سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:25 

 

سُر پرڀاتي

 

داستان پهريون

1

اِيءُ نه ڀانَنِ ڀيرُ، جِئَن ڪِيرِيءَ ٽَنگِيو ڪِينَرو

سُونهاري صُبُوحَ سِين وِجهِي ويٺين ويرُ

توکي چَوَندو ڪيرُ، ڪِيرتَ ڌاران مَڱڻو. [926]

سمجهاڻي:  (اي منگتا)، اها مڱڻهارن واري عادت يا ريت (دستور) ناهي، جيئن تنهنجو سُرندو ڪِليءَ ۾ (بيڪار) ٽنگيل آهي (۽ تون ننڊ ۾ غافل پيو آهين). تو صبح جي سهڻي (بابرڪت) وقت سان دشمني ڪري، اهو ضايع ڪري ڇڏيو آهي. (اهو ته سائينءَ جي صدا ۽ ساراهه جو وقت آهي). (ٻُڌي ڇڏ) توکي ڪيرت (ڪينري ساز تي صدائون هڻڻ) کان سواءِ ڪوبه مڱڻو ڪونه مڃيندو.

[هن بيت جي پس منظر ۾ مثنويءَ جي پهرئين دفتر ۾ هڪ نقل ملي ٿو ته حضرت عمر رضه جي وقت ۾ هڪ چنگ وڄائيندڙ خدا جو مقبول ٻانهو هو، پر جڏهن هو پوڙهو ٿي چنگ وڄائڻ کان لاچار ٿي وڃي ٿو ته ان وقت هو حسرت وچان خدا جي آڏو پنهنجي محتاجيءَ ۽ عجز جو هن ريت اعتراف ڪري ٿو. حضرت عمر کي خدا جي طرفان حڪم ملي ٿو ته تون وڃي سندس خبر چار لهه:

گفت عمرو مهلتم دادي بسي،

لطفها کردي خدايا باخسي،

نيست کسب امروز مهمان توام،

چنگ بهر تو زنم کآن توام.

(دفتر اول، ب- 2083 ۽ 2085)

معنيٰ: اي مالڪ، تو مون کي وڏي عمر ۽ مهلت ڏني، او سٻاجها سائين، تو هن ڪميڻي سان وڏيون مهربانيون ڪيون. هاڻي ڳائڻ وڄائڻ جهڙو ناهيان، بس تنهنجو مهمان آهيان، فقط تنهنجي لاءِ ساز وڄائيندس جو تنهنجو غلام آهيان.]

2

سُتو ڪِيئَن نِنڊرون ڪَرِين، وَرُ وِهاڻِيءَ ووءِ

سُڀان  سازُ  سَندوءِ،  پِيو  هُوندو  پَٽَ  ۾.  [927]

سمجهاڻي:  (اي منڱڻا) تون سُمهي پيو (مزي سان) ننڊون ڪرين، (ان عادت کان

ڪيئن به ڪري) موٽ کاءُ ۽ آڌي رات وِهامڻ کان پوءِ اُٿي (مالڪ جي حضور) آلاپ ۽ صدائون ڪر. (انسان جي زندگي تمام ٿوري آهي، اها گذرندي دير نه لڳندي ۽ اها ويل وري هٿ نه ايندي). تنهنجي دنيا مان وڃڻ کان پوءِ سڀاڻي تنهنجو اهو ساز ڪنهن ڪم جو نه رهندو ۽ پَٽ تي ڪٿي نه ڪٿي بيڪار ڪِريو پيو هوندو.

3

سيرانديءَ سازُ ڪِئو سُمهِين سارِي راتِ

جاجِڪاڻِي  ذاتِ،  اِيئَن  نه  هُئِي  اَڳَهِين. [928]

سمجهاڻي:  (اي منگتا) تون پنهنجيءَ کٽ تي مٿي وٽ پاڻ سان گڏ سُرندي وارو ساز رکي سڄي سڄي رات (غافل ٿي) سمهيو پيو آهين. ڪِيرَت ڪندڙ ڀانن، چارڻن ۽ مڱڻهارن جي ذات اڳي ائين (ويل ۽ بيخبر) ڪڏهن ڪانه هئي (هو ائين ڪونه ڪندا هئا، جيئن تون ٿو ڪرين).

4

جاجِڪَ! جيڏا پَسُ، وِئا سَويرا ساڄَ کَڻِي

ڪِينرُ ڪِيرِيءَ ٽَنگِئو، ڪَنجهي لَڳِي ڪَسُ

تو  گهِرَندي  مَسُ،  لَڄَ  لَنگهَڪِي  ڇَڏِئِي. [929]

سمجهاڻي:  (اي ڀان) اي منگتا! ساڳي وهيءَ وارن پاڻ جيڏن کي ڏس، ته هُو ڪيڏو نه سويل صبح جو ساز کڻي صدا لاءِ نڪري ويا آهن. هڪ تون آهين، جنهن جو سُرندو ڪليءَ ۾ (ايتري عرصي کان) ائين جو ائين ٽنگيو پيو آهي، جو ان جي ڌاتوءَ (جي تارن) تي به ڪٽ چڙهي ويو آهي. (عجب آهي ته) تون (نوجوانيءَ ۾) نئين لهندڙ ڏاڙهيءَ جي ڪاري ريهه (مُڇن جي ساوڪ) سان لنگهن جي لَڄ پَت واري (سونهندڙ) ريت (صبح سوير ساز کڻي ساراهه ڪرڻ) ڇڏي ڏني آهي.

5

پُورِئا دَرَ مَ پِنُ، جَنِ پِنِئي پُورَتَ نه ٿِيي

ڏيهَه ۾ ڏاتَرُ هيڪَڙو، نانءُ تَهِين جو ڳِنُ

جو رَينَ رَسَاڻي دِنُ، ڏيئِي ڏُرِمائي ڪِينَڪِين. [930]

سمجهاڻي:  (اي منگتا) تون اهڙن درن تي پنڻ لاءِ نه وڃ، جيڪي اندران اڳيئي بند (ٻيڪڙيل) آهن. اهڙن خالي درن تان صدائون هڻي پنڻ سان تنهنجي پُورت ئي نه ٿئي ؟ (توکي خبر آهي ته) هن ساري جڳ جهان ۾ هڪڙو ئي ڏاتار آهي، ته پوءِ هُن جو نالو وٺ ۽ هُن کي ئي سين ۽ صدا هڻ. اهو ئي آهي، جيڪو رات کي ڏينهن ڪري ٿو ۽ سڀ ڪجهه ڏيئي وري ورائي پڇي ئي ڪونه ٿو.

6

ڏُرِمَنِ جي ڏيئِي، سي تُون مَنگُ مَ مَڱڻَا

سَٻَڙَ سَندي دَرَ تي ڪَرِ وينتِيوُن ويهِي

پُڇي نَه  ڏيئِي،  وَرِي  ليکو  نه  ڪَري. [931]

سمجهاڻي:  اي منگتا! جيڪي (انسان) ڏيڻ کان پوءِ وري ورائي پڇن ، تون انهن وٽ وڃي سوال نه ڪر. تون اصل سَٻڙ سخي وٽ ويهي (جيڪي گهرين سو) گهُر واريون (دل گهريون) صدائون ڪر. (جيڪي توکي گهرڻو آهي، هُن کان ئي گهر) اهو ئي ته آهي، جيڪو ڏيئي وري نه پڇي ۽ پچاري!

