سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:35 

سُر حُسيني

 

داستان پهريون

1

لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، لاهه مَ لَڏو، لَڏِ

ته ساٿِ پِريان جي سَڏِ، مُنڌَ ميڙائو تو ٿِئي. [1678]

سمجهاڻي: (اي سسئي) تون پنڌ ۾ موٽ نه کاءُ ۽ ڍري نه ٿيءُ، توڻي جو سج لهڻ تي آهي (اهڙي وقت به) تون هلڻ ڇڏي ويهي نه رهه (آرام نه ڪر)، بلڪه اُٿي هل هلان ڪر. اي عورت (جڏهن تون ائين ڪندينءَ) تڏهن تون سڄڻن سان وڃي ملندين.

2

لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، هَلِي ڪَرِ هِمَتَ

سِجُ مُنہ ۾ سامُهون ڪَہَ ۾ ڪَجِ مَ ڪَٿَ

ته سُپيريان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِجِ ڳالَهه مِڙِين. [1679]

سمجهاڻي: اي سسئي، تون پوئتي نه موٽ، ڀلي ڄاڻ سج لهڻ وارو آهي، تون همت ڪري اڳتي وڌندي رهه. اهڙي وقت جڏهن سج سامهون آهي ۽ اکين ۾ ٿو لڳي، تڏهن پنڌ ڪري پهچڻ واري وقت جو تخمينو ڇڏي ڏي (جو اجايو وقت ويندو ۽ دير ٿيندي). تون پيئي هلج ته جيئن اڃان بيٺي سج ڪنهن ڳالهه (سڀاڳ يا اتفاق) سان سڄڻن جي سٿ ڀيڙي ٿئين (پهچي وڃين.)

3

لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، وَرَ چُونڊِيندِي وَڃُ

آهي  اِيءُ  اُهُڃُ،  هاڙهي  هَلَندِيَنِ  جو. [1680]

سمجهاڻي: (اي سسئي) پوئتي موٽڻ جي نه ڪر توڻي جو سج لڙي چڪو آهي. (اهڙيءَ حالت ۾ به) تون پنهنجيءَ سُٿڻ جا ور مٿي ڪري (جيئن تڪڙي هلي سگهين) پنڌ ڪندي وڃ. (ٻي معنيٰ واٽ جا ور وڪڙ لنگهندي تڪڙو پنڌ ڪر) هاڙهي جبل ۾ پنڌ  ڪرڻ وارين جي اها ئي سڃاڻپ آهي.

4

اُلَهِي سِجَ اَويرَ، مَ ڪَرِ مَعذورِينِ کي

پَسِي مَران پيرَ، ڏُونگرِ ٻاروچَنِ جا. [1681]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي سج، تون (جلدي) لهي مون جهڙي ڪمزور ۽ لاچار عورت لاءِ دير (اوندهه) نه ڪر. (منهنجي تمنا آهي) مان جبل ۾ پنهنجي ٻاروچي محبوب جي پيرن جا نشان ڏسان پوءِ ڀلي مري وڃان، (تنهنجي روشني هوندي ته آءٌ  پير ڏسي سگهنديس).

5

ويٺي مون وِئو، لَڙِي سِجُ لَڪَنِ تان

آءٌ ڏورِيندِي ڪيتَرو، پَهَڻَنِ پيرُ پِئو

سُورَنِ ساڻُ سِهو، اَچِي ٿِيُمِ جيڏِيُون. [1682]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) منهنجي ڏسندي ڏسندي سج جبلن جي پيچرن تان لهي ويو (اوندهه ٿي ويئي). (اهڙيءَ حالت ۾) جڏهن منهنجا پير پٿرن ۽ پهڻن ۾ اچي پيا آهن ته آءٌ  (اهڙو ڏکيو) ڪيترو پنڌ ڪري سگهنديس؟ او سرتيون، (آءٌ ڇا ڪريان) منهنجو واسطو اچي سورن سان پيو آهي.

6

لَڙئو سِجُ لَڪَنِ تان راسيُون رَتائِين

مون کي ماريائِين، اُلَهِي اُونداهِي ڪَري. [1683]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) آخر پهاڙ جي پيچرن مٿان سج لهي ويو ۽ ويندي ويندي پنهنجي سونهري ڪرڻن سان پهاڙن جي چوٽين کي ڳاڙهي ڪارسري رنگ سان رڱي ويو. (جبل ۾ سانوڻ جي موسم ۾ ڪڪر ڇانيل هجڻ وقت سج لهڻ جو منظر). سج (پنهنجي حساب موجب) لهي اونداهي ڪري ويو، پر مون مسڪين کي ماري ڇڏيائين.

[مثنوي رومي ۾ عاشقن جي ثابت قدمي کي جبلن جي ڄمي بيهڻ ۽ چوٽين سان تشبيهه ڏني ويئي آهي.

با تو گويند اين  جبال  راسيات،

وصف حال عاشقان اندر ثبات.

               (دفتر پنجم، ب- 2744)

معنيٰ: هي ڄمي بيٺل پهاڙ توکي عاشقن جي حال يعني ثابت قدم رهڻ بابت ٻڌائن ٿا. هتي شاهه جي بيت ۾ لفظ راسيون ۽ مثنوي جي شعر ۾ (راسيات) قابل غور آهن.]

7

وِئو سِجُ وَڻَنِ تان راسِيين ڏيئِي رَڱُ

مون جَنهِين سِين سَڱُ، سو ڪوهيارو ڪيچِ وِئو. [1684]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) سج جا آخري ڪرڻا به وڻن تان لهي ويا، پر پهاڙ جي چوٽين کي رڱي ڳاڙهو ڪري ڇڏيائين، ليڪن  منهنجو جنهن سڄڻ سان سڱ يا لاڳاپوآهي، سو سپرين ڪيچ هليو ويو.

8

ٻيلِينِ ڌاران ٻَنِ، ڏِجي ڏُونگَرُ جيڏِيُون

وِڌِيَسِ وَراڪَنِ ۾ ڪيرائي ڪَهُنِ

سَڄَڻَ ڏُونگَرَ چوٽِيين، آڏا سيلَ سُڄَنِ

سي ڪِيئَن پنهون پَسَنِ، جَنِ کي نِيرُ نَنگَ جو. [1685]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) ساٿي جيڪي ٻانهن ٻيلي ٿي هلن تن کان سواءِ پهاڙ جي پنڌ کي ڦٽو ڪجي (ويجهو نه وڃجي). مون کي وڏي پنڌ جي منزلن ۽ جبلن جي ورن وڪڙن نِست ڪري پَٽ تي ڪيرائي ڇڏيو (هلڻ کان لاچار ڪري). منهنجا سڄڻ ته ڏونگر جي چوٽيءَ وانگر (پهچڻ کان مٿي) آهن ۽ سامهون واٽ تي تکا وڏا ڪنڊا يعني تکين چوٽين وارا پاهڻ پکڙيا پيا آهن (اهڙيءَ حالت ۾) اهي پنهون کي ڪيئن پهچي يا ڏسي سگهنديون جيڪي پنهنجي لڄ ۽ شرم جو خيال رکي گهران نه نڪرنديون.

9

سَرتِيون سُڄي سُڃ، متان ڪا مون سِين هَلي

پاڻِي ناهِ، پَنڌُ گهڻو، اڳيان رائو رُڃ

متان مَرِي اُڃ، ڪا ڏِئي پاراتو پُنهونءَ کي. [1686]

سمجهاڻي:  (سسئي خبردار ٿي ڪري) اي سرتيون، اڳتي رڳو رڃ ۽ سڃ آهي، (واٽ تي ڪا آبادي يا وسندي ڪانهي) تنهنڪري مون سان گڏجي ڪابه نه هلي. اُتي پاڻي به نٿو لڀي ۽ پنڌ به تمام گهڻو آهي ۽ اڳتي رڳو جبل جي واري ۽ رڃ ئي رڃ آهي، (جنهن تي پاڻي جو گمان ٿيندو آهي)، (اهڙيءَ حالت ۾) ائين نه ٿئي جو توهان مان ڪا سخت رڃ سبب مرڻ لڳي ۽ پوءِ منهنجي سڄڻ کي پِٽ ۽ بد دعا ڏيڻ لڳي.

10

ڇَپَر جا سِينگارَ، وارِجِ واڳَ وِلهِيءَ تي

ڏُونگر توهان ڌارَ، مون سين جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري. [1687]

سمجهاڻي:  (اي منهنجا پيارا پنهون) جبل جا سينگار، تون مون محتاج ۽ هيڻيءَ ڏانهن موٽڻ جي ڪر، مون وٽ موٽي اچ، تو کان جدا آهيان ته هي ڏونگر توڻي جبل مون سان ظلم ۽ زيادتي پيا ڪن.

11

وِئو ٻاروچو نِڪَرِي، هاڻِي ڪَريان ڪِيئَن

سِڄَ اُلَٿي سِيئَن، سَٽُون ڏِيندِيَسِ سُڃَ ۾. [1688]

سمجهاڻي: منهنجو ٻاروچل دوست مون کي ڇڏي هليو ويو، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي آءٌ ڇا ڪريان؟ سج لهڻ کان پوءِ جڏهن اوندهه ٿي ويندي ته ويراني ۾ پيئي ڀٽڪنديس (هن کي پيئي ڳولينديس).

12

لاڳاپا ئِي لاهِ، لَحِظي ۾ لَطِيفُ چَئي

تِهان پوءِ پُڇاءِ، پِريان سندو پيچرو. [1689]

سمجهاڻي:  (اي سسئي) تون سڀ لڳ لاڳاپا (ظاهري آسرا) بلڪل ختم ڪري پوءِ اڳتي وڌ. تون صرف انهيءَ طريقي سان پنهنجي دوست جي راهه تي هلڻ سک.

 

وائي

جي هُوندَ ڏِٺائُون، وو جيڏِيُون!

