ڪمن جي مٿئين تقسيم ۽ تڪميل شاهه صاحب جي خداداد
تنظيمي صلاحيت، مردم شناسي
۽ دلنواز شخصيت جو نتيجو هئي. اصل ۾ اهو سڄو نظام
محبت جي مضبوط بنياد تي ٻڌل هو. شاهه صاحب کي
هميشـﮣ اهو خيال رهندو هو ته جيئن ڪنهن به فقير کي
ڪابه تڪليف نه پهچي، ته فقيرن کي وري اها اُڻتڻ
هوندي هئي ته جيئن ڪابه ڪوتاهي نه ٿئي. شاهه صاحب
جي محبت ۽ دلنوازي جو اهو معجزو هو جو ڪنهن به
فقير ڪنهن به ڪم ڪرڻ کان ڪونه ٿي ڪيٻايو. وَنهيون
فقير سالاراڻي جَت، جيڪو تازو خذمت ۾ حاضر ٿيو هو،
’موتي‘ ۽ ’کينهون‘ ٻنهي ڪتن جي سنڀال تنهن جي
حوالي ٿي. سندس سڄو ڌيان ان طرف هوندو هو. هڪ
ڏينهن فقير ماني تي ويٺا ته ٻيل ٻڌي ويٺا. ’موتي‘
ويٺو هو پر کاڌو ڏنائونس ته نه پيو کائي (جو
’کينهون‘ ڪٿي ٻئي پاسي هو). شاهه صاحب کي ٻڌايائون
ته چيائين: ”ابا موتي اڪيلو آهي، هن جو سنگتي
ڪونهي: جي ڪو ٻيل ٻڌيس ته کائي“. ونهيين کي شاهه
صاحب جا اهي لفظ دل ۾ وسي ويا ته ’هن جو به سنگتي
هجي جو هن سان ٻيل ٻڌي ۽ گڏجي کائي“، سو ونهيين
فقير ويهي موتيءَ سان گڏ کاڌو. اُن ڏينهن کان وٺي
شاهه صاحب جي ونهيين فقير تي وڏي مهر ٿي جو چيائون
ته ”جتي ونهيون ڪُتائي، اُتي ڀٽائي.“ ونهيين فقير
کي ڀٽائي صاحب پوءِ خلافت جي ڦڙڪي ٻَڌائي.
(د) ڀِٽ تي ’سماع ۽ ذڪر‘ جو سلسلو ۽ راڳ جو ادارو
قائم ڪرڻ.
ڀِٽ کي وسائڻ ۽ اُتي سڪونت اختيار ڪرڻ سان، شاهه
صاحب اُتي سماع جو سلسلو شروع ڪرايو، ۽ اُن کان
پوءِ راڳ جو ادارو پڻ قائم ڪيو.
سماع.
ڀِٽ تي ٿيندڙ سماع جي نوعيت ۽ فقيرن جي سيني به
سيني روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته ميين شاهه ڪريم جي
درگاهه تي ٿيندڙ سماع ۽ ذڪر واري سلسلي کي ئي شاهه
عبداللطيف ڀِٽ تي قائم ڪيو. سماع جو شغل رات جو
ٿيندو هو. ماهه پهرئين سومار جي رات ۽ حج جي رات
خاص سماع لاءِ مقرر ٿيون. جمعي جي ڏينهن ۽ عيدن جي
موقعن تي پڻ نماز بعد سماع ٿيندو هو. ميين شاهه
ڪريم جي وقت ۾ غالباً سماع جي شروعات سياري ۾ ٿي؛
سياري ۾ ٻني ٻاري جو ڪم گهٽ هو ۽ فراغت وڌيڪ هئي.
رات جو سماع جي شغل وقت، سياري جي سيءُ کان توڙي
روشنيءَ خاطر مچ ٻاريندا هئا ۽ فقير پڻ چوڌاري مچ
کي ويجها ٿي سماع ڪندا هئا. سماع جي سلسلي ۾ سُر
سان بيت، ضَربون ۽ ذڪر شامل هئا. انهيءَ ساڳئي
نموني سان ڀِٽ تي پڻ سماع ۽ ذڪر شروع ٿيو، جنهن جو
اڳواڻ شاهه صاحب جو ماسات ۽ وڏو خليفو محمد عالم
ڏيرو مقرر ٿيو. خليفو محمد عالم سماع لاءِ مچ
ٻاريندو هو، جنهن جي اُتر طرفان خليفو پاڻ ۽ سندس
ساٿي، ۽ سامهون ڏکڻ طرفان تمر فقير ۽ سندس ساٿي
بيهندا هئا. اُن بعد شاهه صاحب ايندو هو. پهريائين
’هو اَلو‘ جون ٽي تسبيحون ٿينديون هيون. اُن کان
پوءِ خليفي محمد عالم جي ٽولي جو فقير بلاول يا
ڌناسري جي سُرن مان بيت ڏيندو هو، ۽ پهرين سٽ
آلاپڻ بعد خليفو محمد عالم ”اَلقارِعَة مَا
القارعَة“ (قرآن شريف جي سورة جا الفاظ) جي ضرب
هڻندو هو. اُن بعد سامهون تمر فقير وارا ساڳي سٽ
پڙهي ٻه ضربون هڻندا هئا. ساڳئي وقت فقير مچ جي
چوڌاري بالڪل آهستي پير پير ۾ ڏيئي ڦرندا هئا،
اهڙيءَ طرح جو سَوا ڦيري ۾ سڄو سماع ختم ٿئي. آخر
۾ مچ جي الهندي طرفان سڀ ويهي گڏجي ذڪر ڪندا هئا ۽
ذڪر ۾ پڻ سُر سان بيت پڙهندا هئا(1).
