سُر ليلان
داستان
پهريون
1
داغُ تُنهنجو دائمَا ماري مَعذُورِي
سائينءَ ڪارَڻِ سُپِرِينِ وجهِجِ مَ دُورِي
آءُ تون حُضُورِي، ته مَڻيُون وِجهان مَچَ ۾.
[2075]
سمجهاڻي:
(اي چنيسر) تنهنجي جدائيءَ جو ڏنل زخم (ڦٽ) مون
خطاوار کي هميشه پيو تڪليف ۽ عذاب ڏئي. هاڻي ڌڻيءَ
جي واسطي وڌيڪ پري نه ٿيءُ ۽ وڇوڙو نه وجهه. اي
وڏي رتبي وارا (حضور ۾ ويندڙ) تون مون وٽ اچ ته
آءٌ اهو هار (جيڪو وٺي مون وڏو ڏوهه ڪيو) باهه ۾
اُڇلي ڦٽو ڪريان.
2
مَڻيُون وِجهان مَچَ ۾، هائِيءَ هَڻان هارُ
ڀِري جي ڀَتارُ، ته ميريائِي مانُ لَهان. [2076]
سمجهاڻي:
(ليلان جو پڇتاءُ) مان جيڪر اهو (نڀاڳو) هار باهه
۾ اڇلايان، بلڪ وڏي آڳ ۾ ساڙي ڇڏيان. جيڪڏهن
منهنجو مڙس راضي ٿي پرچي پوي ته باوجود انهيءَ جي
جو آءٌ ميري آهيان (گنهگار آهيان)، وري عزت واري
ٿي پوان (پاڪ صاف ٿي پوان).
3
هائيءَ وِجهان هارَ کي منجهان کارَ کَڻِي
ڦِڳائِي ڦِٽو ڪريان هَٿنِ ساڻُ هَڻِي
تو سِين ڄامَ تَڻِي، اَگَلِيُون اوڇيون ٿِيُون.
[2077]
سمجهاڻي:آءٌ
انهيءَ هار کي خار ۽ ڪاوڙ مان دوزخ جهڙي باهه ۾
اڇلي اچان ۽ ان کي پنهنجي هٿن سان ڀڃي ٽوڙي مروڙي
ذرا ذرا ڪري مٽيءَ جي ڍير تي ڦٽو ڪري ڇڏيان. اي
منهنجي سر جا سائين، توسان اجائي حجت ۽ تڪرار ڪري.
اهي ويچاريون نماڻيون (جيڪي اڳ توکي ويجهو هيون،
سي توکان پري ٿي ويون) تنهنجي لاءِ اجنبي ٿي ويون.
4
مَڻِيُون سو نه مڻيُون، جو تون پَسي هارُ هرکِيين
اَصُل آهي اَڳِهِين سندو ڪُوڙَ ڪَڻِيُون
اِنَ گهوڙَنِ هَنئي گهَڻيُون، دوسَنِئان دُورِ
ڪِيون.
[2078]
سمجهاڻي:
هيءُ مڻيو اهو قيمتي مڻيو ناهي (خسيس ۽ بي قيمت
آهي) جيڪو تون ڏسي (خوامخواه) سَڌ ڪري ويهي
رهينءَ. اهو اصل ۾ منڍ کان ئي ڪوڙ جو ڪَڻو (ڪوڙو
ٻُڙو) آهي. انهيءَ بدبخت مڻيي (هار) ڪيترين کي
پنهنجي دلي دوستن کان ڌار ڪري ڇڏيو. (فراق ۽ وڇوڙو
ڏيئي ڇڏيو)
5
جو تو مَڻيون ڀانئيو، اَصل ڪُوڙو ڪَچُ
هِن ڌُتاري هارَ کي تون سوڀِي ڀانءِ مَ سَچُ
هِتِ ڳالهيون ڪَرِين ڳَچُ، هُت حرفُ نه هلندُئِي
هيڪڙو.
[2079]
سمجهاڻي:
(اي ليلان) جيڪو تو (املهه ۽ قيمتي) هار سمجهيو
هو، سو دراصل نقلي ۽ ڪانچ (ڪچي شيشي) جو آهي. ان
ڌوڪي ڏيندڙ هار کي تون سادگيءَ ۾ اجايو سچو سمجهي
ويٺينءَ. هتي (هن جهان ۾) تون ڪيتريون ساريون
اجايون (بيفائدي) ڳالهيون پيئي ڪرين، پر هُتي (هُن
جهان ۾) تنهنجي اهڙي ڪا ڳالهه نه هلندي (اُتي صرف
سچ جو سودو قبول ٿيندو)
6
مَڻيُون هارُ هَڻِي، پَلنگَ سِرَ پِٿُون ڪَريان
جِنہ تان چِتُ کَڻِي، وِئو وِينڊَڙِيارو وَلهَو.
[2080]
سمجهاڻي:آءٌ
اهو هار پلنگ جي پاون سان ڀڃي ڀور ڀور ڪريان (ذرا
ذرا ڪري ڇڏيان)، جنهن جي ڪري منهنجو مُنڊيءَ وارو
(چيچ ۾ ڇلي پائڻ وارو) گهوٽ مون تان دل کڻي ويو.
(مون کان بيزار ٿي ويو)
7
مَڻيي اُتي موهِجي چَرِئو چِتُ ٿِئوءِ
هارُ کَڻِي هوڏَ مان ڪُڄاڙو سَرئوءِ
اَڳِهن اَنگُ وِنگوءِ، آيُئه ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
[2081]
سمجهاڻي:
(اي ليلان) تون هار جي مٿان هرکجي پنهنجيءَ دل کي
ڌتاري ڇڏيو (برغلائي ڇڏيو). تو وڏي شوق سان اهو
هار ته کنيو، پر ان سان توکي ڇا مليو، ڇا حاصل
ٿيو. بلڪ اڳي ئي تنهنجي قسمت ۾ اهو لکيل هو.
انهيءَ ڪري جانب جي جدائيءَ جا ڏنڀ نصيب ۾ آيئي.
8
مَڻيي اُتي موهِجِي هارِي ڳِيَڙُءِ هارُ
ڪوڙيين ڪَيا ڪيتَرا اِنَهِين خَرَ خُوارُ
ڀِري وِئوءِ ڀَتارُ، آيُئِي ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
[2082]
سمجهاڻي:
(اي ليلان) تون هار تي دل ڏيئي ويٺينءَ ۽ تو اهو
هٿ ڪري ورتو. انهيءَ خامُ ۽ خبيث ڪيترين عقل وارين
کي ذليل ۽ خوار ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري تنهنجو سرتاج
توکان بيزار ٿي ويو ۽ توکي جدائيءَ جي باهه ۾ جلڻو
پئجي ويو.
9
مَڻيي اُتي موهِجي، هارِي پاتُئِي هَسُ
تو ڀانيو مون سين هُوندا راڳُ رِهاڻِيُون رَسَ
وَري ويئِي وَسَ، تي آيوءِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
[2083]
سمجهاڻي:
تون هار ڏسي چري ٿي پئين، تو ان کي پنهنجي ڳچيءَ
جو زيور سمجهي پائي ڇڏيو. تو سمجهيو ته ان سان
تنهنجي سونهن وڌي ويندي ۽ تون پنهنجي ور سان وڌيڪ
محبت واريون رس رهاڻيون ڪندين. پر (ائين ڪرڻ سان)
تنهنجي قسمت توکان رُسي ويئي، تڏهن توکي وڇوڙي جو
عذاب سهڻو پيو.
10
مَڻِيي مَٿي موهِجي، مُوڙهِي ڪِيوءِ مَرَڪُ
چَئي چَنيسرَ ڄامَ سين وِڌوءِ وڏو فَرَقُ
وَرِي وِئو وَرَقُ، آيُئِي ڏنءُ ڏُهاڳَ جو. [2084]
سمجهاڻي:
اي نادان، تو (ڪوڙي) هار تي موهجي فخر ۽ وڏائي
ڪئي. بلڪ تو چنيسر جهڙي راجا سان منهن سامهون اها
مڻيي واري (شرط واري) ڳالهه بيان ڪري (هن ۽ پنهنجي
درميان) وڏو ويڇو (نفرت جو سبب) پيدا ڪري ڇڏيو.
