داستان چوٿون
1
سَنجهي مون نه سنڀالِيو ته اوٺِي ڪَندا اِيئَن
ڪُهِي ڪَمِيڻي ڪِيئن، جَڏِي راتِ جَتَنِ ڪِي.
[1519]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) مون سج لهڻ سان سوير اُن ڳالهه جو
خيال نه ڪيو، ته ڪو اٺن جي قافلي وارا مون سان
ائين (ايڏو ستم) ڪندا. رات وچ ۾ مون هيڻيءَ ۽
ڪمزور عورت کان منهنجو وَرُ پنهون کسي مون کي ماري
جَڏو ڪري هليا ويا.
2
اَڱَڻَ اُهيئِي، جَتَ نه پَسان جُوءِ ۾
اوطاقُون اُٺَنِ ري سُڃيون سڀيئي
اکَڙِيُون روئِي، ماڳِ نِهاري موٽِيُون. [1520]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) منهنجي گهر جو صحن اهو ساڳيو ئي
آهي، جتي جَت ترسيل هئا، پر هاڻي هوت پنهونءَ جا
اهي مائٽ انهيءَ هنڌ (ماڳ) تي ناهن ۽ انهن جو ڪو
پتو ئي ناهي. هنن جي وڃڻ جي ڪري اُٺن جا سڀ وٿاڻ ۽
ويهڪ واريون جايون خالي پيون آهن. منهنجيون
(ندوريون) اکيون اهو منظر ڏسي روئي روئي ٿڪجي پون
ٿيون.
3
نه ڪو ڪيچِ ڀَنڀورِ، نه ڪو مائِٽُ مُنڌَ جو
هورُ مِڙوئِي هِن کِي، هوتَنِ ڪونهي هورُ
زاريءَ ڌاران زورُ، هَلي ڪونه حَبيبَ سِين.
[1521]
سمجهاڻي:
سسئي جو نه ته ڪو ڪيچ ۾ ۽ نه وري ڪو ڀنڀور ۾ مٽ
مائٽ آهي (جنهن کي سندس ڪو ٿورو گهڻو فڪر ٿئي).
هوت پنهل جي ڳڻتيءَ ۽ ويچار فقط سسئيءَ کي آهي.
هوتن کي هن بابت ڪو خيال (همدردي) ڪونهي. محبوبن
سان ڪو به زور يا طاقت ڪم نٿي اچي، هتي صرف آزي
نيزاري (نهٺائي ۽ نوڙت) سان مراد ۽ مطلب حاصل ٿئي
ٿو.
[مثنوي روميءَ ۾ آزي نيازي ۾ زاري ڪرڻ تي وڏو زور
ڏنل آهي. هڪ هنڌ شعر آهي:
خويش را رنجور ساز و زار زار،
تا تُرا بيرون کند ز اشتهار.
(دفتر
اول، ب- 1545)
معنيٰ: تون پاڻ کي ڏکن ۽ غمن جي حوالي ڪر ۽ هر وقت
زاري ڪندو رهه، ته جيئن تون خواريءَ کان بچي
سگهين.]
4
ڇورِي نِدورِي، نه ڪو مائٽُ مُنڌَ جو
سَوين هَلَنِ ساٿَ ۾ ڪَمي ۽ ڪورِي
آءٌ پُڻ آهيان اُنِ ۾ لَنگهِي ۽ لورِي
لَنگهائين لَطِيفُ چَئي ٿَرَنِ جي ٿورِي
آهيان اَجورِي، تُنهنجي جورين جَبَلُ لَنگهِيان.
[1522]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جو خاص عرض) آءٌ هت ڀنڀور ۾ به اڪيلي ۽
اڀاڳي آهيان. هتي منهنجو ٻيو ڪو مٽ مائٽ ڪونه آهي.
جيئن تنهنجي قافلي سان گڏ ڪيترائي ڪمي ڪاسبي هلن
ٿا، تيئن آءٌ پڻ قافلي سان هڪ لَنگهِي (پِنَ ۽
گهُر ڪندڙ) وانگر ٿي هلنديس(اها سين پيئي هڻنديس،
ته مون کي ڪو ڏان ۾ پنهون آڻي ڏئي).
عبداللطيف چوي ٿو، ته شل انهن برن مان هن اڳلڙيءَ
کي پار پهچائين. آءٌ ڪمزور ۽ هيڻي آهيان، پر
تنهنجي زور ۽ ٻل (طاقت) تي جبل لنگهي وينديس.
5
جَڏِيءَ وَٽِ جالِي، مانَ لِلهِ ڪارَڻِ لِکَ سِين
آهِيان آرِيءَ ڄامَ جي هِتِ هُتِ حَوالي
عَيب مُون ۾ اَڳَرا، نِرَمَلُ نِڪالي
پِرِٽياڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي.
[1523]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي خواهش) شل، منهنجو سپرين، الله واسطي
ٿوري دير ئي سَهي، مون محتاج وٽ ترسي ۽ ٽڪي (مون
تي پنهنجي ڪرم جي نظر ڪري). مان هِتي (هن دنيا ۾)
توڻي هُتي (اڳئين جهان ۾) هن آري ڄام جي بِلي ۽
حوالي آهيان. مون ۾ جيڪي به عيب ۽ اوڻايون آهن، شل
اهو ڪامل ڪڍي، مون کي پاڪ صاف ڪري. (مون کي اُميد
آهي ته) ڪيچ جو بي عيب والي هن ڌوٻياڻيءَ کي
پنهنجو ڪندو ۽ کيس ڪيچ وٺي ويندو.
6
ٻانڀَڻِ ٻِيٽي آهِيان، پَريٽَنِ پالياسِ
حُسنَ هوتَ پُنهونءَ جي ماري موت وِڌياسِ
جانڪِيتان جِيندِياسِ، پُوندِيسِ وَرِ وِصالَ جي.
[1524]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جو اقرار) آءٌ بيشڪ هڪ ٻانڀڻ جي ڌيءَ
آهيان، جنهن کي ڌوٻين ۽ کٽين پالي وڏو ڪيو. پر مون
کي هوت پنهونءَ جي حسن ماري مات ڪيو آهي (آءٌ هن
تي شيدا ۽ فدا آهيان). آءٌ جيستائين جيئري آهيان،
تيستائين سندس وصال جي منتظر آهيان.
7
پَرَوَسِ ٿِئُمِ پَرياڻَ، پِرِين وَسِ نه پانهنجي
جيڏِيُون جي مان وَسِ هُئا ته ڏاگهَنِ وِڌَمِ ڏاڻَ
هَئي مُنهِنجي ڄاڻَ، ڪيچِينِ مان سان
ڪِين
ڪِئو. [1525]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) هڪ ته منهنجو پرين منهنجي وس ۾ نه
آهي ۽ ٻيو وري منهنجو پيارو پرين پنهنجي وس ۾ ناهي
(پنهونءَ کي ڀائر کنيو ٿي ويا). اي ڀينر! جيڪڏهن
منهنجو وس هلي ها، ته آءٌ جيڪر هنن جي اٺن کي
رسيون وجهي، چڱيءَ طرح سوگهو ٻڌي ڇڏيان ها. منهنجي
سمجهه تي افسوس آهي، جو مون کي ڪا خبر ڪانه پيئي،
باقي ڪيچين مون سان ڪجهه ڪونه ڪيو (سڄو ڏوهه ۽
غلطي منهنجي آهي).
8
هوتَنِ ڪانَه هُئِي، مون پاڻهين پيئِي پُنهونءَ
سين
ٻانهِي ٻاروچَنِ جي سَڳَرَ مَنجههِ سُئِي
سا موٽِي ڪِيئن مُئي، جِنہِ جو هِنيُون هوتَ هَڻِي
وِئا.
[1526]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جو اقرار) هوتن کي مون سان سڱ ڪرڻ جي سڪ
ڪانه هئي (هنن کي مون ڏانهن مَدي ڪانه هئي). مون
پاڻ وڃي پنهونءَ سان محبت جو ناتو ڳنڍيو. تڏهن کان
وٺي آءٌ ٻاروچن جي ساٿ ۾ هنن جي ٻانهي ۽ گولي
مشهور ٿي آهيان. هاڻي هاڃي هنيل ۽ مصيبت جي ماريل
(سسئي) واٽ تان ڪيئن موٽندي، جنهن جي دل جو دلبر
هوت ٻروچ ساڻ وٺي هليا ويا.
9
پَهَڻَنِ ڪِينَ پَروڙئو، پِٿُون پيرَ ٿِئامِ
”ثُمَ لايَمُوتُ فِيها وَلا يَحيٰ“، هِهَڙا حالَ
سَندامَ
ڪوجها ڪِرِتَ ڪِئامَ، جئن هوتن ڇَڏِيسِ هَبَ ۾.
[1527]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي دانهن) مون کي پٿرن ۽ پهڻن ڪونه سڃاتو
(منهنجو قدر نه ڪيو) ۽ منهنجا پير ڦٽجي ذرا ذرا ٿي
ويا. سندس حالت ’هُوءَ نڪي ٿي جيئي، نڪي ٿي مري‘،
واري ٿي ويئي آهي. مون شايد خراب يا برا ڪم ڪيا،
جو هوت بلوچ مون کي حب ۾ ڇڏي هليا ويا.
10
رائو رَنجائو، مون نماڻيءَ جيِ نِجهُري
مُنہُ ڏيئي مون آئيو ڏُونگَرَ ڏولائو
سَرتيون ساڃائو، ڪيچِينِ مون سان ڪونه ڪِئو.