پڇاڙيءَ
۾ دعا گهُري اُٿندا هئا.
اهو چئي نٿو سگهجي ته ڀِٽ تي جڏهن پهريائين سماع
جو سلسلو شروع ٿيو ته فقير ڪهڙا بيت ۽ ڪنهن جا بيت
پڙهندا هئا. ٿي سگهي ٿو ته پهريائين ميين شاهه
ڪريم يا ٻين اڳين بزرگن جا بيت پڙهيا ويا هجن، پر
پوءِ شاهه صاحب جا بيت ئي سماع ۾ پڙهيا ويا. اهو
پڻ معلوم ناهي ته ان وقت بلاول ۽ ڌناسري کان سواءِ
ٻين ڪهڙن سُرن جا بيت پڙهندا هئا، مگر هن وقت ڀِٽ
تي سماع ۾ هيٺين سُرن جا بيت پڙهيا وڃن ٿا، ۽ ٿي
سگهي ٿو ته شاهه صاحب جي وقت ۾ پڻ انهن ساڳين سُرن
جا بيت پڙهيا ويا هجن، جيڪي اڃان تائين هلندا اچن.
پهريون ڦيرو (سڄو)
ڦيري جي پهرين چوٿين پتي ۾ سُر
بلاول جا ڇهن کان وٺي اٺ بيت
ڦيري جي ٻي پتي ۾ سُر سري راڳ جا
ڇهن کان وٺي اٺ بيت
ڦيري جي ٽي پتي ۾ سُر سامونڊي جا
ڇهن کان وٺي اٺ بيت
ڦيري جي باقي چوٿين پتي ۾ سُر سورٺ
جا ڇهن کان وٺي اٺ بيت
ٻيو ڦيرو (چوٿين پتي)
سُر راڻو ۽
سُر حسيني جا ڇهن کان وٺي اٺ بيت
جملي سوا ڦير جملي ڇهه
سُر
موجوده وقت ۾ عيدن جي ڏينهن تي نماز بعد سماع ۾
فقط ٽن سُرن يعني بلاول، راڻي ۽ حسيني مان بيت
پڙهندا آهن(1).
راڳ جو ادارو.
سماع جي هن نظام ۾ بيتن جو سُر سان پڙهڻ، سڀني جو
گڏجي ذڪر جي سُرائتي توار ڪرڻ، تار ۾ سمايل ضربون
هڻڻ، ۽ گول حلقي ۾ ڦِرڻ جا عنصر شامل هئا، جيڪي
پوءِ راڳ جي اوسر لاءِ ڄاڻ ۽ بنيادي ترغيب جو باعث
بڻيا.
سنه 1142هه ۾ جڏهن شاهه صاحب ’ڀِٽ‘ کي وسايو ته
فقير پڻ اُتي رهڻ لڳا، جن مان ڪي خاص راڳ جي ذوق ۾
راڳائي ٿيا ۽ راڳ ڪرڻ لڳا. مير عبدالحسين خان
’لطائف لطيفي‘ ۾ اهو نڪتو نروار ڪيو آهي ته: شاهه
صاحب کي راڳ ئي ڀِٽ تي رهايو، نه ته پاڻ پنهنجي
جذبي ۽ جوش ۾ هِتان کان هُتي گهمندا ڦرندا رهيا.
راڳ جي رس سان ئي سندن تسڪين ٿي ۽ راڳ خاطر ئي ڀِٽ
کي وسائي ويٺا(2).
