سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:52 

 

سُر سارنگ

 

داستان پهريون

 

1

لَڳَہَ پَسُ، لَطِيفُ چئي، آگَمَ ڪِئا اَللهُ

پَلُرَ جي پالوٽَ سِين، پَٽَنِ جَهلِيا پاهَ

واحِدَ وَڏا ئِي ڪِيا، مَٿي گَسَن گاهَ

سانگِيَنِ  وَرِيا  ساهَ،  اُٺُنِ  آبُ  اَگُوندَرو. [3241]

سمجهاڻي: عبداللطيف چوي ٿو ته (آسمان ڏي) ڏسو، ڪڪر ڇانئجي ويا آهن، الله سائين جهُڙ ۽ بادل آڻي ڇڏيا آهن (وڏ ڦڙو وُٺو آهي)، تازي وسيل مينهن جي پاڻيءَ سبب سڀ پوٺا ۽ پَٽ ساوا ٿي پيا آهن. الله سائينءَ جي مهربانيءَ سان  هر واٽ ۽ پيچري تي ساوا گاهه اُڀري آيا آهن. مارو ماڻهو ڏاڍا سَرها ٿيا آهن (سندن ساهه ۾ ساهه پئجي ويو آهي)، جو تمام گهڻو وسڪارو ٿي ويو آهي ۽ سندن اُميدون پوريون ٿي ويون آهن.

2

لَڳَہَ پَسُ، لَطِيفُ چئي، آگَمِئو آهي

وُٺو مِينہُن وَڏَڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاهي

ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، ثَمَرُ سَنباهي

وِهو  مَ  لاهي،  آسَرو  اَللهُ  مان. [3242]

سمجهاڻي: عبداللطيف چوي ٿو ته ڏسو مٿي آسمان ۾ جهُڙ ۽ ڪارا ڪڪر اچي ويا آهن ۽ مينهن جو مانڊاڻ متو آهي. زوردار مينهن پيو پوي تنهن ڪري اي مال وارئو، پنهنجا ڌڻ ڪاهي ٻاهر نڪرو. جيڪو مال ڇنن ۾ ٻَڌو پيو آهي، انهيءَ کي ڇنن مان ڪڍي ٻاهر ڪاهي وڃو، جتي ڄاڻ ته ساوا گاهه ڦُٽا ۽ ڏُڪر ختم ٿيڻ وارو آهي. الله جي رحمت مان ڪڏهن به نااميد نه ٿيو.

3

آگَمَ اِيئَن نه اَنگَ، جِهَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو

سيڻَنِ رِءَ سَيِدُ چئي، رُوحَ نه رُچَنِ رَنگَ

سَهسين ٿِيا سارنگَ، جانِي آيو جُوءِ ۾. [3243]

سمجهاڻي: جهُڙ جي موسم توڻي ڪڪرن جي ان نظاري ۾ اهڙي سونهن ڪانهي جهڙو محبوب جي حُسن ۽ ان جي ملاقات ۾ مزو آهي. لطيف چوي ٿو ته پيارن جي موجودگيءَ کان سواءِ روح کي اُها تازگي ۽ فرحت ڪانه ٿي ملي. سڄڻن جي اچڻ سان هڪ نه پر سوين سهڻيون مينهن واريون موسمون اچي وڃن ٿيون.

4

جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيو قَلبُ قَرارُ،

وَهلو وِچان ئِي وِئو، ڪَري غَمُ گُذارُ،

نِظارو نِروارُ، پِيه پَسايو پانہنجو. [3244]

سمجهاڻي: جڏهن منهنجو جانب مون وٽ آيو تڏهن وڃي منهنجيءَ دل کي آرام ۽ سڪون نصيب ٿيو. هن جي اچڻ سان جدائيءَ جو غم تيزيءَ سان گذري غائب ٿي ويو. پرينءَ پنهنجو ظاهرظهور ديدار يا درشن ڪرايو.

5

مِينهان ۽ نِيهان، ٻيئِي اَکَرِ هيڪَڙي

جي وَسَڻَ جا ويسَ ڪَري، ته ڪَڪَرَ ڪَنِ ڪِيهان

بادَلُ ٿِي بِيهان، جي آگَمَ اَچَڻَ جا ڪَري. [3245]

سمجهاڻي:’مينهن‘ ۽ ’نينهن‘ ٻيئي اکر برابر آهن (ٻنهي جي مُند ڪانهي، ٻيئي جڏهن اچن ته اچي وڃن يا جڏهن وسن تڏهن وسن. نينهن به جڏهن لڳي ته لڳي وڃي). جڏهن مينهن وسڻ جا آثار ڪري ٿو ته ڪڪر گوڙيون يا گجگوڙ ڪن ٿا. (اها ساڳي حالت نينهن وارن جي آهي). اي دوست، جيڪڏهن تون اچڻ جو ارادو ڪرين ته آءٌ بادل وانگر ڀرجي بيهان ۽ توسان قرب جون ڪچهريون ڪريان.

6

وَسِي سارِي راتِ، صُبُحَ جو ساهُ کَڻي

مُون جِئَن مِينهَن  پِرِين جِي، جي تَنَ ۾ هوئي تاتِ

ته وِهاڻِيءَ پِرڀاتِ، هُوندَ بادَلُ بَسُ ئِي نه ڪَري. [3246]

سمجهاڻي: برسات ساري رات وسڻ کان پوءِ صبح جو بس ٿي ڪري يا ساهه ٿي پٽي. پر جيڪڏهن مون وانگر مينهن جي اندر ۾ پنهنجي سڄڻ جي سڪ ۽ يادگيري هجي ته اهي بادل رات جي کُٽڻ بعد صبح تائين به روئڻ يعني وسڻ کان بس نه ڪن.

7

مُحِب! مُنہِنجا سُپِرِين، آڻيئِي اَللهُ

توکي سارِئو ساهُ، اُڪَنڊِئو آهُون ڪَري. [3247]

سمجهاڻي: او منهنجا محبوب، شل (مينهن جي موسم ۾) الله سائين توکي سگهو مون وٽ آڻي ڪڍي. منهنجو ساهه توکي ڏاڍو ٿو ياد ڪري، بلڪ توکي سنڀاري درد  مان دانهون پيو ڪري.

8

پِيه پَسايو پانہنجو، نِظارو ناگاهَ

لَٿو ڪَٽُ قُلوبَ تان، ٿِي وِرُوهَڻَ واهَ

اُميدُون اَرواحَ،  پِيَه  پَسَندي  پُنِيُون. [3248]

سمجهاڻي: جيئن منهنجي محبوب اوچتو پنهنجو جلوو ڏيکاريو، ته ان سان منهنجيءَ دل تان مونجهه ۽ غم جو غبار لهي ويو ۽ سرهائيءَ جو واءُ وريو. دلبر جي ديدار سان من جون مرادون ۽ مطلب پورا ٿي ويا.

9

آگَمَ ڪِئو اَچَنِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينهَن جِئَن

پاسي تَنِ وَسَنِ، جي سَڀَ ڄَماندَرَ سِڪِئا. [3249]

سمجهاڻي: منهنجا سڄڻ سانوڻ واريءَ مند جي بادلن وانگر ڀرجي تيار ٿي بيٺا آهن. اهي (رحمت جا) بادل ان طرف ئي وسندا جيڪي سڄي عمر سڄڻ جي سڪ ۾ سڪيا آهن (جن کيس ياد ڪيو آهي)

10

سَڄَڻَ سانوڻَ مِينهَن جِئَن، جُهڻڪَنِ پاسي جهوڪَ

ڏِيندا پاهَ پَٽَنِ کي، مَنجھان مِينهَنِ موڪَ:

لَسَ پِيارِينِ لوڪَ، آگَمَ ڪِئو اَکِيَنِ سِين. [3250]

سمجهاڻي: منهنجا سڄڻ سانوڻيءَ جي مينهن وانگر ماروئڙن جي ماڳ طرف لاڳيتو (آواز سان) پيا وسن. ايڏي عام جام مينهن جي پاڻيءَ سان هر هنڌ پَٽن ۽ پوٺن تي سائو گاهه پيدا ٿي پيو آهي. (هر طرف ساوڪ جو نظارو آهي). سهڻا سڄڻ پنهنجي (مڌ ڀريل آبدار) اکين سان هر ڪنهن سڪايل عاشق کي هڪجهڙو (گهٽ وڌائيءَ کان سواءِ) پيا پيارين ۽ اڃ لاهين!

11

مِينڍو مِينهَن پُسائِيو، سَري ٿو سيلو

پَکي پيهِي آئِيو، رَحمَتَ جو ريلو

ساجَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گَهرِ آئِيو. [3251]

سمجهاڻي: مينهن جي وسڻ سان پيشانيءَ جي پاسن کان ڳوپيل وار ڀِڄي آلا ٿي پيا آهن، پر آسمان ۾ وڏو ويڪرو ڪڪر ۽ جهُڙ اڃان پيو هلي. مينهن (الله سائينءَ جي رحمت) جو ججهو پاڻي اندر گهرن ۾ گهڙي آيو آهي. پرڀات جي وقت منهنجو سڄڻ منهنجي گهر پهچي ويو آهي.

12

ڪَڪَرَ مَنجِھ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻَنِ - ئون نه لَهي

راتِ مُنهنجي رُوحَ ۾، اُٺا پِرِين اَپارَ

آءُ  ساجَنَ  لَہُه  سارَ،  وِرِهَ  ويڙهِي  آهِيان. [3252]

سمجهاڻي:  (سڄڻ جي ياد) ڪڪر منهنجي مٿان ڇانيل آهن ۽ اکين تان جهُڙ نٿو لهي (جو وسن پيون، ڳوڙها پيون ڳاڙين). آءٌ سراسر سڪ، غم ۽ درد ۾ آهيان. رات کان وٺي منهنجا سڄڻ منهنجي روح تان لهن ئي ڪونه ٿا. او ساجن سائين، تون پاڻ هلي اچ جو مون کي درد فراق وڪوڙي ڇڏيو آهي (تنهنجي اچڻ کان سواءِ مون تان درد ۽ وڇوڙي جا بادل لهڻ وارا ناهن).

