سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:29 

وائي

مَعلومُ حالُ حَبِيبَ! مُون کي دَردُ قَدِيمِي وو!

مُون کي حُبَ حَبيبِي وو! مُون کي دَردُ جَدِيدِي وو!

آلُودِي آزار کان، تو رِءَ ٿِيَسِ طَبِيبَ

شادِي ڏيئي صِحَتَ جِي، غَمي لاههِ غَرِيبَ

اَگِهي ٿي آهُون ڪَريان، نَعرو مَنجههِ نَصِيبَ

ڪاهِلَ آهِيان ڪُوَڙِي، رَسِي لاههِ رَقِيبَ

حاذِقُ آهين هِنَ جو، اَچِين شالَ عَجِيبَ

دَوا آهِين دِل جِي، پُڇ پُڇ رَهيان طبِيبَ

اَللهَ! عَبدُاللطِيفُ  کي  ڪوڙي  لاءِ  قَرِيبَ. [1234]

سمجهاڻي: اي حبيب! توکي منهنجو حال معلوم هجي ته منهنجو درد ڏاڍو پراڻو آهي. منهنجي محبوب سان اهڙي محبت آهي، جيڪا نئين سر نئين پڻ آهي. (اها پراڻي هجڻ جي باوجود پراڻي نٿي ٿئي ۽ ان ڪري هر وقت نئين آهي) اي منهنجا طبيب (جانب) تنهنجي جدائي ۾، آءٌ مهلڪ مرض ۾ مبتلا آهيان، تون ئي هن غمگين جي غم کي دور ڪري چاقائي ۽ چڱڀلائي ڏي. آءٌ بيماريءَ ۾ تولاءِ دانهون پيئي ڪريان، اهوئي منهنجو نصيب آهي. آءٌ بيشڪ نالائق ۽ نڪمي آهيان، تون پاڻ نگهبان بڻجي منهنجي ڳچيءَ مان ڳرو ڳٽ اچي لاهه. تون ئي منهنجو حاذق حڪيم آهين. شل اي سائين! تون اچي اهو دک درد دور ڪندين. تون ئي منهنجي دل جي درد جي دوا توڙي درمل آهين، مان ٻين طبيبن کان ڪيترائي ڏَس پڇندي رهجي ويس، الله سائين، شل تون عبداللطيف کي سڄڻ جي سيني سان لڳائيندين ۽ هن سان ملائيندين.

[هن وائيءَ جي پس منظر طور مثنوي روميءَ جو هيءُ شعر ڏسو:

شاد باش اي عشق خوش سوداي ما،

اي طبيب جمله علتهاي ما.

(دفتر اول، ب 23)

معنيٰ: شال خوش هجين، اي اسان کي فرحت ڏيندڙ عشق! تون ئي ته اسان جي سڀني (هر قسم جي پراڻين توڙي نين) بيمارين جو علاج آهين.]

داستان پنجون

 

1

ڀَڄِي جان ڀَنڀورَ کان ڏُونگَرُ ڏوريو مُون

ڪاهي رَسِيَسِ ڪيچَ کي جِتي پاڻُ پُنهون

سَڀَتِ آهِين تُون، قَضا ڪَندين ڪَنِ سِين. [1235]

سمجهاڻي:  (سسئي چوي ٿي) آءٌ ڀنڀور کان ڀڄي نڪتيس ۽ ڪيترا سارا جبل جهاڳيم. آخر اچي پنهونءَ جي ديس ڪيچ پهتي آهيان، جتي هو پاڻ آهي. (تڏهن خبر پيئي) سڀ ڪجهه ڪندڙ (هر هنڌ ۽ هر جاءِ) تون پاڻ آهين. (آءٌ عجب ۾ آهيان ته) پوءِ تون ڪهڙو انصاف ڪندين، ڪنهن کي ڏوهه ڏيندين ۽ ڪنهن کي سزا ڏيندين!

2

جِيَڻَ ڪارَڻِ جِيڏِيُون، ڏِنَمِ ڏيرَنِ ڏُکَ

ڀَڳِيَسِ جان ڀنڀورَ کان تان سُورَ مِڙِيئي سُکَ

لَٿِي مُون تان لُکَ، پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهِين. [1236]

سمجهاڻي: اي جيڏيون، ڏيرن مون کي زنده رهڻ لاءِ ڏاڍا ڏک ڏنا، پر جڏهن کان ڀنڀور ڇڏي ٻاهر نڪتي آهيان ته اهي سڀئي سور سُک ٿي پيا آهن. مون تان جڏهن پردو (پاڻ جو) لهي پيو ته مون ڏٺو آءٌ پاڻ پنهون هيس.

3

’پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين‘، وِئو سَسُئِي جو شَرَمُ

هيڪَلِيُون هَلَنِ جي، ڀَڄي تَنِ ڀَرَمُ

جو وِندُرَ مَنجههِ وَرَمُ، سو سؤدو سَرِئُسِ هِتَهِين. [1237]

سمجهاڻي: آءٌ پاڻ جڏهن پنهون ٿي پيس ته پوءِ مون وٽان سسئيءَ وارو شرم هليو ويو، جيڪي اڪيليون هلن ٿيون انهن کي حجاب ڪونه هوندو آهي. سسئيءَ کي وندر ۾ پهچي جيڪو رنگ لڳڻو هو (جيڪي ڪجهه حاصل ٿيڻو هو) اهو فائدو کيس هِتي ئي ملي ويو.

4

’پُنهون ٿِيَسِ پاڻهين‘، وِئو سَسُئِيءَ جو سِينگارُ

”مَن عَرَفَ نَفَسَہُ فَقَد عَرَفَ رَبَہُ“ اِهوئي آچارُ

جو وِندُرَ ۾ واپارُ، سو سؤدو سَرِئُسِ هِتَهِين. [1238]

سمجهاڻي: جڏهن آءٌ پنهون پاڻ ٿي پيس ته سسئيءَ جو سينگار باقي نه رهيو، ’جنهن پاڻ کي سڃاتو تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو‘ ۾ اهوئي اصول ۽ دستور آهي. جنهن وڻج واپار لاءِ هوءَ وندر وڃي رهي هئي، اهو هِتي ئي کيس حاصل ٿي ويو.

[هن مشهور مقولي بابت روميءَ هن طرح چيو آهي:

بهر آن  پيغمبر  اين  را   شرح  ساخت،

هر که خود بشناخت يزدان را شناخت.

(دفتر پنجم، ب- 2114)

معنيٰ: انهيءَ ڪري اسان جي پيغمبر ان جي شرح ۾ چيو آهي ته جنهن پاڻ کي سڃاتو، ان پنهنجي رب کي سڃاتو.]

5

’پُنهون ٿِيَسِ پاڻهين‘، ويئي سَسُئِيءَ جي سُونہَ

”خَلقَ آدَمَ عَليٰ صُورَتہِ“ وَڻَنِ مَنجههِ وِرُونہَ

چَرِي منجهان چُونہَ، کَڻِي هوتَ هَنجههِ ڪِي. [1239]

سمجهاڻي: تڏهن آءٌ پاڻ پنهون ٿي پيس، جڏهن سسئي جي سونهن (نابود) فنا ٿي ويئي. ’الله آدم کي پنهنجي صورت مطابق خلقيو‘ وڻن ۾ پڻ اها وائي آهي. (گويا سسئي پاڻ الاهي صورت آهي). هوت پنهونءَ هن بي عقل کي کڏ کوهه جي ڪنڊ مان ڪڍي کڻي پنهنجي هنج ۾ ڪيو (پنهنجي قرب سان نوازيو).

[هيءَ مشهور حديث آهي، جنهن ڏانهن مثنويءَ ۾ هن ريت اشارو ڪيو ويو آهي:

خلق ما بر صورت  خود کرد حق،

وصف ما از وصف او گيرد سبق.

       (دفتر چهارم، ب- 1194)

معنيٰ: حق تعاليٰ اسان کي پنهنجي صورت تي ٺاهيو آهي. اسان جون وصفون هن جي وصفن مان ئي نڪرن ٿيون.]

6

ويئِي سُونہَ سَسُئِيءَ جِي، پُنهون ٿِيَسِ پاڻَ

سَڀَنِي جي سَيدُ چَئي، آهي اِتِ اُماڻَ

ڀَنڀورَ   جا   ڀاڻَ،   آڏا   عَجِيبَنِ  کي. [1240]

سمجهاڻي: جڏهن سسئيءَ جي سونهن جو خاتمو ٿيو، تڏهن هوءَ پنهون ٿي پيئي. عبداللطيف چوي ٿو ته سڀني جو ماڳ (اصل) اهو ئي آهي (جتي سڀني کي پهچڻو آهي). ڀنڀور (هن جهان) جا خيال ۽ سوچون محبوبن سان ملڻ لاءِ پاڻ رنڊڪ آهن.

[روميءَ جي فڪر مطابق عاشق ۽ معشوق دراصل هڪ ڳالهه آهن، اهي جدا ناهن، بلڪه اهي گڏ هئا ۽ آهن جيئن آئيني ۾ عڪس، تڏهن ته منجهن اهو تعلق پيدا ٿئي ٿو. رومي هن نڪتي کي ڪيترن ئي مثالن ذريعي سمجهائي ٿو.

هڪ هنڌ چوي ٿو:

ويسه و معشوق هم ذات تست،

وين برونيها همـﮣ آفات تست.

(دفتر سوم-229)

معنيٰ: محبوب ۽ معشوق سڀ تنهنجي ذات آهي، ٻاهر جيڪي ڪجهه آهي، اهو سڀ تولاءِ مصيبت آهي.]

7

اِيءُ پاڻُ نه ٿِيي پاڻَ کان، پاڻان ٿِيي نه پاڻُ

”وَالقَدر خَيره وَ شِره مِنَ اللهِ تعاليٰ“ ڄولي ڏِسِجِ ڄاڻُ

ڄاڻِي ڏِسجُ ڄاڻَ کي، ڄاڻِي مَنجهان ڄاڻَ

جئن مَ سُمَهِين سَسُئِي، پَئِجُ پَنڌِ پَرِياڻَ

ٿئين هيڪاندِي هاڻِ، لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چَئي. [1241]

سمجهاڻي: اهو سڀ ڪجهه پنهنجو پاڻ نٿو ٿئي ۽ نڪو اسان کان ائين ٿئي ٿو. ’بيشڪ خير ۽ شر ٻيئي الله تعاليٰ جي طرفان آهن‘ ۾ اها ڄاڻ ڏنل آهي. تون جڏهن اهو ڄاڻندين ته توکي اهو ئي معلوم ٿيندو ته اها ڳالهه ائين آهي، ليڪن اي سسئي، توکي گهرجي ته سمهي (غفلت ۾) نه پوين، بلڪه پرينءَ ڏانهن پنڌ ڪرين. عبداللطيف چوي ٿو ته تڏهن تون پنهنجي محبوب سان وڃي ملندينءَ.

8

وَهَمَ وِرِساياسِ، نَه تَه پُنهون آءٌ پاڻُ هُئي

پاڻُ وِڃايُمِ پانهِنجو پَئي پريان جي پاسِ

رَتِي عِلمُ نه راسِ، پَسڻَ ڌاران پِرينءَ جي. [1242]

سمجهاڻي: مون کي غلط خيال ۽ سوچ ڀُلائي ڇڏيو، نه ته پنهون آءٌ پاڻ ئي هيس. مان جيترو پنهنجي پرينءَ جي نزديڪ ٿيس اوترو منهنجو وجود (نابود) ٿيندو ويو. پرينءَ جي پسڻ (معرفت) کان سواءِ (ظاهري) علم هڪ رتيءَ جيترو (ذري برابر) به پورو پڪو (مڪمل) ناهي.

[مٿئين بيت جي سلسلي ۾ مثنوي روميءَ جا هي ٻه شعر ساڳي مفهوم وارا آهن.

چُون ز خود رستي همـﮣ حق گشته،

رفت ظلمت نور مطلق گشته.

در مقام وهم باشد ما و او،

چون نباشي تو نباشد غير او.

(دفتر دوم، ب 1320-21)

معنيٰ: جڏهن تون پاڻ کان آجو (فنا) ٿي وئين ته پوءِ باقي حق وڃي رهيو. اوندهه هلي ويئي ۽ سڀ روشني ٿي ويئي. وهم واري جاءِ تي ’اسين‘ ۽ ’تون‘ آهي، پر جڏهن تون نه رهندين ته هن (خدا) جو غير به نه رهندو.]

9

ڪافين ڪاهِيندياسِ، موٽان تان ڪُرَ مِيهڻو

ٻانهِي ٻاروچَنِ سِين سَڱ نه ساهِيندِياسِ

”الَفِراقُ اَشَدُ مِنَ المَوتِ“، هِتي نه هُوندِياسِ

آهَ نه لاهِيندِياسِ، جِيرِي جَتُ ڏِسِي مَران. [1243]

سمجهاڻي: آءٌ جبل جهاڳيندي اڳتي وڌندي (وينديس) پوئتي موٽڻ منهنجي خاندان لاءِ طعني برابر آهي. آءٌ ٻاروچن جي گولي آهيان، انهن سان آءٌ مائٽيءَ جي ڪهڙي دعويٰ ڪنديس. چوڻي آهي ته جدائي موت کان وڌيڪ سخت آهي،‘ تنهن ڪري آءٌ بچي ڪونه سگهنديس. ليڪن پرينءَ سان ملڻ جي آس ڪڏهن به نه لاهينديس ۽ پرينءَ جو ديدار ڪري پوءِ مرنديس.

10

جِيَڻُ جَتَ ڌارا، مَعذُورَ جو مَسَ ٿِئي

چانگنِ سِر چَڙهي وِئا ساٿِي سَوارا

اَکِيُون اوتارا، پَسِئو رُونِ پُنهونءَ جا. [1244]

سمجهاڻي: هن مسڪين ۽ ويچاري عورت جو هوت پنهونءَ کان سواءِ زنده رهڻ مشڪل آهي. هو قافلي وارا صبح جو سوير اٺن تي چڙهي هليا ويا. هاڻي پنهونءَ جا ڇڏيل خالي آستان ڏسي، سندس اکيون پيون روئن ۽ ڳوڙها ڳاڙين.