انهيءَ ڪري تنهنجي تقدير جو لکيو ئي بدلجي ويو ۽
توکي جدائيءَ جي مصيبت منهن ۾ آئي.
11
مَڻيي مَٿِي جي هُئا تَنِ چِٽَرنِ ڦيرِيُمِ چِتُ
’هارُ کَٽيندِيسِ‘ هوڏَ سِين، ڪِين نيبَہُ ٿيندُمِ
نِتُ
ڪَونرُوءَ جو ڪِرِتُ، مُونهان مَٿاهُون ٿِئو.‘
[2085]
سمجهاڻي:
(ليلان ٿي چوي) هار جي مٿان جيڪا ميناڪاري ٿيل
هئي، تنهن منهنجو دماغ ڦيرائي ڇڏيو (آءٌ چري ٿي
پيس). مون سمجهيو ته هار ته فقط شرط سان ئي(چنيسر
کي پاڻ کان هڪ رات پري رکڻ جي عيوض) کٽي وٺنديس ۽
پوءِ اهو (نو لکو) هار به مون وٽ هميشه هوندو. پر
ڪونروءَ جي اٽڪل (چالاڪي) مون کي مات ڪري ڇڏيو
(آءٌ هارجي ويس).
12
جيڪَرَ ڀانيَان اِيئن، ته ڪو دِلِ مَٽيندو داسَڙو
ته سُوڙههَ لَڳندي سِينئن، هُوندَ هَٿين هارُ نه
جهَلِيان.
[2086]
سمجهاڻي:
جيڪڏهن مون کي اهو ٿورو گمان به ٿئي ها ته ڪو
منهنجو دلبر دوست ائين مون کان دل کڻي ويندو، ته
ڪيتري به وڏي سختي ۽ مصيبت برداشت ڪري وٺان ها، پر
اهو هار پنهنجي هٿن ۾ هرگز نه وٺان ها (هار جي
ويجهو به نه وڃان ها).
13
هُيَسِ گهَڻو هُشيَارَ، پر ڪَلَ نه پييَمِ ڪانڌَ
جِي
مُون ڀانيون موچارِي ٿِيان هنِيين وجهي هارُ
ڪانڌَ ڪُوڙيءَ جو نه وڻيو سَئين ڀَتين سينگارُ
وَهمُ لَهِي وِينجهارُ، ٿو دِليُون پَرکي داسَڙو.
[2087]
سمجهاڻي:
(ليلان ٿي چوي) آءٌ گهڻي عقل واري هيس، پر مان
پنهنجي مڙس کي صحيح سمجهي نه سگهيس. مون سوچيو هو
ته آءٌ ڇاتيءَ تي (ڳچيءَ ۾) هار پائي وڌيڪ سهڻي ۽
خوبصورت ٿي پونديس. پر منهنجي سرتاج کي (ٺڳيءَ ۽
دغابازيءَ وارو) اهو جڙتو قسمن جو هار سينگار هرگز
پسند نه آيو. هو وڏو پارکو ۽ داناءُ آهي جيڪو
(ظاهري هار سينگار کي نه پر) دلين جو امتحان ٿو
ڪري.
[مثنوي روميءَ ۾ هن باري ۾ هڪ وڏيءَ معنيٰ وارو
شعر هن ريت آهي:
ما که باطن بين جمله کشوريم،
دل به بينيم و بظاهر ننگريم.
(دفتر
چهارم، ب- 2175)
معنيٰ: اسان هر شيءِ جي اندر ۾ ڏسندا آهيون، اسان
دلين کي آزمائيندا آهيون ۽ ظاهر کي نه ڏسندا
آهيون.]
14
ساهيڙيون ۽ سَرَتِيُون کِلَنِ سَڀِ مَٿامِ
جِڪُسِ ڪَمَ سَندامِ، جُوٺا ڏِٺا جيڏِيين. [2088]
سمجهاڻي:
منهنجيون سڀ ساهيڙيون ۽ سرتيون (هڪ جيڏيون) مون
مٿان پيون کلن (ٽوڪون ڪن). پڪ، منهنجن جڏن ڪمن جي
کين خبر پئجي ويئي آهي (هنن کي منهنجي دغا ۽ دولاب
جي خبر پئجي ويئي آهي)
15
ٿِڙِڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرِڪِي تَڪَبُرِ پَئِي
اَچئو اچئو اَگلِي چَئي لِيلان کي لوڪُ
اَندرُ اوڀالَنِ سِين ساڙي ڪِئائُونسِ سوڪُ
ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ، وِئو ويچارِيءَ وِسَرِي. [2089]
سمجهاڻي:ليلان
هار جهڙي قيمتي شيءِ ڏسي ڀلجي ويئي (گمراهه ٿي
ويئي) ۽ وڃي وڏائيءَ ۾ پيئي. جڏهن سندس ساهيڙين کي
خبر پيئي ته اهي هڪٻئي پٺيان روبرو اچيو کيس برو
ڀلو پيون چون (هن کي پيون ڏوهه ڏين). بلڪ طعنن ۽
مهڻن سان سندس اندر ئي جلائي ڪباب ڪري ڇڏيائون.
ايتريقدر جو اهو ننڍپڻ وارو شوق (دل وندرائڻ لاءِ
هار ۽ مڻيا ميڙي رکڻ) کانئس وسري ويو.
16
چَـنـيـسَـرُ چَــورَنــگُ، ٻِه- رَنگو لـوڪُ
ٻِــئو
تِنہِ سِين ڇِنئو سَنگُ، وَڃئو هارَ هَٿُ ڇُهِين.
[2090]
سمجهاڻي:
چنيسر چئن رنگن وارو (هر لحاظ کان سهڻو آهي) ۽
باقي ٻيا ماڻهو ٻن رنگن وارا يعني گهٽ سهڻا آهن.
اي ليلان، تو هن سان پنهنجو پيار جو ناتو ٽوڙي
(معمولي) هار کي وڃي هٿ وڌو! (تو اهو ڇا ڪيو، تو
اهو ڪيڏو ڪوجهو ڪم ڪيو!)
17
چَنيسَرَ جي چِتَ ۾ ڪِين جو اَڳَ هُئو
تِهان پوءِ ٿِئو، مَڻيين سَندو مامرو. [2091]
سمجهاڻي:
(ليلان جو گمان) چنيسر جي دل ۾ ڪو اڳ ۾ ئي گمان يا
خدشو هو. باقي هار جو معاملو (جيڪا منهنجي غلطي
هئي) پوءِ جي ڳالهه آهي!
18
ڏاهِي هُيَسِ ڏيههَ ۾، سَرتِينِ مَنجههِ سُڄاڻِ
ڪا جا پييَمِ ڪاڻِ، جِئن مُنہُ مَٿاهُون نه کَڻان.
[2092]
سمجهاڻي:
مان سڀني سرتين ۾ سياڻي ۽ چالاڪ هيس، پر مون کان
اها وڏي گهٽتائي ٿي جو مڻيي تي موهجي وڏي خطا ڪري
ويٺيس (اهڙو ڪو ڏوهه ٿيو) جو هاڻي منهن مٿي ڪري
هلڻ جهڙي نه آهيان.
19
اَللهَ ڏاهِي مَ ٿِيان، ڏاهِيُون ڏُکَ ڏِسَنِ
مون سِين مون پِرينِ، ڀورائِيءَ ۾ ڀالَ ڪِئا.
[2093]
سمجهاڻي:
او منهنجا الله سائين، مان سياڻي ۽ عقلمند نه ٿيان
ها ته چڱو هو ڇو ته سياڻين ۽ عقل وارين هميشه دک ۽
درد ڏٺا آهن. مون سان منهنجن محبوبن- جڏهن مان
نادان ۽ اڻ ڄاڻ هيس- تڏهن وڏا وڙ ڪيا (اُنهن مون
تي ڪيترا احسان ۽ نوازشون ڪيون.)
[مثنوي روميءَ ۾ حضرت آدم ۽ ابليس جي قصي جي پس
منظر ۾ هيءُ نڪتو چڱيءَ ريت واضح ڪيو ويو آهي.
