پَسِي پَکِي آئِيا
ويچارا ويسَاهَ، آڻي اُتِ اَڙِائيَا.
[987]
پکي وڏي پاڻيءَ جي ڍنڍ ۾ پکيءَ نما هٿراڌو ٺهيل
بوتي کي ڏسي، ان کي اصل پکي (ساٿي) سمجهي اتي لهي
پيا. هنن ويچارن کي انهيءَ گمان (ٺڳيءَ جي ٺاهه)
اتي آڻي قابو ڪرائي (ڦاسائي) ڇڏيو. (اهي سڀ شڪارين
جي ور چڙهي ڦاسي پيا).
[پکين جو دوکو کائي شڪار ٿيڻ جو ذڪر مثنويءَ ۾ هن
ريت ملي ٿو:
مرغ مرده پيش بنهاده که اين،
مي کند اين
بانگ و آواز و حنين،
مرغ پندارد که جنس اوست آن،
جمع آيد بُرد شان پوست آن.
(دفتر سوم، ب- 333-4)
معنيٰ: شڪاري مئل پکيءَ (جا کنڀ ٻڌي) پاڻ لڪائي
هلندا آهن ۽ پکين جا آواز ۽ ٻوليون ڪندا آهن. پکي
ويچارا سمجهندا آهن ته اهو سندن ساٿي آهي. ائين هو
گڏ ٿي ڌوڪو کائيندا آهن ته ماري سندن کل لاهي
وجهندو (شڪار ڪندو) آهي.]
12
جيهَرَ لوڪُ جَپُ ڪَري اوهِيَرَ اُڏامَنِ
پِٿُون جي پاتارَ جا چيتارئو چُڻَنِ
ڪوهُ ڪَندا کي تَنِ، پارهيڙِي پَهُه ڪَري. [988]
سمجهاڻي:
جنهن وقت سڀ ماڻهو سمهي آرام ڪن ٿا، انهيءَ وقت هي
پکي (الله لوڪ) اڏامڻ شروع ڪن ٿا (الله جي عبادت ۾
مشغول ٿين ٿا). اهڙي وقت اهي پاتال ۾ پيهي موتي
ڳولي ڦولهي چونڊي هٿ ڪن ٿا. اهڙن پکين لاءِ ماري
ڪهڙيون به اٽڪلون ڪن، ڪجهه نٿا ڪري سگهن.
13
ماڻِڪَ چُوڻو جَنِ سَندو، هَنجهَه حُضورِي سي
چِلُڙَ ۾ چُهِنجَ هَڻِي مَڇي کِينِ نه اي
لوڪَ نه لَکِئا تي، جيلاهَ ڀُوڻَنِ ٻَگَنِ گَڏِئا.
[989]
سمجهاڻي:
ماڻڪ موتي جن جو کاڄ يا غذا آهن، اهي هنجهه ئي
(الله جي) حضور ۾
پهتل آهن
(معرفت جا صاحب آهن). اهي ڪنهن به صورت ۾ گندي گپ
جهڙي پاڻيءَ ۾ چهنب هڻي ننڍڙي مڇي پڪڙي هرگز نٿا
کائن. جيتوڻيڪ هو ظاهري طور اڇن ٻگهن (جيڪي گپ چڪ
۾ چهنب پيا هڻندا) سان گڏ پيا گهمن يا گڏيا وتن،
پر عام ماڻهو کين سڃاڻي ڪونه سگهندا.
[اهو خيال پڻ مثنويءَ ۾ ملي ٿو ته ڪي پکي موتي
کائين ٿا، جنهن مان مراد شايد سِپ وارو موتي هجي.
مثنويءَ ۾ هڪ نقل آهي ته هڪ ننڍڙو پکي جڏهن
چالاڪيءَ سان شڪاريءَ کان جان ڇڏائي ڀت تي وڃي
ويهي ٿو ته ٻڌائيس ٿو ته منهنجي پيٽ ۾ ڏهن ماسن جي
برابر هڪ ناياب موتي آهي.
بعد ازان گفتش که در جسمم کتيم،
ده درم سنگ است يک در يتيم.
(دفتر چهارم، ب- 2454)
معنيٰ: پکي شڪاريءَ کي چوي ٿو ته منهنجي پيٽ ۾ ڏهن
ماسن جي برابر هڪ ناياب موتي به آهي.]
14
لُڙُ جو هيٺِ لَئِي، وِٺِنِ هَڻِي وِڃائِيو
پِيتو تَني پيئِيُون جائُون مَنجهِه جَئي
ڊوڙُون مَنجهِه ڊَهِي، ڪَنگَ ڪُڄاڙِئا پائِيين.
[990]
سمجهاڻي:
تازو لڙاٽيل پاڻي جيڪو لَئي جي وڻ هيٺ وهي رهيو
هو، سو ڪنگن ڪانيرن وٺيون لاهي گندو ۽ خراب ڪري
ڇڏيو. جيڪو پوءِ انهن کي ئي پيئڻو پيو، جنهن ۾
ڪيترا جيت جڻيا پيدا ٿي ويا. اي ڪانيرا، تون خراب
پاڻيءَ جي انهيءَ ننڍڙي دٻي ۾ ڇا جي لاءِ ٿو ڊوڙون
پائين؟
[مثنوي روميءَ ۾ پڻ هر قسم جي سٺن ۽ خراب پکين جو
ذڪر ملي ٿو. خراب پکي خراب پاڻيءَ تي جمع ٿين ٿا.
هر کجا باشد جوق مرغ کور،
بر تو جمع اَيند اي سيلاب شور.
(دفتر پنجم، ب-813)
معنيٰ: جتي اهڙن انڌن پکين جو ميڙ هوندو آهي ته
اهي ضرور کاري پاڻيءَ تي اچي جمع ٿيندا.]
15
پَکِي پيهِي نِڱئا مَنجهان لِتَڻِيَنِ لَکَ
ڪَنِي ماڻِڪَ ميڙِئا ڪَنِي رَتا پَکَ
پُٺِيءَ لائي لَکَ، گَڏِئو هَنجُهه حَبِيبَ کي.
[991]
سمجهاڻي:
اونهي پاڻيءَ منجهان الائجي ڪيترا پکي اندر ٽٻيون
هڻي پوءِ ٻاهر نڪتا، انهن مان ڪن ٿورن ماڻڪ ميڙي
گڏ ڪيا ته ڪي وري پنهنجا کنڀ صرف گپ چِڪ ۾ ليٿڙجي
مٽيءَ هاڻا ڪري موٽيا. صرف هنجهه پکي ئي وڏي مان
مرتبي وارو ثابت ٿيو، جيڪو ٻين سڀني کي پٺتي ڇڏي
اڪيلو وڃي پنهنجي سڄڻ سان گڏيو.
