سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:38 

وائي

ڏُور وِڃئو ڏِينہ لائي، ڪا سوڍلَ کي سَمُجهائي

جيڏيون! منهنجي راڻي کي ڪو رحمُ پَوي

ڏُورِ وَڃئو ڏِينہَ لائي

ميڙِ مُنجان ٿِي مَينڌري، پاندُ ڳِچيءَ ۾ پائي

ڦَٽيلِ مِينہَ فِراقَ جا ويٺي وَسائي

سوڍا سُورَ ڳَرَهِيان، آءُ ڪَرَهو ڪاڪِ وَرائي. [1986]

سمجهاڻي: اوجيڏيون! او سرتيون! توهان مان ڪا منهنجي راڻي سوڍي کي وڃي پرچائي جو هن ڪاوڙجي مون کان پري ٿي ڏاڍا ڏينهن لائي ڇڏيا آهن. شل ڪو سندس روح ۾ رحم پوي (توهان کيس سمجهايو). او سرتيون! مان ڳچيءَ ۾ ڪپڙو وجهي (پنهنجي گناهن جي معافي گهُرڻ خاطر توهان کي) ڏانهس ميڙ ٿي موڪليان (من اِها منٿ مڃي)، آءٌ (مومل ويچاري) هن جي جدائي ۽ فراق جي ماريل اکين مان ڳوڙهن جا مينهن ويٺي وسايان. اي سوڍا! تون پنهنجي اُٺ جي واڳ ورائي وري ڪاڪ تي اچ ته آءٌ ويهي توسان پنهنجي جدائيءَ جا سور سليان!

 

داستان ڇهون

 

1

مَيي ۽ مَينڌري ڏٺِي ٿِئڙَمِ ڏِينهن

هاڻي ڪريان ڪِيئن، ويٺِي ڳوڙها ڳاڙِيان. [1987]

سمجهاڻي:  (مومل پاڻ کي ويٺي چوي) مون کي پنهنجي محبوب مينڌري ۽ سندس سهڻي اُٺ کي ڏٺي وڏو وقت گذري ويو آهي. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي (ڪو ڏس نٿو ڏئي) ته آخر آءٌ ڇا ڪريان (جو راڻو پرچي پوي). آءٌ هُن کي ياد ڪري ويٺي روئان ۽ رڙان.

2

پَسُ توشَڪُون تَڪِيا، سيئِي وِڇاڻا

پَسِئو (هَنڌَ) پَچي هِنيُون، جي حَبِيبَنِ هاڻا

هِڪُ ڏُنگا ڏاڏاڻا، ٻِئو موٽئو تان نه مَينڌَرو! [1988]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) اُهي هنڌ ۽ بسترا، وهاڻا ۽ پٿراڻيون جن تي اچي منهنجي دل جو دوست سُمهي آرام ڪندو هو ( استعمال ڪندو هو)، ڏسي منهنجو اندر سڙي خاڪ ٿي ٿو وڃي. هڪ طرف اهو حال آهي، ته ٻئي طرف مٽن مائٽن جا طعنا ۽ مهڻا الڳ، ۽ هوڏانهن راڻو مينڌرو (هڪ دفعو جو ڪاوڙجي ويو، ته) وري موٽي نه آيو!

3

ڏِجاهُ ڍاٽِيءَ ڍولَ کي، سَنيهو ساري:

’مون کي ڦَٽُ فِراقَ جو ٿو مينڌَرا ماري

اَچين نه واري، ڪَرَهو ڪَمِيڻيءَ تي!‘ [1989]

سمجهاڻي:  (او اَدا پانڌي!)  تون منهنجي ڍَٽ واسيءَ محبوب کي ياد ڪري، اهو پيغام پهچائجانءِ، ته مومل کي تنهنجي جدائيءَ جي زخمن پورو ڪري ڇڏيو آهي. (وڌيڪ اهو عرض ڪج) تون ڇو نٿو (پنهنجو قرب ڪري) هن هيڻيءَ (ڪمزور) عورت ڏانهن پنهنجي اٺ جي واڳ ورائي اچين؟

4

سِگهو موٽِجُ سُپرين ڪَرَهَلَ کي ڪاهي

سوڍا سُورُ تُنهنجو اَندر ۾ آهي

تِنہِ هنِيين سين هاڃو ڪِئو، مَنُ پِئو مُنجهائي

سوڍَلَ سِجهائي، مون کي وِئين تون مينڌرا. [1990]

سمجهاڻي:  (مومل جي آزي نيزاري) اي منهنجا سپرين! تون جلدي پنهنجو اُٺ ڪاهي واپس اچ، تنهنجي جدائي جو سُور منهنجي اندر ۾ هر وقت پيو هُري. انهيءَ سور منهنجي دل کي اجاڙي برباد ڪري ڇڏيو آهي ۽ منهنجي دل هر وقت  تو لاءِ درماندي (حيران پريشان) آهي. اي سوڍل سائين! مون کي تون حال کان بيحال (هلڻ چلڻ کان لاچار) ڪري هليو ويو آهين.

5

رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ اوراهُون ڇوڙِ

تو رِءَ ڪاڪِ ڪَڙِي ٿِي، ساڻُ سِرکَنڊَ سوڙِ

اَچِي چَندَنِ چوڙِ، ته سوڍا سُکياڻي ٿِيَان. [1991]

سمجهاڻي:  (مومل جو عاجزيءَ وچان عرض) اي راڻا! رُسڻ ڇڏ ۽ رُسڻ واري عادت کي ترڪ ڪر ۽ پنهنجي اُٺ تي چڙهي هتي اچي لَهُه ۽ واڳ وار.  توکان سواءِ سڄي ڪاڪ (مون کي زهر وانگر) ڪوڙي پيئي لڳي، ۽ چندن جي ٻرڻ واري سُرهاڻ مان به مونجهه پيئي ٿئي (تو بنا اُن جي ڪهڙي خوشبوءِ!). اي سُهڻل سائين! تون اچي صندل جي سرهاڻ کي ماڻ، ته آءٌ سُکن واري ٿيان.

6

راڻا رُسَڻُ ڇَڏِ، وارِ ڪَرهو ڪاڪِ تي

حُبَ هنِيين سِين گَڏِ، ته وَڃَنِ سُورَ سَنڌا ڪَري. [1992]

سمجهاڻي:  (مومل جي وينتي) اي راڻا! اها ڪاوڙ ۽ غصو ڇڏ ۽ تون ڪاڪ تي پنهنجو اُٺ موٽائي اچ. تون پنهنجيءَ دل ۾ منهنجي محبت کي نئين سر جاءِ ڏئي، ته سڀئي سُور هٽي پري ٿين (اُڏامي وڃن).

7

ڪَرهو ڪَمِيڻيءَ تي سوڍا وارِ سُڄاڻَ

آءٌ ڪُہُ ڪَريان هِنَ ڪاڪِ کي، تَنَ توهِي ڏي تاڻَ

لاهي  غَيرَ  گُماڻَ،  اَڱڻِ  آءُ  اُڪَنڊِيين. [1993]

سمجهاڻي:  (مومل جي التجا) اي سوڍل سياڻا، تون پنهنجي اُٺ جون واڳون ورائي، هن ڪمذات جي طرف ڪاهي اچ. آءٌ توکان سواءِ هن ڪاڪ (محل) کي ڇا ڪريان، منهنجي دل هر وقت توکي پيئي ياد ڪري. (خدا جي واسطي) مون ۾ شڪ ۽ ڏوهه وارا گُمان ڪڍي، مون سِڪايل جي اڱڻ تي اچ.

8

جي نَنڍو تان ڪوهُ، وِکِين آهي وِتَرو

وَڃِئو ڪاڪِ ڪَنڌِينِ ۾، پَهَسِ پَکيءَ جِئن پوءِ

اِنَ ڪُڙههِ سَندو ڪوءِ، مَيو ماٺو نه ٿِئي. [1994]

سمجهاڻي: جيڪڏهن هيءُ اُٺ عمر ۾ ننڍو  آهي ته ڇا ٿي پيو، هلڻ ۾ ته تيز آهي. اهو ڪاڪ جي اندر ائين تکو وڃي پهچندو آهي، جيئن ڪو  اُڏامندڙ پکي اُتي پهريائين وڃي پهچي. (درحقيقت) انهيءَ بُڻ يا نسل وارو اُٺ هلڻ ۾ گهٽ رفتار يا ڍرو هرگز  ڪو نه ٿو ٿئي (بڻائتو اُٺ تيز وک ئي کڻندو آهي).

9

آکُون ڊراکون، سَرکَنَ شاخُون، جِتِ چوکا چَندَنَ ڪؤنرَ

مَيي سيئِي ماڻِيا، جِت نه ڀِرَنِ ڀؤنرَ

ڪُنئاريون ۽ ڪَؤنرَ، ڪاهِ ته پَسُون ڪاڪِ جا. [1995]

سمجهاڻي: ڪاڪ محل ۾ قسم قسم جون ڊاکون ۽ چندن جي وڻ جون ٽاريون ۽ اُن جا لذيذ گل ۽ سُرها پن آهن. اُٺ کي اُتي اهڙي وڻندڙ خوراڪ نصيب ٿي، جنهن جي خوشبوءِ تائين ڀؤنر به نٿا پهچي سگهن. اي اُٺ! تکو ۽ تيز هل، ته ڪاڪ جون حسين ۽ جميل ڪنواريون ۽ سهڻا گل ٻوٽا (نعمتون) هلي ڏسون ۽ پسون.