11

هيڪَرَ هُئَڻُ وِڃاءِ، ته ويجهِي ٿِئين وِصالَ کي

’وَاذکُر رَبکَ فِي نَفسِکَ‘، پَهِي اِيءَ پُڄاءِ

لالَڻَ کي لِيلاءِ، ته پَوي ٻاجَهه ٻَروچَ کي. [1245]

سمجهاڻي: تون هڪ ڀيرو پنهنجي وجود کي گم (فنا) ڪري ڏس ته وصال (ميلاپ) جي ويجهو ٿئين. ’تون پنهنجي رب کي پنهنجي اندر ۾ ياد ڪر‘ جي قرآني آيت موجب هن کي اندر ۾ پروڙي ڏس. انهيءَ مالڪ کي ٻاڏاءِ ته جيئن هوت پنهونءَ کي ڪو رحم پوي.

12

هُئَڻُ هَڏهن ڇَڏِ، ته اوڏِي ٿِئين عَجِيبَ کي

”مارَايَتُ شَيئا اِلا وَرايتُ اللهَ فِيہِ“ نيئِي اَجها اوڏاهِين اَڏ

ته هوتُ توکان هَڏِ، پِرِين پَراهُون نه ٿِئي. [1246]

سمجهاڻي: تون پنهنجي وجود کي هر صورت ۽ هر حال ۾ نابود (فنا) ڪر، ته محبوب جو قرب حاصل ڪرين. ’مون اهڙي ڪابه شيءِ نه ڏٺي پر ان ۾ الله هو (مون اهڙي ڪابه شيءِ نه ڏٺي، جنهن ۾ الله نه هو) انهيءَ هنڌ پنهنجو گهر يا ماڳ وڃي ڪر. انهيءَ صورت ۾ تنهنجو محبوب توکان ڪڏهن به پري نه هوندو (تون پاڻ کي هميشه هن جي ويجهو محسوس ڪندينءَ).

13

ڄاڻِي سُڃاڻِي، وِهان ڪِيئن ماٺِ ڪَري

اَندَرِ آڳِ عِشقَ جِي اَپَر اُڌاڻِي

”اَلعِشقُ نارِ اِذَا وَقَعَ فِي القُلوبِ يُحرقُ ما سِوي

المَحبُوبِ“، کُوري اِن کاڻِي

آهي آرِياڻِي، ٻئو سَرتِيُون سُڄي ڪِينڪِين. [1247]

سمجهاڻي: آءٌ ڄاڻي ٻجهي ڪيئن خاموش رهي سگهان ٿي. منهنجي اندر ۾ عشق جي باهه ڀڙڪي رهي آهي. ’عشق آڳ آهي، اها جڏهن لڳي ٿي ته محبوب کان سواءِ ٻيو سڀ ساڙي ڇڏي ٿي‘ آءٌ ان کوري ۾ سڙي چڪي آهيان. اي سرتيون! (هاڻي) فقط اهو محبوب ئي باقي بچيو آهي، ٻئي ڪنهن جو ڪٿي ڪو ڏس پتو ڪونه ٿو ٻُڌجي!

[مثنويءَ ۾ پڻ عشق کي اهڙي باهه سان ڀيٽ ڪئي ويئي آهي، جيڪا سڀ ڪجهه ساڙي ڇڏي ٿي:

عشق آن شعله ست کوچون برفروخت،

هرچه جز  معشوق  باقي  جمله  سوخت.

    (دفتر پنجم، ب- 588)

معنيٰ: عشق اهڙو شعلو آهي، جو جڏهن اهو ڀڙڪي ٿو ته سواءِ محبوب جي ٻي هر شيءِ کي ساڙي يعني فنا ڪري ڇڏي ٿو.]

14

ڀينَرَ آءٌ ڀورِي، مون سَڱُ سُڃاڻِي نه ڪِئو

ڏيندا مون ڏيرَ وِئا جهِڄَڻُ ۽ جهورِي

لَڳِي جَنِ لورِي، ڏُونگرُ سي ڏورِينديُون. [1248]

سمجهاڻي: اي اديون! آءٌ ڪم عقل آهيان جو سوچي سمجهي صحيح سڱ نه ڪيم. (منهنجي ڪم عقلائيءَ جي ڪري) پنهونءَ جا ڀائر مون کي گهڻي ڳڻتي ۽ ڳاراڻي ۾ وجهي پاڻ نڪري هليا ويا. هاڻي جن کي عشق جي لئون لڳي آهي، سي ئي ڏونگر جا ڏکيا پنڌ ڪنديون.

15

اَدِيون آءٌ اَڄاڻ، مون سَڱُ سُڃاڻِي نه ڪِئو

هُوندَ نه سَٺِيم هيتَرِي ڪوهِياري جِي ڪاڻِ

رَتِيءَ جِي رِهاڻِ، جيءُ اَڙايُمِ جَتَ سِين. [1249]

سمجهاڻي: اي سرتيون! آءٌ اڻ ڄاڻ هيس تڏهن ته مون چڱيءَ طرح سڃاڻي سڱ ۽ مائٽي ڪانه ڪئي، جيڪڏهن ائين ڪريان ها ته جيڪر ڪوهياري ڪانڌ لاءِ ايتري مصيبت ۾ نه پوان ها. (پر آءٌ ڇا ڪريان جو) ٿوري دير جي پاڻ ۾ ورونهه منهنجي دل کي پنهونءَ جي قرب ۾ قابو ڪري ڇڏيو.

 

وائي-1

اَهُکِيءَ آڳَہُ آهي، وو آهي

مُون کي تان نه ڇَڏِيندو ڇَپَرين

اَهُکِيءَ آڌرُ آهي، وو آهي

مُون کي تان نه ڇَڏِيندو ڇَپَرين

پُڇي پيو پِينِ کي، لَڪَنِ ۾ لَڏَ لاهي

آرِي  اُگهاڙَنِ  کي  پُنهَلُ  ڄامُ  پَراهي. [1250]

سمجهاڻي: اهوئي (آري ڄام) ڏکي مهل ساٿي ۽ مددگار آهي، بيشڪ ڏکئي وقت ۾ هُو ئي ڀرجهلو آهي. جيڪو مون کي هنن جبلن ۾ بي آسري نه ڇڏيندو. هو جيڪي بيحال ٿي هيٺ پٽ تي ڪري پيون آهن، انهن لاءِ پڻ جبلن ۾ پاڻ اچي سار سنڀال ڪندو. اهو آري ڄام ئي آهي، جيڪو اگهاڙن کي پاڻ اچي ڍڪائيندو (انهن جي خبر لهندو).

وائي-2

ڪِهَڙو سَڱُ سِيَاڪو، هارِي مُون هوتَنِ سِين

آءٌ هيڪَلي هَبَ ۾، نه مُون مِٽُ نه ڪاڪو

مُنڌَ پِيادِي، پَنڌُ گهَڻو، نه مُون اُٺُ نه ناقو

هُوءِ جا پِڪَ پُنهونءَ جي چَٽيان تِنہِ چُئاڪو

پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، فَقِيرِ پوءِ مَ فاقو

چَڙهي نه سَگهان چوٽِيين، ڏُونگَرِ ڪونهي ڏاڪو

پِرِين پُڇندِيَسِ پَٻَ ۾، وَڻِ وَڻِ وِجهَندِيَسِ واڪو

وِچُ مَ پوءِ وِصالَ ۾، لِکَ مَ پوءِ لِيَاڪو

آريءَ جو آتَڻَ ۾ پُڇَندِيَسِ پاڻُ پَهاڪو

اُنَ سِين عَبدُاللطِيفُ چَئي، اَصُلِ مُون عِلاقو. [1251]

سمجهاڻي:  (سسئي چوي ٿي) مون ڪمزور عورت جي هوت بلوچن سان ڪهڙي مٽي مائٽي يا ويجهڙائپ (جو هو منهنجو خيال رکن). آءٌ هب جي برپٽ ۾ اڪيلي پيئي ڦران، جتي منهنجو ڪو مِٽ مائٽ ۽ عزيز نه آهي. آءٌ پيرين پيادي اڪيلي عورت آهيان ۽ اڳيان گهڻو پنڌ آهي، مون وٽ ڪو اٺ يا ڏاچي ڪونهي (جنهن تي سوار ٿي آءٌ وڃان). (منهنجي دل گهري ٿي ته) آءٌ پنهل جي بچيل پاڻي يا اوبر مان چُڪو پي ڇڏيان. (منهنجي دلي تمنا آهي ته) هن فقيرياڻي جي پرينءَ جي پسڻ کان سواءِ موڪلاڻي نه ٿئي. آءٌ جبلن جي چوٽين تي چڙهي نٿي سگهان، جو چڙهڻ لاءِ ڪو ڏاڪو وغيره ڪونهي. آءٌ پٻ جبل ۾ پرين لاءِ ضرور پڇائون ڪنديس، ايتري قدر جو وڻ وڻ کي اها دانهن ڏيندس. شال محبوب سان ملاقات ۽ ديدار ۾ ذري جيتري دير نه ٿئي. آءٌ آري ڄام لاءِ اڱڻ تي ويهي پاڻ سندس ڏس پتو وٺنديس. عبداللطيف چوي ٿو ته هن سان ئي منهنجو اصل کان واسطو ۽ ناتو آهي.

 

داستان ڇهون

 

1

ڏِنائُون ڏُکيءَ کي جَڏائِيءَ جو جامُ

مَنگلُ مُنهنجي مَنَ ۾، ٻارِئو هوتَ حَمامُ

اَرَڳِ ٿِئو آرامُ، ڪاڪُلُ پَسِي ڪانڌَ جو. [1252]

سمجهاڻي: هن ڏکويل کي اگهائي (تڪليف ۽ ڏکن) جو سامان پاڻ ڏنو اٿن. منهنجي محبوب ئي منهنجي اندر ۾ مچ ٻاري ڇڏيو آهي، جيڪو حمام جي باهه وانگر وسامي ئي نٿو. منهنجو سڀ سُڪون ۽ آرام تڏهن کان ختم ٿي ويو آهي جڏهن کان مون هوت پنهونءَ جا وڏا وار ڏٺا آهن (انهن ئي مون کي قيد ڪيو آهي).

2

دَردُ نه لَهي دارُوئين، زُلفَ زورُ ڏِنومِ

ڪاڪُلُ ڪالَهه ڏِٺومِ، رُخسارَ تي رُوپَ سِين. [1253]

سمجهاڻي: منهنجو اهو درد يا سور ڪنهن دوا سان لهي ئي نٿو، جنهن جو سبب محبوب جي زلفن جو زور ۽ زبردستي آهي. (ان جي شروعات تڏهن کان ٿي جڏهن) ڪالهه مون محبوب جي ڳلن تي اهو سهڻو زلف سونهن واري وڏي رنگ سان (لٽڪيل) ڏٺو.

[صوفيانه شاعريءَ ۾ زلف کي خاص معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. مثنوي روميءَ ۾ هي شعر ڏسڻ وٽان آهي.

اينچنين مشکين که زلف مير ماست،

چونکه بي  عقليم  آن  زنجير ماست.

         (دفتر سوم بيت 3784)

معنيٰ: اهي خوشبوءَ سان مهڪيل وار جيڪي اسان جي محبوب جا آهن، اهي اسان جهڙن بي عقلن لاءِ زنجير آهن.]

3

دَردُ نه لَهي دارُوئين، زُلفَ ڪِيَسِ ضافُ

سَندو ڪاڪُلَ ڪافُ، ماري مَعذُورِينِ کي. [1254]

سمجهاڻي: منهنجو  سور  هاڻي  ڪنهن دوا درمل سان ڪونه ٿو  وڃي، (ڇو ته) مون کي سڄڻن جي زلف ئي هيڻو (ضعيف) ڪيو آهي. محبوب جي وارن جو ڪاف (گهنڊي) بيوس عورتن جي مارڻ لاءِ ڪافي آهي.

4

ڀَنڀو جو ڀَنڀورَ ۾، ڪاڪُلُ ڏِٺُم ڪالَهه

هَئي تَنِي جي حالَ، زُلفَ جي ضَافَ ڪِئا. [1255]

سمجهاڻي: ڪالهه (جڏهن کان) ڀنڀور ۾ پرين جي ڪارن سونهري رنگ جي وارن تي پهرين نظر پيم، تڏهن کان آءٌ (هن جي عشق ۾) بيحال آهيان. انهن جي حالت واقعي رحم جوڳي آهي جيڪي زلفن جا ماريل ۽ ڦٽيل آهن.

5

هاڻِ نه جِيَان جيڏِيُون، زُلفَ ضافَ ڪِيَاسِ

ڪاڪُلَ آءٌ ڪُٺِياسِ، ڀَنڀو جو ڀَنڀورَ ۾. [1256]

سمجهاڻي: اي سرتيون، هاڻي آءٌ ڪٿي ٿي جيئري رهي سگهان، ڇو ته مون کي دلبر دوست جي زلفن ضعيف (ماري پورو) ڪري ڇڏيو آهي. مون کي پياري پرينءَ جي انهن زلفن اصل ڪُهي ڇڏيو آهي، جيڪي مون صاف سهڻي صورت ۾ ڀنڀور ۾ ڏٺا.

6

ڪاڪُلَ ڪُٺي جا، ڪَفَنُ تِنہِ ڪِينَ ٿِئي

مَنجههِ شَهادَت سا، لُڏي ۽ لاڏَ ڪَري. [1257]

سمجهاڻي: جيڪا محبوب جي زلفن جي ڪٺل آهي، ان جو ڪفن ڪونه ٿيندو. ڇو ته هوءَ شهادت واري درجي تي پهچي چڪي آهي ۽ سندس اهي ناز سونهن ٿا.

[روميءَ مثنويءَ ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته جيڪو عشق ۾ مري ٿو، سو شهيد آهي. هو ان حديث جو حوالو ڏئي ٿو ته شهيد جو خون پاڪ آهي ۽ هن جي لاش کي پاڻيءَ سان نه ڌوئجي.

گر بود پر خون شهيد، اورا مشو

(دفتر دوم، ب- 1766)

معنيٰ: جيڪڏهن شهيد رت ۾ ڀريل آهي ته هن کي نه وهنجاريو.

اڳتي چوي ٿو ته:

خون شهيدان را ز  آب  اوليترست،

اين خطا از صد صواب اوليترست.

(دفتر دوم، ب- 1767)

معنيٰ: شهيد جو رت پاڻيءَ کان وڌيڪ پاڪ آهي، هن جي اها خطا سوين ثوابن کان وڌيڪ آهي.]

