سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:17 

داستان ٻيو

 

1

تانگهي ۾ تاڻي، ٻَنڌُ پَنهنجو تُرَهو

اُونِهين ۾ آڻي، ڪو نه ڏِيندُءِ ڪو ٻِئو. [538]

سمجهاڻي: تون ننڍي پاڻيءَ ۾ (وڏي ۾ وڃڻ کان اڳ) ئي پنهنجي لاءِ ترڻ جو ترهو چڱيءَ طرح مضبوط ٻڌي تيار ڪر، ڇو ته اونهي پاڻيءَ ۾ پهچڻ کان پوءِ اتي توکي ٻيو ڪير به ترهو آڻي ڪونه ڏيندو (جنهن ڪري تون وڏي مشڪل ۾ ڦاسي پوندين).

2

تارُو تَرِئو وَڃنِ، نَنڍا وَڏا واهُڙا

هَئي ٻَرِ اَتارَنِ، جِئن ڳَرا مَٿِنِ مولِهيَا. [539]

سمجهاڻي: جيڪي (پڪا پختا) تارو آهن، اهي ننڍا وڏا واهڙ تري پار پهچي وڃن ٿا، افسوس انهن اڻ تارن تي آهي جيڪي (اٽلو) پنهنجن مٿن تي ڳريون هڙون ٻڌي پار وڃڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

3

ڏوري لَههُ ڏانارُ، جمَ وِرچِي وِهين ويسَرو

هَڪِئو هوج هُشيارُ، کِوَڻِ کِوَندِي اوچِتِي. [540]

سمجهاڻي: تون ڪوشش ڪري (مينهن جي موسم اچڻ کان اڳ) وڏو بند (مٿانهين جڳهه) ڳولي هٿ ڪر ۽ هن باري ۾ اجائي غفلت نه ڪر. هردم هوشيار ۽ تيار ٿي ويهه، ڇو ته اوچتو ئي اوچتو کنوڻ کنوندي (پوءِ تون برسات کان بچي نه سگهندين).

4

سُتين ڪِهڙِيءَ سارَ، وِڄُ کِوَندِيءَ ويسَرا

تو جيڏا تو يارَ، لَهرِ لَهَوارا ڪِئا. [541]

سمجهاڻي:  (اي غافل) تون ڪهڙي (اجائي) آسري تي سمهي پئين ته هو توکي اٿاريندا، جڏهن ته کنوڻ اڳي ئي چمڪاٽ ڪري رهي هئي، تو جهڙا تنهنجا ڪيترا (اڻ ڄاڻ) دوست اهڙي غفلت ۽ سُستيءَ سبب لهرن ۾ لڙهي ويا.

5

وِڄُ کِوَندِيءَ ويسَرا، سُتا سَنجهيئِي

وِيرَ  وَرِي  ويئِي،  اَسارَنِ  تان  اوچِتِي. [542]

سمجهاڻي: جيتوڻيڪ وڄ چمڪي رهي هئي، تڏهن به اهي غافل (ڏسي وائسي) سويرئي سج لهڻ سان سمهي پيا. اهڙيءَ غفلت ۾ ستلن مٿان وڏي وير چڙهي ويئي ۽ هو ان ۾ لڙهي ويا.

6

نَئِن ۾ نِنڊُرون ڪَنِ، وِڄُ کِوَنديءَ ويسَرا

اُتان  اَسارَنِ،  وَڃي  وَهُه  واڪا  ڪِئو. [543]

سمجهاڻي: هو (غافل) نئن (جبلن تان لهندڙ زوردار پاڻيءَ جي ڪناري تي هوندي به) ننڊون (غفلت ) پيا ڪن ۽ هوڏانهن مٿي آسمان ۾ زوردار وڄ پيئي چمڪي (تڏهن به خيال نٿا ڪن). (اهڙيءَ نازڪ صورت ۾) جيڪي غافل ٿي ستا، جيڪي سجاڳ نه هئا، تن سڀني مٿان پاڻيءَ جو وڏو تکو وهڪرو گذري کين ٻوڙي ويو.

7

آيَئِه نِنڊَر اَڀاڳَ کي، کِوَڻِ کِوايو

جَنِي نه ڀَئُه ڀانيو، ڪَري تَوائِي تَنِ کي. [544]

سمجهاڻي: توکي نڀاڳ جي ننڊ کڻي ويئي آهي جو تون (ايترو وقت) ستو پيو آهين، هوڏانهن کنوڻ ڏاڍا چمڪاٽ پئي ڪيا. تو وانگر جن ڪو ڊپ محسوس نه ڪيو (ڪو اونو نه ڪيو) اهي ئي راهه گم ڪري ويٺا ۽ هميشه لاءِ رلي ويا.

8

نَڪو سُکُ نَکَٽرين، نه ويساندِ نَئِين

جيڪا اَچي سامُهِين، ڀانئِين سَا سَئِين

مُوڙِي ڪوهُ مَئِين، جِئَن سَڄيُون راتِيُون سُمَهِين. [545]

سمجهاڻي: آسمان ۾ جيڪي نکٽ (خاص تارن جا ميڙ) آهن، انهن کي هڪ جاءِ ٽڪاءُ ڪونهي (پيا اڀرن، هلن ۽ لهن). ائين (جبلن تان لهندڙ) نين جو پاڻي به ڪٿي بيهي نٿو رهي (بنا ساهي ۽ دير جي تکو وهي وڃي ٿو). تنهنجي سامهون اهو سڀ ڪجهه پيو ٿئي، پر تون ان کي سولو ٿو سمجهين (رؤنشو ڪري وٺين ٿو). هڪ طرف تون سڄيون راتيون (غفلت ۾) سمهيو پيو آهين، ٻئي طرف مالدار ٿيڻ جا خواب پيو لهين!

9

گِهڙِجِ گهاٽِي نِيہَ سِين، اَڳِئان ڪَپَرُ ڪارُونڀارَ

اُڪَارِجِ آڌارَ، لَهِرينِ مان، لَطِيفُ چَئي. [546]

سمجهاڻي:  توکي گهرجي ته دل ۾ گهڻي ۽ سچي محبت رکي (تياري ڪري) پوءِ پاڻيءَ ۾ داخل ٿي ڇو ته اڳتي ڪنارو ڏاڍو اونداهو آهي ۽ پاڻي تمام اونهو آهي. عبداللطيف چوي ٿو ته اي مالڪ، منهنجو آسرو ۽ اميد تون آهين ۽ تون ئي مون کي انهن لهرن مان اڪاريندين (منزل تي رسائيندين).

10

جي ڀانئِين کارو کيڙِيان ته اُٿِي بُونبُ بَناءِ

”قُل هُوَالرَّحۡمٰنُ آمَنا بِہِ“ ساڄا سِڙهَه سباءِ

پَنجَ پَڳَهَه، ٽِريهَه اوليُون، لاڄُو سَڀ لَڳاءِ

وَحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہُ، کُوها خُوبُ کَڻاءِ

ته سامُونڊِري سَندِياءِ، سَچِي ساکَ اُبَهي. [547]

سمجهاڻي: جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته سمنڊ اندر (هن زندگيءَ جو ڪامياب) سفر ڪريان ته پوءِ خاص ٻيڙو (ان مقصد خاطر) تيار ڪر. (سڀ کان پهرين) ’چئو ته اهوئي رحمان آهي جنهن تي اسان ايمان آندو‘  (قرآن جي آيت). ان لاءِ سٺا صحيح سڙهه تيار ڪراءِ. ان سان گڏ (ٻيڙيءَ جي لنگر لاءِ) پنج رسا (معنوي لحاظ سان پنج نمازون ٽيهه چپا (ٻيڙيءَ کي پاڻيءَ ۾ هلائڻ لاءِ خاص ٺهيل ڪاٺيون- معنوي لحاظ سان ٽيهه روزا) ۽ ٻيا سڀ لاڄو يعني جهنڊيون ۽ رسا ٻڌ. (انهيءَ سان گڏ) وحده لاشريڪ لھ (الله هڪ آهي ۽ ساڻس ٻيو شريڪ ناهي) جي پڪي ويساهه وارا کوها مٿي سڌا اڀا ڪر(الله توهار ڪر). اي سامونڊي، فقط تڏهن ئي تنهنجي ساک پت رهجي ايندي (تون هن زندگيءَ جي سفر ۾ ڪامياب ٿيندين).

11

مَ ڪِين هيڄِ مَ هوڄَ، تَرسُ مَ، تاڻِ طَرازَ کي

چَئهُ ڪَلِمُو مُحّمدَ تي ته اَڳِيان اَچي اوڄَ

سَهُکِيءَ ڀَتِ سَٻوجَهه، تُنهِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُري. [548]

سمجهاڻي:  (سمنڊ ۾ ٻيڙيءَ کي هاڪارڻ وقت) رسن کي ڇڪيندي هيڄ ۽ هوڄ (هيڏي ۽ هوڏي) وارا (هڪل جهڙا هڪجهڙا اجايا آواز) نه ڪر. (اهڙي مهل) بيهي نه رهه بلڪه پنهنجي ٻيڙيءَ کي (جيترو ڇڪي سگهين) اڳتي ڇڪ. رسول ڪريم محمد صلي الله عليه وسلم تي ڪلمو پاڪ پڙهه ته جيئن (ان جي برڪت سان) اڳيان سهڻي سٽاءُ ڏسين. اي سمجهدار سياڻا، فقط انهيءَ ريت تنهنجي ٻيڙي سولائي ۽ سهنجائيءَ سان مڪي پاڪ (محبوب جي ملڪ) ڏانهن رواني ٿيندي.