حالُ مُنهنجو هِهَڙو جِهڙو

چَڙهِي نه سَگهان چوٽِيين، مارَڳُ مَٿاهُون

ڏُکِيءَ سَندي ڏيجَ ۾، ڏُونگَرَ ڏِنائُون

هِنيَڙو ڏَندَڻَ پاڙَ جيئن، ڇِڪي ڇِنائون

هِنيَڙو ڏاڙهُونءَ گُلَ جِيئَن، ريهِي رَتائُون

هُوءِ جي پَهَڻَ پَٻَ جا سي مَڻيان مُڪائُون

هُونِ سلامَتَ سُپرين، تان گهوري مَرُ آئُون

سو جي سُئوم ڪَنَنِ سِين پَہُ جو ڪيائُون

ٻانهُون  ٻيلَ  نه  لاهِيان،  پُنهَل  کي  آئون. [1690]

سمجهاڻي: (سسئي ٿي چوي) هاءِ افسوس، جيڪر هو ڪيچي منهنجي هيءَ ڏکن ۽ سورن واري (قابل رحم) حالت ڏسن ها. آءٌ (ضعيف عورت)  جبلن جي چوٽين تي ڪيئن چڙهي سگهنديس، جتي رستو ڏکيو ۽ مٿاهينءَ تي آهي (منزل مشڪل آهي). مون سورن جي ستايل کي هي ڏکيو ڏونگر جهڙوڪر ڏاج ۾ ڏئي ويا آهن (جنهن ۾ آءٌ  پيئي هلان ۽ ڦِران). منهنجيءَ دل کي هنن ڏندڻ وانگر ڪچيءَ پاڙ کان پٽي ڪڍيو آهي، منهنجيءَ دل کي ريهي ريبي ڏاڙهونءَ جي گل وانگر رت ۾ ڳاڙهو ڪري ڇڏيائون، پهاڙ جا ننڍا ننڍا پهڻ ۽ پٿريون قيمتي موتي طور سوکڙي ڪري موڪليا اٿائون. شل وري به منهنجا سڄڻ سلامت ۽ سکيا هجن، آءٌ  هنن تان ڀلي قربان ٿي وڃان، ڪاش، هنن (مون کي ڇڏي) جيڪو هلڻ جو ارادو ڪيو هو، اُهو آءٌ  ڪيئن به ڪري ٻُڌي وٺان ها، انهيءَ صورت ۾ آءٌ  ڪڏهن به پنهنجي پنهل مان ٻانهون نه ڪڍان ها (ٻک وجهي جهليان ها) جيئن هو مون کي ڇڏي وڃي نه سگهي ها.

  

داستان ٻئو

 

1

ڪِين ڌَرَ تَتِي ماءِ، ڪِين ڄَرَ سَندِي سَڄَڻين

هَلي ۽ واجهاءِ، ٻِنهِي ڄيرَنِ وِچَ ۾. [1691]

سمجهاڻي: هڪ راهه واري سخت گرم ڌرتي ٻيو سڄڻ جي فراق واري تپش، سسئي اُنهن ٻنهي باهين جي وچ ۾ پيئي هلي ۽ پيئي (پنهون لاءِ) واجهائي.

2

مَٿئان مَٿي مَچُ، ٻَرِيُمِ ٻاروچَلِ جو

جيڪِين چيو جيڏِيين سو سَڀوئِي سَچُ

اَمَڙِ اوري اَچُ، ته سِٽَ سُڻايَئِين سُورَ جِي. [1692]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) منهنجي مٿي ۾ پنهون جو بنـﮧ نسورو مچ پيو ٻري. مون کي هن باري ۾ سرتين جيڪي ڪجهه ٻڌايو هو، اهو سمورو سچ پئي محسوس ٿيو. او جيجل امڙ، تون منهنجي ويجهو اچ ته آءٌ  توکي پنهنجا سور کولي ٻڌايان.

3

مَٿي منجهان مِينہُ، پَسو جئن پاڻِي وَهي

مون ڀانيو هيءُ نِينہُ، تان ڄِڀِيُون ڄيري سَندِيُون. [1693]

سمجهاڻي:  (سسئي پنهنجي عجيب حالت بيان ڪندي چوي ٿي) سخت گرميءَ ۾ پگهر مينهن وانگر پيو مٿي مان وهي، مون هن نينهن (محبت ۽ عشق) کي راحت وارو ڪري ڀانيو، پر اُهو ته باهه جي تيز شعلن وانگر آهي.

4

لَڳي مون کي لُوهَ، وِرِهَ واٽُون لائِيُون

رازُ جِنهين سين رُوحَ، سو ڪوهيارو ڪيچِ وِئو. [1694]

سمجهاڻي: مون کي عشق جي سخت گرم هوا لوساٽي ۽ ساڙي ڇڏيو آهي، سوز ۽ فراق منهنجي مٿان وري ويو آهي، (منهنجي تن بدن کي وڪوڙي ويو آهي) پر جنهن سان منهنجي روح جو رشتو آهي يا دلي پيار آهي، اهو سڄڻ مون کي ڇڏي پاڻ ڪيچ هليو ويو آهي.

5

ٽِمَنِ نيڻَ رَتُ وَهي چُئاڪا ڪِئو

مون کي ڏَنءُ ڏِئو، اَئِين ٿا وڃو اوٺِيَا! [1695]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) منهنجي اکين مان رت جا ڳوڙها پيا ڳڙن ۽ وڏڦڙي مينهن وانگر پيا وسن، مون کي وڏي باهه ۾ وجهي، او اُٺن وارا ڪيچي توهان پاڻ وڃي رهيا آهيو.

6

چَرَخو آتَڻَ وِچَ مان اَمَڙِ وَڃي آڻِ

ڪَتِيُمِ جِنهِين ڪاڻِ، سو وَڃي ڪيچِ قَرارِئو. [1696]

سمجهاڻي: اي امڙ، آتڻ مان منهنجو چرخو کڻي (ڪُنڊائتو ڪري) ڇڏ. مان جنهن ڪوهياري سڄڻ خاطر چرخو ويهي ڪتيندي هيس، اهو پنهنجي ملڪ ڪيچ وڃي آرام سان ويهي رهيو.

7

آتَڻِ چُونِمِ ڪَتُ، تاڻيان تَندُ نه نِڪِري

پاڻان روئِي رَتُ، چَرَخو مون چِڪَ ڪِئو. [1697]

سمجهاڻي:  (اي امڙ) آتڻ ۾ وڃي ويهان ٿي ته چون ٿيون ڪتڻ شروع ڪر، پر مون کان سُٽ جي تند ئي نٿي لڀي جو ڪتيان. اٽلو ايترو وڌيڪ روئڻ وٺي وڃي ٿو جو سڄو چرخو اُنهن ڳوڙهن سان ڀِڄي آلو ٿي پوي ٿو.

8

اَمَڙِ جي ڏِٺوءِ، مُون جِئن هوتُ اکينِ سِين

چَرَخو چيهاڙِيُون ڪَري، ڀيري هُوندَ ڀَڳوءِ

آتَڻِ  رَتُ  رُنوءِ،  تَندُ  نه  ڪَتِيئِي  هيڪَڙِي. [1698]

سمجهاڻي: اي جيجل امڙ، جيڪڏهن تون به مون وانگر اکين سان پنهنجي محبوب جو ديدار ڪرين ها ته جيڪر چرخي کي مورڳو ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏين ها، تون به جيڪر آتڻ ۾ ويهي رت روئين ها ۽ هڪڙي تند به ڪتي نه سگهين ها.

9

تاڻيان تَندُ نه نِڪَري، جِيءُ نه منهنجو جاءِ

ساجَن ڌاران سَرَتِيُون، سَڀُ ئِي مون نه سُهاءِ

جِيڻُ  ڪِينَ  جُڳاءِ،  آيَلِ  ٻاروچَنِ  ري. [1699]

سمجهاڻي:  (اي سرتيون) آءٌ  ڪتڻ جي گهڻي ڪوشش پيئي ڪريان، پر هڪڙي تند به نٿي نڪري ڇو ته منهنجي دل هڪ هنڌ ناهي (مان ڏاڍي پريشان آهيان). او سرتيون (توهان سمجهو ڇو نه ٿيون) سڄڻ کان سواءِ مون کي ڪا شيءِ نٿي وڻي (مون کي ڪنهن شيءِ مان مزو نٿو اچي) اي سرتيون مان ته سمجهان ٿي سڄڻ ٻاروچي کان سواءِ مون کي جيئرو رهڻ نه گهرجي.

10

نَڪو ليکو ئِي ٿِئو، نَڪو تَتو ڏِينہُ

تِهان  اوري  نِيہُ،  ڇِنو  آتَڻَ  وارِيين. [1700]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جي سرتين لاءِ شڪايت) اڃان ليکي جو (ٻن پهرن وارو) وقت ئي ڪونه ٿيو هو، ڏينهن گرم ڪونه ٿيو هو، (اڳئين وقت ۾ آتڻ جي رسم موجب پرڀات کان سُٽ ڪتڻ شروع ڪنديون هيون ۽ ٻن پهرن تائين ڪتينديون هيون، ٻن پهرن جو ليکو ٿيندو هو)، پر ان کان اڳ ۾ ئي سرتين جيڏين مون کان جدائي اختيار ڪئي (يعني اڃان پياري پنهونءَ جي پٺيان منهنجي سفر جي سختي شروع ئي ڪانه ٿي جو سرتين مون کان منهن موڙيو (ن-ب).

11

کُوءِ ڪَتَڻُ ٻَنِ ڪَپاهُ، کُوءِ آتَڻُ ٻَنِ جيڏِيُون

ساجَنُ مُنهنجو ساهُ، هاڃي مَنجههِ هَڻِي وِئو. [1701]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) کڏ کوه ۾ پوي اهو ڪتڻ ۽ باهه لڳي اهڙي ڪپهه کي، کڏ ۾ پوي اهو آتڻ ۽ گهوريون اهي سرتيون، (انهن سڀني کي آءٌ  ڇا ڪنديس، اهي منهنجي ڪهڙي ڪم جون آهن) منهنجو سڄڻ منهنجي جيءُ کي وڏي جنجال ۾ وجهي ويو (بي چين ڪري ويو).

12

جِئَن جِئَن تَپي ڏينہُ، تِئن تِئن تاڻي تِکَ ۾

ڪو اڳانجهو نِيہُ، ٻانڀَڻِ ٻاروچَنِ سِين. [1702]

سمجهاڻي: جيئن ڏينهن وڌيڪ تپندو گرم ٿيندو وڃي، تيئن سسئي پنهنجي پنڌ ۾ وڌيڪ تکي ۽ تيز ٿيندي پيئي وڃي، هن (ازل کي) ٻانڀڻ ذات جي عورت کي ٻاروچل سان ڪو گهڻو اڳرو (ازلي) عشق هو.

13

جِئَن جِئَن ڀِڄِي راتِ، تِئن تِئن تاڻي پَنڌَ ۾

ڀورِيءَ ٻِي نه تاتِ، جيڪا سا جَتَن جِي. [1703]

سمجهاڻي: جيئن رات ٺرندي وڃي ته هوءَ (سست رفتار ٿيڻ بجاءِ) وڌيڪ تيز ۽ تکو پنڌ پيئي ڪري، هن ڳهلي (بي سمجهه) عورت کي ٻي ڪا ڳالهه نٿي سُجهي بلڪ هن کي رڳو پنهونءَ جو پيار ئي ياد آهي.