16
اَڇو آبُ لُڙُ ٿِئو ڪالوڙِئو ڪَنگَنِ
اِيندا لَڄَ مَرَنِ، تِنہِ سَرَ مَٿي هَنجهَڙا.
[992]
سمجهاڻي:
تلاءُ جو اڇو اُجرو ۽ صاف سٿرو پاڻي ڪنگن اچي ميرو
مٽيءَ جهڙو بلڪ ڪارو ۽ ڪِنو ڪري ڇڏيو. هاڻي اهڙي
گندي پاڻيءَ تي اچڻ جي لاءِ هنجهه ويچارا پيا لڄي
۽ شرمسار ٿين.
17
جِنہِ پاڻيءَ ۾ پُونئَرا، چِلُڙُ چِڪَ گهَڻِي
وِيا چِتُ کَڻِي، تِنہِ سَرَ مَٿان هَنجهَڙا.
[993]
سمجهاڻي:
جنهن پاڻيءَ ۾ ڪارڙا سنهڙا جيت پيا گهمن، ۽ جتي
ڪاري گپ چڪ آهي، اهڙي بيٺل خراب پاڻيءَ جي دُٻي
طرف اچڻ کان ئي هنجهه دل کڻي ويا. (هو ان جي ويجهو
ڪونه ٿا اچن)
18
ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ، سُرَهو سَرُ وِڃائِيو
آڌيءَ راتِ اُٿِي ڪَري دَدا دانهُون ڪَنِ
سَندِي ذاتِ هَنجهَنِ، مُنہُ کوڙِيو موتِي چُڻِي.
[994]
سمجهاڻي:
انهن ڪوڙن ڪنگ پکين هٻڪار واري پاڻيءَ جو تلاءُ
لُٻي ميرو ۽ گندو ڪري ڇڏيو. اهي بي سمجهه اڌ رات
جو ڪمهلي وقت اٿي وٺي اجايون دانهون ۽ هُل پيا ڪن.
ليڪن هنجهن جهڙا اصيل پکي اهڙي ڏکئي سمي به پنهنجي
منهن ويٺا ماڻڪ موتي ڳولين.
[مثنويءَ ۾ پڻ ڪانگن کي ڪوڙو ۽ مڪريل ڏيکاريو ويو
آهي:
چند گوئي همچو زاغ پر فسوس،
اي خليل ازبهر چه کشتي خروس.
(دفتر
پنجم، ب-938)
معنيٰ: ڪوڙي ۽ مڪار ڪانوَ وانگر ڪيستائين ٻوليندو
رهندين؟ اي خدا جا دوست، تو (ٻانگ ڏيندڙ) ڪڪڙ کي
ڇو ذبح ڪيو؟ رومي وڌيڪ چوي ٿو ته ڪاري ڪانءَ جي
’ڪان ڪان‘ جو مطلب آهي ته هو خدا کان پنهنجي لاءِ
هميشه جيئري رهڻ واري خواهش ڪري ٿو.]
19
هَنجهَه نَه بَندَ ڪَجَنِ، پَکِي نه وِجَهجَنِ
پِڃِري
مَڇُڻُ مَرِي رَهَنِ، سارِيندي کي سَڄڻين. [995]
سمجهاڻي:
هنجهه پکي ڪڏهن به پڪڙي بند ڪري نه رکجن، بلڪ ڪوبه
پکي پڃري ۾ ڦاسائي نه رکجي، ڇو ته متان اهي ويچارا
پنهنجن پيارن ساٿين کي ياد ڪري مري وڃن.
20
لَلي ٿي لاتِيُون ڪَيُون سَرَ ۾ سارِي راتِ
پَکُڻانڍِيون پِرڀاتِ، هَنجهَه هَڻَندي رَتِيُون.
[996]
سمجهاڻي:
لَلي پکيءَ (هنجهه جو هڪ قسم) سڄي رات پاڻيءَ ۾
ڊگهي لات واريون مٺيون ٻوليون ۽ تنوارون ٿي ڪيون.
هن ايترو وٺي پاڻ پتوڙيو جو پرهه ڦٽيءَ تائين سندس
کنڀڙاٽيون رت ۾ ڳاڙهيون ٿي ويون!
وائي
هَنجهَنِ ڌاران هيجُ، ڪيرَ ڪَرِيندي ٻَگَنِ سِين
سُورَ ڏنائُون سُوکڙِي، ڏُکَ ڏِنائُون ڏيجُ
جَنِ چِلُڙُ نه چُوسِيو، تِکو چُڻَنِ تيجُ
پَکِي پالُرَ هيرَئُون، مُورِ نه چُڻي ريجُ
اُونِهين سِين آرُ ڪَري، کَڏَ نه ڪَري
کيجُ. [997]
سمجهاڻي:
هنجهه جهڙن (سهڻين عادتن وارن) پکين سان ئي پريت
ڪرڻ گهرجي. (بدعادت) ٻگهن (ڪانيرن) سان ڪير پريت
ڪري سگهي ٿو. اهي ڪنهن کي ٿا پسند اچي سگهن. هنجهن
کي سور سوکڙي ۽ ڏک ڏاج ۾ ملن ٿا (هو تڪليفن جا
هريل آهن). اهي هنجهه ئي آهن جن گپ ۽ چڪ کي چهنب
هڻي جانچيو به ڪونه! هو ته تکو تيز وهندڙ اجرو
پاڻي پيئن ٿا. هنجهه پکي تازي ۽ ججهي پاڻيءَ جي
پيئڻ جا عادي آهن، هو ڪڏهن به گدلو ۽ ساواڻ وارو
پاڻي ڪونه پيئن. هو اونهي پاڻيءَ جو عاشق آهي
هميشه انهيءَ اونهي پاڻيءَ ۾ پيو تڙڳي ۽ دٻي يا کڏ
کوٻي واري پاڻيءَ ۾ نه ڪو گهڙي نه ڪو پيئي.
[مثنويءَ ۾ پڻ ان طرف هيئن اشارو ٿيل آهي:
سوي دريا عزم کن زين آبگير،
بحر جو و ترک اين گرداب گير.
(دفتر چهارم، ب- 2234)
معنيٰ: هن ننڍڙي تلاءُ کان نڪري درياهه جو رخ ڪر.
بلڪه سمنڊ ڏانهن مُنهن ڪر ۽ پاڻيءَ جي هن ڪُن مان
نڪر.]
داستان ٻئو
1
ڪارايَلَ جِي ڪوڏَ، مون ڪِينجُهرُ سَڀِ نِهارِئو
وَرِي وانهيري نه وَرِئا، لَلَا لاکِيڻِيءَ لوڏَ
هِنيڙَي جِنِي هوڏَ، سي هَنجهَڙا سَڀِ هَلِي وِئا.