7

مَنگُ تَنهِين کي مَڱڻا  جو ڏِينهاڻِي ٿو ڏي

ڪُوڙا دَر دُنيا جا جاجِڪَ مَنگِين جي

سُڀَان  تو  هِي  کي،  موٽِي  ڏِيندا  مُنہَ  ۾.  [932]

سمجهاڻي: اي منگتا! تون انهيءَ کان گهُر، جو هر روز (هر پل ۽ هر ڪنهن کي رزق) ٿو ڏئي. اهي دنيا وارن جا دروازا، جن تان تون پنين ٿو، سڀ ڪُوڙا ۽ اجايا آهن، بلڪه اهي سڀاڻي توکي سامهون مهڻن ڏيڻ ۾ دير نه ڪندا، ته اسان ئي ته توکي ڏنو!

8

مُوڙهو ڀُڻِين مَڱڻا، ڪيڏانہ هُئين ڪالَ

لَنگها ڇَڏِ لَطِيفُ چَئي، اُجَهڻَ جا اَفعالَ

سَٻَرَ دَرِ سُوالَ، ڪَرِ ته قِيمَتَ آڻِيين. [933]

سمجهاڻي: اي منگتا!  تون اڄ ڇو پريشان ۽ مُنجهيل ٿو لڳين؟ ڪالهه تون ڪيڏانهن ويو هئين؟ عبداللطيف چوي ٿو، ته اهي اجايو هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ جا خيال ڇڏي ڏي. تون سٻڙ سخيءَ جي در تي وڃي سوال ڪر، ته جيئن وڏا قيمتي انعام وٺي اچين.

9

مُنجهِي ويهُه مَ مَڱڻا ڪُنجِين لائي ڪَسُ

ٻيلي ۾ ٻاجهُون ٿِيُون رِڙهِي رُونجهاڻِي رَسُ

پاٺَ پَهِرِئَا پَسُ، ڏَڏَنِ ڏاتِيُون لَڌِيون. [934]

سمجهاڻي: اي منگتا! تون سُستي ڇڏ ۽ چُپ ڪري ويهي نه رهه. تو ڏاڍي غفلت ڪئي آهي، جو (ڪيتري عرصي کان) سُرندي کي هٿ ئي ڪونه لاتئي، تان جو اُن جون ڪُنجيون ئي ڪَٽجي ويون آهن. لس ٻيلي طرف وڏي سخا جو هُل پيو ٻڌجي، تون سٻڙ ڄام (جيڪو ڄام رونجهي جي اولاد مان آهي) وٽ وڃي پهچ. اتي ڏس ته هو ڪيئن نه پنندڙن ۽ صدائون هڻندڙن کي پوشاڪون پهرائي ٿو ۽ غريب غُربي کي ڏان ڏيئي نوازي ڇڏي ٿو.

10

ڪِيرَتَ راهَ گُم ڪي، ڄاڻُ وڃايو ڏاڻُ

جي سُڃاڻي پاڻُ، ته سڀوئي سُبحان ٿِئين. [935]

سمجهاڻي: اي منگتا! توکي پنهنجي ڪِيرت ۽ پنهنجي ڄاڻ تي اجايو ناز ۽ ڀروسو آهي، پر ڪيرت ته پاڻ توکي منجهايو ۽ ڄاڻ تنهنجو ڏاڻ وڃايو آهي. سردار جي پاڻ توتي پنهنجي نظر ڪري ۽ توکي سڃاڻي، ته تون سڄو ئي سون ٿي پوين، وڏي درجي وارو ٿي پوين (ن.ب)

[مثنويءَ ۾ چنگ وڄائڻ واري جي ان ڪيفيت کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي:

خواب بردش مرغ جان از حبس رست،

چنگ  و چنگي را رها کرد و بجست.

گشت آزاد از تن رنج و جهان،

در جهان ساده  و  صحراي  جان.

(دفتر اول، ب- 2089 ۽ 90)

معنيٰ: هن کي ننڊ کڻي ويئي ۽ جڏهن نه ساز رهيو ۽ نه ساز وڄائيندڙ ته هو هن جهان جي تڪليفن کان آجو ٿي وڃي عالم ارواح ۾ پهتو. هن جو روح اتي اهي آلاپ ڪرڻ لڳو ته ڪاش مون کي هتي ئي رهڻ ڏين!]

11

جيڪِين ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجهُه ڳُجهَائِين ڳُجهَه ۾

سو جي سُڻِينِ ڪَڏِهِين ڪيرَتِ وارا ڪي

ته سازَ مِڙيئِي سي، هُندَ پِٿُون ڪَنِ پَلَڪَ ۾.  [936]

سمجهاڻي: اهو مالڪ مهربان، جيڪي ڪجهه نٿا ڄاڻن يعني اهي موڳا منگتا ۽ چارڻ، جيڪي ڳائي وڄائي نٿا سگهن ۽ ڪيرت ڪري نٿا سگهن، تن کي به ڳُجهي نموني ۾ گهڻو ڪجهه ڏئي ٿو. جيڪڏهن ان باري ۾ ڪيرت ڪرڻ وارن کي ڪا خبر پئجي وڃي يا ان بابت ٻُڌن، ته جيڪر هُو پنهنجا سڀ ساز سُرندا اُن گهڙيءَ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏين.

[مثنويءَ جي آکاڻيءَ موجب چنگ وڄائڻ واري تي پڻ جڏهن اها ڪيفيت طاري ٿئي ٿي ته هو چنگ کي پٽ تي اڇلائي ڀڃي ڇڏي ٿو:

چون بسي بگريست وز حد رفت درد،

چنگ را زد برزمين و خرد کرد.

(دفتر اول، ب- 2186)

معنيٰ: جڏهن هو چنگ وارو حد کان وڌيڪ رُنو ۽ سندس درد حد کان وڌي ويو ته هن چنگ کي پٽ تي اڇلائي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو.]

12

لَکِي جي ٻُجَهنِ، پَڌَرِ پَئُه مَ اُنِ سِين

نَنڍِي وَڏِي ڳالَهڙِي سَڄِي تان سَمُجَهنِ

تُون ڪِيئَن اَڳيان تَنِ، وَڃئو وِلِلِين واتَ سِين. [937]

سمجهاڻي: جيڪي (روحاني داناءَ رهبر) پري کان ٿورڙو ڏسڻ يا ٻڌڻ سان ئي اصل ڳالهه کي صحيح ڪري ٿا وٺن، انهن سان سامهون نه ٿيءُ ۽ کُلي نه ڳالهاءِ. هو پاڻ ننڍي وڏي سڀ ڳالهه سمجهن ٿا (هنن کي پوري خبر آهي)، تون انهن جي سامهون وڃي اجايو اُبتو سُبتو ٿو ڳالهائين (بڪواس ڪرين).

13

چَارَڻَ وَسِ نه ڪاءِ، ته ڪا ڪِيرَتِ جِي ڪَري

جَنِي سَندو مَڱڻو هَٿِ تَنِي جي آهِ

جي ڳارائِينِسِ ته ڳاءِ، جي سُمَهَارِينِسِ ته سُمَهي. [938]

سمجهاڻي:  اِها چارڻ (گهرڻ واري) جي وس جي ڳالهه ناهي، جو (پنهنجي مرضيءَ سان) صدا ۽ ساراهه ڪري، بلڪه هيءُ منگتو پاڻ انهن مالڪن جي اختيار ۾ آهي، اها سندن مرضي آهي، ته هن کان ڳارائن يا کيس ننڊ ۾ سُمهاري ڇڏين.

[رومي مثنويءَ ۾ هينئن چيو آهي:

هم دعا از تو اجابت هم ز تو،

ايمني از تو مهابت هم ز تو.

(دفتر دوم، ب- 292)

معنيٰ: دعا (گهرڻ) جي توفيق به تون ڏئين ٿو ۽ ان کي قبول ڪرڻ وارو به تون پاڻ آهين. اطمينان ۽ سڪون به تون بخشين ٿو ته ڊپ ۽ خوف به تون ڏين ٿو.]