7

ڏکا ڏُونگَرَ ڄامَ، مَ ڪَرِ مَعذُورِينِ تي

توتي لَڄَ لَطِيفُ چَئي آهِي سَندِي عامَ

آهي اَسُونهِينِ جِي مَٿي تو مَلام

پَرچِي پُڄُ پيادِيين اَلله لَڳِ علامَ

جا نَوازِي تو نامَ، سا هوتَ مَ ڇَڏجِ هيڪَلِي. [1258]

سمجهاڻي: اي وڏا جبل، تون هن لاچار ۽ بيوس عورت کي ڪهڙي هيبت ۽ مصيبت سان ڊيڄارڻ ٿو چاهين، توتي پاڻ هن عام خلق جي ذميداري آهي. (ته تون هنن کي نه ڏکاءِ) انهيءَ ڪري واٽ کان ڀليل هن نماڻي عورت جي توتي اها ميار آهي. اي وڏا ناميارا، توکي کپي ته الله جي واسطي پاڻ پهچي هنن پنڌ جي ماريلن جي مدد ڪرين، اي منهنجا هوت پنهل! جيڪا تنهنجي نالي سان مشهور ٿي ويئي آهي (ته سسئي پنهل خاطر وڃي پهاڙن ۾ پيئي ۽ جبل جهاڳيائين)، تنهن کي اڪيلو نه ڇڏجانءِ.

8

پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا ڏُونگَرَ مَٿي ڏي

ڦٽيا ڦَڻَ فَقِيرِ جا سِيرُون ٿِئَڙا سي

جِهَڙي تِهَڙي حالَ سِين پُري پُنهونءَ ڏي

وَڃي مان وَري، ٻانهِيءَ ٻَنڌَڻُ جِنہِ سِين. [1259]

سمجهاڻي: سسئيءَ جا پٽ ريشم کان وڌيڪ نرم پير پهاڙ ۾ پنڌ جي ڪري ڦٽجي پيا ۽ پيرن جون تريون چيرجي ڦاڪون ٿي پيون، ليڪن اهڙي ڏکي حال ۾ به هوءَ پنهون ڏانهن هلندي پئي ويئي. (چوندي پئي ويئي) شال هو سڄڻ واپس وري مون ڏانهن موٽي اچي، جنهن سان منهنجو سنٻنڌ آهي.

9

اُٺوئين اوٺاڪُ، ڪالهوڪو ڪاڏي وِئو

وِئو جاڳائي جيڏِيُون بِرههُ هِي بيباڪُ

چُرِ ڦُرِ ڪاري چاڪُ، سورُ سُمهاري ڪِينَڪِين. [1260]

سمجهاڻي: اٺن وارو اوٺار (هوت پنهون) ڪالهه کان الائجي ڪيڏانهن هليو ويو. هو منهنجي من ۾ بي خوف ۽ بي پناهه محبت جاڳائي هليو ويو. هن جي جدائيءَ جو سور وڏي ڦٽ وانگر پيو چڻڪي (ڇٽي ئي ڪونه ٿو).

10

سُمَهڻئا ساڙو، جيڏِيون جيڏوئي ٿِئو

مُون سان ننِڊَر نبِيرِئو، پِرِينِ جو پاڙو

هوتُ لنگهِئو هاڙَهو، تُون اَڻاسِي اوجهِرِين! [1261]

سمجهاڻي: اي سرتيون! هي ايڏو وڏو سور صرف سمهڻ (غفلت) جي ڪري پيش آيو آهي. اها ننڊ (نڀاڳي) ئي آهي جنهن منهنجو پرين سان لاڳاپو ٽوڙي ڇڏيو. (انهيءَ جي ڪري) هوڏانهن هوت پنهونءَ جو قافلو هاڙهو لنگهي گهڻو اڳتي هليو ويو، هيڏانهن بي شرميءَ وچان مون ننڊ ۾ پئي جهوٽا کاڌا.

11

هَي هَي جي نه هُئِي، ته ڄَرَ ڄَراٽِيو جِندَڙو

پَئي ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾ ڪَري رُڪُ رَئِي

سَندِي دَردَ دَئِي، هَي هَي هيٺاهِين ڪَئي. [1262]

سمجهاڻي: اها هاءِ هاءِ واري وائي نه هجي ها ته جيڪر مون کي ڏک ۽ غم جي باهه ساڙي ختم ڪري ڇڏي ها. جسم ۽ جان تي ڄڻ ڪاپار ۾ ڪرٽ وهي ها ۽ ان جو رُڪ جسم کي ذرا ذرا ڪري ڇڏي ها. ليڪن وري به اها سورن جي هلڪي پر تيز باهه هئي، جنهن ان هاءِ هاءِ ۾ گهٽتائي ٿي ڪئي.

وائي-1

مُون مُئيءَ ڏي اَڄُ اِيندا،

هوتَ سَلامَتَ سُپِرين

پَلَئه لائي پانهنجي، نِيءَ کي اُتِ نِيندا

سَڱُ نه ڪندا سُکَ سِين، سُورَ سَڱِيڻا ٿيندا

رَکِي ڳَلَ ڳَلَنِ تي، نِيہَ نِياپو ڏِيندا

پَرِيٽِ نِيندا پاڻَ سِين، ڇورِي تان نه ڇڏِيندا. [1263]

سمجهاڻي: مون کي اميد آهي ته منهنجا هوت ٻاروچي وارا مون ڏانهن اڄ ضرور ايندا. شل اهي سلامت هجن. هن ٻانهيءَ کي پنهنجو پاڻ سان گڏ وٺي ويندا. سکن کي ڇڏي، سورن ۾ حال ڀائي ٿيندا. ڀاڪر ۾ ڀري (ڳل ڳلن) تي رکي، پريت جا پيغام ڏيندا. هن کٽياڻيءَ کي پاڻ سان وٺي ويندا ۽ ان کي بي وارث (ڇورو ڇنو) ڪري ڇڏي نه ڏيندا.

وائي-2

داستان ستون

 

1

ڏورِ مَ ڏيہِ ٻِئو، پيرُ پَنهنجي پِرِينءَ جو

ويهَڻُ واٽِڙينِ تي، ڪيچِين رِيءَ ڪِهو

وِندُرِ جو وِئو، سو اَللهَ واري آڻِيين. [1265]

سمجهاڻي:  (اي سسئي) تون ٻئي ديس يا ملڪ ۾ پنهنجي پرينءَ جو نشان پتو نه ڳول (اهو اتي تو وٽ آهي)، ڪيچين لاءِ واٽ تي ويهي انتظار ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟ اي سٻاجها سائين! جيڪو وندر واري ديس هليو ويو آهي، ان کي تون ئي واپس آڻيندين.

2

وِندُرِ جي وَڃنِ، سي مَرُ ٻَڌَنِ سَندَرا

ٻِيُون ڪوهُ ٻَڌَنِ، ڇوڙي جي ڇَڏِينديُون. [1266]

سمجهاڻي: جيڪي وندر واري واٽ سان وڃڻ گهرن ٿيون، (جن جو ارادو پڪو آهي) اهي ڀلي چڱيءَ طرح پنهنجي چيلهه کي ڪپڙي سان ڇڪي ٻڌن. باقي ٻيون اجايو ڇو ٿيون ٻڌن (اها تڪليف ڪن) جيڪي وري ڇوڙي يا کولي ڇڏينديون.

3

ڏيہُ ڏيهان ئِي ڏورِ، پَرَڏيهان پَري ٿِئا

سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي پَئي پَراهِين پُور

ٿو وَڃين هوتَ حَضُورِ، مُنهنجو جِيڻُ جيلاهِين ٿئي![1267]

سمجهاڻي: پنهونءَ جو ملڪ منهنجي ملڪ کان پري آهي، پر پنهون وري پاڻ ان ملڪ کان به پري آهي (هن جو مڪان لامڪان آهي). سو سسئي ويچاري سپرين خاطر تمام پري وڃڻ لاءِ به تيار ٿي ويئي. اي هوت! تون بيشڪ وڏي حضور (منزل) پيو وڃين، پر آءٌ ته تولاءِ پيئي جيئان (آءٌ تو کان سواءِ ڪيئن زنده رهي سگهنديس.)

4

هيڪاندِيءَ هوئِي، اُٿي راتِ رَوان ٿِئا

جيڏِيُون جي مان وَسِ هُئا ته رَهايَمِ روئِي

ساهُ سَڳي ۾ سُورَ جي، پُنهون وِئو پوئِي

رَههُ قَضا دَمُ ڪوئِي، ته هيڪَرَ هيڪاندِي ٿِيان. [1268]

سمجهاڻي: مان پنهنجي دوست سان گڏ هيس، جو هو اٿي رات جو نڪري هليو ويو. اي سرتيون، جيڪڏهن منهنجي وس ۾ هجي ها ته ڪيئن به ڪري روئي کيس رهائي وجهان ها. ليڪن هوت پنهون منهنجو ساهه سورن جي سڳي ۾ پوئي مون کي ڇڏي ويو. هاڻي قدرت جي قضا وري ڪو موقعو ڏئي، جو هڪ دفعو محبوب سان ملان.

5

هَڏِ نه ساهُ سُڌِيرُ، دِلِ دَرَماندِي دوستَ ري

پائي وِئو پِرتِ جو، زوراوَرُ زَنجِيرُ

جِيءُ جُسو جاگيرُ، هاڻي مِلڪَ هوتَ جي. [1269]

سمجهاڻي: مون کي ٿوري دير لاءِ به هوش نه آهي ۽ هر وقت منهنجي دل هن دلبر لاءِ ڏاڍي بيقرار آهي. هو مون کي محبت جي مضبوط زنجير ۾ ٻڌي قابو ڪري ويو آهي. هاڻي منهنجو جسم توڻي روح هن جي ملڪيت آهن، انهن تي هن جو ئي حق آهي.

6

عُمرِ سَڀ اُڪَنڊَ سِين پُنهون جي پُڇَنِ

رِيسَ ريزالِيُون تَنِ سِين ڪُڄاڙي کي ڪَنِ

مارَڳِ جي مَرَنِ، وَڏا طالِعَ تَنِ جا. [1270]

سمجهاڻي: جيڪي ساري حياتي سچيءَ دل سان هوت پنهونءَ کي ياد ڪن ٿيون، تن سان بي همت ۽ سَڌڙيون ڪيئن ٿيون برابري ڪن؟ اهي جيڪي واٽ ويندي پنڌ ۾ مرن ٿيون، اهي واقعي وڏي نصيب ۽ ڀاڳ واريون آهن.

7

وَڏو طالِعُ تو، جِئن لَڳِينءَ پيرَ پُنهونءَ جي

سَسُئي! اِنَ سُتُونَ کي رويو رويو رو

ويٺِي هِتِ مَ هو، هَلِين ته هوتُ لَهِين. [1271]

سمجهاڻي: اي سسئي، تنهنجو وڏو بخت آهي جو پنهونءَ جي پٺيان وڃي رهين آهين. اي سسئي، تون انهيءَ مضبوط سهاري (ٿنڀ) کي پڪڙي روئي روئي وري روءِ. هتي ويهڻ سان ڪجهه نه ٿيندءِ، جيڪڏهن تون هلندينءَ ته تون ضرور پرينءَ وٽ پهچندين.

8

ويٺِينِ وَراڪو ناه ڪو، سُتِينِ ڪونهي سَڱُ

هوتُ هَلَندِين کَٽِئو، اَنگهُنِ چاڙهي اَڱُ

باسي ڀَئِي ڀَڱُ، رِڙهِي راهَ رَسِيُون. [1272]

سمجهاڻي: جيڪي چُپ ڪري ويٺيون آهن، انهن لاءِ پنهونءَ کي ڪا چاهت ڪونهي ۽ جيڪي سمهي پيون آهن، انهن سان سندس ڪا قرابت قائم ٿي نٿي سگهي. هوت پنهونءَ کي هلڻ واريون حاصل ڪن ٿيون، جيڪي پنهنجي جسم کي سوريءَ تي چاڙهن ٿيون (سخت ڪشالا ڪن ٿيون) انهن کي واٽ تي ڪهڙا به خوف خطرا اچن، پر اهي سڀ نذرانو سمجهي، اڳتي وڌندي وڃي محبوب سان ملن ٿيون.

9

ويٺِي وَرِ نه پُونِ، سُتي مِلَنِ نَه سُپِرين

ساجَنُ تَنِي کي مِلي جي مَٿي رَندَنِ رُونِ

سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين. [1273]

سمجهاڻي: گهر ويهي رهڻ سان پرين ڪونه ٿو ملي، نڪي سمهي ننڊ ڪرڻ سان دوست جو ديدار نصيب ٿئي ٿو. سهڻو ساجن انهن کي ملي ٿو، جيڪي ڪشالا ڪن ٿيون ۽ تڪليفون سهن ٿيون. اهي رئندي پيون گذارين جن جا پرين مسافر (وڇڙيل)آهن (انهن سان گڏ نه آهن).

10

ڪَڙهي ۽ ڪَڙي، پَرِ ۾ پيرُ پُنهونءَ جو

سِڪَ ٻَڌائِين سَندَرو جانِبَ لاءِ جَڙي

لَڪَنِ سِرِ لَطِيفُ چَئي، مُنڌَ جهيڙي ۽ جَهڙي

پَڻِيءَ تان نه پَڙي، جي عُمرِ سڀِ اِئَين ڪَري. [1274]

سمجهاڻي: سسئي جبل جي گرميءَ ۾ پيئي سڙي ۽ پچي، پر وري پنهنجي ليکي پنهونءَ جو پيرو به کڻندي وڃي (انهن جي چوڌاري ليڪا به پيئي ڪڍي). هن پنهنجي سپرينءَ خاطر سڪ جو سندرو سوگهو ڪري ٻڌو. عبداللطيف چوي ٿو ته، هوءَ جبلن تي ائين پيئي چڙهي ۽ لهي ڄڻ ڪنهن سان جنگ ۽ جهيڙو پيئي ڪري. ڀلي هوءَ اهو سڀ ڪجهه (ڪشالا ۽ تڪليفون) ساري عمر ائين ڪندي رهي پر تڏهن به پاڻ محبوب جي پيرن جي خاڪ جي برابر به ناهي.