[1528]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي شڪايت) پهاڙ جي ريتي ۽ ننڍين پٿرين تي
هلڻ سان مون کي ڏاڍا ڏک مليا، جيڪي منهنجي نصيب ۾
هئا. ڏونگر جي ڪٺن ڪشالن کي به مون کي منهن ڏيڻو
پيو ۽ انهن کي هر صورت ۾ ڀوڳڻو پيو. اي سرتيون!
(توهان کي ٻڌايان ٿي) ڪيچين مون سان سڱ ۽ سُڃاڻپ
(پنهنجائپ) وارو ورتاءُ نه ڪيو (مون سان چڱو نه
هليا).
11
ڪالُهون پوءِ پِرينءَ کي، روئان مٿي راهَ
وِئو ٻاروچو نِڪَري، سُورَ چَکائي ساءُ
گهَٽَ ۾ لَڳُمِ گهاءُ، لَالَڻَ جو لَطِيفُ چَئي.
[1529]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جو احساس) ڪالهه يعني جڏهن کان پنهون ويو
آهي تڏهن کان وٺي آءٌ واٽ ويندي پيئي روئان ۽
رڙان. هوت ٻاروچو مون کي سورن جو مزو چکائي پاڻ
هليو ويو. عبداللطيف چوي ٿو، ته پيارو پرين منهنجي
اندر ۾ وڏا زخم ۽ ڦٽ ڏيئي ويو آهي.
12
ڏوري ڏوري ڏيههُ، ٿَڪِيَسِ ٿورو لاءِ مون
اُونچا پاهَڻَ پَٻَ جا، ڇَپَرَ ڪونهي ڇيہُ
هِڪُ پاهَڻُ ٻِئو پَرڏيههُ، موٽُ سَٻاجها سُپِرين.
[1530]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) آءٌ هلي هلي، پرديس ۾ پنڌ ڪري جبل
جهاڳي ٿڪجي چُور چُور ٿي پيئي آهيان. هاڻي تون مون
تي مهرباني ۽ احسان ڪر، ڇو ته پربت جهڙا پهاڙ آهن
۽ جبل ختم ٿيڻ جو نالو نٿا وٺن. هڪ پهڻن ۽ پٿرن جو
ڏکيو پنڌ ۽ ٻيو پرائو ملڪ (مون کان ٻيئي ڏاڍا
آهن). اهڙيءَ حالت ۾ اي ٻاجهه ڀريا سُپرين! تون
قرب ڪر ۽ موٽي مون وٽ اچ.
13
جَتَنِ سان جانڪُون، سَرتيون مون سَڱُ ٿِئو
ڪُهِي ڪوهيارو وِئو، تَنُ ڇِنِي تانڪُون
آن پڻ تَڏهانڪُون، نِيہَ نِهوڙِي آهِيان.
[1531]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) جڏهن کان هوت بلوچن سان منهنجو
مائٽيءَ وارو سڱ ٿيو آهي، تڏهن کان هو ڪوهيارو
پرين مون کي قرب جي ڪاتيءَ سان ڪهي ويو آهي ۽
منهنجي تن بدن کي ڦاڪون ۽ ڀاڱا ڪري ويو آهي. مان
تڏهن کان وٺي هن جي محبت ۾ پيئي مران ۽ ڳران
(جهڄان ۽ جهُران).
وائي-1
اَئِين ڇا کي ٿا ڪَرَهَ قَطاريو،
مون نِماڻِي تان ڪِي نه چيو
رَهو رات ڀَنڀورَ ۾، تان ڪا گهَڙِي هِت گهاريو
سَچو سُخَنُ سُپرين، قَولُ پنهنجو اَئين پاريو
موڙي مَڃرَ ٽارِيُون، چانگَنِ کي اَئِين چاريو
سِڪِي جِنہِ سَڱُ ڪِئو، تِنہِ معَذورِ کي مَ
ماريو.
[1532]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي گذارش) توهين ڪهڙي سبب ڪاوڙجي پنهنجن
اٺن کي ڪاهيو ٿا وڃو، مون مسڪين ۽ عاجز توهان کي
ڪجهه نه چيو آهي. منهنجو عرض آهي، ته توهان ڀنڀور
۾ رات رهو ۽ وڌيڪ وقت ترسي پئو. اي منهنجا سپرين!
توهين پنهنجو ڪيل قول سچو ۽ پورو ڪري ڏيکاريو.
توهان پنهنجن اٺن کي وڻن جون ٻور واريون ٽاريون
نوڙائي کارايو. (منهنجو عرض آهي) جنهن توهان سان
وڏي سڪ ۽ چاهه جو ناتو قائم ڪيو آهي، اُن مسڪين ۽
اپاهج کي ائين ماري نه ڇڏيو.
وائي -2
جي سيڻانِي سَڱُ، تي ٿِي ڏُونگرُ ڏوريان
وِئو ٻاروچو نِڪَرِي، اَنگهُنِ چاڙهي اَڱُ
ميڙي ميندِيءَ گُلڙا، راتِ رَتائُون رَڱُ
مُون آنهِسِين نه ڪِئو ڇِنَڻِ ڪارَڻِ سَڱُ
جان ڪوهيارو ڪيچَ ۾، تان مُون ڀَئي نه ڀڱُ.
[1533]
سمجهاڻي:
منهنجو انهن سان ئي ته سَڱ يا رشتو آهي، تنهنڪري
پيئي ٿي جبل جهاڳيان. منهنجو ٻاروچو سڄڻ مون کي
نيزن جي نوڪن تي چاڙهي پاڻ هليو ويو. (مون پاڻ کي
خواب ۾ ڏٺو) هنن مينديءَ جا گل گڏ ڪري رات جو ويهي
اُنهن جا رنگ هنيا. او پرين، مون تو سان اهو ناتو
هرگز ٽوڙڻ لاءِ نه ڪيو آهي، (مون کي تسلي آهي ته)
جيستائين منهنجو ڪوهيارو دوست ڪيچ ۾ آهي، تيستائين
مون کي ڪو ڀؤَ ڀولو يا ڊپ ڊاءُ ڪونهي.
داستان پنجون
1
جِئَن سو هَرَڻُ- هُماءُ، سَرگردان سَنسَارَ ۾
پَکَ نه کوڙي پَٽيين، ڌَر سِرِ ڌَري نه ساهُ
جيڪُسِ تِنہِ مُلاء، سَسُئي سُورَ پِرائِيا.
[1534]
سمجهاڻي:
جهڙيءَ طرح هرڻ هُما (جانور نما خيالي پکي) هر وقت
جهان ۾ حيران پريشان هلندو يا اُڏامندو رهندو آهي
۽ ڪڏهن به پَٽ تي پنهنجا پر کولي نه ويهندو آهي، ۽
نه وري ڌرتيءَ تي هيٺ لهندو آهي ۽ نه ڌرتيءَ تي
ساهه ڏيئي مرندو آهي. اهڙيءَ طرح شايد سسئيءَ کي
به هن وٽان يا هن جهڙا سور نصيب ٿيا (سسئي به هن
وانگر هر وقت پريشان ۽ هميشه هلندي رهي ۽ ڪٿي به
ويهي آرام نه ڪيائين).
[مثنوي روميءَ ۾ هما پکي جو ذڪر هن ريت ملي ٿو:
گر به بيني ميل خود سوي سما،
پر دولت بر کشا همچون هما.
(دفتر سوم، ب- 1620)
معنيٰ: جيڪڏهن تنهنجو لاڙو مٿي آسمان ڏانهن آهي،
ته پوءِ هما پکيءَ جيان پنهنجا پر کولي اُڏامندو
رهه.
ياد رهي ته هن کان اڳ سڀني رسالن ۾ هرڻ ۽ هماءَ کي
الڳ يعني جانور ۽ پکي ڪري لکيو ويو آهي، پر ٻنهي
کي هڪ ڪري سمجهڻ ان ڪري ضروري آهي، ڇو ته هرڻ
بهرحال هن زمين تي هلي ٿو، ويهي ٿو ۽ سڀ ڪنهن کي
نظر اچي ٿو.]
2
راتِ ڏِٺائِين روجَهه، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آئِيا
پريتَڻَي پِرِينءَ جي سِڪَڻَ ڪي سَٻوجهَه
اَڳي هُئي اَٻوجَهه، ڪِي سُورَ سِياڻِي سَسُئِي.
[1535]
سمجهاڻي:
سسئيءَ جڏهن رات جو روجهه جهڙن وڏن جانورن کي جبل
۾ هلندي ڏٺو، ته سمجهيائين ته قافلي وارن جا اٺ
آهن. سسئي پرينءَ جي پريت ۾ ۽ سپرينءَ جي سڪ سبب
سياڻي ۽ داناءُ ٿي ويئي. هوءَ اڳ ۾ اياڻي ۽ ڪم عقل
هئي، پر دردن ۽ سُورن کيس سياڻپ ۽ دانائي بخشي
ڇڏي.
[روميءَ ان مقصد ڏانهن هن ريت اشارو ڪيو آهي:
پس بدان اي اصل را اصل جو،
هرکرا دردست او بردست بو.
(دفتر اول، ب- 628)
معنيٰ: بس، هيءَ ڳالهه سمجهي ڇڏ، اي راز جا
ڳوليندڙ، ته جنهن کي درد آهي، ان کي ئي خبرچار ملي
ٿي ۽ پتو پوي ٿو.]
3
روجهَن ڏِٺي راتِ، هوتُ ڳولِيندي هَبَ ۾
ڪيچِينِ جي ڪَڙِي ٿِي، توءِ تَنِي جي تاتِ
ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَنان مُئي نه وِسري.