[مثنويءَ ۾ رومي اکين جي روئڻ کي بارش سان تشبيهه ڏني آهي،. پر هو ان سان گڏ کنوڻ جي چمڪڻ کي آڻي مينهن جو مانڊاڻ مڪمل ڪري ٿو.

تا نباشد گريئه ابر از مطر،
تا نباشد خندهء برق اي پسر.
کي برويد سبزهء ذوق وصال،

کي بجو شد چشمها از  آب  زلال.

(دفتر دوم، ب- 1656_5)

معنيٰ:  جيستائين بادلن جو روئڻ بارش جي صورت ۾ ظاهر نه ٿئي يا جيستائين اي پٽڙا، وڄ جو کلڻ ۽ چمڪڻ نظر نه اچي، تيستائين وصال جي ساوڪ ڪيئن ظاهر ٿيندي يا پاڻيءَ جا چشما ڪيئن ڦٽي نڪرندا؟]

13

ڪَڪَرَ مَنجِھ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻَن- ئون نه لَهي

جِهَڙا مُنہنجا سُپِرِين، تِهَڙا ميگَھ مَلارَ

کَڻُ اَکِيُون کِلُ يارَ، وڃن سُورَ سَنڌا ڪِئو. [3253]

سمجهاڻي: منهنجي سر مٿان ڪڪر ڇانيل آهن ۽ اکين تان جهُڙ لهي ئي نٿو (اکيون روئڻ کان بس نٿيون ڪن). منهنجا محبوب مينهن جي موسم وانگر مينگهه ملهار آهن (وسي پون ته خوش ڪري ڇڏين). اي دلبر دوست، تون اکيون مٿي کڻي کِل ته سڀ سور ۽ ڏک پاڻيهي جدا ٿي ويندا يعني غائب ٿي ويندا.

14

وَسَڻُ اَکَڙِيَنِ کان، جي تُون سِکِيين مِينهَن

ته هُوندَ راتو ڏِينہَ، بَسِ بُوندَنِئُون نه ڪَرِين. [3254]

سمجهاڻي: اي مينهن، جيڪڏهن تون (فراق جي ماريل) ڪنهن عاشق جي اکين کان وسڻ سکين ها ته جيڪر ڏينهن رات (هروقت) پيو وسين ها. اصل وسڻ کان بس ئي نه ڪرين ها. (ڇو ته عاشقن جي نڪا روئڻ جي موسم هوندي آهي ۽ نه ڪو وري بس ڪرڻ سندن وس ۾ هوندو آهي).

15

ڪَڪَرَ هُونِ نه هُونِ، مِينہُ مَنجھائِين نِڪَري

سارِئو سُپيرِيَنِ کي، لُڙڪَ لَڙِئو پُونِ

سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرين. [3255]

سمجهاڻي: ڪڪر هجن نه هجن (ان سان فرق نٿو پوي ڇو ته) مينهن اندر مان پيدا ٿئي ٿو (عاشق جي اکين جو مينهن ظاهري ڪڪرن سان ٻڌل ناهي). سڄڻ جي يادگيريءَ سان اکين مان لڙڪ مينهن وانگر پيا وسن (ڳوڙها ڳڙيو پون)، جن جا سڄڻ پرديسي آهن يا سفر ۾ گذارين ٿا، اهي وري وري روئڻ کان ڪيئن بچي سگهندا.

16

اَندَرِ جُهڙُ جهورَ وَهي، ٻَهَرِ ڪَڪَرُ نه ڪوءِ

وَسائِيندِي وِڄُڙِي، حُبُ جَنهِين کي هوءِ

لالَڻُ جَنِي (نه) لوءِ، سي اوڪاڻِينِ نه اَکِيُون. [3256]

سمجهاڻي: منهنجي اندر ۾ ڪڪر پيا هلن ۽ وسن، پر ٻاهر (مٿي آسمان تي) ڪڪرن جو نانءُ نشان ڪونهي. عشق جي کنوڻ عاشق جي اکين مان ئي مينهن وسائيندي آهي. (ٻين کي ان جي ڪهڙي خبر پوندي يا احساس ٿيندو). جن جو محبوب وٽن ڳوٺ يا وطن ۾ ناهي (کانئن پري آهي)، انهن جون اکيون ڪڏهن وسڻ کان بس نٿيون ڪن (اهي هميشه پيون ڳوڙها ڳاڙين).

17

اَندَرِ جُهڙُ جهورَ وَهي، ٻَهَرِ نه بَرِسي بُوندَ

سَڄڻ جِنهِين (نه) هُوندَ، سي اوڪاڻِينِ نه اَکِيُون. [3257]

سمجهاڻي: هنن (عاشقن) جي اندر ۾ ڪڪرن جو ڪارونڀار آهي (جيڪي پيا هلن ۽ وسن) پر ٻاهر مينهن جي هڪڙي بوند به نظر نٿي اچي (هو اندر ۾ ويٺا لڙڪ لاڙين). جن جو سڄڻ هنن سان گڏ ناهي، اهي اکيون ڪڏهن به بس نه ڪنديون.

18

مُون مَنجھيئِي مِينہُن، ڪوهُ ڪَرِيندِيَسِ ڪَڪَرين

سَرَلو سارو ڏِينہُن، مُون پِرِيان جو نه لَهي. [3258]

سمجهاڻي: منهنجي اندر ۾ ئي مينهن پيو وسي، هنن ٻاهرين ڪڪرن کي آءٌ ڇا ڪنديس؟ (اهي ڪهڙي ڪم جا آهن). جهڙ ڦڙ سڄو ڏينهن جاري آهي ۽ مون کي پنهنجي سڄڻ جو انتظار لهي ئي ڪونه ٿو.

19

اَکِيَنِ جا آگَمَ، مُون تان لاهِ مَ سُپِرِين

ڪَري مَلارَ مِينهَن جِئَن، وَسِي لاهِ وَهَمَ

تو ڏِٺي مُون غَمَ، ڏِينهَنِ جا ڏُورِ ٿِيا. [3259]

سمجهاڻي: اي سڄڻ، تون پنهنجي ڪرم جا ڪڪر (نظر) مون تان هرگز نه لاهه. بلڪ مينهن جي وسڪاري وانگر ڀرپور طريقي سان وسي اندر کي ڌوئي صاف ڪر. اي سڄڻ سائين، توکي ڏسڻ سان يا ملڻ سان منهنجا ورهين جا غم ۽ درد دور ٿي وڃن ٿا.

 

وائي

کَرُ مَرُ کامي پَچي، آءٌ وِيندِي دَرِ دوستَ جي

جِئائِين ڏُڄَڻُ تَڪِيو، سَڄڻ تِئائِين اَچي

وَسِئو مِينہُ وَڏَ- ڦُڙو، ڪِي سَڻائِي سَچي

نُورا  پايو  نِيہَ  جا،  دَر  ڀَلي  جي  نَچي. [3260]

سمجهاڻي: منهنجو بدخواهه (رقيب) ڀلي سڙي پچي (ڪارو ڪوئلو ٿي) وڃي، ڇو ته آءٌ هر صورت ۾ دلبر دوست ڏانهن وينديس. منهنجو سڄڻ شل اتان اچي لنگهي جتي دشمن جي ويهڻ جي جاءِ آهي. سانوڻ جي وڏڦڙي برسات پيئي آهي، بيشڪ سچي سائين اها مهرباني ڪئي آهي. (ڌڻيءَ جنهن جي مراد پوري ڪئي آهي ۽ سڄڻ وٽس آيو آهي ته) اها مالڪ جي در ڇو نه ڇير ٻڌي (خوشيءَ مان‎) نچي يا جهمر هڻي.

 

داستان ٻِئو

 

1

مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄِئا، تاڙي ڪِي تَوارَ

اَڄُ پُڻُ مُنهنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا. [3261]

سمجهاڻي: سانوڻ جي مُند آئي ته ڪڪرن جي گجگوڙ ۽ مينهن وسڻ جا آواز اچڻ لڳا (سُرمنڊل جا ساز وڄڻ لڳا). تاڙي پکي ٻولڻ شروع ڪيو آهي (عام ويساهه ته تاڙي تنواريو ته مينهن ايندو). منهنجي يار سانوڻ وسڻ جو ويس ڪيو آهي (کنوڻ تجلا پيئي ڏئي ۽ بادل ڀرجي آيا آهن) يعني اجهو مينهن آيو (جيڪو خوشي ۽ سَرهائي آڻيندو).

2

مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄِئا، ڳورِي پِيه ساري

وَڏَڦُڙو واڪا ڪَري، اُٺو اُونَهاري

گَهنگَهرُ گَهرِئُون ڪَڍِئو، مِينهِڙَنِ ماري

ڪَڪَرَ اَڄُ ڪاري، وارو ڏِنو وِڄُڙِيين. [3262]

سمجهاڻي: سانوڻ جي مُند اچڻ سان مينهن جا ساز وڄڻ لڳا (رم جهم ٿيڻ لڳي) ۽ هن عورت کي پنهنجو پيارو وَرُ ياد اچڻ لڳو (جيڪو پرديس پورهيي لاءِ ويل هو ۽ مينهن جي موسم ۾ موٽڻ جو انجام هوس). آرهڙ جي گرميءَ ۾ وڏڦڙو مينهن وڏي آواز سان وسڻ لڳو. اهڙي قسم جي (بابرڪت) مينهن گهرن مان هر قسم جي ڏکن ڏولاون کي تڙي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. آسمان ۾ ڪڪرن گوڙ ڪري کنوڻين کي وارو ڏنو ته گهڻو مينهن وسائين.

3

سَڄو صافُ نه اُڀَري، سَرَلي وِچان سِڄُ

مُنہَ چَڙهِئو کي ماڙُهئين، ڏِئي واڌايُون وِڄُ

هِنيَڙا کَپُ مَ کِجُ، سِگها مِلَندءِ سُپِرِين. [3263]

سمجهاڻي:  (مينهن جي مند آهي، آسمان سڄو بادلن سان ڍڪيل آهي). سج اهڙي جهڙالي موسم ۾ ورلي پوريءَ ريت ظاهر ٿو ٿئي. بلڪ آسمان ۾ کنوڻ کلندي مٿان ئي مٿان هيٺ ڌرتيءَ وارن کي مينهن جون واڌايون پيئي ڏئي. (اهڙي خوشگوار ماحول ۾) اي دل، تون اجايو پريشان نه ٿيءُ (الڪو ۽ ڳڻتي نه ڪر). اميد ته توکي پنهنجا پرين جلدي ملي ويندا (اهي جلد تو وٽ پهچي ويندا.)