فقير شروع ۾ شاهه صاحب جا بيت ۽ وايون فراغت واري
وقت ۾ گڏجي ڳائڻ لڳا، پر پوءِ شاهه صاحب جي توجهه
سببان خود فقيرن ۾ ايڏو ذوق وڌيو جو ڄڻ راڳ سندن
واسطي هڪ روحاني خوشي واري خوراڪ بنجي ويو. سنه
1144هه ۾ شاهه حبيب جي وفات کان پوءِ، راڳائي
فقيرن جي جيڪا ڪيفيت هئي، تنهن بابت ’لطائف لطيفي‘
۾ هيٺيون بيان نقل ٿيل آهي(3):
”لطيفي فقير جيڪي راڳائي هئا، تن مان گهڻن کي واري
جو تپ ٿي پيو. جڏهن مونجهه ۽ پيڙا کان پريشان ٿيا
ته حضرت شاهه صاحب سان طبيعت جي ناسازي جي شڪايت
ڪيائون. تڏهن
شاهه صاحب کين
ارشاد فرمايو ته: ’هر جمعي رات سندم والد بزرگوار
(شاهه حبيب) جي درگاهه تي لطيفي ساز وڄايو
۽ راڳ ڳايو‘. فقيرن ان تي عمل ڪيو ۽ بالڪل چڱا ڀلا
ٿي ويا. هو پهر رات کان پوءِ راڳ شروع ڪندا هئا ۽
صبح صادق وقت بس ڪندا هئا. پر ڳچ وقت گذرڻ کان
پوءِ باقاعدگيءَ
سان راڳ ڪرڻ ۾
سستي ڪيائون ۽ وري اچي کين تپ ورايو. انهيءَ ڪري
پوءِ هميشـﮣ لاءِ (باقاعدگيءَ سان جمعي
رات) راڳ ڪندا رهيا، جو ويندي هن وقت تائين جمعي
رات راڳ ڪندا رهن ٿا.“
هن مان ظاهر آهي ته شاهه حبيب جي وفات کان پوءِ ئي
فقيرن کي شاهه حبيب جي روضي اڳيان هر جمعي رات راڳ
ڪرڻ جو ارشاد ٿيو. ائين ڪيائون پر وري وچ ۾ وٿي
پئجي ويئي. ان کان پوءِ وري هر جمعي رات
باقاعدگيءَ سان راڳ شروع ڪيائون، ۽ پوءِ اهو سلسلو
هميشـﮣ لاءِ جاري رهيو. هن بيان مان انهيءَ نتيجي
تي پهچجي ٿو ته سنه 1144هه ۾ شاهه حبيب جي وفات
واري تاريخ کان پوءِ، هڪ ٻن مهينن اندر، شاهه صاحب
جمعي جي رات راڳ لاءِ مقرر ڪئي، ۽ راڳائي فقيرن کي
خاص هدايتون ڏنيون جن موجب هر جمعي رات راڳ ٿيڻ
لڳو، جنهن ۾ فقير شاهه صاحب جي بيتن ۽ واين کي جدا
جدا سُرن ۾ ڳائڻ لڳا. اهڙيءَ طرح سنه 1144هه کان
وٺي ’شاهه جو راڳ‘ بحيثيت هڪ ’اداري‘ جي هميشه
لاءِ قائم ٿيو(1).
راڳ
لاءِ شاهه صاحب جي رهنمائيءَ هيٺ هيٺيان اهتمام
ٿيا: 1. هن درد ۽ محبت پيدا ڪندڙ ۽ دلين کي
جياريندڙ راڳ لاءِ شاهه صاحب سندس بيتن ۽ واين جي
ذخيري مان ڪي خاص ڀاڱا (موضوع) چونڊيا ۽ انهن جي
ڳائڻ لاءِ ’سُر‘ (راڳ) مقرر ڪيا. اڳتي هلي انهن
اصولن موجب ’شاهه جو راڳ‘ سُرن مطابق وڌيڪ اهتمام
سان ڳايو ويو. 2. راڳ ۾ وڄت لاءِ ’دنبوري‘ جو نئون
ساز استعمال ٿيو ۽ پهريون دنبورو شاهه صاحب پاڻ
ٺٽي ۾ ويهي ٺهرايو. 3. راڳ ڳائڻ لاءِ وقت مقرر ڪيو
ويو ۽ ان جي پوري پابندي ڪئي ويئي، هن طرح جو عشا
جي نماز جماعت سان ادا ڪرڻ بعد راڳ جي شروعات ٿي ۽
فجر جي نماز کان اڳ راڳ جي خاتمي جي دعا گهري
ويئي. 4. راڳ لاءِ، راڳائي فقير چونڊيا ويا ۽ تمر
فقير کي راڳ جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو.
ان طرح ’شاهه جي راڳ‘ جي اداري جي هڪ باقاعدي
تنظيم مطابق تڪميل ٿي جنهن موجب ڀِٽ تي هر جمعي
رات توڙي عيد ۽ حج جي موقعن تي راڳ ٿيڻ لڳو، پر
اهو سڄو انتظام محض رسمي نه هو: زندگيءَ جي هن
مرحلي تي (۽ غالباً ان کان اڳ پڻ) راڳ شاهه صاحب
لاءِ روحاني خوراڪ بنجي چڪو هو. انهيءَ ڪري ايندڙ
سورهن کن سالن تائين (1145- 1161هه)، شاهه صاحب
جڏهن به ٻاهر سفر تي ٿي ويو ته راڳائي فقير به پاڻ
سان گڏ ٿي کنيائين، ۽ سفر ۾ به هر رات ’راڳ‘
باقاعدگيءَ سان ٿي ٿيو. جڏهن شاهه صاحب وقت جي ڪن
وڏن عالمن وٽ ٿي ويو ته اُنهن پڻ سندس ’دل
جياريندڙ راڳ‘ جي سلسلي ۾ کيس بيوس ۽ بي ميار ڪري
ٿي ڄاتو. سفر ۾ ’شاهه جي راڳ‘ جي آخري محفل سنه
1161هه ۾ ٺٽي جي شهر ۾ ٿي جنهن حاضرين جي دلين ۾
ايڏو ته درد ۽ عشق الاهي وارو اثر پيدا ڪيو جو
اُتي وڏي حال وارن مان مخدوم محمد معين اُن رس
ڀريي راڳ جي پيدا ڪيل جذبي ۽ احساس جي اثر هيٺ
وفات ڪئي.