[1536]
سمجهاڻي:
سسئيءَ کي بر بيابان ۾ هوت کي هيڪلو ڳوليندي جبل
جي جانورن مان روجهن ڏسي ورتو (هن جو ٻيو ڪو سنگتي
ساٿي نه هيو). هن کي ڪيچين ڪڏهن به پسند نه ڪيو،
پر هن ڪيچين کي ڪڏهن به نه وساريو. جيتوڻيڪ هوءَ
وڃي مرڻينگ ٿي پر سندس دل مان هوت بلوچن جي ياد
ختم نه ٿي.
4
جَبَلَ ۾ جانارَ، سَرَهَ گَڏبَئي سَسُئِي
ڀِنيءَ پوءِ ڀَوارِيين، ٻانڀَڻَ جِي ٻاڪارَ
هوتاڻِي هيڪارَ، موليٰ مون کي ميڙئين.
[1537]
سمجهاڻي:
اي سسئي! توکي جبل ۾ سَرَهه جهڙا ڪيترا جانور ڏسڻ
۾ ايندا. رات جي پوئين پهر خوفناڪ هنڌن تان
لنگهندي (جڏهن انهن کي ڏٺائين) ڊپ مان وڏيون
دانهون ۽ ڪوڪون وٺي ڪيائين. (ائين پئي چيائين) اي
مالڪ سائين! مون کي هڪ دفعو (ڪيئن به ڪري) وري
پنهنجي هوتاڻي سردار سان ملاءِ.
5
ثَمَرُ نه جَنِي ساڻُ، هوتُ حِماتِي تَنِ جو
پُوندا ڇيڄَ ڇَپَرَ ۾، پُنهون اِيندو پاڻُ
ٿيندِي روحَ رِهاڻِ، لَحظي منجههِ لَطِيفُ چَئي.
[1538]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ کي نصيحت) جن وٽ سفر جو سامان ۽ قوت نه
آهي، هوت انهن جو ئي حامي ۽ مددگار ٿيندو آهي.
(تون آسرو رک) هوت پنهون پاڻ پهاڙن ۾ تو لاءِ هلي
ايندو، تڏهن خوشيءَ جو سمان هوندو ۽ ناچ ۽ سهرا
پيا ٻُڌبا. عبداللطيف چوي ٿو، ته سگهو ئي تنهنجي
دل گهُري ملاقات پنهنجي پياري پرينءَ سان ٿيندي.
6
مَردَ جنہ ماتُ ڪِئا سَسُئي لَنگهئو سو
جَبَلُ وَڏو جو، نُوڻِ مِڙيئي نِيہَ کي.
[1539]
سمجهاڻي:
سسئيءَ، اهو پربت جيڏو پهاڙ (پيرين پنڌ) لنگهي پار
ڪيو، جتي جوان مرد به هار کائي پٺتي هٽي وڃن ٿا.
جبل ڪيڏو به وڏو يا اُتانهون ڇو نه هجي، اُهو عشق
وارن لاءِ هيٺانهين ۽ هموار زمين آهي (هلڻ ۾ سولو
آهي).
[مثنويءَ ۾ مست اٺ جي حوالي سان ان ڪيفيت کي هن
طرح بيان ڪيو ويو آهي.
ز آرزوئي ناقه صد فاقه برو،
مي نمايد کوه پيش تار مو.
(دفتر سوم، ب- 2352)
معنيٰ: اهو مست اُٺ جيڪو ڏاچيءَ جي عشق ۾ بکون
ڪاٽي سنهو ٿي چڪو آهي، تنهن جي لاءِ پورو پهاڙ هڪ
نرم وار کان وڌيڪ ناهي.]
7
جَبَلُ ماري جَکَ، جو آڏو عَجِيبَنِ کي
توڻي لَڪَنِ لَکَ، سَڀُ لَنگهَندِيسِ سِڪَ سِين.
[1540]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جو عزم) ڀلي جبل پيو يخي ماري (ڊاڙ هڻي
ته هو مون کي آڏو روڪيندو) ته هو مون کي پرين وٽ
پهچڻ نه ڏيندو. (ليڪن منهنجو پڪو پهه آهي) ڀلي هڪ
لک کان وڌيڪ لڪ ۽ لڪيون هجن، آءٌ سڀيئي سڪ ۽ محبت
سان اُڪري پار هلي وينديس.
8
آڏا آريجَنِ کي جَبَلَ سُڄَنِ جالَ
اَهِين مِڙِي هَٿَ کَڻو، ڇَپَر مِڙان ڇالَ
روئِي ڪَندِيس رَتَ سِين لَڪَ مِڙيئي لالَ
موهِيسِ ڪِينَ مالَ، مَحبتَ وِڌيَسِ مامِري.
[1541]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) آري ڄام جي راهه ۾ ڪيترائي اڙانگا
جبل ۽ پهاڙ پکڙيا پيا آهن. (پر منهنجي وينتي آهي)
اوهين سڀ گڏجي مون لاءِ دعا گهرو، ته شل جبل ۾ ئي
جانب سان ملڻ ٿئي. آءٌ لڪن مان لنگهندي اهي سڀيئي
پنهنجي رت جي ڳوڙهن سان ڳاڙها ڪري ڇڏينديس. (آءٌ
ڇا ٻڌايان) مون کي (پنهونءَ جي) مال ملڪيت ڪونه
هرکايو، بلڪه هن جي محبت ئي مون کي انهيءَ ڪشالي ۾
وڌو آهي.
9
ڇَپَرُ ڇَمَرُ ڀانئِيَان، ڪانڀُو ۽ ڪارو
پَٻُ وِجهندِيس پُٺِ تي صُبُحَ سَوارو
وَڃڻُ مون وارو، ڪِينَ وِهِندِيَسِ وِچَ ۾.
[1542]
سمجهاڻي:
آءٌ (سسئيءَ جي اولوالعزمي) سڀ جبل ۽ پهاڙ جيئن
ڪانڀو ۽ ڪارو جبل جهُڙ ۽ ڪڪر وانگر ٿي سمجهان. آءٌ
واٽ ويندي صبح جو پٻ جبل کي پٺتي ڇڏينديس ۽ ان کان
اڳتي مَٽي وينديس (مون کي ڪوئي روڪي نٿو سگهي).
منهنجو ڪم هلڻ ۽ پنڌ ڪرڻ آهي، آءٌ ڪڏهن به وچ تي
ويهي نه رهنديس.
10
ڇَپَرَ ۽ ڇَمَرَ، ٿا لَڳَہ لَڳَنِ پاڻَ ۾
آڏا ڏونگَر ڳَڙهه ڳَرا، ويڌَ وِنگايُون وَرَ
آءٌ پِيادِي پَٽِيين، نِماڻِي نِڌَرَ
سوڙهِي جِتِ سَڳَرَ، اُتِ ٻاتاڙِينِ ٻيلِي ٿِئين.
[1543]
سمجهاڻي:
اوچا اتانهان جبل ۽ ڪڪر هڪٻئي سان گڏجي ڄڻ آسمان
سان پيا گسن. سامهون نظر ايندڙ جبل شاهي قلعن ڪوٽن
وانگر پيا لڳن، جن ۾ ڏنگا ڦڏا ور وڪڙ ۽ پيچرا آهن.
آءٌ انهن پَٽن جي پنڌ ۾ بلڪل اڪيلي ۽ بنا سهاري
آهيان. اي هوت پنهون! انهيءَ ڏکيءَ ۽ سوڙهي واٽ ۾
مون منجهيل (مجبور) لاءِ تون اچي ساڻي ۽ مددگار
ٿيءُ.
11
ڪِيَمِ نه سيڻَ صَحِي، ته ڪي ڇُلائيندا ڇَپَرين
ٽِلِي ٽَڪَرَ چَڙهئا روڏا ڪَري رَئِي
وِئو ساٿُ وَهِي، تو نِنڊرائِي نه لَهي.
[1544]
سمجهاڻي:
مون پنهنجن ڏيرن (پنهونءَ جي ڀائرن) کي صحيح طور
ڪونه سڃاتو، ته ڪو هو مون کي ائين جبل ۽ رڻ ۾ رولي
ڇڏيندا. تڏهن ته هو پنهنجن اٺن کي آرام سان
هڪليندا ۽ جهونگاريندا ٽَڪرن مان گذري ويا. (اي
سسئي پر تنهنجي غلطي به آهي) جيتوڻيڪ قافلو ڏاڍي
تيزيءَ سان اڳتي وڌي ويو، پر توکان ننڊ جو گهيرٽ
لهي ئي ڪونه ٿو.
12
نڪا طَلَبَ طعامَ جِي، نَڪا بُکَ نه اُڃ
اَصُلِ اَباڻي ڏيجَ تي سارِي ڏٺِيمِ سُڃ
رائو رُلَڻُ رُڃ، ڪَمِيڻيءَ قُوتُ ٿئو.
[1545]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) مون کي کاڌي پيتي جي ڪا به خواهش
ڪانهي، بلڪه ڪنهن به قسم جي اڃ بک نه اٿم. اهو ان
ڪري جو اباڻن جي ڏنل ڏاج ۾ منهنجي قسمت ۾ رڳو سُڃ
ئي سُڃ لکيل هئي. مطلب ته رڻن جا رولا ۽ اڃ بک مون
نيچ عورت لاءِ کاڄ ۽ طعام آهن (مون کي نصيب ۾ کائڻ
لاءِ اهي ئي مليا آهن).
وائي
منهنجو هنِيَڙو ٿو هُنِ ساري، جيڏيون ڙي!