14

کاڻِيءَ کي کورا، جَبَلُ پَسِي جاڳِئا

گُوندَرَ جا گورا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِئو. [1704]

سمجهاڻي: هن کاڻيل ۽ سڙيل سسئيءَ جي اندر ۾ جبل ڏسي باهه جا مچ وڌيڪ زور سان ڀڙڪي اُٿيا، هن جي مٿي تي ڳڻتين جا جيڪي اوٽار (وڏا بار) هئا، تن هن جو مورڳو ساهه ڪڍي ڇڏيو، (هوءَ حال کان بيحال ٿي ويئي).

15

کُوءِ ٻولِي ٻَنِ ٻَروچُ، گهورِي ذاتِ جَتَنِ جِي

مون کي چَئِي لوچِ، پاڻَ پيهِي وِئا ڇَپَرين. [1705]

سمجهاڻي:  (سسئي لاچار ٿي چوي پيئي) کڏ ۾ پوي هنن جي ٻولي ۽ گهوري هنن جي بلوچن واري ذات. هنن مون کي ائين چيو ته ’پٺيان لڳي پاڻ پتوڙ ۽ ڳول‘، پرهو پاڻ جبلن ۾ گم ٿي ويا.

16

کُوءِ هاڙهو ٻَنِ هوتُ، کوءِ پُنهون ٻَنِ پريتَڻو

مادَرِ  مون  موتُ،  پَسَڻئان  پِرائِيو. [1706]

سمجهاڻي: ڇا جو هاڙهو جبل، ڇا جا هوت، سڀ وڃي کوهه کڏ ۾ پون. ڪهڙو پنهون ۽ ڪهڙي سندس پريت، سڀيئي گهوريا چڱا. او امڙ، (مون کي اُنهن ڪجهه نه ڪيو). منهنجي سڄي مصيبت دوست جي ديدار مان پيدا ٿي آهي، مون کي دوست جي ديدار ئي ماري فنا ڪري ڇڏيو. (ظاهري مقصد ۽ مطلب واريون شيون ملن ٿيون ته اُنهن جي سڪ ۽ ڇڪ ختم ٿي وڃي ٿي. ڳولا، جستجو ۽ اڳتي وڌڻ وارو جذبو ختم ٿي وڃي ٿو انهيءَ لحاظ سان ماڻهو ڄڻ مري چڪو... ن-ب).

17

جان جِيين تان جَلُ، ڪانهي جاءِ جَلَڻَ ري

تَتِيءَ ٿَڌِيءَ هَلُ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جِي. [1707]

سمجهاڻي:  (طالب کي هدايت) اي سسئي، جيستائين تون جيئري آهين ته پيئي ڪشالا ڪري هل ڇو ته ڪشالن کان سواءِ (وصال لاءِ) ٻي ڪا واهه ئي ڪانهي. گرمي هجي يا سردي هر حال ۾ اڳتي وڌندي هل، ٿوري دير ويهي آرام ڪرڻ جي ڪا گنجائش ڪانهي.

وائي

شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ! آيَلِ!

مَرَڪُ منهنجو مون پِرِين

آهي ڳَہُ ڳِچِيءَ جو، ڏِئي هالُورا هارُ

آهي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ جو جنسارُ

آهي کاڄُ بُکِين جو توڙان طعامُ تيارُ

اَعليٰ اَڇو عيدَ ۾ دوساڻو ديدارُ

حُسُنَ هوتَ پُنهونءَ جي، ڪَڪَورِئو ڪوهيارُ

سُڃَ ڪِيائين سُرَهِي، واسِيائين وَڻڪارُ

ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، عَطُرُ ٿِئو آوارُ

ڪوڙيين ٿِئا ڪيتَرا نالي تان نِثارُ

شَيدا صَلابَتَ جِي، گولي گِرفتارُ

گهوريا  گهَرَ  گهَٽِيءَ  تان  اَچي  جِئان  آڌارُ. [1708]

سمجهاڻي:  (سسئي چوي ٿي) اي جيجل امڙ، منهنجو هار سينگار ۽ سرهائي جو سامان منهنجو ساجن ئي آهي. اهوئي منهنجي ڳچيءَ جو زيور آهي ۽ ان هار جا جهلڪا ئي مون کي سونهن ٿا. مون جهڙين اگهاڙين (گنهگارن) لاءِ هن جو سينگار ئي وڏو ڍڪ آهي، مون جهڙين بکين لاءِ اهو سڄڻ تيار ٿيل طعام وانگر آهي (هن جي ڏسڻ سان ئي ڍؤ ٿئي ٿو). هن دوست جو ديدار عيد جي خوشيءَ وانگر ڏاڍو فرحت بخشيندڙ آهي. منهنجي هوت پنهونءَ جي حسن سڄي ڪوهيار جهڙي جابلو ملڪ کي به رڱي لال ڪري ڇڏيو آهي، هن جي ڪري برپٽ بيابان به ٻهڪي پيا آهن ۽ جهنگل ٻيلا سڳنڌ سان سرها ٿي ويا آهن. سمورن جبلن ۽  پهاڙن پاڻ خوشيون موڪلڻ شروع ڪيون آهن ۽ جيڏانهن ڪيڏانهن عطر عنبير ڦلهجي ويو آهي. ڪروڙين ماڻهو هن جي نالي تان قربان ٿي ويا آهن. آءٌ  هڪ ٻانهيءَ وانگر هن جي سهڻي قدوقامت (حسن) ۾ هر وقت گرفتار آهيان. جنهن ڳليءَ مان منهنجو اهو ڀرجهلو محبوب اچي لنگهندو، آءٌ ان تان پنهنجو گهر تڙ (سڀ ڪجهه) قربان ڪري ڇڏينديس.

[هن وائي جو مرڪزي خيال مثنوي روميءَ جي ڪيترن شعرن سان ملي ٿو:

عاشقان را شادماني و غم اوست،

دست مزد و اُجرتِ، خدمت هم اوست.

(دفتر پنجم، ب-586)

معنيٰ عاشقن جي خوشي توڻي غم سڀ هو پاڻ آهي، هنن جي محنت ۽ مزدوري، مشقت ۽ تڪليف جي اجرت هو پاڻ آهي.

هن وائي ۾ لفظ ’صلابت‘ ڌيان لهڻي، جيڪو مثنويءَ ۾ هن ريت ڪم آيل آهي،

پيش از انوار نور روز دود،

از صلابت  نُورها را مي سترد.

(دفتر سوم، ب-2002)

معنيٰ هنن جي نور جي آڏو ڏينهن جي روشني به ڦڪي پئجي وئي، هنن جي نور جي شدت ٻئي هر نور کي ڍڪي ڇڏيو هو. ]

داستان ٽئو

 

1

بُرو هو ڀَنڀور، آرياڻِيءَ اُجارِيو

لاٿو سَڀَهِين لوڪَ تان هاڙهي ڌَڻِيءَ هورُ

ڇوريون ڇُرَڻُ سِکِيُون، پُنهون ڪِئائون پورُ

آيو سو اَتورُ، جِنہِ ڏُکيون ڏِکِ وِهارِيُون. [1709]

سمجهاڻي: منهنجو شهر ڀنڀور اڳ ۾ خراب هو (براين ۾ ڦاٿل هو)، جنهن کي آرياڻي محبوب اچي پاڪ صاف ڪيو. هن اچي سڄي ملڪ جي ماڻهن تان خوف خطرن ۽ ڀؤ ڀولي (گمراهي جي ڌنڌ) کي ختم ڪيو. (هن جي آمد کان پوءِ) هتان جي نوجوان نينگرين ۾ پڻ رنگ رڱڻ جي صلاحيت پيدا ٿي ۽ هنن هوت پنهونءَ کي ئي (دل و جان سان) پنهنجي ڇاپي جو نقش (رهبر ۽ رهنما) قبول ڪيو. بيشڪ اهو وڏي مان شان وارو محبوب اچي سهڙيو جنهن جي ڪري جيڪي سورن جون ستايل هيون، اُهي به هار سينگار ڪري سُکي ٿي ويون (سندن غم دور ٿي ويا)

[شارحن موجب هن بيت ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي آمد ڏانهن واضح اشارو آهي].

2

ڀينَرُ ڀنڀورا، ڀَڄو ته اُبُهو

اَڳي اِنَ ماڳا، سَرتِينِ سُورَ پِرائِيا. [1710]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جي ٻين کي صلاح) توهين ڀنڀور مان (جيترو جلد ٿي سگهي اوترو) ڀڄي نڪرو ته ڪامياب ٿيو (هوت پنهونءَ کي وڃي پهچو)، (توهان کي خبر هجي ته) انهيءَ هنڌ (غفلت ڪري ويهي رهڻ سان) گهڻين ئي جيڏين سرتين کي وڏين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو آهي).

[مثنوي روميءَ ۾ هن جهان کي قيدخانو ڪوٺيو ويو آهي ۽ ان مان ڀڄي نڪرڻ جي ترغيب هن طرح ڏنل آهي.

اين جهان زندان و ما زندانيان،

حفره کن زندان و خود را وا رهان.

(دفتر اول ب 983)

معنيٰ: هيءَ دنيا قيدخانو آهي ۽ اسين قيدي آهيون، انهيءَ قيدخاني ۾ سرنگ هڻ ۽ پاڻ کي آجو ڪر]

3

ڪُلهَنِ ڦاٽو ڪَنجَرو، مَٿو اُگهاڙو

منهنجو ڪُڄاڙو، ڀينَرُ هِنِ ڀَنڀورَ ۾. [1711]

سمجهاڻي:  (سسئي سرتين سان مخاطب آهي) منهنجو پهرياڻ ڪلهن وٽان ڦاٽو پيو آهي ۽ مٿو اگهاڙو اٿم (رئو يا پوتي اڳ ۾ ڦاٽي ذرا ذرا ٿي ويا). توهين ٻڌايو ته اهڙيءَ حالت ۾ هاڻي هن شهر ڀنڀور سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟ (هاڻي ڀنڀور ۾ ويهي ڇا ڪنديس؟).