(هه) وڏن جي درگاهن جي سنڀال ۽ تعمير.
شاهه صاحب معنوي لحاظ سان ’وڏي حال وارو‘ هو، ۽ پڻ
عملي طور ’حال‘ جو صاحب هو. انسان جي اعليٰ ڪردار
۽ ڪمال، حق جي تلاش ۽ حقيقي وصال وارين منزلن ماڻڻ
جي لحاظ سان سندس فڪر، لاحَد ۽ لامتناهِي ’مستقبل‘
سان همڪنار هو جو چيائين ته ”جي قيام مِڙن، ته ڪر
اوڏا سپرين“. ساڳئي وقت شاهه صاحب جي نظر ۾ ’ماضي‘
پڻ وڏو معنيٰ خيز ۽ سبق آموز هو، ڇاڪاڻ ته اهو
انسانن جي انفرادي اخلاق ۽ ڪردار توڙي سماجي ريت
ڪُريت جو آئينو آهي. وڏن جو ادب ۽ ريت رسم جو لحاظ
سنڌ جي تهذيب جو لازمي جز هو، جنهن کي شاهه لطيف
وڏي اهميت ڏني، شاهه صاحب جي پنهنجي تربيت ۾ سندس
وڏن جو هٿ هو، هاڻي جڏهن شاهه صاحب پاڻ اخلاق ۽
ڪردار جي اعليٰ منزل تي پهتو تڏهن وڏي احسان مندي
سان پنهنجن وڏن جي آثارن جي سنڀال ۽ تعمير ڏانهن
ڌيان ڏنائين.
سڀ کان پهريائين بُلڙيءَ ۾ ميين شاهه ڪريم جي
درگاهه سندس توجهه جو خاص مرڪز بني. شاهه صاحب جو
والد شاهه حبيب، ڏاڏو عبدالقدوس شاهه، پڙڏاڏو جلال
شاهه (جمال شاهه)
سڀ اُتي ڄاوا نپنا هئا. عبدالقدوس شاهه وفات به
اُتي ڪئي ۽ پنهنجي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم جي مزار جي
ويجهو دفن ٿيو. عزازت جي انهن رشتن کان وڌيڪ، شاهه
صاحب جو پنهنجي وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم سان گهرو
روحاني رشتو هو جو سندس هدايت ۽ تلقين کي دل سان
لاتائين، ۽ ’بيان العارفين‘ کي سفر ۾ به ساڻ
کنيائين. جيئن شاهه ڪريم بُلڙيءَ ۾ نئين ماڳ کي
وسايو هو تيئن پاڻ ’ڀِٽَ‘ کي وسايائين. شاهه ڪريم
وانگر ڀِٽ تي ’سماع ۽ ذڪر‘ جو سلسلو قائم ڪيائين،
۽ ميين شاهه ڪريم جي چيل بيتن ڀران پاڻ بيت
چيائين: نه فقط ايترو پر ڪن فقيرن کي جيڪڏهن ميين
شاهه ڪريم جي ڪنهن بيت جي سٽ ياد نه هئي ته پاڻ ٻي
چئي ان کي پورو ٿي ڪيائين(1).
مثلاً
شاهه صاحب کي جڏهن ڪن فقيرن ٻڌايو ته ميين شاهه
ڪريم هيءَ هڪ سٽ چئي هئي (پر اڳتي سندس مراد
الائجي ڪهڙي هئي) ته:
تَــري ڀَــڳي ڪِـنـگري ٺــلها ڦيرا ڏي
تڏهن چيائين ته: هائو ابا!
آڻي نَڪي ني، پر وڃي سَلهاڙي ساٿ سان.
اهڙيون روايتون انهيءَ ڳالهه تي شاهد آهن ته شاهه
صاحب جي ميين شاهه ڪريم سان وڏي محبت ۽ عقيدت هئي.
ننڍي هوندي پنهنجي والد سان گڏ ۽ جوانيءَ ۾ پاڻ
پنهنجي سر بلڙيءَ تي ڀيرا ڪيائين، پر هاڻي پنهنجن
فقيرن سان گڏ ڪريمي درگاهه تي وڌيڪ وڃڻ لڳو. اُتي
سماع ۽ ذڪر جي شغل ۾ شامل ٿيڻ سان گڏ ’ڀِٽ‘ تي
پنهنجو راڳ پڻ شروع ڪرايائين. ڪريمي فقيرن ’شاهه
جو راڳ‘ سکيو ۽ اهڙيءَ طرح ڀِٽ کان پوءِ شاهه ڪريم
جي درگاهه تي ئي سڀ کان پهريائين ’شاهه جو راڳ‘
ٿيو جيڪو اڄ تائين هلندو اچي.