آئون جا هَلندِي ويندِي هوت ڏي
آئون جا ڪَهندِي ويندِي ڪيچ ڏي
هوتَنِ هَلَڻُ مَنَ ۾، ڪيرِ گهَڙِي هِت گهاري
آسَرَوَندي آهِيان، مانَ واحدَ آڻينِ واري
پَنڌَ اَڙانگا پَٽِيُون، مون کي ڪوهِيارو ٿو ڪاري
سَچو سُخَنُ سُپرِين، مانَ پُنهل پنهنجو پاري
ڄيرو اندر جِندَڙي، وِئو ٻاروچَلُ ٻاري
سِڪِي جِنہ جو سَڱ ٿئو، سا مَعذورَ وِئڙا ماري
ٻانهي ٻاروچل لاءِ، ٿِي تاڙي جيئن تَواري
وِڌا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي، هِنَ ويچاريءَ واري.
[1546]
سمجهاڻي:
اي جيڏيون، منهنجي دل هن (سڄڻ) کي ياد ٿي ڪري، مان
هر وقت هن کي ياد پيئي ڪريان! مان پنهنجي هوت
پنهونءَ ڏانهن هلندي وينديس، هن جي خاطر ڪيچ جو
پنڌ پيئي ڪريان. جڏهن هوت ڏانهن وڃڻ جو منهنجو اٽل
ارادو آهي، ته پوءِ هِتي هن کان سواءِ هڪ پل به
ڪير گذاريندو! مان هر وقت آسري ۽ اميد تي آهيان،
ته ڌڻي کيس وري واپس آڻيندو. مون کان جبل جا ڏکيا
پنڌ منهنجو ڪوهيارو ٿو ڪرائي. شل پنهون پنهنجو ڪيل
قول سچو ڪري ڏيکاري. هو منهنجي جگر کي جلائي ويو
آهي. منهنجو ڪيڏي وڏي سڪ سان ساڻن ناتو ٿيو، پر هو
مون محتاج کي ماري هليا ويا (ڪا پرواهه يا خيال نه
ڪيائون). هيءَ ٻانهي پنهنجي ٻاروچي سڄڻ کي تاڙي
پکيءَ وانگر، جيئن اهو سانوڻ ۾ ٻوليندو آهي، تيئن
پيئي کيس ياد ڪري (آخر ۾) هن ويچاريءَ عورت
پنهنجون سڀ اميدون ۽ آسرا ٻاجهاري رب جي حوالي ڪري
ڇڏيا.
داستان ڇهون
1
آڏَ تِراڇا آهُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا
وَٺِي وَرُ واٽُ ٿِئا بَرَ چَڙهي بانڪا
ڦَٽيا ڦَڻَ فقيرَ جا چَڙهندي چَڙهاڪا
هَنِ جِيءَ اندرِ جا ڪا، سا وِئا پُڄائي
پانهِنجِي. [1547]
سمجهاڻي:
(سسئي پنڌ جي تڪليفن جو بيان ٿي ڪري) جبل ۾ آڏا
ٽيڏا، کهرا ۽ چُڀندڙ پٿر ۽ ڇِپُون هيٺ مٿي ڏاڪن
جيان آهن (جن تي چڙهڻ ۽ هلڻ ڏاڍو ڏکيو آهي). هو
زورآور (ڏير) منهنجي مڙس کي اهڙي برپٽ جي پنڌ مان
وٺي هليا ويا. مون مسڪين جا پير اُهي ڏکيون
چاڙهيون چڙهندي (کڙين وٽان) ڦاٽي پيا آهن. منهنجن
ڏيرن جي اندر ۾ جيڪا ڳالهه (نيت) هئي (ته هو
پنهونءَ کي زوري وٺي ويندا) سا پوري ڪري
ڏيکاريائون.
2
آڏ تِراڇا آهُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا
ڪِيَمِ آهَ عَجِيبَ کي سِڪَ مَنجهان ساڪا
پَئي هَٿِيڪِي هوتَ کي ڪُوڪَ ڪَنين ڪاڪا
مُنهنجو وَسِ واڪا، ٻُڌڻ ڪَمُ ٻَروچَ جو.
[1548]
سمجهاڻي:
پهاڙ جي واٽ ۾ ڏنگا ڦڏا پٿر هڪ ٻئي مٿان ڏاڪن
وانگر پيل آهن (جن تي هلڻ مصيبت کان گهٽ ناهي).
مون (اهو حال ڏسي) پنهنجي سڄڻ کي دل سان پڪاريو،
ته مَنَ منهنجي اها دانهن ڪوڪ سندس ڪنن تائين وڃي
پهچي. منهنجي هٿ وس دانهون ڪرڻ ئي آهن، باقي اُنهن
کي ٻُڌڻ ۽ منهنجو داد ڪرڻ پُنهون جي وس آهي.
3
آڏَ تِراڇا آهُڙا، ڏاڪا ڏُونگَرَ کي
هُوءِ جي وَرَ وِندُرَ جا، مارِيندا مون کي
هاڙهو هيڻِيءَ کي، لنگهائيجِ لَطِيفُ چَئي.
[1549]
سمجهاڻي:
جبل جي رستي ۾ آڏا ٽيڏا ۽ چُهنبِيارا ڪيترائي پٿر
هڪٻئي مٿان ڏاڪن وانگر سٿيل آهن (جن تي هلڻ جان
جوکي ۾ وجهڻ آهي). (ان کان وڌيڪ) وندر نديءَ جا ور
وڪڙ پيچرا مون کي اصل ماري برباد ڪري ڇڏيندا.
عبداللطيف چوي ٿو، ته اي مالڪ سائين! تون هن ضعيف
عورت کي هاڙهي مان اڪاري پار ڪر.
4
آڏَ تِراڇا آهُڙا، وِندُرَ وَراڪا وَرَ
حُبَ جِنِهِين کي هوتَ جي، سا ڏوريندي ڏُونگَرَ
پَهُچائِين پَرورَ، لُطُفَ ساڻُ لَطِيفُ چَئي.
[1550]
سمجهاڻي:
رستي جا پٿر بيڊولا (سڌا سنوان نه) آهن ۽ ڏاڍا
کهرا (پيرن کي
وڍيندڙ) آهن. وندر جا ور وڪڙ تنهن کان وڌيڪ سخت
خطرناڪ آهن. پر جنهن کي هوت پنهونءَ سان محبت آهي،
سا ضرور ڏونگر جو اُهو ڏکيو پنڌ ڪري ويندي.
عبداللطيف چوي ٿو، ته پروردگار پنهنجي مهرباني ڪري
عاجز سسئيءَ کي منزل تي پهچاءِ.
5
آڏ تِراڇا آهُڙا، وِنگا وَرَ واٽُنِ
جيرا، جِگِرَ، بُڪِيُون آرِيءَ لَئي آٽَنِ
ڪَشي ڪَنواٽَنِ، سَنڀُوڙا سَيدُ چئي.
[1551]
سمجهاڻي:
(سسئي پنهنجو اندر ٿي ٻڌائي) راهه ۾ هرهنڌ آڏا
ٽيڏا پٿر ئي پٿر پيا آهن ۽ واٽ ۾ گهڻائي اڻانگا ور
وڪڙ پڻ آهن (جيڪي مُنجهائي ٿا مارن). منهنجا جيرا،
جگر ۽ بڪيون سڀ آريءَ جي عشق ۾ کامي ۽ سڙي چڪا
آهن. (تڏهن ته) هو قافلي وارا ڪيچي پنهنجن اٺن کي
پوريءَ ريت تيار ڪري پوءِ سفر تي روانا ٿيا.
6
آڏَ تِراڇا آهُڙا، وِندُرَ وَراڪا واڪَ
اُجهايَسِ اُوٺِينِ جي ڦوڙائي فِراق
پُنهون پَرَمَلَ پاڪَ، واحِدَ لَڳِ وَريجُ تون.
[1552]
سمجهاڻي:
رستي ۾ رڳو آڏا ٽيڏا ۽ تيز تکا پٿر پيا آهن ۽
پيچدار وٽ يا موڙ آهن. مون کي هنن ڪيچين جي جدائي
۽ فراق بي حال ڪري ڇڏيو آهي. اي منهنجا پاڪ پنهون!
هڪ ڌڻيءَ جو واسطو اٿئي مون وٽ موٽي اچ.
7
ڪوڏَرِ نه ڪاتِي، جِنہِ سِينِ ٽَڪَرُ ٽاڪِيان
جيڪو جَبَلُ لَنگهِيان سو هَيبَتَ جو هاٿِي
پُنهونءَ جا پاتِي، سا جَڙَ جِئري نه لَهي.
[1553]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) مون وٽ ٽَڪر کي وڍڻ يا ٽُڪڻ جو ڪو
اوزار (ڪوڏر ۽ ڪاتي وغيره) ڪانهي (جنهن سان آءٌ
رستو هموار ڪري سگهان). آءٌ جتان به لنگهان پيئي،
ته منهنجي سامهون جبل هڪ هيبتناڪ هاٿيءَ جو ڏيک
پيو ڏئي. (مان ڪنهن کي ٻڌايان) هوت پنهونءَ جيڪا
محبت جي ميخ هنئي آهي، سا جيئري ڪانه ٿي نڪري
سگهي.
8
ڪَرَڙا ڏُونگَرَ ڪَہَ گهَڻِي، جِتِ واٽُنِ تي
وارِي
آڏا لَڪَ لَطِيفُ چَئي، بَرَ سُڄَنِ بارِي
جا مَنِزَلُنِ مارِي، سا قادِرَ ڪيچِ رَساڻِئين.