14

طَمَعَ جِي تَوارَ، مَتان ڪَرِين مَـڱڻا

ڌِڪي ڪَندَئِي  ڌارَ،  ماڻِڪُ  ڏيئِي  مُٺِ  ۾.  [939]

سمجهاڻي: اي منگتا! گهڻي گهُرڻ جي لالچ خاطر متان ويهي آلاپ ۽ صدائون ڪرين. اُهي ڏيڻ وارا (جيڪي وڏا پارکو آهن) سهي ڪري وٺندا (سمجهي ويندا)، ته منگتو سچائيءَ سان ٿو ساراهي يا پنهنجي مطلب خاطر آلاپ ٿو ڪري. تڏهن هُو توکي هڪ اڌ ماڻڪ ڏيئي ڇڏيندا (پر ڏان ڪونه ڏيندا)، ائين توکي هو (پاڻ کان هميشه لاءِ) پري ڪري ڇڏيندا.

[انهيءَ سارنگي نواز جي آکاڻيءَ ۾ رومي ان ڪيفيت کي هن طرح بيان ڪيو آهي:

امر مي آمد که هين طامع مشو،

چون زپايت خار بيرون شد برو.

 (دفتر اول، ب-2102)

معنيٰ: غيب کان آواز آيو ته اي راڳي خبردار لالچي نه ٿيءُ. جڏهن تنهنجي پيرن مان (غم ۽ ۽غفلت جو) ڪنڊو نڪري چڪو آهي ته واپس وڃ.]

15

گُهرَڻُ هَڏِهِين گهورِ، ڪَرِ ڪِيرَتَ جِي ڪامَ ڪا

جِنہِ پَرِ رِيجهي راڄيو، سائي تُون تَندُ چورِ

ڪارَڻَ ڏانَ مَ ڏورِ، اَڳيان لَنگهِي ٿِي لَڄَ مَري. [940]

سمجهاڻي: اي منگتا! سوال ڪرڻ (ٻين کان گهرڻ) ترڪ ڪري ڇڏ. ڪجهه وٺڻ ۽ حاصل ڪرڻ واري صدا ۽ ساراهه کي ئي ڇڏي ڏي. ليڪن جنهن طريقي يا نموني سان راجا (مالڪ) راضي ٿئي، صرف اها تند چورڻ سِکُ. انعام خاطر (جتي ڪٿي) پنڌ ۽ ڪشالا نه ڪر، ڇو ته تنهنجي گهرواري انهيءَ لڄ ۾ پيئي مري، ته سندس مڙس هرهنڌ پيو پِني.

[مثنويءَ جي آکاڻي موجب چنگ جي راڳيءَ تي اها ڪيفيت اچي ٿي، جڏهن هو چنگ سان مخاطب ٿي چوي ٿو:

گفت اي بوده حجابم از الـﮧٰ،

اي مرا تو راهزن از شاهراه.

(دفتر اول، ب- 2187)

معنيٰ: اي چنگ، تون ئي ته مالڪ ۽ منهنجي وچ ۾ پردو هئين، تو ئي ته مون کي اصلي راهه کان گمراهه ڪري ڇڏيو هو. تڏهن وري هو خدا سان مخاطب ٿي چوي ٿو:

بانگ مي زد کاي خداي بينظير،

بسکه از شرم آب شد بيچاره پير.

(دفتر .....، ب- 2158)

معنيٰ: هو ٻاڏائي چئي رهيو هو اي بي مثل مالڪ هاڻي هيءُ پوڙهو لڄ ۽ شرم کان ٻڏي مرڻ جهڙو ٿي ويو آهي (بس تون پنهنجو فضل ڪر).

16

ڏاتارَ ڏُکَ ڪِئَا، پاڻا مَٿي مَڱڻي

مُون دَرُ ڇَڏيو مَڱڻا، مَنگِين ڪوهُ ٻِئا

تيلاهِين   پِئَا،   تو   وِچئان   وِلَها   ڏِينهَڙا. [941]

سمجهاڻي: (ڏيهن جو) ڏاتار پاڻ مڱڻي مٿان ناراض آهي، ته تون منهنجو در ڇڏيو، ٻين درن تي وڃي بِکيا پيو گهُرين (مون کان نٿو گهرين). (توکي اڃا به سمجهه ڪانه ٿي اچي) تنهنجي غفلت جي ڪري تنهنجو اهو حال ٿيو آهي جو وچ ۾ ڏک وارا ڏينهن ڏسڻا پئجي ويا اٿئي.

17

ڏاتارَ ڏوهُه نه ڪوءِ، ڏوهُه مِڙوئي مَڱڻي

جي اُڀو دَرَ ڀَرِ هوءِ، ته ڏِيهاڻِي ڏَاتِ لَهي. [942]

سمجهاڻي: (ڏيهن جي) ڏاتار تي ڪهڙو حرف يا ميار! سڄو ڏوهه هن مڱڻي جو

آهي، جيڪڏهن هُو (سستي ۽ ڪاهلي نه ڪري) هر وقت هن جي دروازي تي بيٺو ٻاڏائي (عرض ۽ وينتيون ڪري)، ته جيڪر هر روز انعام اڪرام سان نوازجي وڃي (مالڪ مٿس مهربان ٿئي).

18

کَڙَهَه اَڳئان کَپُ، ڏِينهاڻِي ڏاتارَ جي

لَنگها لاهِه مَ لِکَ سِين مٿان چَانئُٺِ چَپُ

مَڱڻهارَن مَپُ، ڪونهي ٻِئو ڪِيرَتَ ري. [943]

سمجهاڻي: (اي منگتا) تون ڏاتار جي گهر جي ٻاهرئين دروازي تي بيٺو (دل و جان سان) هر روز زاري نيزاري ڪر. تون ٿورڙي دير لاءِ به هن جي دروازي جي چانئٺ تان پنهنجو ڪنڌ مٿي نه کڻجانءِ (ان کي چميو پيو چم)، توکي خبر آهي، ته جيڪي سوالي ۽ منگتا آهن، انهن لاءِ (سخي سردار جي) صدا ۽ ساراهه ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو بِلو يا ڀيڻي ڪانهي.

[هڪ مرحلي تي چنگ وڄائڻ واري جي واتان رومي هي الفاظ چورائي ٿو:

اي خدائي با عطائي با وفا،

رحم کن برعمر رفته در جفا.

داد حق عمري که هر روزي ازان،

کس نداند قيمت آن در جهان.

(دفتر اول، ب- 2189 ۽ 90)

معنيٰ: اي منهنجا مالڪ، ڏيهن جا ڏاتار، منهنجي گذريل عمر ۽ خطائن کي درگذر ڪر. بيشڪ تو مون کي اهڙي عمر ڏني، جنهن جي هڪ هڪ ڏينهن جي ڪا قيمت ۽ ملهه نٿو ڪري سگهجي.]

19

ڄاڻي توءِ مَ ڄاڻُ، هيءُ دَرُ اَٻوجَهنِ جو

اِنَ دَرِ سيئِي اَگهيَا جَنِ نه ڀانيو پاڻُ

رُونجهاڻِي راڄاڻُ، آهي اَٻوجَهنِ جو. [944]

سمجهاڻي: (اي منگتا) توڻي جو توکي عقل ۽ سمجهه هجي (پنهنجي فن تي دسترس آهي)، پر پاڻ کي ان کان وانجهيل رک (پنهنجي سمجهه ۽ فهم کي نه هجڻ برابر سمجهه)، ڇو ته انهيءَ مالڪ جي درتي اهڙن سادڙن جو ئي قدر آهي. هن وٽ اُهي ئي مقبول ٿين ٿا، جيڪي پاڻ کي ڪجهه نٿا سمجهن. سٻڙ رونجهاڻي، جيڪو رڄ چڱو مڙس آهي، فقط اهڙن سادن انسانن سان ئي محبت ڪري ٿو.