4

سَرَلي سُونهَنِ سي، جَنِ گَهرِ کَٽِ سَڄَڻَ سُپِرِين

جي وانڍِيُون وَرَنَ ري، تَنِ کي مِينهَنِ ميڙِئا. [3264]

سمجهاڻي: سانوڻ جي مينهن وسڻ واري موسم ۾ اُهي سهاڳڻيون ئي خوش آهن، جن جا وَر ساڻن گهرن ۾ گڏ کٽ تي اڳيئي موجود آهن، پر جيڪي ويچاريون مڙسن کان سواءِ اڪيليون هيون، تن جا ور به مينهن جي موسم ۾ موٽي اچي ساڻن مليا (مالڪ مهرباني ڪئي ۽ مٿن احسان ڪيو).

5

ڪُڻِڪَنِ ڪانڌَ چِتِ ڪِئو، جُهڙُ پَسِئو جُهڻڪَنِ

سُڻِئو رَڙ رَعَدَ جِي، ڪَلِيُون ٿِيُون ڪَنبَنِ

وارِثُ وَري تَنِ، اَچِي شالَ اولو ڪَري. [3265]

سمجهاڻي: هو ويچاريون جهُڙ ۽ بادلن ڏانهن نهاري پنهنجن ورن کي دل ۾ ياد ڪري پيون روئن ۽ رڙن. هو اڪيليون عورتون (جن جا ور پرديس ۾ آهن) وڄ جي گجگوڙ ٻڌي خوف ۽ ڊپ ۾ پيون ٿڙڪن ۽ ڏڪن. (ڌڻيءَ در دعا آهي ته) شل انهن جا سنڀاليندڙ مڙس واپس اچي سندن ڍڪ ۽ بچاءُ ڪن.

6

ڪُڻِڪَنِ ڪانڌَ چِتِ ڪِئو، جُهڙُ پَسِئو جِهڄَنِ

وَرِي وانڍِيَنِ اَڏِيا، پَکا سي مَ پُسَنِ

اُتَرُ ڊاهي اُنِ جا، ته ڪِنہِ کي ڪارُون ڪَنِ

ڪَلِيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ، ويچارِيُون وَرَنِ ري. [3266]

سمجهاڻي: هو ويچاريون اڪيليون عورتون آسمان ۾ جهُڙ ۽ بادلن کي ڏسي پنهنجن مڙسن کي ياد ڪري پيون ڳڻتيءَ ۾ ڳرن. هنن جيڪي پکا مڙسن جي مدد کان سواءِ اڪيلي سر اڏيا آهن، شل اُهي برسات ۾ ڀِڄي ڀُري نه وڃن. ڀلا جيڪڏهن اتر جي تيز هوا انهن جا اجها ڊاهي پَٽ ڪري ته هو ڪنهن کي دانهن ڏينديون (ڪير سندن اها دانهن ٻڌندو؟). اهي اڪيليون عورتون مڙسن کان سواءِ بلڪل سانت ۽ خاموش آهن، هنن جي ڪير شنوائي ڪندو؟

7

گَنيَرَ گَتَ سِکَنِ، چَلَڻَ جِي چاهِ پَئي

هِنڊُوا حَيرتَ ۾ پِئا، لالِي ڪِي لَبَنِ

چَمَڪَنِ چَؤڏِس چَنڊَر جِئَن، وِڄُڙِيُون وِهِسَنِ

لوچَنِ ٿِيُون لَطِيفُ چئي، پَسَڻَ لَئي پِرِيَنِ

ڪَيسَرَ قَرِيبَنِ، سَنباهي ساڻُ ڪِئا. [3267]

سمجهاڻي: سڄڻ جي سهڻي چال ڏسي هاٿي (جنهن جي هلڻي سهڻي آهي) پڻ  ريس ۾ محبوب واري سهڻي هلڻي پيا سکن. محبوب جي چپن جي ڳاڙهاڻ ۽ سرخي ڏسي هنڊوا (مينهن وساڙا ڳاڙها جيت) پاڻ وڏي اچرج ۽ عجب ۾ پئجي ويا (ڇو ته محبوب جي لاليءَ جو ڪو جواب ڪونهي). آسمان ۾ چوطرف کنوڻيون (سڄڻ جو ديدار ڪري) چنڊ وانگر پيون مرڪن ۽ کلي خوش ٿين. عبداللطيف ٿو چوي بلڪ اهي ته دوست جي ديدار لاءِ پيون واجهائين، ڇو ته منهنجي محبوب رنگارنگي پيلا ڳاڙها سرها ويس ڪيا آهن.

8

ڪامِڻَ کَڻندي کَنجَ، اَبُرَ ۾ اُهاءُ ٿِيو

پَسِي پَرِ پِرِيَنِ جِي، ٿِيا رَقِيبا رَنجَ

شالَ وَسَندو سَنجَھ، مَٿي عاشِقَ اوهِيرا ڪَري. [3268]

سمجهاڻي: هن سهڻي من موهڻيءَ عورت جڏهن چوڙي سان ڀريل ٻانهن مٿي ڪري چوڙين کي وائکو (هيٺ مٿي) ڪيو ته ڄڻ ڪڪرن ۾ کنوڻ جو تجلو ٿي ويو. سهڻي سڄڻ جي اها ريت ڏسي اسان جي رقيب ۽ بدخواهه کي گهڻي تڪليف پهتي. شال سانجهيءَ سوير مندائتو مينهن عاشق جي مٿان وڏا وسڪارا ڪري.

9

اُٺو اوهِيرا ڪَري، مَٿي عاشِقَ اَڄ

ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِينهَنِ مُنہُ ڏيکارِيو. [3269]

سمجهاڻي: اڄ عاشق جي مٿان (الله جي مهربانيءَ سان) مندائتي مينهن جو وڏو وسڪارو ٿيو آهي. اي (خلق کي ڏکوئيندڙ) آزاريندڙ، تون ڀڄي پري ٿيءُ جو مينهن (خدا جي رحمت) پنهنجو منهن ڏيکاريو آهي (برڪت واري برسات شروع ٿي ويئي آهي).

10

اَڱَڻِ تازِي، ٻَهَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽِ سُونهَنِ

سُرَهِي سيجَ، پاسي پِرِين، مَرُ ٿا مِينهَن وَسَنِ

اَسان ۽ پِرِينِ، شالَ هُونِ بَرابَرِ ڏِينهَڙا. [3270]

سمجهاڻي:  (مينهن کان پوءِ خوشحاليءَ جو نظارو) گهر جي اڱڻ تي عربي گهوڙا ٻَڌل آهن ۽ ٻاهر ميدان تي ڪُنڍيون (سهڻيون) مينهون بيٺيون آهن. پوٺن تي سانگين جا اجها ڏاڍا سهڻا پيا لڳن. سرهاڻ سان واسيل سيج ۽ پاسي ۾ پرين سان گڏ ڀلي مينهن پيا پون. شل اسان جا ۽ منهنجي سڄڻ جا ڏينهن هڪجهڙا هجن (هميشه انهيءَ حالت ۾ هجون).

11

جِهَڙِي لالِي لاکَ جِي، تِهَڙِي سارَنگَ سِٽَ

اِيئَن سي اُٻَنِ اَنگِيا، جِيئَن سي چُنِيءَ چِٽَ

بَرسِيو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙَ جا. [3271]

سمجهاڻي: جهڙي لاک جي ڳاڙهاڻ هوندي آهي، تيئن سارنگ (سانوڻ) جي جهُڙ ۽ ڪڪرن جي سهڻي صورت آهي. اڇا ٻاڦ مثل ڪڪر ٻين سان گڏجي اهڙيءَ طرح جُڙي بيٺا آهن جيئن رڱيل چنيءَ تي هِتي هُتي اڇا گُل هوندا آهن. (مالڪ جي مهربانيءَ سان) اُها برسات پيئي، جنهن ڀِٽ جي ڀرپاسن ۽ ڪِراڙ ڍنڍ کي ڪنڊن پاسن سوڌو تار ڪري ڇڏيو.

12

اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَلَ ڪَڍِئا بُرجَ سِين

سازَ، سارنگِيُون، سُرندَڙا، بَجايَئِين بُرچَنگَ

صُراحِيُون سارَنگَ، پَلٽِيُون راتِ پَڊامَ تي. [3272]

سمجهاڻي: اڄ آسمان ۾ ڪڪرن بُرجن مثل چوٽين مٿان گهاٽا ۽ چٽا رنگ ڪڍيا آهن. اڄ ڪڪرن ۾ اهڙي قسم جي گجگوڙ پيئي ٿئي، ڄڻ سارنگيون ۽ سُرندا سڀ ساز پوري زور شور سان وڄي رهيا آهن. آخر سارنگ بارش سان ڀريل سڀ صراحيون پڊام جي پٽن تي پلٽي ڇڏيون (مندائتي مينهن جا واهڙ وهي ويا)

13

ٿَرُ گَجِئو، بَرُ گَجِئو، گَجِئو ديسان ديسِ

واهَ! تَنِي جي ويسِ، جي وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون. [3273]

سمجهاڻي: ٿر جي مٿان ڪڪرن جي گجگوڙ ٿي ۽ مينهن وسي پيو ۽ ساڳيءَ ريت برن ۽ پٽن تي به بارش پيئي. مطلب ته ملڪان ملڪ مينهن پئجي ويو. اهڙين وڄن جي سهڻي ويس جي واهه واهه ڪجي، جيڪي وڄون اتي انهن هنڌن تي وسڻ آيون.