4

ڏُکويَنِ اُهڃاڻُ، ڪُلهي ڦاٽو ڪَنجُرو

وَڃَنِ گُوندَرَ گَڏِيُون، لوڪَ نه آڇِنِ پاڻُ:

سُورَنِ اَسان ساڻُ، نَنڍي لاڪُون نِيہُ ڪِئو. [1712]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) جيڪي ڏکويل آهن اُنهن جي پوشاڪ ليڙون ليڙون ٿيل آهي. اُهي ڪيڏي به غم ۾ مبتلا آهن پر صبر سان پيون گهارين ۽ هو غم ۾ مبتلا هوندي به ڪنهن کي اها خبر نٿيون ڏين. مون سان ڏکن ۽ سورن جو ننڍپڻ کان محبت وارو رشتو آهي، (سورن ئي اچي مون سان ننڍپڻ کان محبت رکي آهي).

5

اَمَڙِ مُون اُماڻِ، ڀَنڀوران ٻَهَرِ ٿِي

مَڇُڻُ ڪا رِهاڻِ، مون تو موٽِي مَسَ ٿِئي. [1713]

سمجهاڻي: اي منهنجي امان، تون پاڻ اچي مون کي ڀنڀور کان ٻاهر روانو (رخصت) ڪر. (مان سمجهان ٿي) متان هتان وڃڻ کان پوءِ موٽي نه سگهان ۽ توسان وري ملاقات جو موقعو نه اچي.

6

وَرُ لَڪَنِ جي لوڏَ، گهورِئا سُکَ ڀَنڀورَ جا

اَمَڙِ جي تون آڇِيين، سي ڪَمِ نه اَچَنِ ڪوڏَ

هنِيين مُنهنجي هوڏَ، ٻَڌِي ٻاروچَنِ سِين. [1714]

سمجهاڻي: (سسئي ٿي چوي) جبلن جي لڪن تي لوڏا کائي چڙهڻ (ڪشالا ڪڍڻ) منهنجي لاءِ گهڻو بهتر آهن جن تان ڀنڀور جا سک ۽ آرام گهوري ڦِٽا ڪجن. اي امڙ، تون جيڪي پيار ڀريون ڳالهيون پيئي ٻڌائين (آسرا پيئي ڏئين) اهي ڪم جون ناهن. (توکي خبر آهي) مون پنهنجي دل ۾ ساجن سان گڏ هلڻ ۽ گڏ هجڻ جي شرط ٻڌي آهي (هن سان وعدو وچن ڪيو آهي).

7

ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَ، سِگها ٿِيندَءِ سَسُئِي

پيرَ مَ ڇَڏجِ پِرينءَ جو توڙي لَڪَنِ لُکَ

ڏورِجِ پاسي ڏُکَ، ته پوي ٻاجهَه ٻَروچَ کي. [1715]

سمجهاڻي: اي سسئي، ڏکن پويان ئي جلدي سک اچن ٿا (اهو ويساهه رک). تون پنهنجي پرينءَ جي تلاش کي ڪڏهن به ترڪ نه ڪر، توڻي جو جبل جي سوڙهن ۽ ڏکين پيچرن ۾ ساڙيندڙ جهولو پيو لڳي، تون ڏکن ڏولاون سان نباهه ته پاڻهي هوت پنهل توسان راضي ٿيندو.

8

ووءِ ووءِ وَڃَنِ نِڱِئا، گهوڙا! گهَڻِيءَ ڀُون

مادَرِ مٿان مُون، ڪانگَ لَمَندا ڪَڏِهين! [1716]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) هاءِ افسوس جو هو (پنهونءَ کي کنيو) نڪتا پيا وڃن، گهوڙا ڙي! (سسئيءَ جي دانهن پيئي پوي). هو (اٺن وارا) تمام گهڻو پري پيا وڃن ۽ گهڻو پري وڃي پهتا آهن. اي امڙ، (اها حالت آهي ته منهنجي مرڻ کان پوءِ مڙهه کي کائڻ لاءِ) منهنجي مٿان ڪانگ لامارا ڏيندا.

9

’ووءِ ووءِ‘ ڪَندي وَتُ، متان ’ووءِ‘ وِسارِئين

رَندَنِ مَٿي رَتُ، هارِ ته مِلِين هوتَ کي. [1717]

سمجهاڻي: اي سسئي، تون اهو هاءِ افسوس ۽ اها گهل گهوڙا ڇڏي نه ڏي (خاموش ٿي نه ويهه). (خيال ڪر) متان (ڪنهن به صورت ۾) ان پشيمانيءَ واري حالت کي ڀلجي وڃين (تون پنهون جي ڳولا ۾) هن جي ڇڏيل نشانن پويان روئيندي ۽ ڳوڙها ڳاڙيندي وڃ ته جيئن تون ساڻس ملي سگهين.

[مثنوي روميءَ ۾ پڻ روئڻ ۽ گريي جي گهڻي ترغيب آهي، بلڪه چوي ٿو ته خدا تعاليٰ کي اهو گهڻو پسند آهي،

چون خدا خواهد که مان ياري کند،

ميل ما را جانب زاري کند.

معنيٰ: جڏهن خدا اسان جي مدد ڪرڻ گهرندو آهي ته اسان کي گريه و زاري ڏي مائل ڪندو آهي].

10

’ووءِ ووءِ‘ ڪَندي وَتُ، متان ’ووءِ‘ وِسارِئين

پاڻي هارِ مَ پَڌَرو، روءِ مَنجهائِين رَتُ

صَبَرُ وڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرين. [1718]

سمجهاڻي: اي سسئي، تون اها هاءِ افسوس ۽ روڄ راڙي واري روش جاري رک، متان انهيءَ عادت کي وساري ڇڏين. تون اهو ظاهري طور روئڻ ڀلي بند ڪر (اکين مان پاڻي نه هار)، پر دل جو دل ۾ رت جا ڳوڙا ڳاڙيندي رهه.

(توکي خبر آهي) صبر ئي وڏي ۾ وڏي طاقت ۽ قوت (آڌار) آهي جيڪو جلدي توکي پنهنجي سڄڻ سان ملائيندو.

11

رَنُنِ ڪارَڻِ جا هُئِي سا ووءِ ووءِ پُڻ ويئِي

پُنهونءَ کي پيئِي، رُئَندِي ڪيرِ رَتَ ڦُڙا! [1719]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) رنڙ زالون (جيڪي پنهنجي مڙس يا ڀتار جي مرڻ تي ڏک ۾) جيڪا ووءِ ڪنديون آهن، پڻ منهنجي وس کان نڪري ويئي آهي ڇو ته مان پنهونءَ جي لاءِ هن جي جيئري جدائي ۾ ايترو رني آهيان، جو منهنجا ڳوڙها خشڪ ٿي ويا آهن. هاڻي هن کان پوءِ باقي هن لاءِ ٻي ڪير روئيندي (جڏهن منهنجي اها روئڻ جي طاقت هينئر ئي ختم ٿي چڪي آهي).

12

جِنہِ جو ڌَڻيان ڌارَ، ٻيلِي ناهِ ڀَنڀَورَ ۾

تِنہِ ڪميڻِيءَ جي ڪانه ڪِي ساٿَ لَڏِيندي سارَ

عالَمَ جا آڌارَ، وارِجِ واڳَ وِلهِيءَ تي. [1720]

سمجهاڻي: ڀنڀور ۾ جنهن سسئيءَ جو ڌڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو ساٿي ۽ مددگار ڪونهي، انهيءَ ڪمزور۽ لاچار عورت جو قافلي وارن وڃڻ وقت ڪو خيال نه رکيو. هاڻي او جڳ جهان جا ڀرجهلا تون ئي هن بي وسيليءَ ۽ هيڻيءَ جو آسرو ۽ آڌار ٿيءُ.

13

ڀُلِئو سَڀُ ڀنڀورُ، پُٺِيءَ هوتَ نه هَلِئو

شَهَرَ سُڃاتو ڪينَڪِين آرياڻِي اَتورُ

ماڻِئو تَنِي مورُ، جَنِي ديکِئو دِلِ سان. [1721]

سمجهاڻي: ڀنڀور جا سڀ ماڻهو گمراهه هئا جو هوت پنهونءَ جي پٺيءَ نه لڳا، (افسوس) سڄي شهر جي ماڻهن هن وڏين وصفن (بي مثل ڳڻن) واري آرياڻي (سردار) کي ڪونه سڃاتو.

اهي ئي اصل فائدي ۾ ويا جن اهڙي محبوب کي دل جي سچائيءَ سان سڃاتو (دل سان لاتو ۽ پنهنجو ڪيو).

[هتي اهو واضح آهي ته اهو اشارو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ذات ڏانهن آهي، بلڪه هن بيت ۾ اها تمثيل سمايل آهي ته شهر مڪو گمراهه ٿيو جو هجرت وقت پاڻ سڳورن سان شامل ٿي نه هليو. ن-ب]

14

جَنِي ديکيو دِلِ سِين، پُٺيءَ سي پييُون

ته پُڻُ ٿي وييُون، جي پُنهونءَ پاڻُ لِڪائيو. [1722]

سمجهاڻي: جن (سالڪن) پنهنجي سڄڻ کي دل جي اکين سان ڏٺو آهي سي هر وقت هن جي تلاش ۽ جستجو ۾ آهن، جيڪڏهن پنهون (محبوب ڪجهه وقت لاءِ) هنن کان لڪي ٿي پيو(کين نظر نٿي آيو)، پر تڏهن به هو سندس ڳولا ۾ مشغول آهن.

15

مُئِي مَ ماريجِ، ٻاروچا ڀنڀور ۾

پُنهون سا پاريجِ، جو تو آرياڻِي اَڳُ چيو. [1723]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي)، اي منهنجا ٻاروچل سائين، آءٌ  اڳي ئي مُئي پيئي آهيان، تون هن مئل کي ڀنڀور ۾ ماري (ڇڏي) نه وڃ. او آرياڻي سردار، تون پنهنجو اهو قول نباهه جيڪو تو شروع يا اڳ ۾ ڪيو هو.

[هي بيت معما مثال آهي، جنهن جي هڪ معنيٰ تمثيل طور ائين ٿئي ٿي ته روحن کان سوال پڇندي رب طرفان اها تصديق ٿي ته آءٌ  اوهان جو رب آهيان. جي روح سسئي آهي ته پوءِ پنهون ئي کيس سنڀاليندو ۽ پنهنجو قول پاريندو. ن-ب]

16

گهورِئو هِيءُ ڀَنڀورُ، مون سَڱُ ٻاروچَنِ سِين

آهي آرِياڻِينِ جو، ديوانِيءَ کي دَورُ

سندو هوتَنِ هورِ، مَرڪُ ٿِئو مَعذورِ کي. [1724]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) مون هي ڀنڀور (جهان) گهوري ڦٽو ڪيو آهي، ڇو ته منهنجو رشتو هوت پنهل سان آهي، مون ديوانيءَ تي هن سڄڻ جي سڪ جو نشو هر وقت ڇانيل آهي. مون لاءِ هر وقت اهو خوف يا ڊپ ئي باقي بچيو آهي، ته هوت ڏاڍا آهن ( هو ڏاڍي ذات وارا آهن ۽ آءٌ  ڏاڍي ڪمزور آهيان)

 

وائي

لَڳو مَنجهه لَڪَنِ، آيَلِ! آيلِ!