20

ڪاٿي سي تُنبِيرَ، جَنِ رِيجهَايا رَاڄيَا

وِئَڙا وَڏِيءَ  ويرَ،  ڪُلِهِين  رَکِي  ڪِينَرا. [945]

سمجهاڻي: اڄ تُنبي وارن سازن تي ڳائڻ وارن مڱڻهارن جو سردار جي رهائش واري ماڳ تي ڪو سرود ٻُڌڻ ۾ نٿو اچي، خبر نٿي پوي، ته اُهي مڱڻهار پنهنجون رهڻ واريون جايون بند ڪري، الائجي ڪهڙي طرف هليا ويا!

21

تُنبيرَنِ تَوارَ، اَڄُ نه سُڄي ڳَڃَڙي

مَڙهيُون  مَڱڻَهارَ،  پُوري  ڪِنہِ  پارِ  وِئا. [946]

سمجهاڻي: اڄ تُنبي وارن سازن تي ڳائڻ وارن مڱڻهارن جو سردار جي رهائش واري ماڳ تي ڪو سرود ٻُڌڻ ۾ نٿو اچي، خبر نٿي پوي، ته اُهي مڱڻهار پنهنجون رهڻ واريون جايون بند ڪري، الائجي ڪهڙي طرف هليا ويا!

22

ميرَا پَسي مَڱڻا، سَٻَڙَ سَڏَ ڪِئا

سَٻوجَهنِ  سُئا،  اَٻوجَهنِ  کي  آسَرو. [947]

سمجهاڻي: جيڪي منگتا ويچارا ميرن ڪپڙن سان ڏُتڙيل ۽ بدحال هئا، انهن جي سٻڙ سخي پاڻ پيو پڇائون ڪري (ته جيئن کين نوازي). ٻيا جيڪي ڪن لائي ويٺا هئا، انهن اهو سڏ فوري ٻڌي ورتو، باقي جيڪي اڻڄاڻ هئا، تن کي به آسرو ٿي پيو، ته سخي سٻڙ سندن سار لهندو (هو به محروم نه رهندا).

23

اُٿِيو اَٻوجَهاءَ، سَٻَڙ جو سَڏُ ٿِيو

جِئن اَئِين ڪِيرَت ڪَٽُ نه سکئا تِئن پاڻا رِيڌو راءُ

مَڱو  مون  مُلاءُ،  آءٌ اوَهَان  جو   آهِيَان. [948]

سمجهاڻي: اي اياڻئو! اي ڪم عقلئو! اٿو (سنڀري تيار ٿيو) جو سخي سٻڙ جو سڏ ٿيو آهي. توهان ڪيرت ڪرڻ بابت ڪجهه نه سکيا، پر اهو مُلڪ جو مالِڪ ۽ سخين جو سردار پاڻ راضي ٿيو آهي. (هو اعلان پيو ڪري ته) مون کان گهرو (جيڪي گهرو، ٻئي ڪنهن ڏانهن نه واجهايو)، آءٌ اوهان جو آهيان (مون کي پنهنجو سمجهي گهرو).

[رومي پڻ مثنويءَ ۾ هڪ هنڌ چوي ٿو:

هين بيا اي طالب دولت شتاب،

که فتوح ست اين زمانه فتح باب.

(دفتر چهارم، ب- 1724)

معنيٰ: اي (سچي دولت جا) طالب سجاڳ ٿي، جلد نڪر جو هينئر سڀ دروازا کليل آهن ۽ نوازش جي بارش جو وقت آهي.]

وائي-1

ٻِئي دَرِ وَنءُ مَ ڪيڏاهِين،

جو تُون ڄامُ مَنگَندين مَڱڻَا!

ڦيرِ مَ هينيُون ڪَنڌُ ڪيڏَهِين، ٿِيندِيئَي حاجَ هِيَائِين

وِرِچِي تُون وِهَاڳَ کان، مَتان ڏِئين پَاهِين

تُنبو کَڻُ مَ تيڏهِين، جِيفو آهِه جيڏاهِين

دَرِ دَاتا مَڱ مَنگَتَا، اَدا هوئِجِ ايڏاهِين

اِن اللهَ وِتره يُحِبُ الوِترَ، وَحدَتَ واڳَ وِڌائين

پنهِنجي طَرَفِ پاڻِهِين سائِلَ سَڏيَائِين

جِتي جُوانَنِ کي ڪوٺي ڪُٺائِين

اُتي عُشاقنِ کي اُلَفَتَ اُهُڃُ ڏِنائِين

ڪِيرَتِينِ قُربَ سِين خُلَتَ کاڄُ ڏِنائين

اَلانسَانُ سِري وَ انَا سِرُهُ، ان پَرِ اُتائِين

ڳُجَهه ڳُجهاندَرِ ڳالهِيُون رازُنِ رَکيائِين

پَسو   پينارَنِ  جي  پَٽَ  ۾  پاڻُ  وِڌائين. [949]

سمجهاڻي: اي منڱڻا! جي توکي ڄام کان ڏان وٺڻو آهي، ته پوءِ ٻئي ڪنهن در تي نه وڃ، ٻئي ڪنهن در تي وڃي صدا نه هڻ، سخي ڄام کان ئي توکي ڏان ملندو. تون پنهنجيءَ دل کي ڪنهن ٻئي ڏانهن نه موڙ ۽ نه وري پنهنجو منهن ٻئي طرف ڪر. تنهنجي من جي مراد هِتان ئي پوري ٿيندي. تون رات جي پوئين پهر ڳائڻ وڄائڻ کان ٿڪجي متان پويان پير ڪرين. تون پنهنجو ساز ڍونڍ (دنيا) جي لالچ ۽ طمع خاطر کڻي نه هل. اي ڀاءُ! داتا جي در تي وڃي سوال ڪر ۽ ان طرف ئي هلندو رهه. بيشڪ! الله اڪيلو (اِڪي) آهي ۽ اڪيلائيءَ کي پسند ڪري ٿو. هو انهيءَ وحدت ڏانهن سڏي ٿو. اهو مالڪ پوءِ اهڙن سائلن کي پاڻهي گهرائي ٿو ۽ اهڙن جوانن کي سڏي پاڻ ڪهي (وحدت جي واٽ ڏيکاري) ٿو. عاشقن سان محبت جو سندس اهو اهڃاڻ (ڪهڻ) ئي ته آهي. صدا ۽ ساراهه ڪندڙن کي پنهنجي قرب ۽ خاص دوستيءَ واري غذا بخشي ٿو. اهو اسرار ’انسان منهنجو ڳجهه آهي ۽ آءٌ هن جو ڳجهه آهيان‘ ۾ کوليائين. اهڙيءَ طرح اونهي راز ۽ مخفي مام کي سُلجهايائين. ڏسو! ڪيئن قدرت وارو پاڻ پنهنجي سِر سوالين ۽ محتاجن جون گهرجون ۽ حاجتون پوريون ڪري ٿو.

[شاهه لطيف روميءَ وانگر دنيا کي ڪيترن هنڌن تي ’ جيفه‘ يعني ڍونڍ ڪوٺيو آهي.صوفين وٽ اها مشهور حديث هن ريت آهي:

الدنيا جيفة و طالبها کلاب: ’يعني دنيا ڍونڍ آهي ۽ ان جا طالب ڪُتا آهن.

چشم  مهتر  چون  بآخر  بود  جفت،

پس بدان ديده جهان را جيفه گفت.

(دفتر ششم، ب-3475)

معنيٰ: پاڻ سڳورن جي نظر اول کان آخر تائين ڏسندڙ هئي، تڏهن پاڻ دنيا کي مردار يا ڍونڍ ڪوٺيو اٿن.]