[998]
سمجهاڻي:
مون ڪاري رنگ واري سهڻي هنجهه جي شوق ۾ سمورو
ڪينجهر اٿلائي پٿلائي ڇڏيو. (هر طرف چڱيءَ طرح
نهاري ڏٺم ۽ ڳولا ڪيم) پر اهي سهڻي ۽ عمدي چال
وارا سهڻا هنجهه موٽي ساڳئي ماڳ ڪونه آيا. منهنجي
دل ۾ جن هنجهن جي سِڪ ۽ ڇِڪ هئي، سي سڀ اڏامي هليا
ويا.
2
هَنجهَنَ سَندِيءَ هيرَ، مون ڪِينجُهرُ سَڀِ
نِهارئو
ڍَنڍَ ۾ پَکِي ڍيرَ، پارين پِريان ناهِ ڪو. [999]
سمجهاڻي:
مون هنجهن جي ڪينجهر تي اچڻ واري عادت موجب کين
پوري ڍنڍ ۾ ڏسڻ ۽ ڳولي لهڻ جي ڪوشش ڪئي. مون کي
ڪينجهر ۾ ٻيا کوڙ سارا پکي نظر آيا، پر انهن سڀني
۾ منهنجي پرين (پسنديده پکين يعني هنجهن) جي خصلتن
۽ ڳڻن وارو ڪو پکي نظر ڪونه ٿو اچي.
3
هَنجهَنِ سِين هيڪارَ، جي ڳُڻُ ڪَري نِهارِيين
ته ٻَگنِ سِين ٻِيهارَ، هُوندَ ٻيلَ نه ٻَڌِين
ڪَڏهِين.
[1000]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن تون انهن سهڻن خوبصورت هنجهن کي پيار ۽
محبت واري نظر سان نهارين (دل لڳائين) ته پوءِ
ڪڏهن به وري ٻگهن (جيڪي اڪثر بيٺل گندي پاڻيءَ ۾
پنهنجي غذا ڳولين) سان سنگت نه ڪرين (انهن جي
ويجهو نه وڃين).
4
ٻَگا ڪوهُ ٻُجَهنِ، ته سِپُنِ ۾ ڇا سَپَجي
ڦِريو ڦَهيارَنِ کي وَرئو واتَ وِجَهنِ
سَندِي ذاتِ هَنجهَنِ، مُنہُ لايو موتِي چُڻي.
[1001]
سمجهاڻي:
ٻگها پکي ڇا ڄاڻن ته سپن جي اندر ڪهڙي قيمتي شيءِ
(موتي) موجود هوندو آهي. هو ته ڦري گهري وري به
وڃي سنهي مڇيءَ کي چهنب سان پڪڙي پيا کائيندا آهن.
اهي هنجهه پکي ئي آهن، جيڪي پنهنجي منهن (هر صورت
۾) موتي ڳولي پيا چڳندا آهن.
[روميءَ ٻگهن جهڙن پکين لاءِ ساڳئي خيال جو اظهار
ڪيو آهي:
مرغ، کآب شور باشد مسکنش،
اوچه داند جاي آب روشنش.
(دفتر اول، ب-2724)
معنيٰ: جنهن پکيءَ جو گذارو کارو يا گندو پاڻي
هجي، اهو صاف ۽ اجلي پاڻيءَ واري هنڌ جو قدر ڇا
ڄاڻندو؟!]
5
لالُون لَتَــاڙي، ٻَگا ٻِيءَ وِئا
چُڻَنِ چِلُڙَ ڪَنڌِيين پَکِي پُوتِ پِئا
اَمُلَ اُتِ ڪِئا، تانگهو جَنِ طَلِبئو. [1002]
سمجهاڻي:
(اڻ ڄاڻ) ٻگها جتي موتي هئا انهن کي لتاڙي (ڇڏي)
اڳتي ٻئي هنڌ هليا ويا. هو گدلي پاڻيءَ ۾ پيا
چهنبون هڻن ۽ اتي (جيت جڻيا) ڪچا ۽ ڪوڙا مڻڪا ۽
مڻيا ڳولي پيا کائين. جيڪي هميشه ننڍي پاڻيءَ جي
تلاش ۾ رهن ٿا، انهن کي املهه ماڻڪ ڪيئن ملندا
(انهن جي نصيب ۾ ناهن)
[مثنوي روميءَ ۾ اهو خيال هن ريت بيان ٿيل آهي:
مرغ کو ناخورده ست آب زلال،
اندر آب شور دارد پر و بال.
(دفتر پنجم، ب- 598)
معنيٰ: جنهن پکيءَ صاف ۽ اجرو پاڻي پيتو ئي ناهي
يا ان تي هريل ناهي، اهو هميشه بيٺل ۽ ڪني پاڻيءَ
۾ پيو پنهنجا کنڀ پسائيندو.)
6
پَکِي ٻِئا مَچَنِ، هَنجهَه سَدائِين ڏُٻَرا
مارِيءَ سندو مَنَ ۾ وِرِهُه ويچارَنِ
ڪَنبَنِ ۽ ڪَڍَنِ، موتِي جي مِهراڻَ جا. [1003]
سمجهاڻي:
ٻيا سڀ پکي کائي پي ٿلها متارا ٿيندا وڃن، پر
ويچارا هنجهه هميشه هيڻا ۽ ڪمزور رهن، ڇو ته هنن
کي شڪارين هٿان مرڻ يا (دنيا جي دام ۾) ڦاسڻ جو
اونو هوندو آهي. هو هر وقت خدا جي خوف ۾ آهن ۽
مهراڻ جي اونهي پاڻيءَ ۾ وڃي ماڻڪ موتي ميڙي اچن
ٿا.
7
اَڇو پئو اَڇاهُ، ته اَئِين اَڇائِي اُبَهو
وِهَڻُ وَڙُ نه آهِنجـــــــــــــو لُڙَ پاڻِي
لَلاهُ
سُــسَـــرِ ڏِجــي ســاهُ، ڪُـسَــرِ ڪَـنگَـنِ
قبرون. [1004]
سمجهاڻي:
اي سفيد(للا)، هنجهه پکي، اڇو اُجرو پاڻي پيءُ ته
تون هر قسم جي ميراڻ (ڏوهه) کان پاڪ صاف اڇو اُجرو
ٿي پوين. اي للا هنجهئو، لڙاٽيل ۽ گدلي پاڻيءَ ۾
وڃي ويهي رهڻ توهان کي نٿو سونهي. سدائين سٺي
پاڻيءَ جي تلاءُ تي ساهه ڏجي (پاڻ کي قربان ڪجي).
ڇو ته ڪني پاڻيءَ جي تلاءُ تي ڪانيرن جون ئي قبرون
هونديون آهن (اهي اتي مئل ئي ملندا آهن).
[روميءَ به ائين چئي ڇڏيو آهي:
آب بيحد جويم و اَمن شوم،
تا ابد در امن و صحت مي روم.