تازو پيرُ پُنهونءَ جو

نَڪين واءُ وڃائيو، جهوريو تان ته جهَڪَنِ

کِہَ کَٿورِيان اَڳَرِي، هاڻِي جا هوتَنِ

بورائو  بَرَن  جو، ريڙهي  منجهه  رُڃنِ. [1725]

سمجهاڻي:  (او امڙ او جيجل) (خوشيءَ وچان سسئي جي دانهن) مون کي جبلن جي لڪن ۽ پيچرن ۾ پنهل جي پيرن جا تازا نشان نظر آيا آهن، جيڪي اڃان تائين واءُ لڳڻ ڪري مٽجي ڪونه ويا آهن ۽ نه وري ڪنهن وڏي واچوڙي ڪري اهي ڊهي ويا آهن. (گويا هُو گهڻو پري نه ويا آهن، آءٌ کين وڃي پهچنديس). اها مٽي يا دز جيڪا پنهونءَ جي پيرن کي لڳي آهي يا جنهن کي هن جي پيرن ڇهيو آهي، اها مشڪ جي خوشبو کان وڌيڪ آهي، منهنجي لاءِ اها دز ئي رهبر رهنما آهي جيڪا مون کي اهڙن بيابانن ۾ اڳتي وٺي پيئي وڃي.

(اها کهه بورائو آهي، اها دز ۽ رئي ساٿ واري جيڪا هوتن کي به لڳي آهي، سا مون لاءِ بر بيابان ۾ ساٿ جي واٽ جي سڃاڻپ آهي ۽ مون کي پيئي انهيءَ آسري تي ريڙهي ته مان پنهنجي پنهونءَ کي پهچان. (ن-ب)).

 

داستان چوٿون

 

1

لَڄايا مُونهان، ساجهُرِ تي سيڻَ وِئا

پييَنِ ڀَنڀوران، سُڌِ  مُنهنجي  ذاتِ  جِي. [1726]

سمجهاڻي:  (سسئي چوي ٿي) منهنجا سيڻ (ساهُرا) يعني هوت پنهونءَ وارا مون کان شرمندا ٿيا، تنهن ڪري صبح جو سوير روانا ٿي ويا، انهيءَ ڪري جو کين ڀنڀور ۾ منهنجي (کٽياڻي) ذات واري خبر پئجي چڪي هئي.

2

هُيَسِ جي آئُون، ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي

هُوندَ نه ڇَڏِيائُون، ڏُکِيءَ کي ڏُکَنِ ۾. [1727]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) جيڪڏهن آءٌ  سچ پچ هنن هوت بلوچن جي ٻانهي هجان ها (هو واقعي مون کي پنهنجي ٻانهي سمجهن ها) ته جيڪر مون ڏکويل ۽ ستايل کي ائين غمن ۾ گڏي هليا نه وڃن ها.

3

آءٌ جي هُيَسِ هَڏُ، اَدِيُون آريچَنِ جو

ساٿُ لَڏِيندي سَڏُ، هُوندَ ڪوهيارا ڪَرِينِ مون. [1728]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي سرتيون، جيڪڏهن آءٌ  هوت پنهونءَ وارن جو پنهنجو رت يعني اڳيئي مائٽيءَ ۾ هجان ها ته هو جيڪر قافلي جي روانگيءَ وقت مون کي ضرور سڏ ڪن ها (مون کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃن ها).

4

هُيَسِ جي سِيَاءُ، ته ڪِئُمِ ڏُکُ ڏيرَنِ تي

اَدَبَ وِچان اُنِ سِين ڳالهه نه ڪِئَمِ ڪاءِ

ذاتِ مُنهِنجي ماءُ، ڪَچو ٿِي ڪيچِين کي. [1729]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) جيڪڏهن آءٌ  هوتن جي ويجهي عزازت ۽ مائٽيءَ واري هجان ها ته پوءِ آءٌ پنهنجن ڏيرن (مڙس جي ڀائرن) تي به ڪاوڙ ڪريان ها (منهنجي ڪاوڙ ٺهي ها)، مگر مان ادب ۽ لحاظ ڪندي اُنهن جي آڏو بلڪل خاموش رهيس ۽ ڪجهه نه ڪڇيم. (اي امڙ!) منهنجي (کٽياڻي) ذات ئي هنن لاءِ عيب ۽ ناپسند جو سبب بڻي (تڏهن هو مون کي ڇڏي ويا).

5

اڳي اِيئَن هُيَاسِ، جِئَنِ پنهونءَ ڌوتَم ڪَپَڙا

هاڻي هِيئَن ٿِيَاسِ، جِئَن جَتَ نه نِينَمِ پاڻَ سِين. [1730]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) هن کان اڳ (اهڙو وقت به هو جڏهن) هوت پنهونءَ پنهنجن هٿن سان منهنجا ڪپڙا ٿي ڌوتا، (جڏهن پنهون سسئيءَ جي پيءُ وٽ نوڪر ٿي اچي ڪم ڪيو هو) مگر هاڻي اها حالت آهي جو پنهونءَ جا اوٺي مون کي پاڻ سان گڏ نٿا وٺي وڃن.

6

ساٿِيَنِ سَنئِين نه جاڳِئين، پوءِ ڪُڄاڙِئان روءِ

اِيءَ پَرِ ڪُپَرِ هوءِ، جِئن هُو سانگِي تون سُمَهِين. [1731]

سمجهاڻي:  (اي سسئي) تون جڏهن پنهنجي ساٿ يعني قافلي وارن سان گڏ سجاڳ نه ٿينءَ ته هنن جي وڃڻ بعد ڇو ٿي روئين ۽ رڙين، اها عادت اڻ سونهائيندڙ آهي (تنهنجي اها ريت ڪُريت جهڙي آهي) ته هو مسافر ۽ لڏڻ وارا آهن پر تون آهين جو غافل ٿي سمهي پوين ٿي!

7

ساٿي توءِ هَلَنِ، پَٿَرُ جي وارَ ڪَريان

جيڪُسِ ٻاروچَنِ، ڪو ڏِٺو عيبُ اَکِينِ سِين. [1732]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) آءٌ کڻي پنهنجا وار هيٺ وڇائي (پنهون لاءِ) پٿرڻي ڪريان، تڏهن به هو ساٿ وارا وڃڻ کان ڪونه مڙندا. لاشڪ هنن ٻاروچي ذات وارن پاڻ پنهنجي اکين سان مون ۾ ڪو اهڙو عيب ڏٺو آهي!

8

نِيہَ مَ نالو ڳِنُ، پِريتَڻِي پيرَ ٻِئا

سُورَنِ ساڻُ مَ ڇِنُ، وِرهُ وِهائِجُ وِترو. [1733]

سمجهاڻي:  (اي سسئي) تون محبت ۽ پريت جي هام نه هڻ ڇو ته محبت ڪرڻ وارن جا اهڃاڻ ئي ٻيا آهن، (اهي اهڃاڻ هي آهن ته) سورن ۽دردن سان پنهنجو ناتو نه ٽوڙ بلڪه دل ۾ درد زياده پيدا ڪر.

9

هوتُ نه مَٽيان ماءُ، ٻئو مالُ مِڙوئِي مَٽِيان

جَهِين جِي ساڃاءِ، رِڙهان ٿِي رَندَنِ ۾. [1734]

سمجهاڻي: اي امڙ، آءٌ  هوت پنهونءَ کي ڪونه مَٽائينديس يعني هن تان هٿ نه کڻنديس، باقي ٻيو سڀ مال موڙي ڀلي هٿن مان هليو وڃي، آءٌ  انهيءَ سڄڻ سان سڃاڻپ (دلي ڳانڍاپو) هلڻ انهن سڄڻن سان هلڻ واسطي مون کي رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ گهرجن.

10

مَرِي وِيندِيَسِ ماءِ، لَڪَ لَنگهَندي لَڪِيُون

وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا جَت پَنهِنجِي جاءِ

روئَڻُ رَتُ جڳاءِ، تَنِ هوتَنِ جِي هيڪاندِ لَئي. [1735]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) آءٌ  (ڪيچ  کان اورتي ئي) هي ننڍا وڏا لڪ لنگهندي ڪٿي نه ڪٿي مري پونديس، ڇو ته هو اُٺن وارا اڳيئي پنهنجي ملڪ ڪيچ پهچي وڃي آرامي ٿيا آهن. هاڻي اُنهن سڄڻن سان ملڻ واسطي مون کي رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ گهرجن.

11

جَفا وارِين جَسُ، جَسُ جَفا رِءَ نه ٿِئي

سُکَنِ ساٿُ وِڃائيو، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ

ليڙَنِ جو لَطِيفُ چَئي ڏونگَرِ آهي ڏَسُ

پُنهون هَلِي پَسُ، سِرَ ڀَرِ سِري سَسُئي. [1736]

سمجهاڻي:  (اي سسئي) جيڪي تڪليف ۽ جفاڪشي ڪن ٿيون تن کي ڪاميابي ملي ٿي، ڇو ته ڪاميابي تڪليف ۽ محنت کان سواءِ نٿي ملي. سک ۽ آرام جي ڪري ساٿين سنگتين کان محروم ٿيڻو پوي ٿو، تنهنڪري تون هڪ ٻانهيءَ وانگر اهو رستو نه ڇڏ. اُٺن جو ڏس پتو جبل طرف ئي آهي. اي سسئي، پرينءَ کي پسڻ لاءِ توکي پيرن بجاءِ مٿي ڀر هلڻو پوي (ڪهڙي به حال وڃڻو پوي) تڏهن به وڃي سندس ديدار ڪر.

[مثنوي روميءَ ۾ عاشق جي پيرن سان نه بلڪه دل سان هلڻ جي ڳالهه هن طرح ملي ٿي.

تو مبين اين پايهارا برزمين،

زانکه بردل ميرود عاشق يقين.