14

وَسي تَڏِهن وَسَ، مُندَ مِڙيئِي مِينهَن جِي

کَٽَرُنِ کيٽا ڇَڏِئا، جي مِڙيُون ٿي مَسَ

گابا مَٿي گَسَ، ڏُکَ نه ڪَندا ڏُٻَرا. [3274]

سمجهاڻي: مينهن جي وسڻ سان ئي ملڪ آباد ۽ سهڻو پيو لڳي تڏهن ته هر ڪنهن کي مينهن جي موسم سٺي لڳندي آهي. اهي مينهون ۽ ڳئون جيڪي هونئن کٽر ٿي پيون هيون (نه پئي مِڙيون، کير نٿي ڏنائون يا ڦَرن کي نٿي ڌارايائون) سي هاڻي سدوريون ٿي پيون آهن (لتون ڪونه ٿيون هڻن) ۽ کير ڏيڻ لاءِ سنڀري بيٺيون آهن. هاڻي ڏڪار جا ڏک گابن توڻي مال جي ٻين ڦَرن کي ڏٻرو ڪونه ڪندا.

15

ڏَڙَ رَيا، ريجَ ٿِئا، ڪِي اوهِيرَنِ اوڪَ

ميها، چِڀَڙَ، ڦُنگِيُون، ٿِينِ سَڀَئِي ٿوڪَ

ڇاڇَرَ ٿِي ڇَنُنِ ۾، مينهِيُون چَرَنِ موڪَ

سَرهِيُون سَنگھارِيُون ٿِيُون، پائِينِ تَوسِيُون طوقَ

لاٿَئِين مَٿان لوڪَ، ڏوگاهي جا ڏِينهَڙا. [3275]

سمجهاڻي: مينهن جي پاڻيءَ سان ٻنا ٻارا سڀ ڀرجي ويا ۽ هرهنڌ خشڪ زمين آلي ٿي ويئي. جتي ڪٿي برسات وارو وار پئجي ويئي. ميها، چڀڙ ۽ ساريٽي جي سُرهي ول توڻي ٻيون سڀ کائڻ واريون وليون ۽ ميوا ڦٽي نڪتا. زمين جي هيٺانهينءَ وارين تراين ۾ پاڻي ڪٺو ٿي ويو ۽ ماهيو مال هرهنڌ بنا روڪ ٽوڪ چَرڻ لڳو. سنگهارن جون مايون ڏاڍو خوش آهن جو هنن ڳچيءَ ۾ ڳهه پائڻ شروع ڪري ڇڏيا. مالڪ مهرباني ڪئي جو سڀني ماڻهن تان ڏڪار ۽ تڪليفن کي دور ڪري ڇڏيائين.

16

رَحمَتَ ڀَرِيا راڄِيا، مَوليٰ مِينهَن وَساءِ

ماڻُهو ڍَيين مانِيين، ڌَڻَ ڍَيين سين گاهَ

ايڏِي سَگَھ سَچا ڌَڻِي توهِي کي جُڳاءِ

ميڙائي جو ماءُ، ڪانگُ لَوَندو ڪَڏِهِين. [3276]

سمجهاڻي: اي ٻاجهه ۽ رحم وارا مالڪ الملڪ، تون پنهنجي رحمت جا ڪڪر وساءِ (مينهن کي موڪل ڏي). تون ئي ته سڀني ماڻهن کي ماني کارائي ڍئو ڪرائين ٿو ۽ سڀني جانورن جو پيٽ گاهه سان ڀرين ٿو جو هو اوڳارون ڪندا وتن. اي سچا سائين، اهڙي طاقت ۽ قوت جو مالڪ فقط تون ئي آهين، توکي ئي اهڙي طاقت جڳائي ٿي. اي ماءُ، منهنجي سڄڻ جي اچڻ جي (ملڻ جي) خوشخبري ڏيڻ لاءِ اهو ڪانگ ڪڏهن لنوندو، مون کي انهيءَ جو انتظار آهي.

وائي

گَهڻو گُهرِجَنِ ماءُ، اَڄُ گُهرجَنِ ماءُ

سَڄَڻَ سانوَڻ مِينهَن جِئَن

اُوچِي ماڙِيءَ ڏِئو ٻَري، ٻاهِرِ ڦُڙِيءَ ٺَڪاءُ

آءٌ پَنہِنجي پِرِينءَ کي، لوڪان لِڪِي راءِ

ڪُونجَ ڪُڻِڪي، مورُ چُڻِڪي، پَپِيهَلُ پِي پِي ڳاءِ

سَڄڻ آيو مُون ڳَري، جِئَڻُ مُون جُڳاءِ

ڪيرِ  موهِيندو  وَلهو،  ڏيئِي  ٻانہَ  ڳَراء. [3277]

سمجهاڻي: اي امان، اي امان، اڄ منهنجي اندر ۾ سڄڻ لاءِ سانوڻ جي مينهن جهڙي تانگهه ۽ طلب آهي. مون کي سندن ياد ڏاڍو پيئي ستائي. مٿي ماڙيءَ اندر ڏيئي جي سُهائي آهي، پر ٻاهر وڏڦڙو پيو وسي (برسات جو وڏو آواز پيو اچي). اهو ئي موقعو آهي جو مان پنهنجي پرينءَ کي لڪي ڇپي (جيئن لوڪ لکا نه پوي) راضي ڪنديس. چوڌاري ڪونجن ۽ مورن جي ٻولڻ جا آواز پيا اچن ۽ پپيهل پکي پڻ مٺڙي ٻولي پيو ڪري. منهنجو سڄڻ مون وٽ اچي ويو آهي. مون کي کلي خوش ٿيڻ ٺهي ٿو (ان کان وڌيڪ مون کي ٻيو ڇا کپي). مون کان سواءِ ٻيو ڪير منهنجي ور ۽ ڀتار کي پيار سان پنهنجو ڪندو ۽ هن جي ڳچيءَ وٽان ٻانهن ڏيئي قرب ونڊيندو؟ (اهو ڪم مون کي ئي ته سونهي ٿو.)

 

داستان ٽرئو

 

1

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪِيائِين

مُندائِتَنِ مِينهَنِ جِي، رُتِ نه روڪِيائِين

پَلُرُ پَلٽِئائِين، سَنگھارَنِ سُکَ ٿِئا. [3278]

سمجهاڻي: اڄ به اتر طرف (مالڪ مهربان) ڪڪرن کي گڏ ڪيو آهي ۽ مُند وارن مينهن کي نه روڪيو اٿس. انهيءَ مالڪ ئي مينهن جي پاڻيءَ جي هر طرف پالوٽ ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري مال وارا ماڻهو ڏاڍا خوش ۽ سرها ٿيا آهن.

2

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرِيُون ڪارِيُون

وَسي ٿو وَڏَڦُڙو، ٽَهَڪَنِ ٿِيُون ٽارِيُون

لَٿِيَنِ لُکَ لَطِيفُ چئي، ڍايُون تاسارِيُون

ڀِڄَندي  ڀَٽارِيُون،  وَرِي  وَٿاڻين  آئِيُون. [3279]

سمجهاڻي: اڄ به اُتر جي پاسي گهاٽا ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن، جنهن جي ڪري وڏڦڙو مينهن پيو پوي ۽ وڻن جون ٽاريون (مينهن جي ڦڙين پوڻ سان) ٽهڪ پيون ڏين (ٽهه ٽهه جو آواز پيو ٻڌجي). عبداللطيف چوي ٿو ته مينهن پوڻ ڪري سڀني جي اُڃ ۽ اُساٽ لهي ويئي ۽ اُڃايل مينهون ڍاپي ويون. اهي ڀَليون مينهون (جيڪي کير گهڻو ڏين) وسندي مينهن ۾ پُسندي پنهنجن وٿاڻن ۾ اچي پهتيون.

3

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَر ٿو ڪَري

واحِدُ واٽَڙِيَنِ تي، خالِقُ کَنڊَ ڀَري

پاساڙِئان پَري، سانگِ مَ وڃن سُپِرِين. [3280]

سمجهاڻي:  (مالڪ سائين) اڄ به اُڀ ۾ اتر جي پاسي ڪڪر ۽ جهُڙ پيو ڪري. اي رب سائين! انهن واٽن تي جيڪي ننڍا وڏا کڏا کوٻا آهن، انهن کي تارڪر. اي هر شيءِ جا خالق، تون انهن وڏن وڏن تلائن کي ڀري ڇڏ (جيڪي سُڪي ويا آهن) ته جيئن منهنجا سُپرين مون کي (پاڻيءَ جي بهاني) اڪيلو ڇڏي ٻئي پاسي نه هليا وڃن.

4

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري

وَسِئو سي ڀَري، جي ڏَڙَ ڏِينهَنِ کانئِيا. [3281]

سمجهاڻي: اڄ به آسمان ۾ اتر کان ڪارا ڪڪر مٿي چڙهي آيا آهن. اهو ئي مالڪ آهي جيڪو وڏا ڏار ڏرا ۽ چلها (تلاءَ) جيڪي سخت گرميءَ ۾ جهڙوڪ سڙي سُڪي ويا هئا، مينهن وسائي وري ڀري تار ڪري ڇڏيا.

5

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ڪَري لالَ لِبيسَ

پِرِين جي پَرَديسَ، سي مُون کي مِينهَنِ ميڙِيا. [3282]

سمجهاڻي: اڄ پڻ اتر جي طرف آسمان ۾ بلڪل ڪارا (ڀنؤر جهڙا ڪارا) ڪڪر ڇانيل آهن. کنوڻيون سرخ ڳاڙها (لال ڪنوار جهڙا) ويس وڳا پائي مينهن وسائڻ لاءِ تيار ٿي آيون آهن. منهنجا پيارا پرين جيڪي پرديس ۾ هئا، برسات جي اهڙي رُت ۾ اچي مون کي مليا آهن. (اها سهڻي موسم ئي کين مون وٽ وٺي آئي آهي)

6

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪِي چوٽِي

مُندائِتي مِينهَن جِي، کِنوَڻِ نه کوٽِي

آءُ  لالَڻَ  موٽِي،  گهورِيا  رُسَڻَ  ڏِينهَڙا. [3283]

سمجهاڻي: اڄ پڻ اترپاسي ڪڪرن  جي ڪاراڻ ٿي ويئي آهي ۽ گجگوڙون ۽ ڪڙڪاٽ پيا ڪن. پوري مُند تي آيل مينهن جي کنوڻ ڪوڙي نه هوندي  آهي (ڇو ته ان سان مينهن ضرور ايندو آهي). اي منهنجا ڍولڻ سائين، تون موٽي اچ، اهي ڪاوڙ ۽ غصي وارا ڏينهن گهوري ڦٽو ڪر (رُسڻ جي ريت ڇڏي پرچي پئو.)