زندگي جي هن دور ۾ ڏهن ٻارهن سالن تائين اهڙي
عقيدت واري حاضري بعد، شاهه صاحب اڃان به وڌيڪ
خذمت خاطر ميين شاهه ڪريم جي مزار تي روضي جوڙائڻ
۽ ڀرسان جامع مسجد ٺهرائڻ جو ارادو ڪيو، ۽ 54-
1156هه واري عرصي ۾ ان ڪم کي وڏي همت ۽ محبت سان
پورو ڪيائين.
شاهه ڪريم جو سهڻي گنبذ سان روضو ۽ ان جي اُتران
لڳو لڳ عاليشان جامع مسجد جوڙايائين ۽ اُتان ويجهو
ڏکڻ- اوڀر طرف پنهنجي ڏاڏي عبدالقدوس شاهه جي تربت
تي قبو ٺهرايائين. شاهه ڪريم جي روضي ۽ مسجد شريف
کي ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريائين جيڪي ملتان مان
آندائين ۽ پڻ اُتان ڪاريگر آندائين جن بلڙيءَ ۾
ويهي وڌيڪ سرون ٺاهيون. اهو سڄو ڪم سنه 1156هجريءَ
۾ راس ٿيو ۽ شاهه صاحب جي ارشاد تي سندس معتقد ۽
مريد ۽ ٺٽي جي نامياري عالم مخدوم محمد صادق
نقشبندي ڪريمي درگاهه جي تڪميل جي تاريخ هيٺئين
سهڻي فقري مان ڪڍي:
”هست درگاهه کريمي جلوه گاهِ حق ابد“
(ابجد جي حساب سان عدد= 1156)
شاهه صاحب پوءِ انهيءَ تاريخي مصرع سان سينگاريل
ڪَتَبو، ڪاشيءَ جي سرن تي نيرن اکرن ۾ لکائي روضي
تي هڻايو(1).
ٻي
هڪ ننڍي سِرَ جنهن تي ’لطيف‘ لکايائين سا روضي جي
دروازي واري سامهين ديوار ۾ اُتران هڻايائين. ان
وقت ڪريمي درگاهه جي گادي تي عبدالواسع شاهه (بن
عبدالغني شاهه، بن محمد دليل شاهه بن دين محمد
شاهه بن ميون شاهه ڪريم) هو جنهن جو ڌيان درگاهه
کان وڌيڪ دنيوي ڪاروبار طرف هو. ان کي اچي وهم
ويٺو ته عبداللطيف شاهه درگاهه ٺهرائڻ کان پوءِ
اندر وري پنهنجو نالو هڻايو آهي ته جيئن وارث بنجي
۽ درگاهه تي قبضو ڪري، سو شاهه صاحب جي روانگي بعد
خود پاڻ اچي اها سِرَ جنهن تي ’لطيف‘ لکيل هو،
پَٽائي ڦِٽي ڪيائين. اُن وقت شاهه لطيف ’بلڙي‘ مان
اڃان ’ڊَنڍي‘ جي شهر ۾ (بلڙي ۽ ٽنڊي محمد خان جي
وچ تي) پهتو هو ۽ اُتي ’ڪريم- پوٽي‘ سيد محمد صلاح
(بن ابوبڪر شاهه بن محمد شريف شاهه بن محمد دليل
شاهه بن دين محمد شاهه بن ميون شاهه ڪريم) وٽ ٽڪيل
هو جو عبدالواسع شاهه جي سِر پَٽائڻ جي خبر اچي
پهتي، جنهن تي شاهه صاحب چيو ته: ”هن ضعيف جو نالو
عبداللطيف آهي، باقي ’لطيف‘ نالو ته الله جل شانـﮣ
جي نالن مان هڪ آهي. شال ان ذات باري تعاليٰ کي ڪا
غيرت نه اچي“(1).
درگاهه ڪريمي جي خاص خذمت ۽ تعمير کان پوءِ شاهه
صاحب ڀِٽ جي جاين ڏانهن توجهه ڪيو. شروع ۾ اهي
جايون تڪڙو تيار ڪيل هيون، پر هاڻي انهن کي وڌيڪ
سهڻي سٽاءَ سان تعمير ڪيو ويو. پنهنجي وڏي ڏاڏي
شاهه ڪريم ۽ ڏاڏي عبدالقدوس شاهه جي مزارن جي
تعمير بعد شاهه صاحب پنهنجي والد شاهه حبيب جو
مقبرو به پڪو ڪرايو ۽ ٻاهران دروازي جي مٿان وفات
جي تاريخ واري هيٺين مصرع جيڪا سندس مريد ۽ ڀلاري
عالم مخدوم محمد صادق نقشبندي ٺٽوي جوڙي هئي، سا
لکايائين:
”الموتُ جِسرٌ يوصل الحبيب للقاء الحبيب“
(ابجد جي حساب سان عدد= 1144)
مسجد شريف شروع کان ڪَچي پر مضبوط ٺهيل هئي،
انهيءَ ڪري ان کي شاهه صاحب پوءِ پنهنجي زندگيءَ
جي آخري دور ۾ وڏو شاندار ڪري ٺهرايو.