[1554]
سمجهاڻي:
جتي ڏاڍا ڏکيا جبل آهن ۽ سخت ڏکي واٽ آهي ۽ جنهن
واٽ تي رڳو واري ئي واري آهي، جتي جبلن جا سوڙها
لڪ آهن ۽ اڻ کٽ بر بيابان آهن. سسئي ويچاري (ايڏي
ڪٺن سفر جون) منزلون ڪري اڌ مئي ٿي چڪي آهي.
عبداللطيف چوي ٿو اي قادر قدرت وارا! تون ئي کيس
ڪيچ پهچائيندين.
9
ڪَرڙا ڏُونگَرَ، ڪَہَ گهڻي، جِتِ جَبَلَ گهُونا
گهُون
ليڙَن جيون لَطِيفُ چَئي، اُتِ تَنگ تَوارُون
پُونِ
جَنِ ڏِٺو پيرُ پُنهونءَ جو، سي نَڪين رُونِ نه
چُونِ
هُوندَنِ مَٿي هُونِ، لاڳاپا هِنَ لوڪَ جا.
[1555]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ لاءِ رستي جون مشڪلاتون) جتي ڏاڍا ڏکيا
جبل آهن ۽ ڊگها پنڌ آهن، بلڪه هر جبل اڻانگو ۽ الڳ
آهي. عبداللطيف چوي ٿو، ته اُتان لنگهندي اٺن جون
به رڙيون پيون پون (جو ڏکيا سوڙها لڪ پيا لنگهن)،
پر جن هوت پنهونءَ جي پير جو نشان ڏٺو آهي، سي وڏي
ماٺ ۽ سڪون ۾ آهن، اُهي نڪي روئن ٿيون ۽ نڪي
ڳالهائين ٿيون (فنا ٿي چڪيون آهن). هونئن به هن
جهان جا لڳ لاڳاپا ۽ واسطا جيئرن سان ئي آهن.
10
ڪَرَڙا ڏُونگَرَ ڪَہَ گهَڻِي، جِت ماٿَرِ مَٿاهِين
اُتي عبداللطيف چَئي مِرُو مَهائِين
آرياڻِي آهِين، مَنَهُن مَعذورِينِ جو.
[1556]
سمجهاڻي:
(ڪيچ جي رستي تي) جبل ڏاڍا سخت ۽ ڪَٺن آهن ۽ پنڌ
جون منزلون به گهڻيون آهن. جبل اندر ماٿريون به
گهڻو مٿي آهن. اي آرياڻي (اڳواڻ) اهڙي مشڪل ماڳ تي
تون ئي لاچار ۽ بيوس عورتن جو اَجهو ۽ پناهه آهين.
11
ڪَرَڙا ڏُونگَرَ ڪَہَ گهَڻِي جِتِ روڏا رِنگائي
سانگاپي سيڻن جي ٿِي وِندُرِ واجهائي
رَهِيُسِ رَسُ لطِيفَ چَئي، ٿي ڪَمِيڻِي ڪاهي
آرِياڻي آهي، مَنَهُن معذورين جو.
[1557]
سمجهاڻي:
اهي جبل ايڏا اهنجا ۽ اڻانگا آهن جو پنڌ ڪندي اٺن
کان به رڙيون نڪري ٿيون وڃن، ليڪن سسئي سيڻن سان
ناتي (نباهڻ) خاطر وندر (نديءَ واري جوءِ) ۾ پيئي
رُلي. ائين سندس سرسي ٿي ۽ عزت رهجي آئي (جو هيءَ
بيواهي جيئن پوءِ تيئن اڳتي پيئي وڌي). بيشڪ،
آرياڻي سردار ئي بيوس باندين جو ڍڪ ۽ اَجهو آهي.
12
ڪَرڙا ڏُونگَرَ ڪَہَ گهَڻِي، جِتِ رِڻُ تَتو رائو
تِتِرُ ٿئي مَ تَنِ کي ڏُونگَرَ ۾ ڏائو
جَڏِ ڄامُ پُنهون ڄائو، تڏ ٿِئو سَولو طالِعُ ساٿَ
جو.
[1558]
سمجهاڻي:
هڪ اڻانگا ۽ اُتانهان جبل، ٻيو تتل واريءَ وارو
ڊگهو پنڌ، شل اهڙن جبلن مان ويندي کٻي طرف کان تتر
ٻولي نه ڪري (جيڪو مسافرن لاءِ بدسوڻ ليکبو آهي).
مگر جڏهن ڄام پنهونءَ جي آمد ٿي ته سموري قافلي
وارن جا ڀاڳ سَڻائا ٿي پيا (اها نحوست هميشه لاءِ
ختم ٿي ويئي).
13
ڪَرڙا ڏُونگَرَ ڪَہَ گهَڻِي، جَبَلَ جاڏا جِتِ
لوچي مُنڌَ لَطِيفُ چَئي تاڪُو پَسِئو تِتِ
هوتَ پَهُچِجُ هِتِ، آءُ ته اَوَجهَڙِ نه پَوان.
[1559]
سمجهاڻي:
هڪ اُتانهان جبل ۽ ٻيو ڊگهي پنڌ جي مسافري ۽
سامهون پربت جهڙا پهاڙ. عبداللطيف چوي ٿو، ته سسئي
تڏهن به اڪيلي پيئي هلندي وڃي، توڻي جو جهنگ جا
ماڻهو کيس پيا تاڙين ۽ اک ۾ رکن ته ڪيڏانهن پيئي
وڃي. اي منهنجا هوت پنهون! انهيءَ ڏکي ۽ مشڪل هنڌ
تي اچي پهچ ته متان آءٌ سنئين واٽ تان مُنجهي
گمراهه نه ٿي وڃان.
14
ڪَرڙا ڏُونگَرَ ڪَہَ گهَڻي، جِتِ جَبَلَ جالارا
ڏِنَمِ ڏاڍين ڏُونگرين لَئي آرِيءَ اُلارا
ڪَہَ ۾ ڪوهيارا، اَچِجُ ته اوڏِي ٿِيان.
[1560]
سمجهاڻي:
هڪ سخت پٿريلا پهاڙ ۽ ٻيو ٿڪائيندڙ پنڌ،جتي جبل ئي
جبل آهن (جيڪي ختم ئي نٿا ٿين). اهڙن ڏکين پهاڙن
جي چوٽين تي به مون سڄڻ جي لاءِ (پکين وانگر)
لامارا پئي ڏنا. اي ڪوهيارا محبوب! تون انهيءَ
اڻانگي راهه ۾ اچي رسج، ته آءٌ توکي قريب ٿيان
(تنهنجو قرب ماڻيان).
15
ڪرڙا ڏونگَرَ ڪَہ گهڻِي، جِتِ جَبَلَ سُڄَنِ جالَ
هاڙهي کي هَٿَ گهڻا، ڇَپَرِ مِڙان ڇالَ
ڪيچِي وِئَڙَمِ ڪالَهه، تي ٿِي ڏونگَرَ ڏورِيان.
[1561]
سمجهاڻي:
هڪ ڏاڍا ڏکيا ڏونگر، ٻيو ڊگهي مسافري، ٽيون قطار
در قطار جبل پيا ڏسجن (جيڪي کُٽڻ جو نالو نٿا وٺن)
هاڙهي جبل جون الائجي ڪيتريون شاخون ۽ ڀاڱا آهن
(جن ۾ آءٌ گم ٿي ويئي آهيان)، منهنجي آس آهي، ته
شل منهنجا پرين اِتي ئي ڳوليندي ملي وڃن! منهنجا
ڪيچي اِتان ڪالهه گذري ويا آهن، تنهن ڪري اِهي
ڏکيا ڏونگر پيئي ڏوريان ۽ واٽون پيئي ووڙيان.
16
ڪِين واري ڪِين واٽَ، ڪِين پَهَڻَ ڪِين پيچَرو
هَلِي هاڙهي سامُهِين لَڳِيَس اُڃَ اُساٽَ
ڳوڙهَنِ ڀَري ڳاٽَ، اَپَرِ آلاپُون ڪَري.
[1562]
سمجهاڻي:
(ڪيچ جي واٽ جو منظر) ڪيچ واري رستي ۾ ڪٿي رڳو
واري هئي، ته ڪٿي رڳو پهڻ ۽ پٿر، ته ڪٿي وري سنهو
پيچرو مس هو. سسئيءَ کي هاڙهي جبل ۾ سامهون هلندي
پاڻيءَ جي سخت اُڃ به اچي ورايو. (گهڻو ئي برداشت
ڪيائين) آخر جڏهن ڳوڙها وهي هليس، ته ڪنڌ مٿي کڻي
وڏيون (آسمان ڏانهن نهاري) دانهون ۽ ڪوڪارُون ڪرڻ
لڳي.
17
ڪارا ڏِٺَمِ ڪانگَ، لَمَندا لَڪَنِ ۾
چانڪ پَهَرَ پنهونءَ جي، هي وچان ئي ويڙانگَ
نَڪا وَسِين وِچَ ۾، نڪا آنگ نه ڇانگَ
سُپيريان جي سانگَ، مادَرِ مارِي آهِيان.
[1563]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) مون جڏهن لَڪن ۾ جابلو ڪارا وڏا
ڪانگ اڏامندي ڏٺا. تڏهن مون ڀانيو ته اهي پنهونءَ
جا موڪليل رکوالي (واسطي وارا) آهن، پر اهي ته
ڏاڍا بدشڪل بيهودا (دشمن) نڪتا. ايڏي وڏي پنڌ ۾ وچ
تي ڪٿي به ڪا وسندي يا آبادي ڪانه هئي ۽ ڀرپاسي ۾
نڪو ماڻهو نه ڪو ڇيڻو! اي امڙ! مون کي پرينءَ جي
جدائي ماري وڌو آهي.
