وائي
سِگهِي ســارَ لَهــيجِ
ساجَنَ! سُورَ تُماري آئون مارِي
سُورِ تُماري جي مَران
تان مُـــون ڏوهُ مَ ڏيــــج
ڊَرڀَنِ ڀَــري هَــٿَـڙا
داروُن دوســـــتَ ڪَـــريــج.
[261]
سمجهاڻي: او
منهنجا سڄڻ سائين، تون (ڀلائي ڪري) جلدي منهنجي
سار سنڀال لهجانءِ. تنهنجي جدائيءَ جي سور سختين
مون کي ماري ڇڏيو آهي. انهيءَ سور ۾ جيڪڏهن آءٌ
مري وڃان ته مون تي ميار نه رکجانءِ. اي دوست شل
تون پنهنجي هٿن سان ستيون ڦڪيون کڻي اچي منهنجو
علاج ڪرين.(آءٌ انهيءَ علاج جي آسري ۾ آهيان).
داستان پنجون
1
جَنِي دَورُ دَردَ جو، سَبَقُ سُورَ پَڙهَنِ
فِڪِرَ ڦَرَهِي هَٿَ ۾، ماٺِ مُطالِعُ ڪَنِ
پَنو سو پَسَنِ، جَنہِ ۾ پَسَڻِ پِرِينءَ
کي. [262]
سمجهاڻي: جيڪي
درد جو دور ڪرڻ وارا آهن سي ئي سورن جو سبق پيا
پڙهن. هنن جي هٿ ۾ فڪر واري تختي آهي ۽ ماٺ يا
خاموشي سندن مطالعو آهي. هو اهو پنو پيا پڙهن جنهن
۾ هر وقت پنهنجي پرينءَ کي پسي سگهن يعني دوست جو
ديدار ڪري سگهن.
[مثنويءَ ۾ اها ڳالهه هن ريت سمجهايل آهي؛
آتش از عشق در جان برفروز،
سر بسر فکر و عبارت را سوز.
(دفتر دوم ،ب -1763)
معنيٰ: تون پنهنجي اندر ۾ عشق جي آڳ کي ٻاري ڇڏ ۽
ظاهري سوچ ۽ پڙهڻ وارين ڳالهين کي تيلي ڏئي ڇڏ.]
2
وِسِرِئومِ سَبَقُ، پِهرِين سِٽَر نه سَنڀَران
اَڃان هِيءُ وَرَقُ، مون مُطالِعُ نه ٿِئو.
[263]
سمجهاڻي: مون
کان ته پڙهيل سبق ئي وسري ويو ۽ ان جي پهرين سٽ به
هن مهل تائين ياد ڪانهي. مون کان اهو (ظاهري علم
وارو) پهريون پنو ئي پڙهڻ نٿو پڄي (اهو به نه پڙهي
سگهيو آهيان)
[مثنويءَ ۾ ان علم جي سمجهاڻي هن ريت ڏني ويئي آهي
ته جيڪو علم اهل دل کان حاصل نٿو ٿئي اهو دل تي
بار ئي رهندو.
علمهائي اهل دل حمال شان
علمهائي اهل تن احمال شان
(دفتر اول، ب-3446)
معنيٰ: اهل دل وارن جا علم هنن لاءِ پاڻ سواريءَ
جو ڪم ڏين ٿا. ليڪن اهل ظاهر وارن جا علم هنن لاءِ
پاڻ وڏو بوجهه ۽ بار آهن.]
3
پَڙهِيو ٿا پَڙهنِ، ڪَڙهنِ ڪِينَ قُلوبَ ۾
پاڻان ڏوههَ چَڙَهنِ، جِئن وَرَقَ وارِينِ وِتَرا.
[264]
سمجهاڻي: عام
پڙهيل الائجي ڪيترا ڪتاب پيا پڙهن، پر دل ۾ انهن
جي معنيٰ ۽
مطلب تي غور نٿا ڪن بلڪ هو ته پاڻ وڌيڪ ڏوهه پيا
ڪن، جيئن وڌيڪ ڪتاب پيا پڙهن ۽ انهن جا ورق پيا
اٿلائين. (پرينءَ کان پري ٿيندا پيا وڃن).
[مثنويءَ ۾ دل سان علم حاصل ڪرڻ جي سمجهاڻي ڏيندي
هينئن چيو ويو آهي:
علم
چون برتن زند باري شود
علم
چون بردل زند ياري شود
(دفتر
اول ب-3447)
معنيٰ: علم جڏهن دل تي اثر انداز ٿيندو ته اهو سچو
ساٿي آهي، پر جيڪڏهن رڳو جسم تائين پهتو ته پوءِ
اهو رڳو بار ئي بار آهي. ڪٿي (بار) جي بجاءِ (مار)
نانگ لفظ به آيل آهي.]
4
سِٽَر نه سا سارِينِ، اَلفُ جَنہِ جي اَڳَ ۾
ناحَقِ نِهَارِينِ، پَنا ٻِئا پِرِينءَ لَئي.
[265]
سمجهاڻي: اهي
پڙهندڙ ان (مقصد واري) سٽ کي ياد ڪو نه ٿا ڪن جيڪا
الف (الله) سان شروع ٿئي ٿي (جيڪا الله جو عشق
پيدا ڪري). اهي اجايو محبوب خاطر (گهڻن ڪتابن جا)
فالتو پنا پيا اٿلائين پٿلائين (جنهن مان هڙن ڪي
حاصل).
[مثنويءَ ۾ اهڙي علم جي وضاحت ڪندي رومي چوي ٿو
ته:
هين بکش بهر خدا اين بار علم،
تا به بيني در درون انبار علم.
(دفتر اول، ب-3451)
معنيٰ: خبردار، علم جو بار صرف الله جي واسطي کڻ
(ان جي نيت صرف هن جي لاءِ ڪر). فقط ائين ڪرڻ سان
تون پنهنجي اندر علم جا انبار ڏسندين.]
5
اَکَرَ ڇُتي هيڪَڙي ٻَهُون جي نه ٻُجهَنِ
ڪوهُ ڪِبو کي تَنِ، سَڄِي سُڻائي ڳالهِڙِي. [266]
سمجهاڻي: جيڪي
هڪڙي اکر کي ڇُهڻ (سمجهڻ) سان وڌيڪ اڳتي مطلب نٿا
سمجهي سگهن، (اصل ڳالهه هڪڙي اکر سان سمجهي سگهجي
ٿي) اهڙن منجهيلن کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائڻ مان به
ڪجهه نه ورندو. (اهي ڪجهه حاصل ڪري نه سگهندا.)
[مثنويءَ ۾ اهڙي علم جي وصف ڪندي رومي چوي ٿو:
گر زنام و حرف خواهي بگذري،
پاک کن خود را ز خود هيس يکسري.
(دفتر اول، ب-3457)
معنيٰ: جيڪڏهن تون نالن ۽ اکرن کان اڳتي وڌڻ چاهين
ٿو ته پوءِ پاڻ کي خودي ۽ پاڻپڻي کان بلڪل آجو
ڪر.]
6
اوجهُون ڪَري عامَ کي مُنجهايو مُلَنِ
اُو پِريان ئي پاسي ٿِئا، ڳَههِ ڳَههِ ڳالهِيُون
ڪَنِ
ساهان اوڏو سُپِرين، لوچِئو تانِ نه لَهَنِ
دَمُ نه سُڃاڻَنِ، دانهُون ڪَنِ ٻِئَنِ کي. [267]
سمجهاڻي: (اڌ
پڙهيل) مُلن ڊگهيون ڳالهيون ڪري عام ماڻهن کي
منجهائي ڇڏيو آهي، اهي ته شروع کان ئي محبوب کان
گهڻو پري آهن ۽ رڳو ڳالهين جا ڳهير آهن، جيڪو
محبوب ساهه کان وڌيڪ ويجهو آهي، تنهن کي ڳولڻ لاءِ
ڪجهه نٿا ڪن. (دراصل) هنن کي پنهنجي غفلت جي ڪا
خبر ناهي، باقي ٻين کي زور سان دانهون ڪري پيا
هدايتون ڪن.