(و) معتقدن مريدن وٽ وڃڻ ۽ حال وارن فقيرن ۽
درويشن سان ملڻ.
مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته شاهه صاحب جي زندگيءَ جو
هن کان اڳيون ويهن- ٻاويهن سالن وارو دور (1120-
1142هه) طلب ۽ تحقيق وارو دور هو جنهن ۾ هن سنڌ
توڙي سنڌ کان ٻاهر سفر ڪيا، درويشن جا ماڳ مڪان
ڏوري ڏٺا ۽ سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ ڌنڌي پيشي وارن
توڙي عام ماڻهن جي روزاني زندگي ۽ حال حقيقت کان
واقف ٿيو. اهي پنڌ ۽ سفر سندس پنهنجي تربيت ۽
پرجهه پروڙ خاطر هئا. زندگيءَ جي هن ٻئي دؤر ۾،
جيڪو چاليهن سالن جي عمر کان پوءِ وارو دور هو،
شاهه صاحب پاڻ هڪ جهانديده درويش ۽ حال ۽ قال جو
صاحب هو. هن دور ۾ سندس مسافريون وڌيڪ سوچيل مقصدن
۽ منزلن واريون هيون: يعني پنهنجن پيارن مريدن ۽
مخلصن وٽ ڀيرا ڪري سندن پوئواري ڪرڻ، ٻين حال ۽
ڄاڻ وارن فقيرن سان ملڻ ۽ عالمن عارفن سان سلوڪ ۽
معرفت واريون صحبتون ڪرڻ. هن دور جي مسافرين ۾
شاهه صاحب قرآن شريف پنهنجي دور لاءِ ۽ ميين شاهه
ڪريم جي ملفوظات ’بيان العارفين‘ ۽ مولانا رومي جي
’مثنوي‘ حاضرين جي وعظ ۽ نصيحت لاءِ پاڻ سان گڏ
رکندو هو. سندس ارادتمند ميون محمد صلاح ساڻس گهڻو
ڪري گڏ هوندو هو ۽ ڏينهن جو اڳين نماز ۽ جمعي نماز
بعد مثنوي پڙهندو هو ۽ ان جي شرح ڪندو هو. اُن کان
سواءِ راڳائي فقير شاهه صاحب سان اُنهن سفرن تي گڏ
هوندا هئا ۽ رات جو سمهياڻي نماز بعد ’شاهه جو
راڳ‘ ٿيندو هو.
شاهه صاحب جي سير سفر بابت اڪثر خيالي انومان ڪڍيا
ويا آهن ته هِتي به ويو هُتي به ويو، ائين جو ڄڻ
هر جاءِ تي ويو، پر ان باري ۾ ڪي به اهڙا ٽاڻا يا
اهڃاڻ نه ڏنا ويا آهن جن تي ڪو ڀروسو ڪري
سگهجي(1).
انهيءَ
۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هن کان اڳئين دور ۾ توڙي هن دور
۾ شاهه صاحب سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر ڪيترن ئي ماڳن
مڪانن تي ويو، پر اُنهن سڀني بابت صحيح معلومات
محفوظ نه رهي آهي. البت سندس زندگيءَ جي اڳئين دور
جي ڀيٽ ۾، هن پوئين دور ۾ ڪيل مسافرين يا ملاقاتن
بابت ڪي وڌيڪ ڀروسي جهڙا بيان ۽ اهڃاڻ ملن ٿا(2).
هن دور ۾ شاهه صاحب جي محبتين ۽ معتقدن جو دائرو
وڏو وسيع ٿيو، جنهن ۾ عام توڙي خاص اچي ٿي ويا.
پاڻ عقيدي توڙي عمل ۾ ’رسم‘ بدران ’روح‘ جي تلقين
ڪيائين، ۽ توحيد جي اعليٰ نظريي طور ڪل ڪائنات جي
خالق تي يقين ۽ توڪل، مخلوق سان پيار ۽ اعليٰ
انساني ڪردار جا سبق ڏنائين. شاهه صاحب جي پنهنجي
اعليٰ اخلاق ۽ محبت ڀريي طور طريقي جو اثر دلين تي
ايترو ته پيو جو حڪمران توڙي ڪي هندو فقير سندس
معتقد ٿيا.
ويهن کن سالن جي هن وڏي عرصي ۾ هو گهڻن ئي فقيرن
وٽ گهڻن ئي ماڳن تي ويو هوندو، پر جتي ڪجهه وڌيڪ
ترسيو اُتي سندس نالي سان ’تڪيا‘ قائم ٿيا. هن وقت
به سنڌ ۾ گهڻين جاين تي ’شاهه جا تڪيا‘ موجود آهن،
جن مان ڪي مريدن پوءِ سندس نالي سان قائم ڪيا.