وائي-2

جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرُ لاهِه مَ اَنَ جِي

اوڏايان اوڏو گهَڻو، ڪِهَڙا ڪَريين سَڏَ

ويهُه داتا جي دَرَ تي، لَنگها لاهي لَڏَ

اَگلَنَ کي اوڏو وِهي، گَندا ڪري گَڏ

ڪهَڙا جَڏ جَڏوئِيين، جُودَ مَهندان جَڏَ

اڳَيان عَجِيبَنِ جي، مُشڪِلُ  ٻَڌَڻُ مَڏَ. [950]

سمجهاڻي: (اي منگتا) تون اُن (مالڪ) مان اميد ڪيئن ٿو لاهين، جيڪو بيواهن ۽ بيوسيلن تي پيو نوازشون ڪري. هُو ته ويجهڙن کان ويجهو آهي (وڌ ۾ وڌ ويجهو آهي) ان کي ڪهڙا سڏ ويٺو ڪرين؟ تون هن داتا جي در تي سمورو لڏو لاهي ويهه (ٻئي ڪنهن جو آسرو نه ڪج). هُو مالڪ، ته جيڪي اڀرا آهن، تن سان پاڻ وڌيڪ ويجهو وڃي ويهي ٿو ۽ گدلن کي پاڻ وٽ سڏي گڏ ڪري ويهاري. تون ڪنهن کي ڪيترو به اڀرو ۽ ڪمزور ڪري ڀانئين ٿو، پر مالڪ جي سخا انهن سڀني ڪمزورن تي گهڻو زياده يا وڌيڪ آهي (سخي جي سخاوت آڏو ڪو جڏو آهي ئي ڪونه!). سهڻن سڄڻن جي اڳيان سامان ۽ وسيلا گڏ ڪرڻ اجايا آهن!

[مثنويءَ ۾ رومي هڪ عنوان تحت چوي ٿو ته جيئن فقير سخيءَ جو عاشق هوندو آهي، تيئن سخي پڻ فقير جو عاشق ٿيندو آهي. جيڪڏهن فقير جو صبر وڌيڪ هوندو ته سخي سندس دروازي تي اچي بيهندو، پر جيڪڏهن سخي کي صبر هوندو ته فقير هن جي دروازي تي ايندو. ليڪن صبر ڪرڻ  فقير جو ڪمال آهي ۽ سخيءَ جو عيب آهي.

بانگ مي آمد که اي طالب بيا،

جود محتاج گدايان چون گدا.

جود مي جويد گدايان و ضعاف،

همچو خوبان کآينه جويند صاف.

(دفتر اول، ب- 2744 ۽ 45)

معنيٰ: هُتي سخاوت جو اهو عالم هو جو اعلان ٿي رهيو هو ته محتاجؤ اچو،، خود سخاوت کي اهڙي ضرورت آهي، جهڙي گدا ۽ محتاجن کي آهي. سخاوت پاڻ محتاجن ۽ ڪمزورن کي ڳولي پيئي، جيئن حسين چهرا آئيني جي تلاش ۾ هوندا آهن.]

 

داستان ٻئو

 

1

اُڀـــــــــــــــــرِئو تارو، اُٿِي وَرُ وِهَاڳَ ڏي

سَـــٻَڙُ   رِيسَـــارو،   چِتَ   پَرکي   چارَڻين. [951]

سمجهاڻي: پرهه ڦٽيءَ وارو تارو اُڀريو آهي، تون انهيءَ مهل اٿي (ڌڻيءَ جي) ساراهه ۽ ثنا ۾ مشغول ٿي وڃ (آلاپ ۽ صدائون ڪر). هو (دليون) پرکيندڙ آهي ۽ ريس ڪندڙ (غيرتمند) آهي، ته ڪو هن سان وڌيڪ محبت ٿو ڪري يا ڪنهن ٻئي سان ٿو ڪري، اهڙيءَ طرح هو محبت جي دعويدارن (مڱڻهارن) جون دليون ٿو پرکي.

2

سَٻَڙُ سَاهِ پَسَاهِ، جاجِڪَ جِمَ وِساريين

ريهي رُپي سَندِيُون تَندوُن تُنبِي پاءِ

سُکَنِ  اِيندُءِ  ساءُ،  ويلهَه  وِينديَئِي  وِسرِي. [952]

سمجهاڻي: اي چارڻ، تون سخي سٻڙ ڄام کي پنهنجي هر ساهه پساهه ۾ ياد ڪر ۽ کيس هڪ لمحي لاءِ به نه وسار. تون پنهنجي تنبي واري ساز کي چانديءَ جي (قيمتي) تارن سان ڳنڍي جوڙي سچي سڪ سان تيار ڪر. تڏهن تون سُکن جو صحيح مزو ماڻيندين (اصل ۾ سُکيو ٿيندين) ۽ توکان بُک وسري ويندي.

3

ڏَڏُ ٿِي ڏانُ گهُرِ، ڇَڏِ وِڄا جِي وائِي

سَٻَڙَ راتِ سَنباهِيَا تازِي تو لائِي

جو ڄاڻي نه ڪائِي، تِنہ ٻيلي ڌَڻي ٻاجَهه ڪِي. [954]

سمجهاڻي:  (اي مڱڻا) تون اڻڄاڻ ٿي (لالچ کان سواءِ) انعام گهُر، پنهنجي ڄاڻ ۽ قابليت ڀلجي وڃ (پنهنجي وِڄا تي اعتبار نه ڪر). سخي سٻڙ رات جو ئي تنهنجي لاءِ (انعام خاطر) عربي گهوڙا تيار ڪري بيهاري ڇڏيا آهن. جيڪي ڪجهه نٿا ڄاڻن، تن سان ئي لس ٻيلي جي مالڪ سٻڙ وڏي مهرباني ۽ خاص عنايت ڪئي آهي.

4

چوٽاڻِي چوٽُ وَهِي سُڪا سانگَ ڀَري

ڪوڏَئُون ڏانَ ڏَڏَنِ کي سَٻَڙُ سَنجهِي ڏي

اِنَ راهَ مَٿي رُونجهي، ماڻِڪَ اُڇَلئِا مِينہَ جِئَن. [955]

سمجهاڻي: سخي سٻڙ چوٽاڻيءَ جي سخا جو درياهه تارؤن تار پيو وهي ۽ اُٿلي سڀ سُڪل ڍنڍون ڍورا پيو ڀري (هر ڪنهن کي پيو ڏان ڏئي). هُو پاڻ سانجهيءَ مهل سوير کان ئي خوشيءَ وچان اڀرن ۽ نادارن تي ويٺو وڏيون بخششون ڪري (مُٺيون ڀري ويٺو ورهائي). انهيءَ ريت هِن (سخي مرد) رُونجهي ماڻڪ موتيءَ مينهن وانگر اُڇلي پئي ورهايا.

[هن بيت جي پسمنظر ۾ مثنويءَ جو هيءُ شعر ڏسو:

اصل صورت در جواهر بافته،

اهل  معني  بحر  معني يافته.

(دفتر اول، ب- 2742)

معنيٰ: هن جي درٻار ۾ ظاهري صورت وارن فقيرن کي ماڻڪ موتي پئي مليا ته عارفن ۽ الله وارن مٿان معرفت جا مينهن ٿي وٺا.]

5

ڪِيرَتَ ڪا سَنباهِ، چارَڻَ چوٽاڻيءَ مَڻي

وائي ڄاڻي سَڀَڪَا جيڪا ڪَريين ساءِ

لَنگها تون لِيلاءِ، اَڳيان اُنَڙَ ڄام جي. [956]

سمجهاڻي: اي چارڻ! اها ساراهه ۽ صدا چڱيءَ طرح سوچي سمجهي ڪجانءِ ته جيئن اها توکي سخي سٻڙ چوٽاڻي ڏانهن اڳڀرو ڪري ۽ هن کي پسند پوي. ڇو ته هن کي هر قسم جي وائيءَ (راڳ ۽ سُر) جي ڄاڻ آهي. اي منگتا! تون اُنڙ ڄام جي آڏو ڏاڍي نياز ۽ نئڙت سان بيهي سوال ڪجانءِ!