[مثنويءَ ۾ پڻ اهڙن خطيبن جو ذڪر ملي ٿو.
شيد کردي تابه منبر برجهي،
تاز لاف اين خلق راحسرت دهي.
بس بجو شيدي نديدي گرمي،
بس ز شيد آوردُن بي شرميي.
(دفتر سوم، ب- 728 ۽ 29)
معنيٰ: تون مڪر سان منبر تي چڙهي بيٺين ۽ ڊگهيون
ڳالهيون ڪري ماڻهن کي پيو ڊيڄارين. تو گهڻي ڪوشش
ڪئي پر تو کي اها گرمي حاصل نه ٿي. البت تو گهڻو
ئي مڪر ڪيو ۽ بي شرميءَ جو مظاهرو ڪيو.]
7
مُلا ڪوهُ مارِين، کارِين کُٿابِينِ کي
وَرَقَ جي وِصالَ جا، سي پَنا نه پارِين
سا سِٽَر نه سيکارِينِ، جَنہِ ۾ پَسَڻُ پرينءَ جو.
[268]
سمجهاڻي: اي
اڻڄاڻ ملا، تون ڇو ٿو ٻارن کي اجايو مارڪٽ ڪرين ۽
(هڪ لحاظ کان) کين راهه کان بيراهه ڪرين. تون اهي
سبق ڪونه ٿو پڙهائين جنهن سان موليٰ ملي وڃي. تون
اها سٽ (ڇو؟) ڪونه ٿو سيکاري سگهين جنهن سان دوست
جو ديدار نصيب ٿئي.
8
اَدا ڙي آخُوندَ! مارِ مَ مَعصُومَنِ کي
دَردَ تُنهِنجي دل تي جي بِرَهَ وَسائِي بُوندَ
هِيئن نه مارِيُئِي هُوندَ، عاقِلَ اَٻوجهَنِ کي.
[269]
سمجهاڻي: اي
ٻارڙن جا استاد، ابهم ۽ ننڍڙن ٻارن کي نه مار! ڪاش
تنهنجي دل ۾ به درد هجي ها ۽ منجهس محبت جو ذرو
موجود هجي ها، ته جيڪر عقلمنديءَ کان ڪم وٺي ائين
معصوم ٻارڙن کي نه مارين ها!
9
جي تون فارِسي سِکِئو، گولو توءِ غلامُ
جو ٻَڌو ٻِن ڳالهِئين سو ڪِئن چائي ڄامُ
اُڃئو تان آبُ گهُري، بُکئو تان طعامُ
ايءُ عامَنِ سندو عامُ، خاصَنِ منجهان نه ٿِئي.
[270]
سمجهاڻي: ڀلي
تون فارسي ٻولي سکيو آهين (۽ ظاهري طور وڏو ماڻهو
آهين) پر پوءِ به تون (پنهنجي خالق جو) بندو يا
ٻانهو ئي آهين، ڇو ته اصل ۾ جيڪو ٻن ڳالهين جو
محتاج آهي، سو پاڻ کي سردار يا مختيار نٿو سڏائي
سگهي. هڪ ته جڏهن اڃايل آهي ته پاڻيءَ جو محتاج
آهي ۽ ٻيو جڏهن بکيو آهي ته کاڌو ٿو گهري ته پيٽ
ڀري سگهي. مطلب جيڪو ضرورتن ۾ ڦاٿل آهي، سو عام
مخلوق واري حيثيت رکي ٿو، اهو خاص بندن ۾ شمار نٿو
ٿي سگهي.
10
سِٽرُون پَڙههُ ساڃاءِ جون، ڪَنزُ قُدُورِي ڇَڏِ
وانءُ تَنِي جي سَڏِ، جَنِي سانگُ نه ساهَ جو.
[271]
سمجهاڻي: اهي
سٽون پڙهه جيڪي ساڃهه (معرفت) جي واٽ واريون آهن،
”ڪنز“ ۽ ”قدوري“ (فقه جي درسي ڪتابن) کي پڙهڻ ڇڏي
ڏي. تون انهن جو سڏ ٻڌي هل ۽ اها واٽ وٺ، جيڪي
محبوب خاطر پنهنجو سر ساهه صدقو ڪن ٿا.
11
پَني ۾ پيهِي، تان تو الفُ نه اُجهِئو
ڳالههِ پِريان جي ڳُجههَ جي، جيهِي نه تيهِي
خَبَرَ تو ڪيهِي، قاضِي! هِنَ ڪِتابَ جي. [272]
سمجهاڻي: جيتوڻيڪ
تون ڪيترا پنا (ڪتاب) پڙهيو آهين، پر تون الف
(الله) جي معرفت کي نه ڄاتو. محبوب حقيقي جي راز
واري ڳالهه ڪا جهڙي تهڙي (عام معمولي) ڳالهه ڪانهي
(جيڪا سولائي سان حاصل ٿئي). اي ظاهري فتوائون ڏيڻ
وارا قاضي، تو کي هن (الاهي عشق ۽ محبت) واري ڪتاب
جي ڪهڙي خبر! (تو کي ڪا خبر ناهي).
[قاضين جي ظاهري علم بابت مثنويءَ ۾ پڻ هي تنقيدي
شعر ملي ٿو:
قاضياني که به ظاهرمي تنند،
حکم براشکال ظاهر مي کنند.
(دفتر چهارم، ب-2175)
معنيٰ: قاضي هميشه ظاهر تي هلڻ جي ڪوشش ڪندا آهن،
۽ انهيءَ ڪري ظاهري شاهدين جي آڌار تي فيصلو ڪندا
آهن.]
12
اَکَرُ پَڙههُ ’اَلفَ‘ جو، ٻِئا وَرَقَ سَڀ وِسارِ
اَندَرِ کي اُجارِ، پَنا پَڙهندين ڪيتَرا. [273]
سمجهاڻي: تون
فقط (الله جو) پهريون اکر الف پڙهي پختو ڪر (الله
جي نالي جو ورد ڪر) ۽ ٻيا سڀ ورق وساري ڇڏ. تون
پنهنجي اندر کي (غير الله کان) صاف ۽ اُجرو رک
(غير جو گمان به اچڻ نه ڏي)، باقي ڪتابن مٿان ڪتاب
ڪيترا پڙهي ڪيترا پڙهندين!
[مثنويءَ ۾ ان حقيقت طرف هن ريت اشارو ڪيو ويو
آهي:
دفتر صوفي سواد و حرف نيست،
جز دل اسپيد و برف نيست.
(فتر دوم،ب-159)
معنيٰ: صوفيءَ جو دفتر (ڪتاب) مس ۽ اکرن وارو
ڪونهي، هن جي دل سفيد برف جهڙي اڇي آهي. هڪ ٻئي
شعر ۾ رومي هيئن چيو آهي:
خويش را صافي کن از اوصاف خود،
تا به بيني ذات پاک صاف خود.
(دفتر اول، ب- 3260)
معنيٰ: تون پاڻ کي پنهنجن (غير ضروري) وصفن کان
ڌوئي صاف ڪر، ته پنهنجي اصلي صاف صورت کي ڏسي
سگهين.]
13
سِٽَرَ سائِي سارِ، اَلفُ جَنہِ جي اَڳَ ۾
مِيمان جو مَعلوُمُ ٿِئو، وَرَقُ سوئِي وارِ
ناحَقِ ڪِيمَ نِهارِ، پَنا ٻِئا پِرِينءَ
لَئي. [274]
سمجهاڻي: اها
سٽ پڙهي ياد ڪر جيڪا (الله) جي نالي سان شروع ٿئي
ٿي، حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم ذريعي جيڪو
(توحيد جو) سبق مليو آهي، سو چڱيءَ طرح ياد ڪر.
محبوب جي معرفت لاءِ ٻين ڪتابن جا پنا اٿلائڻ
اجايا ۽ بيسود آهن.