10

ڪيڏانہَ ڪاهيان ڪَرَهو، چوڏِسِ چِٽراڻو

مَنجههِ هِين ڪاڪ ڪَڪورَئِي، مَنجههِ هِين لُڊاڻُو

راڻو ۽ راڻو، رِءَ راڻي ڪِين ناه ٻِئو. [1996]

سمجهاڻي: آءٌ هي اُٺ ڪهڙي پاسي ۽ ڪهڙي طرف وٺي وڃان، ڇاڪاڻ ته سڀني پاسن ۽ هر طرف سوجهرو ۽ سُهائي آهي. بيشڪ منهنجي (روح جي) اندر ۾ ئي ڪاڪ جي رنگارنگي به آهي، ته لڊاڻو به اتي ئي آهي، جتي ڪٿي راڻو ئي راڻو آهي. راڻي کان سواءِ ٻيو ڪجهه آهي ئي ڪو نه! (سالڪ جو توحيد صفاتيءَ جو مشاهدو) .

[عشق جي غلبي سبب عاشق جون پنهنجون صفتون نه هئڻ جي برابر وڃي بچن ٿيون، تنهنڪري کيس صرف محبوب جو جلوو نظر اچي ٿو. رومي ان طرف هن ريت اشارو ڪيو آهي:

عاشق  کل  ست  و  خود  کل  ست  او،

عاشق خويشست و عشق خويش جو.

(دفتر اول، ب- 1574)

معنيٰ: هو سڀ جو عاشق آهي ۽ سڀ پاڻ آهي. هو پنهنجو عاشق پاڻ آهي ۽ پنهنجو طالب پاڻ آهي.]

11

ڪيڏانہَ ڪاهيان ڪَرَهو، چِٽراڻو چؤڌارَ

منجههِ هين ڪاڪِ ڪَڪورَئي، مَنجههِ هين باغَ بَهَارَ

ڪانهي ٻِي تَوارَ، ٿِئو مِڙوئِي مَينڌَرو. [1997]

سمجهاڻي: آءٌ هن اُٺ کي ڪهڙي طرف وٺي وڃان، ڇاڪاڻ ته هر طرف ۽ هر ڏس ۾ روشني ئي روشني آهي. منهنجي اندر ۾ ئي ڪاڪ جي (حيران ڪندڙ) رنگيني به آهي، ته اتي ئي باغ بستان پڻ آهن.  هاڻي (جڳ جهان ۾) ٻئي ڪنهن جو ذڪر آهي ئي ڪو نه، هر هنڌ فقط مينڌري جو ئي نانءُ  پيو   ٻڌجي!

12

ڪَرَها ڪارَڻِ ڪاهَ، توکي ڌَڻين ڌارِئو

ساري ڏيجِ سَيدُ چَئي، لُڊاڻِي تان لاهَ

مُقابِلو مُومَلَ سِين ٿِيندُءِ سَنجههِ صُباحَ

سوڍيءَ جِيءَ صلاحَ، ڪَؤنرَ چَرندِين ڪاڪِ جا. [1998]

سمجهاڻي: اي اُٺ! (روح) تون وڏي پنڌ (واپسيءَ) واري مسافريءَ لاءِ تيار ٿيءُ، جو مالڪن توکي ان ڏينهن لاءِ پئي سنڀاليو آهي. عبداللطيف چوي ٿو ته تون وڏي خيال ۽ خبرداريءَ سان لڊاڻي جا ڦيرا ۽ چڪر ڏئي پورا ڪر، ڇو ته دير يا سوير تنهنجو واسطو مومل (جي امتحان) سان پوندو. جڏهن تون سوڍي (جهڙي آزمودگار رهبر) جي نصيحت تي عمل ڪندين، تڏهن تون ڪاڪ جا ڪچڙا ٻُور ۽ گل ڦل کائيندين.

وائي

مَيو تون موٽاءِ، مون کي رُئندي راتِ وِهاءِ

سائينءَ ڪارَڻِ سُپِرين، مَيو تون موٽاءِ

گهَرِ مَهارا گهورِيا، سُرَهو مون نه سُهاءِ

ڪاڪِئان وَڃڻُ ڪيڏهِين راڻا تو نه رِهاءِ

سَٺَمِ ساهيڙِينِ جا طعنا توهِي لاءِ

سوڍا   سُکياڻِي   ٿِيان، پيرَ   پَرِچِي  پاءِ. [1999]

سمجهاڻي:  (مومل جا ايلاز ۽ نيزاريون)، اي راڻا مينڌرا! (واسطي ڌڻيءَ جي) تون پنهنجي اُٺ کي موٽائي اچ. منهنجي سڄي سڄي رات تنهنجي ياد ۾ سڏڪا ڀريندي ۽ ڳوڙها ڳاڙيندي گذري ٿي وڃي. پنهنجي اُٺ کي موٽائي مون وٽ اچ. آءٌ پنهنجو گهر ۽ سيڄ پلنگ گهوري ڇڏيان ٿي، مون کي ڪا خوشبوءِ ۽ سرهاڻ وڻي ئي ڪانه ٿي. اي راڻا! توکي ڪاڪ کان ٻاهر وڃڻ ڪنهن به صورت ۾ مناسب ناهي. آءٌ تنهنجي خاطر پنهنجي سڀني جيڏين سرتين جا طعنا تنڪا پيئي برداشت ڪريان. اي سوڍا! تون مون سان راضي ٿي منهنجي گهر اچ، ته آءٌ (هميشه هميشه لاءِ) سک ۽ آنند واري ٿيان.

 

داستان ستون

 

1

راڻا نه ڄاڻان، ڪِيئَن وِڏُوڻِين وَلَها

اچي ڪاڪ ڪَنڌين ۾ پَرچِي ڏي پاڻا

ته سوڍل سِياڻا، ڳُجَهه ڳَرَهيان ڳالهڙِي. [2000]

سمجهاڻي: اي راڻا! (منهنجا محبوب)، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته تون مون سان ڪهڙيءَ ڳالهه جي ڪري ناراض ٿي ويو آهين. منهنجو توکي عرض آهي، ته مون سان راضي ٿيءُ، وري ڪاڪ طرف اچي منزل انداز ٿيءُ. اي منهنجا سوڍل سياڻا! تون اچ ته آءٌ توسان ويهي سمورو اندر جو حال احوال اوريان.

2

راڻا نه ڄاڻان، ڪِيئن وِڏوڻِين وَلَها

پيئِي کِہَ کَٽَنِ تي، ٿِئا پَلنگَ پُراڻا

جايُون گُلَ جَباتَ وَڻَ تو رِءَ ڪُوماڻا

ڌَرِئائِي ڌَونرا ٿِئا، وَر رءَ وِهاڻا

مَينڌرا ماڻا، تو رِءَ ڪنديَسِ ڪَنِ سِين. [2001]

سمجهاڻي: اي راڻا! مون کي خبر نٿي پوي، ته تون مون سان الائجي ڇو ڪاوڙجي ويو آهين. منهنجي کٽن تي ڌُوڙ ۽ مٽي ڇانيل آهي ۽ پلنگ پئي پئي پراڻا ٿي ويا آهن. ڪوٺيون ۽ ڪمرا، گل ۽ ٻوٽا، اگر ۽ خوشبوءِ تو کان سواءِ سڀ بي مزي آهن. تو ڀتار کان سواءِ هنڌ وهاڻا رکئي رکئي مٽيءَ سان لٽجي مٽي ٿي ويا آهن (اهي سڀ مون کي کائڻ ٿا اچن). اي منهنجا مينڌرا! آءٌ تو کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان ڪهڙا انگل يا ناز نخرا ڪنديس!

3

جيڏيون مُنهنجي جِيءَ سِين راڻي رِڻُ ڪِئو

قَلَبُ ڪاڪِ ڪَنڌِين ۾ پُرزا ٿِي پِئو

ٻُجهان ٻَهَرِ وِئو، هنِيُون هَنڌِ نه اَڳِئين. [2002]

سمجهاڻي: اي جيڏيون! راڻي منهنجي ساهه سان وڏو ڪلور ڪيو آهي، جنهن ڪري منهنجي دل ڪاڪ جي اندر ئي ڀڄي پُرزا پُرزا ٿي پيئي آهي. هاڻي اها حالت آهي، جو سمجهان ٿي، ته منهنجي دل هڪ جاءِ نه آهي، بلڪه ائين پيئي ڀانيان، ته جسم کان ٻاهر نڪري ويئي آهي (منهنجي وس ۾ نه رهي آهي).

4

لُوٺِيَسِ لُڊاڻي، پَسان جو پرينِ ري

جيڏيون جيهائِي ڪي راتِ رُسِي راڻي

هَلِبو هاڻي، ويرا ڪاڪِ وِهُ ٿِي. [2003]

سمجهاڻي: محبوب کان سواءِ لڊاڻي ۾ گهڙيون گهارڻ، سڙي رک ٿي وڃڻ برابر آهي. اي سرتيون! راڻي مينڌري رات جو رُسي مون سان تمام وڏي جُٺ ڪئي آهي. هاڻي ڪاڪ جي ماڳ کي ڇڏي هلڻو  پوندو، هتي ترسڻ زهر ٿي پيو آهي.

5

تَنِ باغَنِئُون بَس، جي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا

سوڍي رِءَ سرتِيُون ڪاڪِ نه اچي ڪَسِ

راڻي پائي رَسِ، تَنُ ٻيڙيءَ جئن تاڻِيو. [2004]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي)  مون کي راڻي جي رُسڻ کان پوءِ انهن باغن کان بَس ڀلي آهي، جنهن جا گل ڪاڪ جي ڪنڌيءَ تي ٽڙي بيٺا آهن. او سرتيون! سوڍي کان سواءِ مون کي ڪاڪ ۾ ڪو مزو نٿو اچي (مون کي ڪا شيءِ نٿي وڻي). راڻي وڏو واجهه يا رَسو وجهي منهنجي تن بدن کي ٻيڙيءَ وانگر ڇڪي پاڻ وٽ جهلي بيهاريو آهي.