6

اُنَڙَ ۾ آسَ گَهڻِي تِهان وَڏيرو ڊَرپُ

سو مَگڻهارَنِ مَپُ، جو نه موٽائي مَڱڻا. [957]

سمجهاڻي: بيشڪ! اُنڙ ڄام ۾ وڏيون اميدون آهن پر ان کان وڌيڪ سندس ڊپ به آهي ته ناراض نه ٿي پوي، ليڪن مڱڻهارن لاءِ وڏو (ڏڍ) بچاءُ يا مضبوط وسيلو اهو آهي ته هو سوالين کي خالي هٿين ڪونه ٿو موٽائي (هنن کي ضرور نوازي ٿو).

7

اُنَڙَ ۾ آسَ گَھڻِي، تِهان وَڏيرو ڊراءُ

مَڱڻَا  نه  موٽاءِ،  ڏِئي  ٿو  ڏانُ  ڏَڏَن  کي. [958]

سمجهاڻي: جيتوڻيڪ انڙ ڄام ۾ گهڻيون آسون اميدون آهن، پر ان کان وڌيڪ هن جي دهشت آهي، ليڪن هو مڱڻن کي خالي ڪونه ٿو موٽائي، بلڪه هو نالائقن کي به پيو نوازي (هنن کي پڻ انعام ۽ اڪرام پيو ڏئي).

[بي وسيلن ۽ نالائقن کي نوازڻ بابت مثنويءَ وارو هن ريت چوي ٿو:

گفت خواهم از حق ابريشم بها،

کو  به  نيکوئي  پزيرد   قلبها.

(دفتر اول، ب- 2087)

معنيٰ: هو راڳي دل ۾ چوڻ لڳو ته اڄ آءٌ مالڪ سائينءَ کان دل گهريا دان گهرندس، ڇو ته اهو ئي کوٽن کرن ۽ بيڪارن جا عرض اگهائي ٿو.]

8

جَنِ سَڱوئِي ناه ڪو، چارَڻَ سي چَئِجَنِ

رُونجهي راهَ پُڇَنِ، مَٿي ڪُلَهنِ ڪِينَرا. [959]

سمجهاڻي: اهي چارڻ جن جو ڪو لڳ لاڳاپو ۽ واسطيداريءَ وارو ناتو ناهي، سي ئي (صحيح معنيٰ ۾) چارڻ آهن (هو ٻئي ڪنهن جي ڀروسي تي ڀاڙڻ وارا ناهن). اهڙا چارڻ ئي پنهنجن ڪُلهن تي وڄائڻ وارا ساز ۽ سُرندا کڻي سخي سردار رونجهي (سٻڙ ڄام) جو گس پڇندا ٿا وتن.

9

لَنگهِي ٿِي لَڄَ مَري جِئن تُون ڏَڏُ ٿِئو

صُباح سِياڪو، صَحِيءُ مِڙَندو مَڱَڻا. [960]

سمجهاڻي: اي مڱڻا، تنهنجي گهرواري تنهنجي اياڻائيءَ (نالائقي ۽ نڪمائي) سبب پشيمان پيئي ٿئي ته جڏهن صبح جو سڀ لنگها (ڀائر ۽ راڄ) اچي گڏ ٿيندا ته مون کي پڪ اها ميار ڏيندا.

10

اُٿي وَرُ وَرِناءِ، دانهُون دَنبُورَنِ جِيُون

اڳيان اُنَڙَ ڄامَ جي لَنگها تَون لِيلاءِ

جوڙِ تَندُون ڪَرِ جاءِ، متان سَٻَڙَ جو سَڏُ ٿئي. [961]

سمجهاڻي:  (او چارڻ) تون اُٿ ۽ راڳ ڏي موٽ کاءُ (مشغول ٿيءُ)، دنبوري جي ساز جون دانهون ڌيان ڏيئي ٻڌ. انڙ ڄام جي اڳيان ڳائي وڄائي سوال ڪرڻ سک. ساز جي تندن کي ڳنڍي جوڙي پنهنجيءَ جاءِ تي پورو ڪري بيهار (جيئن صحيح واڄو ڪن)، متان توکي سٻڙ ڄام طرفان (ڪنهن به مهل) ڳائڻ جو سڏ ٿئي، ته اچي وٽس ڳاءِ!

11

صُبحُ جو سُڀَرَاڄُ، ڪَرِ دَاتا جي دَرَ تي

سَندو ڪُورَنِ ڪاڄُ، آهي حاتِمَ هَٿَ ۾. [962]

سمجهاڻي: اي منڱڻا! صبح جو ڪِيرت (صدا ۽ ساراهه) هميشه داتا جي در تي

وڃي ڪر. (ان کان منهن نه موڙ) بيشڪ انڌن ۽ منڊن، غريبن ۽ مسڪينن جي گذر سفر جو بندوبست انهيءَ حاتم جهڙي سخي مرد جي ئي هٿ هيٺ آهي (اهو ئي سندن پرگهور لهي ٿو).

12

جَاجِڪَ ڄاڻَنِ جاءِ، سا پَرِ آءٌ نه سِکِئو

پاٺَ نه نِينَمِ پاڻَ سِين، سَڳا جي سِياءَ

جي رَنجاڻِين راءَ، ته پُڻ تارِي تُنهِنجي. [963]

سمجهاڻي: آءٌ اهو فن ۽ هنر سکي ڀَڙ ڪونه ٿيس جيڪو ماهر چارڻ ڄاڻن ٿا، تنهن ڪري منهنجا پنهنجا مائٽ ڳائڻ وارا مون کي پاڻ سان گڏ نٿا وٺي وڃن، پر مون کي پڪ آهي ته جيڪي راجا ۽ سردار کي ناراض ڪن ٿا، سي پڻ سندس سهاري تي پيا هلن.

13

چارَڻُ لَڱو، پَنڌُ گَهڻو، ڪين چوٽاڻِيءَ چَئيجُ

هِتِ  ڪِين  هَلائيجُ،  اِتي  آءٌ  نه  اَچَڻو. [964]

سمجهاڻي:  (معذور چارڻ، جنهن کي سخي سٻڙ سڏيو هو، تنهن ان نياپي آڻيندڙ ماڻهوءَ کي چيو ته: تون هيترو ڪجهه سخي سٻڙ چوٽاڻيءَ کي وڃي عرض ڪج ته) هڪ ته چارڻ لڱو آهي ۽ ٻيو ته پنڌ گهڻو آهي، انهيءَ ڪري جيڪو ڏيڻو هجئي، سو هت ڏياري موڪل، باقي اتي تو وٽ آءٌ پهچي ڪونه سگهندس (ن.ب).

[مثنويءَ ۾ چنگ وڄائيندڙ جي باري ۾ هڪ اهڙو مرحلو اچي ٿو، جڏهن حضرت عمر رضه کي هاتفي آواز اچي ٿو ته تون وٽس وڃ ۽ کيس نوازي اچ.

حق سلامت مي کند مي پرسدت،

چوني از رنج و غمان بي حدت.

نکُ قراضهء چند ابريشم بها،

خرج کن اينجا و باز اينجا بيا.

(دفتر اول، ب- 2182)

معنيٰ: (حضرت عمر وٽس پهچي چوي ٿو) خدا تعاليٰ توکي سلام موڪليا آهن ۽ تنهنجي ڏکن ۽ غمن بابت پڇا ڪئي اٿس. هاڻي پنهنجي سڄي عمر جي ڳائڻ وڄائڻ جي عيوض هي ڪجهه اشرفيون وٺ ۽ جڏهن اهي کٽي وڃن ته موٽي اچي ٻيون وٺجانءِ.]