14
پَڙهئو پَڙهيجاهُ، سَبَقُ اِنَهِين سُورَ جو
’مِيمُ‘ رَکِجاه مَنَ ۾، اَلَفُ تَنہ اڳِياهُ
چِتا چوريجاهُ، اِها لاتِ لَطِيفُ چَئي. [275]
سمجهاڻي: حقيقي
محبوب کي (سڪ ۽ سوز مان) ياد رکڻ واري سبق کي پيو
دهرائجانءِ. الله تعاليٰ جي وحدانيت کي تسليم ڪرڻ
سان گڏ حضرت محمد صلي الله عليه وآلـﮣ وسلم جي
محبت کي دل ۾ جاءِ ڏي. عبداللطيف چوي ٿو ته اهي
مٺڙا ٻول (ڪلمي جو آواز) پنهنجيءَ دل سان ادا ڪندو
رهه.
15
جي هَرائِين هنِيين تي، سَندِي ’الفَ‘ اوڙِ
ته ڪِتَابَنِ جي ڪوڙِ، منجهان تو مَعلوُمُ ٿئي.
[276]
سمجهاڻي: جيڪڏهن
تون پنهنجي اندر ۾ يعني قلب تي (الله) جي نالي جو
نقش چٽي ڇڏين ته پوءِ تنهنجي اندر ۾ ئي ڪيترن
(لاتعداد) ڪتابن وارو (حقيقي) علم اچي ويندو. (اهو
علم تو کي ڪتابن کان بي نياز ڪري ڇڏيندو).
[مثنويءَ ۾ پڻ سالڪ جي اهڙي حالت جو ذڪر هنن لفظن
۾ بيان ڪيو ويو آهي.
بيني اندر دل علوم انبيا،
بي کتاب و بي معيد و اوستا.
(دفتر اول،ب-3461)
معنيٰ: تڏهن تون پنهنجي اندر ۾ نبين وارا علم
ڏسندين جيڪي بغير ڪتاب، بغير مددگار ۽ بغير استاد
جي تو کي حاصل ٿي پوندا.]
16
ڪوڙين ڪِتابَنِ ۾، حَرفُ مڙوئِي هيڪُ
جي تو نظَرُ نيڪُ، ته بسم اللـہ ئِي بَس ٿِي.
[277]
سمجهاڻي: ڪتاب
ته ڪيترا ئي آهن پر انهن سڀني ۾ اصلي معنيٰ وارو
(حقيقي) حرف هڪڙو ئي (الف الله) آهي. اهڙيءَ طرح
جيڪڏهن تنهنجي نظر نيڪ (ارادو صحيح) آهي ته (هر ڪم
جي تڪميل لاءِ) بسم الله (الله جي نالي سان
شروعات) ئي ڪافي آهي.
17
تَنُ کُڏِي، مَنُ حُجِرو، ڪِينَ چالِيها رَکُ
ڪُہُ نه پُوڄئو پُوڄئِين اَٺَئِي پَهَرَ اَلَکُ
تُون تان پاڻُ پَرَکُ، سَڀَڪَنہِ ڏانهن سامُهُون.
[278]
سمجهاڻي: (اي
طالب) تنهنجو پنهنجو جسم کُڏي (ننڍڙي مسجد) آهي ۽
تنهنجو ’مَن‘ ئي حجرو (نويڪلائيءَ جي جاءِ) آهي،
انهن جي هوندي ظاهري چاليها رکڻ مان ڪو فائدو
ڪونهي. (چاليهي جو مطلب آهي ته جڏهن طالب چاليهن
ڏينهن تائين پاڻ کي ڪنهن ڪوٺي يا ڪمري ۾ بند ڪري
ويهي عبادت ڪري ۽ ٻاهر نڪرڻ کان پرهيز ڪري).
انهيءَ لحاظ سان تون پنهنجي حياتيءَ جي هر لمحي ۾،
ڏينهن توڙي رات جو هر وقت ڇو نه ٿو ان لڪل (اکين
کان پوشيده) ذات جي ٻانهپ ڪرين. تون پنهنجو پاڻ کي
آزمائي ۽ اکيون کولي ڏس ته اهو صاحب هر وقت تنهنجي
سامهون آهي.
[مثنويءَ ۾ پڻ ان خيال جي ترجماني ملي ٿي:
مسجدي کآن اندرون اولياست،
سجده گاهه جمله است، آنجا خداست.
(دفتر دوم، ب- 3111)
معنيٰ: اها ئي حقيقي مسجد آهي، جيڪا اوليائن جي
اندر ۾ آهي، اهڙي دل سڀني لاءِ خانه خدا آهي ۽ خدا
انهيءَ ۾ آهي.]
18
تِهَڙا نه چالِيها چالِيههَ، جِهڙو پَسَڻُ
پِرِينءَ جو
ڪاتِبَ ڪُڄَاڙِئا ڪَرِيين، مَٿي پَنَنِ پِيهَه
جي وَرَقَ واريين وِيههَ، تَپِ اَکَرُ اُهوئِي
هيڪَڙو. [279]
سمجهاڻي: پورا
چاليهه چاليها به سپرينءَ جي ديدار يا جلوي جي
برابر ناهن (سڄڻ جو ديدار سڀني کان مٿي آهي). اي
ڪاتب، تون ڪاغذن جي مٿان اکرن ٺاهي لکڻ ۾ پورو زور
ويٺو صرف ڪرين. (توکي اها خبر ئي ناهي ته) تون کڻي
سمورا ويهه صفحا اهڙيءَ طرح صاف ۽ سهڻا ڪري لکين،
تڏهن به سهڻي ۾ سهڻو اکر اهو هڪڙو (محبوب جو نالو)
ئي آهي، (جنهن ڏانهن تنهنجو ڌيان آهي ئي ڪونه!)
19
ڪُہ ٿو ڪاغَذَ ڪوريين، ويٺو وِڃايين مَسُ
ڏورِ تِئان ئِي ڏَسُ، اَکَرُ جِئائِين آئِيو.
[280]
سمجهاڻي: اي
ڪاتب، تون ڪاغذن کي وڍي لکڻ لاءِ پنا پيو تيار
ڪرين ۽ ڪتابن نقل ڪرڻ تي ويٺو اجايو مس ضايع ڪرين.
تون ان اصلي معنيٰ طرف ڌيان ڏي، جيڪا انهن اکرن ۾
اندر سمايل آهي. (باقي انهن جي لکڻ مان ڪو فائدو
ناهي).
[مثنويءَ ۾ به اکرن ۽ لفظن جي اصلي معنيٰ طرف هن
طرح ڌيان ڇڪايو ويو آهي:
اي خدا جان راتو بنما آن مقام،
کاندرو بي حرف مي رويد کلام.
(دفتر اول، ب-392)
معنيٰ: اي خدا، روح کي اها جاءِ ڏيکار جتي بنا
اکرن جي ڪلام (الهام) ٻڌجي ٿو.]
20
ڪِئو مُطالعُ مُون، هُو جو وَرَقُ وِصالَ جو
تِنہِ ۾ تُون هِي تُون، ٻِي لاتِ نه لَحظي
جِيتَري. [281]
سمجهاڻي: جڏهن
مون کي ”وصال“ وارو پنو پڙهڻ نصيب ٿيو ته ان ۾ رڳو
تون ئي تون آهين ۽ تو کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي ذري
جيتري به ڳالهه ڪانهي.
[روميءَ هڪ هنڌ پنهنجي مثنويءَ لاءِ به اهڙو اظهار
ڪيو آهي.
مثنويءَ مادکان وحدت ست
غير واحد هرچه بيني آن بت ست.
(دفتر ششم،ب- 1528)
معنيٰ: مثنوي شريف فقط توحيد جو دڪان آهي، ان ۾
توکي ٻيو جيڪي ڪجهه نظر اچي ته اهو بت بيجان
سمجهه.]