7

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ٿو گَجي ۽ گُڙي

وِڄُڙِيَنِ وَراڪا ڪِيا، وَڏي تيزَ تُڙي

وَسِي وَڏَڦُڙي، ڀَرِيا تَلَ تَرائِيُون. [3284]

سمجهاڻي: اڄ پڻ آسمان ۾ اتر طرف ڪڪرن جي زوردار گجگوڙ ۽ آواز آهي. وڄون پڻ هرڪنڊ کان تکا ۽ تيز تجلا پيون ڏين. وڏڦڙو مينهن وسي پيو، جنهن ڪري سڀيئي تلاءَ ۽ ترايون پاڻيءَ سان ڀرجي ويا آهن.

8

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري

روضي پاسِ رَسُولَ جي، پَلٽِئو پَٽَ ڀَري

وِڄُنِ ساڻُ وَري، ته سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي. [3285]

سمجهاڻي: اڄ پڻ اڀ ۾ اتر طرف ڪيترا ڪارا ڪڪر ۽ گهاٽو جهُڙ ٿي ويو آهي. (بارش جو سمان پيو نظر اچي). رسول پاڪ (ﷺ)جي روضي جي چوڌاري (رحمت جو) وڏو مينهن پيو آهي، جنهن سڀ هيٺانهيون مٿانهيون ڀري ڇڏيون آهن. شال انهيءَ (برڪت ڀرئي) مينهن واريون کنوڻيون هن طرف موٽي اچي وسن ته (هي غريب) سنگهار به سکيا ستابا ٿي پون (سندن ڏک ڏولاوا لهي پون)

9

اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪِيائِين

روضو پاڪُ رَسولَ جو، ريجي رَيائِين

آڻي  ڏِنائِين،  عالَمِ  آبُ  اَگُوندَرو. [3286]

سمجهاڻي: اُڀ ۾ اتر طرف اڄ به مولا سائين ڪڪرن جي ڪارونڀار ڪئي آهي ۽ رسول پاڪ (ﷺ ) جي روضي ۽ ان جي ڀرپاسن کي باران رحمت سان پوريءَ ريت ڀري ڇڏيائين. بيشڪ مالڪ سائين هن سڄي عالم ۽ جهان کي خوشيءَ ڏيندڙ پاڻيءَ سان نوازي ڇڏيو آهي.

10

ڪَڪَرَ پَسو اَڀَ ۾، اُتَران جي اَچَنِ

اَبُرَ سَندي اوجَ ۾، وِڄُون وَراڪا ڪَنِ

وَسِي وَڏَڦُڙَنِ، ساڻيہُ سَڀِ سُکِي ڪِئو. [3287]

سمجهاڻي: آسمان ۾ جيڪي ڪارا ڪڪر اتر کان پيا اچن، تن ڏي نهاريو. ڏسو ته ڪيئن نه ڪڪرن جي ڪاراڻ ۾ کنوڻيون کيل پيون ڪن (هر هيڏانهن هر هوڏانهن پيون تجلا ڏين). بيشڪ وڏ ڦڙي مينهن (گهڻي ۽ ججهي بارش) ديس جي سڀني ماڻهن کي خوشحال ۽ آباد ڪري ڇڏيو.

11

اُٻُون، ڪَڪَرَ، ڪَڍَرُون، اُتَرَ ڏي آهِينِ

جو آگَمَ ڪَري آئِيُون، ته مُندَ نه مَٽائِينِ

مَٿان لوڪَ لَطِيفُ چئي، گُوندَرَ گَمائِينِ

پَلُرُ پِيارِينِ، اُڃَنِ آبُ اَگُوندَرو. [3288]

سمجهاڻي: آسمان ۾ اتر طرف ٻاڦ جهڙيون اڇيون ڪڪريون هڪٻئي پويان قطارون ڪري پيون هلن. اهي مند (گرمي ۽ گهُٽ) جي حساب سان ڀرجي آيون آهن ته ضرور وسي پونديون. اهي گرمي ۽ گهُٽ (مينهن وسڻ جي نشاني) ڪري آيون. عبداللطيف چوي ٿو ته اهي وسڻ سان هر ڪنهن جا سڀ غم ميٽي ڇڏينديون. اهي ڪڪريون ئي اڃايلن کي گهڻو ۽ صاف پاڻي مهيا ڪري ڏينديون.

12

بَرَ وَٺا، ٿَرَ وَٺا، ڀَرِيُون تَرايُون

پِرِهَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون

مَکَڻَ ڀَرِيُنِ هَٿڙا، سَنگھارِيُون سايُون

ساري ڏُهَنِ سامُهيُون، ٻولهايُون رايُون

ٻانِهِيُون ۽ ٻايُون، پَکي سُونهَنِ پانہِنجي. [3289]

سمجهاڻي: ٿر ۽ بر ۾ جتي ڪٿي مينهن وسي پيو جنهن ڪري هيٺانهينءَ واريون ترايون (تراکڙا تلاءَ) ڀرجي ويون. صبح جو سوير اُٿي سنگهارن جون مايون اڱڻ ۾ کير پيون ولوڙين. هو هٿن سان مکڻ جا چاڻا پيون ڪڍن، تنهن ڪري اُهي سکيون ستابيون پيون لڳن. اهي مال واريون مايون ساري سنڀالي هر قسم جي ڳئن کي وٿاڻ تي پهچڻ سان ڏُهي ڇڏين ٿيون. سانئڻيون توڻي سندن ٻانهيون سڀ پنهنجن گهرن ۾ (پنهنجن وَرن سان) ئي خوش آهن.

13

بَرَ وَٺا، ٿَرَ وُٺا، وَٺو جيسَرَميرُ

آگَمَ ڪَري آئِيُون، پائُرِ ڀَري پيرَ

لاٿائُون لَطِيفُ چئي، وانڍِيَنِ مَٿان ويرَ

سُرَها ڪِئائُون سيرَ، سَرهِيُون سَنگهارِيُون ٿِيُون. [3290]

سمجهاڻي: ٿرن توڻي برن ۾ مطلب ته هرهنڌ مينهن پئجي ويو، ويندي جيسلمير تائين برسات پيئي. گرمي ۽ گهُٽ جي موسم ۾ اهي کنوڻيون ٿر جي ڀاڱي پائر مٿان وسڻ لاءِ پهچي ويون. عبداللطيف چوي ٿو ته ويچارين وَرن کان وڇڙيل زالن تان مينهن اچي مصيبت لاٿي (جو اهڙي موسم ۾ سندن گهروارا گهر آيا). اچڻ وڃڻ جا گس ۽ پيچرا ساوڪ ۽ سرهاڻ سان ڀرجي ويا ۽ سنگهارن جون گهرواريون ڏاڍو خوش پيون ٿين.

14

بَرَ وَٺا، ٿَرَ وَٺا، وَٺِي ڪَڇَ ڪِنارَ

پُوڃاڙِيءَ پَٽَنِ تي، ڏَسُ نايائُون نارَ

سَٻاجھي سَتارَ، لاٿا ڏُرِتَ ڏيہَه تان. [3291]

سمجهاڻي: بر توڻي ٿر ۾ ڏاڍو مينهن پيو. ڪڇ ملڪ جي سرحد وارو پاسو به خوب وسي پيو. ڏينهن جي پوئين پهر ئي هر هنڌ ڪڪرن ۽ وڄن پاڻيءَ جا نار کولي ڇڏيا (آسمان مان پاڻيءَ جا نار وهي هليا). ائين مالڪ مهربان ڌڻي سڳوري ديس تان ڏڪر جو ڏولائو لاهي ڇڏيو.

15

حُڪمُ ٿِيو بادَلَ کي، ته سارنگَ ساٺَ ڪِجَنِ

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَہِ ٽَہِ مِينهَن ٽِمَنِ

جَنِ مَهانگي ميڙِيو، سي ٿا هَٿَ هَڻَنِ

پَنجَنِ مان پَندَرهن ٿِيا، اِيئَن ٿا وَرَقَ وَرَنِ

ڏُڪارِيا ڏيہَ مان، مُوذِي سَڀِ مَرَنِ

مينهِيُون پاڻَ مُرادِيُون، ٿَڌا ٿَرَ چَرَنِ

وِهُڪي جَنِ وَرِهِيَه ٿِئا، موٽِئو سي مِڙَنِ

وَرِي وَڏِيءَ وَسَ جُون، ڪِيُون ڳالِهيُون ڳَنوارَنِ

سَيِدُ چئي سَڀِنِ، آهي توهَ تُنہنجو آسَرو. [3292]

سمجهاڻي: ڪڪرن کي (الاهي) حڪم ٿيو ته مينهن جي وسڻ جي تياري ڪريو (رنگ اختيار ڪريو ۽ گجگوڙ جا آواز ڪريو). ايتري ۾ وڄون مينهن آڻي وسڻ لڳيون ۽ مينهن ٽهه ٽهه جي زوردار آواز سان ٽمڻ لڳو. جن مال مهانگو ڪري وڪڻڻ لاءِ (سهانگو) مال خريد ڪيو هو، سي هاڻي پريشان آهن. هو پنجن مان پندرهن ڪمائڻ لاءِ تيار ٿي ويٺا هئا. (او مالڪ سائين) ديس ۾ اهڙا ڏڪار پيدا ڪندڙ ايذائيندڙ انسان شل سڀ مري کپي وڃن.

ماهيو مال پنهنجي منهن (سواءِ ڪنهن روڪ ٽوڪ جي) ساوا گاهه پيو کائي. جن کير ڏيڻ بند ڪيو هو، سي مينهيون وري ڏُڀڻ لڳيون. مالوند ماڻهو هڪٻئي سان گڏ ويهي وڏي برسات بابت رهاڻيون پيا ڪن. عبداللطيف چوي ٿو ته اي مولا سائين، سڀني ماڻهن کي تنهنجي مهربانيءَ ۽ ڀلائيءَ جو آسرو ۽ اميد آهي.