(دفتر سوم، ب- 1976)

معنيٰ: تون پنهنجن پيرن کي ڌرتيءَ جي مٿان نه سمجهه، ڇو ته عاشق واقعي دل سان پنڌ ڪندو آهي]

12

جوڀَنُ جانِبَ لاءِ، نيئِي وِجههُ نِڪوُنجَ ۾

روئِي روپُ وِڃاءِ، پُنهونءَ ڪارَڻِ پَٻ ۾. [1737]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ کي هدايت) جانب سان ملڻ خاطر پنهنجو جوڀن ۽ جواني کڻي اوڙاهه ۾ وجهه (قربان ڪر). پنهنجي پنهونءَ خاطر تون پٻ پهاڙ ۾ رلي روئي (آهه و زاري ڪري) پنهنجو روپ وڃاءِ، پنهنجو حسن ۽ پنهنجي صورت وڃاءِ.

13

سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، تَنِ ڳِچيءَ سِرِ ڳَہُ ڪِئو

ٻيون ڪوهُ ٻُجهَنِ، قَدُر اِن ڪِيمياءَ جو. [1738]

سمجهاڻي: جن (خوشنصيبن) کي محبوب جو (هڪ دفعو به) ديدار نصيب ٿيو تن پوءِ کيس هميشه لاءِ پنهنجي ڳچيءَ جو هار (سونهن) ڪري سمجهيو. باقي ٻين کي (جيڪي ان کان محروم آهن) ان ڳالهه جي ڪهڙي سمجهه ايندي يا اهي انهيءَ اصلي ڪيميا جو ڪهڙو قدر ڪندا (انهيءَ ايڏي وڏي عزت ۽ مرتبي کي هو ڇا ڄاڻن).

[دوست جي ديدار کي ڪيميا سمجهڻ وارو تصور مثنوي رومي جي هڪ مصرع ۾ هن ريت ملي ٿو.

ديدن ايشان شما را کيميا ست.

معنيٰ: هنن جو ديدار توهان لاءِ ڪيميا آهي]

14

ڏِٺَمِ اُٺَ اَکِينِ سِين، مانَ ٻاروچا هُونِ

جَنِي ڌاران پُونِ، مورِيسَرَ اَکِينِ ۾. [1739]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) مون جڏهن قافلي وارن جا اُٺ ڏٺا ته مون سمجهيو ته متان منهنجو ٻاروچل به اُنهن سان هجي، پر هنن واسطي (سندن انتظار ۾) منهنجي اکين ۾ ڇپرن جي هيٺان وڏا وار نڪري آيا، جو هينئر ڪجهه ڏسڻ ۾ ئي نٿو اچي!.

15

سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، موٽَڻُ تَنِي ميهَڻو

ايءُ مَرڪُ معذورِينِ، جئن مَرَنِ پِريان جي پيرَ تي. [1740]

سمجهاڻي: جن (ڀاڳ وارين) دوست جو ديدار ماڻيو آهي، تن لاءِ پوئتي موٽڻ وڏو عيب ۽ گهٽتائي آهي. اهو اُنهن هيڻين ۽ بي وسيلين جو ئي نصيب آهي، جو اُهي پاڻ کي سپرين جي قدمن ۾ قربان ڪن ٿيون.

[رومي مجنون جي واتان ليليٰ جي ديدار جي ڪيفيت بيان ڪندي چوي ٿو:

ديدهء مجنون اگر بودي ترا،

هر دو عالم بي خطر بودي ترا.

معنيٰ: جيڪڏهن توکي مجنون واريون اکيون هجن ها ته ٻئي جهان قربان ڪري ڇڏين ها!]

16

مُون جِئَن هوتُ اَکِينِ سين ڏٺو جي جيڏِينِ

ته وِڄا سَڀِ ويينِ، پاڻا پيٺِيُون ڇَپَرين. [1741]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) جيڪڏهن منهنجون سرتيون جيڏيون مون وانگر پنهنجي اکين سان دوست جو ديدار ڪن ها ته کانئن سموري سمجهه ۽ دانائي وسري وڃي ها ۽ اهي پاڻ سڀ جو سڀ پهاڙ جي پنڌ ۾ لڳي وڃن ها.

[مثنوي روميءَ ۾ وري هن ريت آهي:

هر که از ديدار برخوردار شد

اين جهان در چشم اُو مردار شد.

(دفتر دوم، ب- 582)

معنيٰ: جنهن يار جو ديدار ڪيو يا ماڻيو، ان لاءِ پوءِ هي جهان مردار وانگي حرام آهي]

17

مون جئَن ڏِٺائُون، جي هوند هوتُ اَکِينِ سين

ڪَٽُ نه ڪُڇئائُون، هوند مِڙيئِي پييُون مامَري. [1742]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) جيڪڏهن منهنجون سرتيون مون وانگر پنهنجي اکين سان سڄڻ کي ڏسن ها ته ڪجهه به نه ڪڇي سگهن ها ۽ پاڻ وڏي تڪليف ۽ ڪشالي ۾ پئجي وڃن ها.

[مثنوي روميءَ ۾ اها ڪيفيت وري هن طرح بيان ٿيل آهي،

گر نديدندي هزاران بار بيش،

عاشقان کي جان کشيدندي بپيش.

(دفتر چهارم، ب-1173)

معنيٰ: جيڪڏهن عاشق کيس هزار ڀيرا نه ڏسن ها ته پنهنجو ساهه هن جي آڏو ڪيئن قربان ڪن ها]

18

ساٿِي نه پَسان سي، جي هُئَم هنِيين ٿُوڻِيُون

هاڻي  ڪَنِي  جي،  وَڃئو  اَڱڻِ  اُڀِيان. [1743]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) آءٌ پنهنجن پيارن سڄڻن کي نٿي ڏسان، جيڪي منهنجي دل جي لاءِ وڏو آٿت (ٿنڀ ۽ ٿوڻي) هئا. مان هاڻي پريشان آهيان ته ڪنهن جي اڱڻ تي وڃي سوالي ٿي بيهان (ته منهنجي مدد ۽ واهر ڪريو).

19

ڪَهان تان ڪيچان پَري، وِهان تان وَٽِ مُون

ڀُلِي ڏورِيَمِ ڀُون، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ کي. [1744]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) مان جيئن پهاڙ جو پنڌ ٿي ڪريان ته پاڻ کي ڪيچ کان پري پيئي محسوس ڪريان، پر جيڪڏهن ماٺ ڪري ويهي ٿي رهان ته سمجهان ٿي ته سڄڻ مون سان ساڻ آهي، (مان سمجهان ٿي) مون غلطي ڪئي آهي جو اهو پنڌ ڪيو اٿم ڇو ته اِتي (جبل ۾) محبوب کي ڳولهڻ اجايو آهي.

[مولانا رومي هن اُلٽي حقيقت کي هن ريت سمجهائي ٿو.

قرب ني  بالا،  ني  پستي  رفتنست،

قرب حق از جس هستي زستنست.

 (دفتر سوم، ب- 4514)

معنيٰ: محبوب جو قرب مٿي ۽ هيٺ هلڻ يا وڃڻ سان حاصل ڪونه ٿو ٿئي، حق تعاليٰ جو قرب هستيءَ جي قيد مان نڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿو.]

20

ڪَهان تان ڪيچان پَري، سُمهان تان سِرَ هيٺِ

ٻاروچي سِين ڏيٺِ، جيڏيون جيهِيءَ پَرِ ٿِي! [1745]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) جيئن مان وڏو ٿڪائڻ وارو پنڌ ٿي ڪريان تيئن سمجهان ٿي ته آءٌ  ڪيچ کان وڌيڪ پري پئجي ويئي آهيان، پر جيڪڏهن سمهي ٿي رهان ته سڄڻ کي پنهنجي سر هيٺان (پاڻ سان گڏ) پيئي ڏسان، منهنجي محبوب سان ملاقات ائين انهيءَ نموني ۾ ئي ٿي آهي.

[مثنوي روميءَ ۾ اهو خيال هن طرح ملي ٿو.

ما ز خود سوي تو گردان نيم سر،

چون تو ئي از مابما نزديک تر.

(دفتر دوم، ب- 2448)

معنيٰ: جڏهن اسين پاڻ وٽان توڏانهن ڪنڌ موڙيون ٿا تڏهن توکي پنهنجي پاڻ کان وڌيڪ ويجهو ڏسون ٿا]

21

ٻاروچِي لاڏاڻِ، آن ڪا ڏِٺِي ڏوٿِيا

ماڃُوٺِي رِهاڻِ، مون سِين ڇِني هَلِيَا. [1746]

سمجهاڻي:  (سسئي پيئي پڇي) او ادا پنڌ وارا، جبل جهاڳيندڙ، توهان هتان ڪو بلوچن جو ويندڙ ساٿ (ننڍو قافلو) ڏٺو. هو پهريائين مون سان محبت جي رسيلي رهاڻ ڪري پوءِ وري مون سان سڀ لاڳاپا قطع ڪري هليا ويا!

 

وائي

هوتَ هوتَ! اي هوتا!

ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي، آئُون جَرا جِيءُ ڪَري

ڏيئي باهِ ڀَنڀور کي، آيَسِ تو ڳَري

آءُ اوراهون سُپِرين، وَڃ مَ پِيَه پَري

آرياڻي پُنهونءَ ري، هَڏِ نه ساهُ سَري

جَنڊِري پايو جانَ ۾ ڏُکِي ڏُکَ ڏَري

مون ڏٺو مون وِسَهو، هِيءَ وِرِچِي تان نه وَري

ڏُکِيءَ جي ڏيکارِيين، ڌاران مُنہَ مَري

پِيالي پِرينِ جي موهِيَسِ ميٺَ ڳَري

توکي توءِ نه ڇَڏِيان، جي وڃان ڀُونءِ تَري

ڌَڙُ وِجهنديسِ ڌُوڙ ۾، مٿو ڌارَ ڌَري

آرِيءَ جي عشق جي اندَرِ آڳَ ٻَري

پِرِين  کَڻِجُ  پانهجيون  اکيون  ٻاجهَه  ڀَري. [1747]

سمجهاڻي: او منهنجا پيارا پرين، او سڄڻ سائين (تنهنجي جدائيءَ ۾) آءٌ پنهنجي جند جان ذرا پرزا ڪري جهنگل جي جانورن کي ڏيئي ڇڏينديس، مان پاڻ کي ڀاڱا ڀاڱا ڪري پنهنجو ماس اُنهن جي حوالي ڪنديس. او منهنجا سپرين، دل جا دلبر (خدا جي واسطي) مون ڏانهن ويجهو اچ، مون کان پري نه وڃ، منهنجي هڪ ساعت به تو آرياڻيءَ کان سواءِ نٿي گذري سگهي. منهنجي جند جان جنڊ جي چَڪي آهي ۽ آءٌ  ڏکويل ڏکن کي ويٺي پيهان ۽ سنهو ڪريان.