وائي-1
سيڻَنِ جيءَ سَنڀارَ، جَڏڙو جِيءُ جِيارِئو
پِرِين جِيءَ پَچارَ، جَڏَڙو جِيءُ جيارِئو
ڪَرَمَ ڪَرِيمَنِ جي، اَهُکِيءَ وير اُڪارِئو
صالِحَنِ جِيئن سَڏَ ڪَري، طالِحَنِ کي تارِئو
اُونهِين تَڙَ عَميقَ مان، پِرِين پوڄِ پِيارِئو
سامُهُون ڪَري سُپِرين، نِرمَلَ نُور نِهارِئو
مَرض مرِيضنِ تان، اِشَاري ساڻِ
اُتارِئو. [282]
سمجهاڻي: پياري
پرينءَ جي پل پل يادگيري مون جهڙي جدائيءَ جي
جهوريل ۽ بيمار کي نئين حياتي ڏيئي ڇڏي. سڄڻن جي
ياد مون کي سَگهو ۽ صحت وارو ڪري ڇڏيو.
هن مهربان جي مهربانيءَ مون کي ڏکن ۽ غمن مان ڪڍي
ٻاهر ڪيو. هن سهڻي سڄڻ عتاب هيٺ آيلن کي به سڏي
پاڻ سندن ٻيڙو تاري ڇڏيو. هن پيار ۽ محبت وارو
پاڻي پياري ڍئو ڪرايو. اي منهنجا مٺا محبوب،
پنهنجا نوري نيڻ کڻي ديدار ڪرايو ۽ هن عشق جي مريض
کان اهو مرض هڪ لحظي ۾ لاهيو.
وائي-2
وَٺِئو هوتُ وَڃنِ،
اَلا جهلِيان، اَلَا پَلِيان، هنيڙَو نه رَهِي
آءٌ جَنِي جي آهِيان، ڪَڙِي ٿِيان مَ تَنِ
گهَڻِين ڀتين گهورِيان، سَندَڙي ٻاجههَ ٻِئنِ
مَرُ مَران، مارِين مون، پُرزا پُرزا ڪَنِ
آءٌ مُيائِي گهورِئي، جي مان مُحِبَ ملن.
[283]
سمجهاڻي: هو
منهنجو محبوب مون کان ڇني ڌار ڪريو ٿا وڃن. مان
پاڻ کي ڪيترو به جهليان ۽ روڪيان ٿي پر منهنجي دل
منهنجي وس ۾ ناهي. (منهنجي قابوءَ ۾ ڪونهي). آءٌ
جن جي اصل کان آهيان (مون پاڻ کي جن جي حوالي ڪيو
آهي) شل اهي مون کي ڪُوڙو نه ڪن، اهي مون کي
ٿوڪاري نه ڇڏين. ٻيا کڻي مون کي ڪيترو به پيارو
گهرن پر آءٌ اهي سڀ گهوري ڦٽو ڪنديس. ڀلي منهنجا
محبوب کڻي مون کي ڪُهي ڇڏين ۽ ذرا پرزا ڪري ڇڏين،
منهنجي لاءِ اهو مرڻ به ڀلو آهي، مون کي سونهي ٿو،
بشرطيڪ مون کي محبوب سان ملڻ جو موقعو ملي.
داستان ڇهون
1
ايڪُ پِيالو، ٻه ڄَڻا، عِشقُ نه ڪَري اِيئَن
لَکيا جي لَکَڻ ۾، سي قُرب رَسندا ڪيئن
هُئَڻَ ڪِئا هِيئن، وانجِئا پَسُ وِصالَ کان.
[284]
سمجهاڻي: (شراب
جي) هڪ پيالي ۾ ٻه ڀاڱي ڀائيوار ٿي پين (مستي حاصل
ڪن) اهو عشق ۾ ممڪن ناهي، اهڙا بدعادت عاشق ڪڏهن
به محبوب جو پيار يا قرب حاصل نه ڪري سگهندا. جيڪي
پنهنجي (هستيءَ جي) گمان ۾ آهن، سي هميشه محبوب جي
ملاقات کان محروم ئي رهندا.
[صوفي شاعريءَ جي روايت ۾ شراب مان مراد اهو ذوق ۽
شوق آهي جيڪو محبوب جي جلوي ڏسڻ سان دل ۾ پيدا
ٿئي. روميءَ مثنويءَ ۾ اهو فرق سمجهائيندي چوي ٿو.
آن شراب حق، ختامش مشک ناب،
باده را ختمش بود گند و عذاب.
(دفتر اول، ب-323)
معنيٰ: حقيقي شراب جو نتيجو مشڪ جي خوشبوآهي، پر
هن ظاهري شراب جو نتيجو عذاب ۽ بدبوءِ آهي.]
2
ايڪُ پِيالو، ٻه ڄَڻا، عِشقُ نه اِيئَن ڪَري
آٽي سي ايڪُ ٿِئا، جي ڳَتا نِيہَ ڳَري
دُئِي ڌار ڌَري، جُہُ خُلتَ خَنَجَرُ آئِيو.
[285]
سمجهاڻي: شراب
جي هڪ پيالي مان ٻه ڄڻا ڪيئن ٿا سيراب ٿي سگهن،
اها ريت عشق ۾ روا ناهي. سواءِ انهن جي جيڪي عشق
جي زور هيٺ اچي ڳاهجي ۽ پيسجي ويا. اهو عشق ۽ محبت
جو ڪات ئي آهي جيڪو هر قسم جي ٻيائيءَ کي وڍي ان
جو خاتمو ڪري ڇڏي ٿو (دوستيءَ جو آخري درجو هر قسم
جي شرڪت کان سواءِ آهي).
3
ايڪُ پِيالو، ٻه ڄَڻا، عِشقُ نه ڪَري اَڌَ
اِيءَ تان سائِلَ سَڌَ، ڪَئِي جا قَوالَ
سِين. [286]
سمجهاڻي: هڪ
جام ۾ ٻه پيئندڙ شريڪ ٿين، عشق ۾ اهڙي ورهاست واري
رسم ڪانه ٿي هلي. اها هلڪڙي خواهش ان سواليءَ جي
آهي جيڪو (سماع جي محفل ۾) ڳائيندڙ کان ڪندو آهي.
(محبوب جي محبت ۾ غير جي شرڪت ناممڪن آهي).
4
ايڪُ پِيَالو، ٻه ڄَڻا، عِشقُ نه ڪَري اِتِ
مائِنِ ڪِينَ مِياڻَ ۾ ٻه تَرارِيُون تِتِ
اِيءَ پَرِ آهي اُتِ، جِتي ناتو ناهِ ڪو.
[287]
سمجهاڻي: هڪ
جام مان ٻه ڄڻا پين، اها ڳالهه عشق ۾ ڪا نه آهي.
اهو ائين آهي جيئن ٻه تراريون هڪ مياڻ ۾ نٿيون
ماپي سگهن. اها ريت اتي ممڪن آهي، جتي سچي پيار جو
لاڳاپو ئي ڪونهي.
5
عاشِقَ زَهَرَ پِياڪَ، وِهُ پَسِئو وِهُسَنِ گهڻو
ڪَڙي ۽ قاتُل جا هميشَه هيراڪَ
لَڳِينِ لَئُونِ لَطِيفُ چَئي، فَنا ڪِئا فِراقَ
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَپِ آهَ نه سَلَنِ عامَ کي.
[288]
سمجهاڻي: سچا
عاشق زهر پيئڻ تي هريل آهن، بلڪه اهي زهر ڏسي ڏاڍا
خوش ٿين ٿا. ڪڙو ۽ قاتل زهر جيڪو پيئڻ سان هڪدم
ماريو وجهي، تنهن جي پيئڻ جي کين هميشه کان عادت
پيل آهي. عبداللطيف چوي ٿو هنن کي محبت جي اهڙي
ميخ لڳل آهي، جو محبوب جي جدائي کين ماري فنا ڪري
ڇڏيو آهي. هو ڪيڏي به سور ۽ تڪليف ۾ هجن پر پنهنجي
درد جي دانهن ڪنهن کي ڪونه ٿا ٻڌائن.