خويش ابلهه کن تبع مي رو سپس،
رستگي زين ابلهي يابي و بس.
(دفتر چهارم، ب- 1419)
معنيٰ: پاڻ کي نادان سمجهه ۽ هن جي پٺيان هلندو
هل. اميد ته ان نادانيءَ سان تون نجات وارو ٿي
پوندين.]
وائي
اَگَلِي آئُون، ڍولا مون نه پَرُوڙِئو
خاوَندُ کَنئي خطائُون، ڍولا مون نه پَروڙِئو
چَنيسَرَ جي راڄَ ۾ لَکين لِيلائُون
اُڀِيُون سي اَدَبَ ۾ ٻَڌئو اُوءِ ٻانهُون
ڍولي تيلاهِين ڍيلِي جيلانہ اَگَلِي آئُون.
[2094]
سمجهاڻي:
مان خطاڪار آهيان، مون کان چُڪ ٿي، مون کان ڀل ٿي.
اي منهنجا سڄڻ سائين، مون کي سمجهه نه آئي. اهو
سڄڻ پاڻ ئي مدايون ميٽي ٿو، مون کي خبر نه پيئي.
بيشڪ چنيسر بادشاهه جي راڄ (محل ۾) ۾ سوين هزارين
نه بلڪ لکن جي تعداد ۾ ليلائون آهن. اهي سڀ وٽس
ادب ۾ هٿ ٻڌي حاضر رهن ٿيون. مون کي پياري سڄڻ ان
ڪري ڌڪاري ڇڏيو جو آءٌ عيبدار ۽ خطاڪار ٿي پيس.
[مثنويءَ ۾ مناجات جو هڪ شعر هن ريت آهي:
اي خداي رازدان خوش سخن،
عيب کار بد ز ما پنهان مکن.
(دفتر چهارم، ب- 1353)
معنيٰ: اي ڳُجهن جا ڄاڻندڙ، مٺڙا مالڪ سائين بُرن
ڪمن جا عيب اسان کان ڳجها نه رک ۽ اسان کي سٺن ڪمن
۾ عيب نه ڏيکار ته جيئن اسان پٺتي نه پئجي وڃون.]
داستان ٻئو
1
وڏيرِي هُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾
دُهلين دَمامين نَقُرين پَرَ ۾ پُڇِيياسِ
جيلاه ڍولي ڍيلياسِ، تي ٿِيَسِ ڏُهاڳِڻ ڏيہَ ۾.
[2095]
سمجهاڻي:آءٌ
چنيسر جي ملڪ ۾ سانئڻ ۽ مالڪياڻي هيس. هرهنڌ دهلن
دمامن ۽ شرناين جي آوازن وانگر منهنجي ڳالهه هلندي
هئي، پر جڏهن کان منهنجي پياري سڄڻ مون کي ڇڏي ڏنو
يا ڌڪاري ڇڏيو آهي، تڏهن کان آءٌ پوري ديس ۾
ڌڪاريل ۽ خوار ٿي ويئي آهيان (مون کي هاڻي ڪو به
نٿو پڇي)
2
وَڏيرِي هُياسِ، ميڙو مون ڳَرِ سَرِتِيين
هَٿِ ڇُهَڻِ سِين هارَ جي ڪَڙِي ڪانڌِ ٿِياسِ
ڍولي ڍيلِياسِ، آيُمِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو. [2096]
سمجهاڻي:
مان وڏي مان مرتبي واري هيس ۽ منهنجي گهر ۾ سرتين
۽ ساهيڙين جو ميڙو متل هوندو هو. پر هار کي هٿ
لائڻ سبب منهنجو ڀتار مون کان بيزار ٿي ويو،
ڪاوڙجي ويو. منهنجي پياري پرين جڏهن کان مون کي
ڇڏي ڏنو، تڏهن کان آءٌ جدائيءَ جو عذاب پيئي سهان.
3
آيَمِ مَنجههِ ڏُهاڳَ، سَندا جوڀَنَ ڏينهَڙا
مڻيين سَندي مامِري لَکين ڀَڳا لاڳَ
آءٌ سِڪان کي سُهاڳَ، تان پِرين پَهاڳُ ئِي نه
ڪَري.
[2097]
سمجهاڻي:
مون کي ڀرپور جوانيءَ ۾ ئي ڏهاڳ (مڙس جو زال کي
الڳ ڪرڻ) نصيب ٿيو. هار واري معاملي منهنجا سڀ
سهنج سينگار ۽ لاڏ ڪوڏ چَٽ ڪري ڇڏيا. آءٌ پنهنجي
مڙس کان پيار ۽ پاٻوهه جي پيئي تمنا ڪريان، پر هو
ته مون سان پرچڻ لاءِ به تيار ناهي!
4
چانڪِ چَڙهندِيَسِ کَٽَ تي، رِيجهائِيندِيَسِ راءُ
اِهڙوئِي اَللهُ، جو پورهيتُون پيشِ ڪَري. [2098]
سمجهاڻي:
آءٌ دل ۾ هرهر چوان پيئي ته ڪڏهن ٿي وري کٽ تي
چڙهي ويهان ۽ پنهنجي راجا کي راضي ڪريان. بيشڪ اهو
الله سائين ئي آهي جيڪو پورهيو ڪندڙن (ڪؤنروءَ
جهڙين) کي اڳتي ڪري ۽ شان مان وڌائي ٿو.
5
جو تو ڀانيو هارُ، سو سُورَنِ سَندو سَڳڙو
چَنيسَرُ چِتُ کَڻِي، ٿِئو پورِهَتِ جو پارُ
اَوِڻَتِ جو آچارُ، ڪانڌُ ڪَنهين سِين نه ڪَري!
[2099]
سمجهاڻي:
اي ليلان، تو جيڪو هار (زيب زينت جو سامان) سمجهيو
هو سو اصل ۾ سورن جو سامان (زنجير) ثابت ٿيو.
چنيسر تو تان دل کڻي ويو ۽ وڃي ڪونروءَ جهڙي مسڪين
پورهيت جو پاسو ورتو. شال، خاوند (مالڪ) ڪنهن سان
ناراضگي ۽ رنج ٿيڻ جو فيصلو نه ڪري.
6
چَئِي چنيسرَ ڄامَ سِين لِيلان تُون مَ لَکاءِ
دوسَت تُنهنجو داسَڙو کاندِ وَڏيائِي کاءِ
ڍولو ڍَڪُ سَندياءِ، عَيبَنِ کي آڏو پَئي. [2100]
سمجهاڻي:
اي ليلان، تون چنيسر بادشاهه سان آڏا اُبتا جواب
ڏيئي پاڻ پڌرو نه ڪر. تنهنجو دوست وڏيءَ ذات ۽ وڏي
شان وارو آهي. اهو وڏي ڌيرج ۽ صبر وارو آهي (گهڻو
سَهندڙ آهي). اهو ئي تنهنجو دلبر دوست آهي جيڪو
تنهنجن عيبن جي پرده پوشي ڪندڙ آهي ۽ انهن کي پڌري
ڪرڻ وارو نه آهي.
7
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سِين لِيلان لَکاءِ مَ تُون
ايءُ ڪانڌُ ڪِنہِ جو نه ٿِئي، نَڪا مُون نه تون
رُوندِيُون ڏِٺِيون مُون، اِنَ دَرَ مَٿي
دادِليُون. [2101]
سمجهاڻي:
اي ليلان (طالب) تون چنيسر جهڙي راجا سان اجايو
سجايو ڳالهائي (حجت رکي) پاڻ کي ڏٺو (خوار) نه ڪر.
اهو خاوند (مالڪ) اهڙي روش سان ڪڏهن به ڪونه
پرچندو. هن جي اڳيان مان ۽ تون (پاڻ کي ڀانئڻ)
واري ڳالهه هلڻ واري ناهي. انهيءَ (بيپرواهه) مالڪ
جي در تي مون ڪيترين لاڏلين (دادلين) کي روئندي
رڙندي ڏٺو آهي.