مون ئي پنهنجي سڄڻ کي ڏسي مٿس ويساهه ڪيو هو، سو آءٌ  ڪيئن بيزار ٿي واپس ورنديس. ڪاش، ڪيئن به ڪري مرڻ کان اڳ هن ڏکويل کي وري منهڙو ڏيکارين. مون کي محبوب جي محبت واري پيالي ڳري ۽ وڻندڙ نشي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، (اي سهڻا سڄڻ) آءٌ  توکي ڪيئن وساري ٿي سگهان، توڻي جو آءٌ  ڌرتيءَ جي تري (قبر) ۾ وڃي پوان. مان (تنهنجي فراق ۾) پنهنجو سر ۽ ڌڙ جدا ڪري قربان ڪنديس. منهنجي اندر ۾ هر وقت آرياڻي محبوب جي عشق جي باهه پيئي ٻري. او پيارا پرين، تون پنهنجي ٻاجهه ڀري نظر کڻي هيڪر مون ڏانهن وري نهار ( ۽ مون کي پنهنجو ڪر)

[محبوب سان ملڻ لاءِ رنج ۽ تڪليفون، ڏک ۽ ڏاکڙا ۽ هر قسم جون مصيبتون سهڻ روميءَ جو پسنديده موضوع آهي. جنڊ جي چڪيءَ واري عاشق سان تشبيهه مثنوي ۾ هن ريت ملي ٿي.

همچو سنگ آسيا اندر مدار،

روز شب نالان و گردان بيقرار.

(دفتر ششم، ب- 911)

معنيٰ: اهي عاشق پٿر جي چڪيءَ وانگر هر وقت چڪر ۾ آهن، ڏينهن رات روئڻ ۽ بيقراريءَ ۾ چڪر کائن ٿا.

عاشق محبوب سان هر حال ۾ راضي آهي، ان لاءِ هو قبر کي به نعمت سمجهي ٿو.

هر کجا تو با مني من خوش دلم،

ور بود در قعر گوري منزلم.

(دفتر سوم، ب-3800)

معنيٰ: تون جتي به مون سان گڏ آهين مان خوش آهيان، پوءِ ڀلي اها جاءِ قبر جي تري ۾ ڇو نه هجي]

 

داستان پنجون

 

1

وَڏِي وَسَ هُئا، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾

وَڃي ڏُور پِئا، سانگَنِ پُٺِيءَ سُپِرِين. [1748]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) منهنجو هوت پنهون مون لاءِ ڀنڀور ۾ وڏو آسرو ۽ پهر هو، پر هاڻي هن سڄڻ جي سفر تي رواني ٿيڻ سببان (ڀنڀور کي ڇڏي وڃڻ سان) هو مون کان گهڻو پري هليو ويو آهي.

2

ليڙَنِ لَنگِهي لَسَ، مانباڻِئان مَٿي ٿِئا

وَٺِي وَرُ واٽ ٿِئا، پُنهون ڄامُ پَهَسَ

هُئا وَڏيءَ وَسَ، ٻاروچا ڀنڀورِ ۾. [1749]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اهي (هوت پنهونءَ وارا) اُٺ لس (ٻيلو) لنگهي مانباڻ نَئن کان به اڳتي ٽپي ويا. هو (پنهونءَ جا مائٽ) منهنجي مڙس پنهون ڄام کي تڙ تڪڙ ۾ وٺي روانا ٿي ويا، منهنجي لاءِ ڀنڀور ۾ هوت پنهون جو هجڻ وڏي رونق وارو هو.

3

سَسُئِي سُکائُون، وِيندي ڪِيون وَڻَنِ سِين

پُنهون وَٺِي پاڻَ سِين اِيندِيَسِ جي آئُون

ته وَڻِ وَڻِ واچائُون، ڏِيندِيَسِ ڏارَ سَڀَڪَنهِين. [1750]

سمجهاڻي: سسئي جڏهن هوت پنهونءَ جي ڳولا ۾ ڪيچ وڃي رهي هئي ته واٽ تي بيٺل سڀني وڻن سان باس باسيندي ويئي ته جيڪڏهن آءٌ  واپسيءَ ۾ پاڻ سان پنهون وٺي آيس ته هر وڻ ته ڇا پر هر ڪنهن ٽاريءَ ۽ ڏار تي نذرانو  (اڳڙيون ٻڌڻ) ڏينديس.

4

ڏِنِي سِڪَ سَسُئِيءَ کي ٻيلياڻِي ٻَروچَ

لوڪَ وچان ئي لوچَ، پَهُچائِي پُنهونءَ کي. [1751]

سمجهاڻي: هوت پنهونءَ سسئيءَ کي سڪ ٻيلياڻي (نوڪرياڻي) ڪري ڏني. مگر عام ماڻهن ۾ گذاريندي سسئي کي جيڪا اڻ تڻ ۽ تلاش هئي تنهن کيس پنهنجي پنهل وٽ پهچائي ڇڏيو.

5

ڪو جو آهِسِ ڪوڏُ، ٻاروچاڻِيءَ ذاتِ سِين

هُوءِ جي چُونِسِ ’ٻوڏُ‘، ته ’جِيءُ‘ سُڻائي جَڳَ کي. [1752]

سمجهاڻي: سسئيءَ کي هوت پنهونءَ سان جيڪو  بلوچ ذات جو هو اهڙو ڪو عشق اچي ٿيو. جو توڻي جو هُو کيس پِٽ واري ورندي پيا ڏين (ته شل ٻڏي وڃين، گم غرق ٿئين) پر هي تڏهن به سندن جواب ۾ ايڏي وڏي جيءُ (شال پيو جيءُ) پيئي ڪري جو سڄو جهان پيو ٻڌي.

6

ڪو جو مَٿِس مِينہُ، آرِيءَ جي اُڪِيرَ جو

راتِيان روئي رَتَ ڦُڙا، سُکِ نه سارو ڏِينہُ

ٻاروچاڻو نِينہُ، مُٺِيءَ ماٺو نه ٿِئي. [1753]

سمجهاڻي: سسئيءَ جي سر مٿان هوت پنهونءَ جي محبت جو وسندڙ مينهن (غلبو) اهڙو آهي، جو هوءَ سڄيون راتيون روئي گذاري ٿي ۽ سڄو ڏينهن هڪ گهڙي لاءِ به آرام نٿو اچيس. هن محبت جي ماريل عورت کي هوت ٻاروچي سان اهڙو عشق آهي جو ساعت لاءِ به ان ۾ ڪمي ۽ گهٽتائي ڪانه ٿي ڪري.

7

کُٽِيءَ لَئي کاڻِي، رَکِيَئِه پِرتِ پُنهونءَ سِين

سُهِيو سُکيو جِندَڙو، وِڌُءِ ڄيري ۾ ڄاڻِي

هاڃو هوتاڻِي، تو صُباحَ ڪَندا سَسُئِي. [1754]

سمجهاڻي: اي ڏکن ڏوجهرن جي ساڙيل سسئي، توکي ڪهڙي کُٽيءَ کنيو جو (پنهنجي خاتمي لاءِ) وڃي هوت پنهونءَ سان پريت جو پيچ وجهي ويٺينءَ. ائين تو پنهنجي سولي سُکي حياتيءَ کي وڃي باهه جي مچ ۾ وڌو. (هاڻي سمجهي ڇڏ) اهي هوت بلوچ توسان صبحاڻي صبح جو وڏي ويڌن ڪري ويندا.

8

ڪِيئن اَڙايُئه پاندُ، پَلَئهُ پَرَڏيهِينِ سِين

مَتيون مُوڙهيَئِه سَسُئي، ڪِيُئِي ڪوهِيارو ڪانڌُ

رُلِي ڀانيَئِه راندِ، ٻانڀَڻِ عِشقُ ٻَروچ جو. [1755]

سمجهاڻي: اي سسئي، تو هنن پرديسين (ڪيچ جي بلوچن) سان ڪيئن وڃي پريت جو پلئه ڳنڍيو. تنهنجي شايد مت مارجي ويئي، سمجهه هلي ويئي، جو اهو ڪوهيارو (جبل وارو) مڙس اختيار ڪري ويٺينءَ. اي رُليل (گهر کان بي گهر ۽ دربدر) تو شايد هوت پنهونءَ جي عشق کي راند وانگر کيل تماشو سمجهيو هو.

9

لَکين لوڙائُو، سسئي آهِنِ سُڃ ۾

بَرَ ۾ بورائُو، کَڻُ پِيادِي پَنڌَ ۾. [1756]

سمجهاڻي: اي سسئي (طالب) ڪيچ جي سُڃ واريءَ واٽ تي اڻ ڳڻيا ڦورو ۽ ڌاڙيل آهن، تون برپٽ بيابان جي پيدل سفر لاءِ پاڻ سان سونهون (رهبر، رهنما) کڻي هل.

10

ڏونگَرَ ڏَنا نُوڻِ، مون پارِکُو پُڇئا

هيڪَلِيون هَلَنِ جي سي تاڪُنِ سَندِي تُوڻ

اِيءَ اَهُکِي ڀُوڻِ، سُونهَنِ ري نه سُٿِري. [1757]

سمجهاڻي: جبل ۽ پهاڙ ۾ ڪيتريون لاهيون چاڙهيون آهن، ان ڪري مون ڄاڻو ماڻهن کان پئي پڇائون ڪيون. اتي جيڪي اڪيليون پنڌ ڪن ٿيون، سي تڪيندڙ رهزنن جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. اها اهڙي ڏکئي پنڌ واري پٽي آهي، جيڪا رهبر ۽ ساٿيءَ کان سواءِ سولائيءَ سان اُڪري نٿي سگهجي.

11

مُسافِرَنئُون ماءُ، وِرِهُ وِهايُمِ وِتَرُو

اَچِي ٿِئَمِ اوچَتِي تَنِ سانگِينِ سِين ساڃاءِ

جِيجان جهَلَ مَ پاءِ، هِنيُون هوتَ هَڻِي وِئا. [1758]

سمجهاڻي: اي امڙ، مون کي مسافر محبوب جدائي ۽ وڇوڙي جو ڏاڍو درد ڏيئي هليا ويا آهن. (آءٌ ڇا ڪريان) اهڙن سفر جي سانگ وارن سان منهنجي اوچتو ڄاڻ سڃاڻ ٿي. اي جيجل امڙ، هاڻي تون مون کي ڪا جهل پل نه ڪر ڇو ته هوت بلوچ ڌاڙو هڻي منهنجي دل کڻي ويو آهي.