(دفتر چهارم، ب- 2286)
معنيٰ: مان اونهي کان اونهو پاڻي ٿو ڳوليان ته
جيئن اتي بي خوف ٿي رهي سگهان. بلڪه سدائين سُکي ۽
صحت سان سلامت رهي سگهان.]
8
ڪُسَرِ ڪَنگَنِ قَبَروُن، سُسَرِ ساڱاهيجِ
هَنجهَه، هُتي جي ڳالَهڙِي ٻَگَنِ مَ ٻوليجِ
ماڻي تُون مَريجُ، چَئِجُ مَ ڪَهِين چُهنجَ سِين.
[1005]
سمجهاڻي:
(اي هنجهه) ڪني يا خراب پاڻيءَ ۾ مئل ڪنگ ئي
ملندا، تنهنڪري تون هر حال ۾ سٺي ۽ صاف پاڻيءَ
واري ماڳ جي ڳولا ڪر. اي هنجهه، تون هُتان جي اها
حقيقت هنن ٻگهن سان نه ڪجانءِ. تون انهيءَ مانَ ۽
شانَ سان مري وڃجان، مگر اها راز واري ڳالهه
پنهنجي چهنب کولي ڪنهن کي به نه ٻڌائجان.
9
سَڀَرَ سَرَ سَيدُ چَئي، پَلي پاڻُ سُڃاڻُ
”اَلَستُ بِرَبَکُم قَالُوابَليٰ“ اِيءُ اَصلَ جو
اُهڃاڻُ
ڄاڻِي ته ڄَاڻُ، نا ته ڍٻيءَ ۾ ڍيرُ ٿِئين. [1006]
سمجهاڻي:
عبداللطيف چوي ٿو ته (اي انسان) پاڻيءَ سان ڀريل
تلاءُ ڏسي، (غير جي خيالن کان) پاڻ پَلي پاڻ کي
سڃاڻ (پنهنجي اچڻ جو مقصد ياد ڪر). ميثاق جو وعدي
وقت ’ڇا مان توهان جو ربّ ناهيان‘ جو ’هائو‘ وارو
جواب ئي ان جو اصلي نشان ۽ سڃاڻپ آهي. اها ڳالهه
ضرور سمجهه، نه ته مارين جي ڄار ۾ ڦاسي پوندين
(يعني گمراهه ٿي ويندين).
[رومي مثنويءَ ۾ ٽن مڇين جي آکاڻي بيان ڪندي، آخري
مڇيءَ جي ڄار ۾ ڦاسڻ ۽ ان کان پوءِ تئي تي ترجي
ڪباب ٿيڻ بعد سندس زبانيءَ هيئن چوي ٿو:
او همي گفت از شکنجه وز بلا،
همچو جان کافران قالو بليٰ.
(دفتر چهارم، ب- 2283)
معنيٰ: جڏهن هوءَ تڪليف ۽ مصيبت ۾ ڦاٿي ته انڪار
ڪندڙن وانگر (لاچار ٿي) ’هائو‘ جو اقرار ڪيائين.
مطلب ته جيڪڏهن هوءَ ايمان وارن وانگر اقرار ڪري
ها ته پهرين مڇيءَ وانگر موٽي پنهنجي اصلي وطن
يعني سمنڊ ۾ هلي وڃي ها.]
10
جِئن قَطرَ چُڻِئو ڪُڙِهه ڀَرِيين، تئن ٻولي
ٻَجهنديَئِه هَنجهَه
موتِي جي مِهراڻَ جا پُورا چُڻجُ پَنجَ
اَڄُ ڪِ صُباح سَنجَهه، ڍٻِيءَ ۾ ڍيرُ ٿِيين.
[1007]
سمجهاڻي:
اي هنجهه، تون ڀڳل ٽٽل موتين جا ذرا پرزا کائي پيٽ
ٿو ڀرين، جنهن جي ڪري تنهنجو اهو ٻولڻ به بند ٿيڻ
وارو آهي. توکي گهرجي ته مهراڻ جهڙي وڏي اڇي اجري
درياءَ جي پورن پنجن موتين (پنج نمازون؟) تي گذارو
ڪرين. (نه گهٽ نه وڌ). هونئن به اڄ، صبحاڻي يا رات
جو ڪڏهن به تون ڄار ۾ ڦاسڻ وارو آهين (هن فاني
جهان کي هر حال ۾ ڇڏي ويندين).
11
هارِئا هَنجهَه ٻَگَنِ سِين ڪيهِي ٻَڌيَئي ٻيلَ
ميرو مَٽائيجِ تون، اَڇي کي اُڪيلَ
ڪَنگَنِ ساڻُ ڪُويلَ، لَلاَ جِم لُڙُ پِيين.
[1008]
سمجهاڻي:
اي نادان هنجهه (طالب) تون ٻگهن سان گڏجي هلڻ ڪيئن
سکيو آهن، تون ميرو يا گدلو پاڻي ڇڏي وڃ ۽ صاف
سٿري پاڻيءَ سان چاهت رک. اي سهڻا سفيد هنجهه،
متان تون انهن ٻگهن سان ڪنهن مهل اهو گدلو پاڻي پي
وجهين!
[اهڙن پکين لاءِ روميءَ وري هيئن چيو آهي:
مرغ چون بر آب شور مي تند،
آب شيرين را نديدست او مدد.
(دفتر پنجم، ب- 2448)
معنيٰ: جيڪو پکي ميري ۽ گندي (کاري) پاڻيءَ جي
مٿان ڦيرا ڏئي، سمجهو ته هن مٺي پاڻيءَ وارو هنڌ
ڏٺوئي ناهي.]
12
وَڃين نه پيهِي، پِٿُونءَ لَئي پاتارَ ۾
ڪَنڌِيءَ ۾ ڪيهِي، حاجَ تُنهنجِي هَنجهَڙا! [1009]
سمجهاڻي:
(اي هنجهه) تون وڏي اونهي پاڻيءَ ۾ گهڙي ڇو نٿو
موتي ڳولين. اتي ٻاهر ڍنڍ جي ڪناري تي توکي ڇا
ملندو يا تنهنجو ڪهڙو مقصد حل ٿيندو؟
13
ويٺو جِئن وِماسِيين، حَيرَتَ پَئُه مَ هَڏ
لاتيُون جي لِبَاس جِيُون سي ڇَپائي ڇَڏَ
’آءٌ‘ ’اَسِين‘ ڪَن جي پاسي تَنِ مَ اَڏ
تَنُ طالِبَنِ گَڏِ، ته ويجهو ٿِئين وِصَالَ کي.
[1010]
سمجهاڻي:
(اي سالڪ) تون جيئن ويٺو رڳو ڳڻتيون ڪرين، تيئن
تون هرگز حيران پريشان نه ٿيءُ. اهي ظاهري ڏيکاءُ
جون ڳالهيون به ترڪ ڪري ڇڏ. جيڪي ’مان‘ ۽ ’اسين‘
(پاڻ کي سمجهڻ جي هام ٿا هڻن) تن جي ڀر ۾ نه وڃي
ويهه. تون پنهنجي دل کي طالبن (الله جي عاشقن) سان
ملاءِ ته پوءِ تون (ذات حقيقيءَ) جو وصال
ماڻيندين.