8
ليلان جِمَ لَکائِيين سوڀي ساڻُ سُڄاڻَ
آهِيين گهَڻو اَڄاڻَ، مَڇُڻُ پُوري نه پُئين.
[2102]
سمجهاڻي:
اي ليلان، متان تون پاڻ کي پڌرو ڪرين، اي سهڻي
ليلان، تون وڏي سمجهدار ۽ سياڻي (چنيسر) سان متان
اٽڪين؛ تون بلڪل اڻ ڄاڻ ۽ نادان آهين، تون هن سان
(هرگز) پوري نه پوندينءَ، پڄي نه سگهندينءَ! (هن
سان عاجزيءَ ۽ نوڙت وارو رستو اختيار ڪر).
9
لِيلان جِمَ لَکائِيين، چَئي چَنيسَرَ ساڻُ
وَرَ سِين وِڙهئو اُٿِيين، مُوڙهِي مُٺُئِه پاڻُ
ڀورِي ڪِيُئِه ڀاڻُ، تي آيُئِه ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
[2103]
سمجهاڻي:
اي ليلان، تون چنيسر سان اجايو سجايو ڳالهائڻ سان
پاڻ کي خوار خراب نه ڪر. تو پنهنجي مڙس (مالڪ) سان
جهيڙو ڪري، اي بيوقوف عورت، پاڻ کي وڏيءَ مصيبت ۾
وجهي ڇڏيو آهي. (تو هي ڇا ڪيو!) اي ڪم عقل، تو کي
غرور وٺي ويو آهي، جنهن ڪري توکي جدائيءَ جو عذاب
مليو آهي.
10
ليلان جِمَ لَکائِيين، چَئي چنيسر ساڻُ
تو جو ڀانيو پانهنجو سو رِيساڻو راڄاڻُ
پاڻان ڌارَ پَرِياڻُ، ڪانڌَ ڪِنہِ جو نه وَڻي.
[2104]
سمجهاڻي:
اي ليلان، متان چنيسر سان (تکو مٺو) ڪجهه ڳالهائي
پنهنجي پَت کي پاڻ وائکو ڪري وجهين. تون جنهن کي
پنهنجو سمجهيو ويٺي آهين، (ڪاڏي هو، ڪاڏي تون) اهو
راجا ڏاڍو غيرتمند آهي. هو پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن
سان لاڳاپي ۽ تعلق کي پسند نٿو ڪري.
11
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سِين لِيلان لَکايوءِ
تو جو ڀانيو پانهنجو تِنہِ جو پَرو ڪونه پيوءِ
ڪَونروءَ ڪانڌُ سندوءِ، دَستِ ڪِئو داسڙو. [2105]
سمجهاڻي:
اي ليلان، تو چنيسر سلطان سان ڳالهائي پاڻ کي ظاهر
ڪري ڇڏيو. تو جنهن کي پنهنجو سمجهيو (۽ حجت هلائڻ
شروع ڪئي) توکي (دراصل) هن بابت ڪا خبر نه پيئي
(ڪا سمجهه نه آئي). اهو ئي سبب آهي جو ڪونروءَ
(تنهنجي رقيب عورت) تنهنجو مڙس (تو کان کسي)
پنهنجي هٿ ۾ ڪري ويئي.
[مثنوي روميءَ جا هي شعر ڏسڻ وٽان آهن:
هم سخن ديدي تو خود را باخدا،
اي بسا کو زين گمان افتد جدا.
(دفتر دوم، ب- 340)
معنيٰ: جيڪڏهن اهو مالڪ تو سان پاڻ ڳالهائي ٿو (ته
پنهنجو دماغ جاءِ رک) گهڻائي اهڙي گهمنڊ ۾ اچي
ڌڪاڻجي ويا.]
12
لِيلان لَکَڻَ پانهِنجا سارِجِ سَڀيئِي
وَرَ سِين وِڙهئو اُٿِيين ڏوراپا ڏيئِي
ڪُہُ ڄاڻان ڪيهِي، چَنيسَرَ جي چِتَ ۾. [2106]
سمجهاڻي:
اي ليلان، تون پنهنجون سڀ اوڻايون (جيڪي غلطيون تو
ڪيون) هڪ هڪ ڪري ياد ڪر. تون هر وقت مڙس سان جهڳڙو
ڪري ڏوراپا ۽ مهڻا پيئي ڏئين. توکي خبر آهي ته (ان
کان پوءِ) چنيسر جي دل ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي. (هو تو
سان ڪهڙي روش اختيار ڪندو)
13
هُلِي هارُ وِئو، ٿِئو بَهانو بوڇَ جو
وَرَ ٿو وِلهِي ڪَرين ڏوڀالا ڏِئو
هَٿان مُون پِئو، تُون کَمِين نه کانديلا پِرين!
[2107]
سمجهاڻي:
جيتوڻيڪ (بظاهر) هار مشهور ٿي ويو، پر اصل ۾ ان
بُڇان يا نفرت جو
سبب ٻيو ڪجهه هو. اي منهنجا سرتاج (انهيءَ اصلي
ڪاوڙ سبب) تون ميارون ڏيئي ۽ طعنا هڻي مون کي پاڻ
کان الڳ پيو ڪرين (ڇوري ڇني پيو ڪرين) بيشڪ مون
کان خطائون ٿيون، پر هاڻي اي وڏي صبر ۽ سهپ وارا
مون کي جيڪر بخشي ڇڏين (تون معاف نه ڪندين ته ٻيو
ڪير ڪندو)
[مثنوي روميءَ ۾ اهو خيال هن ريت ملي ٿو:
پس کجا زارد کجا نالد لئيم،
گر تو نپذيري بجز نيک اي کريم،
سر کجا بنهد ظلوم شرمسار
جز بدرگاه تو اي آمرزگار.
(دفتر دوم ب 335)
معنيٰ: ڀلا هي ڪمينو ڪٿي روئي ۽ ڪنهن کي دانهن
ڏئي، جيڪڏهن اي ڪريم، تون نيڪن کان سواءِ ڪنهن جي
دعا نٿو قبول ڪرين. هي گنهگار ۽ پشيمان گنهگار ۽
پشيمان تنهنجي در کان سواءِ، ڪٿي وڃي پنهنجو مٿو
ٽڪرائي ڇو ته تون ئي معاف ڪندڙ آهين.]
14
لِيلان لُڇُ مَ ايترو، اُٿِي اڱڻُ سورِ
اَبو ڏاڏو گهورِ، پاڻَ سُوڌو پِرينءَ تان. [2108]
سمجهاڻي:
اي ليلان، تون ايترو پريشان نه ٿيءُ ۽ اٿي اڱڻ
ٻهار ۽ واٽون نهار. تون (پاڻ ته ٺهيو) پر پنهنجو
سمورو خاندان (ابي ڏاڏي سميت) سڄڻن تان قربان ڪر
(هن تان سڀ ڪجهه نثار ڪري ڇڏ).
15
لِيلان لُڇُ مَ ايتَرو، ويئِي ڳالههِ هَٿا
چَنيسَرَ ڪانڌا، ڪونه پُنو تو ڪاڄَڙو. [2109]
سمجهاڻي:
اي ليلان، ايتري بي صبري نه ٿيءُ، ڇو ته هاڻي
ڳالهه تنهنجي وس کان ٻاهر نڪري ويئي آهي (تو کان
خطا ٿي چڪي آهي). (هاءِ افسوس) چنيسر جهڙي ور سان
شاديءَ جو ٺاهه پورو نه ٿيو يعني تنهنجو نباهه نه
ٿيو (تولاءِ پڇتاءُ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه رهيو
آهي).
16
سُتي خوابُ لَڌومِ، چان هُيَسِ هوتَ حُضُورَ ۾
گهَٽيون گهُمندي ڍولَ سِين، نَئُون نِيہُ لڳومِ
جاڳِي جان ڏِٺومِ، تان پاڻان ڦٽُ فِراقَ جو.