12

جِئنِ جِئن جهَلي جَڳُ، تِئن تِئن مون تاڪيدُ ٿئي

ڳَهَرئو ٿو ڳالِهيون ڪَري وِرِسئو ڀُڻِي وَڳُ

لوڪُ لَتاڙي ننڊَر ۾، پُٺِيءَ لالَڻَ لَڳُ

آرِياڻِي اورَڳُ، ڀَنڀوران ٻَهَرِ ٿِي. [1759]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) جيئن لوڪ مون کي جهلي پيو تيئن منهنجيءَ دل ۾ پنهونءَ جي پويان وڃڻ جو پهه پڪو پيو ٿئي. عام ماڻهو نشي ۾ پيا ڳالهائين (سجاڳ ڪونهن) ۽ سڀ ڀليل اُٺن جي وڳ وانگر پيا هلن، ان ڪري تون لوڪ سُتي (هنن جي پرواهه نه ڪندي) پنهنجي پرينءَ جي پويان وڃ. آرياڻي دوست جو ڏس پتو توکي ڀنڀور کان ٻاهران حاصل ٿيندو.

13

وِندُرَ وَرَ ڏنامِ، ڪيچِينِ ڪارَڻِ ڪيترا

ٻاروچا ٻاجَهه ڀَرِئا، جي گوشي هوندِ گڏيامِ

ته چيتاري چَيامِ، سَڀَ عَرضَ پنهنجا اُنِ کي. [1760]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) مون وندر ندي جي ڀرپاسي ۾ ڪيچين جي قافلي جي پويان ڪيترا ڦيرا ۽ گهمرا ڪيا ته من (اهڙي نوبت اچي جو) مون کي سٻاجهو سپرين نويڪلائيءَ ۾ ملي وڃي ۽ آءٌ  کيس چڱيءَ طرح ويهي پنهنجا احوال عرض معروض پيش ڪريان.

14

ٻِيون سَڀِ سَڱيڻيُون سَرَتِيُون، مون چُکَ (تو) سين چاءِ

اَندَرِ آهِم ڳالَهڙِي ڪوهياري جي ڪاءِ

لَڳُمِ ذَرو واءُ، سَڄو سَڱُ نه سارِيان. [1761]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) ٻين سڀني سرتين جي پنهنجي مڙسن سان اڳيئي مائٽي يا عزازت آهي، (انهن جي سڱاوتي آهي) پر آءٌ  توکي مفت ۾ مليل آهيان. منهنجي اندر ۾ ڪوهياري سڄڻ جي محبت واري ڳالهه پنهنجيءَ جاءِ تي آهي، پر انهيءَ عشق جي هڪڙي لغار جي ڪري مائٽيءَ جو پورو حق نٿي ڇڪي سگهان.

15

جي ڏُونگَرَ مون ۾ ڏُکَ، سي پَڌَرِ پُونِ مَ پِرِينءَ ري

وِهَڻُ مون وِهُ ٿِئو، ڪير سانڍيندِي سُکَ

هُيَمِ هوتَنِ سِين چُکَ، سَڄو سَڱُ نه سارِيان. [1762]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي جبل، منهنجي اندر ۾ جيڪي ڏک ۽ غم آهن، سي پرينءَ کان سواءِ ٻين کي نٿي ٻُڌائي سگهان (انهيءَ ڪري) مون لاءِ اٿڻ ويهڻ زهر ٿي پيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ سُک ڪنهن کي ياد هوندا. هوتن کي مان بنا عوض ڏنل آهيان (هار ۾ ڏنل آهيان)، تنهنڪري ٻين وانگر پورو مائٽاڻو حق نٿي ساهي سگهان (سو آءٌ  ڪهڙو حق ويهي جتايان).

16

هِڪَ پاهَڻَ، ٻِيون پَٽِيُون، ٽِرئا جَبَلَ جِتِ جاڏا

اَڳيان اَسُونهِينِ کي ٿا تَونگ سُڄَنِ تاڏا

جي مُٺِيءَ مُنہَ آڏا، سي ٽارِجِ لَڪَ لَطِيفُ چَئي. [1763]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) هڪ ته ٽڪر جا پٿر ۽ پهڻ، ٻيو وڏا پٽ ۽ ميدان ٽيون پربت جيڏا پهاڙ پيا ڏسجن. ان کان سواءِ مون اڻواقف لاءِ اڳتي رستي ۾ سوڙها ۽ ٽيڏا لڪ پيا سُجهن. اي منهنجا مالڪ سائين، مون مصيبت جي ماريل جي آڏو اهي سڀ تڪليفون آهن، سي عبداللطيف چوي ٿو تون ئي (پنهنجي مهر سان) ٽاري سگهين ٿو.

17

ماٺِ مارِيندِيَئِي پِرينءَ جي، مَتان روئِين رَتُ

ڇورِي ڇَڏِ مَ سَتُ، هِمَتَ هوتُ وِڃائيو. [1764]

سمجهاڻي:  (اي سسئي) تون پنهنجي محبوب لاءِ ماٺ ڪري نه ويهه ڇو ته اها ماٺ توکي فنا ڪري ڇڏيندي. تون رت روئڻ به ڇڏي ڏي (محبت ۾ اجائي ڪمزوري نه ڏيکار) تون محبت ۾ فقط پنهنجي سچائيءَ تي قائم رهه، باقي اجائي طاقت ۽ بيپرواهي سان به محبوب وڃائي ويهندينءَ (جيئن تون شروع ۾ بيپرواهه ٿي سمهين رهين ۽ هوت هٿن سان وڃائي ڇڏيئي).

18

تَتِيءَ تايائين، جهولو مُنڌَ جهُڙُ ٿئو

رائي رُنائِين، اُٻَهَرِي کي اوٺِيين. [1765]

سمجهاڻي: سسئي ڏينهن تتي جو وڏي جوش جذبي سان اڳتي هلندي پيئي وڃي. هن لاءِ ڏينهن جو لڳندڙ گرم جهولو ڪڪر جي ڇانو وانگر هيو. هوءَ جبل ۽ پهاڙ جي مٽي ۽ طوفان ۾ پيئي روئي، جيتوڻيڪ هن اُٺن وارن کي پهچڻ لاءِ گهڻي تڪڙ ڪئي.

[رومي بخارا ڏانهن ويندڙ عاشق جي حالت بيان ڪندي چوي ٿو:

آن بيابان پيش  او  چون  گلستان،

مي فتاد از خنده او، چون گُلستان.

(دفتر سوم، ب- 3862)

معنيٰ: اهو بيابان هن جي سامهون گلستان جي برابر هو هو. هو ائين ٺينگ ٽپا ڏيئي رهيو، ڄڻ باغ ۾ واس وٺڻ لاءِ گل پٽي رهيو هجي.]

19

ڇِپُون ڇَپَرَکَٽ، پَهَڻَ پَٿَراڻِي ڀانئِيان

سيڻَنِ جِيءَ سَهَٽَ، ڏُونگَرُ ڏولِي مون ٿِئو. [1766]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) پهاڙ جون  وڏيون ڇپون (وڏا ويڪرا پٿر) منهنجي لاءِ هنڌ بسترو آهن. (دراصل) اها سڄڻن جي سڪ ۽ ڇڪ آهي جنهن جي ڪري پورو پهاڙ منهنجي لاءِ ڄڻ هڪ ڏولي يا پالڪي وانگر آهي.

20

ڏيرَنِئون سُورَنِ کي سَئين ڀَتين شاباسِ

هُوا هَماري پاسِ، ٻيلِي ٿِئَڙَمِ ڇَپَرين. [1767]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) منهنجي ڏيرن (پنهونءَ جي ڀائرن) جي مقابلي ۾ ڏکن ۽ سورن کي سوين ڀيرا وڌيڪ شاباس آهي جيڪي مون سان هر وقت گڏ آهن ۽ اهي ئي جبل جي پنڌ ۾ منهنجا ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي هئا.

21

حُسيني جي هاڪَ، مادَرِ مارِي آهِيان

ڏِينهان ڏورَڻُ ڏُکَ سِين، راتِيان چِڪَنِ چاڪَ

ڊِرڄان ڀَرِ فِراقَ، متان پوئِمِ پِرِينءَ سِين. [1768]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي امڙ، مون کي حسيني سر جي وڇوڙي واري آلاپ ماري فنا ڪري ڇڏيو آهي. منهنجو سڄو ڏينهن ڏکن ڏوجهرن ۾ گذري ٿو وڃي ۽ رات جي جدائي جا زخم جنجال بنجي پون ٿا. مان فراق ۽ جدائيءَ جي نالي کان پيئي ڊڄان ته متان منهنجي ۽ پرينءَ جي وچ ۾ پئجي وڃي!(منهنجي به اها حالت نه ٿئي!)

22

جيڪِين فِراقان، سو وِصالان نه ٿِئي

اَچِي اوطاقان، مُون کي پِرينءَ پَري ڪِئو. [1769]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جي زباني) جيڪي فراق (جدائي) مان حاصل ٿئي ٿو، سو وصال (گڏجاڻي) مان ڪونه ٿو ملي. منهنجي اوطاق تي اچڻ سان (مون وٽ اچڻ سان) پرين مون کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو، (سندس گڏجڻ سببان، مون کي جيڪا اڳين زوردار ڇِڪ هئي سا ماٺي ٿي ويئي).

[انهيءَ پس منظر ۾ مثنوي روميءَ جو هيءُ بيت ڏسو جنهن ۾ هو چوي ٿو ته آءٌ  عجب ۾ آهيان ته يار جو وصال وڌيڪ قيمتي آهي يا فراق.

عقل حيران که چه عشقست و چه حال،

که فراق او عجب تر يا وصال.

(دفتر سوم، ب-4717)

معنيٰ: عقل حيران آهي ته عشق عجيب آهي يا اهو حال يعني جدائي وڌيڪ عجب واري آهي، يا ان جو وصال وڌيڪ عجب وارو آهي]

23

ڦِرِي آءٌ فِراقَ، مون کي وصالان وِچُ پِئو

جي ٿي چِڪِيَمِ چاڪَ، سي پِرينءَ گَڏجِي پُوريا. [1770]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جي زباني) اي فراق، تون وري موٽي مون وٽ اچ. مون کي پرينءَ سان وصال (ميلاپ) سبب پاڻ وٿي يا ويڇو پئجي ويو آهي (مان پاڻ کي هن کان پري سمجهان ٿي)، جيڪي زخم هونءَ هر وقت تازا هوندا آهن (سڄڻ جي ياد هروقت ڇانيل هوندي آهي) سي محبوب سان ملڻ جي ڪري ڀرجي ويا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org