[مثنويءَ ۾ به عاشقن کي زهريلي شراب کي وڌيڪ پسند
ڪندي بيان ڪيو ويو آهي.
خوشتر ازين سم نديدم شربتي،
زين مرض خوشتر نباشد صحتي.
(دفتر ششم، ب-4599)
معنيٰ: مون (عشق واري) زهر کان وڌيڪ ذائقي وارو
شراب نه ڏٺو آهي. ائين هن عشق جي بيماريءَ کان
وڌيڪ ٻي ڪا صحت ٿي نٿي سگهي.]
6
سِسِي سي گهُرَنِ، جي وارِيندَڙَ وِچَ ۾
اُوءِ ڪِين ٻِئو پُڇَنِ، سَرو جَنِ سَنباهِيو.
[289]
سمجهاڻي: اي
عاشق، تنهنجو سر ته اهي ٿا گهرن جيڪي ميخاني ۾ فقط
ورهائڻ وارا آهن (جام ڀري ڏيڻ وارا آهن). باقي
جيڪي اصل مي جا مالڪ آهن (محبوب) سي ته اڃان ڪجهه
وڌيڪ گهرن ٿا.
7
اَٿئي سَڌَ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ ڪَلاڙڪي گهَرِ
وَڍَڻُ، چِيرَڻُ، چِچِرَڻُ پَهَتِ اُنِي جِي پَرِ
جي وَٽِي پوئِي وَرِ، ته سَهنَگِي آهِ سَيدُ چَئي.
[290]
سمجهاڻي: جيڪڏهن
توکي عشق جي سُرڪي جي طلب آهي ته پوءِ ميخاني جو
رخ ڪر. انهن ميخاني وارن جو دستور واقعي وڍڻ، چيرڻ
۽ چچرڻ (عاشقن جي سخت ترين آزمائش هجڻ) آهي (اهي
توسان اها ئي ڪار ڪندا). ليڪن عبداللطيف چوي ٿو ته
انهيءَ ايڏي آزمائش جي هوندي جيڪڏهن هو توکي هڪڙو
جام ڀري پيارين ته اهو (سودي ۾) سستو آهي (گويا تو
کٽيو).
8
مَ ڪَرِ سَڌَ سَري جِي، جو تون ٽاريين ٽُروهُ
پِيتي جَنہ پاسي ٿِئي منجهان رَڳُنِ رُوحُ
ڪاٽي، چَکُ ڪَڪُوهُ، لاهي سِرُ لطِيفُ چَئي. [291]
سمجهاڻي: تون
ان اصلي شراب جي ڪيئن ٿو خواهش ڪرين، جيڪڏهن تون
اڃان تائين ٽُوهَه (زهر جهڙي ڪوڙي ڦل) کان به پري
پيو ڀڄين، جنهن جي پيئڻ سان پڻ رڳن مان ساهه نڪريو
وڃي. انهيءَ ڪري عبداللطيف ٿو چوي ته تون پهرين
پنهنجو سر (نفساني خواهشن جو مٿو) وڍي ڏي پوءِ ڀلي
اهو رنگين (معرفت وارو) شراب چکڻ جي تمنا ڪر.
9
سَڌَڙِيَا سَري جون، ڪوهُ پَچاروُن ڪَنِ
جُہ ڪاتَ ڪَلاڙَنِ ڪَڍيَا، موٽِئو پوءِ وَڃَنِ
پِڪُون سي پِيَنِ، سِرَ جَنِي جا سَٽَ ۾. [292]
سمجهاڻي: اهي
ظاهري خواهش رکندڙ، اصلي شراب جون ڳالهيون اجايون
ڇو ٿا ڪن، ڇو ته جڏهن ميخاني جو مالڪ (پير مغان)
ڪهڻ جا ڪات ڪڍي سڌا ڪري ٿو ته هي فقط اهي ڏسڻ سان
ئي ڊڄي پوئتي پير ڪن ٿا. شراب جي آخري سُرڪي به
انهن کي ئي نصيب ٿئي ٿي جيڪي پنهنجا سر محبت جي
سودي ۾ ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهن ٿا.
10
اَٿئِي سَڌَ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ ڪَلاڙِين ڪاٽي
لاهِي رَکُ لَطِيفُ چئي، مٿو وٽِ ماٽي
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ تون، گهُٽَ مَنجهان گهاٽي
جو وَرَنَہَ وِهاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو ساهِنگو.
[293]
سمجهاڻي: (اي
عاشق) جيڪڏهن توکي واقعي (اصلي) شراب جي تمنا آهي
ته پوءِ ميخاني ۾ ان هنڌ پهچي وڃ ۽ اتي تون
پهريائين پنهنجو سر ڪاٽي شراب جي مٽ وٽ (عيوض طور)
رک. ان کان پوءِ تون ڀلي گهاٽي شراب منجهان ڍڪن
مٿان ڍڪ ڀريندو آخري قطري تائين ڳيتون ڏيئي پيئندو
وڃ. اهڙو شراب جيڪو نوجوانن کي به نشي ۾ مدهوش ڪري
ڇڏي ٿو، سو سر جي بدلي ۾ ملي ته ڄڻ سستو آهي.
[مثنويءَ ۾ اهو نظارو هن ريت چٽيل آهي:
ما اگر قلاش و گر ديوانه ايم،
مست آن ساقي و اَن پيمانه ايم.
بر خط و فرمان او سرمي نهيم،
جان شيرين را گروگان مي دهيم.
(دفتر دوم، ب- 2571 ۽ 72)
معنيٰ: اسين ڀلي مفلس آهيون يا بنهه پاڳل آهيون،
پر انهيءَ پيارڻ واري ساقيءَ جا مست آهيون. انهيءَ
جي هر حڪم جي فرمانبرداريءَ ۾ سر به لاهي حاضر
ڪريون ٿا ۽ پنهنجي مٺڙي حياتي به گروي رکون ٿا].
11
اَٿئِي سَڌَ سُرڪَ جِي، ته وَنءُ ڪَلاڙڪي هَٽِ
لاهِي رَکُ، لَطِيفُ چَئي، مَٿو ماٽي وَٽِ
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِئجُ ڪي پِيالِيُون.
[294]
سمجهاڻي: (اي
عاشق!) جيڪڏهن توکي واقعي شراب پيئڻ جو شوق آهي ته
پوءِ اهڙي ميخاني ۾ گهڙي وڃ. عبداللطيف چوي ٿو ته
اتي اندر گهڙڻ سان پنهنجو سر ڪاٽي شراب جي مٽ
ڀرسان رک. مطلب ته تون پنهنجي سر جو سؤدو ڪري پوءِ
ڀلي جام مٿان جام پيئندو وڃ.
[مثنويءَ ۾ اهڙي خاص شراب ڏانهن هن ريت اشارو ڪيو
ويو آهي:
عاشقان را باده خون دل بود،
چشمشان بر راه و بر منزل بود.
(دفتر پنجم، ب-3485)
معنيٰ: عاشقن جو شراب ته سندن دل جو رت آهي، اهي
هر وقت محبوب جي راهه ۾ اکيون وجهي ويهن ٿا.]
12
اَٿئِي سَڌَ سُرِڪَ جي، ته وَنءُ ڪَلاڙَنِ ڪُوءِ
مَهيسَر جي مَندَ جِي هُت هَڏهن وَهي هُوءِ
جان رَمزَ پَرُوڙِيَمِ رُوءِ، تان سِرَ وَٽِ
سُرِڪِي سُڳُڻي. [295]
سمجهاڻي: (اي
عاشق) جيڪڏهن توکي (محبوب جي هٿان) شراب پيئڻ جو
شوق آهي ته پوءِ ان جي ميخاني واري ڳليءَ ۾ وڃ،
هتي هميشه کان هن پيرِ مغان (ميخاني جي مالڪ) جي
وڏي هاڪ پيئي ٻڌجي. مون جڏهن ان راز کي سمجهڻ جي
ڪوشش ڪئي ته معلوم ٿيو ته اتي سر ڏيندي هڪ سرڪ جو
ملڻ به نصيب وارن لاءِ آهي.