18
هيڏي شَهَرَ بَنڀَورَ ۾ جي ڪا هُيَمِ ماءُ
ٻَڌِي سُورَنِ سَندَرو ساڻُمِ هَلي سا
تون پرائِي ماءُ، متان ڇَپَرَ ۾ ڇُوتا ٿِئين.
[1564]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جو افسوس) ڀنڀور جي هيڏي ساري شهر ۾ ڪاش
منهنجي سڳي ماءُ هجي ها، ته اُها ضرور سندرو ٻڌي
مون سان گڏ هلي ها. تون پرائي ماءُ آهين، مون سان
سنڀالي هل جو متان جبلن ۾ هلندي ذرا پرزا ٿي وڃين!
(پهاڙ جو پنڌ تنهنجي برداشت کان ٻاهر آهي).
19
سِڪي جان سُتِياسِ، تان سِڪَ سُمهڻُ نه ڏِئي
جاڳِي سُتِيَسِ جَنِ لَئي، سي آيا تان نه اُٿياسِ
ڀينَرُ آءٌ ڀُلياسِ، نا ته سِڪَ سُمهڻُ ڇا لَڳي.
[1565]
سمجهاڻي:
مان جڏهن گهڻو انتظار ڪري سمهي پيس ته مون کي سِڪ
جي غلبي (شدت) وچان ننڊ نه آئي. وري جن لاءِ
اوجاڳو ڪري سمهي پيس، ته ايندا ته اٿنديس، اُهي
جڏهن آيا ته اٿي ڪونه سگهيس(مون کي ننڊ کڻي ويئي).
اي اديون! منهنجي غلطي ۽ خطا ٿي جو آءٌ سمهي پيس،
نه ته سڪ يا محبت ۽ ننڊ پاڻ ۾ ٺهن ئي ڪونه! (ٻيئي
هڪ ٻئي جو ضد آهن).
20
هوتَ نه پَهُچان هوڏَ، آءٌ پِيادي پَنڌُ گهَڻو
لَڪَنِ تان لَطِيفُ چَئي، تِکا وَڃنِ توڏَ
اوڏِي ڪَري اوڏ، پَهُچائيجُ پُنهونءَ کي.
[1566]
سمجهاڻي:
اي هوت پنهل! آءٌ هوڏ يا هام هڻي تو وٽ ڪانه پهچي
سگهنديس، ڇو ته آءٌ پيدل آهيان (بي وسيلي آهيان) ۽
پنڌ تمام پري آهي. عبداللطيف چوي ٿو، ته قافلي
وارن جا اٺ تمام تکا لَڪن مان لنگهندا پيا وڃن.
(اي مالڪ سائين!) تون ڪو پنهونءَ کي ويجهو ئي
ويجهو آڻي، مون کي وٽس پهچاءِ!
21
پُڄان جي نه پُڄان، وَڃڻَ سِين وَسُ ڪَريان
سَڳَرِ مان سُڄان، ته رائي ۾ رَڙِي مُئِي.
[1567]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) مان پرينءَ وٽ هلي پهچان يا نه
پهچان، پر آءٌ هلڻ ۾ پنهنجي طرفان پوري سگهه ۽
طاقت ڪم آڻينديس ته جيئن (منهنجي وفاداريءَ بابت)
ڪيچين وٽ اها خبر پهچي، ته سسئي ويچاري رڻ پٽ ۾
پڪاريندي ۽ دانهون ڪندي مري ويئي.
22
ماڻِڪُ مِٽُ سَندوم، اُونداهِيءَ ۾ سوجهَرو
حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نه وِيندومِ
ساري سَڏُ ڪندومِ، ڪوهيارو ڪيچَ ڌَڻي.
[1568]
سمجهاڻي:
منهنجو محبوب (اهڙو بي بها) ماڻڪ موتي آهي، جيڪو
هو اونداهيءَ کي روشني ڪري ڇڏي ٿو (هيري وانگر هر
طرف روشني پيو ڦهلائي). (مون کي اميد آهي) اُهو ئي
محشر ۾ جڏهن حساب ڪتاب ٿيندو ته مون کي ڇڏي ڪونه
ڏيندو. اهو (ڪيچ ڌڻي) مثالي آقا مون کي سڏي پاڻ
سنڀال لهندو.
[مثنوي روميءَ ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کي
يڪتا موتي ۽ ماڻڪ ڪوٺيو ويو آهي،جيئن هنن شعرن مان
ظاهر آهي:
ليک در سِيماي آن درّ يتيم،
ديده ام آثار لطفت اي کريم.
(دفتر چهارم، ب- 990)
معنيٰ: اي مالڪ سائين، هن بي مثل موتيءَ جي
پيشانيءَ ۾ مون تنهنجي مهرباني ۽ نوازش جون خاص
نشانيون ڏٺيون آهن.
ٻئي شعر ۾ چوي ٿو:
چون يقين ديدم عنايتهائي تو،
بروي، اُو درّيست از دريائي تو.
(دفتر چهارم، ب- 994)
معنيٰ: مون تنهنجي عنايتن کي هن جي مٿان چڱيءَ طرح
ڏٺو تڏهن معلوم ٿيو ته هو تنهنجي درياءُ جو بي مثل
موتي آهي.]
وائي-1
وِينديَسِ ڪيچِ ڪَهِي، سيڻَنِ ساڻُ صَحِي
آئون جِيندِيَسِ تان نه جَتَنِ ري
وِهان ڪِيئن ماٺَ ڪَري، هيڏو سُورُ سَهِي
ڀينَرُ هِنَ ڀَنڀورَ ۾، ساريان ڪونه سَهِي
اڳيان آريءَ ڄام جو وِئَڙو ساٿُ وَهِي
صُبُحِ ڏُونگَرُ ڏورِيان، ڪَنہِ پَرِ راتِ
رَهي. [1569]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جو عزم) آءٌ هر حال ۾ ڪيچ وينديس ۽ هنن
هوتن سان پنهنجو رشتو بحال ڪنديس. آءٌ هنن جَتن
کان سواءِ جيئري نٿي رهي سگهان. منهنجي اندر ۾
ايڏو وڏو سور آهي، ان سان آءٌ ڪيئن ماٺ ڪري ويهي
ٿي سگهان. اي اديون! مون کي ڀنڀور شهر ۾ ڪوئي
همدرد ڪونه ٿو ڏسڻ ۾ اچي (جيڪو مون سان گڏجي هلي).
مون کان اڳ ۾ آري ڄام جو قافلو هليو ويو. انهيءَ
صورت ۾ آءٌ رات جو ترسي ڪيئن ٿي آرام ڪري سگهان،
ته آءٌ صبح جو رواني ٿينديس ۽ وڃي ڏونگر ڏورينديس.
وائي-2
ڪوئِي ڏُونگَرُ ڏورِيان، ڪوئي جَبَلُ جهاڳِيان
پُهچان وو ميان شالَ پِريَنِ کي
لَڳَڙي پيرِ پِرِينِ جي، آءٌ جا ڏونگَرَ ڏوريان.
[1570]
سمجهاڻي:
مان جبل جهاڳينديس، پهاڙن جو پنڌ ڪنديس، اي ميان!
او ساٿي! شل، آءٌ ڪيئن به ڪري پرينءَ وٽ پهچي
وڃان. مان پنهنجي پرينءَ جي قدمن پويان پيئي هلان
۽ سندس سڪ ۽ حب ۾ پيئي ڏونگر ڏوريان.
داستان ستون
1
بُرو بِگر بي، ڏِينِ پارسِيُون پاڻَ ۾
مون لوڏان ئِي لَکيا ته هاڃو ڪَندا هي
مارِيندا مون کي، پُنهون نِيندا پاڻَ سان.
[1571]
سمجهاڻي:’وڃو،
اٿو، اٺ جهليو، هن (سسئيءَ) کان سواءِ‘ هنن پاڻ ۾
بلوچيءَ ۾ اها گفتگو ڪئي. مان سندن هلڻ واري انداز
مان ئي سمجهي ويس، ته هو مون سان انڌير ڪري ويندا.
هو مون کي ماري يعني غمن ۽ سورن جي حوالي ڪري
پنهونءَ کي پاڻ سان وٺي هليا ويندا.
2
بُرو ڦَذا بات جَنِ، ٿانگ رَوان ٿِيشِي
ماوَذِي بِراث بُرون، ايذَ بِلُون ايشِي
ليڙا راتِ لَطِيفُ چَئي نِڌائُون نيشِي
پُنهون پَرويشِي، ڪِجِ پيادِيءَ جي پنڌَ ۾.
[1572]
سمجهاڻي:
(سسئيءَ جي زباني) هو پاڻ ۾ پيا چون ’پوئتي موٽون
(ڪيچ هلون)، پر آءٌ پيئي چوان آءٌ اوهان کان سواءِ
ڪيڏانهن وڃان؟‘ هو پيا چون ’اسان پنهنجو ڀاءُ وٺي
وڃون ۽ هن (سسئيءَ) کي هتي ڇڏي وڃون.‘ عبداللطيف
چوي ٿو، ته هنن رات جو وڏا اٺ بار سان لڏي هلڻ
لاءِ تيار ڪيا. اي منهنجا پنهل سائين! پر تون هن
پياديءَ جي پنڌ ۾ پوئواري ڪجانءِ. (جنهن جو ٻيو ڪو
ڌڻي سائين ڪونهي).