11

ڪِ ڪي ڪَڙيان پيرَ، ڪِ ڪَڙهان ڪيچَ ڌَڻينِ کي

اِيءُ ڏَنءُ ڏيئِي ڏيرَ، پاڻان پَراهان وِئا. [1275]

سمجهاڻي:  (سسئي پاڻ کي ٿي چوي). آءٌ ڇا ڪريان، پرينءَ جا پيرا کڻان ۽ ان جي نشانن کي قابو ڪريان يا ڪيچ ڌڻي پنهونءَ لاءِ ويهي جلان سڙان ۽ روئان رڙان. منهنجا ڏير اها ايڏي وڏي باهه لڳائي پاڻ گهڻو پري نڪري ويا.

12

ڪَڙُهه پُڻِ ڪيچَ ڌَڻِينِ کي، ڪَڙِ پُڻِ پيرَ سَندانِ

اِنهِين پَرِ اُتانِ، پُندِينءَ مُنڌَ پَهاڙَ ۾. [1276]

سمجهاڻي: اي سسئي، تون (ٻيئي ڪم ڪر)،  ڪيچ  ڌڻين  واسطي  پيئي  ڪڙهه  ته وري ساڳئي وقت سندن پيرو به کڻندي وڃ. جڏهن تون ائين ڪندينءَ ته پوءِ تون پهاڙ ۾ هلندي ئي وڃي سندن قافلي مٿان پوندينءَ (انهن سان ملندينءَ).

13

مَنجهان پَنئَه پَرُوڙِ، سَڀَ مَ پُڇِجُ سَسُئي

ويهي وَڏي ڍِڳَ مان ڌُئي وِجهِجُ ڌوڙِ

ته تُون ماڻِيين مُوڙِ، جي پَندَ اِهائِي پارِيين. [1277]

سمجهاڻي: اي سسئي، تون پنهنجي بڻ بڻياد کي ويهي ڳول ۽ ڏس، سڀني کان پڇائون ڇو ٿي ڪرين. (تون ائين سمجهه ته) وڏي مٽيءَ جي ڍڳ کي پيئي ڇاڻين. ائين ڪرڻ سان آخر توکي اها موڙي يا مراد حاصل ٿيندي، بشرطيڪه تون ان هدايت تي عمل ڪرين.

14

ٻارِيائِي ته ٻارِ، ڦُوڪِ ته لَڳي اَنبَرِين

هِتي جي هُئَڻِ جِيون، وَٿُون سَڀِ وِسارِ

سَمُورِي سَرڪارِ، نيئِي رَکِجُ ناهِ ۾. [1278]

سمجهاڻي:  (اي سسئي) تو جا باهه ٻاري آهي ته اها هاڻي ٺاهي ٺوڪي ٻار. اهڙي (برهه جي باهه جي) ڦوڪ ڏينس جو آسمانن تائين وڃي پهچي، پر پوءِ هتي هن دنيا جي سڀني شين کان هٿ کڻي ڇڏ. مطلب ته تنهنجي حوالي ۽ وس ۾ جيڪا شيءِ آهي، ان کي فنا ۽ نيستيءَ جي حوالي ڪر.

15

قَدُ ٻَڌِي تُون ڪِينَ، پَهُچَندِينءَ پُنهونءَ سين

جِئَنِ سِينو ساهِيين سَسُئي، ٿِيين تَهوارُون تِين نَه

مُٺِي ٿيءُ مِسڪِين، حُجَتَ هوتُ وِڃائِيو. [1279]

سمجهاڻي: تون پاڻ کي هن سان برابر سمجهي ۽ هوڏ ڪري، هوت پنهونءَ وٽ ڪانه پهچندينءَ. تون جو محبوب سان مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش پيئي ڪرين، ائين تون پاڻ ذرا ذرا ٿي ويندينءَ. اي بي سمجهه! (مت جي ماريل) تون پاڻ کي ڪجهه نه سمجهه، (وجود جي نفي ڪر) دعويٰ ڪرڻ سان پاڻ دوست وڃائي ويهندينءَ.

16

ڪَڍِ پُنهونءَ ڪاهي، چاٽِيءَ مَنُ چَريو ڪِئو

اُٿيي ويٺي اوڏَهِين سُتي پُڻِ ساهي

”اَلِعشقُ حِجَابُ بينَ العَاشِقِ وَالمَعشُوقِ“، لاشَڪُ ٿِي لاهي

هِڪُ آرِياڻِي آهي، ٻِئو سَرتِيُون سُڄي ڪِينَڪِين. [1280]

سمجهاڻي: سسئي پنهونءَ جي پويان هلندي پيئي وڃي، عشق جي ٿوري چسڪي ئي سندس دل کي چريو ڪري ڇڏيو هو. هوءَ اٿي ويٺي توڻي سمهڻ ويل هر وقت اوڏانهن وڃڻ جي خيال ۾ گم هئي. ’عشق خود عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ پردو آهي، هوءَ ان پردي کي بنا شڪ شبهي جي هٽائڻ پيئي گهري. (واقعي) هر طرف اهو هڪ آرياڻي محبوب ئي آهي ۽ هن کان سواءِ (جهان ۾) ٻيو ڪجهه ٻُڌجي (ڏسجي) ئي ڪونه ٿو.

[مثنويءَ ۾ رومي هڪ هنڌ چيو آهي:

درد و عالم غير يزدان نيست کس

               (دفتر ششم، ب- 1024)

معنيٰ: ٻنهي جهانن ۾ خدا کان سواءِ ٻيو ڪو آهي ئي ڪونه!]

17

لُڇي، ڪِينَ ڪُڇي، آٽي مُنڌَ اندرَ ۾

پَرِ ۾ پيرُ پُڇي، لوڪَ نه لَکِي سَسُئِي. [1281]

سمجهاڻي: سسئي اندر ۾ پيئي لڇي ۽ ڦٿڪي، پر واتان ڪين پيئي ڪڇي (ڪجهه به نه پيئي چوي) هوءَ اندر ئي اندر ۾ پيئي ڳري ۽ تڙڦي. هوءَ ڳجهه ڳوهه ۾ پنهونءَ جي پيرن جي نشانن بابت پيئي پڇائون ڪري ته جيئن ٻاهر ٻين عام ماڻهن کي ڪا خبر نه پوي.

18

جي سُورَنِ سِجهائي، توءِ چيلَهه ٻَڌيو چوٽِيين چَڙهي

لَڌائِين لَطِيفُ چَئي لالَڻَ لالائي

سِڪَ پُنهونءَ جي سَسُئِي ميڙي مِلائي

ٻانڀَڻِ ٻاڏائِي، هَبان وارِئو هوتَ کي. [1282]

سمجهاڻي: جيتوڻيڪ سورن ۽ تڪليفن سسئيءَ کي بلڪل هيڻو ڪري ڇڏيو هو، پر تڏهن به هوءَ چيلهه سان سندرو ٻڌي جبل جي چوٽين تي پئي چڙهي. عبداللطيف چوي ٿو ته انهيءَ حال ۾  کيس محبوب جي حسن جو جلوو نظر آيو. اها سندس اندر ۾ پنهونءَ جي سڪ ئي هئي، جنهن کيس پنهونءَ سان ملايو. اهي سسئي (ٻانڀڻ) جون دعائون هيون، جن سندس محبوب کي هب کان واپس ورائي ساڻس ملايو.

19

رائي ڪِي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ توءِ ٽاڪِئو چَڙهي

لانچِئو لَڪَ لَطِيفُ چَئي، هَلي هوتَ حُضُورِ

رَهيا سَڀَ رُڃنِ ۾ سَسُئِي جا سالُور

ساجَنُ ميڙُئُسِ سُورَ، سُکَ نه ميڙُئسِ سُپِرِين. [1283]

سمجهاڻي: جيتوڻيڪ جبل جي سنهڙين پٿرين ۽ ريتيءَ واري گرم هوا سسئيءَ کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو، پر تڏهن به هوءَ ڏکين ٽڪرين جي مٿان چڙهي ٿي ويئي. هوءَ جبلن جا ڏکيا لڪ لنگهندي هوت پنهونءَ وٽ حاضري لاءِ اڳڀري ٿيندي رهي. سسئيءَ جا سڀ هار سينگار ۽ ويس وڳا رڃ ۽ بيابان جي نذر ٿي ويا. آخر سورن ئي کيس محبوب سان ملايو ۽ سک سندس ڪم نه آيا (هوءَ سکن جي ڪري نه بلڪه ڏکن جي ڪري محبوب سان همڪنار ٿي).

20

ٻِلُرُ لَڳُسِ ٻاڻُ، پَسو جوءِ جَرا ٿِئي!

سا مُنڌَ مَري نَه جِئي، پيئِي پَڇاڙي پاڻُ

سَسُئِي سُورَنِ ساڻُ، سَنڀُوڙِي سَيدُ چَئي. [1284]

سمجهاڻي: سسئيءَ کي ٻن منهن وارو (عشق جو) تير اچي لڳو، جنهن ڪري هوءَ ويچاري ذرا ذرا ٿي ويئي. هن جي اهڙي حالت اچي ٿي جو هوءَ نڪي مري پئي سگهي ۽ نه وري جيئري پئي رهي، رڳو ڦٿڪي ۽ تڙپي زمين تي پئي ڪري. (گويا) سسئي شروع کان ئي سورن واسطي سينگارجي تيار ٿي هلي.

وائي-1

ڪَرَها مَ ڪاهيو، ميان ڪيچي!

آءٌ آرِياڻِيءَ عَرضُ چَوَندِي

ڪَري هوتَ هَلَڻَ جِي، لُوٺِيءَ کي مَ لَڄايو

وَسِيلو وِلِهِيءَ جو، آڳانڍو اَئين آهيو

پاسي ۾ پَرِيٽَ جي جهيڪي اُٺَ جهُڪايو

ولِهيءَ جي وِيهانءَ ۾ واڄَٽَ سَڀِ وَڄايو

اُگهاڙِي آتَڻَ ۾ پَنهنجِي هوتَ پَراهيو

سائينءَ ڪارَڻِ سُپِرين، صُورَتَ کي مَ سِڪايو

ساڪِن ٿِي شَهَرَ جا مَعذُورَ کي مَرڪايو

پُنهون ڄامَ! پَرِيٽَ سِين ويهي سُورَ وِرهايو

لاهي بارُ ڀَنڀور ۾ ويندو گهوٽُ وَناهيو

پُنهونءَ ڄاڃيئڙَن کي، رَڌي کيڻَ کارايو

پرڻائي پُنهونءَ کي، نکيٽي نِکَڙايو

ٻيلِي   ٿِي   ٻانڀَڻَ   سِين،   ڏِکِين   ڏيجُ   ڏِکايو. [1285]

سمجهاڻي: اي ڪيچي! اوهين اٺ ڪاهي نه وڃو. منهنجو عرض ٻڌو! توهان هلڻ جي تياري ڪري هن سڙيءَ کي نه لڄايو (ڪجهه ڀرم رکو). آخر اوهان ئي ته هن سڃيءَ جو وسيلو ۽ ڀرجهلو آهيو. بلڪه توهين پنهنجا اٺ هن ڌوٻياڻيءَ جي ڀر ۾ جهڪائي آڻي ويهاريو. هن سڃيءَ جي وهانءَ تي اوهين سڀ ساز سرود وڄايو. هِن اگهاڙيءَ کي هن اڱڻ تي اچي پاڻ پوشاڪ پهرايو. اي منهنجا سپرين! خدا جي واسطي پنهنجي ديدار کان نه سِڪايو. بلڪه هن شهر جا رهواسي ٿي، هن نماڻيءَ کي نوازيو. اي پنهون ڄام، هن ڌوٻياڻيءَ سان اچي سورن ۾ شريڪ ٿيءُ. ڀنڀور شهر ۾ منزل ڪري پاڻ سان ويندڙ گهوٽ جي شادي ڪرايو. پنهونءَ جي سڀني ڄاڃين کي طعام رڌي کارايو. پنهونءَ کي پرڻائي گهوٽ ڪنوار جي نکيٽي واري رسم پوري ڪرايو. هن ٻانڀڻ عورت جا ساٿي ۽ ٻيلي بڻجي وهانءَ ۽ ڪاڄ جو ڏيک سڀني کي ڏيکاريو.

وائي-2

پِرِينِ جي پَنڌا، مون کي جي جهَلِيندِيُون

سي نه پُڄَندِيُون

ڀَلِي ڪَري آئِيو، ٺاٺارو ڏيها

ڀَڳِي ڪُٽِ سَڄي ٿي، لَٿِي جاکِ گهَرا

سَرتِينِ سُورَ پِرائِيا، هاڻي هِنَ هَنڌا

تان ڪِين واسُ وِهائِيان، ٻاروچي مُلا

تان ڪِين ڏُونگرُ ڏورِيان، جان ڪُڙهه اندرِ ساه

مَتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، تُون هَڏِ آڇِ مَ ماءُ. [1286]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) جيڪي مون کي پرينءَ جي پنڌ کان روڪينديون، سي مون کي ڪونه رسي سگهنديون (ڪامياب نه ٿينديون) سٺو ٿيو جو ٽٽل ڀڳل ٿانون کي جوڙڻ وارو پرڏيهه کان هلي آيو ۽ ڪٽ جا ٿانوَ سڄا ٿي پيا ۽ گهر اجرو ٿي پيو.

منهنجي سرتين کي هن هنڌ اچي سور ۽ تڪليف ورايو. آءٌ هر صورت ۾ پنهنجي پنهونءَ جي خوشبوءِ پيئي وٺنديس. آءٌ تيستائين جبل جا ڪشالا ڪنديس، جيستائين منهنجي بدن ۾ ساهه آهي. اي امڙ، تون مون کي پوئتي موٽي اچڻ جي هرگز صلاح نه ڏي.