[بيت جي پوئين سٽ لاءِ مثنوي روميءَ جو هيءُ بيت
ڏسو:
اي که تو طالب نئي تو هم بيا
تا طلب يابي ازان ياري وفا.
(دفتر چهارم ب 75)
معنيٰ: تون جيڪڏهن طالب ناهين، تڏهن به اچ ته تون
اصلي وفادار يار کان طلب حاصل ڪرين (دوست جي سچي
طلب توکي دوست سان ملائيندي).]
14
ويٺو جِئن وِماسِيين، حَيرَتَ پَئهُ مَ هاڻِ
لَلَنِ کي لطِيفُ چَئي اَڇي سان آراڻِ
ڪَنگَنِ لَٿي ڪاڻِ، گڏئو هَنجهُه حَبِيبَ کي.
[1011]
سمجهاڻي:
تون رڳو ويٺو ڳڻتي ۽ فڪر ڪرين پر تون هاڻي گهڻو
حيران پريشان نه ٿيءُ. عبداللطيف چوي ٿو ته سفيد
هنجهن کي هميشه اڇي پاڻيءَ سان محبت هوندي آهي.
هاڻي وڌيڪ ڪنگن سان گڏ گذارڻ جي ڪابه ضرورت ئي نه
رهي. هنجهه انهيءَ محتاجي کان هميشه آزاد ٿي ويا،
ڇاڪاڻ جو هنجهه پنهنجي محبوب سان وڃي مليا.
15
ويٺو جِئن وماسِيين، حيَرتَ پَئهُ مَ هَورِ
اُونهون جو اَڇو وَهي گِهڙي تائين گهورِ
ڏَنِيُون هَڏِ مَ ڏورِ، گهورِئو ڪَپُ ڪَسِينِ جو.
[1012]
سمجهاڻي:
تون گهڻو غم ۽ ڳڻتي نه ڪر نڪي حيراني ۽ ڊپ ۾ پئجي
وڃ. اهو جيڪو اڇو اجرو وڏو پاڻي پيو وهي،ان ۾ اندر
گهڙي مقصد ماڻڻ جي ڪوشش ڪر. پاڻيءَ کان خالي جيڪي
مٿانهان پاسا ۽ ڪنارا آهن، سي ڳولڻ ڇڏي ڏي، ساڳيءَ
ريت ننڍڙين واهين جي ڪپن تي وڃڻ بلڪل ترڪ ڪري ڇڏ.
16
اُڏءُ آڏِتُ اُڀُرِئو، وهاڻِي وانءُ ڀئونرَ
چَيتاريجِ چِتَ ۾ جيِ ڪَنڊا ڌاري ڪَئونرَ
مَتان مارِينَئِي تَئونرَ، تو لَئُه لَڳو جِنِ
سِين. [1013]
سمجهاڻي:
اي ڀؤنر، تون اڏامي وڃ جو سج اڀرڻ وارو آهي. تون
پوئين رات جو اٿي پنهنجي دل ۾ ڪنول گل جي چوڌاري
ڪنڊن بابت صحيح سوچ ويچار ڪر. ڪٿي ائين نه ٿئي جو
جن گلن سان تنهنجو عشق آهي، اهي تنهنجي ويهڻ کان
اڳ ٻوٽجي يا ڪومائجي وڃن ۽ تون (جُدائيءَ ۾)
پنهنجي سر تان آسرو کڻي ويهين.
17
هَنجهَڙَا هيلاندُ ٿِي گهُونو مَ گهوريجِ
پَسِي چِلُڙَ چوئِيُون، پَکَ مَ پُسائيجِ
سو سَرُ ساڱاهيجِ، جِتي پارَکَ پَکيين. [1014]
سمجهاڻي:
اي هنجهه، تون پاڻ کي ننڍي پاڻيءَ جي کڏ يا ٿوري
پاڻيءَ واري دُٻي تي وڃڻ جو عادي نه بڻاءِ ۽ اهو
ميرو ۽ گندو پاڻي ڏسي ان ۾ پنهنجا پر نه پساءِ.
بلڪ تون پاڻيءَ جو اهو چشمو سڃاڻي ڳولي لهه جتي
پهچڻ ۾ واقعي پکين جي آزمائش ۽ پرک آهي.
18
هَنجههَ مَ ميرو وَتُ، جان ڪو جِيين ڏِيِنهَڙو
جِيءُ مَ گهَنگهَرِ گهَتُ، سِرُ تان سَرَ
ڪَيتَرا.
[1015]
سمجهاڻي:
اي هنجهه،
جيستائين تون جيئرو آهين، تون ڪڏهن به پاڻ کي گدلو
۽ مِٽيءَ ۾ ميرو نه ڪج. تون پنهنجي جيءُ کي جنجال
۾ نه وجهه، اُٿي وري نئين سِر جستجو ڪر توکي صاف ۽
مٺي پاڻيءَ جا چشما گهڻائي ملندا.
19
لَلي لَئِي لاَتِ، سَرَ ۾ ڪِئو سوجَهرو
ٻَگَا ٻاتاڙا ٿِئا وائِي ڪَنِ نه واتِ
جُنگَنِ پَنهنجي ذاتِ، نيئِي رَساڻِي روهَ کي.
[1016]
سمجهاڻي:
سهڻي هنجهه
مٺيون مٺيون لاتيون ڪري سموري ڍنڍ ۾ ڄڻ چانڊاڻ ڪري
ڇڏي. هن جون اهي ٻوليون ٻڌي ٻگها حيران
پريشان ٿي ويا ۽ سندن بي سُريون تنوارون بند ٿي
ويون. جيڪي همت وارا هنجهه هئا سي اڏامي وڃي
پنهنجي جابلو ملڪ (اصلي ماڳ) پهتا.
20
وِئا مورَ مَري، هَنجههُ نه رَهيو هيڪَڙو
وطَنُ ٿِيو وَري، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ جو. [1017]
سمجهاڻي:
سهڻي ۾ سهڻا (خوبصورت) هنجهه (ساون ۽ سهڻن کنڀن
وارا مورَ هَنجَهه) ڪڏهن جو مري ويا ۽ ٻيو ڪو عام
هنجهه به باقي نه بچيو آهي. انهيءَ ڪري هر هنڌ
ڪوڙا ڪَنگَ پکي پيا نظر اچن. (انهن ئي اچي اهي هنڌ
۽ ماڳ والاريا آهن).
[مثنويءَ ۾ اهو خيال هنن لفظن ۾ ملي ٿو:
چونکه زاغان خيمه بر گلشن زدند،
بلبلان پنهان شدند و تن زدند.