3
بُرو بِگرِ بيلغان، مون نه پَرُوڙِي مامَ
ٿو داثو ڪُشتَغان، ڇُلِي ڇَپَرِ لامَ
اَچِي پَئي تَنِ سامَ، ’دُراه دُراه‘ ڪَنِ جي.
[1573]
سمجهاڻي:’ٻيلي
يارؤ اُٿو ۽ اٺن کي جهليو‘، مون سندن اها مام نه
سمجهي، ’مون کي تپ ڏيئي ماريائون‘ ۽ پاڻ (پنهون
کڻي) جبل ڏي روانا ٿي ويا. سسئي قسمت سان انهن وٽ
اچي سام پيئي (حوالي ٿي) جيڪي پاڻ ۾ ملڻ وقت وڏي
خوش خيرعافيت ڪن ٿا (هونئن ته وڏا لائق آهن).
4
جيڪَرَ رَوان روش، مَروشِي محبوبَ ڏي
مَنا گُشتَئِي مولِدَي، دِيما پنهون دوش
ٿَئِي گَنواک مَنِي گوشَ، سُڻِي مانَ سَگهِي
ٿِيان.
[1574]
سمجهاڻي:
جيڪر اڄوڪي ڏينهن يعني اڄ ئي محبوب ڏي وڃان. مون
کي چيائون، ته ٻانهي! تون پنهونءَ جي پٺيان پنڌ
پئو. شل تنهنجو سڏ منهنجي ڪن پوي، ته آءٌ اهو ٻڌي
مضبوط ۽ سَگهي ٿيان.
5
مَهارُون مَيَنِ جِيُون، ڦَذا ڦيريائُون
مَروشِي جَبَلَ رَوُون اِيءَ وائِي واريائون
مون کي ماريائون، ٻاروچِي ٻولِي ڪَري.
[1575]
سمجهاڻي:
هنن هوتن اٺن جون مهارون پوئتي واريون (ڪيچ روانا
ٿي ويا) ۽ چيائون ’اڄ جبل وينداسون‘. اها ٻروچڪي
ٻولي ڳالهائي (سازش ڪري) مون کي ماري وڌائون.
6
ڦَذا ڏيرَ ڦَنگي وِئا، هُئا جوراڻا جَتَ
ايذ نِندي ايکُوا، هُنِ پَلاڻِئا پَرَبَتَ
ماڙهو ڏِينَمِ مَتَ، لَج بَلوچان نِشتغان.
[1576]
سمجهاڻي:
منهنجا ڏير (هوت بلوچ) پنهونءَ کي کنڀي کڻي ويا.
اهي جَت ڏاڍا زورآور ۽ ظالم هئا. ’هيءَ (عورت) ڀلي
هتي اڪيلي هجي‘، ائين چئي هنن پنهنجا شاهي اٺ
پلاڻئا. ماڻهو مون کي پيا سمجهائن. ’بلوچن جي لڄ
آهيان، ٻاهر نه نڪران ۽ ويٺي ئي هجان!‘
7
شَوا وَهاوَ شَموشِ، سِگهي مڙِندِينءَ سسئي
ليڙن جو لطِيفُ چَئي، گُنواک نه ڪِئڙُءِ گوش
روش مَروشِي روش، ڪاهِ ته ڪيچين کي رسين.
[1577]
سمجهاڻي:’راتين
جي ننڊ وسار، ته سسئي جلد ئي وڃي پرينءَ وٽ
پهچين.‘ عبداللطيف چوي ٿو، ته اهو آواز تو خيال
سان ڇو نه ٻُڌو. هاڻي اڄ جو اڄ، اڄوڪي ڏينهن
(هينئر جو هينئر) هلي ڏيکار، ته ڪيچين سان هلي
گڏجين.
8
داسا داڪا داڙي، هَنداڙي هُئامِ
هُر داسا هِنَ حال جي هتي هوتَ ڏِٺامِ
پَزِيري اِيندام، پائي پيچُ پِرِيتَ جو.
[1578]
سمجهاڻي:
هاڻي هِتي بلڪل منهنجا پيارا پرين هِتڙي هئا.
منهنجي هن حال جي ماجرا ڏسو، جو هاڻي هِتي ئي ته
اُهي پرين هئا، جيڪي مون کان هليا ويا. وري به نيٺ
اُهي پريت جو پيچ پائي مون وٽ ايندا.
9
پُنهونءَ ساڻُ پِريتَ جو ڪو جو پِئَڙُمِ پيچُ
ڪَندِيَسِ ڪشالا ڪافَ جا، هاڙهو ڀانيان هيچُ
ڪاهي مَڻندِيسِ ڪيچُ، ديرو دوست پُنهونءَ جو.
[1579]
سمجهاڻي:
منهنجو پنهل سان محبت جو اهڙو ناتو قائم ٿي ويو
آهي جو آءٌ جبل جا ڪشالا ۽ تڪليفون پيئي ڪريان ۽
هاڙهي جهڙي مشڪل پهاڙ کي ڪجهه به نٿي سمجهان. آءٌ
سڌو ڪيچ کي نظر ۾ رکي هلنديس ۽ نيٺ وڃي دلبر دوست
پنهونءَ جي ماڳ کي پهچنديس.
10
پُنهونءَ ساڻُ پِرِيتَ جو، ڪوجو پيچُ پِئومِ
ڀَنڀي هِنَ ڀَنڀورَ ۾، ويهَڻُ وِهُ ٿِئومِ
مَتيون موٽَڻَ سنديُون ڪاڪِيُون ڪيم ڏِئومِ
سَرتيون ساهُ سَندومِ، ٿِئو حوالي هوتَ جي.
[1580]
سمجهاڻي:
منهنجو هوت پنهونءَ سان دوستيءَ جو اهڙو عجيب رشتو
ٿي ويو آهي، جو هن سهڻي شهر (ٽوڪ طور خاڪ برابر)
ڀنڀور ۾ ويهڻ زهر ٿي پيو اٿم. (چُپ ڪري ويهي نٿي
سگهان) سو اي سرتيون! مون کي موٽي ڀنڀور اچڻ جون
صلاحون اصل نه ڏجو. هاڻي منهنجو سر ساهه پنهنجي
سڄڻ ۽ ساٿي هوت پنهونءَ جي حوالي ٿي چڪو آهي.
11
ڏُکيءَ کي ڏُکن جا ڏاجَنِ تي ڏاجا
لَڳيَسِ نائُڪَ نِيہَ جِي ڪُڙههِ اندرِ ڪاجا
ٿَرَنِ ۾ ٿاجا، ڪَري مُنڌَ مِرُنِ سين.
[1581]
سمجهاڻي:
ڏکويل ۽ غمزده سسئيءَ کي ڏاجن مٿان ڏاج مليل آهن
(وٽس ڏکن جا انبار آهن). هن کي قلب جي اندر اهڙو
ڪو تکي چهنب وارو تير لڳو آهي، جو هوءَ جهنگ جي
مِرُن سان ويٺي منڊل ۽ شغل (ڳالهيون ۽ ڪچهريون)
ڪري.
[مثنوي روميءَ ۾ مجنون کي جهنگ جي جانورن سان هن
طرح ڪچهري ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.
شير وگرگ و خرس هريوزو دده،
گرد برگرد تو شب گرد آمده.
(دفتر پنجم، ب- 2006)
معنيٰ: شينهن، بگهڙ، رڇ ۽ چيتو، مطلب سڀ جانور
جيئن رات ٿئي، تيئن اچي هن جي چوڌاري پيا گڏ ٿين.]
12
ڪو مُنہُ ڪُٺَلِ آئِيو، وَسِ نه ويچارِي
هوتَ تُنهنجي هَٿَ ري، پَهُچي نه پارِي
اَچِين جي آرِي، ته پاندُ پُڄي لَڪُ لَنگهِيان.
[1582]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) مون سڪ جي ماريل تي اهڙي مصيبت اچي
پيئي آهي جو مان بي وس ۽ لاچار ٿي پيئي آهيان. اي
هوت پنهون! تنهنجي مدد کان سواءِ هيءَ نڪمي ڪٿي
ڪانه پهچي سگهندي. اي منهنجا سائين! تون اچ ته آءٌ
تنهنجو پاند پڪڙي لَڪ لنگهي پار پوان.
13
ڪو مُنہُ ڪُٺَلِ آئِيو، ويچارِيءَ نه وَسِ
هوتَ تُنهنجِي هَٿَ ري، گولِي ٿِئي نه گَس
ڪو ڏَسُ ڏُکيءَ کي ڏَسِ، ته مُوڙهِيءَ ڪو مُنہُ
ٿِئي.
[1583]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) مون وڍيل جي نصيب ۾ اهڙي آفت اچي
ويئي آهي، جو آءٌ بيوس ٿي پيئي آهيان. اي هوت
پنهل! تنهنجي واهر کان سواءِ هن ٻانهيءَ کي ڪا
واهه نظر نٿي اچي. هن سورن جي ستايل کي تون ڪو
رستو اچي ڏيکار، ته جيئن هيءَ مونجهاري ۽ مشڪل مان
نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي.
14
ڪوهيارا ڪَهَلَ پَئِي، ڪو ساجَنَ مُنجِ سَلامُ
سِڪ تُنهنجِي سُپِرين ڪِئو تَنُ تَمامُ
هَٿين حاجَ وِهُ ٿِي، نيڻين ننڊَ حَرامُ
آءٌ دوستَ نه سَهان دامُ، تون وِندرِ ٿو ويلا
ڪَرين.