12

وَهُ چِيرِيندي مَڪُرِيين، لَهَرِ لَڳَندِي نِتُ

جَنِ جيڏاهِين چِتُ، تَڙِ تيڏاهِين ڍُڪَنديُون. [549]

سمجهاڻي: سمنڊ ۾ پاڻيءَ جو تيز ۽ تکو وهڪرو ٻيڙن کي چيري ڦاڙي ڇڏي ٿو ۽ اتي وڏيون وڏيون لهرون ٻيڙن کي ٻه اڌ ڪريو ڇڏين، پر جن ٻيڙن وارن جو پنهنجيءَ منزل ڏانهن (صحيح) رخ يا ڌيان آهي، اهي اڳي پوءِ اتي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيندا (ان تڙ يا بندر تي وڃي پهچندا).

13

جِتي لَهرِينِ لَکَ، ڪَنِ ڪَرڳَلَ پاڻَ ۾

اُتي عبَداللَطِيفُ چَئي، رَبَ تُنهنجِي رَکَ

ڪُڄاڙو هِي ڪَکَ، ڀَرُ جَهلِيندا ڀِيڙِ جو. [550]

سمجهاڻي:  مهاساگر ۾ جتي لکين لهرون پاڻ ۾ (ٽڪرائجي) وڏا خوفناڪ آواز پيون ڪن، اتي (انهيءَ ڏکيءَ مهل) عبداللطيف چوي ٿو ته اي مالڪ، تون ئي منهنجو بچائيندڙ آهين (مان تنهنجي پناهه ۾ آهيان). باقي هي ڪک ڪانا (ڪکن مان ٺهيل هيءَ ڪمزور ٻيڙي) ڪيترو بچاءُ ڪندا يا (پاڻيءَ جو) زور برداشت ڪري سگهندا؟ (مان تنهنجي توهه ۽ آسري تي آهيان).

14

اَتِ اُبَتو آرُ، مُنهنجِي موجَ نه سَهي مَڪُرِي

ميڙي مَٺايُنِ جو بيحَدَ چاڙهيُم بارُ

چَوَڻُ چارو نَاه ڪو بَديُون بي شُمارُ

ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِيين اِحسانَ سِين. [551]

سمجهاڻي: سمنڊ جي بي انت پاڻيءَ ۾ تمام تکو ابتو ڦيرو (گرداب) لڳو پيو آهي ۽ منهنجي (ڪمزور) ٻيڙي  پاڻيءَ جي موج (زور) ۽ تِک نٿي سهي سگهي. مون پنهنجي زندگيءَ جا سڀ ڏوهه گناهه گڏ ڪري حد کان وڌيڪ بار کنيو آهي. اي موليٰ سائين، مان ڇا چئي ڇا چوان، منهنجيون بديون (بڇڙايون) بي شمار آهن. اڳيان ڪنارو اونداهو ۽ اونهو آهي، اهڙيءَ صورت ۾ تون ئي پنهنجو احسان (مهرباني) ڪر ۽ مون کي اڪاري پار ڪر.

15

جِتي وَنجَهه نه واهَ، چَپا چُرَنِ ڪِينَ ڪِين

ڪِشتِي ڪاغَذَ ڪَچَ جِي، چاڙِهِيمِ مَنجها چاهَ

پَسِي سَختِي سَمُنڊَر جِي ماندا ٿِيا مَلاحَ

شَرَمُ رَکِين تُون شاهَ، لائِقَ لاڳي جا ڌَڻِي! [552]

سمجهاڻي: ٻيڙي سمنڊ ۾ اهڙي اونهي پاڻيءَ جي ڪُن ۾ اچي ڦاٿي آهي، جو اتي نه ڪو ونجهه لڳي ٿو ۽ نه ڪا ٻي واهه بچي آهي. پاڻي ۾ ايترو زور آهي، جو چپا (ڪيڏي به زور سان) چرن ئي ڪونه ٿا. (تڏهن مون سمجهيو) منهنجي ٻيڙي ته ڄڻ ڪچن ڪاغذن (بيڪار شين) مان ٺهيل آهي، جيڪا مون حرص مان کڻي هلائي آهي. سمنڊ جي اها دهشت ڏسي  (قابل) ملاح ۽ ناکئا به پريشان ٿي ويا آهن. اي مالڪ، تون هاڻي منهنجي پت رک. بيشڪ توکي ئي نذر نياز جڳائي (اسان کي تنهنجي ٻانهپ ئي سونهي ٿي ۽ تون ئي هر ڏکئي وقت ۾ حفاظت ڪرڻ وارو آهين).

16

لَهرِينِ ليکو ناههِ ڪو، ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا

آڇاڙا عَمِيقَ جا اَچَنِ اوڀارا

اُٿِي   اَسَارا،   وِيرَ   وَرندِيَئِه   ويسَرا. [553]

سمجهاڻي:  (سمنڊ جي سطح تي) لهرين جو حد حساب ڪونهي (انهن جو اڻ کٽ سلسلو آهي) ۽ اڳيان اونداها ۽ ڪارا ڪُن ۽ ڪنارا آهن. اونهي سمنڊ ۾ اٿندڙ وڏيون لهرون (اجگر بنجي) مٿي پيون اُڀرن. او غافل، اُٿ خبردار ٿيءُ، جيڪڏهن تنهنجي اها سستي ڪکن مان ٺهيل هيءَ ڪمزور ٻيڙي رهي ته وڏي وير (ڪنهن به مهل) توکي غرق ڪري ڇڏيندي.

17

وِيرَ وَرَندِيَئه ويسَرا، اُٿِي توهُه طَلَبِ

سائِر ڪَنہِ سَبَبِ، ڪالَهه نه وِڌِهِن ڪُنَ ۾.  [554]

سمجهاڻي: اي غافل (جيڪڏهن تنهنجو اهو حال آهي ته پوءِ) سمنڊ جي وير تو مٿان ضرور چڙهي ويندي. هاڻي به غفلت ڇڏ، اٿي مالڪ سائينءَ جي مدد ۽ فضل طلب ڪر. ڪالهه به سمنڊ ڪنهن سبب (رب تعاليٰ جي خاص فضل ڪري) توکي ڪنن ۾ نه ٻوڙيو.

18

ڪالَهه وِڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جَهَازَ

تُنهنجِي اَڄُ طَرازَ، آهي آرَ اَکِينِ ۾. [555]

سمجهاڻي: انهيءَ سمنڊ ڪالهه تمام وڏا ۽ ڏاڍا مضبوط ٺهيل شاهي جهاز پنهنجي ڪُنَ ۾ ٻوڙي ڇڏيا. اڄ تنهنجي ننڍي ٻيڙي انهن اونهن ڪنن جي اکين ۾ آهي (ته ڪڏهن ٿو ان جو وارو اچي). توکي گهرجي ته ان کان بچڻ لاءِ هر حيلو ۽ وسيلو ڪتب آڻ.

19

آهِيين آرَ اَکِينِ ۾، ناکُئا ڪِجُ نِگاهَ

وَڏَا ٻيڙا ٻوڙِئا سائِرَ ڏيئِي ساهَ

مُلاحِظو مَلاحَ! ڪِجُ ڪو اِنَهِن ڪُنَ جو. [556]

سمجهاڻي: اي ناکئا، خبردار ٿيءُ ۽ هيڏي هوڏي ڏس جو اونهي پاڻيءَ جي تيز وهڪري (گرداب) جي بلڪل سامهون اچي پهتو آهين. سمنڊ جي ڇولي (ساهه کڻڻ) چڙهڻ سان وڏا ٻيڙا به ٻڏي چڪا آهن. اي ملاح، انهن ڪُنن کان (هر حال ۾ ٻيڙيءَ کي) پري ۽ پاسي ٿي هلائڻ طرف ڌيان ڪر (ته تنهنجو بچاءُ ٿئي).

20

مُلاحِظو مهِراڻَ جو مُورِ مَ لاهِ مَناءُ

سامُونڊِري سَڀاڳَ کي سُمَهڻَ آيوءِ ساءُ

جاڳِي جَرَ مَٿاءُ، تاري وانءُ طرازَ کي. [557]

سمجهاڻي: تون مهراڻ  (سنڌو درياءُ سمنڊ وانگر آهي) جو انديشو (ٿوري دير لاءِ به) دل تان هرگز لاهي نه ڇڏ. توکي الائجي ڪهڙي سڀاڳ منهن ڏنو آهي جو توکي سمهڻ ۾ (غفلت ) ۾ مزو اچي ويو آهي. توکي گهرجي ته پاڻيءَ جي مٿان (ٻيڙيءَ ۾) هر وقت جاڳندو رهين، تڏهن ئي تنهنجي ٻيڙي تري ڪناري تي پهچندي.

21

تاري وانءُ طرازَ کي مَنجها مَوجَ مَلاحَ!

سُڌيُون ڏِينِ سَمُونڊَر جِيوُن اُونهين جا آگاهَ

سُونهَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَه وِيرِ لَنَگهي وڃِين. [558]

سمجهاڻي: اي ملاح، تون پنهنجي ٻيڙيءَ کي (ڪيئن به ڪري) زورآور ڇولين جي وچ مان ڪڍي وڃ، سمنڊ جا ڄاڻو ان جي گهراين جون خبرون ڏيندا رهن ٿا. توکي گهرجي ته اهڙن رهبرن جي صلاح تي عمل ڪرين تڏهن تون وڏي وير لنگهي پار پوندين.