 

داستان اٺون

 

1

مَعذورَ کي ماڙهو ڪئو، اولاڪن اچِي

وساريجِ مَ وَرَ کي منجهان ڪُرَ ڪَچِي
سُپَڪ ٿيءُ سُورن سين پهچندينءَ پَچِي

لاهي لاڳاپا لنگهه تون سيڻن ڏانہ سَچِي

منجهان راهَه رَچِي، ٿيندينءَ لالَ لطيفُ چئي؟ [1287]

سمجهاڻي: هن ناقص (اڻ ڄاڻ) کي اٺن وارن اچي ماڻهپي وارو ڪيو. اي سسئي، متان تون هاڻي پنهل کي وساري پنهنجو حسب نسب ڪچو ڪري ويهين. تون پاڻ کي سورن سان پچائي پڪو ڪر، تڏهن تون وٽس پهچندينءَ. ٻيا سڀ لاڳاپا ۽ واسطا ختم ڪري دوست ڏانهن سچيءَ دل سان هلي ڏيکار. تون انهيءَ ڏکئي رستي جي آزمائشن ۽ تڪليفن ۾ ئي ته پوريءَ ريت پچي ڳاڙهي لال ٿيندينءَ.

2

اَڌَر نِڌَرَ اَڀَرِي اَسُونهِين آهِيان

لُڙِڪ لالَ لَطِيفُ چَئي وَرَ رِءَ وَهايان

هيجان هَنجهُون هَبَ ۾ هوتَنِ لَئي هارِيان

جانِبُ ضَعِيفيءَ سين پُنهون پَهايان

پِيهان پَچايان، جي مُون نِئو پاڻُ سِين. [1288]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) آءٌ نڌڻڪي، بي واهي ۽ هيڻي آهيان، مون سان رستي جو ڪوبه سونهون (ڄاڻو) گڏ ڪونهي. آءٌ پنهنجي مڙس جي جدائيءَ ۾ رت جا ڳوڙها پئي ڳاڙيان ۽ سندس سڪ ۾ هن برپٽ بيابان ۾ پيئي روئان ۽ رڙان. مان پنهنجي سڄڻ کي عاجزيءَ ۽ انڪساريءَ سان پيئي پرچايان ۽ مڃايان. او منهنجا سائين، آءٌ پاڻ ئي اٽو پيهي ماني پچائينديس (گولي ٿي گذارينديس) جيڪڏهن توهان رڳو مون کي پاڻ وٽ وٺي هلو.

[مثنوي روميءَ ۾ هن معنيٰ سان ملندڙ جلندڙ هي بيت ڏسو:

اي غريب فرد بي مونس شده،

آتش شوق  از دلت  شعله  زده.

          (دفتر سوم، ب 4272)

معنيٰ: اي اڪيلا راهه ويندڙ، بي پهچ ۽ بي وسيلا تنهنجو ڪو سنگتي ساٿي ڪونهي، پر تنهنجي دل ۾ عشق ۽ محبت جي باهه پيئي ٻري.]

3

اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونهِين آئُون

چِيٽا چورَ چُنجُنِ ۾، بَرَ ۾ بَلائون

موٽُ پُنهون پاهُون، متان مُحِبَ مَرِي رَهان. [1289]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) آءٌ بيواهي، بيوسيلي ۽ ضعيف عورت آهيان، مون سان راهه جو ڪو واقفڪار به ڪونهي. جبلن جي چُرن ۽ غارن ۾ لڪي ڇپي حملو ڪندڙ چيتا به آهن ته برپٽ جون ٻيون بلائون پڻ آهن. اي منهنجا جانب، تون پاڻ پوئتي موٽي اچ، متان آءٌ اتي ئي مري نه پوان.

4

اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، آهيان اَسُونهِين

پَرڏيهِي پِرِين ڪِئا مَرَڻَ لَئي مُونهِين

سَسُئِي ساڻُ سَيدُ چَئي تَنگُنِ ۾ تون هِين

هارِي ڪِيئَن هُونهِين، رءَ ثَمَرُ سَڌُون ڪَري! [1290]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) منهنجو ڪو اوهي واهي ڪونهي ۽ آءٌ ڪمزور آهيان. مون سان ڪو واٽ ڏيکاريندڙ به ڪونهي. مون پرديسي پرين پنهنجو پاڻ کي مارڻ لاءِ ڪيا. عبداللطيف چوي ٿو: اي سائين، هنن سوڙهن لڪن ۽ پيچرن ۾ تون اچي منهنجو همراهه ۽ ساٿي ٿيندين. اي موڳي عورت، تون هيڏي پنڌ تي بنا ڪنهن سفر جي سامان جي (محبوب سان ملڻ) ڪيئن نڪتي آهين؟!

5

اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي اوڳِي اَوائِي

لاڳاپَنِ لَطِيفُ چَئي مُنڌَ رانئي رَهائِي

ڪانَه ٽُهارِي ٽَڪرين ساڻُسِ سَڳائِي

جَلَڻُ  جَڏائِي،  آرِي  لاهِ  اَصِيلَ  تان. [1291]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) آءٌ بنا وسيلي، بنا واهر ۽ بيحال آهيان، بلڪه موڳي ۽ موڙهل آهيان. عبداللطيف چوي ٿو ته انهن (اجاين) لاڳاپن ۽ واسطن سسئي کي ريجهائي ۽ پوئتي رهائي ڇڏيو. هن سان ڪا سڳي مائٽيءَ واري به ٽڪرن ۽ پهاڙن ۾ گڏجي ڪونه وئي. اي مالڪ سائين، تون هن پاڪدامن عورت تان اها جدائي ۽ غم جي بيماري پري ڪر.

6

اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، غَمَنِ گُمَاٽِي

سا ڪِئن وِهي ويسَرِي جا گهائُنِ گهُماٽِي

پيئِي پيش پُنهونءَ جي اُسَنِ ۾ آٽِي

جا لُڪُنِ لُوساٽِي، سا سيجِ چَڙَهندِي سَسُئِي. [1292]

سمجهاڻي:  (سسئي جي زباني) آءٌ بي وسيلي، بيواهي ۽ ناتوان آهيان، جنهن کي غمن ۽ ڏکن موڳو ڪري ڇڏيو آهي. اها ڪيئن بي تعلق رهي ٿي سگهي جيڪا عشق جي گهاون جي ڪري ڀنواٽين ۾ هجي. هوءَ ته سج جي اس ۽ تپش ۾ سڙندي پچندي وڃي پنهونءَ جي آڏو پيش پيئي. (سسئي) جنهن کي جهولن ۽ گرم هوائن ساڙي جلائي ڇڏيو هجي، (اٽل ارادي ڪري) آخر ڪامياب ٿيندي ۽ وڃي پنهونءَ سان گڏ ويهندي.

7

اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ويچارِي نه وَري

لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چَئي پُرِي پيرَ ڀَري

ڪمِيڻِي ڪَري، ڪارُون ڪيچَ ڌَڻِينِ کي. [1293]

سمجهاڻي: سسئي بي يارو مددگار ۽ نست نٻل عورت هئي، پر تڏهن به هوءَ ويچاري پوئتي نه موٽي. عبداللطيف چوي ٿو ته هوءَ پنهنجي محبوب لاءِ پيرين پنڌ ڪري اڳتي رڙهندي رهي. هوءَ ڪمتر (گهٽ ذات) عورت پنهنجي پنهل ڪيچ ڌڻيءَ کي آخر تائين سڏيندي ۽ پڪاريندي رهي.

8

اَچي عِزرائِيلَ، سُتِي جاڳائِي سَسُئِي

ٿِي دَوڙائي دَلِيلَ، ته پُنهونءَ ماڙَهُو موڪليو. [1294]

سمجهاڻي:  (سسئي بيحال ۽ ڪمزور ٿي ڪِري پيئي آهي ۽ موت اکين سان پيئي ڏسي). ننڊ جي حالت ۾ سسئيءَ کي عزرائيل (موت جي فرشتي) اچي جاڳايو (ته سندس ساهه ڪڍي). پر هن ويچاريءَ تڏهن به ائين سمجهيو ته (شايد پنهونءَ کي رحم پئجي ويو آهي) پنهونءَ ڪو پنهنجو قاصد موڪليو آهي.

9

مُنڪِرَ ۽ نڪِيرَ کي جَڏهن ڏِٺائِين

اَڳيان اُٿِي اُنِ کي پُنهون پُڇِيائِين:

’اَدا اِئائِين، ڪو لَنگهيو ساٿُ سَڄَڻَ جو!‘ [1295]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ کي جڏهن قبر ۾ پوري موٽي آيا) هن جڏهن منڪر ۽ نڪير (قبر ۾ سوال جواب ڪندڙ ملائڪن) کي ڏٺو، ته هڪدم انهن کان اٿي پنهونءَ بابت (سوال) پڇا ڪيائين ۽ چوڻ لڳي، ’ادا، توهان هِتان ڪو منهنجي سڄڻ جو قافلو ويندي ڏٺو يا توهان کي ڪا ان بابت خبر آهي؟‘

 10

ڀاڃاڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِين ڪَڪَرا

رائو مِڙوئِي رَتَ سِين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ

لانچي لَڪَ لَطِيفُ چَئي، اُٿِي ڏُونگرَ ڏورِ

جَتُ وڃي ٿو زورِ، اُپُڙُ ته اوڏِي ٿِئين. [1296]

سمجهاڻي: اي سسئي، تون وڏي همت ۽ جرئت سان ڪيچين جي قافلي پٺيان هل هلان ڪري (ايتريقدر هل جو پنهنجي پيرن سان) پيچرن جا پٿر ڀوري ذرا ذرا ڪر. تون پنهنجي پرين خاطر واٽ جي سموري ريتيءَ کي رت سان رڱي ڳاڙهو ڪر. جبل جا لَڪ چڱيءَ طرح جانچي چڙهه ۽ جبل جهاڳيندي وڃ. تنهنجو هوت پنهل (اڳيان) تکو پيو وڃي، تون همت سان اڳتي وڌ ته هن جي ويجهو پهچين.

11

پيئِي ٿِئي پَيمالُ، سا مُنڌَ مَرِي نه جِئي

بُري هِن ڀَنڀورَ ۾ هَڏِ نه ڳَرَهي حالُ

لالَڻَ جو لَطِيفُ چَئي وِساري نه وِصالُ

ڀِرِي ڪِجاهُ ڀالُ، هِيءَ ڏاهِ ڏورِيندي ڪيتَرو! [1297]

سمجهاڻي: سسئي پنهونءَ جي عشق ۾ پوڻ کان پوءِ اهڙي نيست ۽ نابود ٿي ويئي جو هوءَ نه جيئري آهي ۽ نه مئن ۾ شامل. سسئي بدنصيب ڀنڀور جي ماڻهن مان ڪنهن کي به پنهنجو حال نٿي ٻڌائي. عبداللطيف چوي ٿو پر هوءَ پنهنجي محبوب جي ملاقات کي ڪڏهن ڪانه ٿي وساري. او سائين، تون ڪا سسئيءَ سان خاص ڀلائي ڪجانءِ، باقي هوءَ ٻانهي ۽ گولي ڪيترو جبل جهاڳيندي ۽ تڪليفون ڪندي.

12

نَئُون نِيہُ لَڳوسِ، ڳَري ۽ ڳالهِيُون ڪَري

اورِيندي اَرَٽَ سِين، پُنهون يادِ پِئوس

پَهو پَٽِ ڪِريوسِ، هُو هَٿُ اوڏاهِين رهيو. [1298]

سمجهاڻي: سسئيءَ کي وري نئين سر نينهن اچي جاڳيو آهي، سو ويٺي انهيءَ سوچ ۾ ڳري ۽ ڳالهيون ڪري. ائين چرخو هلائيندي اوچتو پنهون ياد پيس ته هٿ وارو پهو اتي جو اُتي هيٺ پٽ تي ڪري پيس ۽ پهي وارو هٿ اتي ئي مٿي رهيو. (جو پنهونءَ جي سڪ ۾ غلطان ٿي ويئي). اهو هٿ جنهن ۾ پهو هئس سو اتي جو اتي جهلجي ويو يا ان طرف ٿيو جيڏانهن هوت ويا (ن.ب)

13

جُٽَ پِٽي پههُ جهَنگِ، هاڙهي پُڇُ مَ هوتَ کي

سُورُ سُٻيلِي سَسُئِي، لَڪَ تَهين سِين لَنگههِ

ته سُپيريان جي سَنگِ، مُنڌَ ميڙائو تو ٿِئي. [1299]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون سٿرن تي هاءِ هاءِ وارا هٿ هڻي به (پنهونءَ کي ڳولڻ لاءِ) جهنگ ۾ گهڙ، باقي هاڙهي جبل ۾ (اتي ويجهو) اجايو پڇائون نه ڪر. اهي سور ئي تنهنجي سفر جا بهترين ساٿي آهن ۽ تون اهي جبلن جا لڪ انهن سان گڏجي پار ڪر. ائين ڪرڻ سان ئي پيارن سڄڻن وٽ پهچندينءَ ۽ تنهنجو ساڻن ميلو ٿيندو.

14

ٿَڪِيائِي ٿَرُ ٿيلِ، چَڙُهه چُڪيائِي چوٽِيين

هَلَندي هوتَ پُنهونءَ ڏي، ڀَوَ مِڙيئي ڀيلِ

اُٿِي رائو ريلِ، ويٺِينِ تان وارِي وَري. [1300]

سمجهاڻي: تون ڪيڏي به ٿڪل ڇو نه هجين، پر اڳتي وڌندي رهه ۽ بر بيابان کي پوئتي ٿيلهيندي وڃ. توڻي جو تون ٿَڪ ۾ چڪناچور آهين، پر تڏهن به ٽڪرين جي چوٽين تي چڙهي وڃ. هوت پنهونءَ ڏانهن هلندي هر قسم جي خوف خطرن کي پيرن هيٺ لتاڙي ۽ چيڀاٽي ڇڏ. تون واري ۽ مٽيءَ جي طوفان ۾ به ڪاهيندي وڃ، ڇو ته توکي خبر آهي ته جيڪي واٽ تي ويهي رهن ٿيون، انهن جي مٿان واري چڙهي ويندي آهي.

15

ٿَڪُ ته ٿِيين ٿاءِ، پَهُتِي ڪانه پَنڌُ ڪَري

سي لالَڻَ هَنيُون لاءِ، منجهان حُجَ هَلَنِ جي. [1301]

سمجهاڻي: تون (طلب ۾) ٿڪجي (پنهنجي طاقت ختم ڪر) ساڻي ٿي هڪ هنڌ پئجي رهه ته ڪنهن ماڳ منزل رسين. هونئن به هن تائين ڪو به پنڌ ڪري ڪونه پهتو آهي. محبوب انهن کي نيست نابود ڪري ڇڏيو، جن کي پنهنجي ويجهائپ تي گهڻو ڀروسو ۽ دعويٰ هئي.