[1584]
سمجهاڻي:
اي ساجن سائين! شل توکي ڪو روح ۾ رحم پوي ۽ مون ڏي
ڪو سلام موڪلين (مون کي ياد ڪرين). مان تنهنجي
محبت ۾ مري کپي ويئي آهيان. منهنجن هٿن مان طاقت
ڇڏائجي ويئي آهي (ڪو ڪم نٿو پڄي) ۽ اکين مان ننڊ
اڏامي ويئي آهي. اي دوست دلبر! آءٌ هڪ گهڙي به
توکان جدا نٿي رهي سگهان، پر تون وندر ۾ ويٺو آرام
ڪرين.
15
ڇَپَرِ هوتَ پُنهونءَ جِي جڏهن پيئِي بُوءِ
راڻِينِ وَرِي رُوءِ، گُوندَر لٿا گولِيين.
[1585]
سمجهاڻي:
جڏهن جبلن ۽ بَرن ۾ هوت پنهونءَ جي خوشبوءِ اچي
پهتي، ته وڏگهراڻين
جي منهن تي رونق اچي ويئي ۽ ويچارين ٻانهين جا ڏک
۽ درد پڻ دور ٿي ويا. (اميرن توڻي غريبن جي قسمت
جاڳي پيئي. (هتي توڻي ايندڙ بيت ۾ نبي ڪريم صلي
الله عليه وسلم جي ذات بابرڪت ڏانهن اشارو آهي،
جنهن انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو برابري ۽
هڪجهڙائيءَ جو سبق ڏنو).
16
جڏهن پيئي ڇَٽَ، ڇَپَرِ هوتَ پُنهونءَ جي
پَرَهي ويٺيون پَٽَ، گوندَرَ لَٿا گولِيين.
[1586]
سمجهاڻي:
جڏهن جبلن ۽ پَٽن ۾ هوت پنهونءَ جي سڳنڌ سرهاڻ اچي
پهتي، ته سڀيئي ٻانهيون سينگارجي ويون ۽ هنن جا غم
غلط ۽ دک دور ٿي ويا (هن ادنيٰ انسانن کي مٿي ڪري
پاڻ سان ويهاريو ۽ سندن مان مٿانهون ڪيو).
17
ڪَري ڪيچِي هَلِئا آيَلِ اوطاقُون
سُڪيون نه سيڻَنِ جي ماڳَنِ تان ماڪُون
نِسورِيُون ناڪُون، سَڃي هَلئا سُورَ جِيُون.
[1587]
سمجهاڻي:
اي امان! هت ڀنڀور ۾ ڪيچي ڪچهريون ڪري اٿي روانا
ٿي ويا. انهن سڄڻن جي ماڳن ۽ ٿاڪن تان اڃا ماڪُون
ئي نه سُڪيون آهن. هو نج پج (اصلي) ڀالن جي تکين
تيز چهنبن سان مون کي نشانو بڻائي سور ۽ درد ۾
مبتلا ڪري ويا.
18
ڏيرَنِ ڏوهُ نه جيڏِيُون، ماءُ مِڙوئي مُون
آءٌ اَسُونهِين، اوءِ سُونهان، پِرين سندا
پَرَڀُون
اَصُلُ آرِيجَنِ جو پاندُ نه پُڄِتوسُون
جَنِ جو تون هِين تون، سي پياديون پَهُچائِيين.
[1588]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) اي جيڏيون! منهنجي ڏيرن جو ڪو ڏوهه
ڪونهي، اي امڙ! سڄو ڏوهه منهنجو آهي. آءٌ شروع کان
وٺي راهه جي اڻڄاڻ ۽ اڻ واقف آهيان ۽ هُو هن
ڏورانهين ڏيهه جا واقف ۽ سڃاڻو آهن. منهنجي غلطي
اها آهي، ته مون منڍ ۾ ئي هوتن جي پلئُه جو پاند
ڇو نه پڪڙيو. اي ڄام پنهون! جن جو آسرو ۽ آڌار تون
آهين، تن پنڌ وارن پيادين کي پُڄائج.
19
جيڪُسِ آءٌ نه تِيئَن، جِيئن پِريتَڻُو پِرينءَ
سين
جي ٻَڌِي سُتِيَسِ سوگهو ڪَري، ڇَلَوَرُ ڇاتِيءَ
سِيئن
ته ڪيچِي ڪاهي ڪَرَها مون کان وَڃن ڪيئن
ڏوهُ مُنهِنجي ڏينهَن، نا ته گهَڻُو سَٻاجها
سُپِرين. [1589]
سمجهاڻي:
(اي سرتيون!) شايد مون ائين نه ڪيو جيئن مون کي
پنهونءَ جي پريت ۾ ڪرڻ گهربو هو. مون کي گهربو هو،
ته هن گهنڊيدار وارن واري سهڻي ساجن کي سيني سان
سوگهو ٻَڌي سُمهي پوان ها. (ڇو ته صرف) اهڙيءَ
صورت ۾ هو ڪيچي پنهنجا اٺ ڪاهي نه وڃي سگهن ها.
(پنهونءَ کان سواءِ اڪيلا نه وڃن ها) سڄو منهنجي
قسمت جو ڏوهه آهي، نه ته سڄڻ سائين گهڻو مهربان ۽
رحمدل آهي.
20
سَڄي هَٿِ ساٿِينِ جي مَ وانءُ مالارِي
ڏائي جا ڏِيرَنِ جي، مَڻِجِ سا ٽارِي
مانَ وِرَمَنِ وِچَ ۾ اولاڻي آرِي
اَسُونہِ ويچارِي، ڪَنہ پَرِ مِڙي ڪيچَ کي.
[1590]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) اي مالاري پکي! تون کٻي پاسي کان
اڏامي ساٿ جي سڄي طرف نه وڃجانءِ (ڇو ته ڪيچ وڃڻ
وارا ساٿي سؤڻ سڻائو سمجهي پاڻ اڳتي هلندا). تون
سڄي طرفان اڏامي کٻي طرف واري وڻ جي ٽاريءَ ڏي
وڃجانءِ (ان سؤڻ موجب ساٿ وارا بيهي رهندا ۽ تڪڙو
اڳتي نه وڌندا). شل انهيءَ بهاني سان هو اٺن تان
بار لاهي ٿوري دير ترسن ۽ هيءَ اڻ سُونهين ۽ اڻ
واقف ڪنهن نموني وڃي ڪيچ وارن سان گڏجي.
وائي-1
لَڳَڙِي آهِ لَغارَ، وو يارَ!
لُنئهَ لُنئه ۾ لالَڻِ جِي
سَنڌَ سَنڌَ ۾ ساجَنَ جي
ميخُون محبتَ سَندِيُون، هنيَڙي مَنجهه هَزارَ
جَڙَ جَنِي جي جانَ ۾، لَڳَڙِي رِءَ لُهارَ
لوڏيان لوهُ نه نِڪَري، ڪِڻڪِئو مَنجههِ ڪِنارَ
آءٌ سُتِي هُو هَلِيا سَنجهي ٿِئا سُوارَ
کُہِ سي جِيَڻَ ڏِينهَڙا جي پِرين پُنهوئان ڌار
ڪانگنِ ڪانگيرا ڪِئا، چُڪِيءَ کي چوڌارَ
گهڻو اُڪَنڊي آهِيان، جَتَنِ جي جِنسارَ
جان ڪِين اورَڻُ پِرِينءَ سِين، جان ڪِين پِرينءَ
پَچارَ
آءٌ نِماڻِي نِڪَڻِي، دَمِجِ تون دِلدارَ.
[1591]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) مون کي محبت جي لغار (چپيٽ) لڳي
آهي. منهنجي اندر ۾ توڻي تن بدن ۾ بلڪه رڳ رڳ ۾
محبوب جي محبت سمائجي ويئي آهي، منهنجيءَ دل ۾ هن
جي محبت جون هزارين ميخون جڙجي ويون آهن ۽ اهي
ڪنهن لوهار جي تار بنا مضبوط لڳي ويون آهن. انهن
کي ڪڍڻ لاءِ ڪيترو به لوڏيان ٿي، پر رهندو زخم
وڌيڪ گهرا ٿي وڃن ٿا. هن ٿڪل ۽ اڌ مئل عورت مٿان
ڪانو پيا ڪان ڪان ڪن ۽ لامارا ڏين. آءٌ هنن جتن جي
جمال جي ڏاڍي سڪايل آهيان. مان پنهنجي پرينءَ جي
ڪهڙي پچار ڪريان ۽ ڪيئن ويهي هن کي ياد ڪريان.
(منهنجي دل هن جي سڪ ۾ ٽمٽار آهي). اي دلبر دوست!
اي دلدار! آءٌ اڪيلي ۽ عاجز آهيان، تون ڪا پنهنجي
ڀلائي ۽ احسان ڪر.
وائي-2
هوتنِ بنا نِي ميان، پُنهونءَ بِنا نِي ميان
درد فِراق!
اديون آريچَنِ جي آءٌ نِهوڙِيَسِ نفاقَ
ڏُونگرُ ڏورِئو نه ٿئي، مون وِلهيءَ ڪانهي واڪَ.
[1592]
سمجهاڻي:
(سسئي ٿي چوي) او سائين! اوميان! هوتن کان سواءِ
۽ پنهونءَ کان سواءِ مون لاءِ رڳو درد ۽ دک آهي،
وڇوڙو ۽ فراق آهي. اي سرتيون! مون کي آريچن ۽ هوتن
جي دشمنيءَ برباد ڪري ڇڏيو. مون کان پهاڙ جو پنڌ
ڪونه ٿو ٿئي، مون هيڻيءَ ۽ ضعيف ۾ ڪا سگهه نه رهي
آهي. |