(دفتر دوم، ب- 40)
معنيٰ: جڏهن کان ڪانون اچي گلشن ۾ ديرو ڄمايو آهي
ته بلبليون ويچاريون لڪي ڇپي ويون آهن.]
21
سَرَ اُهيئِي اَڳَيَان، پَکيِ ٻِئا پِئا
جَنِ لَمِئو ٿي لاتيُون ڪَيُون سي ويچارا وِئا
ماڳو ماڳ ٿِئا، ڪُوڙا ڪانيرا گهَڻَا. [1018]
سمجهاڻي:
جيتوڻيڪ پاڻيءَ جا چشما اهي ئي ساڳيا آهن، پر پکي
مَٽجي ويا ۽ هڪڙن جي بجاءِ ٻيا اچي ويٺا آهن. اهي
جيڪي پاڻيءَ جي مٿان لُڏي لمي ۽ جهومي تنوارون
ڪندا هئا، سي ويچارا غائب ٿي ويا. هاڻي هر هنڌ،
ڪوڙا ڪَنگَ پکي ئي جتي ڪٿي پيا ڏسجن.
22
سو پَکِي سو پڃرو، سو سَرُ سوئِي هَنجههُ
پيهِي جان پرُوڙيو مُون پاهِنجو مَنجههُ
ڏيِل جَنهين جو ڏَنجههُ، سو مارِي ٿَو مَنجههِ
وڙِهي.
[1019]
سمجهاڻي:
اهو ئي پاڻ پکي به آهي ته ڦاسڻ وارو پڃرو به آهي.
پاڻ پاڻيءَ جو چشمو به آهي ته هنجهه پکي به آهي.
مون جڏهن گهڻو غور ڪري پنهنجي من ۾ نهاريو ته
معلوم ٿيو ته جنهن جو خوف ۽ ڊپ آهي يعني شڪاري
(ماريندڙ)، اهو منهنجي اندر ۾ ئي آهي.
[مثنوي روميءَ ۾ هن سلسلي ۾ هيءُ بيت نظر ۾ رکڻ
گهرجي.
مرغ خويشي، صيد خويشي، دام خويش،
صدر خويشي، فرش خويشي، بام خويش.
(دفتر چهارم ب 807)
معنيٰ: تون پاڻ پکي آهين، پنهنجو شڪار آهين ۽ پاڻ
ڦاسائڻ وارو ڄار آهين. تون پاڻ مٿي وهندڙ آهين،
پاڻ هيٺ زمين تي آهين ۽ تون ئي مٿي ماڙي تي ويٺل
آهين.]
وائي
هَنجهَڙا پَسان نه سي، اُڏامي وئا آنهيرَنِ تي
پَکِي جيِ پَرڏيههَ جا، ساجُهرُ وِئا سَرَ تي
موتِي جَنِ ماڳَنِ ۾، لالُون لَهَن تِتي
جَنِ جو عَهدُ اَللهَ سِين، سي ڪِئن رَهَنِ هِتي
اُهي عَبدُالَلطِيفُ چَئي، پاڻِ وَهيا
پَرتِي. [1020]
سمجهاڻي:
اڄ اهي هنجهه ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن، اهي سڀئي اڏامي
وڃي پنهنجن پنهنجن آکيرن ۾ لڪي ويٺا آهن. جيڪي پکي
پرديس مان ڪهي اچي پهتا هئا، سي سوير پاڻيءَ جي
چشمن تي هليا ويا. جن هنڌن تي موتي ملن ٿا، هو
انهن جاين تي وڃي موتي پيا ڳولين. جن جو الله
سائينءَ سان وچن وعدو ٿيل آهي، سي هتي ڪيئن رهندا.
عبداللطيف چوي ٿو اهي پاڻهي اصلي ماڳ ڏانهن گهڻو
پري وڃي چڪا آهن (هو هتي ترسڻ وارا ناهن).
داستان ٽئو
1
پِهرِين ڪاري نانگَ جي ڪو ڇرِڪِيلُ ڇيڙ ڪَري
جي هَڻِي ڏنگُ ڏسائِيو، ويجهو ڪينَ وَري
جيڪي ٺُپِ مَري، جيڪي سِڪي صِحَت کي.
[1021]
سمجهاڻي:
جن کي اڳ ۾
ڪاري نانگ (ڪاريهر) جو ڇرڪ پيل هوندو، تن مان ڪو
ورلي اهڙو هوندو جيڪو وري ٻيهر وڃي هن سان ڇيڙ ڇاڙ
ڪندو، نه ته ڪندو ئي ڪونه! جيڪڏهن نانگ ڏنگ هڻي ان
کي ڏنگيو يا کاڌو ته هن جو جلدي صحتياب ٿيڻ مشڪل
ٿيندو. مطلب نانگ جو ڏنگيل يا ڪکيل صفا مري ويندو
يا وري سڄي عمر تندرستيءَ لاءِ پيو واجهائيندو.
2
کَپُرَ گاروڙِينِ سِين وَڏو وِڌُءِ ويرُ
نانگَ نه وِيندين نِڪَرِي، تو ڏَرَ مَٿي پيرُ
هِيءُ تَنِي جو ڍيرُ، جَنِ جهُوناڳڙُهه جَلائِيو.
[1022]
سمجهاڻي:
اي کپر نانگ (نفس) تو منڊ هڻڻ يا نانگ پڪڙڻ وارن
سان وڏي دشمني ڪئي آهي. اي نانگ تون هاڻي بچي ڪونه
ويندين، ڇو ته تنهنجي ٻرڙ (ڏَرڙ) يعني رهڻ واري
هنڌ يا ان جي منهن تي هنن پنهنجو قدم رکي توکي بند
ڪيو آهي. (توکي خبر آهي ته) هي ماڳ هاڻي اهڙن
مهاجوڳين (سالڪن) جو آهي جن جهوناڳڙهه (جتي جا
خطرناڪ وڏا نانگ مشهور آهن) ۾ به باهه ڏيئي نانگن
کي ماري ناس ڪري ڇڏيو هو.
3
ڪوهُ جاڳائي جِيجُنِ کي ٿو سُتَلَنِ هَٿُ هَڻِي
جو ڏاڙُون ڏاڙُنِ ويٺِيُون ته وِڙهَندُئِي وِهُ
وَڻِي
جَنِ جو ڌُوڃُ ڌَڻِي، تون ڪِئن وِجهِين ويرُ تَنِ
سِين.
[1023]
سمجهاڻي:
تون ڇا لاءِ هٿ هڻي اهڙن اجگر نانگن کي جاڳائين
ٿو، جيڪي تمام زهريلا موت مار آهن، جيڪڏهن هنن جي
ٻن ڏاٺن (زهر وارن ڏندن) جو چڪ توکي چڱيءَ طرح لڳي
ويو ته هن جو زهر توتي چڙهي ويندو. هائو، پر جيڪي
ان راهه جا اصل ڄاڻو آهن، انهن سان تون ڪيئن ٿو
دشمني رکين.