[مثنويءَ ۾ هڪ حديث جي حوالي سان اهو خيال هن ريت ملي ٿو ته مولا سائين سخين کي وڌيڪ ڏي ۽ بخيلن لاءِ بد دعا جا ساڳئي قسم جا الفاظ آهن:

کاي خدايا ممسکان را در جهان،
تو مده الا زيان اندر زيان،
اي خدايا منفقان را ده خلف،

اي خدايا ممسکان  را ده  تلف.

(دفتر اول، ب- 2224_25)

معنيٰ:  اي مولا هن دنيا ۾ بخيلن کي تباهي ۽ برباديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڏي. اي خدا، پر خرچ ڪرڻ وارن (سخين) کي ججهو انعام ڏي ۽ جيڪي بخيل آهن، تن کي تباهه ۽ برباد ڪر.]

16

واڳِئا جي وَجَہَ سِين، رَب نه سُڃاڻَنِ

’ميڙِيان ميڙِيان‘ ڪَنِ، اِيءَ ميڙَ مُهِندِيَنِ ڪَڏِهِين. [3293]

سمجهاڻي: ڪي لالچي مال ميڙيندڙ هرهنڌ ۽ هر صورت ۾ ڏوڪڙن گڏ ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن، هو پنهنجي مالڪ رب سائينءَ کي به نٿا سڃاڻن. اهي ڏينهن رات ميڙميڙان جي فڪر ۾ آهن، اها ميڙڻ واري لالچ کين ضرور ماري ۽ خوار خراب ڪندي.

17

بِرِهَ مَنجھارا بُوندَ، اَچي جي عالَمَ کي

ته ’هَئي هَئي‘ بانگَ هُوند، ٻِي ٻولِي ٻُجَهنِ ڪانَه ڪا. [3294]

سمجهاڻي: جيڪڏهن جهان وارن کي صرف درد فراق واري بوند ئي حصي ۾ ملي ها ته پوءِ جيڪر سڄي جهان ۾ ’هئي هئي‘ جي وائي هجي ها. ماڻهو ٻي ڪا ٻولي ڄاڻن ئي ڪونه ها (اها ئي هڪ ’هئي هئي‘ واري ٻولي هجين ها).

وائي

اَکِيان ميگَھ مَلارَ، صُورَتَ تُنہِنجِي سَڀُ جَڳُ موهِيو

سَجَدو فِيلَ فِي الحالُ ڪِيو، پَسِي مُطلِبَ نُورَ نِرارَ

ڄاپَڻَ وَقتَ وَريامَ جي، ڪِريا ڪُنگَرا ڪوٽَ ڪُفارَ

آگي آسمانَنِ جو، توکي ڪارِئو سَيرُ سَتارَ

وَ لَسَوفَ يُعطِيک رَبُک فَتَرضٰى‘، توسِين

 قادِرَ ڪِئا قَرارَ

اُڪَنڊِئا جي اَبُرَ کي، سي سَرَها ٿِيا سَنگهارَ

موڪَلَ ٿِي مِينهَن کي، دوستَ هَٿان دِلدارَ

آهِنِ ڪَرَمَ ڪَرِيمَ جا، اَحمدَ ساڻُ اَپارَ. [3295]

سمجهاڻي:  (اي مٺا محبوب) تنهنجيون اکيون ميگهه ملار (من موهيندڙ) آهن ۽ تنهنجي صورت (حُسن ۽ سونهن) ساري جهان کي موهي (مشتاق ڪري) وڌو آهي.

حضرت عبدالمطلب (نبي ڪريم ﷺ جو ڏاڏو) جي پيشانيءَ ۾ نور جو تجلو ڏسي ’فيل‘ نالي ڪاهن تعظيم ۾ جهڪي پيو هو. بيشڪ  (ٻنهي جهانن جي) سردار () جي ڄمڻ سان ڪفر جي قلعن (ايران جي بادشاهه ڪيخسروءَ)  جا ڪُنگرا ڪِري پيا هئا.

اي نبي ڪريم (ﷺ)، ڪائنات جي مالڪ توکي آسمانن جو سير (معراج) ڪرايو. ’سگهو ئي تنهنجو رب توکي ڏيندو ۽ تون خوش ٿيندين‘ جي قرآني آيت موجب قدرت واري تو سان قول اقرار ڪيو. (تنهنجي اچڻ سان) جيڪي ابر رحمت جي انتظار ۾ هئا، اهي مارو ۽ سانگي (مصيبت جا ماريل انسان) شاد ۽ آباد ٿي ويا. اي سائين، رب رحيم (مهربان دوست) توکي رحمت جي بارش بڻائي موڪل ڏني. بيشڪ احمد (نبي ڪريم ﷺ) تي قادر ڪريم جون عنايتون ۽ نوازشون حساب کان ٻاهر آهن.

[رومي مثنويءَ ۾ ڪيترن ئي طريقن سان پيغمبر اسلام ﷺ جي تعريف ڪئي آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:

ما جهاني را بدو زنده کنيم،

چرخ را در خدمتش بنده کنيم

.(دفتر چهارم، ب- 1031)

معنيٰ: اسان (محمد صلي الله عليه وسلم) جي وسيلي مرده (غيرآباد) جهان کي نئين زندگي ڏينداسين ۽ آسمان کي هن جي خدمت واسطي مقرر ڪنداسين.

ٻئي هنڌ چوي ٿو:

سکئه شاهان همي گردد دگر،

سکئه  احمد  ببين  تا  مستقر.

(دفتر چهارم، ب- 2873)

معنيٰ: زماني جي بادشاهن جا سڪا (بادشاهي بدلڻ سان) پيا بدلجن. ليڪن احمد صلي الله عليه وسلم جو سڪو هميشه (تاقيامت) هلڻ وارو آهي.]

 

داستان چوٿون

 

1

سارنگُ سِينگاري، وِڄُون وَسَڻُ آئِيُون

مُون کي کِنوِڻ خُوش ڪِيو، جا ڪَڪَرَ ۾ ڪاري

جُهڙَنِ جُهونگاري، لاٿُمِ ڪَٽُ قُلوبَ تان. [3296]

سمجهاڻي: وڄون مينهن جي موسم جو سينگار ڪري وسڻ آيون، منهنجي دل ڪڪرن ۾ کنوڻ کي چمڪندي ڏسي ڏاڍو خوش ٿي. جهُڙ ۽ بادلن جي گجگوڙ جي آواز منهنجيءَ دل تان ڏک ۽ غم کي ميٽي ڇڏيو.

2

آگمِجِي آئِيُون، اُتَران ڪَري اُورِ

جي پِرِين هُئَڙا ڏُورِ، سي مُون کي مِينهَنِ ميڙِئا. [3297]

سمجهاڻي: آسمان ڪڪرن سان ڀرجي ويو آهي ۽ کنوڻيون اتر طرف کان ڏاڍي تک ۽ تيزيءَ سان پيون چمڪن. منهنجا اُهي سڄڻ، جيڪي گهڻو پري ويل هئا، سي مينهن جي موسم موٽائي آڻي ملايا (مون سان منهنجا سڄڻ موٽي اچي مليا).

3

سارنگُ سِينگاري، وِڄُون وَسَڻُ آئِيُون

اُڃِئا لَکَ لَطِيفُ چئي، پَلُرُ پِياري

وِڄُڙِيَنِ واري، ڪَعبي تي ڪَرَ نائِيا. [3298]

سمجهاڻي: مينهن جي مُند سنڀري سينگار ڪري آئي آهي ۽ کنوڻيون وسڻ جي تياريءَ ۾ آهن. عبداللطيف چوي ٿو ته مينهن جو اهو اوجل ۽ ججهو پاڻي لکين اڃايل انسانن جي اڃ لاهيندو . مالڪ انهن وڄڙين کي ڪعبة الله جي مٿان موڪلي باران رحمت جي پالوٽ ڪري ڇڏي آهي.

4

مَڪي کان ٿِي موٽِيُون، اُٺِيُون تي عَرفاتِ

روضي پاڪَ رَسُولَ جي، رِيجِھ ڪِئائُون راتِ

وِڄِڙِيُون پِرڀاتِ، موٽِي مِصرِ آئِيُون. [3299]

سمجهاڻي:  (باران رحمت جون) کنوڻيون مڪي پاڪ مٿان گذري عرفات (جي ميدان) تي وسڻ لڳيون. ان کان پوءِ سڄي رات رسول پاڪ (ﷺ)  جي روضي مبارڪ جو رخ رکيائون ۽ اتي ريجهي ۽ خوش ٿي گهڻو وسيون. رات جي پوئين پهر يعني پرڀات جو اهي مصر جي ملڪ پهچي ويون.

5

روضي تان رَسُولَ جي، وِڄُڙِيَنِ ڪِئو وارو

ڀَرِيائُون ڀيرَ پَئِي، نَظَرَ سِين نارو

هادِي ڀَرِ حُڪُمَ سِين، هَر تَڙُ تاسِيارو

نِرمَلَ نِظارو، پِيه پَسايو پانہنجو. [3300]

سمجهاڻي: رسول پاڪ (ﷺ ) جي روضي مبارڪ مٿان کنوڻين واري بارش موٽ کاڌي آهي ۽ وڏو  ڦيرو ڪري مهر ۽ مهربانيءَ جي نظر ڪندي ناري (واهه ۽ ان جي ڀرپاسن کي) ڀري ڇڏيو آهي. اي مولا سائين، تون سڀني خشڪ ۽ خالي هنڌن ماڳن ۽ گهٽ گهيڙن کي بارش سان ڀري ڇڏ. مون کي سهڻي سڄڻ پنهنجو پاڪ چهرو ڏيکاري وڏي نوازش ڪري ڇڏي.