6

ايندِهِين موٽئِين مَينڌرا، وَڏِي جاڙَ ڪِياءِ

وَرَڻُ نه هوءِ وَلَها، هُندَ جَٽي مون جاڳاءِ

ته سُتِيءَ جِي ساڃاءِ، سوڍا سِگهيائي ٿِئي. [2005]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) اي مينڌرا محبوب! تون رات جو اچي وري (انهيءَ مهل ساڳئي پير) موٽي هليو وئين. تو (مون هيڪليءَ سان) اها وڏي جُٺ ڪئي. اي منهنجا ڪانڌ! تون موٽڻ جي بجاءِ ڪجهه جهٽ ترسي مون کي جاڳائين ها. (توکي بنا جاچ ۽ پڇا ڪرڻ جي ائين ورڻ مناسب نه هو). جيڪڏهن تون ائين ڪرين ها، ته توکي بروقت (سچ ڪوڙ جي) خبر پئجي وڃي ها، ته مون سان ڪير سُتي پيئي آهي!

7

هُئِي جي نه هُئِي، توءِ راڻو رَنجُ رَکِي وِئو

مارِيَسِ اِنهِين مامِري، جئن سَڀَڪَنہِ ڳالههِ سُئِي

ڪُڻَنَ ساڻُ ڪُهِي، وِئو نِهوڙي ننِڊَر ۾. [2006]

سمجهاڻي: ڳالهه ائين هئي يا نه هئي (مومل مياردار هئي يا نه هئي)، پر راڻو مومل تي پنهنجو غصو ظاهر ڪري هليو ويو. هن کي وڌيڪ انهيءَ معاملي ماري وڌو جو ان ڳالهه جي سڀني کي خبر پئجي ويئي. (درحقيقت) هوءَ ننڊ (غفلت) جي ڪري برباد ٿي ويئي، جنهنڪري راڻو مٿس ميار جو حرف رکي کيس ڪُهي هليو ويو (مومل ڏوهاري ڪانه هئي، پر ميار وارو ڪُڻو مٿس پيو جنهن کيس ڪُهي ڇڏيو).

8

اَڄُ نه پَسان سي، آتَڻُ ڪِتُمِ جَنِ سِين

هاڻي تَنِي کي، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ نِهارِيان. [2007]

سمجهاڻي: آءٌ جن سرتين ۽ جيڏين سان آتڻ ۾ ويهي چرخو ڪتيندي هيس، سي اڄ نظر ڪونه ٿيون اچن. (راڻي جي رُسڻ کان پوءِ ڄڻ اهي به مون کان رُسي ويون آهن). اهي ڪاڪ جي اوسي پاسي ۾ ئي ڪونهن تنهن ڪري آءٌ ويٺي سندن راهه نهاريان.

9

اَڄُ نه ڳالهائونِ، هُون ڏيهاڻِي نِجهُري

پَسو  پَہُ  پِئون،  آتَڻُ  سُڃو  اُنِ  ري. [2008]

سمجهاڻي: اڄ هُنن (سرتين) جي ڳالهائڻ جو ڪو آواز ئي ڪونه ٿو ٻُڌجي، جيڪي (هن کان اڳ) هڪ هنڌ اچي گڏبيون هيون. ڏسو، انهن کي شايد اهو خيال آيو هجي (ته راڻي جي رُسامي کان پوءِ مومل پاڻ بي حال آهي، وٽس ويهي ڇا ڪبو). ان ڪري سرتين جي اها گڏجي ويهڻ واري جاءِ ويران لڳي پيئي آهي.

10

اَدِيُون آتَڻَ وارِيُون، نِرِجا نَڪَ ٿِئا

وَڍيا  تان  نه  وِئا،  پاڻان  موريا  مُنہ  ۾. [2009]

سمجهاڻي:  (مومل شرمساريءَ وچان پيئي چوي) اي منهنجيون آتڻ واريون ڀينرون! جيڪي نَڪ جون پڪيون آهن ( جن کي شرم حيا جي ڪا پرواهه ناهي)، انهن سان کڻي ڇا به ٿئي (انهن سان سندن ور ڪهڙو به رويو اختيار ڪن)، انهن جا نڪ وڍجڻ وارا ناهن، بلڪه اُٽلو پنهنجي بي شرميءَ ۾ اڳي کان اڳتي آهن.

11

مورِي مُنہِ وَڏا ٿِئا، وَڍئا تان نه وَڃَنِ

اَدِيُون اَناسَنِ، تَنِ ڪوجهَنِ کي ڪيئن ڪَريان. [2010]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) جيڪي بي شرم آهن، تن جا نَڪ وڍجڻ کان زور آهن، اُهي پاڻ وڌيڪ بي حيا ٿي بيهن ٿيون. اي اديون! جيڪي بلڪل بي لڄيون آهن، جن کي ڪو ناس پِتو ڪونهي، انهن کي آءٌ ڇا ٿي ڪري سگهان.

12

سِگهو موٽِجِ سُپرين، کانئياسِ کَرَنِ

ڪُٺِيَسِ ڪَلامَنِ، وجهئو ويڻَ وَڃَنِ جي. [2011]

سمجهاڻي:  (اي منهنجا سرتاج) تون جلدي موٽي اچ جو مون کي رقيبن جي ڳالهين (باهه لڳائي) ساڙي ڇڏيو آهي (تنهنجي جدائيءَ ۾) هنن ملندڙ طعنن ۽ مهڻن مون کي اُڦٽ ماري ڇڏيو آهي.

13

سُڻِي طَعنو تُنهنجو، حالَ وِڃايَمِ حَقَ

لَکين لوڌِي آئِيا، سوڍي لاٿَمِ شَڪَ

ڏِنَمِ ڪاڪِ ڪَهَڪَ، سِگهو موٽِجُ سُپرين. [2012]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) اي راڻل! تنهنجو طعنو ٻڌي، بيشڪ آءٌ حال کان بيحال ٿي ويئي آهيان. جيتوڻيڪ ڪيترائي سڪايل پنهنجي سڪ آزمائڻ آيا، پر سوڍل، سياڻا، تو ئي منهنجا سڀ شڪ لاهي ڇڏيا (مون کي تنهنجي همت ۽ حوصلي جي پوري پڪ ٿي ويئي). ڪاڪ (ظاهري دنيا جي ڏيک ويک) مون کي سڌا سنوان چير ۽ ايذاءَ ڏئي ڇڏيا آهن، (خدا جي واسطي) تون هاڻي جلدي موٽي مون وٽ اچ.

14

آءٌ طعني سُوڌِي تُنهنجِي، مون طعنوئي تون

سو ڪِين سَرِئو مُون، جو سَرَتِيءَ ڪَنہِ نه سَرِئو. [1213]

سمجهاڻي: اي راڻا! آءٌ طعني (ڏوهه گناهه) سميت به تنهنجي آهيان، تون ئي ته منهنجو طعنو آهين. (آءٌ تنهنجي ڏوهارڻ آهيان) مون کي اهڙو طعنو (ڏوهه) پلئه پئجي ويو آهي، جيڪو ڪنهن ٻي سرتيءَ (عورت) جي نصيب ۾ نه آيو آهي.

15

جان جان ناه نَصِيبَ ۾ مُومَلَ مَينڌرو

پُوندُءِ جِمَ پانهِين وَرِين، منجهان پِرِت پَرو

راڻي لاءِ مَ رو، ويههُ طَعني سِين واڳِجِي. [2014]

سمجهاڻي: اي مومل! جيتوڻيڪ تنهنجي نصيب ۾ راڻو مينڌرو  ناهي،  پر  تڏهن  به تون متان پوئتي پير ڪرين. توکي اڳي پوءِ وري به محبت منجهان ئي هن جو ڏس پتو ملندو (هن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندينءَ) راڻي لاءِ اجايو ويهي نه روءُ، البت طعني (غلطيءَ) کي قبول ڪري ويهه  (ان جو پڇتاءُ ڪر ۽ پشيمان ٿيءُ).

16

مُوملَ ناهي مَينڌرو توڻي مَنجِهه نَصيبَ

مُون کي مُون حَبِيبَ، تان ئِي طعنو تُنهنجو. [2015]

سمجهاڻي: جيتوڻيڪ هن (مومل) جي تقدير ۾ راڻو مينڌرو لکيل ناهي، ته به مون کي تنهنجو اهو طعنو (ساهه کان وڌيڪ) پيارو آهي (اڳتي منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ ان طعني سان آهي).

 

وائي

اَچئو آتڻ واريون، طعنا ڏِينم تي

راڻو تيلاهِين رُٺو، کَرَ سِين کِليمُ جي

مِهڻا تنهنجا مينڌرا، مون کي ڏيههُ سَڄوئي ڏي

کارايان کيرُولِيُون، چاريان چانگي کي

پَٿَرِ وارَ وِڇائيان راڻو جي رِيجهي

ڪِيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان، مون کي سوڍو

          سَجههُ نه ڏي. [2016]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) اَڄ منهنجي اڱڻ تي اچي ويهڻ واريون جيڏيون سرتيون به هر هر پيون طعنا ۽ مهڻا ڏين. بيشڪ مون کان راڻو ان ڪري ڪاوڙجي ويو، جو غير (سومل) سان ويهي راند ۽ رؤنشو ڪيم. اي راڻا مينڌرا! هاڻي تنهنجي باري ۾ سڄو جهان پيو مون کي مهڻن سان ماري. ڪاش، راڻو مون سان راضي ٿئي، ته آءٌ سندس اُٺ کي کيرول وڻ جون ٽاريون ۽ ان ۾ جون کيروليون ويهي کارايان. آءٌ راڻي کي راضي ڪرڻ لاءِ پنهنجا وار پٿرڻي (هنڌ) ڪري پيئي وڇايان (آءٌ هن کي پرچائڻ لاءِ هر ڪوشش پيئي ڪريان). آءٌ ڇا ڪريان، ڪيڏانهن وڃي ڪيڏانهن وڃان ۽ ڪنهن کان وڃي ڏس پتو پڇان. راڻو مون کي پرچڻ جو وجهه (موقعو) ئي نٿو ڏئي.