4
آسَڻُ جَنِ اَريجَ ۾ تَنِ جي وِهَ جو وَرَنُ ٻِئو
تَنِ جو ڪَنڊوئِي ڪَمُ ڪَري، جي مَٿِسِ پيرُ پِئو
پُريين آهِي پَڌَرو تَنِ نانگن جو نِهو
ڪَلِي ويرَ ڪِهو، جو سامُهون ٿِئي سَپَنِ کي.
[1024]
سمجهاڻي:
اهي نانگ جن جي رهڻ جو هنڌ سڪل ۽ ٺوٺ زمين آهي، تن
جي زهر جو نمونو بلڪل نرالو (وڌيڪ خطرناڪ ۽
موتمار) ٿئي ٿو. جيڪڏهن انهن جي سنهڙي هڏيءَ جي
مٿان به پير اچي ويو ته اها زهر وارو ڪم ڪري ٿي.
اهڙا نانگ اصل کان وٺي بڻ بڻياد جي ڪري ڄاتل سڃاتل
۽ مشهور آهن. اهڙن وڏن زهريلن نانگن سان ڪير آهي
جو ويڙهه جي وقت مقابلو ڪري!
[مثنوي روميءَ ۾ پڻ جبل جي نانگن کي جدا ۽ خطرناڪ
شمار ڪيو ويوآهي.
ليک درکهه مارهائي پرفن اند،
اندريم ماهيان را مي کشند.
(دفتر سوم، ب- 3593)
معنيٰ: جبلن ۾ عجيب خطرناڪ نانگ آهن، جيڪي سمنڊ جي
مڇين کي به ماري کائين ٿا.]
5
جَنِ جِيُون اوطاقُون اَريجَ ۾ مَڻيُون تَنِ
مَٿَنِ
ماٺِ مَرتَبو اُن جو، وَسان ڪِينَ ڪُڇَنِ
جو اوڏو وَڃي اُنِ، تَنِ جوکو ٿِيي جانَ کي.
[1025]
سمجهاڻي:
اهي نانگ جيڪي سدائين خشڪ زمين ۾ رهن ٿا، تن جي
مٿي ۾ مڻيون هونديون آهن. (جيڪي وري ٻئي نانگ جي
زهر کي مارڻ لاءِ ڪم اچن). سانت ۽ صبر ئي انهن
نانگن جي سڃاڻپ آهي ۽ هو وس پڄندي يا جيترو ٿي
سگهين، ڪنهن کي ڪونه ڏنگين. البت جيڪو انهن جي
ويجهو ويندو ته ان کي جان جو نقصان ٿي سگهي ٿو.
6
ڪاري ڪُرُ لَڄي جي اَڻَ- ڪَڄَاڙئو کاءِ
ڄاڙئان اَندرِ ڄِڀَ ۾ ڳُجهو ٿو ڳالهاءِ
اُتي اُو سَاماءِ، جِتِ رَتِي ناهي ريجَ جي.
[1026]
سمجهاڻي:
ڪاريهر نانگ
پنهنجو بُڻ لڄائيندو جيڪڏهن بنا ڪنهن ڇيڙڇاڙ يا
چُرچ جي ٻئي ڪنهن کي اجايو ڏنگي وجهي. هو پنهنجي
ڄاڙيءَ اندر زبان سان سدائين مام ۾ ڳالهائيندو آهي
(نانگ جي آواز طرف اشارو آهي). دراصل هو ان هنڌ يا
جاءِ تي پلجي جوان ٿيو آهي جتي پاڻيءَ جو ڦڙو به
ڪونهي.
7
سَنهَان ڀانءِ مَ سَپَ، سُڪا جَنِي پيٽَ
تَنِي جي چَپيٽَ، جُنگنِ کي جوکو ٿِئي.
[1027]
سمجهاڻي:
اهڙن نانگن کي ڪمزور بلڪل نه سمجهه جن جا پيٽ سڪل
(ڪاٺيءَ جهڙا) آهن. انهن جي هڪڙي جهڙپ (چڪ) وڏن
وڏن بهادرن کي نقصان رسائڻ لاءِ ڪافي آهي.
8
سَنهان ڀانءِ مَ سَپَ، وِياءَ واسِينگَنِ جا
لَتاڙِيا لَطِيفُ چَئي، چوريا وِجهَنِ چَپَ
تَنِي جِي جهَڙَپَ، هاٿِي هَنڌان نه چُري. [1028]
سمجهاڻي:
انهن نانگن کي ضعيف (بي اثر) نه سمجهو جيڪي
واسينگن جا ٻچا يا انهن جي بُڻ مان آهن. عبداللطيف
چوي ٿو ته اهي ڀلي پيرن هيٺان لتاڙيل هجن، پر ڪيئن
به ڪري چُري پُري چڪ هڻن ٿا. انهن نانگن جو هڪڙو
حملو (چڪ) ئي اهڙو خطرناڪ ٿئي ٿو، جو ان سان
هاٿيءَ جهڙو وڏو جانور به (زهر جي ڪري) پنهنجي
جڳهه تان چُري نه سگهندو آهي (اتي جو اتي بيٺي
بيٺي مري ويندو آهي).
9
موران موٽَڻُ مِيهَڻُو، نُوڻِي نانگَ نه ڪَنِ
ڪارايَلَ ڪارَنِ کي ڳارا ڪِئو ڳِهَنِ
وَٽِيين وِهُ پِيَنِ، سِڪَ سُرِڪِيين نه لَهي.
[1029]
سمجهاڻي:
مور (نانگ سان) ويڙهه ۾ پٺتي هٽڻ پاڻ لاءِ عيب ۽
طعنو سمجهن ٿا، پر نانگ به ڪڏهن نوڙت يا هيٺاهين
ڪونه وٺن. مور ڪارن نانگن کي
ڊگها ٽڪر ٽڪر
ڪريو، نوڙين وانگر لڙڪايو، وات ۾ وجهي ڳڙڪائيندا
وڃن. مور وٽيون ڀري وهه پيئڻ وارا آهن. سندن سڪ
سرڪين سان لهڻ واري ناهي.
10
مَٿي جهَڙَ جهيڙِينِ، مورُ ڪارايَلُ پاڻَ ۾
نُوڻِي نانگ نه ڏِينِ، موران موٽَڻُ مِيهَڻو.
[1030]
سمجهاڻي:
جڏهن ڪنهن وڻ
جي مٿان مور ۽ ڪارو نانگ پاڻ ۾ اچي اٽڪن يا وڙهن،
تڏهن ڪارو نانگ ڪڏهن به آڻ نه مڃيندو آهي ۽ مور
وري مڙڻ يا ويڙهه کان بس ڪرڻ پنهنجي لاءِ وڏي
گهٽتائي ۽ عيب سمجهندا آهن.