اُنهن مان فقط ڪي ٿورا اهڙا آهن جن بابت ڀروسي سان
چئي سگهجي ٿو ته شاهه صاحب پاڻ پنهنجي حياتي ۾
اُتي ويو هوندو. مثلاً کپري تعلقي ۾ ’واگهين جي
ڀٽ‘(3)،
ٺٽي
۾ مڪلي لڳ، بدين، روهڙي، بکر (پراڻو) ۽ ترائي
(مديجي کان ٻه ميل اتر- اولهه) ۾ جيڪي ’شاهه جا
تڪيا‘ آهن، اُتي غالباً شاهه صاحب پاڻ ويو ۽
ٽڪيو(1).
انهن
ٿورن مشهور ’تڪين‘ جي جدا جدا ماڳن مان اهو نتيجو
نڪري ٿو ته شاهه صاحب سنڌ ۾ لاڙ کان وٺي اتر تائين
پنهنجن مخلص معتقدن وٽ ڀيرا ڪيا.
سنڌ کان ٻاهر هن دور ۾، شاهه صاحب خاص طرح ڪڇ ۾
پنهنجن پيارن فقيرن جَتن بلوچن وٽ گهڻو ويو. ڪڇ ۾
شاهه صاحب سان ارادت ۽ عقيدت جو بنياد وَنهيين
فقير سالاراڻي جَت ۽ تماچي فقير نهڙيي وڌو. هن دور
جي پهرئين سفر ۾ شاهه صاحب انهن ٻنهي فقيرن تي ڪا
اهڙي فيض واري نظر ڪئي جو هو ڀِٽ تي آيا. تماچي
فقير کي شاهه صاحب ڪڇ موٽي وڃڻ جو ارشاد ڪيو ۽ هو
اُتي ئي رهيو، تان جو وفات کان ڪجهه وقت اڳ شاهه
صاحب کيس سڏي پاڻ وٽ ترسايو. ونهيين کي شاهه صاحب
پاڻ وٽ ڀِٽ تي رهايو ۽ سندس خلوص جي مدنظر کيس
پنهنجو خاص خليفو ڪيائين جو سندس پويان ڪڇ ۽ واڳڙ
طرف ٻيا گهڻا شاهه صاحب جا معتقد ٿيا(2).
ڪڇ
طرف جَتن فقيرن ۾ شاهه صاحب جي سفر جا منزل به
منزل سلسلا ونهيين فقير جي اُتي وڌايل ارادتمندن
سببان شروع ٿيا، ۽ شاهه صاحب جتي جتي ڀيرا ڪيا
انهن ماڳن مڪانن جو مانُ ٿيو ۽ پڻ پوءِ تمر فقير
جي اڳواڻي هيٺ اُهي ’شاهه جي راڳ‘ جا مرڪز بنيا.
مسلسل طور مشهور روايتن موجب ڪافي وثوق سان چئي
سگهجي ٿو ته شاهه صاحب هيٺين ماڳن تي ڀيرا ڪيا:
- ’ڏر‘ مڪان، لکپت جي شهر سان لاڳو، جتي سالار
فقير وٽ شاهه صاحب آيو.
- ڀُٽائو مڪان، ’پپر‘ جي شهر لاڳو (تعلقو لکپت)
جتي درويش سانوَلي فقير جَت جو مزار هو.
- آسالڙي مڪان، تعلقو لکپت.
- ’ڪَنڊو‘ مڪان (تعلقو کاهڙ) جيڪو ونهيين فقير جو
اصل ڳوٺ هو.
- ’اورِيئڙو‘ مڪان (تعلقو نکٽراڻو) جيڪو ميين
تماچي فقير نهڙيي جو ڳوٺ هو.
- ڄَڙهوٽ مڪان، نکٽراڻي شهر کي ويجهو، جتي شاهه
صاحب جو خليفو صالح فقير مڱريو رهندو هو.
- سِراڙو مڪان (تعلقو کاهوڙو)، جتي شاهه صاحب جو
خليفو ڇتو فقير لاکاڻي جَت رهندڙ هو.
- بگهاڙيو مڪان (ٻنِي)، جتي ميين شاهه ڪريم جا خاص
مريد جيئنداڻي جَت فقير هئا.
- اَرل مڪان (تعلقو نکٽراڻو)، جتي شاهه صاحب جو
خليفو دين محمد فقير هو. هو اصل ريٻاري هو ۽ شاهه
صاحب سان صحبت ۾ مسلمان ٿيو، جنهن پوءِ پڳ ڏنس ۽
خليفو ڪيس.
مٿين ماڳن جا نالا معلوم ۽ مشهور آهن جتي شاهه
صاحب گهڻا ڀيرا ڪيا. سالاراڻي جَتن فقيرن جي ٻي هڪ
متفقه روايت موجب شاهه صاحب ’واڳڙ‘ کان اڀرندين
ڀاڱي ۾ به ويو جتي ان وقت جَت ويٺل هئا، ۽ اُتي
چاليهه ڏينهن رهيو هو جو انهيءَ ياد ۾ پوءِ مچ ۽
ميلو ٿيو (۽ پڻ ڪن روايتن موجب ڀٽائي صاحب ڀُڄ
تائين ويو ۽ پڻ ڪڇ جو راءِ ساڻس اچي مليو هو).