 

داستان اٺون

 

1

تون ڍاٽي ڍَٽَ ڌَڻِي، تُون راڻو، تُون راءُ

مُومَلَ مُحتاجِيُون ڪَري عاجزِيُون اڳياءِ

هُوءِ جي قولَ ڪِياءِ، سي سِگها پاڙِجِ سُپرين! [2017]

سمجهاڻي: اي راڻا! تون ڍَٽ جو مالڪ مختيار ۽ حاڪم آهين- تو اڳيان مون عاجز عورت جون صرف منٿون ميڙون ۽ محتاجيءَ واريون گذارشون ئي بچيون آهن (منهنجي ڪا حجت ناهي). تو جيڪي قول قرار ڪيا هئا، اُهي ضرور پورا ڪر.

2

تون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌَڻِي، ڍولا تُنهنجو ڍَٽُ

پائي تُراڙِي تورِيان ته مُلڪُ نه تُنهنجو مَٽُ

لاهي ڪَسَرَ ڪَٽُ، اَچِي کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾. [2018]

سمجهاڻي: اي راڻا! تون ڍَٽ واسي ۽ ڍَٽ جو حاڪم آهين، اي منهنجا پيارا! سارو ڍَٽ تنهنجي ملڪيت آهي. جيڪڏهن تارازيءَ ۾ وجهي توکي سڄي ملڪ سان توريان، تڏهن به اهو تنهنجي برابر نه آهي (تون ان کان وڌيڪ قيمتي ۽ املهه آهين). هاڻي دل تان ڪاوڙ وارو ڪٽ لاهه ۽ اچي ڪاڪ تي خيما کوڙ  (منزل ڪر).

3

ڍَٽَ مَ وَڃِجُ ڍولَ، ڪاڻِيارِي ڪاڪِ ڪَري

آءٌ اَڳَهِين آهِيان، ٻَڌِي تُنهنجي ٻولَ

توکي ساري سُپِرين، هنئڙي اَچَنِ هولَ

ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، وِسَہُ مون وِهُ ٿِئا. [2019]

سمجهاڻي: اي پيارا پرين! ڪاڪ کي منهنجي ڪري عيبدار ڪري پنهنجي ديس ڍَٽ نه هليو وڃجانءِ. آءٌ اصل کان وٺي تنهنجي قول سان قابو ڪيل (گهرواري) آهيان. توکي ياد ڪندي (جڏهن ٻيا خيال اچن ٿا ته) منهنجي دل کي ڪيترائي خوف ۽ ڊپ ورائي ٿا وڃن. اي راڻا! جيڪڏهن مون تي ٿورو به اعتبار ڪرين، ته (توکان سواءِ) ڪاڪ جا محل ۽ ماڙيون، مال ۽ اسباب سڀ مون کي زهر ٿا لڳن.

4

ڍاٽِي گهڻا اَچَنِ، رُوءِ راڻي جي ناههِ ڪو

تِنہِ سوڍي رِءَ سَرِيرَ ۾ پِئا دُونہَ دُکَنِ

ڍاٽِي اَکَڙِينِ، ويلَ نه ڪِنہِ وسارِئو. [2020]

سمجهاڻي: ڍَٽ ملڪ مان ته گهڻا ئي ماڻهو پيا  اچن،  پر راڻي  جي صورت  وارو  ٻيو ڪوئي ناهي. راڻي سوڍي کان سواءِ دل ۾ درد جا دُونهان پيا دکن، منهنجي اکين ڍاٽي محبوب يعني راڻي کي هڪ گهڙيءَ لاءِ به نه وساريو آهي.

5

ڍاٽِي گهڻا اَچَنِ، مون مَنُ راڻي وَنگيو

ڪا جا لائِي مينڌري لالِي کي لِڱَنِ

راڻو اَکَڙين، ڪَنهِين ويلَ نه وِسَري. [2021]

سمجهاڻي: ڍَٽ ديس جا ڪيترائي رهواسي پيا اچن وڃن، پر منهنجي دل کي راڻي سوڍي محبت جي سڳي ۾ پوئي ڇڏيو آهي. مينڌري منهنجي تن بدن کي اهڙي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو آهي، جو هو اکين کان هڪ گهڙي به نه نٿو وسري يا پاسي ٿئي.

6

ڪِنہِ جِنہِ پُورَ پَچائِيُون، جِئن اَکيون آبُ نه ڪَنِ

راڻي جي رِهاڻَ ري وِرُوڻيون وَتَنِ

سي مُٺيُون ڪيئن مَچَنِ، جي سوڍي سُورِيءَ چاڙِهيُون. [2022]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) منهنجيون اکيون پرينءَ جا پور پچائيندي (نير هاريندي) سُڪي ٺوٺ ٿي ويون آهن (ڳوڙهن جو پاڻي ختم ٿي ويو اٿن). اهي اکيون راڻي جي سڪ ۽ محبت ۾ ويڳاڻيون ٿيو پيون هلن. جيڪي محبت جون ماريل آهن، سي ڪيئن صحيح ٿينديون، جن کي سوڍي پاڻ سُوريءَ چاڙهيو آهي، سي ڪيئن ٿيون بچي سگهن!

7

سَڃين ته مان سُورُ لَهي، اَکيون ڀَري ٻاجههَ

راڻي جي رِهاڻِ کي ويٺِي وِجهان واجهَه

سوڍا اِنهِين ساجههَ، پَسُ توشُڪون تَڪِيا. [2023]

سمجهاڻي: اي مينڌرا! جيڪڏهن تون ٻاجهه واريون اکيون کڻي مون ڏي نگاهه ڪرين، ته جيڪر سڀ سُور لهي وڃن. آءٌ (حيلا بهانا ڪري) تو راڻي جي ملاقات جا وجهه پيئي ڳوليان ۽ حيلا هلايان (ته من توسان ملڻ ٿئي). اي سوڍا سرتاج! ڪنهن سانگي سان اچي پنهنجن پلنگن ۽ وهاڻن تي ويهه (جيئن مون کي ريجهه رهاڻ جو موقعو ملي).

8

ڪَري موٽَ مَينڌرو جي لُڊُوڻِئا لالُ

گهَرُ تَڙُ مِڙوئي گهورِيان، هُوندَ پنهنجو حالُ

راڻي ڌاران راڄَ ۾، مون نه گهُرجي مالُ

سوڍي کي سَوالُ، ڪَريان ٿِي قُربَ جو. [2024]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) جيڪڏهن منهنجو (منٺار) مينڌرو لڊاڻي ۾ موٽي اچي ته آءٌ سڀ مال اسباب ساهه سوڌو مٿس صدقي ڪريان. مون کي راڻي جي ملڪ ۾ راڻي کان سواءِ ٻيو ڪو مال ملڪيت نه گهرجي، انهيءَ ڪري آءٌ سوڍي کي هر وقت صرف پنهنجي محبت جو سوال پيئي ڪريان.

9

حالُ قُربانُ، مالُ قُربانُ، گهوريان لُڊاڻو

مون فِدائِتِي فقير جو رُسي مَ راڻو

مُيَنِ سِين ماڻو، مُناسِبُ نه مَينڌَرا. [2025]

سمجهاڻي:  (مومل ويٺي چوي) منهنجو سر ۽ ساهه، مال ۽ ملڪيت ۽ هي لُڊاڻي جو پورو شهر راڻي سوڍي تان قربان آهي. شل، هن قربان ٿيل فقيرياڻي (بيوس ۽ بيحال عورت) جو مينڌري جهڙو محبوب ڏمرجي هليو نه وڃي. اي سوڍل سياڻا! هيڻين ۽ ضعيف عورتن سان اهڙي ڏوراپي واري ڏکي هلت هلڻ نٿي جڳائي.

10

سِڪي هنِيُون سَڌَ مَري راڻي جِيءَ رِهاڻِ

موٽائي سو مَينڌرو، اَلله اَڱَڻِ آڻِ

تان مون پَئي نه ڪاڻِ، صُباحَ وِچِ سَرَتِيين. [2026]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) منهنجي دل هر وقت راڻي لاءِ پيئي سِڪي ۽ هن جي ريجهه رهاڻ واسطي سَڌُون ڪري پيئي اڌ مُئي ٿئي. او، منهنجا الله، منهنجو محبوب موٽائي منهنجي اڱڻ تي آڻ، ته جيئن صبح جو سرتين ۾ مون تي ميار نه اچي (منهنجي خواري نه ٿئي ته سندس مڙس کيس ڇڏي هليو ويو آهي!)

11

مون گهَرِ اَچِي جي ٿِئي مَينڌرو مهماڻُ

آن نِي جهوڪيان آڳِ ۾، ڄيري وِجهان ڄاڻُ

تاڻي تَنُورَنِ ۾ ڀيري هَڻان ڀاڻُ

پيڪَنِ سُوڌو پاڻُ، گهَرُ تَڙُ گهوريان پِرينءَ تان. [2027]

سمجهاڻي:  (مومل جي خواهش) جيڪڏهن راڻو منهنجي گهر اچي مهمان ٿئي ته پهرين (پاڻپڻو، پاڻ کي ڪجهه سمجهڻ واري عادت) کي آڳ ۾ وجهي ڇڏيان ۽ ان سان گڏ پنهنجي اُن سمجهه ۽ عقل کي پڻ ٻرندڙ مچ جي حوالي ڪريان (جنهن ڪري هي ڏينهن ڏسڻا پيا آهن). ائين پاڻ کي ”ڀانئڻ“ واري غرور ۽ گمان کي باهه جي کوري ۾ اڇلائي ڇڏيان. آخر ۾ راڻي مٿان پنهنجو پيءُ ماءُ ۽ مٽ مائٽ توڻي ٻيوسڀ مال ملڪيت (مطلب ته سڀڪجهه جيڪو مون وٽ آهي) قربان ڪري ڇڏيان.