22

سُونهان سُڌِيُون ڏِينِ، ديواني دَرياءَ جِيُون

ڪُوڙَ اوڏائِي ڪِينَ ڪِين رُڳو سَچُ سَودِينِ

عِجزَ جو اَڌَ رات کي وَڻِجُ وِهائِينِ

ساٿُ نِباهِيو نِينِ، ثابِتُ اِنهِه سِيرَ مان. [559]

سمجهاڻي: جيڪي (سالڪ) ان راهه کان واقف آهن، اهي ان ديواني (مستيءَ ۾ ڀريل) درياهه جون خبرون چارون رکن ٿا، اهي ڪڏهن به ڪوڙ جي ويجهو نٿا وڃن ۽ هميشه سچ جو سودو پيا ڪن. اهي  اڌ رات جو اُٿي (مالڪ سان) نهايت عاجزي ۽ نوڙت جو سودو ڪن ٿا، اهڙا ساٿ ڌڻي (ڪامل انسان) ئي پوءِ اونهي پاڻيءَ مان پنهنجي ساٿين کي سلامتيءَ سان وٺي وڃن ٿا.

23

ثابِتُ لَنگهِئا سِيرَ، لَهرينِ لوڏيا ڪِينَ ڪِين

وَڃي پَهُتا پارَ کي، نِرتُون مَنجهان نِيرَ

ماءِ پَهُتا مِيرَ، ٻار لَنگهيائُون ٻاجَهه سَين. [560]

سمجهاڻي: اُهي ماهر ملاح (ڪامل انسان) سمنڊ جي سير مان صحيح سالم لنگهي ويا ۽ لهرين انهن کي ڪو نقصان نه پهچايو. اُهي وڏيءَ سمجهه ۽ سُرت سان سمنڊ کي جهاڳي وڃي پار پهتا. اُهي احترام لائق اڳواڻ مالڪ جي مهرباني ۽ لطف سان پاڻيءَ جي اونهي اوڙاهه مان گذري وڃي منزل تي رسيا.

24

ساٿِينِ سَنبَت پَنڌَ جِي، تُون ويسَرو وِيرَ

جوڙي جُنگَ جَهازَ کيِ ڪوڏ هَڻائِجِ ڪِيرَ

وَهي وَڻِجارَنِ جِي بَندَرَ ڏانہَ بَهيرَ

گهَرِ تَنِي جي کِيرَ، جَنِ لاڳيدارَ لَنگَهائِيَا. [561]

سمجهاڻي: تنهنجا سڀ ساٿي سفر جي تياري پيا ڪن پر تون ان کان بلڪل غافل آهين. (اهو وقت آهي جڏهن) تون پنهنجي وڏي ٻيڙيءَ جي تياري ڪرين ۽ وڏي ڌيان ۽ چاهه سان ان کي (صحيح قسم جون) ميخون هڻائي مضبوط ڪرين. (هاڻي موسم اچي ويئي آهي جو) وڻج ۽ واپار ڪندڙن جون قطارون بندر ڏانهن (سامونڊي سفر تي رواني ٿيڻ لاءِ) وڃن پيون، انهن جي گهرن ۾ خوشيون آهن جن کي بندر تي محصول اڳاڙيندڙ روانو پيا ڪن.

25

ويرَ مَ لائي ويهُه، مَٿي آرَ اوڙاهَ جي

پَسِي پاڙي واريُون ڪِجُ اَنديشو اِيهُه

ڏِسِين نه وِيندو ڏيهُه، پَتَڻُ هُنَ پارَ مَڻي. [562]

سمجهاڻي:  (اي ناکئا) تون جڏهن اونهي پاڻيءَ جي اوڙاهه مٿان پهچين ته اتي ٿوريءَ دير لاءِ به سستي يا غفلت نه ڪجانءِ (ڇو ته اتي ئي ٻيڙن جي ٻڏي وڃڻ جو گهڻو خطرو هوندو آهي). توکي پنهنجي پاڙي وارين جو حال سُجهي ٿو (جن جا ڀائر ۽ ڀتار ڪُنن غرق ڪري ڇڏيا). سو اهو کٽڪو ڪڏهن به دل تان نه لاهجانءِ. ڇا تون (اها ڳالهه) ڪونه ٿو سمجهين ته سڀئي ماڻهو (ان پار) پيا وڃن، جنهن جو پتڻ (ٻيو جهان، آخرت) آهي.

26

اَٺَئِي پَهَرَ اوڙاهَه تي مَنجِهه گرِهَ گهاري

وَسِ نه ويچاري، ته ڪا ماڳِ ڍُڪَندِي مَڪُرِي. [563]

سمجهاڻي:  (زندگيءَ جي) هيءُ ٻيڙي جيڪا رات ۽ ڏينهن اونهي پاڻيءَ جي اوڙاهه تي پيئي هلي (ان جا مسافر) هر وقت ڳڻتي ۽ فڪر ۾ آهن. هن ٻيڙيءَ (وارن) جي وس ۾ ته ڪجهه آهي ڪونه، ان ڪري ارمان ۾ آهن  ته اها ٻيڙي الائجي منزل تي پهچندي يا نه!

27

دُنيا سَڀ دَرِياهُ، ڪو ڪو تارُو تَنہِ ۾

هِڪِڙي لَهَرِ لَوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاهُ

طَالِبَنِ توڙاهُ، موڙي چاڙهي مَڪُرِي. [564]

سمجهاڻي: دنيا جو هيءُ جهان وڏي درياهه ۽ سمنڊ جيان آهي، جنهن ۾ اهڙا انسان تمام گهٽ آهن، جيڪي تارو آهن ۽ تري پار پون ٿا. انهيءَ درياهه ۾ (وڏي ۾ وڏي) لهر لوڀ ۽ لالچ جي آهي ۽ ٻيو باهه جهڙو حرص ۽ هوس وارو اوڙاهه آهي (انهن ٻنهي کان عام انسانن جو بچڻ ڏاڍو مشڪل آهي). ليڪن جيڪي (حق جا) طالب آهن انهن هميشه پنهنجي ٻيڙيءَ کي پاسو ڏيئي ڦيرائي (بچائي) پئي هلايو آهي (حرص جي ڪُنن ۾ ڪِرڻ کان پاڻ کي بچايو آهي).

[ڏٺو وڃي ته هن بيت ۾ سر سريراڳ جو سمورو فڪر سمايل آهي. انسان لاءِ هيءَ دنيا سمنڊ وانگر آهي ۽ اهو اڻانگو سفر آهي، ان مان ڪيئن ڪامياب ٿي نڪري سگهجي ٿو، ان لاءِ انسان کي هر وقت خبردار رهڻو آهي، ۽ صالح عمل ڪرڻو آهي، جنهن سان سندس اهو سفر سڻائو ٿي سگهي ٿو.

مثنوي روميءَ جي هڪ شعر ۾ اهو سمورو فڪر هن ريت سمايل آهي:

اين جهان درياست وتن ماهي و  روح.

 (دفتر ٻيو، بيت- 3140)

ترجمو: هي جهان درياهه آهي ۽ انسان ان ۾ مڇيءَ وانگر آهي.]

 

وائي

سَهسين شُڪرانا، ڪَرِ سَهسين شُڪرانا

ڪوڙين ڀالَ ڪَرِيمَ جا

حَمدُ چَئو حَڪِيمَ کيِ ظاهر زبانا

تو ڏيکاري تو ڌَڻِي باطِنَ جا بانا 

مَتان مَردَ وِسارِيين صاحبَ جو ثَنا

دُرستُ رَکِي دِلِ ۾ پَڙهُه لالَڻَ لِسَانا

جَفا ڏيئِي جانِ کي، ٿِيءُ فِڪرَ مَنجِهه فَنا

تُسِي توسين توهَه ڪَري آگو اِحسانا

ڪَڍُ تون دَغا دِلِ مان ٻانَهپَ سين، ٻانها

صاحِبَ وَڻي سَچَ سين، ٿيءُ دانَہُ، ديوانا!