 

وائي

هوتَ سي هَلَڻَ هارا، ڪِيئَن ڪَريان آئُون اُن سِين

سُونهَنِ سُپيرِينِ جا اَڱَڻِ اوتارا

ڪيچِينِ ڪَرَهَ پَلاڻِئا، مَيا سي ٿِئڙَم مارا

پَسِئو آسَڻَ اُنِ جا، رُئندا نيڻَ ويچارا

کُوءِ آتَڻُ، ٻَنِ جيڏِيُون، کيڻَ سي ٿِئڙَمَ کارا

وَڃنِ جَتَ جَڏِي ڪِئو، جي وِرُونَهَڻَ وارا

آهِيان پَتِ پُنهونءَ جِي، ڪُنِرَ ڪَندِيَسِ ڪارا

پِيرُ مَ ڇَڏجِ پِرِينءَ جو هَي هَي هٺَ اَسارا

انڌِينِ  آهِين  آسَرو،  موٽِجِ  مُحِبَ  موچارا. [1302]

سمجهاڻي: اي سرتيون، قافلي وارا تيار ٿي وڃڻ وارا آهن، آءٌ ڪيئن ڪريان. منهنجي اڱڻ تي ته پرين جي رهاڻ ۽ رهڻ سونهن جو سبب آهن. ڪيچين پنهنجا اٺ تيار ڪري ڇڏيا آهن ۽ اهي ئي مون کي مارڻ وارا آهن. هاڻي اهي ماڳ ڏسي منهنجا نيڻ روئڻ کان بس نٿا ڪن. اهو آتڻ وڃي باهه ۾ پوي ۽ جيڏيون به ٻَن پون، منهنجو کائڻ پيئڻ سڀ زهر ٿي ويو آهي. اهي جَت جيڪي منهنجي محبت جو سبب هئا، سي مون کي لاچار ۽ بيمار ڪري ڇڏي ٿا وڃن. آءٌ ته پنهل جي لڄ آهيان، آءٌ هاڻي نيروارا ڪارا ڪپڙا ڍڪينديس. اي سسئي (پاڻ کي) تون پرينءَ جو پير يا نشان هرگز نه ڇڏجانءِ، متان هٺ ۾ ڀرجي وڃين. او پرين تون ئي انڌين لاءِ آسرو آهين، تون پنهنجي مهرباني ڪري موٽي اچ.

داستان نائون

 

1

ويہهُ مَ وِسارِي، پُڇا ڪَرِ مَ پَنڌَ جِي

نِرمَلُ نِهاري، هَلَندِينِ تان نه هَٿِ ڪِئو. [1303]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون هوت پنهونءَ کي وساري ويهي نه رهه ۽ نه وري رڳو پنڌ جي ويٺي پُڇا ڪر (ته ڪيترو آهي). اهو پاڪ پرين صرف راهه تڪڻ يعني پنڌ ۽ ڪشالي کان سواءِ نه ملندو!

2

اَوَجهَڙِ اَسُونهِنِ، ڏيہُ گهڻُوئِي ڏورِئو

سَڳَرِ رِءَ سُونهَنِ، پَهُتِي ڪانه پَنڌَ ڪَري. [1304]

سمجهاڻي: اهي جيڪي بغير رهبر ۽ رهنما جي آهن، تن کڻي ڪيترو به پنڌ ڪيو هجي ۽ ڪيترا به ملڪ ووڙيا هجن، پر ساٿ جي سرواڻ بنا ڪابه فقط پنڌ ڪرڻ سان منزل تي ڪانه پهتي آهي.

[مثنويءَ ۾ ان حالت جي سمجهاڻي هن ريت ڏني وئي آهي:

آن رهي که بارها تو رفتهء،

بي قلاوز اندر آن آشفتهء.

پسي رهي را که نديد ستي تو هيچ،

هين مرو تنها ز رهبر سر مپيچ.

(دفتر اول، ب- 2944 ۽ 45)

معنيٰ: جنهن راهه سان تون پاڻ ڪيترو هليو آهين، پر بغير اڳواڻ جي هميشه ڀلجي گمراهه ٿيو آهين. ان ڪري جيڪو رستو تو ڏٺو ئي ناهي، خبردار، ان رستي سان اڪيلو نه وڃ ۽ رهبر جي هدايتن کان ٻاهر نه وڃ.]

3

واءَ! وِڃاءِ مَ سو، پُٺِيءَ جِنہ پَنڌُ ڪَريان

ڇَٽا ڇَپَرَ! پِرِينءَ جو پيرُ پَرِنيان تو

بَر بورائو جو، سو لڳي متان لَٽِيين. [1305]

سمجهاڻي: اي هوا! تون (زور سان لڳي) پنهونءَ جي پيرن جا نشان گم نه ڪر، جن جي پٺيان آءٌ هلي رهي آهيان. اي خوشبو سان واسيل جبل، آءٌ پرينءَ جا اهي (برڪت ڀريا) پيرن جا نشان تنهنجي حوالي ڪريان ٿي (توکي پارت هجي). اهي پيرن جا نشان ئي ته منهنجا رهبر ۽ سونهان آهن اي واءُ، متان لڳي انهن کي ڊاهي ڇڏين!

4

واءُ وِڃايُمِ ڪالَ، پُٺِيءَ جِنہ پَنڌُ ڪَريان

وَڃڻُ مُون وانٽي پِئو، هوتَنِ ڪارَڻِ حالَ

جَبَلُ ڏورِيان جالَ، ڪارَڻِ پيرُ پُنهونءَ جي. [1306]

سمجهاڻي: ڪالهه (زور سان) واءُ گهلي (قافلي وارن جي پيرن جا نشان) گم ڪري ڇڏيا، جن جي پويان آءٌ پنڌ ڪندي هيس. ليڪن سڄڻن خاطر اوڏانهن وڃڻ به منهنجي نصيب ۾ لکجي چڪو آهي. هاڻي مون کي پرينءَ جي پير جي انهيءَ نشان لاءِ سڄو سربستو جبل ڳولڻو پوندو.

5

کُهِجُ مَ، اُجها کِيہَ، گَرِدَ پَسُ گُنگَنِ جِي

ڏُکِي منجهان ڏيہَ، نِڪِرُ ناهِ ڪُلهي ڪَري. [1307]

سمجهاڻي: اي سسئي! ٿڪجي ساڻي ٿي ويهي نه رهه. اِجهو اٺن جي پيرن جي دز ۽ مٽي به اها (اڏامندي) پئي ڏسجي. (قافلي وارا گهڻو پري نه ويا آهن). اي ڏکويل، توکي گهرجي ته تون هن ديس مان نڪرڻ وقت پنهنجي مٿي تي (پاڻ سان) نفي ۽ نيستي کي کڻي هلين (پاڻ کي نيست ۽ نابود سمجهين).

6

ڏُورِ مَ تون ڏوريجِ، صَبُرَ ڪَرِ مَ سَسُئِي

پُرَڻُ ڇَڏِ پيرَنِ سِين، وِهَڻُ وِساريجِ

سُڌنِ جا سَيدُ چَئي لاڳاپا لاهيجِ

هِنيين ساڻُ هَليجِ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبَري. [1308]

سمجهاڻي: اي سسئي! تون اهو پرانهون پنڌ ڪرڻ ڇڏي ڏي (پري وڃي اجايو پنڌ نه ڪر، ڇو ته هو ويجهو آهي)، ليڪن چپ ڪري به ويهي نه رهه. تون پنهنجي انهن (ظاهري) پيرن سان پڻ هلڻ ڇڏي ڏي، ليڪن ساڳئي وقت ويهڻ کي به وساري ڇڏ. طلب ۽ تمنا نه ڇڏ، جيڪي پاڻ کي سڌير ۽ خبردار سمجهن ٿا، تن سان پنهنجا لاڳاپا ختم ڪر (انهن جي آسري تي نه لڳ). اي سسئي، تون فقط پنهنجي سچي دل سان سڄڻ ڏانهن هل ته اهو پنڌ پلڪ ۾ پورو ٿيندو.

[رومي مثنويءَ ۾ هڪ هنڌ چوي ٿو:

گر سفرداري بدين نيت برو،

ور حضر باشد ازين غافل مشو.

(دفتر دوم، ب 2217)

معنيٰ: جيڪڏهن سفر ڪرڻو آهي ته انهيءَ نيت سان ڪر، پر جيڪڏهن ڪٿي ويٺل آهين ته وري هن کان غافل نه ٿيءُ.]

7

وِکَ تِنہِ ويجهي ڪِي جا کُهِي کَنيائين

ڇِڪي ڇِنائِين، پَنڌُ مِڙوئِي پَٻَ جو. [1309]

سمجهاڻي:  (سسئي) ٿڪ ۾ چُور ٿي (دل جي طلب سان) جيڪو (آخري) قدم کنيو، تنهن کيس محبوب جي نزديڪ آڻي ڇڏيو. هن پنڌ کي اهڙي هڪڙي سَٽ ڏني، جو سموري پٻ جبل جو فاصلو طي ڪري ويئي.

8

سئو ڪوهَنِ سَڀَڪا ڪَري، تون کُهِي کَڻِجُ وِکَ

تاڻِ مَ مَنجهان تِکَ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبَري. [1310]

سمجهاڻي:  (اي سسئي!) ٻيون ڀلي سؤ ڪوهه ڪري وڃن، پر تون ٿڪجي چور ٿئين ته به هڪ آخري ِک اڳتي وڌائج. تکائي ۽ تيزيءَ سان اجايو پنڌ کي نه ڇڪ، اهو پنڌ (دل جي سچائي ۽ طلب سان) تمام جلدي به نبري سگهي ٿو.

9

ڏُهلا مون ڏِينہَ ٿئا، پييَمِ ڄامَ ڄَيُون

پَسِئو پَنڌُ پَهاڙَ جو ٿئي رُوحُ رَيُون

لُڇئو ٿيان لَطِيفُ چَئي ڪارَڻِ دوست دَيُون

ڀانيان لَڪَ لَيُون، جي سُورَ پِريان جا ساڻُ مون. [1311]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي ڄام پنهون! منهنجا ڏينهن ڏاڍا ڏکيا ۽ تڪليف وارا ٿي پيا آهن ۽ منهنجي مٿي ۾ ڪيتريون سنهڙيون جُيون پئجي ويون آهن. پهاڙن جو ڊگهو پنڌ ڏسي منهنجو اندر ڇيهون ڇيهون ٿي ويو آهي. عبداللطيف چوي ٿو ته سسئي محبوب خاطر لڇي ڦٿڪي ذرڙا پرزڙا ٿي ويئي، ليڪن جڏهن محبوب جا سور سختيون گڏ اٿس ته (انهن جي برڪت سان) هوءَ جبل جي لڪن کي ننڍيون لاهيون پيئي سمجهي.

10

هيڪَلِيائِي هاڻِ، پُورِينديَسِ پُنهونءَ ڏي

ليڙَنِ سِين لَطِيفُ چَئي پُندِيَسِ پَنڌِ پَرياڻِ

رُلِي ڇُلِي ڇَپَرِين ڪِنہِ پَرِ لاهِيان ڪاڻِ

ڪَندِيَسِ ڪوهِيارَلَ سِين رائي منجهِه رِهاڻِ

آهِيان گهَڻو اَڄاڻِ، پَر سُور پِريان جا ساڻُ مون. [1312]

سمجهاڻي: هاڻي آءٌ اڪيلي ئي هوت پنهونءَ ڏانهن وينديس. آءٌ هنن جي اٺن سان رلجي پنڌ جو پڪو ارادو ڪري هلنديس. مان جبلن ۾ ڊڪي ڊوڙي ۽ هيٺ مٿانهين تي لهي چڙهي، هر نموني سان پنهنجي ڪيل قصور جو پورائو ڪنديس. آءٌ ضرور پنهنجي ڪوهياري محبوب سان جبلن ۾ گڏجي رهاڻ ڪنديس. جيتوڻيڪ آءٌ پنڌ پيچرن کان اڻ واقف آهيان، پر پرين جا پور ۽ سور منهنجا همراهه آهن.

11

پُورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي، هيڪَلِيائِي هيلَ

آڏا لَڪَ لَطِيفُ چَئي سُورِيُون سُڄَنِ سيلَ

ته ڪَرَ ٻيلِينِ ٻيلَ، جي سُورَ پِريان جا ساڻُ مون. [1313]

سمجهاڻي: آءٌ پنهنجي پنهل ڏانهن هينئر اڪيلي ئي اڪيلي ضرور وينديس. عبداللطيف چوي ٿو ته ڀلي رستي ۾ ڏکيا لڪ ۽ لاهيون چاڙهيون آهن ۽ پهاڙن جون تکيون چوٽيون ۽ چهنبون سوريءَ وانگر مارڻ لاءِ تيار آهن. پر مون وٽ جيڪي پرينءَ جا ڏنل سور آهن، اهي ٻيلين ۽ ساٿين (خدمتگارن) وانگي مون سان گڏ آهن (انهيءَ ڪري مون کي وڌيڪ ڪهڙو خوف خطرو!).

12

دوستُ ڏِٺائِين دلِ سِين وِرچِي تان نه وِهي

لانچِئو لَڪَ لَطِيفُ چَئي پَهَڻَنِ مَنجهه پِهي

سَندي نِيہَ نِهي، ڪِي سَرَفَرازِ سَسُئِي. [1314]

سمجهاڻي: سسئي محبوب جو ديدار سچي دل سان ڪيو هو، تنهن ڪري هوءَ ڪڏهن ٿڪجي بس ڪري نه ويٺي. هوءَ ته ڏکيا لڪ لنگهيو ٽڪرن منجهه گهڙندي ٿي ويئي. (در حقيقت) عشق جي ناتي ۽ لاڳاپي ئي سسئي کي ڪاميابيءَ سان سرخرو ڪيو.