14

تون سَٻَڙُ، آءٌ سيڪَڙُو، تون صاحِبُ، آءٌ سَڳُ

پُڇِي  تُنهنجو  پَڳُ،  ڪُلهي  پاتُم  ڪِينَرو. [965]

سمجهاڻي: تون (سخين جو سردار) سٻڙ آهين ۽ آءٌ سِڪ وارو (پينار) آهيان، تون مالڪ آهين ۽آءٌ تنهنجي در جو (حقير) ڪتو آهيان. ان ڪري آءٌ پنهنجي ڪلهي تي ڳائڻ وارو ساز (سُرندو) رکي، تنهنجو ڏس پتو پڇي پنڌ پيو آهيان.

15

تون سَٻَڙُ، آءٌ سيڪَڙُو، تون پارِسُ، آءٌ پينارُ

ڏِسِندِهين   ڏاتارُ،  ڪُلهي  پاتُمِ  ڪِينَرو. [966]

سمجهاڻي: تون (وڏي ۾ وڏو سخي مرد) سٻڙ آهين ۽ آءٌ سِڪايل (سوالي) آهيان، تون پارس آهين (جيڪو لوهه کي سون ڪري وجهي) ۽ آءٌ تو در سوالي آهيان. تو سخي کي ڏسي (تنهنجي سخا جي هاڪ ٻڌي) آءٌ ڪلهي تي ساز کڻي تو وٽ حاضر ٿيو آهيان.

16

تون سَٻَڙُ، آءٌ سيڪَڙُو، تون ڏاتارُ، آءٌ ڏَڏُ

سُڻِي  تُنهنجو  سَڏُ،  ڪُلهي  پاتُمِ  ڪِينَرو. [967]

سمجهاڻي: بيشڪ! تون (سخا ۾ بي مثل) سٻڙ آهين ۽ آءٌ ضرورتمند سوالي آهيان. تون (سڀ ڪجهه ڏيندڙ) ڏاتار آهين ۽ آءٌ نادار ۽ نالائق آهيان. آءٌ تنهنجو سڏ (نيڪنامي) ٻڌي، ڪلهي تي سُرندو رکي نڪري پيو آهيان.ه

17

تون سَٻَڙُ، آءٌ سيڪَڙُو، تون ڏاتارُ، آءٌ ڏوهُ

تون پارِسُ آءٌ لوههُ، جي سَڃين ته سونُ ٿِيان. [968]

سمجهاڻي: تون (نالي وارو مشهور سخي) سٻڙ آهين ۽ آءٌ سوالي (حاجتمند) آهيان، تون وڏو ڏاتار (بخشيندڙ) آهين ۽ آءٌ گناهه ئي گناهه آهيان. تون پارس آهين ۽ آءٌ لوهه آهيان. جيڪڏهن تون ڪا مون تي مهر جي نظر ڪرين، ته جيڪر آءٌ سڄو سون ٿي پوان (اَڏجي وڃان).

18

ڏَاتارُ ته تُون، ٻِئا مِڙيئِيِ مَڱَڻَا

مِينہَ مُندائِتا وَسَڻَا سَدا وسِين تُون

جي گَهرِ اَچِين مُون، ته ميرِيائِي مانُ لَهان. [969]

سمجهاڻي:  (اي الله سائين) ڏاتار (سڀني کي ڏيندڙ) صرف تون هڪڙو ئي آهين، باقي ٻيا سڀ (محتاج) گهرڻ وارا ۽ سوالي آهن. برسات پنهنجي موسم سان پوندي آهي، پر تون هميشه پيو وسين (سدائين سڀني کي ڏيو پيو ڏئين). جيڪڏهن تون مهربان ٿي مون وٽ اچين (منهنجي سارسنڀال لهين) ته جيڪر آءٌ عيبدار ئي عزت وارو ٿي وڃان.

[مثنويءَ ۾ روميءَ الله تعاليٰ جي بخشش ۽ عطا کي گهڻن مثالن سان واضح ڪيو آهي. هڪ هنڌ الله جي مهربانيءَ کي هو مينهن سان هن ريت تشبيهه ڏئي ٿو:

دمبدم هر سوئي صاحب حاجتي،

يافته زان در عطا و خلعتي،

بهر گبر و مؤمن و زيبا و زشت،

همچو خورشيد و مطر بل چون بهشت.

          (دفتر اول، ب- 2739 ۽ 40)

معنيٰ: هن بادشاهه جي دربار  مان هر گهڙيءَ هر ضرورتمند ۽ حاجتمند کي انعام اڪرام ملي رهيا آهن. هن جي سخا مان ڪافر ۽ مؤمن، نيڪ ۽ بد سڀ مستفيد پيا ٿين، بلڪه هن جي سخا سج ۽ مينهن وانگر سڀني لاءِ برابر آهي سڌو سنئون بهشت آهي.]

19

ڏَڏُ وڏو ڏَڏُ، پاڻُ ڪوٺائيِ مَڱَڻو

نه ڪَنہِ نِئو پاڻ سِين، نه ڪَنہِ ڪِئو گَڏُ

سَٻَڙَ ڪَري سَڏُ، ڏَڏُ ڏولِيءَ چاڙِهيو. [970]

سمجهاڻي: هو پنهنجي هنر ۾ بلڪل اناڙي (نالائق) ئي رهيو، يعني ڪچو ئي رهجي ويو. (فن ۾ پڪو پختو نه ٿيو)، پر پاڻ کي (لائق ۽ قابل) منڱڻو ٿو سمجهي. اِنهيءَ ڪري هن کي ڪوبه پاڻ سان ٽوليءَ ۾ نه وٺي ويو ۽ نه ڪنهن کيس پاڻ سان شامل ڪيو. ليڪن سٻڙ ڄام پاڻ کيس گهرائي (پنهنجي خاص ڪرم نوازيءَ سان) نوازي ڇڏيائين (هن جي نوازش جو ڪو حساب ڪونهي).

[هن بيت جي پس منظر ۾ ساڳئي هنڌ مثنويءَ جو هيءُ شعر ڏسو:

آنکه بي همت چه باهمت شده،

و آنکه باهمت چه با نعمت شده.

(دفتر اول، ب- 2743)

معنيٰ: هن جي درٻار ۾ جيڪي ڪچا ۽ ڪمزور، هيڻا ۽ ضعيف هئا، سي سگها ۽ همت وارا ٿي پيا ۽ جيڪي همت وارا ۽ تڪڙا هئا، سي پڻ نوازجي ويا.]

20

ٻولِي ٻيلي جِي ڪَري، پاسي ڀَرِ پِئو

سُڻائي سُتَنِ کي وِهاڻِيءَ وِئو

ڄاڻي  ڪِينَ  ٻِئو،  سُرُ  سِکيوئِي  هيڪَڙو. [971]

سمجهاڻي: اُهو (معذور) منڱڻو هاڻي پاسي ڀر پيو آهي (هلڻ چلڻ کان لاچار آهي)، ته به ٻولي ”ٻيلي“ جي پيو ڪري (”ٻيلي“ جي سخي سٻڙ کي پيو ڳائي ساراهي). هُو سُتلن کي سوير ڪيرت سڻائي، رات وهاڻيءَ هليو ويو. هو (ٻيو ڪجهه نٿو ڄاڻي فقط) ٻيلي جي سردار جي ڪيرت وارو هڪ ئي سُر سِکيو آهي. (ن.ب)

21

 پاسيِ ڀَرِ پِئو، ٻولِي ٻيلي جِي ڪَري

چارَڻُ چاڙهي چؤڏولَ ۾ نِماڻو نِئو

رُونجهي راتِ ڪِئو، سَرفَرازُ سَيِدُ چئي. [972]

سمجهاڻي: اُهو منڱڻو ٻيلي جي سخي سردار جي ڪيرت ڪندي پاسي ڀر پيو  ئي هو، جو سٻڙ چئن دروازن واري وڏي شاهي ڏولي موڪلي، جنهن ۾ (سٻڙ جا ماڻهو) کيس چاڙهي وٺي ويا. عبداللطيف چوي ٿو، ته رات جو رونجهي سردار (راضي ٿي) کيس پاڻ وٽ گهرائي انعامن اڪرامن سان نوازي ڇڏيو.