11
سَپُ کَپُرَ سَڄا ڳِهي، نانگنِ ڳولِيو کاءِ
تَنِي کي واجهاءِ، مَڻِيُون جَنِ مَٿَنِ ۾. [1031]
سمجهاڻي:
سَپُ (هڪ وڏو زهريلو نانگ، ارڙ بلا) وڌيڪ زور وارو
آهي جو سڄا نانگ ڳولي ڳولي ڳيت ڏيئي ڳهي ٿو وڃي.
هو وري اهڙن (ڪارن) نانگن جي تلاش ڪري ٿو، جن جي
مٿي ۾ مڻيون هونديون آهن.
12
واتان جَنِي وِهُ وَهي، سي آيا اوڳارِينِ
جي آرَڻِ ٻَڌي آئِيا، تان نانگَ نه نِهارِينِ
ڏَنَيرَ تَنِ ڏَارِينِ، ميلُ جَنِي جي مَنَ ۾.
[1032]
سمجهاڻي:
اهي وڏا نانگ
اهڙا آهن جن جي وات مان زهر پيو وهي، انهن جي
سامهون جيڪي اچن تن کي ڳهي ۽ کائي اوڳاري ڇڏين ٿا.
هو جڏهن وڙهڻ جو ارادو ڪري اٿن ٿا ته نانگن تي
سندن نظر ئي نٿي پوي. (هنن تي سندن اک نٿي ٻڏي).
اهي زورآور ۽ زبرا نانگ ٻين اهڙن نانگن کي چيري
ڦاڙي کائي ڇڏين ٿا، جن جي اندر ۾ ميرائي يا دشمني
آهي.
13
ڪِنہِ ڪِنہ ڪارِيءَ ذاتِ کي مورَ به مَٽائِينِ
لَتوڙِئا لَطِيفُ چَئي، چُرِئا چَکائِينِ
توڙي ٺُپُ مارِينِ، ناته سِڪن صِحَتَ لَئي. [1033]
سمجهاڻي:
(جيڪي نانگن سان دشمنيءَ ۾ مشهور آهن) ڪارن نانگن
جي ڪنهن خاص قسم جي بنهه ويجهو نه وڃن، انهن کي
ڇڏي ڏين يا کانئن مڙي لنگهن. پر جيڪڏهن ڪنهن انهن
نانگن کي لتاڙيو ته پوءِ چري چٽڪو چکائيندا.
(کائيندا ۽ ڏاڍو ڌڪ هڻندا). اهي يا ته ٻئي کي اُڦٽ
ماري وجهن ٿا يا پوءِ اڳلو صحتمند ٿيڻ لاءِ هميشه
پيو سڪندو ۽ تڙپندو.
14
وِهُ هَٿين وِهُ پيرين، وِهُ جَنِي جي واتِ
ڪا ڪا ڪارِي ذاتِ، مورَنِ مَٽي ڇَڏئِي. [1034]
سمجهاڻي:
ڪي ڪارا نانگ اهڙا به آهن جن جي هٿن توڻي پيرن ۾
به زهر آهي ته وات ۾ به زهر ڀريل آهي (اهي سراپا
زهر آهن). اهڙي قسم جي (خطرناڪ زهريلن) نانگن کان
مور به پاسو ڪري لنگهي وڃن ٿا.
وائي-1
ڪُوڙِي راندِ، ڪُوڙو چَٽڪو
لِکَ سِينءَ لَلو پَتو
لَيو جِئن لامين چَڙهين، ڪِئو ڪارايَلَ ڪَٽِڪو
ڪِ تو ڪَنين نه سُئو، شَهبازَ جو سَٽِڪو.
[1035]
سمجهاڻي:
هيءَ (دنيا) اجائي کيڏ يا بازي آهي، ان جو مزو
جٽادار ڪونهي (عارضي) آهي. اهو کيل تماشو تمام
ٿوري دير لاءِ آهي. جيئن (نانگ) هن مٿي وڻ جي
ٽارين تي ويهي لاتيون ڪرڻ لڳندو آهي ته مور وڏي
زور شور سان اچي مٿس ڪڙڪندو آهي، پر ڇا تو انهن
ٻنهي مٿان شهباز (شڪاري باز) جو آواز سان حملي ڪرڻ
جو نه ٻڌو آهي. (هن دنيا ۾ اهو ئي کيل تماشو جاري
آهي)
وائي-2
جي مان چارائِينِ، جيڪَرَ جيڏيون وو
ڪَرَهَ سَندانِ چارِيان
جي مان چارائِين وي ميان، تان مُئِي جِيارِينِ
پيرين آءٌ نه پُڄَڻِي، ڪَرَهَلَ هُوءِ نه جهَلِينِ
ڳُجهِي آءٌ نه وَڃڻِي، پَڌَرِ پِرِين نه
نِينِ. [1036]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي زباني) اي جيڏيون سرتيون، جيڪڏهن هو
مون کي پنهنجا اٺ چارڻ لاءِ ڏين ته آءٌ (وڏي
خوشيءَ سان) انهن کي چاريان (انهن جي به خدمت
ڪريان). بلڪ جيڪڏهن هو پنهنجا اٺ چارڻ لاءِ منهنجي
حوالي ڪن (مون کي اهو ڪم ڏين) ته آءٌ جيڪر مُئي به
جيئري ٿي پوان!
آءٌ پيرين پيادي يعني پنڌ ڪري هنن وٽ پهچڻ واري
ناهيان ۽ هو وري پنهنجا اٺ ترسائڻ لاءِ تيار ناهن.
ٻئي ڪنهن لڪل نموني سان ته آءٌ وڃي نٿي سگهان ۽
ظاهر ظهور هو مون کي نٿا وٺي وڃن.
وائي-3
هوتَ بلوچَ جي آهِيان
ڀَلو جيڏيون! آءٌ جا بلوچَ جي آهِيان
ڪَنِيزَڪَ ڪيچينِ جي، ناتَرِ نامُ سَڏائِيان
پيزارَ پُنهونءَ ڄامَ جي، اکِينِ ساڻُ
اُٺائِيان. [1037]
سمجهاڻي:
او منهنجيون سرتيون، مان هوت پنهونءَ جي آهيان.
مان سڀني کي ٿي ٻڌايان ته آءٌ هوت بلوچ جي آهيان.
مان ڪيچ وارن جي ادنيٰ گولي ٻانهي آهيان ۽ (ناتر
وانگر) پاڻ کي سندن غلام سمجهان ٿي. (مون کي موقعو
ملي ته) آءٌ پنهونءَ جي پيرن ۾ پائڻ واري جتيءَ کي
پنهنجي اکين ساڻ کڻي هلان (منهنجي لاءِ ان کان
وڌيڪ ٻي ڪا راحت ڪانهي). |