12

راڻا رِهاڻِيون، سوڍا ويٺي سارِيان

سَهسِين سِجَ اُلُٿا، راتيون وِهاڻيون

ڪوڙين مون ڪاڻِيُون، ڍولا ڍَڪي آءُ تون. [2028]

سمجهاڻي: اي راڻا! تنهنجيون قرب واريون ڪچهريون هر وقت پيئي ياد  ڪريان. سوين سج لهي ويا ۽ ڪيتريون راتيون گذري ويون. بيشڪ مون ۾ ڪروڙين عيب ۽ اوڻايون آهن، پر (انهن کي ڍڪڻ وارو به تون آهين) تون اچي انهن کي ڍڪ ۽ مون کي پناهه ڏي.

13

نه وارثُ، نه وَلَهو، نه سَڱُ، نه سِياڪو

تو پُڄاڻا سُپرين، آيُمِ اولاڪو

پانڌيا پاراڀو، ڏِجاهُ ڍاٽِي ڍولَ کي. [2029]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) هاڻي هتي منهنجو ڪو وارث (خبر رکندڙ) ڪونهي ۽ نه ڪو مڙس (سنڀاليندڙ) آهي، نه ڪو مٽ مائٽ آهي ۽ نه ڪو عزيز قريب آهي. اي منهنجا سپرين، تو کان پوءِ مان وڇوڙي ۽ ڏهاڳ جي ور چڙهي ويئي آهيان. اي قاصد! پنڌ ويندڙ، منهنجو پيغام ڍَٽ ۾ رهندڙ منهنجي محبوب کي وڃي پهچائجانءِ.

14

سَڱُ تُنهنجي سونُ ڪِي، اَڳي هُيَسِ لوهُ

مَٿو مَٺايُنِ ناهِ ڪو، توبَہَ پِنان توهُ

ڏِسي واسِي ڏوهُ، ڍولا ڍَڪِ ڍِلائِيُون. [2030]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) اي راڻا! تنهنجي مائٽيءَ مون کي سون ڪري ڇڏيو ۽ ان کان اڳ آءٌ لوهه هيس. منهنجي غلطين ۽ اوڻاين جو ڪو ڇيهه ڪونهي، انهيءَ ڪري توکان رحم ڪرم (احسان ۽ مهر) پيئي طلب ڪريان. اي سائين! منهنجا ڏوهه ۽ گناهه ڏسي وائسي مون کي معاف ڪر.

15

سَڱُ تُنهنجي سونُ ڪِي، اَڳي هُيَسِ رِيءُ

معلوم توکي مينڌرا حالُ منهنجو هِيءُ

ڍولا ڍَڪَڻُ ٿِيءُ، ڪامِلَ ڪَچايُنِ جو. [2031]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) اي سوڍل سائين! تنهنجي ناتي مون کي سون ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کان اڳي آءٌ مَٺُ (ڪُوڙي چاندي) هيس. اي مينڌرا! توکي منهنجي انهيءَ سڄي حال جي چڱيءَ طرح خبر آهي. هاڻي تون ئي منهنجي ڪمزورين جي پرده پوشي ڪر.

16

راڻا تُنهنجي راهَ تي ويٺِي ريليان رَوَ

دوست دِلاسو نه ڏيين جانِبَ جيڏو جَوَ

توڙي سوَڍَنِ سَوَ، ته به مَٽِ نه تنهنجو مينڌرا. [2032]

سمجهاڻي: او منهنجا راڻل! آءٌ تنهنجي راهه تي (انتظار ۾) ڌرتيءَ تي (سخت بيقراريءَ وچان) پئي ليٿڙيون پايان. او منهنجا سائين! پر تون مون کي ٿورڙو به آسرو نٿو ڏين. او منهنجي سر جا سائين! (توکي خبر آهي ته) توڻي جو ٻيا سوين سوڍا گڏ ٿين، پر (مون لاءِ) ڪو به تو مينڌري جو مٽ ناهي.

17

توکي مَعلُوم مُنهنجِيُون، سوڍا سڀيئي

آڳانڍو اَرواحَ کي آهنِ اُهيئِي

وِهڪَ مون ويئي، پُڇايو پُڇان پَهِي. [2033]

سمجهاڻي: اي سوڍل سياڻا! توکي منهنجيون سڀ ريجهه رهاڻيون ياد آهن. اُهي ئي منهنجي روح لاءِ آسرو ۽ آٿت آهن. توکان پوءِ هڪ جاءِ تي آرام ۽ خوشيءَ سان ويهي رهڻ مون کان موڪلائي ويو آهي، هاڻي آءٌ رڳو ويٺي واٽ نهاريان ۽ هر ايندڙ ويندڙ کان پيئي تنهنجي باري ۾ پڇائون ڪريان.

18

ڪَڪورِي ڪاڪِ وَهي، راڻا ڀانءِ مَ رَتُ

سوڍا اِيءَ شَربَتُ، نِسوروئِي نِيہَ جو. [2034]

سمجهاڻي:  (مومل جو خيال ۽ خواب) ڪاڪ ندي سڄي ڳاڙهي ٿي پيئي وهي (ان ۾ وهندڙ پاڻي به ڪڪوريل آهي)، اي راڻا! ان کي رت ڪري نه سمجهه. پر اي سوڍل سائين! اهو دراصل تنهنجي محبت جو شربت آهي، جنهن سان ڪاڪ ندي وهي هلي آهي.

19

ويٺِي نِتِ نِهَارِيَان راڻا تُنهنجو راهُ

موٽائي ماڳَنِ ۾ آڻيندوءِ اَللهُ

سوڍا تو ڳَرِ ساهُ، نا تَه راڻا گهڻا راڄَ ۾. [2035]

سمجهاڻي: اي راڻا! آءٌ هر وقت تنهنجي راهه ويٺي تڪيان، ته الله سائين توکي ڪڏهن منهنجن ماڳن تي موٽائي آڻيندو. اي سوڍل سائين! سچ پچ منهنجو ساهه تو وٽ آهي (تون ئي ان جو مالڪ آهين) نه ته ملڪ ۾ ٻيا به گهڻا راڻا آهن.

20

مِيان مَينڌَرا موٽُ، بَخشِ ڪَرِ بُڇائِيُون

تون گهڻن جو گهوٽُ، مون وَرُ تون هِين هيڪَڙو. [2036]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) اي مينڌرا محبوب، تون (مهرباني ڪري) موٽي اچ ۽ منهنجا سڀ ڏوهه گناهه معاف ڪر. تون گهڻن جو گهوٽ آهين (تنهنجي لاءِ گهڻيون سِڪن ٿيون) پر منهنجو مڙس فقط تون اڪيلو آهين.

وائي

نيئِي نيئِي ڏيج، پانڌِي پِرينءَ سَنيهڙو

ڪالَهه ڪُماٽِئا گُلڙا، سُڪا مَٿي سيجَ

تو لئي هنجهون هارِيان، هِي جي منجهان هيجَ

جئن  تو  ڀيرو  نه  ڪِئو،  تان  مون مُئي  سُڻيج. [2037]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) اي ادا پنڌوارا! منهنجي پياري پرينءَ کي هي پيغام ضرور وڃي ڏجانءِ، ته (تنهنجي انتظار ۾) سيج کي سينگارڻ واسطي سڀ گل ڦل ڪومائجي سڙي سُڪي چڪاآهن. (وڌيڪ چئجانءِ ته) مومل ويچاري تنهنجي سڪ ۾ ڳوڙها پيئي ڳاڙي ۽ زار زار پيئي روئي (بيحال آهي) ۽ جيڪڏهن تو وري مومل وٽ موٽي اچڻ جي تڪليف نه ڪئي ته مومل مُئي ٻڌجانءِ (اها فراق ۾ مري ويندي).

 

داستان نائون

 

1

ڪِينَ ساڱاهِيُمِ سُپِرينِ جاڙُونِ ڪيَمِ جالَ

سيئي سوڍا ڪالَ، موٽي آيَمِ مُنہَ ۾. [2038]

سمجهاڻي:  (اي راڻا)، مون نه سمجهيو (مون خيال نه ڪيو)، بيشڪ مون تمام گهڻيون غلطيون ۽ اوڻايون ڪيون آهن. اي سوڍا! اهي غلطيون ئي هاڻي آڏو آيون اٿم ۽ انهن جو نتيجو ويٺي ڀوڳيان.

2

ڪِينَ ساڱاهِيُمِ سُپِرِينِ جاڙون ڪِيَمِ جِتِ

سيئِي سوڍا تِتِ، موٽي مُنہ ۾ آئِيُون. [2039]

سمجهاڻي: اي منهنجا سپرين! مون ڌيان نه ڏنو ۽ ان ڪري مون کان ڏاڍيون مدايون ٿيون آهن. اي منهنجا سائين! هاڻي اهي سڀ جون سڀ مدايون مون کي سامهون آيون آهن ۽ پيئي ڀوڳيان (تنهنجي جدائي پيئي سهان).