22

اَگهِيا ويڻَ وهاڳَ، ڏِنگا ڦِڏا ڏَڏَ جَا

مَٿي موٽِئا مَڱڻي سَندا ڏيِنہَ سُهاڳَ

رُونٽو ڌاران راڳَ، سَٻَڙَ راتِ سَمَگِئو. [973]

سمجهاڻي: هن منڱڻي جا ڪَچا ڦِڪا ٻول جيڪي هن وهاڻيءَ رات (رات جي پوئين پهر) جو ويهي (دل جي سچائيءَ سان) آلاپيا، سي قبول پئجي ويا. انهيءَ ڪري هن جا ڄڻ سُک ۽ خوشيءَ وارا ڏينهن موٽي آيا. (وڏي ڳالهه ته) بنا ڳائڻ وڄائڻ جي هن رُونٽي (رونڊي) هٿ واري مڱڻي کي سٻڙ سخيءَ رات وچ ۾ وڏا انعام اڪرام ڏيئي خوش ڪري ڇڏيو (انعامن جي بارش ڪري ڇڏي).

[هن بيت جي سمجهاڻي مثنويءَ جي ان عنوان ۾ ملي ٿي، جڏهن رومي اهو فرق واضح ڪري ٿو ته هڪڙا درويش اهي آهن، جيڪي صرف خدا جا اڃايل آهن ۽ غير کان بيپرواهه آهن، پر ٻيا اُهي آهن، جيڪي خدا کان بيپرواهه ۽ غير جا اڃايل آهن.

ليک درويشي که او تشنئه خداست،

هست دائم از خدايش کار راست.

(دفتر اول)

معنيٰ: جيڪو فقير الله تعاليٰ جي پياس ۾ آهي، ان جا ڪم الله تعاليٰ سدائين پاڻ پيو سنواريندو آهي.]

23

ٻُجهان ٻاجَهه ٿِي، ٻاجهاڻو ٻيلي ڌَڻِي

سَٻَرَ سا سُئِي، جا چارَڻَ جي چِتَ ۾. [974]

سمجهاڻي: مون کي خبر پيئي آهي، ته لس ٻيلي جو سخي سردار سٻڙ حد کان وڌيڪ مهربان آهي. سٻڙ سخيءَ کي اها راز واري ڳالهه معلوم ٿي ويئي آهي، جيڪا چارڻ جي دل ۾ آهي. ·

وائي

وَڏا ڏَانَ ڏنائِين، کَنيَائِين رَختُ ريزالَنِ جو

ڏاتِيُون ڏِئي ڏَڏَنِ کي سَنديُون سونَ سَراهِين

اَنڌَا مَنڊا آئِيا، سَخَا سَڏُ وِڌائِين

ڪِينَ مَنجهان ڪِين ڪَري، سو نه ساراهيين سائِين

”وَ تُعزُ مَن تَشَآءُ و تُذِلِ مَن تَشآءُ“ آهيِ سَڀُ اُتائِين

نَوازِيائين نُطف مَنجهان، ڪِينَ ڪئائِين

حِرفَتَ حَرِيفَن جي، ڀيري سَڀ ڀَڳائِين

حَاسِدَ سَڀَ حُزُنَ ۾، مُدَعِي پاڻَ مُٺائِين. [976]

سمجهاڻي: اها مالڪ مهربان جي وڏي بخشش ۽ عطا آهي، جو هُن اڪيلن بيواهن جي گذر سفر جو بار پاڻ تي کنيو. اهو ئي مالڪ آهي، جيڪو اڀرن سڀرن کي سون سان ڀريل ڪوٺيون (بغير حساب نعمتون) ڏئي ٿو. هن جي سخا جي سڏ ۾ انڌا منڊا ۽ اپاهج سڀ شامل آهن. اهو مالڪ آهي جيڪو ”ڪجهه به نه“ مان (گهڻو) ”ڪجهه“ ڪري ٿو، تون اُن سائينءَ جي واکاڻ ڇو نٿو ڪرين؟ ’هو جنهن کي گهري تنهن کي عزت ڏئي ۽ جنهن کي گهري ذلت ۾ وجهي‘، اهو سڀ ڪجهه هن وٽان آهي. انسان مان نڪرندڙ پاڻيءَ جي خاص ڦڙي کي نوازيائين، جيڪو اڳ ۾ ڪجهه ڪين هو. اهو ئي سچو سائين آهي، جنهن مخالفن جي هر رٿ کي الٽو ڪري ڇڏيو، جيڪي حسد ڪندڙ هئا، تن کي الٽو غم ۽ اندوهه ۾ مبتلا ڪيائين ۽ ڪوڙن دعويدارن کي شرمندو ڪيائين.

[هن وائيءَ جي پس منظر ۾ تبريز جي حاتم جهڙي وڏي سخيءَ جي آکاڻي آهي، جيڪو سخاوت جي ڪري ملڪان ملڪ مشهور هو ته هو قرضين جا قرض به لاهي ڇڏيندو هو. ان جي لاءِ رومي هڪ قرضيءَ جي واتان هي الفاظ چورائي ٿو:

نقد ما و جنس ما و رخت ما،

نام ما و فخر ما و بخت ما.

معنيٰ: (اي سخي) تون ئي اسان جو ايمان، مال اسباب ۽ سڀ ڪجهه آهين. تون ئي اسان جي عزت، قسمت ۽ فخر جو سبب آهين.

آخر اهو قرضي هوش ۾ اچي ٿو ۽ الله تعاليٰ جي اصلي عطا ۽ هن سخيءَ جي وقتي سخاوت جي فرق کي سمجهي ٿو، تڏهن هينئن چوي ٿو:

گرچ خواجه بس سخاوت کرده بود،

هيچ آن کفو عطاي تو نبود.

او زرم داد و تو دست زرشمار،

او ستورم داد و تو طعمه پذير.

زر از آن تست، زر او نافريد،

نان از آن تست، نان از تُش رسيد.

آن سخاو رحم هم تو داديش،

کز سخاوت مي فن ودي شاديش.

ما کجا بوديم کان ديان دين،

عقل مي کاريد اندر آب وطين.

(دفتر ششم، ب- 3125- 3130)

معنيٰ: جيتوڻيڪ هن سخيءَ مون کي گهڻو ڪجهه ڏنو هو، پر تنهنجي عطا جي مقابلي ۾ اهو ڪجهه به نه هو. هن مون کي سون ڏنو، پر تو مون کي سون کي ڇُهڻ وارا هٿ ڏنا، هن مون کي سواري ڏني، پر تو مون کي سوار ٿيڻ جو عقل ڏنو، اهو سون به تنهنجي طرفان آهي، سون کي هن پيدا نه ڪيو آهي. سمورو رزق تنهنجو آهي ۽ هن کي به تو ڏنو آهي. بلڪه اها سخاوت واري عادت به تو هن کي ڏني آهي، جنهن سان سندس خوشيءَ ۾ اضافو پئي ٿيو. اسان ان وقت ڪٿي هئاسين، جڏهن اهو مالڪ الملڪ پاڻيءَ ۽ مٽيءَ ۾ عقل جو ٻج وجهي رهيو هو.]


· · هتي وائي-1 سُر سورٺ ۾ داستان پهرئين جي وائي طور شامل آهي. ان ڪري هتان ڪاٽي وئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org