[2110]
سمجهاڻي:
(ليلان ٿي چوي) مون ننڊ ۾ خواب لڌو ته پنهنجي
پرينءَ وٽ پهچي ويئي آهيان ۽ هن سان گڏ گهمي ڦري ۽
محبت جا مزا ماڻي رهي آهيان. (بلڪ مون کي پنهنجي
ساڳي عزت موٽي ملي آهي)، پر جڏهن سجاڳ ٿيس ته پتو
پيو ته اهو ساڳيو وڇوڙي ۽ فراق جو ڦٽ برقرار آهي
(اهو منهنجو وهم گمان ئي هو)
17
ڀينَرُ ڀِنيءَ راتِ، مُون چَنيسَرُ چِتَ ۾
سُتو لوڪ ننِڊُون ڪَري، مُون پِريان جي تاتِ
سَڄَڻُ سِينءَ پِرڀاتِ، مَنان مُورِ نه وِسَري.
[2111]
سمجهاڻي:
اي سرتيون، پرهه ڦٽيءَ جو به مون کي پنهنجو پرين
چنيسر ياد آهي. جڏهن ته سڀ ماڻهو ننڊ ۾ اگهور پيا
آهن، پر مون کي هر وقت سڄڻن جي يادگيري ۽ سنڀار
آهي (ننڊ اکين مان اڏامي ويئي آهي)، مون کي پنهنجي
سپرينءَ سان سڄي سڄي رات ويهي پرڀات ڪرڻ اڄ به دل
تان ڪانه ٿي لهي!
18
ڀينَرُ ڀيرِئو داسَڙو، چَنيسَرُ چَئِي
هِيءُ جو ڏَنڀُ ڏُهاڳَ جو سَگهان تان نه سَهِي
مون کان تان پَئِي، تون کَمِ کانديلا سُپِرين.
[2112]
سمجهاڻي:
اي سرتيون، توهين منهنجي سرتاج چنيسر کي منٿون ڪري
(خدا جا واسطا وجهي) پنهنجي اُن راءِ تان ڦيرايو
(جو هو مون کي ڏهاڳ ٿو ڏئي). ڪيئن به ڪري کيس
سمجهايو ۽ مون کي پرچائي ڏيو، جو مان سندس جدائيءَ
جو اهو عذاب نٿي سهي سگهان. بيشڪ مون کان سَهو ٿي
۽ ڏوهه ٿيو، (آءٌ قبولدار آهيان). پر اي وڏي ست ۽
صبر وارا سائين، تون مون کي معاف ڪر.
19
عَيبَ نه اچَڻُ ڏِينِ، مون کي مون پِرينِ ڏي
اَڳئان اَکينِ سامُهان اُڀائِي آهِينِ
اَوڳُڻَ پاسي ٿِينِ، ته ڍولا ڪِنہِ ڍَنگِ ٿِيان.
[2113]
سمجهاڻي:
منهنجيون خطائون ۽ مدايون مون کي پنهنجي پرينءَ کي
پرچائڻ ۾
رڪاوٽ آهن. (اهي وڏي رنڊڪ ۽ روڪ آهن) جيتوڻيڪ اُهي
هروقت منهنجي اکين آڏو آهن (هو مون کان پري
ناهي). اي منهنجا پرين، منهنجا اهي ڏوهه هڪ پاسي
ٿين (تون معاف ڪرين) ته آءٌ ڪنهن چڱي حال ۾ ٿيان
(مون کي تنهنجو ڪو آسرو ٿئي)
وائي
مون کي وَرَ وَرِي، وارو ڏِئين وَلَها
توکي ساري سُپرِين آءٌ پُندِيَسِ ماڳِ مَرِي
توکي سَري سُپرين اَسان تان نَه سَرِي
مُنهِنجي تو ريءَ ناهِ ڪا ڳُجھاندَر ڳَرِي. [2114]
سمجهاڻي:
او منهنجا ور، او ڀتار، تون واپس اچ ۽ مون کي هڪ
وڌيڪ موقعو عطا ڪر. او منهنجي ساهه جا سپرين، آءٌ
توکي ساريندي ۽ سنڀاريندي مري پونديس. بيشڪ تنهنجو
مون کان سواءِ گذر ٿي سگهي ٿو، پر مان تون کان
سواءِ گهڙي نٿي گهاري سگهان. منهنجي لاءِ تو کان
سواءِ ڳجهه ڳرهڻ ۽ پنهنجي حال اورڻ جي ٻي ڪا واهه
۽ واٽ نه آهي (توکان سواءِ منهنجو ٻيو ڪو حال ڀائي
نٿو ٿي سگهي).
داستان ٽئو
1
چَنيسَرَ سِين چاڳُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري
جان مُون پوءِ پَروڙِئو ته هِيءُ نه ماڻي ماڳُ
ڏَمِرئو ڏُهاڳُ، سِگهو ڏِئي سُهاڳِڻين. [2115]
سمجهاڻي:
چنيسر سان اجائي حجت (محبت ۾ چلولائي) متان ڪا ٻي
عورت ڪري. جيئن مون کي پاڻ دير سان خبر پيئي ته
جيڪا ائين ڪندي، سا ان سهاڳ واري سيج تي نه رهي
سگهندي (مطلب چنيسر ناز نخرن، اجاين ماڻن سمن وارو
نه آهي). هو جڏهن ڪاوڙجي ٿو ته ڏهاڳ ڏيڻ يعني پاڻ
کان الڳ ڪرڻ ۽ وڇوڙو ڏيڻ ۾ دير ئي نٿو ڪري.
2
چَنيسَرَ سِين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪري
ڪانڌَ ڪِنہ جو نه وَڻِي گيرَبُ ۽ گاءُ
جي ٿِڙي ٿورَڙياءِ، ته توڙِ تَڙائي داسَڙو. [2116]
سمجهاڻي:
(ليلان جي ٻين عورتن کي صلاح) چنيسر سان چاهت (۾
اڳرائي) متان ڪا ٻي عورت ڪري. هن کي ڪنهن جو به هٺ
۽ وڏائي، خودي ۽ غرور پسند نه آهي. جيڪڏهن هو ڪنهن
ٿوري ڳالهه تي به ناراض ٿيو ته پوءِ انهن کي پاڻ
وٽان مورڳو تڙائي ڪڍي ٿو.
3
لَکين لِيلائُون، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾
ٻِيُون سڀيئي سَگَلِيُون، اگَلي آئُون
صِدقَ صَدائُون، ڪهڙيون ڪَريان تَنِ سِين. [2117]
سمجهاڻي:
چنيسر بادشاهه جي راڄ ۾ مون جهڙيون هزارين بلڪه
لکين ليلائون آهن، اُهي سڀ سهڻي سيرت ۽ حياءَ
واريون آهن، باقي صرف آءٌ ميري ۽ عيبدار آهيان.
اهڙيءَ صورت ۾ آءٌ پنهنجي سچائيءَ واريون ڪهڙيون
دعوائون ڪنديس.
4
ڪارا ڪَري ڪيسَ، مَتان ڪا مُنڌَ وِرِسي
ڍولُ پَراهي تَنِ کي وِلهَا جَنِي ويسَ
پَسي نه لالَ لِبيسَ، ٿو دِليُون پَرکي داسَڙو.
[2118]
سمجهاڻي:
متان ڪا زال پنهنجا وار ڪارا ڪري (هار سينگار ڪري)
۽ اجايو گمان ڪري ته آءٌ ڪا شيءِ آهيان. بلڪه اهو
سڄڻ سائين انهن کي ٿو پڇي ۽ نوازي جيڪي ويس وڳن ۽
ڳهن ڳٽن کان محروم آهن. هو اهي ڳاڙها ۽ چمڪندڙ
لباس ڪونه ٿو ڏسي، بلڪ هو ته دلين جو امتحان ٿو
ڪري (ته هنن کي ساڻن ڪيتري محبت آهي)
5
وَصُلُ تِنہِ وڃائِيو سِينڌِ سُرُمي سِيئَن
سا لُوٺِي لِيلان جِيئَن، مَڻيون جِنہِ مِٽُر
ڪِئو. [2119]
سمجهاڻي:
اها عورت (طالب) وصال کان محروم رهندي جيڪا رڳو
پاڻ کي ظاهري طور سينگاري ٿي (سينڌ سرمو ڪري ٿي)
بلڪ اها ليلان وانگر ڌڪارجي ويندي (مهڻن هاب
ٿيندي) جيڪا هار (سينگار) سان رغبت رکندي.