جي تَحقِيقُ ٿِئا تَسليمَ سين، اوءِ ڪِئَن اَمَانا

جاڳئا جي جَبارَ لَئي سيئِي سَمانا

”فَاذ ڪُرُونِي اَذڪُرُ ڪُم“ ڪَهِئو قُرانا

”واَشڪُرُوا لِي وَلا تَڪفُروُنِ“ ڪَڍُ تون ڪُفرانا

سَڀِ سَنوارئا سُپِرين قَوالَ تو ڪَنا

چَڱِي چَئِجُ چاهَ سين مَدَحَ اِيءَ مَنا

تائبُ ٿِيءُ تَڪَڙو جوشان جُوَانا

لَهِين   تون   لَطِيفَ   کان   اَمُنُ   اَمانا. [565]

سمجهاڻي: اي انسان (جيستائين تون زندگيءَ جي ٻيڙيءَ ۾ سوار آهين) تون سوين ۽ لکين شڪرانا ادا ڪر جو تو تي رب ڪريم جا ڪروڙين ڀال ۽ ڀلايون آهن. تون انهيءَ حڪمت واري جي ظاهري زبان سان وڏائي ۽ واکاڻ ڪر، اهوئي ته توکي اندر جا راز ڏيکاري ۽ ٻڌائي ٿو. اي مرد، متان تون ان صاحب جي ثنا ۽ ساراهه کي وسارين، انهيءَ مالڪ لاءِ دل کي درست رک ۽ ان جو زبان سان ذڪر ڪر. تون پنهنجي جسم کي تڪليف ۾ وجهي پاڻ کي هن جي فڪر ۾ فنا ڪر، اهوئي ته آقا آهي، جيڪو راضي ٿي تنهنجي واهر ڪري ٿو ۽ توتي احسان ڪري ٿو. اي ٻانها، تون پنهنجيءَ دل مان دغا ۽ دولاب ڪڍي، سچو ٻانهو بنجي وڃ. اي ديوانا، صاحب کي ته سچ ئي وڻي ٿو، تون ٻيلي، سياڻو ٿيءُ. جيڪي حقيقت ۾ رب جي رضا تي راضي رهيا (رضا ۽ تسليم واري مقام تي آهن) اهي ئي سلامتي ۾ آهن، بلڪه جيڪي رب جبار جي لاءِ راتيون جاڳن ٿا، اهي ئي عزت ۽ مان لهن ٿا. قرآن ۾ آهي ته ’پوءِ مون کي ياد ڪريو ته آءٌ اوهان کي ياد ڪريان‘ ۽ ائين به آهي ته ’منهنجو شڪر ڪريو ۽ ان جو انڪار نه ڪريو‘، سو تون اهو انڪار ڪرڻ ڇڏي ڏي.

انهيءَ سٻاجهي سپرين ته توسان پنهنجا سڀ قول پورا ڪيا آهن، تنهنڪري تون وڏي شوق ۽ دل جي چاهه سان هيءَ مدح ۽ ثنا چئو. اي جوان، توبـﮧ ڪرڻ ۾ دير نه بلڪه جلدي ڪر ۽ سچي جذبي سان توبھ ڪر، بيشڪ اهو مهربان مالڪ توکي امن ۽ سلامتي ڏيڻ وارو آهي.

داستان ٽئو

 

1

اڳَهِين اُتومانءِ، ته مَک پَنهِنجِي مَڪُري

ڀورا شَڪُ مَ ڀانءِ، لَهرِيون صَحِيءُ لَڳَندِيُون. [566]

سمجهاڻي: مون توکي اڳ ۾ ئي چيو هو ته پنهنجي ٻيڙيءَ کي (تيل وغيره جو) مَک ڏيندو رهه. (اڳلي سفر جي تياري ڪندو رهه). اي سمجهه جا کٽل، انهيءَ ڳالهه ۾ ڪهڙو شڪ آهي ته سمنڊ جون لهرون دستور موجب پنهنجو پورو زور ڏيکارينديون (توکي پنهنجي تياري ان مطابق ڪرڻ گهرجي).

2

وَڻجارا ويٺي، تو نه سَرندِي شاهَ ري

مَکِ پَنهِنجِي مَڪُرِي، چَڱي ڪَرِ چيٺي

پاسَا پاکَڙِينِ جا سَمُنڊُر تو سيڪي

جي لُنڊا مَنجِهه ليکي، وِيرِ وِڙَهندِي تَنِ سين. [567]

سمجهاڻي: اي وڻجارا، ماٺ ڪري (هٿ هٿ تي رکي) ويهڻ سان تنهنجو گذر سفر نه ٿيندو. تنهنجو واسطو سمنڊ ۾ گهڙڻ وقت بندر جي حاڪم سان ضرور پوندو (جنهن کي حساب ڪتاب سان توکي محصول ڏيڻو آهي) (انهيءَ ڪري توکي گهرجي ته) پهريائين پنهنجي ٻيڙيءَ کي چڱيءَ ريت جاچي (سمنڊ جي سختيءَ کان بچڻ واسطي) مَکي تيار ڪرين. (توکي خبر آهي ته) سمنڊ ۾ جيڪي ٻيڙيون هلن ٿيون، وڏيون ڇوليون انهن جي پاسن سان ٽڪرائي کين ڪيئن ڪمزور ڪري ڇڏين ٿيون. (دراصل) جن جو حساب ڪتاب کٽل آهي، پورو ناهي (تياري مڪمل ناهي) وير انهن کي ضرور نقصان رسائيندي.

3

مَکُ ڏِيهاڻِي مَڪُرِي، تُنَ تُنيندو آءُ

سانباهِي سَمُونڊَر جي مَنا مُورِ مَ لاه

اَڄُ ڪِ سَنجِهه صُباح، اُهَرندين اَتانگهَه تَڙين. [568]

سمجهاڻي: تون پنهنجي ٻيڙيءَ کي روزانو مک ڏي ۽ منجهس جيڪي سوراخ پئجي ويا آهن، انهن کي (خيال سان) چڱيءَ ريت ڀريندو ۽ بند ڪندو رهه. (اهڙيءَ طرح) سمنڊ جي ويرن جي چڙهڻ ۽ لهڻ (واري خوفناڪ صورتحال) کي پنهنجيءَ دل تان هرگز فراموش نه ڪر. اڄ يا صبحاڻي توکي پنهنجي انهيءَ ٻيڙي سان ئي ته سمنڊ جي تمام اونهن ۽ ڏکين تڙن تي وڃڻو آهي (جيڪڏهن تنهنجي اها ٻيڙي صحيح حالت ۾ نه هوندي ته اهو ڏکيو سفر ڪيئن ڪري سگهندين.)

4

مُون ٿي چَيُئِه ڪانڌَ! ڀُتِي ڀاڙِ مَ مَڪُرِي

سِڙَهه پُراڻا پاندَ، لَهرِيُون صَحِيءُ لَڳنديُون. [569]

سمجهاڻي: اي منهنجا ڀتار، (زال جي مڙس کي پارت) مون توکي ڪونه چيو هو ته ڪمزور ڪاٺ واري ٻيڙيءَ کي ڀاڙي تي نه وٺ (اها ڌڪ ڪونه جهليندي). (خاص طور) ان جا سڙهه ڏاڍا پراڻا آهن (جيڪي تيز واءُ جي سَٽ ڪونه سهندا). ڇو ته سمنڊ جون لهرون هر وقت پنهنجي پوري زور سان پيون هلنديون آهن (انهن جي زور ۾ ڪا ڪمي نه هوندي).

5

مَنجها پيئِي مَڪُرِيءَ ڪا جا پاڻِيءَ پِڪَ

وَکَرُ هَڻِي وِڻِڪَ، ڪَٽجِي ڪارو ٿِئو. [570]

سمجهاڻي: ٻيڙيءَ ۾ اندران (ڪنهن سوراخ منجهان سِمي) ٿورو ٿورو پاڻي داخل ٿيندو رهيو آهي، ان جي ڪري سامان کي ڪس لڳي ويئي ۽ اهو ڪارو (خراب) ٿي ويو آهي.

6

مَنجها پيئِي مَڪُرِيءَ ڪا جا پاڻِيءَ بُوندَ

مُون سي ڏِٺا رُوندَ، وَکَــرُ جَنِ وِڃائِيو. [571]

سمجهاڻي: ٻيڙيءَ ۾ اندر ئي اندر ڪٿان (ڪنهن سنهي سوراخ مان سِمي) پاڻي جمع ٿيو آهي، جنهن ڪري اندر پيل سامان خراب ٿي ويو. اهڙيءَ حالت ۾ مون سامان جي مالڪن کي رئندي ۽ دانهون ڪندي ڏٺو.

7

توڙي تَوائي، توءِ تُنهنجي آسَري

جِئَن وَڻِجاري سين وَکَري، تِئَن مون گهَرِ سَرَهائِي

سَڄَڻَ ڳَرِ لائِي، کِيرُون ڏِيندَيَسِ جيڏِيين. [572]

سمجهاڻي:  (وڻجاريءَ جو انديشو) جيتوڻيڪ ٻيڙي تڙ کان توائي (پري) ٿي ويئي آهي (صحيح گس وڃائجي ويو اٿس پر تڏهن به (اي مالڪ) اها تنهنجي آسري تي آهي. ليڪن جيستائين وڻجاري وٽ مال (صحيح سلامت) آهي، تيستائين منهنجي گهر ۾ خوشي ئي خوشي آهي. مون کي اميد آهي ته جڏهن سڄڻ گهر ورندا ۽ مون سان ملندا ته آءٌ پنهنجي جيڏين سرتين کي انهيءَ خوشيءَ ۾ شامل ڪنديس (مٺائي ورهائينديس).

8

ٻيڙِي تُنهنجي ٻاجَهه، وَکرُ تَنہِ وصالَ جو

کُوها اولا اُن جا سڀ سُونهارا ساجَ

مُعَلِمَ جِتِ مُحتاجَ، اُتِ پُورَڻَ وارو پاڻِ ڌَڻِي. [573]

سمجهاڻي: تنهنجي (زندگيءَ جي) ٻيڙي ٻاجهه (ميٺ محبت) جي ٺهيل آهي، جنهن ۾  سمورو سودو سڪ ۽ محبت وارو آهي. ان جا کوها، اولا ۽ سارا ساز سامان به سهڻا ۽ سينگاريل آهن، پر (اهڙي ڪنهن ڏکيءَ صورت ۾) جتي (تجربيڪار) ناکئا به بيوس ٿي بيهي رهن، ته اتي ٻيڙيءَ کي ڌڪي ۽ ماڳ تي پهچائڻ وارو مالڪ سائين پاڻ آهي.