3

ڪِينَ ساڱاهِيُمِ سُپِرِينِ، جاڙُون ڪِيَمِ جي

سوڍا مون کي سي، موٽِي آيُون مُنہَ ۾. [2040]

سمجهاڻي: مون نه ڄاتو ۽ آءٌ نه سمجهي سگهيس ۽ مون کان مدايون ٿينديون ويون. اي سوڍا، هاڻي انهن جو نتيجو منهنجي سامهون آهي.

4

خاموشِي خَبَرَ جِي، مُومَلَ چَئي، مون مَتِ

صَبرُ تو سُپَتِ، حَقِ مُنهنجي مَينڌرا. [2041]

سمجهاڻي:  (راڻو رات جو آيو، ڏٺائين ته مومل سان ڪو مرد سُتل آهي ۽ اها خبر ٻئي ڪنهن کي نه ٻڌايائين). اي راڻا! (مومل جو اقرار) تنهنجو اهو خاموش رهڻ ۽ خبر  نه ٻڌائڻ منهنجي لاءِ وڏي نصيحت ثابت ٿي آهي. تنهنجو اهو صبر ڪرڻ مون کي سڌو رستو ڏيکارڻ برابر آهي ۽ منهنجي لاءِ صبر جي سکيا آهي (ته آءٌ روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ کي ڇڏي صبر ڪريان).

5

تو ۾ ٻَڌِيَسِ تي، جئن مُنہَ ۾ مَديون نه ڏِيين

ڍولا ڍَڪِيَئِي جي، سي متان عَيبَ اُگهاڙِيين. [2042]

سمجهاڻي: اي راڻا! آءٌ تنهنجي انهيءَ احسان سبب تنهنجي قرب ۾ قابو ٿي ويئي آهيان، جو تو ڪڏهن منهنجن عيبن کي ظاهر نه ڪيو آهي. اي منهنجا پيارا پرين! جڏهن تو هن مهل تائين منهنجا عيب پئي ڍڪيا آهن، سي اڳتي متان ڪڏهن ظاهر ڪرين (ميار ڏين)!

6

جئن مُنہَ ۾ مَديون نه ڏِيين، تو ۾ تي ٻَڌياسِ

سوڍا اِنَ سُهاڳَ کي، ويٺي واجهاياسِ

ڍولي ڍَڪيياسِ، ڏيئي پاندُ پَناهَ جو. [2043]

سمجهاڻي: اي سوڍا سياڻا! جيئن تو ڪڏهن منهن سامهون منهنجي ڪچاين جو مهڻو نه ڏنو، (برائي نه ڪئي) تنهنڪري آءٌ توسان قرب ۾ ٻَڌجي قابو ٿي ويئي آهيان. مون ان سهاڳ کي جنهن ۾ ڀتار پاڻ عيب ڍڪي ويٺي واجهايو (تون ڪڏهن ٿو پرچين ۽ راضي ٿئين) ته جيئن اهو منهنجو سهاڳ سلامت رهي، يعني آءٌ تنهنجي پناهه ۾ رهان.

7

پَائي آيُس پاندَ ۾ سوڍا سَڀيئي

ڍولا ڍڪِجِ اِي، مَڇُڻ عيبَ اُپَٽِيين. [2044]

سمجهاڻي: اي منهنجي سر جا سائين! آءٌ پنهنجا سڀ عيب ۽ اوڻايون مڃي (ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي) تنهنجي در تي آئي آهيان. اي سهڻا سڄڻ! تون منهنجا اهي سڀ عيب ميٽي (معاف ڪري) ڇڏ، انهن کي ظاهر نه ڪجانءِ.

8

ڍولي ڍَڪي آهِيان، هُيَسِ اُگهاڙِي

ڏيئي لِکَ لاڙِي، ڪَڪَرُ ڪِئائيمِ ڪاڪِ جو. [2045]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) منهنجي محبوب ئي منهنجا عيب ڍڪيا آهن، نه ته آءٌ ڏاڍي عيبدار ۽ گنهگار هيس. راڻي لاڙي لک (اجرڪ جي چٽ) وانگر  مون کي ڪاڪ جو ڪڪر ڪري ڇڏيو. (ڪاڪ تي جي ڪڪر بادل ٿئي، ته ڄڻ رنگ لڳي ويا).

9

ڍولي ڍَڪِي آهِيان، هُيَسِ اُگهاڙي اَڳَ

جوڙي وچان جَڳَ، ڪڪَرُ ڪِئائِيمِ ڪاڪِ جو. [2046]

سمجهاڻي:  (مومل چوي ٿي) منهنجا عيب گناهه سڀ منهنجي ڍولڻ مينڌري ڍڪي ڇڏيا آهن، نه ته آءٌ عيبن سان ڀريل اُگهاڙي هئس. هن مون کي جڳ جهان ۾ ڳولي پنهنجي لاءِ پسند ڪيو. هن ئي مون کي ڪاڪ وارن لاءِ ڪڪر جي ڇانو ڪري ڇڏيو.

10

ڍولي ڍَڪِي آهِيان، هُيَسِ اُگهاڙي اَتِ

پاري پنهنجي پَتِ، ڪَڪَرُ ڪئِائِيمِ ڪاڪِ جو. [2047]

سمجهاڻي: منهنجي محبوب ئي منهنجي مداين کي ميٽي ڇڏيو، نه ته آءٌ گهڻن عيبن واري هئس. هن ئي منهنجو مان رکي مون کي ڪاڪ وارن لاءِ ڇپر جي ڇانو بنائي ڇڏيو.

11

ڍولي ڍَڪِي آهِيان، هُيَسِ اُگهاڙي آنءُ

رکي پنهنجو نانءُ، ڪَڪَرُ ڪِئائِيمِ ڪاڪِ جو. [2048]

سمجهاڻي: منهنجي سڄڻ پاڻ ئي مهرباني ڪري منهنجين اوڻاين تي پردو وجهي ڇڏيو. هن کان اڳ آءٌ عيبدار ۽ اُگهاڙي هئس. هن مون تي پنهنجو نالو رکي ( وهانءُ ڪري) ڪاڪ وارن جي عزت افزائي ڪئي.

12

ڪَڪَرُ ڪِئائِيمِ ڪاڪ جو، ڏيئي لاڙي لِکَ

هاڻي مَٿي ڏِکَ، چَڙهئو ٿِي چاڳَ ڪَريان. [2049]

سمجهاڻي: راڻي مينڌري اجرڪ جي ڇٽ وانگر مون کي رڱي ڇڏيو. هن ئي مون کي ڪاڪ وارن لاءِ ڪڪر بنائي ڇڏيو. تڏهن ته آءٌ ڪنوار جا هار سينگار ڪريو پيئي هلان ۽ اهڙا ناز نخرا پيئي ڪريان.

13

سوڍا صَبرُ تُنهنجو، مَرَڪُ لَڄايَنِ

چُپُ سين جي چَوَنِ، اَدَبُ ڪِجي اُنِ جو. [2050]

سمجهاڻي: اي سوڍا! تنهنجي ماٺ واري روش (تو مون سان ماڻهو ستل ڏٺو، پر اها ڪل ڪنهن کي ڪانه ڏنيئي، پنهنجو شڪ پاڻ تائين رکيئي، منهنجو عيب نه اگهاڙيئي) سڀني شرم ۽ حيا وارن لاءِ سونهن (وڻندڙ مثال) آهي. بيشڪ جيڪي ماٺ يا صبر وسيلي سمجهائن (جن جي ماٺ گفتگو جي برابر آهي) تن جو اهڙو ئي لحاظ ۽ ادب ڪرڻ گهرجي.

14

سوڍا صَبرُ تُنهنجو، لَڄايَنِ مَرَڪُ

نه ڪُڇَڻَ سِين نَڪُ، رِءَ رُڪَ راڻي وَڍِئو. [2051]

سمجهاڻي: اي سوڍا! تنهنجي اها صبر واري هلت ئي سڀني شرم ۽ حيا وارن کي جڳائي ٿي. بيشڪ! راڻي بنا ڪڇڻ يا چوڻ جي (صرف صبر سان) يعني سواءِ ڪنهن لوهه جي ڪاتيءَ جي مومل جو نڪ وڍي ڇڏيو. (کيس لوڪ لڄارو ڪري ڇڏيو).

15

سوڍا صَبرُ تُنهنجو سَڀِني سيکاري

مُومَلَ جي واري، ڪُہُ ڄاڻا ڪوهُ ٿِئو. [2052]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) اي سوڍا! تنهنجو صبر سڀني کي هدايت جو سبق سيکاري ٿو، پر جڏهن منهنجو وارو آيو، ته الائجي ڇا ٿي ويو (جو آءٌ ان کان محروم رهجي ويس).

16

سوڍا صَبرُ تُنهنجو سَڀنِي سُنهائي

چُپُ سِين چَلائي، چِٽيون جي چُئَڻَ جيون. [2053]

سمجهاڻي: اي سوڍا، تنهنجو صبر سڀني لاءِ نئين راهه ڏيکاري ٿو. بلڪ اهي جيڪي آڏو چئي ڏيڻ واريون آهن (جيڪي هلڪڙيون ۽ بي ادب آهن) تن کي به ”ماٺ“ جو سبق ڏيئي هلائي ٿو.

17

سوڍا صَبرُ تُنهِنجو سيکاري سَهَسَ

پُڄِي تِئان پَهَسَ، مون کي نيئي نَصيبَ جهَلئو. [2054]

سمجهاڻي: اي راڻا! بيشڪ تنهنجو صبر سون کي ٿو سمجهائي، ان ۾ وڏي نصيحت آهي، پر ان صبر سکڻ کان اڳ منهنجي (خراب) قسمت اتي پهچي ويئي، جنهن مون کي (ان سبق وٺڻ کان) رنڊي ڇڏيو. (ن-ب)

18

سوڍا صَبرُ تُنهنجو، مُومَلَ مَتِ ٿِئو

تو جو ڪالَهه ڪِئو، تِنہ مَديون ميٽي ڇَڏِيُون. [2055]

سمجهاڻي: اي سوڍا! تنهنجو صبر مومل جي لاءِ وڏي سمجهاڻي ۽ نصيحت آهي، تو جيڪي ڪجهه ڪالهه ڪيو (مثالي برداشت ۽ دورانديشي ڏيکاري). تنهنجي انهيءَ عمل منهنجيون سڀ برايون ڌوئي ڇڏيون آهن.