[مثنوي روميءَ ۾ اهو سبق هن طرح ڏنل آهي:
آدمي را عجز و فقر آمد امان،
از بلائي نفس پر حرص و غمان.
(دفتر سوم، ب 3283)
معنيٰ: انسان لاءِ عاجزي ۽ نهٺائيءَ ۾ نفس جي حرص
۽ غمن جي بلائن کان بچاءُ آهي.]
6
ڏُهاڳان سُهاڳِڻِيُون سَڀيئي ڪَنبَنِ
ڪوه ڄاڻان کي ڪَنِ، وارو ڏيندو وَلَهو. [2120]
سمجهاڻي:
پنهنجي پياري پرين يعني محبوب مڙس جي جدائيءَ کان
سڀ سهاڳ واريون (جن سان مڙس راضي آهن) زالون ڊڄن
ٿيون، ڇو ته (سڀني کي ڊڄڻ گهرجي) ڪنهن کي خبر ناهي
ته اهو گهوٽ پنهنجيءَ نظر ۾ ڪنهن کي وڏي درجي
(عزت) وارو ڪندو؟
7
ڏُٻَرِيُون ڏُهاڳَڻيون، ميرا مُنہَ سَندانِ
ويهِي وَرُ سيڻانِ، ڪانڌَ نه اوريو ڪَڏِهِين.
[2121]
سمجهاڻي:
ڏهاڳ واريون (مڙسن کان ڌار ٿيل) عورتون سدائين
مصيبت ۾ آهن ۽ انهن جا منهن سدائين ميرا ۽ اڻ ڌوتل
هوندا آهن (اهي ڪهڙا هار سينگار ڪنديون). هنن سان
سندن مڙسن ڪڏهن ويجهو ويهي رهاڻ جو نه ڪئي!
8
ڏوري لَههُ ڏُهاڳُ، جِنہِ ڪَرَلاهُو داسَڙو
گهورِئو سو سُهاڳُ، جِنہِ ۾ پَسِين پاڻَ کي.
[2122]
سمجهاڻي:
(اي ليلان) تون اهو ڏهاڳ (ڏک ۽ جدائيءَ واري حالت)
ڳولي هٿ ڪر جنهن ۾ تون هر وقت پنهنجي پرينءَ جي
پڇا پيئي ڪرين. (هر وقت توکي هن جو فڪر ۽ طلب هجي)
ڇو ته اها سهاڳ (گڏ رهڻ واري حالت) گهوري ڦٽو ڪجي
جنهن ۾ تون خود پسند بنجي پوين (پاڻ کي سڀ ڪجهه
سمجهڻ لڳين ۽ محبوب کي وساري ويهين)
[مثنوي روميءَ ۾ اهو مطلب هن ريت سمجهايو ويو آهي:
عاشقم بر رنج خويش و درد خويش،
بهر خوشنودي شاهه فرد خويش.
معنيٰ: آءٌ پنهنجي دک ۽ رنج تي ان ڪري عاشق آهيان
ته شل منهنجو بي مثل محبوب مون سان خوش رهي.]
9
ڏَمرِيوئِي ڏَسِ، حيلو هُنهِين هارَ جو
سُڻو سَڀِ سُهاڳَڻيُون، اِيءُ وَرُ نه ڪَنهِين
وَسِ
دَعويٰ پِهرين دَسِ، ڀَڃئو ٿو ڀورا ڪَري. [2123]
سمجهاڻي:
(اي ليلان) تون سڀني کي ٻڌاءِ ته هو وڏي ڏمر ۽ غصي
وارو آهي. اهو حيلو بهانو ته هو هار جي ڪري ڏمريو
آهي اجايو آهي. اي سهاڳ واريون زالون، توهين ٻڌي
ڇڏيو ته اهو ڀتار ڪنهن جي هٿ اچڻ وارو ناهي (متان
ڪا ان غلط فهميءَ ۾ هجي). جيڪا به اها دعويٰ يا
حجت ڪري ٿي، تنهن کي هو پهرين ملاقات يا هڪ ڌڪ سان
ڀڃي ڀوري ڇڏي ٿو.
10
جي ڪارُون آڻيين ڪانڌَ کي، ته روئِي ريجهائيجِ
سوڀي اِنَ سُهاڳَ کي ڀوري ڀَرُ مَ ڏيجِ
لِيلان لِيلائيجِ، اِت آهي ماڳُ مِنَٿَ جو. [2124]
سمجهاڻي:
اي ليلان، جيڪڏهن تون پرچائڻ جا حيلا پيئي ڪرين ته
پوءِ فقط عاجزي ۽ نيزاري ڪر ۽ روئي کيس راضي ڪر.
اي سڀاڳي، اي نادان، تون پنهنجي سهاڳ واري رشتي تي
ڀروسو نه ڪر. او ليلان، اهو صرف ۽ صرف منٿ ۽ ميڙ
جو هنڌ آهي. (اتي ٻيو ڪو حيلو وسيلو هلڻ وارو
ناهي)
[مثنوي روميءَ ۾ اهو مفهوم هن طرح ادا ڪيو ويو
آهي:
رحمتم موقوف آن خوش گريه هاست،
بعد ازان از بحر رحمت موج خا ست.
(دفتر دوم، ب-375)
معنيٰ: منهنجي رحمت دل سان روئڻ تي مدار رکي ٿي،
انهيءَ روئڻ کان پوءِ ئي رحمت جي درياهه مان موج
اڀري ٿي.]
11
جي لِيلائي نه لَهِين ته پُڻُ لِيلائِيجِ
آسَرَ مَ لاهِيج، سَڄڻَ سَٻاجها گهَڻو. [2125]
سمجهاڻي:
اي ليلان، جيڪڏهن تون عاجزي ۽ آزي، ٻاڏائڻ ۽ پڪارڻ
(توبهه ڪرڻ) سان به پنهنجي مراد نه لهين ته به وري
وري ليلائيج، ٻاڏائيج. هن (مالڪ مهربان) مان آسرو
۽ اميد ڪڏهن به نه لاهجانءِ. اهو مالڪ تمام گهڻو
مهربان ۽ وڏو ڪرم ڪرڻ وارو آهي.
[مثنوي روميءَ جي هن بيت ۾ گهڻيءَ حد تائين اهو
سبق ڏنل آهي:
در طلب زن دايما تو هر دو دست،
که طلب در راه نيکو رهبر ست.
(دفتر سوم ب 979)
معنيٰ: تو هميشه جستجو ۽ تلاش ۾ هٿ پير هڻندو رهه،
ڇو ته سچي طلب کان وڌيڪ ٻيو ڪو رهنما ۽ راهه
ڏيکاريندڙ ڪونهي.]
وائي
مُون نِماڻِيءَ کي يا اَللهَ، ڍولو مَ ڍيلي
ڍولو ڍيلَڻَ سَندِيُون، وايُون وَرُ ڪَري
پائي عَيبَ پَلئَه ۾، تو دَرِ آيَسِ تي
ڍولا ڍَڪَڻُ جي ٿِئين، لوئيءَ لَڄَ رَهي
ڪَونروُءَ جِهَڙيُون ڪيتَرِيُون لَکين لالڻَ کي.
[2126]
سمجهاڻي:
اي الله سائين، (مان توکان دعا پنان ٿي ته) مون کي
منهنجو سڄڻ پاڻ کان پري نه ڪري، مون کي ڇڏي نه
ڏئي. منهنجو محبوب مون کي پاڻ کان ڌڪي پري پيو ڪري
۽ اهي ئي ڳالهيون بار بار پيو ڪري. اي سڄڻ سائين،
مان پنهنجا سڀ عيب ۽ تقصيرون مڃي تنهنجي در تي پيش
پيئي آهيان. او منهنجا ڍولڻ سائين، تون منهنجو ڍڪ
۽ پناهه ٿيءُ ته منهنجي عزت رهجي اچي. (ان ۾ ڪهڙو
شڪ آهي ته) سڄڻ وٽ ڪونروءَ جهڙيون هزارين لکين
ٻانهيون آهن.