13

آيَسِ ڪِينِ اوڏِي، وَڻا وايُون مَ ڪريو

سا مُنڌَ جِيندِي ڪيتَرو لَڪَنِ جا لوڏِي

ڪوهياري ڪوڏِي، ڇُلِي پيٺِي ڇَپَرين. [1315]

سمجهاڻي:  (سسئي وڻن ٽڻن سان مخاطب آهي) آءٌ مس (گهڻي مشڪل سان سڄڻ جي) ويجهو پهتي آهيان. توهين اهي ڊيڄاريندڙ هيبت وارا آواز نه ڪريو.(مون کي وڌيڪ نه ڊيڄاريو). هيءَ (ضعيف) عورت جيڪا لڪن ۾ هلي هلي لاچار ٿي ويئي آهي، اها ڪيترو جيئري رهندي. هوءَ ته پنهنجي ڪوهياري پرينءَ لاءِ وڏي جوش جذبي سان پهاڙن ۾ اچي پيئي آهي.

وائي-1

وَڃي وَڃي ٿِيندِيَسِ ويجهِي،

پَسڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي

آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، موٽِجُ مُحبَ مِجيجِي

آءٌ هَلندِي هوتَ ڏي، ڇَڏي راهَه رَواجِي

نَمُ گهُرجي نِيہَ جو، آهيان آءٌ اَريجِي

پُڇان ٿِي پَنهارَ تو، آهِيان ٻَيَڙَ ٻي جِي

ڪَرَها ڪيچَ ڌَڻينِ جا، جوڙي مَنجههِ جَماجِي

وينديسِ تَهِين وَرَ ڏي آهيان جوءِ جَنهِين جِي. [1316]

سمجهاڻي: آءٌ هلندي هلندي آخر وڃي دوست جي ديدار  جي ويجهو ٿينديس. (مون کي ضرور ديدار نصيب ٿيندو). راهه ۾ ڏاڍا ڏکيا جبل ۽ وڏا لڪ آهن. اي منهنجا حال محرم ۽ همراز! تون موٽي اچ. مان سولي واٽ ڇڏي اڻانگي واٽ سان پيئي هلان. مون سڪايل کي سڪ جو پاڻي پياريو جو آءٌ گهڻي اڃايل آهيان. اي واٽهڙو ڌنار، آءٌ توکان صرف رستو پڇان ٿي. باقي آءٌ ٻئي جي گهرواري (امانت) آهيان. ڪيچين جا اٺ جوڙا جوڙا ٿي پنڌ ۾ تکا هلندڙ آهن. آءٌ (سڀني کي ٿي ٻڌايان) پنهنجي مڙس ڏي ضرور وينديس. جنهن جي آءٌ زال آهيان.

وائي-2

اَدا ڙي ڏوٿِي، آءٌ پُڇان تو ٿِي

ڪيچَ  رَسَندِيَسِ ڪِيئَن

ڪو ڏَسُ مُون نه ڏِينءَ!

نه آءٌ سَمِي نه سُومِرِي، نه آءٌ جَتِ نه اوٺِي

آءٌ اُنِي مان آهِيان، جي ٻانڀَڻَ پَڙهنِ پوٿِي

پَريٽَ ٿِيندِيَسِ، پِرِين پُڇندِيَسِ، پَڇاڙيندِيَسِ پوتي

سَنجهي ساٿُ سِڌارِئو، پُنهون پُڇان پو ٿِي

سَنجهي وِئَڙو سُپِرِين، ساجَنُ پُڇان سو ٿي

رويو چُئان رِڃُنِ ۾، هَي هَي هَڏ ڪو ٿِي

هَلِجِ هوتَ پُنهونءَ ڏي، منجها نِيہَ نِڪوٽي

آتَڻَ وِجهِي آڳِ ۾، مَنجهان جوئِنِ جو ٿِي. [1317]

سمجهاڻي: اي ادا! جبل ۾ ڏٿ چونڊيندڙ ڀاءُ! آءٌ توکان ٿي پڇان ته آءٌ ڪيچ ڪيئن پهچنديس، تون مون کي ڪو ڏس نه ٿو ڏين؟

بيشڪ، آءٌ سمي يا سومري (وڏي خاندان مان) نه آهيان ۽ نڪي جتن ۽ اوٺين مان آهيان، بلڪه آءٌ انهيءَ ٻانڀڻ ذات مان آهيان، جيڪي پوٿي پڙهندا آهن. آءٌ پرين کي ڳولي وڃي هن جي ڌوٻياڻي ٿينديس ۽ سندس ڪپڙا ڌوئينديس. سڄڻن جو قافلو سج لهڻ سان ئي روانو ٿي ويو پر مون کان پڇا ڪرڻ ۾ گهڻي دير ٿي ويئي. منهنجو سرتاج سج لهڻ سان هليو ويو، آءٌ ان جي پيئي پڇا ڪريان. آءٌ بر بيابان ۾ پيئي رڙيون ڪري چوان ته ڪو منهنجو همراهه ۽ ساڻي ٿئي. اي ڀورڙي عورت، هوت پنهونءَ ڏي صرف محبت سان هل. تون پنهنجي گهر کي باهه ڏيئي ڇڏ، پر پنهنجي ڪانڌ جي همت واري زال ٿي ڏيکار.

داستان ڏهون

 

1

آءُ اوراهُون سُپِرين، وَڃ مَ اَڳاهُون

ٿَڪِي کَڻي ٿَرَنِ ۾، ٻاڪارِئو ٻانهُون

دَردَ جِيُون دانهُون، مُون مارِيندِيُون موٽُ تون. [1318]

سمجهاڻي: اي سپرين! ويجهو اچ، پري نه وڃ. هيءَ ٿڪل ۽ درماندي برپٽ بيابان ۾ ٻانهون مٿي کڻي پيئي روئي ۽ چوي، اي منهنجا محبوب! (خدا جي واسطي) موٽي اچ، ورنه تنهنجي فراق ۾ دانهون ۽ ڪوُڪون ڪري مري وينديس.

2

آءُ اوراهُون سُپِرِين، ڏُکِيءَ ڏيجُ مَ ڏاگَهه

وَٽِ ڇَڏي مُون واگُهه، آرِي وِئين عِشقَ جو. [1319]

سمجهاڻي: اي منهنجا دلبر! ويجهو ٿيءُ (پري نه وڃ) هن ڏکيءَ کي باهه تي ساڙڻ وارين ڪاٺين جي ڍڳ تي ويهاري نه وڃ. اي منهنجا سپرين! تون ته مون کي عشق جي شينهن جي حوالي ڪري ويو آهين.

3

جيڏيُون جي مان وِسَهو، ڪينَ سُٻيلِي سُکُ

بَرُ بورائو تَن کي، ڏُونگَرُ جَنِي ڏُکُ

آرِيءَ  جو  اُهُکُ،  رَهنُما  راهَ  ٿِئو. [1320]

سمجهاڻي: اي سرتيون! جيڪڏهن مون تي اعتبار ڪريو ته سک ڪڏهن به سٺا ساٿي نٿا ٿين، بلڪه جن جا ڏک ڏونگر جيڏا آهن ته بيابان پاڻ انهن لاءِ سونهون ۽ واٽ ڏيکاريندڙ آهي. مون لاءِ پنهونءَ جي وڇوڙي وارو اهنج ۽ ايذاءُ ئي راهه جو رهنما ٿيو

4

اُجهي مُنڌَ اَويرَ، اَٺَئِي پَهَرَ آٽَ ۾

وِئَسِ ويرِيپِو ڪَري ڏُونگَرِ ڇَڏي ڏيرَ

لَڙيي سِجَ لَطِيفُ چَئي پَٻِ نِهاري پيرَ

ڪَهِي جا ڪُويرَ، سا هادِي ميڙَئِين هوتَ کي. [1321]

سمجهاڻي: سسئي اَويلي وقت ۾ هيڏانهن هوڏانهن پيئي هلي ۽ ڏينهن توڻي رات جا اٺ ئي پهر اوجهڙ پيئي وڃي. ڏير هن سان دشمني ڪري جبلن ۾ رولي هليا ويس. عبداللطيف چوي ٿو ته هوءَ سج لهڻ کان پوءِ به پٻ جبل ۾ پنهونءَ جا پيرا پيئي ڳولي ۽ جانچي. اي مالڪ سائين! سسئي ويچاري جيڪا مهل ڪمهل پيئي پنڌ هلي، ان کي پنهنجي هوت پنهل سان ملائج.

5

جي ڀانئِين پِرينءَ مِڙان، تان پاندُ ڳِچيءَ پائيجِ

ڪوهَ ۾ ڪِجِ ڪي ڪيرَتُون، لَڪَنِ لِيلائيجِ

حُجَ مَ هَلائيجِ، ته ٿَڪيائِي ڪِنہ ٿاءِ ٿِئين. [1322]

سمجهاڻي: اي سسئي! جيڪڏهن تون گهرين ٿي، ته محبوب سان تنهنجي ملاقات ٿئي ته ڳچيءَ ۾ پاند پائي (نياز نوڙت سان) پنهنجي غلطين جي معافي وٺ. جبل ۾ هلندي پنهنجي مالڪ سائينءَ جون ساراهه واريون صدائون هڻ ۽ لڪن مان لنگهندي آزيون نيزاريون ڪر. پاڻ کي صحيح سمجهي ڪا دعويٰ نه ڪر ته پوءِ ٿڪل هوندي به تون ڪنهن منزل تي پهچي ويندينءَ.

 

وائي-1

پَلڪَ نَه رَهي دِلِ تو ري،

وَرُ ميان صاحبَ خانَ بَلوچا

اُٺَ چارِيندِيسِ اُنِ جا، مَٿان ٽَڪَرَ ٽوري

ڏِيندِيسِ ماهُ مِرُوئَنِ کي، ڪُلهَنِ تان ڪوري

ڪانگَ کِينَم ڪيچَ جا، ماسُ چُنجُنِ سان چوري

ڇُلِي پَهندِيسِ ڇَپَرِين، جَبَلُ وِجهَندِيَسِ جهوري

ڏُکَ لاهِيندِيسِ ڏِيلَ جا ساڻُ عَجِيبَنِ اوري

پهُچايو پَريٽِ کي، ٿَڪلِ کي ڪِنہِ ٿوري

آرِياڻِي عَبدُاللطِيفُ  چَئي،  سارَ  لَهندَمِ  سوري. [1323]

سمجهاڻي: او سائين! او سردار! او بلوچن جا خان! منهنجي دل توکان سواءِ هڪ گهڙي به الڳ نٿي رهي سگهي. آءٌ انهن جا اٺ پهاڙن ۽ ٽڪرين ۾ (ڌنار بنجي) گهمائي ڦيرائي پئي چارينديس. آءٌ هنن جي ڪري پنهنجو ماس هڏن تان لاهي واٽ جي جانورن کي به کارائينديس. ڀلي رستي جا ڪانگ منهنجو ماس چهنبن سان پٽي کائين. آءٌ جبلن ۾ (عشق جي) ڇوهه مان ڪاهي پونديس ۽ جبل کي جهڪائي ڇڏينديس. آءُ سڄڻ سان ملي پنهنجا سڀ دک درد لاهينديس. هن ڌوٻياڻيءَ کي جيڪا ٿڪ ۾ چڪنا چور آهي، تنهن تي وڏو احسان ڪري پرينءَ وٽ پهچايو. عبداللطيف چوي ٿو ته آرياڻي محبوب ضرور مون کي سنڀالي ياد ڪندو.

وائي-2

توکي ڪِهڙي آندو سانگَ،

ٻاروچا   ڀَــنڀــَور    ۾

مَڇُڻِ ڪا ويجهِي وڃي، نِيہُ نسوروئِي نانگُ

توڏَنِ ڪِينَ توارِئو، وِئا چُپُ چُپاتِي چانگَ

چَئو ڪِين مِلَندِيَسِ سَڄَڻين، لَئُه کِيانتَل ڪانگَ

اَدِيُون  عَبدُاللطِيفُ  چَئي،  آندِي  عِشقَ اڻانگَ. [1324]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي منهنجا ٻاروچا پرين! توکي (الائجي) ڪهڙي ڳالهه ڀنڀور ۾ وٺي آئي. آءٌ چوان ٿي محبت واقعي نانگ آهي، ان جي ويجهو ڪوئي نه وڃي. (پنهونءَ جي وڃڻ ويل) ننڍن نوجوان اٺن ته ڪو آواز ڪونه ڪيو، پر وڏا اٺ پڻ خاموش رهيا. اي خير جي خبرن وارا ڪانگ! تون ڪجهه ٻول ته سڄڻ ڪيئن ملندا. عبداللطيف چوي ٿو، ته اهو سڀ ڪجهه ڏکن واري ڏکيي نينهن اچي ائين ڪيو.

وائي-3

اچِــــي  لالَــڻَ  لَــٽِ  لــو،

مُئِيءَ جو لوڙههُ لَڪَنِ ۾

سِرُ پِرِيان تان صَدَقو، سِسِي ٿِئَڙي سَٽِ لو

هوتُ کَٿُوريءَ هيرَئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ لو

اَدِيُون عَبدُاللطِيفُ چَئي، گهَڻو مُون ۾ گهَٽِ لو. [1325]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جي وصيت) او منهنجا پيارا پرين! هاڻي لڪن ۾ اچي هن مُئيءَ جو جنازو پنهنجي هٿن سان پوري وڃ. منهنجو ساهه هونئن پرين تان صدقي هيو، هاڻي هيءَ سسي به قربان ٿي ويئي. منهنجو سڄڻ سراسر سڳنڌ ۽ سرهاڻ آهي، مگر مون ۾ ميرنهن (پگهر) جي ڌپ آهي. عبداللطيف چوي ٿو، ته مون ۾ گهڻيون ئي گهٽتايون آهن.

داستان يارهون

 

1

ڪَنُ ٿِيءُ ڪيچينِ ڪُڇِئو، ڪُڇُ مَ، ٿا ڪُڇَنِ

اِشارَتَون اُنِ جيون سُڪُوتان سُڄَنِ

وَٽان  ويهِي  تَنِ،  سُڻُ  ته  سَوزُ  پِرائِيين. [1326]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ کي نصيحت) تون اهو پوريءَ طرح ڪن ڏيئي ٻُڌ، جيڪي ڪجهه ڪيچي (قافلي وارا) پاڻ ۾ ڳالهائن ٿا، تون ڪجهه نه چؤ، بلڪه هو جيڪي چون ٿا (سو ٻڌ). هنن جا اشارا (رمزون) ماٺ ۽ خاموشيءَ ۾ رهڻ سان سمجهه ۾ ايندا. تون انهن جون ڳالهيون (اندر جي) ڌيان سان ويهي ٻڌ، ته محبت ۾ پچي تيار ٿئين.