13
ڪَنڌِ ڪَٽارو، مُنہِ وَٽِي، عادَتَ جَنِي اِيءُ
تَنِي تِڪُون ڏِنِيُون، جُنبِي منجهان جِيءُ
سَرو تَنِ سبِيءُ، سِرَ جَنِي جا سَٽَ ۾. [296]
سمجهاڻي: اهي
عادتي متوالا جن جي ڪنڌ مٿان ترار آهي ۽ چپن تي
محبت جو جام اٿن، سي ئي سڪ منجهان وڏا ڍڪ ڀري ۽
ڳيتون ڏيئي اهو شراب پيا پيئن. انهن کي ئي ججهو
شراب پيئڻ لاءِ ملي ٿو، جيڪي پنهنجا سر قربان ڪن
ٿا.
[مشرقي شاعريءَ جي روايت ۾ شراب مان مراد محبوب جو
جلوو يا ديدار آهي، جنهن جي ڏسڻ سان عاشق پنهنجا
هوش حواس وڃائي ويهي ٿو، بلڪه ان جلوي جي ڏسڻ ۽
پسڻ سان سندس اها تمنا جيئن پوءِ تيئن وڌندي وڃي
ٿي ۽ اهائي ڪيفيت شراب واري جي هوندي آهي. ان ڪري
رومي چوي ٿو ته عارفن وٽ شراب مان مراد اهو ظاهري
شراب ناهي.
الله الله، چونک عارف گفت مي،
پيش عارف کي بود معدوم شي؟
(دفتر ششم، ب-657 ۽ 58)
معنيٰ: الله الله ڪر (خدا جو خوف ڪر) جڏهن عارف
شراب جو لفظ چوي ٿو ته ان جو مطلب اها فاني ٿيندڙ
شيءِ هرگز ناهي، اصل ڳالهه آهي ته جڏهن تنهنجي ذهن
۾ شيطاني شراب ويٺل آهي ته پوءِ توکي رحماني شراب
ڪيئن خيال ۾ ايندو؟]
14
جُہ سي اڱڻ آئِيا، ته سَرو ڪَندا سُڃَ
سائِي ٿِينديَنِ اُڃَ، ’هِيءُ پِيتو هُو آڻِ
ڪِين‘![297]
سمجهاڻي: اهي
(پي نه ڍاپڻ وارا) ميخوار جڏهن ميخاني تي ايندا ته
سمورا ڀريل مٽ خالي ڪري ڇڏيندا. جيئن پيئندا
ويندا، تيئن سندن اڃ وڌندي ويندي ۽ هر وقت ائين
پيا چوندا، هي پورو ٿي ويو، هاڻي ٻيو آڻي ڏي ته
پيون!
[شراب پيئڻ ۽ ان مان نه ڍاپڻ جي ڪيفيت کي مثنويءَ
۾ هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
ز آن عرب بنهاد نهام مي مدام،
زانکه سيري نيست مي خور را مدام .
(دفتر سوم، ب-4741)
معنيٰ: انهيءَ ڪري عرب شراب کي ”مدام“ جو نالو ڏين
ٿا، جو ان مان ڪڏهن به ڍئو نه ٿيندو آهي ته هاڻي
بس!]
15
بَٺِيءَ هيٺان باهِ، مُڇُڻِ آڳِ اُجهائِيين
رُپو ڪندا راهِ، ڪَؤنرَ ڪَلاڻِي آئِيا. [298]
سمجهاڻي: اي
شراب تيار ڪرڻ وارا، کوريءَ هيٺان ٻرندڙ باهه کي
متان وسائين، پيئڻ وارا بيباڪ نوجوان انهيءَ هنڌ
ڄاڻ پهچڻ وارا آهن، هو شراب پيارڻ عيوض توکي
(چانديءَ جا) ڪلدار رپيا ڏئي دڳ لائي ڇڏيندا.
16
جيڏانہ قاتِلَ ڪوڙَ، اکيون اوڏاهِين کَڻي
وِهُ تَنِي جِي ووڙَ، جَنِي سانگُ نه ساهَ جو.
[299]
سمجهاڻي: هو
(سرويچ عاشق) ان طرف ئي پيو نهاري (اوڏانهن پيو رخ
رکي) جتي زهريلو شراب رکيل آهي. اهڙو زهريلو شراب
(جيڪو هڪ ڌڪ سان هستيءَ کي وڃائي) اهي ئي وڏيءَ
همت سان هٿ ڪري پيئن ٿا، جن کي سر جو سانگو ناهي.
(جيڪي پنهنجي وجود کي وڃائڻ جي فڪر ۾ آهن).
[مثنويءَ ۾ اهڙي معنوي موت ڏانهن هيئن اشارو ٿيل
آهي:
مرگ ما را زندگي ديگر ست
زهر مرگ از شهد بشيرعي خوشترست
مرگ سازد مغز راصافي ز پوست
ترساند دوست را نزديک دوست
معنيٰ: اسان جو اهو مرڻ هڪ ٻي زندگيءَ جي شروعات
آهي، انهيءَ موت وارو زهر ماکيءَ کان وڌيڪ مٺو
آهي. اهو موت روح کي جسم کان نجات ڏئي ٿو ۽ هڪ
دوست کي ٻئي دوست سان ملائي ٿو.]
17
اَکيون اوڏاهِين، کَڻي، جيڏانہَ قاتِلَ ڪُلُ
مَٿو ڪَنِ نه مُلُ، پِڪَ بَرابَرِ پاهِنجو. [300]
سمجهاڻي: هي
(سر جو سودو ڪندڙ عاشق) هر هر ان طرف ئي پيو نهاري
جتي مڪمل موت ڏيندڙ (هستيءَ کي فنا ڪندڙ) شراب
رکيو آهي. هي (متوالا) عاشق پنهنجي سر جي قيمت ان
شراب جي هڪ سرڪي ته ڇا بلڪ ان جي هڪ قطري برابر به
ڪو نه ٿا سمجهن!.
18
ڳَٽرِنِ ۽ ڳُٽِڪَنِ، وَٽيون پِيَنِ وِهَ گاڏِيُون
”بِدهِ ساقِي بَرخَيز“، پِيارِ کي پِيندَنِ
اُو پِڪين نه پَرِچَنِ، مَٽَ تَڪِيائُون
مَنجهِيَان. [301]
سمجهاڻي: اهي
رند (ميخوار جيڪي عشق الاهيءَ ۾ سرشار آهن) وڏي
چاهه ۽ شوق وچان زهريلو (تيز ۽ تکو) شراب وڏا ڍڪ
ڀريندا ۽ ڳيتون ڏيندا (بنا ساهي پٽڻ جي) پيئندا ٿا
وڃن. هو هر وقت ائين پيا چون، (اي ساقي، اٿي
پنهنجن پياڪن کي اڃان ڪجهه وڌيڪ پيار.) اهي وڏا
پياڪ آهن، جيڪي ٿوري پيئڻ مان راضي ٿيڻ وارا ناهن،
هنن جي نظر ۾ ته اهي ڀريل مٽ آهن جيڪي اندر اڃان
بند رکيا آهن ۽ کُليائي ناهن.
19
وَٽرِ وَٽرِ وَڌَ وَٽِيءَ ۾، مَٽِ مَٽِ مَنڌَ ٻِئو
قَدُرُ ڪَيفَ ڪَمالَ جو پياڪَنِ پِئو
اُچَنِ دُرسُ دُڪانَ تي، ڪَنڌُ قَبُولِ ڪِئو
سُرَها سِر ڏِئو، چَکَنِ سُرِڪَ سَيدُ چَئي. [302]
سمجهاڻي: هر
ٻئي پيالي ۾ نئين لذت ۽ سرور آهي ڇو ته هر مٽ ۾
نرالي قسم جو شراب رکيل آهي. تڏهن ته جيڪي سدائين
پيئندڙ آهن، تن کي هر وقت نئون مزو ۽ نئون لطف پيو
اچي. اهو ئي سبب آهي جو هو اهڙي هنڌ پهچڻ کان
اڳواٽ پنهنجو سر (پير مغان جي آڏو) قربان ڪرڻ لاءِ
تيار ٿي اچن ٿا. عبداللطيف چوي ٿو ته هو صرف هڪ
سرڪيءَ جي ساءُ چکڻ واسطي وڏي خوشيءَ وچان سر ڏين
ٿا.