19

سوڍا صَبَرُ تُنهنجي ماڙهُو ڪِي مُومَلَ

ڪُپَرَ منجهان ڪَلَ، پييَمِ پِرين تُنهِنجِي. [2056]

سمجهاڻي: اي سوڍا! تنهنجي صبر واري روش مومل کي ماڻهپي وارو ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ مون خراب روش هلي (جو سومل کي مردانو لباس پارائي پاڻ سان گڏ سُمهاريم، جنهن ڪري تون رسي وئين)، پر پوءِ به تو منهنجو ڍڪ ڍڪيو. ان منجهان ئي تنهنجي اخلاق ۽ ظرف جو پتو پيو.

20

سوڍا صَبُرُ تُنهِنجو بي عَقُلَنِ عَقُلُ

آهي اَنگُ اَمُلُ، ماٺِ تُنهنجِي مَينڌرا. [2057]

سمجهاڻي: اي سوڍا! تنهنجو صبر واقعي بي عقلن واسطي عقلمنديءَ جو سبق آهي. بيشڪ تنهنجي اها ماٺ واري روش بي مثل آهي ۽ ان جو ڪو جواب ناهي.

21

موٽِي آيو مُنہَ ۾، سوڍا صَبرُ جَنِ

سي لَڄايُون لُڇَنِ، پَسئِو عيبَ اڳِيَان. [2058]

سمجهاڻي: اي سوڍا! تنهنجي صبر جو مثال جن جي اکين آڏو آيو، سي پنهنجي اڳين عيبن کي ڏسي. لڄ شرم ۾ ٻڏي ويون (سندن آرام ڦٽي ويو).

22

پَسِي عيبَ اَڳِيَان، سوڍا شَرمايُون

نَڪَ نِرِجايُون، موٽِي آيُنِ مُنہَ ۾. [2059]

سمجهاڻي: اي سوڍا! اُهي پنهنجا عيب ۽ اوڳڻ ڏسي گهڻو شرمسار ٿيون. بلڪ هنن کي پنهنجيون بي شرميءَ واريون هَلتون (بي حيائيءَ واريون لغزشون) ياد آيون.

 

وائي

مَـــينڌرا  مــون  کــي،

راڻا! جِمَ وِساري ڇَڏِيين

مون کي طعنا تُنهنجا، ڏيہُ مِڙوئي ڏي

مُنہَ ۾ مديون نه ڏِيين، سِي مون ڏي سڀي

متان عيبَ اُپَٽِئين، ڊوهَ جي ڍَڪَيئي

وِڌَم  ڦَٽُ  فِراقَ  جو،  جِهَتَ  جي  ذَري. [2060]

سمجهاڻي: اي راڻا مينڌرا! متان مون کي دل تان وساري ڇڏين. (توکي خبر آهي) سڀ ماڻهو مون کي تنهنجا طعنا پيا ڏين. تو ته منهن مقابل ڪڏهن عيب جوئي نه ڪئي. جيتوڻيڪ سڀ ڪجهه مون کان ٿيو.  او راڻا، متان منهنجا اهي عيب ۽ اوڻايون ڪڏهن ويهي کولين، جيڪي برايون تو هن مهل تائين پنهنجي طرفان نظرانداز ڪيون آهن. تنهنجي محبت ۾ ٿوري غلطيءَ به مون کي فراق جو وڏو ڦٽ وجهي ڇڏيو آهي.

 

داستان ڏهون

 

1

راڻي جي رِهاڻ مان ڪو آديسِي آئو

چوڏهينءَ ماهَ چَنڊَر جِئن ڪِئو سامِي سَهائو

لَٿو اُونڌائو، جوڳِيءَ سَندِي جوتِ سان. [2061]

سمجهاڻي: راڻي سوڍي جي ڪچهريءَ مان هڪ اهڙو آديسي (ڪامل انسان) آيو آهي، جنهن جي اچڻ سان هر طرف چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙي روشني ڦهلجي ويئي آهي. هن جوڳيءَ (آدرشي انسان) جي نُور سان اونداهيءَ جو خاتمو ٿي ويو آهي (۽ هر طرف سوجهرو ۽ سُهائي ٿي ويئي آهي).

[مثنويءَ ۾ حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کي ڪيترا ڀيرا چنڊ ۽ سج جي نوريا روشنيءَ سان تشبيهه ڏني ويئي آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:

آنچنان کز نور روي مصطفيٰ،

صد هزاران نوع ظلمت  شد  ضيا.

(دفتر ششم، ب-1861)

معنيٰ: بيشڪ هن جي چهري مبارڪ جي نور سان ڪاري اونداهيءَ جا لکين قسم سراسر روشنيءَ ۾ بدلجي ويا.]

2

راڻي جي رِهاڻ مان ڪو آيو آديسِي

کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ سِين، وِلاتَ سَڀِ واسِي

سُوڌو سَناسِي، اُتاهِين ٿِي آئِيو. [2062]

سمجهاڻي: راڻي جي مجلس مان هڪ اهڙو آديسي (آدرشي انسان) آيو آهي جنهن جي سُڳنڌ ۽ سُرهاڻ سان سڀ ديس ۽ پرديس واسجي ويا آهن. پڪ اهو ڪامل انسان اصل اُتان ئي آيو آهي. (هن توڻي ايندڙ بيتن جي معنيٰ تڏهن پوري بيهندي، جڏهن راڻي مان مراد الله جي ذات وٺبي ۽ آدرشي انسان مان مراد حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي ذات آهي، جنهن جي روشني ۽ خوشبوءِ سڄي جهان ۾ ڦهلجي ويئي).

3

راڻي ريٻارو، تو ڏانہَ مُڪو تَڪَڙو

لُڊُوڻِئا لَطِيفُ چَئي، مانجِهي موچارو:

’صُبحِ سَوارو، ڪاڪِ گهِڙَندو ڪَرَهو.‘ [2063]

سمجهاڻي: راڻي پنهنجي طرفان (گهرائڻ لاءِ) جلدي هڪ قاصد موڪليو آهي. عبداللطيف چوي ٿو ته لڊوڻي ۾ پيغام پهچائيندڙ اهو مانجهي مرد آيو آهي، شايد صبحاڻي سوير هي ڪرهو (خاڪي جسم) ڪاڪ (قبرستان) ۾ وڃي داخل ٿئي. (ائين ٿو لڳي، هيءُ بيت شاهه صاحب ڄڻ پنهنجي آخري عمر ۾ چيو هجي. ن-ب)

4

نَئُون نِيَاپو آئِيو راڻي مُلا راتِ

لَڌيسُون لَطِيفُ چَئي، ڪَنا ڏاتَرَ ڏاتِ:

’ڪانه پُڇي ٿو ذاتِ، جي آيا سي اَگهِيَا. [2064]

سمجهاڻي: راڻي سوڍي وٽان رات نئون پيغام (اعلان) پهتو آهي. عبداللطيف چوي ٿو ته هن ڏيهن جي ڏاتار اها خاص نوازش ۽ مهرباني ڪئي آهي، جنهن موجب ذات پات (رنگ نسل) کي (انعام اڪرام  ۾) ڪو دخل ڪونهي، بلڪ جيڪي (ڪمائي ڪري) سندس در تي ايندا (عام توڻي خاص) انهن کي نوازي ڇڏيندو.

[هن بيت جي مفهوم خاطر مثنويءَ جا هي اشعار ڏسو:

اي جهان را زنده کرده از اصطفا،

خاصه کرده عام، خاصه مرا،

ايها العشاق اقبال جديد،

از جهان کهنه نوگر رسيد.

(دفتر ششم، ب- 1079 ۽ 1095)

معنيٰ: اي بابرڪت ذات، تنهنجي اچڻ سان هيءُ جهان برڪت وارو ٿي ويو. تنهنجي اچڻ سان عام خاص ٿي ويا ۽ مون جهڙا ڏڏ به نوازجي ويا. اي عاشقئو، اچو جو نئين زماني پراڻي زماني جي جاءِ ورتي آهي.]

5

راڻو رَبُ راضِي ڪَري مانَ وَرائي واڳَ

چَندَنَ سِين چِڪَ ڪِئو، مومَلُ لِنبي ماڳُ

سوڍي جي سُهاڳَ، ڍَٽُ مِڙيئي ڍَڪِئو. [2065]

سمجهاڻي:  (مومل ٻاڏائي ٿي) شل رب سائين راڻي کي خوش رکي ته جيئن هو مون تي پنهنجي نظر ڪري. آءٌ هن جي ڪارڻ سڀني هنڌن ماڳن کي چندن جي خوشبوءَ سان پيئي ليپو ڏيان. اهو سوڍي جو سٻنڌ (برڪت) ئي آهي، جنهن سموري ڍٽ ملڪ کي سائو ۽ سرسبز ڪري ڇڏيو.