داستان چوٿون
1
اَوڳُڻَ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ آيَسِ داسَڙا
جِئن تو رُسَڻ سَندِيُون رُوحَ ۾ ته مُون ڀيڻِي
ناهِ ڀَتارَ
سائينءَ لَڳِ سَتَارَ، ميٽِ مَدايُون مُنهنجِيُون.
[2127]
سمجهاڻي:
(ليلان ٿي پڪاري) اي سائين، آءٌ بيشمار خطائون ۽
ڏوهه ڪري تنهنجي در تي آئي آهيان. (پيش پيئي
آهيان) جيڪڏهن تنهنجيءَ دل ۾ اڃان ڪو رحم نه آيو
آهي ته توکان سواءِ منهنجي ته ڪا ٻي واهه ۽ وسيلو
ناهي. (آءٌ ٻئي ڪنهن جي در تي وينديس!). او سائين،
پنهنجي ڍڪڻ واري صفت جي صدقي، منهنجا عيب ڍڪ ۽
مدايون معاف ڪر.
[روميءَ ان ساڳئي مفهوم کي هن طرح ادا ڪيو آهي:
بيحدي تو در کمال و در جلال،
در کجي ما بي حديم و در ضلال.
(دفتر دوم، ب-2500)
معنيٰ: اي الله سائين تنهنجي بزرگي ۽ ڪمال بي انت
آهي، پر اسان گنهگارن جون غلطيون ۽ اوڻايون به ڳڻپ
کان ٻاهر آهن.]
2
تان ڪا وائِي وارِ، دِلاسي جي داسَڙا
تون منهنجو وَلهو، آءٌ تو ۾ طَمعدارِ
ڍَڪي ڍولَ گُذارِ، لَڄَ منهنجِي لوڪَ ۾. [2128]
سمجهاڻي:
اي سڄڻ سائين (چنيسر داسڙا)، هاڻي ته ڪا پرچڻ ۽
راضي ٿيڻ جي ڳالهه ڪر. اهڙو ڪو آسرو ڏي، (پڪو
دلاسو) تون منهنجو آقا ۽ گهوٽ آهين ۽ آءٌ تو ۾
ڀلائي جي اميد رکندڙ آهيان. تون ئي سڀني ماڻهن ۾
منهنجي عزت ۽ ناموس کي بچاءِ!
3
ڍولا ڍيل مَ مُون، ڪانڌَ ڪَميڻِي آهِيان
سِڪَ تنهنجيءَ سُپِرِين ڀيري وِڌيَسِ ڀُون
مون وَرُ تُون هِين تُون، تو وَرَ وَهُون ڪيتريون.
[2129]
سمجهاڻي:
اي سهڻا سڄڻ، مون کي ڌڪاري نه ڇڏ (مون کي پاڻ وٽان
تڙي نه ڪڍ)، مان بيشڪ قصور وار ۽ بڇڙي آهيان. پر
اي پيارا، تنهنجي پيار ئي مون کي ماري زمين دوز
ڪري ڇڏيو آهي. (مان اٿڻ ويهڻ، هلڻ چلڻ کان لاچار
ٿي ويئي آهيان) منهنجو مڙس (گهر وارو) فقط تون
آهين، پر تو مرد لاءِ ٻيون ڪيتريون زالون يا
عورتون آهن!
4
ڍولا اولا نه سَهان، آڏا اَڏيَئِي جي
تو وَرَ وَهُون ڪيتَريُون، مون وَرُ تون وَري
پِرِتان پيرَ ڀَري، ڏُکِيءَ کي ڏِسيجُ تون. [2130]
سمجهاڻي:
اي منهنجا پيارا پرين، تو جيڪي اهي پردا ۽ ڍڪ
پنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ کڙا ڪيا آهن، سي مون کان
برداشت ڪونه ٿا ٿين. (مون کي تنهنجي دوري گوارا
ناهي). تو جهڙي مڙس لاءِ ڪيتريون زالون آهن، پر
منهنجو مڙس ته فقط تون ئي آهين. تون محبت واري
نگاهه ڪري پاڻ پير ڀري اچي هن وسريل ۽ ڏکويل جي ڪا
سار سنڀال لهه (پنهنجو ڪر).
5
ڍولا ڪُڄاڙِئا، ٻولايو ٻوڏَ چَئين
آءٌ تو پيراندِئا، ڪَرَ موڙِئو وَرَ اُٿِيان.
[2131]
سمجهاڻي:
اي منهنجي سر جا سائين، تون ڇو (ايڏو ناراض ٿي)
مون کي پاڻ چتائي پيو چوين ته وڃي ٻُڏ يا کڏ ۾
پوءُ! آءٌ ته تنهنجي پيرن ۾ ڪِري پيئي آهيان
(تنهنجي پلنگ جي پيرانديءَ کي نه پيئي ڇڏيان ۽
جهڙي تهڙي حال ۾) رڙهي هر هر اٿي پيئي بيهان
(توڏانهن پيئي نهاريان ته ڪڏهن ٿو پرچين).
6
هِتي هُتي تون، آهِين سُونهون ساٿَ جو
اِي گناهُ نه بَخشِين مون، جِئن ڌَڻِي آهِينمِ
داسَڙا!
[2132]
سمجهاڻي:
جتي ڪٿي هر هنڌ تون ئي منهنجو سرواڻ ۽ ساٿ ڌڻي
آهين. (عجب آهي جو) هي (معمولي) گناهه ۽ ڏوهه نٿو
بخشين، اي داسڙا دوست، منهنجو ڌڻي ۽ مالڪ مهربان
تون ئي ته آهين!
[روميءَ وٽ اهو خيال هن طرح ملي ٿو:
جز تو پيش که بر آرد بنده دست،
هم دعا و هم اجابت از تو هست.
(دفتر چهارم، ب- 3499)
معنيٰ: اي مالڪ سائين، هي ٻانهو تو کان سواءِ ڪنهن
جي آڏو هٿ کي ڊگهيڙي، تون ئي ته دعا کي ٻڌڻ ۽ قبول
ڪرڻ وارو آهين.]
7
ڪوڙين تُنهنجيون ڪامِڻِيُون، تون ڪوڙين سَندو
ڪانڌُ
مون کي ڇَڏِ مَ داسَڙا، ته وَڃان نه وڻاندَ
مون ڳِچِيءَ ۾ پاندُ، تو چَنيسَرَ هَٿَ ۾. [2133]
سمجهاڻي:
(ليلان ٿي چوي) اي چنيسر! تنهنجيون ڪيتريون زالون
آهن ۽ تون ڪيترين جو مڙس آهين، تون مون کي دل تان
وساري نه ڇڏ ته آءٌ نڌڻڪي ٿي نه وڃان ۽ رُلي نه
وڃان. اي چنيسر ڪانڌ! مون پنهنجي ڳچيءَ ۾ (غلاميءَ
وارو طوق) ڳارو وجهي ان جو پاند تنهنجي هٿ ۾ ڏنو
آهي. (آءٌ تنهنجي گولي غلام آهيان)
8
تون ڪوٺيين، تون ڊوهيين، ڏيين تون ڏُهاڳُ
دوستَ تُنهِنجو داسَڙا دِلِ اَندر مون داڳُ
ڀانيان سَڀَ سُهاڳُ، جي مُون وَرَ وِهارِيين.
[2134]
سمجهاڻي:
اي سڄڻ سائين، تون ئي پاڻ پيار سان گهرائين ٿو ته
جهلي ويهارين به ٿو، پر تون ئي وري پاڻ کان پري
ڪرين ٿو بلڪ تڙائي ڪڍين ٿو. اي دلبر دوست، منهنجي
دل ۾ تنهنجي جدائيءَ جو ئي ڏنل داغ آهي. اي منهنجا
سائين، پر اهو سڀ جيڪي مون سان ٿيو، اهو جيڪر سهاڳ
(ڀاڳ) ڪري سمجهان جيڪڏهن تون فقط (هڪ ڀيرو ٻيهر)
پاڻ وٽ مون کي اچڻ ڏين.