20
موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِئا، آڻِي اُتَرَ هيٺِ
مَتارا تَنہِ ميٺِ، اَچَنِ سِرَ سَنباهِيو.
[303]
سمجهاڻي: موکيءَ
(ميخاني جي مالڪ عورت) اتر جي هوا لڳڻ سان (سياري
جي مند شروع ٿيڻ وقت) شراب جا نوان تيار ٿيل مٽ
آڻي کولي رکيا. انهيءَ نئين شراب جي وٽ (لذت) وٺڻ
خاطر مي جا متوالا پنهنجا سر تريءَ تي رکي اچي
حاضر ٿيا.
21
مَوکِيءَ مَٽَ اُپَٽِئا، آڻِي اُتَرَ واءِ
مَتارا تَنہِ ساءِ، اَچَنِ سِرَ سَنباهِيو.
[304]
سمجهاڻي: جيئن
هن موکيءَ (ميخاني جي مالڪياڻيءَ) اتر جي ٿڌي هوا
لڳڻ سان بند پيل مٽ کولي آڻي ٻاهر رکيا تيئن ان
شراب جي هڳاءُ ۽ سواد وٺڻ خاطر ڪيترائي متوالا
توڻي ميخوار اتي پنهنجا سر قربان ڪرڻ لاءِ اچي
پهتا. (اهي هر قيمت تي ان شراب جو ذائقو چکڻ آيا
هئا).
22
مَوکِيءَ مِٽَ اُپَٽِئا، سَوارا صُبُوحِ
اُونچِي، عَبداللطَيفُ چَئي، باسَ پَهُتِيَنِ
بُوءِ
ڪَڙو جي ڪَڪُوه، وَٽرِ سِرَ گهُرَنِ وَٽِيُون.
[305]
سمجهاڻي: ميخاني
جي مالڪياڻيءَ صبح جو سوير شراب جا تيار ٿيل مٽ
اچي کوليا. عبداللطيف چوي ٿو ته ان اوچي شراب جي
خوشبوءِ ميخوارن تائين پهچي ويئي. انهيءَ رنگين
ڪؤڙي شراب جي وَٽ وٺڻ خاطر هو لڳاتار پيالن مٿان
پيالا پيا پيئن (پر سندن پياس پوري ٿيڻ واري
ناهي).
23
وَٽرِ سِرَ گهُرَنِ وَٽِيُون، دوسر ڪِينَ ڌُڃَنِ
بِيا، بِنِشينِ، بِنوش، اِيءُ پِيالو پِرِينِ
اُونچي، عبداللَطيفُ چئي، وَٽي وَڌِ گهُرَنِ
پِڪين تان نه پَرَنِ، مَٽَ تَڪيائُون مَنجهيَان.
[306]
سمجهاڻي: اهي
اصلي ميخوار ڀيري ڀڃڻ (وقفي يا ساهي) کان سواءِ
ساقيءَ کان پيالن مٿان پيالن جي گهر پيا ڪن. هو
پنهنجو ڀيرو ڀڃڻ پسند نٿا ڪن. هو پنهنجن ساٿين کي
هيئن چئي پيا صلاح ڪن، ’اچ ۽ اچي ويهه ۽ پيءُ، جو
اهو ئي محبوب جو جام آهي.‘ عبداللطيف چوي ٿو ته هو
هر وقت ان اعليٰ شراب جي پيالن جي وڌيڪ طلب رکن
ٿا. اهي وڏا ميخوار ٿوري مقدار ۾ پيئڻ سان نٿا
ڍاپن، هو پنهنجي اندر ۾ مٽن جو حساب رکي ويٺا آهن.
(هو ڪڏهن به مطمئن ٿيڻ وارا ناهن).
24
آٽِي ٿِيءُ اڱارَ، کامِي خَرِيدارَنِ سِين
پَسين سي ڀَتارَ، پَرُ پِيتُوئِي جَنِ سِين. [307]
سمجهاڻي: (اي
موکي!) تون پاڻ کي انهن قدردان خريدارن جي سامهون
ساڙي ٻاري ڪوئلو ڪري ڇڏ! (انهن جي مٿان قربان ٿي
وڃ) شايد انهيءَ قربانيءَ عيوض توکي اهڙن دل وارن
جو ساٿ وري نصيب ٿئي جن کي گذريل سال تو پاڻ
پياريو هو (تنهنجي ميخاني جا مهمان هئا).
25
موکِيءَ مَتارا، وَڏيءَ ساجهُرِ سارِئا
پِيڻَ جي وارا، اَڄُ نه آيا ڳڃڙي. [308]
سمجهاڻي: اڄ
موکيءَ صبح جو سويل اٿي انهن ميخوارن کي ياد ڪيو.
(هنن جي نه اچڻ تي پريشان ٿي ويئي) هوءَ انهيءَ
سوچ ۾ گم هئي ته سدائين پيئڻ وارا اڄ الائجي ڇو
هيڏيءَ مهل تائين ميخاني تي نه پهتا آهن!
26
مَتارا مَرِي وِئا، موکِي پَئِي مَرُ
تُنهنجو ڏُکُ ڏَمَرُ، ڪونه سَهندو اُنِ ري. [309]
سمجهاڻي: اي
موکي، اهي مانجهي ميخوار ته مري ويا، هاڻي تون به
مري وڃ (تولاءِ اهو ئي بهتر آهي). ڇو ته هنن کان
پوءِ تنهنجي اها سختيءَ واري روش ۽ چال ٻيو ڪو به
برداشت نه ڪندو.
27
مَتارا مَرِي وِئا، موکي تون نه مَرِين
ڪيهِيءَ پَرِ پَرِين، ڏُکِي! ڏاتارَنِ ري.
[310]
سمجهاڻي: اي
موکي، جڏهن اهي ميخاني جا مور مري ويا، ته (هنن جي
ڏک ۾) تون ڇو ڪو نه مري وئين؟ اي ڏکويل، تون اهڙن
سخي ميخوارن کان سواءِ ڪيئن پيئي زنده رهين! (تو
کي هنن کان سواءِ جيئڻ ڪو نه ٿو سونهي).
28
اَڃان کُورا ماڳَ، مَٽَ ڪُٽِڪا ڪَٽَ گهَڻا
لاهي ويههُ مَ لاڳَ، موکِي مَتارَنِ جا. [311]
سمجهاڻي: اڃان
شراب جي بٺين کي پچائڻ واريون کوريون ۽ هنڌ سلامت
آهن ۽ مٽن جي پچڻ ۽ پڄرڻ جا هلڪا ٽڙڪاٽ (ٽڙ ٽڙ جا
سنهڙا آواز) ٻڌڻ ۾ پيا اچن. تنهن ڪري اي موکي، تون
هنن ميخوارن جي اچڻ جو آسرو لاهي نه ويهه!
29
موکِيءَ مَٺو نه گهُرِئا، وِههَ نه وِهاٽِئا
سُرِڪِيءَ ڪاڻ، سَيدُ چَئي، اُتي ٿي آٽِئا
هُوءِ جي ڳالهِينِ ڳَڱاٽِئا، تَنِ جون بَٺِينِ
پاسي بُٺِيُون. [312]
سمجهاڻي: موکيءَ
انهن ميخوارن سان ڪا دشمني ڪانه ڪئي ۽ نڪي اهي ڪو
زهريلي شراب پيئڻ ڪري مري ويا. عبداللطيف ٿو چوي
ته هو اتي ان دلپسند شراب جي سرڪيءَ خاطر اچي ڳاهٽ
ٿيندا هئا. دراصل هنن کي انهيءَ (ڳالهه موکيءَ جي
ٻڌائڻ مطابق ته هنن اهو شراب پيتو هو جنهن ۾ نانگ
مري ويو هو) ماري ڇڏيو هو، جنهن ڪري سندن قبرون
(اڄ سوڌو) انهن بٺين جي آس پاس موجود آهن.