6

راڻي سندو رُوحَ ۾ پَسو پَڳَههُ پِئومِ

ٻيڙِي جيئن ٻَڌِي وئو سوڍو ساهُ سَندومِ

وِهَڻُ وِهُ ٿِئومِ، جاڳيو ٿِي جَرُ هارِيان. [2066]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) منهنجي روح کي راڻو پڳهه (مضبوط رسو) وجهي ويو آهي. هو منهنجي ساهه کي ٻيڙيءَ (کي تڙ بندر تي رسيءَ سان ٻڌندا آهن) وانگر سوگهو ٻڌي هليو ويو آهي. هاڻي (هن کي ياد ڪرڻ کان سواءِ) منهنجي لاءِ جيئڻ زهر برابر ٿي پيو آهي ۽ سڄي سڄي رات جاڳندي پيئي روئان ۽ اکين مان ڳوڙها ڳاڙيان.

7

جَڳُ جِيَهِين چوءِ، سوڍو تِيئن نه سِکِيو

راڻو تيئن نه هوءِ، جئن ڪا لوڪَ لَکَ پَئي. [2067]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) منهنجو راڻو سوڍو ائين هرگز نٿو ڳالهائي جيئن باقي جڳ جهان ۾ ٻيا عام ماڻهو ڪن ٿا. راڻو ائين نه آهي (هو سڀني کان نرالو آهي)، بلڪه هن جي باري ۾ عوام کي ڪجهه معلوم ناهي (ڪا سمجهه ناهي.)

8

ڪَثافَتَ جا ڪاڪِ جي سا مَينڌري ميٽيام

اوڳُڻَ عيبَ سَندامِ، سَڀَ ڍولي ڍَڪي ڇَڏِئا. [2068]

سمجهاڻي:  (مومل جو اقرار) ڪاڪ محل ۾ ڪيل گناهن (هن دنيا جي پاپن ۽ ڏوهن) کي مينڌري (جي مهر واريءَ نظر) ميٽي ڇڏيو. منهنجا جيڪي به عيب يا برايون هيون، تن جي هن پياري پرين پاڻ پرده پوشي ڪري ڇڏي.

9

سوڍو سَوائِي، ٻِئو رُوءِ راڻي جي ناه ڪو

لُڊُوڻِئا لَطِيفُ چَئي، لالِي تِنہِ لائِي

ڪانهي ٻِي وائِي، ٿِئو مِڙوئِي مينڌرو. [2069]

سمجهاڻي:  (مومل ٿي چوي) منهنجو راڻو سوڍو ٻين سڀني  کان سرس آهي، هن جي صورت ۽ چهري وارو ٻيو ڪوبه ڪونهي. عبداللطيف چوي ٿو ته خود لڊوڻي کي سندس عشق جي لالاڻ لڳي آهي (هر شيءِ تي هن جو رنگ چڙهيل آهي). هينئر (جڳ جهان ۾) ٻي ڪا اهڙي وڻندڙ ڳالهه آهي ئي ڪانه، جهڙي صرف هن مينڌري جي آهي(هر جاءِ هن جو ذڪر آهي).

(شارحن موجب هتي پڻ پيغمبر صلي الله عليه وسلم ڏانهن اشارو واضح آهي. هن بيت کان پوءِ ايندڙ کنڌيءَ ۾ پڻ حضور صلي الله عليه وسلم ڏانهن چٽو اشارو ڏنل آهي.)

10

رُوءِ راڻي جي ناهِ ڪو، سوڍو سَڀنِ سُونہَ

لاٿائِين لَطيفُ چَئي مَٿان دِلينِ دُونہَ

ڪانهي ٻِي وِرُونہَ، ٿِئو مِڙوئي مَينڌرو. [2070]

سمجهاڻي: راڻي سوڍي جي سهڻي صورت وارو ٻيو آهي ئي ڪو نه، بلڪ هو سڀني (سونهن وارن) جي سونهن (سردار) آهي. عبداللطيف چوي ٿو ته هن ئي اچي سڀني جي دلين تان دونهين جي ڪاراڻ کي دور ڪيو. هن جي پچار (مدح) جهڙي ٻي ڪا وڻندڙ ڳالهه ڪانهي، هر هنڌ هن جي ساراهه آهي.

11

سوڍا ٻِئا سُجانَ، پَرَ رُوءِ راڻي جي ناهِ ڪو

نِسورِيائِي نِيہَ جي ڪَسيائين ڪَمانَ

ڇَڏي وِئا ڇوهَ ۾ دَعوائُون ديوانَ

ٻِي رهيائِي ڪانه، ٿِئو مِڙوئِي مَينڌرو. [2071]

سمجهاڻي: جيتوڻيڪ ٻيا الائجي ڪيترائي سوڍا ٿي گذريا، پر راڻي سوڍي جهڙو دولهه داناءُ ٻيو ڪوبه ڪونهي. هن جڏهن خالص عشق جي ڪمان ڪشي، جنهنڪري هن جي مقابلي ۾ ٻيا سڀ اڪابر جلدي ميدان ڇڏي ويا. مطلب ٻيو ڪو بچيو ئي ڪونه، ميدان ۾ صرف مينڌرو ئي مينڌرو رهجي ويو (هن جي هاڪ ۽ نالو رهجي ويو).

[هن بيت ۾ ’ڪمان ڪشڻ‘ واي تشبيهه سڌو سنئون مثنويءَ تان ورتل آهي. جيئن هنن شعرن ۾ چوي ٿو:

همچو احمد که کمند انداخت جانش،

تا کمندش بُرد سوي آسمانش،

گفت حقش اي کمند اند از بيت،

آن ز من دان مارميت اذ  رميت.

(دفتر ششم، 2834 ۽ 35)

معنيٰ: احمد (صلي الله عليه وسلم) جي پاڪ روح جڏهن ڪمند اڇليو ته محبت جي ان ڪمند سبب پاڻ آسمان (معراج) تي وڃي پهتا. حق تعاليٰ فرمايو، اي مون ڏانهن ڪمند اڇلڻ وارا، اهو مون کان سمجهه. اُهو تو نه اڇليو، بلڪه مون اڇليو (قرآن جي آيت).]

12

پَلاڻِيائُون پَنڌِ ٿِئا، لَڏيو لَطِيفَنِ

هَٿان حَبِيبَنِ، ڪونه ڏُکويو ڪَڏِهِين. [2072]

سمجهاڻي: اهي سٻاجها ۽ سهڻا انسان هتان تيار ٿي پنهنجي (اصلي) ماڳ روانا ٿي ويا (گذاري ويا). اهڙن پيارن سڄڻن هٿان ڪنهن کي تڪليف ڪانه پهتي، ڪنهن کي ڪو ايذاءُ ڪو نه رسيو (هڪ روايت موجب هن بيت ۾ شاهه لطيف پنهنجي والد شاهه حبيب جي وفات جو نقشو چٽيو آهي.)

13

جا ڀُون پيرين مُون، سا ڀُون مَٿي سَڄَڻين

ڌِڱ لَٽبا ڌُوڙِ ۾، اُڀِي ڏٺاسُون

ڏِينہَ مِڙيئي ڏُون، اُٿي لوچِ لَطِيفُ چَئي. [2073]

سمجهاڻي: منهنجي پيرن هيٺان جيڪا زمين آهي، اها ساڳي منهنجن سڄڻن جي مٿان (جيڪي زمين ۾ پوريل آهن) پڻ آهي. اسان پاڻ پيرن تي بيٺي پنهنجين اکين سان ڏاڍن طاقتور مڙسن کي مٽيءَ ۾ پورجندي ڏٺو آهي. عبداللطيف چوي ٿو ڏينهن ڪل ئي ٻه آهن (هڪ ڄم وارو، ٻيو موت وارو)، تنهن ڪري اٿي همت ڪر ۽ اڳتي لاءِ ڪمائي ڪر.

وائي

ويهِي ويهِي سو هرگز هَلِبو،

پانــڌيئـــــــڙا پَرَڏيهِي

ويهِي ويهِي سو البَتَ هَلِبو، ساٿيڙا پَرڏيهِي

گَڏُ گُذارِيَئِي جَنِ سان، ساٿِ نه هَلندَئِي سيئِي

ڌَڙُ لَٽيندَئِي ڌُوڙِ ۾، مَٿان ڏاڪِين ڏيئِي

ڪِهڙِيُون ڪَبِيُون ڳالهِڙيون، اُتِ ڀَرِ ڀنجوءَ ويهِي

اِيندَئِي مَلَڪ موتَ جا، ڳالهه ڪَندين تون ڪيهِي. [2074]

سمجهاڻي: اي پرديس جا پانڌيئڙا! هتي رهي رهي (ڪيترو رهبو) آخر اڳتي هلڻو آهي. اي پرديس هلڻ وارا سنگتي ساٿي، هتي ويهڻ کان پوءِ نيٺ اڳتي هلڻو پوندو ۽ جن سان تو هتي وقت گذاريو آهي، اهي توسان اڳتي گڏجي ڪو نه هلندا. (اهو وقت به ايندو) جڏهن تنهنجو جسم مٽيءَ ۾ ڏاڪِيون (ڪاٺ جا تختا) ڏيئي پوري ايندا. اتي تازي کوٽيل وارياسي مٽيءَ جي مٿان ڪهڙيون ويهي ڳالهيون ڪبيون. تو وٽ جڏهن ملڪ الموت اچي بيهندو، پوءِ تون ڪهڙي ڳالهه ڪندين! (توکي گهرجي ته وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ کان سواءِ ان سفر جي تياري ڪرين.)

[مثنويءَ ۾ قبر ۾ پورجڻ جو نظارو هن ريت بيان ٿيل آهي:

گرم دارانت ترا گوري کنند،

کش کشانت در تگ گور افگنند.

(دفتر اول، ب- 3270)

معنيٰ: (خبردار ٿيءُ جڏهن) تنهنجا ساٿي سنگتي دوست احباب تنهنجي لاءِ قبر کوٽيندا ۽ تڪڙو تڪڙو ۽ وٺ وٺ ڪري توکي قبر جي پيٽ ۾ پوري ڇڏيندا.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org