9

ٻيڙي پُراڻِي، وَکَرُ پاءِ مَ وِتَرو

تَري ۾ تُن پِئا، پاسَنئُون پاڻِي

هِيءَ هَڏِ وِهاڻِي، ڪَڙُهه ڪَالهُوڻي ڏِينہَ کي. [574]

سمجهاڻي: (اي ناکئا) تنهنجي (زندگيءَ جي) ٻيڙي بلڪل جهوني (ڪمزور) ٿي چڪي آهي، تنهنڪري تون ان ۾ ايترو سامان نه چاڙهه. ان جي تري ۾ به سوراخ آهن ۽ پاسن کان منجهس پاڻي گهڙي اچي ٿو. جئن تيئن ڪري تنهنجو اهو وقت گذري ويو، تون سڀاڻي ۽ اڳتي سوچ ڪر ته ڇا ڪندين! (اڳئين حياتيءَ جو فڪر ڪر).

10

تَري تُنَ پِياسِ، پاسَنئُون پاڻِي وهي

کُوهو جُهرِجُهنو ٿِئو، لاڄُو سَڀ لَڙِياسِ

جيلاهَ سَڌَرُ سُکاڻِياسِ، وَهي تي وَهَه سامُهُون. [575]

سمجهاڻي:  (وقت گذرڻ سان) ٻيڙيءَ جي تري ۾ ڪيترا سوراخ ٿي چڪا آهن ۽ پاسن منجهان پاڻي به وهي نڪريس ٿو. ان جي کوهي واري ڪاٺي تمام پراڻي ۽ ڳري چڪي آهي. ان جون سڀ رسيون طاقت وڃائي ڪمزور ٿي چڪيون آهن، ليڪن جيستائين ان جا سُکاڻي يعني هلائڻ وارا ناکئا صحيح ۽ سگهارا آهن، تيستائين اها تيز وهڪري جي سامهون به پاڻي کي چيريندي پيئي وڃي.

11

ويٺو تُنَ تُنِينسِ، مَکِ ڏِيهاڻِي مَڪُري

سَنباهي سَيدُ چَئي، مَٿي ناءَ نِئِينسِ

وَٽائي وَڏاندَرا لاڄُو لَڳائِينسِ

آخِرِ اُهرائِينسِ، ته جوکو ٿِئي نه جَڙاوَ کي. [576]

سمجهاڻي:  (اي ناکئا) تون پنهنجي ٻيڙيءَ جا سوراخ چڱيءَ طرح (مرمت جي لحاظ کان) بند ڪندو رهه ۽ ان کي هر روز مک ڏيندو ڪر. ان کي پوريءَ ريت تيار ڪري پوءِ ان کي ان جاءِ تي کڻي وڃ جتان سمنڊ ۾ ٻيڙين کي داخل ڪندا آهن. (ليڪن ان کان اڳ) وڏا مضبوط رسا وٽائي اهي لاڄو ڪري لڳائينس. (انهيءَ مڪمل تياريءَ کان پوءِ) پنهنجي ٻيڙيءَ کي ڀلي پاڻيءَ ۾ وجهي هاڪارينس. (جڏهن تون ائين ڪندين ته) ان جي جڙاوت کي ڪو نقصان نه ٿيندو.

12

وَٺِي وِجُهه وَکَرَ جا دَنگِيءَ ۾ داڻا

وِيرِ وَرَنديِئَه ويسَرا! ويهُه مَ ويڳاڻا

هِيءَ نِنڊر نه ڄاڻا، ڪَڏِهن هَڻَندِيَئِه ڪُنَ ۾.  [577]

سمجهاڻي:  تون پنهنجي ٻيڙيءَ ۾ (وقت سر) سودي سامان جا سڀ قسم وٺي گڏ ڪر (هن عمل جي دنيا ۾ وقت جو قدر ڪر). جيڪڏهن تون سستي ڪري (بيپرواهه ٿي) ويهي رهئين ته سمنڊ جي وير پوئتي موٽي ويندي. (پاڻي لهي ويندو ۽ تون سڪيءَ تي ٻيڙي هاڪاري نه سگهندين). تون جنهن (غفلت جي) ننڊ ۾ آهين، خبر ناهي اها توکي ڪڏهن ٿي ڪُن ۾ هڻي (جتان پوءِ تنهنجو نڪرڻ محال ٿي ويندو).

13

وَکَرُ وهائي لُونڙُ، رُنگَ کَٿُورِي گهُرين

ڀُنگو تُنهنجو ڀَرِ تي، جِمَ ڳالهائين ڪُوڙُ

وِڃائين مَ مُوڙُ، کَٽئو تُنهِنجو گهورِئو. [578]

سمجهاڻي: تو پاڻ سان لوڻ (عام رواجي شيءِ) جهڙو وکر گڏ ڪري کنيو آهي، پر اميد ڪرين ٿو ته توکي کٿوريءَ جو ملهه ملي ۽ ان جي مٿان وري رُنگ (سوائي) به ملي. تنهنجي ڪکائين جهوپڙي اڳيئي ڪمزور ڪپر تي بيٺل آهي (فاني دنيا جو ڪو اعتبار ڪونهي). پوءِ متان ڪوڙ ڳالهائين (لوڻ کي کٿوري سمجهين) اهڙي صورت ۾ تنهنجو نفعو ته هونئن ويندو، پر مورڳو مور به وڃائي ويهندين.

14

شَهَرُ ڏسِي سَرَهو ٿئين، ڏِٺيَئي نه بازارِ

وَکَرُ وَکَارَنِ جو ڍُڪِئو ڪهڙيءَ ڍارِ

تَڻَ تَنِي سين گهارِ، ته لَهِين لَکَ لَطِيفُ چَئي. [579]

سمجهاڻي: تون شهر جو فقط ٻاهريون ڏيک ڏسي خوش ٿي ويو آهين. تو اڃان ان جي بازار (جتي سامان جا سودا ٿا ٿين) ڏٺي ئي ڪانهي. (تو اهو به معلوم نه ڪيو ته) اتي وکر جو ڪاروبار ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت پيو هلي. تون وڏن واپارين سان صحبت ۾ ڪجهه دير گذار. عبداللطيف چوي ٿو (توکي اهي راز انهن وٽان معلوم ٿيندا) تڏهن تون لکين رپين ڪمائڻ جهڙو ٿي ويندين.

[هتي مثنوي روميءَ جا هيءُ شعر گهڻي مناسبت رکن ٿا:

آن جهان شهريست پر بازار و کسب،

تا نه پنداري که کسب اينجاست حسب،

حق تعاليٰ گفت کاين کسب جهان،

پيشه آن کسب است لعب کودکان.

(دفتر دوم، ب-2595)

معنيٰ: اهو جهان اهڙو آهي، جنهن ۾ بازار ۽ ڪمائي آهي. تون ائين نه سمجهه ته ڪمائي صرف هتي آهي. الله تعاليٰ تڏهن ته چيو آهي ته هن جهان جي ڪمائي هن جهان جي مقابلي ۾ ٻارن جو کيل آهي.]

15

وَکَرُ وَڻِجَارا، پاڻَ پَرائو چاڙِهئو

اَچِي لَهرِيون لَڳِيُون ٻيڙيءَ ٻِپَارا

جاڳو جي جارا، ته تَڙِ تَوائِي نه ٿِيي. [580]

سمجهاڻي:  وڻجارن ٻيڙيءَ ۾ ٻين جو مال به (منافعي خاطر) چاڙهي ڇڏيو. (وچ سمنڊ ۾ پهچڻ کان پوءِ) جڏهن ٻيڙيءَ جي ٻنهي پاسن کان زوردار لهرون لڳڻ شروع ٿي ويون ته ٻيڙيءَ جو هلڻ مشڪل ٿي پيو. هاڻي به ٻيڙي وارا خبردار ٿيو ۽ پاڻ سنڀالي پنهنجي پوري قوت ۽ سگهه سان ٻيڙيءَ کي توائي ٿيڻ (اوجهڙ ۾ وڃڻ) کان بچائي سڌو تڙ  تي وٺي اچو.

16

اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين

سُتي لوڪِ، لَطِيفُ چَئي، ذَرو يادُ نه ڪِئوءِ

غافلُ ٿي غُرابَ کي اوڙاهَه تي آندوءِ

سو ڇِتَرُ ڇُهي کان رکِين جو پِئو پراڻو پوءِ

جَهازُ ضَعِيفَنِ جو پاڻيءَ ۾ پرتوءِ

سَيدَ! ساٿُ سَندوءِ، پُربَندَرِ پَهُچائِيين. [581]

سمجهاڻي:  (شاهه عبداللطيف پاڻ کي مخاطب آهي) تو اهو ڪپر (بندر) اچي ڏٺو(اتي پهتو آهين جيڪو هن کان اڳ تو صرف ڪنن سان ٻڌو هو. عام ماڻهن جي سمهڻ کان پوءِ (رات وچ ۾ جاڳي) تو پنهنجي رب کي ٿوريءَ دير لاءِ به ياد نه ڪيو، بلڪه غفلت ۾ غرق رهين تان جو تنهنجو غوراب اونهي پاڻيءَ جي اوڙاهه ۾ اچي ڦاٿو آهي.