30
سري ڪِين ڪِئو، ويڻَ موکيءَ جي مارئا
ڪو جو سُخنُ ڪَلاڙَ جو پتي تي پئو
تنهان پوءِ ٿئو، مرڻ متارن جو. [313]
سمجهاڻي: ميخاني
جي مالڪياڻيءَ جو ڪو اهڙو (گمان ڀريو) گفتو سندن
دل ۾ پٿر وانگر لڳو (جو سندن هيانءُ ڦاٽي پيو).
مطلب ته هنن کي شراب مان ڪجهه ڪونه ٿيو، پر موکيءَ
جي هيانءَ ڏاريندڙ خبر (ته شراب ۾ مئل نانگ پيل
هو) کين ماري وڌو.
31
هُوندو هَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پِياڪَنِ پاهِنجو
وَٺِي واٽاڙُنِ کي، پِياري پَرَکُ
سا لِکَ لَهي ٿِي لَکُ، جا تو اِيندِي اُنِ سِين.
[314]
سمجهاڻي: تون
سدا پيئندڙ ميخوارن کان پاڻ وٽ شراب مان ڪجهه به
بچائي يا لڪائي ڪري نه رک (اها ڪنجوسي نه ڪر)، بلڪ
تون ميخاني وٽان لنگهندڙن کي به جيڪي ڪجهه موجود
آهي پيار! توکي معلوم ٿيندو ته انهن سان ٿوري دير
واري ڪيل صحبت به لکن جي برابر آهي. (انهيءَ واٽ
جي مسافرن جي صحبت وڏي ڳالهه آهي).
32
هوندو هَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پِياڪَنِ پاهِنجو
پُوڄَ پِيارَجِ پَهِيَڙا وِيندا وَٺِئو ڪَنڌِ
ته هَٽِ تُنهِنجي هَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَهِين.
[315]
سمجهاڻي: جيڪو
ٿورو گهڻو شراب تو وٽ باقي آهي اهو مدامي ميخوارن
کان لڪائي سانڍي نه رک. بلڪ اهي پانڌيئڙا جيڪي وڏي
صبر ۽ سانت سان تو وٽان لنگهيو پيا وڃن تن کي
پياري ڍئو ڪرائج. اي موکي، ائين ڪرڻ سان ئي تنهنجي
انهيءَ ميخاني ۽ ماڳ جي ناماچاري (مشهوري) ٿيندي.
33
وِجهِجُ واٽاڙُنِ تي مَيخانِي جي ماڪَ
ٿِيندِي سُڌِ سَڀَڪَهِين، هَنڌِ هَنڌِ پُوندِي
هاڪَ
پِرِهه جا پِيَاڪَ، جُہ سي اڱڻِ آئِيَا. [316]
سمجهاڻي: اي
ميخاني جا مالڪ، تون واٽ ويندڙن کي به ميخاني جي
ٿوري گهڻي ورهاست سان نوازيندو رهه. انهيءَ سان
(اوري پري وارن) سڀني کي خبر پوندي ۽ تنهنجي هر
هنڌ نيڪنامي ٿي ويندي. تڏهن صبح جو پيئندڙ (صبح جو
پيئڻ وارا) به تنهنجي ميخاني جي اڱڻ ۾ اچي جمع
ٿيندا.
34
ڪَلاڙَڪِين مَنَهِين، ڪُسَڻَ ري ٻِئو ڪِين نَه
مَٿا مَتارَنِ جا، پِئا پَسُ زَمِينَ
رَکِي رُوح رِهينَ، وَٽِيون پِيتَئُون وِکَ جُون.
[317]
سمجهاڻي: ميخاني
۾ هر هنڌ سر ڏيڻ ۽ قربان ٿيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو
رواج ڪونهي. اهو ئي سبب آهي جو متوالن (عاشقن) جا
پٽ تي هر هنڌ سر ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. دراصل هو
پنهنجا سر ڳَهُه يعني گروي رکي (سر جي قيمت ڏيئي)
شراب جا پيالن مٿان پيالا پيا چاڙهين (بنا ساهيءَ
پئين).
35
سِرَ وَٽِ سُرڪِي سَڳُڻِي، وَٺِين ڇونه وَرِي
قَدُرَ ڪَيفَ ڪَمالَ جي آهِي خاصَ کَرِي
سُرِڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جون بَٺِينِ پاسي
بُٺِيُون. [318]
سمجهاڻي: جيڪڏهن
سر ڏيڻ سان هڪ سرڪي ملي پوي ته اها وڌيڪ ملهه واري
آهي، تون واپس ٿي اها ڇو نٿو وٺين (دل ڇو ٿو هڻين
ته اهو سودو مهانگو آهي). اها سرڪي ته (الاهي نشي
لاءِ) وڏي سرور واري ۽ خاص الخاص آهي. جن به
ميخوارن کي اها سرڪي نصيب ٿي آهي، تن سڀني جون
قبرون (هميشه رهڻ جا ٿاڪ) به اتي ئي آهن.
36
قاتِلُ ڪَمائي ڪَري، وِهُ ماکِي جي ڪَنِ
وَٽان ويهِي تَنِ، پِئِجُ ڪي
پِيَالِيُون. [319]
سمجهاڻي: اهي
(ڪامل) جيڪي زهر جهڙي ڪچي شراب کي پوريءَ طرح
پچائي ماکيءَ جهڙو مٺو ۽ لذيذ ڪن ٿا. تون پڻ هنن
وٽ وڃي ويهه ۽ هنن وٽآن ڪي پياليون پي ڍئو ڪر (اهو
رنگ حاصل ڪر.)
37
ڪَلاڙَنِئُون ڪاءِ، مَتِ نه سِکِين مُون هِيان
رُوندي راتِ وِهاءِ، چِڪائِيندي بَٺِيُون.
[320]
سمجهاڻي: اي
دل، ڪاش تون انهن شراب چڪائيندڙن کان ڪو سبق حاصل
ڪرين ها. ساري رات انهن جي بٺين جي نگراني ڪندي
اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي (بٺين جي باهين کي ڦوڪون
ڏيندي) گذري وڃي ٿي.
وائي
وِساريجِ مَ ويڻَ، آهي جوڀَنُ ٻه ٽِري ڏِينهَڙا
لُوٺِيون سَهَنِ لوڪَ جا، وِهاڻِيءَ ٿِيون ويڻَ
اَصُلِ اَسارِينِ جا، سُتي وِئَڙا سيڻَ
جيڏِيُون! جي مان وِسَهو، نِنڊرَ مَ هيرئو نيڻَ
راتِڙِيُون جاڳَنِ جي، سي آءٌ ڪَندَڙِي سيڻَ.
[321]
سمجهاڻي: (اي
دوست!) هي گفتا (ڪم جا آهن) نه وسار. (غفلت ۾ غرق
نه ٿيءُ). جوانيءَ جا ڏينهن تمام ٿورا آهن. جيڪي
بيپرواهه ۽ غافل آهن، سي وقت وڃائڻ کان پوءِ سڀني
جا طعنا تنڪا پيا برداشت ڪن.
اصل کان اهو دستور آهي ته جيڪي غفلت ۾ گم آهن، تن
جا سڄڻ کين ننڊ ۾ ئي ستل ڇڏي ويندا.
اي منهنجون سرتيون، جيڪڏهن توهان کي مون تي اعتبار
اچي ته جيڪر پنهنجي اکين کي ننڊ جي عادت نه وجهو.
آءٌ انهن سان ئي ناتو رکنديس ۽ پنهنجو سڄڻ
سمجهنديس جيڪي سڄيون سڄيون راتيون جاڳي گذارين! |