9
لَکَڻَ ڪِيمَ لَکيجِ، جِئن مُون مُوراهِين ناهِ ڪو
مون کي مَلهائيجِ، وارو ڏيئِي وَلَها. [2135]
سمجهاڻي:
(اي منهنجا سائين) منهنجا لڇڻ يا ڳڻ نه ڏس، نه
سارج، ڇو ته اهي مون ۾ بلڪل آهن ئي ڪونه! (آءٌ
انهن کان بلڪل خالي آهيان). تون پنهنجي ڪا خاص
مهرباني ڪري منهنجو مان مٿاهون ڪج. (تون ئي منهنجي
عزت رکندين).
10
جي مان مُوڙهِي مَتِ، ته تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ
سُپِرين
اَصُلِ اَوائنِ جا عيبَ ڍَڪين تُون اَتِ
اِي پِرِين تُنهنجِي پَتِ، جِئن وِلهِيُون ڍَڪِين
وَلَها.
[2136]
سمجهاڻي:
(ليلان جو چنيسر کي عرض ۽ نيزاري) جيڪڏهن آءٌ مت
جي منجهيل (نادان ۽ ڪم عقل) آهيان ته تون پنهنجو
شان سڃاڻج. تون ئي ته منڍ کان بيعقلن ۽ بيوقوفن جي
پرده پوشي ڪرين ٿو. اهو تنهنجو ئي شان آهي جو جيڪي
ڏکيون بکيون ۽ نڌڻڪيون آهن، تن جي به
ستر پوشي ڪرين ٿو، ڍڪ ڍڪين ٿو.
11
ڪانڌَ ڪَمِيڻِي آهِيان، هَلايان نه حُجَتَ
چَنيسَرَ جي چِتَ، هُوندَ ڪَٽُ نه لايان ڪَڏهِين.
[2137]
سمجهاڻي:اي
منهنجا ور، آءٌ بيشڪ ڪميڻي ۽ نيچ آهيان، پر آءٌ تو
سان ڪڏهن به حجت نٿي هلائي سگهان (تنهنجي پرواهه
نه ڪري، پنهنجي مرضي هلايان). (مان پنهنجي وس هجان
ته) جيڪر آءٌ ڪڏهن به تو چنيسر جي دل من کي ميراڻ
يا ٽڪو هرگز نه لايان ها! (آءٌ تنهنجي مرضيءَ جي
خلاف ڪوبه قدم ڪيئن ٿي کڻي سگهان).
12
ڏِئين جي ڏُهاڳُ، ته سَنئون سُهاڳُ آءٌ ڀانئِيان
تُنهنجو مون کي سُپرِينِ، سَڀوئِي سَڀاڳُ
دوستَ تُنهنجو داڳُ، ڌُئان ڌوتو نه لهي. [2138]
سمجهاڻي:
(اي چنيسر) آءٌ تنهنجي ڏنل ڏهاڳ کي (ڇو ته ان ۾
تنهنجي رضا شامل آهي) سڌو سنئون سهاڳ (سڀاڳ)
سمجهان ٿي. تنهنجي طرفان جيڪي ڪجهه ملي ٿو، آءٌ ان
کي پنهنجو بخت ۽ ڀلو ڀاڳ ٿي ڀانيان. اي دلبر
سائين، پر (آءٌ ڪيتري به ڪوشش ڪريان) تنهنجي
جدائيءَ جو داغ ڪنهن به ريت مٽجڻ يا ڌوپجڻ وارو
ناهي.
[الله جي قضا يعني حڪم تي راضي رهڻ بابت مثنويءَ ۾
گهڻو ڪجهه چيو ويو آهي، جيئن هڪ هنڌ چوي ٿو:
پس چرا گويد دعا؟ الا مگر،
در دعا بيند رضاي دادگر.
(دفتر سوم، ب- 1919)
معنيٰ: هو ڪهڙي دعا گهرندو؟ هو دعا فقط ان لاءِ
گهرندو آهي ته ان ۾ الله جي رضا کي جيئن جو تيئن
سامهون ڏسندو آهي.]
13
جي وِلهِي ڪَرِين وَلها، توءِ اڱڻِ تو آئي
ڪانڌَ نه ڪوٺئين ڪَڏهِين ٻَرِ ٻَرِ ٻاجهائِي
وارِجِ ڪا وائِي، دِلاسِي جي داسَڙا! [2139]
سمجهاڻي:
اي منهنجا ڀتار، جيڪڏهن تون مون ڏکيءَ بکيءَ کي
وساري يا دل تان لاهي ڇڏين (ڏهاڳ ڏيئي پاڻ کان جدا
ڪرين)، تڏهن به آءٌ تنهنجي در اڳيان پيئي هونديس
(تنهنجي اڱڻ کان پري ڪونه وينديس). پر هاءِ هاءِ
(الاڙي الا) جو تون ڪڏهن ڪهل ڪري، ڪنهن مهل پاڻ
ڪوٺي وٺين (جنهن جي اميد آءٌ ڪڏهن به نٿي لاهيان).
او چنيسر، داسڙا سردار، تون پاڻ ڪو آٿت ۽ آسري جو
قول اقرار ڪر!
14
ڏِئِين جي ڏُهاڳُ، جي مون وَرَ وِهارِئين
تُنهنجو دوسَ داسَڙا مُحب نه ڇَڏيان ماڳُ
اَجهو ۽ تون آڳُ، وَڏو آهِينمِ وَلهَا. [2140]
سمجهاڻي:
اي چنيسر، اي دوست داسڙا، جيڪڏهن تون ڏهاڳ ڏيئي
مون کي (پاڻ کي پري ڪري) وهاري ڇڏين، تڏهن به آءٌ
تنهنجو هنڌ ڪونه ڇڏينديس. تون ئي ته منهنجي پناهه
جي جاءِ ۽ وڏي ۾ وڏو واهر وسيلو آهين.
15
توڻي ڏي نه ڏي، توءِ منهنجو وَلهو
آءٌ تِنہِ ڀَلي کي، پاڻُ پَرَنِيان ڪيتَرو. [2141]
سمجهاڻي:
هو ڀلي مون کي پڇي يا نه پڇي، ڪجهه ڏي يا نه ڏي،
تڏهن به هو منهنجو ور ۽ گهوٽ آهي. (مالڪ ۽ سائين
آهي) اهڙي مهربان سڄڻ کي آءٌ پاڻ پنهنجي لاءِ ڪهڙي
۽ ڪيتري پارت ڪريان (آءٌ پنهنجو پاڻ ڪيترو
سونپيان).
وائي
آءُ پِرين گهَرِ پيهي، ميان چنيسر!
هارُ هَٿان مون ڇَڏِئو
پُڇن لِيلا، هُوء ڪَنِ حِيلا، ٻَهَران اَچئو ٻيئِي
دوسَتُ نِيائُون داسَڙو، ويساهي وَرُ ويهِي
اَوڳُڻَ عيبَ مَٺائِيُون، ڍولا ڍَڪِ سَڀيئِي
تو دَر اَچِي داسَڙا، آرِ ڪَرِيندِيَسِ ڪيهي
اِلاهِي عبداللطيفُ چَئي، ڪَرِ مَديون معافُ
مڙيئِي.
[2142]
سمجهاڻي:
(ليلان جي آزي ۽ نيزاري) او چنيسر سائين، او پيارا
پرين، تون مون وٽ منهنجي گهر اچ، مون هار کي (ڪڏهن
جو) پنهنجي هٿن سان اڇلائي ڦٽو ڪيو آهي (مون کي
هار نٿو گهرجي). ڪؤنروءَ ۽ سندس ماءُ ٻيئي ٻاهر
اچي (ليلان جي پڇا ڪري) چالاڪيءَ سان بلڪ ڊوهه ڪري
منهنجو دلبر دوست چنيسر داسڙو مون کان کسي ويون.
اي سڄڻ سائين، منهنجا سڀئي عيب ۽ اوڻايون تون ئي
ڍڪيندين. اي دوست داسڙا، تنهنجي در تي اچي آءٌ
ڪهڙا ناٽ نخرا ڪنديس. عبداللطيف چوي ٿو يا الله
تون مڙئي خطائون ۽ ڏوهه معاف ڪر. |