اي مالڪ، هن پراڻي ٻيڙيءَ (موچڙي جي شڪل سان مشابهه) کي تيز ۽ طوفاني هوائن کان بچاءِ، ڇو ته اها پاڻي ۾ سانده هلندي ڏاڍي جهوني ٿي چڪي آهي. اي سائين، اسان عاجزن ڪمزورن جو هيءُ جهاز هن وڏي پاڻيءَ ۾ تنهنجي حوالي آهي. اي سردار، هن قافلي کي پور بندر (ڪاٺياواڙ جي مشهور بندر) تي تون ئي پهچائيندين.

[اسان جي خيال ۾ هن بيت جي ٻولي ۽ انداز بيان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته سمنڊ جي انهيءَ سفر ۾ شاهه عبداللطيف پاڻ شامل هو.]

17

جُتو وانءُ جَهازَ، گَڏِئو غُرابَن سِين

پُورِيندي هُنَ پارَ ڏي سَڌَرَ کَڻجِ سازَ

اَچَنِ ٿا آوازَ، سَٽراڻي سَمُونڊَر جا. [582]

سمجهاڻي: اي (وڏا) جهاز تون ٻين ننڍن ٻيڙن (غورابن) سان همراهه ٿي هليو هل (انهن جو ساٿ ڏي). هن پار (ٻئي جهان) ڏي وڃڻ لاءِ پاڻ سان پڪو پختو (اعتماد جوڳو) سازو سامان کڻي هلڻ ضروري آهي. توکي خبر آهي ته اڳتي سمنڊ ڏاڍو خوفناڪ آهي ۽ زبردست گجگوڙ جا آواز پيا اچن.

18

جَرَ ۾ ڦوٽو جِيئَن، لَهريُون لَڳندي اَڌَ ٿِئي

تُون پُڻ آهِين تِيئَن، دُنيا ۾ ڪو ڏِينهَڙَو. [583]

سمجهاڻي: جهڙيءَ ريت پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ڦوٽو يا حباب ڇولين جي ٿوري هيٺ مٿي ٿيڻ سان ڦاٽي ختم ٿي ويندو آهي (ڇو ته اُن جو وجود بلڪل عارضي هوندو آهي)، اهڙيءَ ريت تون پڻ (تنهنجو وجود به بلڪل عارضي آهي) هن دنيا ۾ ڪجهه وقت لاءِ آهين.

19

هيءُ جو سَودو سَڦَرو، سو مُون پَلَءِ پاءِ

وَسُ ويچاري ناههِ ڪو، آگا عَرضُ اُوناءِ

رِءَ هَمراهِيءَ هاديءَ جي مُورِ نه مِڙِي ماءِ

لُطفَ ساڻُ لَنگهاءِ، لَهرُو لَهرِينِ وِچَ مان. [584]

سمجهاڻي: اي منهنجا مالڪ، مون کي ان سودي جو نفعو عنايت ٿئي جيڪو سٺو ۽ صحيح آهي. مون ويچاريءَ جي وس ۾ ڪجهه ناهي. او سائين، تون منهنجو اهو عرض قبول ڪر. رهبر جي رهنمائي ۽ مدد کان سواءِ هرگز مقرره منزل تي پهچي نٿو سگهجي. تون پنهنجو خاص ڪرم ڪر ۽ هن بار سان ڀريل ٻيڙيءَ کي موجن ۽ ڇولين مان لنگهائي پار پهچاءِ!

وائي-1

ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ وو، تَنِ پانڌيَنِ نَنڌا بارَ

توکي آرَسُ اَکڙِيَنِ ۾

پاتا پاڙي وارِيين پُکا مَنجِهه پاتارَ

پَتَڻُ ٿو پُورَ ڪَرِي، آئِي تُنهِنجِي وارَ

سَڄِيُون راتِيُون سُمَهِين کِيو مَنجِهه خُمارَ

ڪ تو ڪَنين نه سُئِي ڪَپَرَ جِي ڪُوڪارَ

ساَئِينءَ مُڪَهين سَچ کي، تُون ڪُوڙو مَنجِهه قطارَ

ڪ تو ڪَنين نه سُئِي هلَڻَ جِي هاڪارَ

تائَبُ ٿِيءُ تَڪِڙو، پرُوڙِ اِيءَ پَچارَ

نِنڊَر نه ڪَجي ايتَرِي، سُڻجُ اَدا يارَ

”ڪُل نَفسِ ذائِقَةُ المَوتَ“ سَچِي ايءَ سَنڀارَ

شِڪارُ تون شَهبازَ جو، تون تان مَنجِهه شِڪارَ

لَکَ مِڙيِئي لُٽِئا، هُنهِين وِئِا هَزارَ

ڏِنَئِي جي اَللہَ کي ته هُندَ ٿِيين پريين پارَ

جوٽَنِ مَٿان جُٽِ ٿي، دُنِي تُنهِنجي دارَ

جيفو آهِه حَديِثَ ۾، اَنڌِيءَ اِيءُ آچارَ

وَٽَيُئِي ڪيِنَ وِلهَنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَهارَ

سَا ڪيِئَن هَلي توسين، جا ڀَڳِي کان ڀَتارَ

جِيَڻُ جالَ نه نِبهي، سُڻِجُ اِيئَن سچارَ

جِمَ  وِسارِيين  ويسرا  ڀِتِينِ  جِي  ڀُلِڪارَ. [585]

سمجهاڻي:  ساٿين سفر جي تياري ڪري ڇڏي آهي ۽ پنهنجو سامان سڙو ٻڌي (ٻيڙيءَ ۾) چاڙهي ڇڏيو آهي. ٻين پنڌ وارن ساٿين پڻ سامان ٻڌي سولا ڪري رکيا آهن، ليڪن توکي اکين ۾ ننڊ آهي (تون بلڪل غافل آهين). پاڙي وارين عورتن فالون ڪڍرايون آهن، جيئن اونهي پاڻيءَ وارو سفر سولو ٿئي. هوڏانهن پتڻ ڀريو بيٺو آهي ۽ هر ڪو پنهنجي واري سان روانو پيو ٿئي. تنهنجو وارو به اچڻ وارو آهي، پر تون سڄيون راتيون سمهيو نشي ۾ الوٽ ٿيو پيو آهين. شايد تو ڪڏهن پنهنجي ڪنن سان ڪپر جي کاڄي وڃڻ کان پوءِ ان جي ڪرڻ وقت وڏي آواز يا دانهن کي نه ٻڌو آهي. مالڪ سائين توکي سچ سمجهڻ لاءِ موڪليو آهي (ته سڀني کي هلڻو آهي) پر تون انهيءَ سڄي قطار ۾ پاڻ کي ڪوڙو ڪري بيٺو آهين. ائين ٿو لڳي، تو ڄڻ هتان (هن جهان مان) هلڻ جو آواز ڪڏهن ٻڌو ئي ناهي. اي غافل (هاڻي به دير نه ڪر) جلدي سگهو توبھ تائب ٿيءُ، انهيءَ ڳالهه کي سمجهه، اي ڀائو! يار، چڱيءَ طرح ٻڌ، ايتري ننڊ هرگز نه ڪجي. ’هر نفس موت جو ذائقو چکندؤ (قرآن) ۾ اها سچي خبر آئي آهي. جيتوڻيڪ تون پنهنجي ليکي شڪار ۾ محو آهين، پراصل ۾ تون شهباز (عزرائيل) جو شڪار آهين. تو لک ائين لٽائي ڇڏيا، هزارن جو ته ڪو حساب ڪونهي. جيڪڏهن اهي الله جي راهه ۾ ڏين ها ته جيڪر هُن پار ڪاميابيءَ سان پهچي وڃين ها، پر تون ته گوڏن کان چيلهه تائين دنيا جي دام ۾ ڦاٿو پيو آهين، جنهن کي حديث پاڪ ۾ ڍونڍ ڪوٺيو ويو آهي، اتي انڌي دنيا لاءِ اهو ئي مثال ڏنل آهي. (افسوس) تو اها دولت خدا کان ڊڄي غريبن ۽ مسڪينن ۾ نه ورهائي. اها دنيا توسان ڪيئن نباهيندي جيڪا پنهنجي هر مڙس کان بيوفا ٿي ڀڳي آهي. جيئڻ (زندگي) سدائين يا هميشه لاءِ ڪونهي، اها سڄي ڳالهه ڌيان ڪري  ٻڌ. اي  غافل انسان، آخر ۾ (قبر جي) ڀتين جي سوڙهه سختي کي هرگز  نه وسار.

وائي-2

پُــــڇان ٿِـــــي تــو ڪَـــــنَ

پانڌي ميان!

پُــــڇان ٿِـــــي تــو ڪَـــــنَ

هادي  ميان!

ڪِــــٿي پِـــريان جـــا پَــــکَڙا

جتان جَتَنِ لَڏئو، اُتي ڇڻِئا پَکَن پَنَ

جَرُ موتِيين جِئَن هَارِئو، مُنهنجي هِنيَڙي ڀَڳَا ڀَنَ. [586]

سمجهاڻي: آءٌ توکان پڇان ٿي، واٽ ويندڙن کان پڇان ٿي، او منهنجا  هادي ۽ رهبر! آءٌ توکان پنهنجي پرينءَ جي ماڳ ۽ هنڌ بابت پڇان پيئي ته اهو ڪٿي آهي؟ اهو ماڳ جيڪو هو مٽي ويا آهن، اتي پکن جا پن، ذرا ذرا ٿي ڇڻي ڪريل آهن. اهو نظارو ڏسي منهنجي اکين مان موتين مثل لڙڪ جاري آهن ۽ منهنجي دل جون سموريون خوشيون موڪلائي ويون آهن.