6

واهُندِ-ئان وِڄُ ٿِي، گُڙِئو ڏُونہُ گَنباٽَ

ڪُنڍِيُون ڪاهي ڪَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ

سَنگھارَنِ سُکِ ٿِئا، لَٿِي اُڃ اُساٽَ

جُهڙِ ڦُڙِ ڏيئِي جھاٽَ، پُسائِيندو پَٽِيُون. [3301]

سمجهاڻي:’واهند‘ (ماڳ) جي مٿان وڄ جا چمڪاٽ آهن ۽ ’گنباٽ‘ (ماڳ) جي مٿان به بادلن جي گجگوڙ آهي. اي مال وندؤ، پنهنجيون ڪُنڍيون مينهيون هيٺانهينءَ مان ڪاهي مٿي ڪنڌيءَ تي ڪريو ۽ وَڇن کي سندن ڀرسان ٻَڌي ڇڏيو. مالڪ جي مهربانيءَ سان سنگهار ۽ مارو ماڻهو سُکيا  سولا ٿي پيا جو اڃ ۽ خشڪ سالي ختم ٿي ويئي. جهڙ ڦڙ وارو جهڪو مينهن تيز ٿي سڀ پٽ ۽ پوٺا ڀرڻ وارو آهي.

7

سارَنگَ کي سَعيو، توکي سَعيو نه ٿِئي

گُڙي ٿو گَنباٽَ ۾، آيو ڪِين آيو

هارِيَنِ لاءِ هَر جاءِ ۾، هادِي هَلايو

مَتان اِيئَن ڀانيو، ته بادَلَ وَسِي  بَسِ  ڪِي. [3302]

سمجهاڻي: آسمان ۾ بارش جو سمان آهي. مينهن اچڻ وارو آهي، پر توکي ڪو فڪر ناهي ۽ تون ڪا تياري ڪونه ٿو ڪرين. ڪڪر ’گنباٽ‘ جي مٿان بلڪل ويجهو ۽ نزديڪ پيا گجن. مينهن اِجهو ڄاڻ آيو. مالڪ سائين انهيءَ مينهن کي هارين لاءِ هر هنڌ وسايو آهي. توهان اهو خيال نه ڪجو ته مينهن وسڻ بند ٿي ويو آهي (توهان بيخبر ٿي ماٺ ڪري نه ويهو ۽ پنهنجي ٻنين کي پوکڻ جي تياري ڪريو).

8

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، سارنگُ سِينگاري

بَرسِي ڀِٽاري، ڀَرِيائِين پَٽَ پُراڻَ جا. [3303]

سمجهاڻي: سانوڻ رت ۾ مينهن جو مانڊاڻ منڊجي چڪو آهي. (سارنگ سينگار ڪري آيو آهي) ۽ وڄون مينهن وسائڻ لاءِ آيون آهن. ’ڀِٽاري‘ (ماڳ) جي مٿان وڄن جي زوردار چمڪ سان برسات پئجي ويئي آهي ۽ ’پُراڻ درياءَ‘ جي پيٽ ۽ پاسن وارا سڀ علائقا مينهن جي پاڻيءَ سان ڀرجي ويا آهن.

9

ڀِرِي ڀِٽَ تي آئِيو، سارنگُ سَهجَ مَنجها

کِڙِيُون کَٽَڻهارَ جِئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ

سَرَ سُڪا سَبزَ ٿِئا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪِيا

پَهَرِي پَٽَنِئا، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙَ جا. [3304]

سمجهاڻي: سانوڻ جو مينهن ’ڀِٽ‘ جي مٿان راضي خوشيءَ وري ڦيرو ڏيئي وسڻ آيو آهي. اتر جي واءُ سبب وڄون يا کنوڻيون کٽڻهار جي گل وانگر ٽڙي پکڙي آيون آهن. خشڪ ٿي ويل سَرَ وري ساوا ٿي ويا آهن ۽ ڊامڻ گاهه جا ڍڳ لڳي ويا آهن. بلڪ پٽن تي هر طرف ان جي ساوڪ پيئي نظر اچي. مالڪ مهرباني ڪئي جو ڪِراڙ ڍنڍ جون ڪُنڊون پاسا سڀ مينهن سان ڀري ڇڏيائين.

10

گُنگُوجِي- ئان گوڙِ ٿِي، ڪَهيو ڪاهُوجِيءَ ڏانہَ

وُٺُو مِينہُن وَڏَڦُڙو، چُري ڀَرِيائِين چاهَ

ڏيئِي پَٽَنِ پاهَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙَ جا. [3305]

سمجهاڻي: سانوڻ جو مينهن ’گنگو جي‘ ماڳ کان هلي اچي ’ڪاهو جي‘ ماڳ تي وسيو. هرهنڌ وڏڦُڙو مينهن پئجي ويو جنهن سڀ کڏون کوٻا ۽ کوهه ڀري ڇڏيا. هر هنڌ پٽ ۽ پوٺا ڌوپي صاف ٿي ويا ۽ آخر اچي ’ڪِراڙ ڍنڍ‘ جا سڀ پاسا پلؤ ۽ ڪنڊون تار ڪري ڇڏيائين.

11

ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙَ جا، وَٺو وارِياسو

کُوڻيتِيءَ کِنوَڻَ جو، چَڱو چَؤماسو

ماڪاڻِيءَ تان موٽِئو، ڏيئِي پَهِيءَ پاسو

خالِقَ ڪِئو خاصو، چِيهو چُکِيءَ ڪَنڌِيين. [3306]

سمجهاڻي: سانوڻ جي مينهن ڪِراڙ ڍنڍ جا اونهان پاسا ته ڀري ڇڏيا بلڪ ٿر جي وارياسي ۾ به خوب مينهن پيو. اتر جي ڪنڊ واري کنوڻ چوماسي (چئن مهينن وارو مينهن جون، جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر) جو چڱو چوکو يعني ججهو مينهن آڻي ڇڏيو. اهو برڪت ڀريو مينهن ’ماڪاڻيءَ‘ (ماڳ)، تان موٽ کائي ’پهيءَ‘ (ماڳ) جي طرف آيو. اپائڻهار ’چکيءَ‘ (ماڳ) جي ڀرپاسن تي چيهو گاهه تمام گهڻو ۽ جام پيدا ڪري ڇڏيو.

12

چِيهو چُکِيءَ ڪَنڌِيين، ڪِيائِين گَڙَنگَ تي گُلَ

هَڏاڪُٽِئان هَلِئو، ڀَري تَرايُون تَلَ

آندَئِين آبَ اُڇَلَ مَٿي باغَ بَهارِيو. [3307]

سمجهاڻي:  (چؤماسي جي برساتن سبب) ’چُکيءَ‘ (ماڳ) جي ڀرپاسن تي چيهو گاهه اڀري آيو ته ’گڙنگ‘ جي ماڳ تي گل ٽڙي. پيا. انهيءَ مينهن ’هڏاڪٽيءَ‘ (ماڳ) جي هنڌ کان اڳتي وڌي سڀ ترايون ۽ ٽوڀا پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيا. مطلب ته هر هنڌ بارش جي پاڻيءَ جي پالوٽ ۽ اُٿل پٿل هئي جنهن باغ (ماڳ) تي بهاري لائي ڇڏي.

13

ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پيئِيُون، آيُون عُمَرَڪوٽَ

پُسايائُون پَلُرَ سِين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ

چَئِنچَلَ ڏيئِي چوٽَ، سامارو سَرِ ڪِئو. [3308]

سمجهاڻي: سانوڻ جي مينهن واريون وڄون ’ڍٽ‘ واري پاسي کان آهستي آهستي وڌي اچي ’پٽ‘ واري ڀاڱي تي وسيون ۽ اچي ’عمرڪوٽ‘ پهتيون. سڪل ۽ ٺوٺ ميدان مينهن جي پاڻيءَ سان ڀِڄي تر ۽ آلا ٿي پيا. اهڙي مينهن سهڻي سٽ (چال چلي) ڏيئي سڄي ’ساماري‘ واري ايراضيءَ کي سيراب ڪري ڇڏيو.

14

ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پيئِيُون، آيُون ڪاهي ڪاماري

وَٺا پَٽَ پُراڻِ جا، وَٺِيُون ساماري

ڪَڪَر ۾ ڪاري، پَسو وِڄُڙِيَنِ ويسَ ڪِئا. [3309]

سمجهاڻي: انهن وڄن ’ڍٽ‘ توڻي پوٺن ۽ ميدانن کي سيراب ڪندي اچي ’ڪاماري‘ مٿان وسڪارو ڪيو. ’پُراڻ‘ جا سڀئي پيٽ توڻي ڦاٽ ڀري ڇڏيائون ۽ اچي ’ساماري‘ پهتيون. ڏسو ته اڄ ڪارن ڪڪرن ۾ وڄن وسڻ جا ويس ڪيا آهن.

15

ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پيئِيُون، ٿِيا وَلهارين وِيءَ

شَمسُ قَمَرُ نه پاڙِيان، سيڻَنِ جِيءَ شَبِيہَ

جي جانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين پيهِي گَهرِ آئِيا. [3310]

سمجهاڻي: اهي وڄون ’ڍٽ‘ واري پاسي تان هلي ٻئي طرف ميداني علائقي مٿان اچي وسڻ لڳيون. هيٺانهن ماڳن (ولهار) جي رهاڪن لاءِ وڄن جو نرمل نظارو صاف ظاهر ٿيو. مان پنهنجي سهڻي سڄڻ جي سج ۽ چنڊ سان ڪهڙي ڀيٽ ڪنديس (ڇو ته انهن جو ڪو مقابلو ناهي). (منهنجو نصيب ڏسو جو) منهنجيءَ دل ۾ جيڪي سڄڻ هر وقت ياد هئا ۽ هُري کُري رهيا هئا، سي پرين پاڻ اچي گهر پهتا.

16

ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پيئِيُون، آيُون اَبُوءَ جَهلَ
پييُون پارَڪَرَ تي، ڪَري آبَ اُڇَلَ

تَرايُون ۽ تَلَ، سَڀِ ڀَرِيائُون سِڪَ سِين. [3311]

سمجهاڻي: وسڻ واريون وڄون ’ڍٽ‘ مٿان وسي پٽن تي پلٽي پيون ۽ ’ابو جبل‘ پهاڙ ڏانهن وڌي ويون. ’پارڪر‘ (نگر) جي مٿان زوردار وسڪارو لائي ڏنائون. سڀ هيٺانهان توڻي مٿانهان ميدان سڪ ۽ محبت واري مينهن سان ڀري ڇڏيائون.