[مثنوي روميءَ جو هن سلسلي ۾ هي بيت ڏسو:

چون تو گوشي او زبان ني جنس تو،

گوشهارا حق  بفر مود  ’انصتوا‘.

(دفتر اول، ب-1621)

معنيٰ: تون ڪن وانگر آهين ۽ هو ڳالهائڻ واري زبان آهي. الله تعاليٰ ڪنن لاءِ حڪم ڪيو آهي، خاموشيءَ سان ٻڌو.]

2

ڪَنُ ٿِيءُ ڪيچِينِ ڪُڇِئو، ڪُڇُ مَ ڪُڇِيائُون

رَهِي نه رَتِيءَ جيتَرِي اُنِي وَٽِ آئُون

وَڍي  وِڌائُون،  هُو  جو  وَڻُ  هُئَڻَ  جو. [1327]

سمجهاڻي: تون پاڻ سراپا ڪن ٿي پئو (رڳو ٻڌ) ته ڪيچين ڇا چيو؟ تون ڪجهه نه ڳالهاءِ، هنن کي ٻڌ، جيڪي چيائون. ائين پوءِ تو وٽ پنهنجي آئون (هستي) وارو ٿورو گمان به نه بچندو، بلڪه ائين تون پنهنجي هئڻ (هستيءَ) وارو وڻ (پاڙؤن) وڍي ڇڏ (پاڻ کي فنا ڪري ڇڏ).

3

ٻُڌُ ته ٻِيَائِي لَهي، آئُون اِتِ نه آهِ

ڪُڇَڻُ ڪَڍِي لاهِ، ڪَنُ ٿِيءُ ڪيچِينِ ڪُڇِئو. [1328]

سمجهاڻي: تون هنن جي ڳالهه ٻڌ (سمجهه ۽ دل ۾ ان تي ويچار ڪر) ته تنهنجي ٻيائي (جا پردا) ختم ٿين. هتي آئون (پاڻپڻو) آهي ئي ڪونه. تون پنهنجي طرفان چوڻ ۽ ڳالهائڻ واري عادت کي ڪڍي ڦٽو ڪر ۽ رڳو ڪن ٿيءُ (ٻڌڻ جي عادت اختيار ڪر) ۽ اهو ٻُڌ، جيڪي ڪيچي (سالڪ) چون ٿا يا ڳالهائن ٿا.

[هتي روميءَ جو هيءُ شعر ڏسو:

چونکه عاشق اوست تو خاموش باش،

اوچو گوشت مي کشد توگوش باش.

(دفتر اول ب 1742)

معنيٰ: (اي طالب) جڏهن هو پاڻ عاشق آهي، ته تون چپ ۽ ماٺ ۾ رهه. هن جڏهن توکي ڪن ڏنا آهن ته پوءِ هن ڏي ڪن ڏي.]

4

سَڏَ مَ ڪَرِ سَڏَنِ ري، هَلَڻَ ري مَ هَلُ

جَلڻَ ري مَ جَلُ، رُئڻَ ري مَتان رُئِين. [1329]

سمجهاڻي: هن (محبوب) کي سڏڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي سڏ نه ڪر. ائين هن (محبوب) ڏانهن هلڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن ڏانهن نه هل. ساڳيءَ ريت محبوب لاءِ (دل ۾) جلڻ کان سواءِ ٻي ڪنهن لاءِ نه جل ۽ محبوب (جي فراق ۾) رئڻ کان سواءِ ٻي ڪنهن لاءِ نه روءُ.

5

اَکِيُون لَٽَ اوٽارِيُون، ڪِنہِ پَرِ ڪَڙيان پيرُ

لَٺِ لائِيندو ڪيرُ، مون جيهِيءَ مَعذُورِ کي. [1330]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) هاڻي ته منهنجون اکيون اڏامندڙ مٽي ۽ ڪڪرين جي رئي سبب پورجي ويون آهن. اهڙيءَ حالت ۾ آءٌ ڪيئن پنهونءَ جي پيرن جا نشان لهي اڳتي هلي سگهنديس. اکين کان سواءِ مون معذور (انڌيءَ) کي ڪير لٺ سان وٺي هلائيندو (ڪير واٽ ڏيکاريندو).

6

اَکِيُون آرِيءَ ڄام جِيُون، اَنڌِيءَ سِين آهينِ

هُوءِ جي وَڻَ وِندُر جا، سي مُون سُنهائِينِ

ڏِسئو ڏيکارِينِ، پيشانِي پُنهونءَ جِي. [1331]

سمجهاڻي:  (سسئي مٿئين بيت جي جواب ۾ چوي ٿي) مون سان منهنجي محبوب جون اکيون ساڻ آهن. اهي ئي اکيون مون کي وندر جبل جي وڻن مان رستو ڏيکارين ٿيون. اهي اکيون پاڻ رستو ڏسي، مون کي ڏيکارين ٿيون ۽ آءٌ ان ڪري پنهونءَ جو (هر وقت) ديدار پيئي ڪريان.

[مثنوي روميءَ ۾ هن معنيٰ ۽ مطلب وارا ڪيترائي شعر آهن، پر هن بيت جي پس منظر ۾ هي شعر ڏسو:

آدمي ديد است باقي پوست ست،

ديد آنست که ديد دوست ست،

چونکه ديد دوست نبود، کوربه،

دوست، کو باقي نباشد دور به.

(دفتر اول، ب-1406 ۽ 7)

معنيٰ: انسان اک يا بينائي آهي، ورنه باقي ٻيو سڀ گوشت يا کل آهي. اک اها لائق آهي، جيڪا محبوب جي اکين ۾ پسنديده آهي، پر جيڪا اک دوست وٽ مقبول ناهي، اها انڌي ڀلي آهي. ائين جيڪو دوست دائمي ناهي، ان کان دُوري ڀلي آهي.]

7

اڱڻِ آرِيءَ ڄامَ جي ڪَٽارو ۽ ڪوس

دِيَتَ آهي دوسُ، مارَڳَ ۾ مُيَنِ جِي. [1332]

سمجهاڻي: ڄام پنهونءَ جي اڱڻ تي رڳو ڪُهڻ (سر ڏيڻ) ۽ ڪُهڻ واري ڪات جو نظارو آهي. ليڪن جيڪي راهه ۾ مرن (ڪُسجن) ٿيون، ته دوست پاڻ انهن لاءِ خون بها (معاوضو) آهي.

[مثنوي روميءَ ۾ هيءُ موضوع گهڻو ورجايل آهي. مثلاً هي بيت ڏسو:

ما  بها  و  خونبهارا   يافتيم،

جانب جان باختن بشتافتيم.

(دفتر اول بيت 1750)

معنيٰ: اسان پنهنجو ملهه ۽ خون بها وٺي ڇڏيو آهي. اسان کي خبر آهي، ته اسان پنهنجو سر ڏيڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون.]

8

لَڳَندي لَڪَنِ سِين، آءٌ جي مَران ايئن

ماءُ مُنهنجي نِينہَ، ته ڪَر لائُون لَڌِيُون. [1333]

سمجهاڻي: اي جيجل امڙ! جيڪڏهن آءٌ ائين لڪن ۾ ٿڙندي ٿاٻڙندي، ۽ هيٺ مٿي ڪرندي مري وڃان ته سمجهجانءِ مون پنهنجي پرينءَ سان لائون لهي ڇڏيون (آءٌ پرڻجي گهوٽ واري ٿي ويس).

9

سَنڌِيُون سُورَ ڪَرِينِ، هِنيُون ڏُکي هوتَ کي

پِرِينِ جي پاڻَ ڏِنا سي سُتي سُکُ نه ڏِينِ

جي ماڙُهنِ کي مارِينِ، آءٌ تَنِ سُورَنِ کي سَڏَ ڪريان. [1334]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) منهنجا ننڍا وڏا سنڌ سور کان پيا چيچلائن ۽ منهنجي دل دلبر لاءِ دک درد ۾ پيئي دانهون ڪري. مون کي جيڪي ڏک ۽ غم پرين پاڻ ڏنا آهن، سي سُمهڻ سان به ڪڏهن گهٽ ڪونه ٿا ٿين. پر جيڪي ڏک ٻين ماڻهن کي ماري وجهن ٿا، آءٌ تن کي پيئي سڏ ڪريان ۽ ڳوليان.

[مثنويءَ ۾ وري هينئن چيو ويو آهي:

نا خوش او خوش بود در جان من،

جان فدائي يار دل رنجان من.

(دفتر اول، ب-1777)

معنيٰ: هن جي ڏنل هر تڪليف مون لاءِ راحت ۽ فرحت آهي. منهنجو ساهه ان سڄڻ تان صدقي آهي، جيڪو منهنجي دل رنجائي ٿو.]

10

صَدا وِڌِيَمِ سُورَ جِي، اڳيان ڪوهِياري

جو نَجَسُ نِکاري، سو پُنهون وِجهو پاندَ ۾. [1335]

سمجهاڻي: مون پنهنجي پنهل جي اڳيان سُورن بابت عاجزيءَ سان عرض ڪيو، ته اي منهنجا سائين! ڀلي اهي سور منهنجي حوالي ڪر جيڪي مون منجهان پليدي ۽ ناپاڪائي کي الڳ ڪري، مون کي پاڪ صاف ڪن.

11

مُنڌَ نه منجهان تَنِ، پَسِي لَڪَ لُڏَنِ جي

جا پَرِ کاهوڙيَنِ، سا پَرِ سِکِي سَسُئِي. [1336]

سمجهاڻي: سسئي انهن عورتن منجهان نه آهي، جيڪي جبلن جا ڏکيا لڪ ڏسي ڏڪي ۽ ڪنبي ويهي رهن، پر سسئي ته کاهوڙين وانگر سخت تڪليف ۽ مشقت ڪرڻ واري آهي، هن شروع کان ئي اهو طريقو سکيو آهي.

12

سَسُئِيءَ کي سَڏُ ٿِئو، اَسان اولاڻُو

پَنڌُ نه پِڃاڻُو، اَڻَ ڪوٺِي ڪانه گهِڙي. [1337]

سمجهاڻي: سسئي کي سڪ جو سڏ ٿيو (هن کي پنهونءَ جي ڪڍ هلڻ وارو آواز آيو). پر اهو ٻين لاءِ ڏاڍو ڏکيو سڏ آهي. اهو پنڌ پيءُ ماءُ يا مٽن مائٽن ڏي هلڻ وارو ناهي جيڪو سولو هجي، اتي ڪوبه اڻ سڏيل وڃڻ لاءِ تيار ڪونهي.

13

پَسو پَرائَنِ، سُورَنِ آڏِي سَسُئي

پَرايا پَنهنجَنِ، وِجهَنِ ويچارِيءَ تي. [1338]

سمجهاڻي: ڏسو ته سسئي ڌارين (ڪيچين جي) سورن کي پيئي  منهن  ڏي  ۽  انهن جو مقابلو ڪري. هنن ڪيچين پنهنجا سُور هن ويچاري عورت تي وجهي ڇڏيا (پاڻ نڪري هليا ويا).

وائي-1

دَردَ مُنهِنجي جا دارُون،

موٽُ سَٻَاجها سُپِرين!

مُون لڳيُون، مُون وِسَهو، مَحبت سَندِيُون مارُون

مائِٽَنِئان مون سين گهڻا، ڪُسَنَ ڪِئا ڪارُون

سُکَنِ مُون سِين ڪِين ڪِئو، سُورَنِ لَڌِيُمِ سارُون

جَڙِيُون آهن جِيءَ  ۾، تُنهنجِيُون پِي پَچارُون

چُرَنِ چُڻُڪَنِ چِتَ ۾، جِئَن سي گهَنڊِيءَ لارُون

پَسان شالَ پَرِ ڪَنهِين جانِبَ جون جهَلَڪاروُن. [1339]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي هوت پنهون! تون ئي منهنجي دک درد جي دوا آهين، او سٻاجها ساجن! تون موٽي اچ. مون تي اعتبار ڪر، مون کي محبت ۾ ڪيتريون مارون (مصيبتون) سهڻيون پيون آهن، مون تي يقين ڪريو، مائٽن جي مقابلي ۾ وري به مون سان ٻين ننڍن وڏن دوستن گهڻا ٿورا ڪيا. سُکن مون سان ساٿ نه ڏنو، پر ڏکن منهنجي سارسنڀار لڌي. منهنجي اندر ۾ اي ساجن! تنهنجيون يادون جڙيل آهن. اهي اندر ۾ هر وقت ائين پيون وڄن، جيئن گهنڊڻي جون لارون وڄنديون آهن. شال آءٌ ڪنهن به ريت محبوب جي جهلڪ ڏسي سگهان.

 

وائي -2

ڳالِهيُون هوتَ ٻاروچي ساڻُ، وو!

مُنهنجي جِيءَ جُون جيڏِيُون

ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين، سَڱ تُنهينِجي ساڻُ

چَڙِهِي ڏاڍِين ڏُونگَرين، پُرزا ڪَندِيَسِ پاڻُ

رُلِي ڇَلِي ڇَپَرين ڄامَ وِڃايُمِ ڄاڻُ

هَٿان هَڏِ نه ڇَڏِيان سَندو نِيہَ نِڌاڻُ

نَصِيبُ ڪَرِ نَسُئِيءَ کي، پُنهون اُٺَ وَٿاڻُ. [1340]

سمجهاڻي: اي سرتيون! مون کي پنهنجي پُنهل سان دل جون ڳالهيون ڪرڻيون آهن. آءٌ جبلن ۾ پيئي هل هلان ڪريان. اهو به پنهل سان مائٽي ۽ لاڳاپي جي ڪري آهي. آءٌ مٿي جبلن تي چڙهي پاڻ کي ذرا پرزا ڪري ڇڏينديس. جبلن ۽ ٽڪرن ۾ هلي هلي مون ڄام پنهونءَ بابت سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو آهي. آءٌ هن جي محبت کي آخر تائين ڪونه ڇڏينديس. او منهنجا پرين! ڀلا هن اڻ ٻڌي ۽ اڻ سئي کي آخر ۾ پنهنجي اٺن جو وٿاڻ ئي نصيب ڪر! (اتي جاءِ ڏي).

 

·  هي وائي سُر حسيني ۾ سلسليوار نمبر 1906 طور موجود آهي، ان ڪري هتان خارج سمجهي وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org