 

داستان چوٿون

 

1

وَڃن مَ وِينجهارَ، پاڻِيَٺَ جي پَرکَڻا

اَيهَرُ پائي اَکيينِ، لَهنِ سَڀَڪَنهِن سارَ

موتِيءَ جي مزاجَ جو قَدرُ مَنجِهه ڪِنارَ

صَرافَنِئُون ڌَارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِيي. [587]

سمجهاڻي: شل ائين نه ٿئي جو آبدار موتين جا پارکو ختم يا (ناپيد) ٿي وڃن.اهي موتين جا پارکو خاص قسم جو شيشو (عينڪ) اک تي لڳائي هر قسم جي موتين جي پرک ڪندا هئا ۽ ان جي اصليت (توڻي گولائيءَ واري چمڪ جي) ڪٿ ڪندا هئا. هاڻي انهن پارکن ۽ ڄاڻن کان سواءِ (ڄڻڪ) ماڻڪ موتي شرمندا پيا ٿين! (صحيح قدر قيمت ڪٿڻ وارا اڻ لڀ جو  ٿي ويا).

2

اَمُلُ آڇِ مَ اُنِ کي، جي نه پَرُوڙِنِ مَٺِ

جِتِ گَڏِجيئِي جوهَرِي ماڻِڪُ تِتهِين مَٽِ

جَنِي سونَ سِين سَٽِ، تَنِ هَڻِي رِيءُ رَدِ ڪِئو. [588]

سمجهاڻي: اهي املهه (موتي) اهڙن پارکن کي نه ڏيکار جن وٽ مَٺ (هٿراڌو ملاوٽ) جي سڃاڻپ به ڪانهي. بلڪه ماڻڪ موتي انهن جوهرين کي ڏيکار يا انهن وٽ کڻي وڃ، جيڪي  (واقعي) انهن جي شناس ۾ مهارت رکن ٿا. (توکي خبر آهي ته) جيڪي سون جي سڃاڻپ ڪري ڄاڻن ٿا، اهي (ڪسوٽيءَ جي آڌار تي) ڪوڙي چانديءَ (کوٽ) کي (فوري طور سڃاڻي) رد ڪري ڇڏين ٿا.

[رومي مثنويءَ ۾ سون جي سڃاڻپ لاءِ ڪسوٽيءَ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:

زر قلب و زرينکو در عيار،

بي محک هرگز نداني ز اعتبار.

(دفتر اول، ب-299)

معنيٰ: کوٽ مليل سون ۽ سچي سون جي پرک ڪسوٽيءَ کان سواءِ اعتبار جوڳي ناهي.]

3

سونارا صَرافُ ٿِيءُ، هَڏِ مَ ڪُوڙُ ڪَماءِ

مَتان تو هَٿاءِ، وڃي وِڄا وِسَرِي. [589]

سمجهاڻي: اي سونارا، تون صراف ٿيءُ (سچ کي پرکڻ وارو ٿيءُ)، هرگز ڪوڙ جي

ويجهو نه وڃ (ڪڏهن به کوٽ نه ملاءِ، سونارن جي باري ۾  عام شڪايت). متان ائين نه ٿئي جو (کوٽ ملائيندي ملائيندي) توکان اصلي ڄاڻ ۽ پرک وسري وڃي.

4

سينڌو هُئين صرافَ سِين، ته هُوندَ نه ٿِئين هِيئَن

جيڪُس جوهَرِينِ سيِن ڪيِن گُذاريَئِه ڏِينهَن

جَبَلَ مَنجهاَ جِيئَن، سوجهي ڪَڍَيائون سونَ کي. [590]

سمجهاڻي: جيڪڏهن تون سچن صرافن جو واقف ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارو هجين ها ته تنهنجا اهي حال نه ٿين ها، جيڪي هاڻي آهن (توکي سچ ۽ ڪوڙ جي خبر ئي ڪانه آهي). شايد اهي جوهري جيڪي قيمتي ڌاتن جا پارکو آهن، تن سان تو ڪو وقت ئي ڪونه گذاريو آهي (انهن کان تو ڪجهه نه پرايو). اهي جبلن (جي کاڻين) منجهان سون (ڪيڏي وڏي محنت ۽ ڳولا سان) هٿ ڪندا آهن.

[مثنوي روميءَ ۾ صرافن بابت گهڻو ڪجهه چيو ويو آهي. هڪ هنڌ هيءُ شعر ملي ٿو:

گر تو صراف دلي فکرت شناس،

فرق کن سردو  فکر چون نخاس.

(دفتر سوم، بيت- 4392)

معنيٰ: جيڪڏهن تون دلين جو صراف يعني پارکو آهين، ۽ توکي اها معلومات آهي ته پوءِ ٻنهي ڳالهين (چڱي ۽ مٺي، کوٽي ۽ کري) جي باري ۾ ماهر دلال وانگر پنهنجي راءِ ڏي يعني فرق ڪري ڏيکار].

5

سونارا، صَراف سِين ڀَڃِي ڇَڏِ بازِي

چاندِي ڪئو چَلائِيين رُپو روَازِي

جِتِ ٿِيندو رَبُ قاضِي، اُتِ تورِيندُءِ تَجِوِيزَ سين. [591]

سمجهاڻي: اي سونارا، تون صراف کان ڀڄي پري ٿيءُ. تو واري ٺڳي اتي ڪانه هلي سگهندي. تون رواجي رپئي (مَٺ گڏيل چانديءَ کي) اصلي چاندي ڪريو پيو هلائين (عوام سان ٺڳيون پيو ڪرين). ليڪن (ياد رک) جڏهن رب تعاليٰ پاڻ انصاف جي ڪرسيءَ تي ويهي عدالت ڪندو تڏهن تنهنجي هر وهنوار جي پوريءَ ريت تورتڪ ٿيندي (پوءِ تون ڪهڙو منهن کڻندين).

6

سونارا، صَرافَ سين بازِيِ ڀَڃي ڇَڏ

جو چاندِي ڪِئو چَلائِيين، سو مَڇُڻ پوئِي هَڏَ

صَـــــرافــاڻـــي  سَــڏِ،  تُـــرَنــدا  تِـــرَ  مِــيزانَ  ۾.  [592]

سمجهاڻي: اي سونارا، صراف سان تنهنجي راند نه هلي سگهندي (ان سان کيڏڻ جي ڪوشش نه ڪر). تون جو سڀڪجهه (ملاوت ۽ کوٽ ڪيو) چاندي ڪري پيو وڪڻين، اها ڳالهه توکي ڳچيءَ ۾ ضرور پوندي، ڇو ته جڏهن صرافن وارو سڏ (سچ ۽ ڪوڙ کي پرکڻ جو اعلان) ٿيندو، تڏهن ته (واري جهڙا) ننڍا ذرڙا به تارازيءَ ۾ ترندا (۽ سڀ ڳالهه ظاهر ٿي پوندي).

[مثنويءَ وارو اها ساڳي ڳالهه هن ريت سمجهائي ٿو:

اندر آن بازار کاهل محشرند،

حس مس راچون حس زر کي خرند.

(دفتر دوم، ب- 50)

معنيٰ: محشر جي بازار ۾ (قيامت جي ڏينهن) جتي پارکو صراف هوندا، اهي تنهنجي ٽامي واري چيز کي سون جي برابر ڪيئن خريد ڪندا.]

7

سونارا، صَرافَ سين لَڏو لاهه، مَ لَڏِ

سَودو سوئِي ڇَڏِ، جِتِ جَواهِرُ ناهِه ڪو.  [593]

سمجهاڻي: اي سونارا، (توکي گهرجي ته) صرافن (اصلي پارکن) سان گڏ گذارين (ته ڪجهه سکين ۽ پرائين) ۽ انهن کان پري نه وڃ. اهڙي ڪنهن سودي ۾ هٿ نه وجهه جنهن ۾ ڪا قيمتي شيءِ آهي ئي ڪانه! (ان مان توکي ڇا حاصل ٿيندو؟).

8

سونارا، صَرافَ سين لَڏو لَڏِ مَ لاهِه

آهي تَنِ اُونداهِه، جَنِ جَواهِرَ ضاعِ ڪِئا. [594]

سمجهاڻي: اي سونارا، صرافن سان گڏ گذار ۽ انهن کان ڪڏهن به جدا نه ٿيءُ ڇو ته اهي اوندهه ۾ رهجي ويندا (نقصان پرائيندا جيڪي موتي ۽ جواهر (پنهنجي اڻڄاڻائيءَ سبب) ضايع ڪري ڇڏين ٿا (جڏهن تون اهڙن پارکن يعني الله وارن جي ويجهو نه آهين ته پوءِ پڪ سان نقصان ۾ ويندين).