17

ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پيئِيُون، وِڄُون ويسَ ڪَري

مِينهَنِ وَسِي مُلڪَ جا، ڇَڏِيا تَلَ ڀَري

قادِرَ ڪَرَمَ ڪَري، سُڪا پَٽَ ساوا ڪِيَا. [3312]

سمجهاڻي: وڄون ڪيترائي ويس ورن ڪري ’ڍٽ‘ مٿان وسيون ۽ پوءِ پٽن ۽ ميدانن کي اچي سيراب ڪيائون. (مولا جي مهر سان) ايڏو مينهن پيو جو هرهنڌ سڀ ٽوڀا ۽ ترايون صفا ڀرجي ويا. قادر ڪريم جي خاص مهربانيءَ سان سڪا ٺوٺ پوٺا ۽ ميدان مينهن وسڻ سان ساوا ٿي پيا.

18

ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پيئِيُون، آيُون پاسي پارَڪَرَ

سَڀَ ڀَرِيائُون سَرَ، پَلُرَ جي پالوٽَ سِين. [3313]

سمجهاڻي: وڄون ’ڍٽ‘ مٿان ڦيرو کائي پٽ ۽ ميدان وسائينديون اچي ’پارڪر‘ تي پهتيون ۽ ان کي سيراب ڪيائون. اتي جيڪي تلاءَ ۽ چشما هئا سي سڀ مينهن جي پاڪ صاف پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيائون.

19

اَچِي اَڇَ اُکَتِيُون، ڪِئائُون پُرِ پُراڻَ

وَسِي وِڄُڙِيَنِ ڪاڻَ، لاٿِي ڪَڇَ وَڻَنَ تان. [3314]

سمجهاڻي: سانوڻ جي مينهن وسائڻ واريون وڄون (بادل ۽ ڪڪريون) رمنديون اچي ’اَڇ‘ (ماڳ) جي مٿان پهتيون ۽ وسي وسي ’پراڻ‘ جي ڍوري کي پاڻيءَ سان ڀري ٽُٻ ڪري ڇڏيائون. اهي وڄڙيون ايتري قدر وسيون جو ’ڪڇ‘ جي وڻن کي سائو ڪري سوڪهڙي جو سبب ختم ڪري ڇڏيائون.

20

ڏيئِي ريجُ رائُڪَ کي، ڪِيائِين لُوتَڙِيءَ تي لَلُ

ڏَلهي ڇَڏِيائِين ڏَڙهه کي، پَڌرِيي ڀَرِيائِين پَلُ

آندَئِين آبَ اُڇَلُ، موڪَلَ ٿِي مِينهَن کي. [3315]

سمجهاڻي:  (چؤماسي جي مينهن) ’رائڪ‘ کي پُسائي ’لوتڙيءَ‘ واري ماڳ کي به ڍائي ڇڏيو. ’ڏڙهه‘ مڪان توڻي ’پڌريي‘ (ماڳ) کي پاڻيءَ سان ٽمٽار ڪري ڇڏيو. مولا مينهن کي اهڙي موڪل ڏني جو هر طرف پاڻيءَ جي موج  مستي لڳي ويئي.

21

موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، جُڙِي ڪِيائِين جوڙَ

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٻَہِ ٻَہِ ٻَنڌين ٻوڙَ

اَنَنِ جا عالَمَ ۾، خاوَند ڪِئا کوڙَ

سارنگَ لاٿِي سوڙَ، ساندَهِ سَهائو ٿِيو. [3316]

سمجهاڻي:  (چوماسي جي) مينهن جڏهن موٽ کاڌي ته ٺهي سنڀري آيو. ڪڪرن ۽ بادلن مان اهڙو مينهن وٺو جو ٻنن کي به واهه جو ٻوڙي ڇڏيائين(ٻوڙ ٻوڙان ڪري ڇڏيائين). مالڪ جي مهربانيءَ سان ملڪ ۾ اناج جا انبار ۽ ڍڳ لڳي ويا. سارنگ جي ڀلائي ٿي جو ڏڪار لهي پيو ۽ سڪر سڻائي ٿي ويئي ۽ جڳ جرڪي پيو.

22

موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، ڀِرِي ڪِيائِين ڀيڄَ

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، سارنگُ چَڙهئو سيجَ

تِنہِ نُوڻِيُون سَڀِ نَوازِيُون، ڏَنَنِ ڏيئِي ڏيجَ

ٻِجَ کَڻِي پَٽِ هَلِئا، هارِي مَنجھان هيجَ

راضِي مَنجھان ريجَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ٿِيو. [3317]

سمجهاڻي: برسات جي اچڻ جا مانڊاڻ (آثار) وري ظاهر ٿيا ۽ وري وڏا وسڪارا ٿي ويا. کنوڻيون (بادلن ۽ ڪڪرن منجهان) نڪري نروار ٿيون ۽ سارنگ سڀ سينگار ڪري سامهون آيو. اهڙي برسات جي ڪري سڀ هيٺانهيون ته ڀرجي ويون پر مٿانهيون به محروم نه رهيون. هاري ماڻهو ڏاڍا سرها ٿيا ۽ ٻج کڻي پٽن تي پوکڻ لاءِ نڪري پيا. بارش جي برڪت سان سڄو جڳ جهان خوش ۽ آباد ٿي ويو.

23

موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، واري ڪِيائِين وارَ

وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، چَؤڏِسِيين چَؤڌارَ

ڪي اُٺِيُون اِستَنبولَ تي، ڪَنِ مَڻِئو مَغرِبَ پارَ

ڪي چَمَڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرقَندِ سارَ

ڪي رَمِي وييُون رُومَ تي، ڪي ڪابُلِ ڪي قَنڌارَ

ڪي دِلِي، ڪي دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ

ڪي جُنبِيُون جيسَرَميرَ ڏي، ڪي بيڪانيرِ بَڪارَ

ڪي پُرِيُون پَنجابَ ڏي، ڪي هَلَنِ مَٿي هالارَ

ڪَنِي ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنِي ڍَٽَ تي ڍارَ

ڪَنِ اَچِي عُمَرڪوٽَ تان، وَسايا وَلهارَ

سائِين! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌَ سُڪارَ

دوستَ! تُون دِلدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِين. [3318]

سمجهاڻي: مينهن جي موسم جو مانڊاڻ منڊجي چڪو آهي ۽ بارش هر طرف کان چڙهندي (وارو وار ڪندي) پيئي اچي. بادل، ڪڪر ۽ کنوڻيون چئني ڏِسن يا طرفن ۾ ڦهلجي وسڻ جي تياري ڪري بيٺا آهن. انهن مان ڪي بادل ’استنبول‘ (ملڪ ترڪي) ڏانهن وسڻ خاطر هليا ويا ته ڪي وري اولهه جي طرف لڙي پيا. ڪي کنوڻيون ’چين‘ ملڪ جي مٿان وڃي چمڪاٽ ڪرڻ لڳيون ته ڪن وڃي ’سمرقند‘ کي سيراب ڪيو. ڪي روم وڃي پهتيون ته ڪي وري ’ڪابل‘ ۽ ’قنڌار‘ تي وسڻ لڳيون. ڪي ’دهلي‘ مٿان هيون ته ڪي وري ’دکن‘ وڃي پهتيون آهن. ڪي (ڪڇ ڀڄ ۾) ’گرنار‘ مٿان گجگوڙ لائي بيٺيون ته ڪي وري ’جيسلمير‘ تائين وڃي پهتيون. انهن مان ڪن ’بيڪانير‘ ۽ ’بڪار‘

 شهر تي وسڪارو ڪيو. ڪي ’پنجاب‘ ۾ پڌريون ٿيون ته ڪي ’هالار‘ مٿان پئي هليون. ڪن ’ڀُڄ‘ جي شهر کي ڀڄائي آلو ڪري ڇڏيو ته ڪي ’ڍٽ‘ جي مٿئين پاسي تي پئي ڦريون ۽ گهمرا ڏنائون. ڪي ’عمرڪوٽ‘ مٿان لنگهي ’ولهار‘ جي ايراضيءَ کي اچي سيراب ڪرڻ لڳيون.

اي مالڪ سائين، تون ئي سنڌ ملڪ کي سدائين سائو ۽ سرسبز، خوش ۽ خوشحال رک. اي مولا سائين، اي دلين جا دوست، تون ئي سڄي جڳ جهان کي شاد ۽ آباد ڪر!

وائي

آئِي  مُندَ  مَلارَ

آءٌ  کُنهَنبا  ڪَنديَسِ  ڪَپِڙا

وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا، اَڄُ مُنهنجي يارَ

لَٿِي ڪَسُ قُلُوبَ تان، تاڙي ڪِي تَوارَ

اُتران ٿِي آئِيو، ڪَڪَرُ ڪارُونڀارَ

روضي پاسِ رَسُولَ جي، اُٺو آبُ اَپارَ

ٿَرَ  بَرَ  وِڄُون  وَٺِيون،  سَرها  ٿِيا  سَنگهارَ. [3319]

سمجهاڻي: مينهن وسڻ جي مُند اچي ويئي آهي. آءٌ (خوشيءَ ۾) ڳاڙها ڪپڙا ڍڪينديس ڇو ته اڄ منهنجي يار (مينهن) وسڻ جا ويس ڪيا آهن. منهنجي دل تي جيڪو غمن ۽ ڳڻتين جو بار هو سو لهي پيو آهي. تاڙي پکيءَ ٻوليو آهي (جيڪو مينهن جي اچڻ جو پڪو سؤڻ آهي). اتر جي طرف کان ڪارن ڪڪرن جو ڪارونڀار نظر پيو اچي. رسول پاڪ (ﷺ) جي روضي مبارڪ طرف ابر رحمت جي وڏي بارش ٿي آهي. ٿربر ۾ هرهنڌ جتي ڪٿي بادل برسيا آهن ۽ سنگهار ۽ مارو ماڻهو سرها ۽ خوش ٿيا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org