9

جُہُ صَرافَنِ لَڏئو، ته تُون پُڻ لَڏجِ سونَ

قَدرُ لَهندَءِ ڪونَه، نيئِي گَڏِيندَءِ گَڏَونءَ سين. [595]

سمجهاڻي: اي سون (ڪاش) جڏهن تنهنجا صراف (صحيح پارکو) پنهنجو ماڳ ڇڏي ٻئي هنڌ هليا وڃن ته تون پڻ ڪيڏانهن غائب ۽ گم ٿي وڃ، ڇو ته انهن جي وڃڻ کان پوءِ ڪوبه تنهنجي صحيح سڃاڻپ ڪري نه سگهندو ۽ توکي ٻين گاڏڙ ڌاتن سان ملائي هڪ ڪري رکندا (انهن جي برابر سمجهندا).

[روميءَ اهو ساڳيو خيال هن ريت بيان ڪيو آهي:

زر خالص را و زرگر را خطر،

باشد از قلاب خاين بيشتر.

(دفتر دوم، ب- 1404)

معنيٰ: نج سون توڻي سوناري کي وڏي ۾ وڏو خطرو کوٽ ملائڻ وارن کان هوندو آهي.]

10

جي نه سُڃاڻَنِ سَچَ کي، ويهُه مَ تَنِي وَٽِ

اَمُلَ کي اَڌَ ڪَري پاڻا هَڻَندا پَٽِ

ماڻِڪُ تَنِ سان مَٽِ، جي پارکُو پاڻِيَٺَ جا.  [596]

سمجهاڻي: جن کي سچ جي سڃاڻپ نه آهي (جيڪي نالي ۾ صراف آهن) تون انهن وٽ نه ويهه (پنهنجو وقت ضايع نه ڪر). اهي ته قيمتي موتين کي (پرکڻ دوران ئي) ڀڃي ٻه اڌ ڪري ڇڏين ٿا ۽ (بيڪار سمجهي) زمين تي اڇلي ڦٽو ڪن ٿا. توکي گهرجي ته تون ماڻڪ موتي انهن وٽ وهنوار لاءِ کڻي وڃ جيڪي آبدار موتين جا ڄاڻو ۽ پرکيندڙ آهن.

11

ٿا صَرافَ سُڄَنِ، (ڪي) پاڻُ ڪوٺائِنِ جوهَرِي

ماڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وانءُ وَٺِي وَٽِ تَنِ

(ته) سَندُسُ ئي، سيدُ چَئي، (ٿا) ڪَهِڙو قَدُرُ ڪَنِ

(ڪ) پاڻِيَٺُ اِي پَرکَنِ، ڪ ڪَنچَنُ گَڏِينِ ڪَچَ سين. [597]

سمجهاڻي:  (سچا ۽ کرا) صراف يعني پارکو ڪي ورلي آهن (اڻ لڀ آهن) باقي گهڻا اهڙا آهن جيڪي جوهري چئي پاڻ پڏائڻ وارا آهن. تون ڀلي ماڻڪ کڻي وٽن وهنوار لاءِ وڃ. سيد چوي ٿو تڏهن توکي پتو پوندو ته هو انهيءَ جو ڪهڙو ٿا قدر ڪن. ڇا هو پاڻيٺ يعني موتين کي پرکين ٿا، يا سون (ڪنچن) کي ٿا ڪچ سان برابر ڪري بيهارين؟

12

وِئا سي وِينجهارَ، هِيرو لَعلَ وِنڌِينِ جيِ

تَنِي سَندا پوئِيان، سِيهي لَهَنِ نهَ سارَ

ڪُٽِينِ ڪُٽُ لُهارَ، هَاڻي اُنِي ڀيڻِيين.  [598]

سمجهاڻي:  (اصلي ماهر) وينجهار جيڪي موتين ۽ هيرن جو وهنوار (قدر ۽ ملهه) ڄاڻندا هئا سي هليا ويا، اڻ لڀ ٿي ويا [ٻي معنيٰ: اصلي ماهر وينجهر جيڪي موتين هيرن ۽ قيمتي لعلن کي ونڌين (هڪ خاص اوزار سان وڏيءَ مهارت سان انهن ۾ سنهڙو سوراخ ڪن)] هاڻي انهن جا پونير جيڪي انهن جي جاءِ تي اچي ويٺا آهن، (هيرا موتي ته ٺهيو) پر شيهي جهڙي (عام سستي) ڌاتوءَ جي به سڃاڻپ نٿا ڪري سگهن. انهن جاين (دڪانن) تي هينئر لوهار اچي ويٺا آهن، جيڪي صرف ڪُٽ (ڪچي لوهه) جو ڪم پيا ڪن.

13

اَگهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي

پَلَئِه پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران. [599]

سمجهاڻي: هاڻي ڪچو شيشو (ڪوڙا موتي يعني موتين جا خار) پيا عام جام وڪامجن (خريدار سچو سمجهي خريد پيا ڪن) ۽ اصل ماڻڪ موتين کي ڪوئي نٿو پڇي. اهڙيءَ حالت ۾ سچ (سچن موتين) جي وهنوار وارو ڪوئي ڪونهي، اها حقيقت حال ٻڌائيندي شرم پيو اچي.

 

وائي-1

جاڳِئو جاران جيڏيُون، پاڻُ پَرَنِ جي

جاڳِئو جوشان جيڏِيُون، پاڻُ پَرَنِ جي

هَلندي حَبِيبَنِ ڏي، ويلو وِچِ نه ڪَجي

مَٿي اُهسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِئَن پَئِجي

عَرَضُ اَحوالُ اُنَ کي چَڱيءَ ڀَتِ چَئِجي

ڪَري نِيازُ نِڪَڻِي، واحِدَ ڏي وَرِجي

اَجَلُ اِيندو اوچِتو جو سدا ٿو سُڄي

آهي موتُ مِڙِنَ تي، گوڙيُون ڪِئو ٿو گَجي

اڳئان اُونداهِيءَ جو ثَمَرُ سَاڻُ کَڻجي

تان ڪين قُوتُ قَبَرَ جو، ڳوريُون آن ڳَرِجي

آگو عَيبَ اَواهِنجا ڍَڪِئا ڳُجَهه ٻُجهي 

جيڪِين وَهي وُجُودَ ۾ صاحِبُ سو سَمُجهي

ڊِرڄي ڊراءِ ڌَڻِيءَ جي جيڪو ڀَئِيءَ ڀَڄي

اَمُنُ  آهي  اُنَ  کي  مَنجِهه  اَلله  جي  اَجهي. [600]

سمجهاڻي: اي سرتيون، هوش سنڀاليو ۽ پاڻ کي سچيءَ سڪ سان (مالڪ جي) حوالي ڪريو. اي جيڏيون، پاڻ کي جوش جذبي وچان ڌڻيءَ جي سپرد ڪريو. محبوبن ڏانهن هلندي، واٽ تي وچ ۾ وقت نه وڃائجي، بلڪه روشنيءَ جي مٿان پتنگ وانگر اڏامي ڪِري پئجي (پاڻ کي قربان ڪجي). ڌڻيءَ جي در پنهنجو احوال پوريءَ ريت عرض رکجي. اتي فقط نياز ۽ نوڙت سان پنڌ ڪري هلجي. موت ته اوچتو ئي ايندو، جنهن جو سڏ سدائين پيو ٻڌجي. موت سڀني تي اچڻو آهي، ان جو گوڙ شور ته پريان کان ئي ٻڌجي ٿو. ان کان اڳتي اونداهي (قبر) آهي، جنهن جو توشو پاڻ سان کڻڻ گهرجي. قبر جو قوت (کاڄ) سڀني کي ٿيڻو آهي، توڻي جو اهي اوهان جون حسين زالون ڇو نه هجن. اوهان جو آقا اوهان جا لڪل عيب به ڄاڻي ٿو، بلڪه جيڪي ڪجهه دل ۾ اچي ٿو، اهو ان کان به واقف آهي. پر جيڪو ڌڻيءَ جي ڊپ کان ڊڄي ٿو ۽ ان جي ڀئو کان ڀڄي وري به الله جي اجهي ۾ پناهه وٺي ٿو. پوءِ ان لاءِ امن ۽ سلامتي آهي (هن لاءِ ڪو خوف خطرو ناهي).

وائي

عُمرِ سَڀ عَبَثُ، ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجِي

وَقتَ وِڃايَمِ پانهِنجا

ويٺِي لِکيو لوڙِيَان، جيڪِين ڪِئو مَسُ

قَلبُ مُون ڪارو ٿئو، تُون ڪَامِلَ لاهِيينِ ڪَسُ

حالُ مُنهِنجو ههَڙو جِهڙو، تَان تون پِريمِ پَسُ

اُٿِي   اَڀاَڳِڻَ   کي   راحِمَ  اَچِي  رَسُ. [601]

سمجهاڻي: مون پنهنجي ساري عمر اجائي بيڪار وڃائي ڇڏي آهي، مون سمورو وقت ضايع ڪري ڇڏيو. مان پنهنجو لکيو ٿي لوڙيان جيڪو لوح قلم ۾ لکجي ويو هو. منهنجو قلب ڪارو ٿي چڪو آهي (منهنجي اندر ۾ اونداهه آهي). اي ڪامل، منهنجا ڌڻي، تون ئي اها ڪارنهه ختم ڪري، (اندر کي روشن ڪندين). منهنجا پرين، تون ڏس اجهو منهنجو حال ته اهڙو ئي (چٽ) آهي. اي سائين سٻاجها، تون ارحم الراحمين آهين، تون هن نڀاڳي ندوريءَ وٽ اچي رس! (پنهنجو ڪرم ڪر).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org