ڪڇ کان سواءِ، سنڌ کان ٻاهر هن دور ۾ شاهه صاحب
ٻاهڙ مير ۽ جيسلمير طرف ڀيرا ڪيا جتي سما، سميجا،
مڱريا، لنجا، ڀنڀرا، دَل ۽ ڪي ٻيا سندس مريد هئا.
جيسلمير جي راجا سان به سندس ڏيٺ ٿي ۽ هو ايتري
قدر متاثر ٿيو جو شاهه صاحب جي وفات بعد درگاهه تي
نوبت لاءِ نذراني طور ڀيرون ڏياري موڪليائين. ان
طرف شاهه صاحب پهريائين غالباً ملتان جي غوثي
جماعت جي فقيرن جي دعوتن تي ويو ۽ پوءِ پاڻ انهن
ماڳن تي ويو ۽ رهيو، جتي کانئس پوءِ (ويندي هن
پوئين ويجهي دور ۾ سنه 1930ع تائين) ’شاهه جو راڳ‘
ٿيندو رهيو(1).
سنڌ کان ٻاهر ڪڇ ۽ جيسلمير طرف هن دور وارين
مسافرين ۾ شاهه صاحب ڪن حال ۽ ڄاڻ وارن ناٿ- پنٿي
جوڳين ۽ پڻ ڪن هنڌن تي ساڌن سنتن سان مليو، ۽ ساڻن
توحيد ۽ وحدانيت جي روشني ۾ خيالن جي ڏي وٺ
ڪيائين. مذهب جي حقيقت ۽ حقانيت تي شاهه
صاحب هن کان
اڳ گهڻو سوچيو هو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هو عقيدي جي
’سچائي‘ ۽ ’رسم‘ بدران ’روح‘
جو قائل ٿي چڪو هو. اعليٰ ڄاڻ وارن صوفين ۽ عارفن
وانگر، شاهه صاحب ظاهري پاڪبازي ۽ لوڪ لباس بدران
عقيدي جي سچائي، نيت جي صفائي ۽ مخلوق سان محبت جي
تلقين ڪئي: تنبيهه طور ”منهن ۾ مسلمان، اندر آذر
آهيين“ چئي ظاهري رسم رياءُ ۽ اندر جي ٻيائيءَ کي
ننديائين؛ هندو ڌرم جي رکوالن جي ڌرمي پاٺ پوڄائن
۽ عملي ڪرتوتن کي ڀيٽيائين ته کيس منجهن محض
ٻاهرين رسم ۽ رياءُ وارو رنگ نظر آيو. تڏهن چيائين
ته: ”هندو هڏ نه آهيين، جَڻيو تو نه جُڳاء“. شاهه
صاحب حق ۽ حقيقت جو ڳولائو هو ۽ پنهنجي زندگيءَ جي
هر مرحلي تي هو مسلسل طور ڪائنات جي حقيقت، خالق ۽
مخلوق جي رشتي، انساني عقيدي ۽ ڪردار جي رسمي صورت
توڙي اعليٰ معيار جو مطالعو ڪندو رهيو. زندگيءَ جي
هن دور ۾ جڏهن هو پاڻ معرفت جو صاحب ٿيو، تڏهن
توحيد ۽ وحدانيت واري عقيدي ۾ ئي کيس انسان ذات
توڙي ڪائنات جي وحدت نظر آئي. هاڻي هو اسلام جي
حقيقت کي سمجهندڙ عارفن، توڙي ڄاڻ وارن سَنتن ساڌن
سان وحدانيت ۽ توحيد جي رازن کي روشن ڪرڻ لاءِ ٿي
مليو(1).
ٻاهڙمير-
جيسلمير طرف مسافرين ۾ شاهه صاحب غالباً پورب کان
ايندڙ ۽ هيڪڙائي حق مڃيندڙ ’هٿ- يوگين‘ کي ڏٺو
جيڪي تن کي تسيا ڏيئي حق جي تلاش ۾ هلندڙ هئا ۽ جن
جي جوڳ ۽ ڪشالي جو بنيادي عقيدو ’توحيد‘ هو. ڪن
مشهور روايتن موجب شاهه صاحب ٻاهڙمير جي پريان
(والهوٽي واري علائقي ۾) ڪنهن ماڳ تي ويو، جتي
’مَلي- ناٿ‘ نالي هڪ موحد ساڌو سندس معتقد ٿي ويو
۽ پوءِ ان تڪيي تي يادگار طور مسلمانن- هندن جو
گڏيل ميلو ٿيڻ لڳو. ڪڇ ۾ شاهه صاحب ڪنڦاڙ ڪاپڙين
جي مڙهين ۽ ڪوٽيسر ۽ نارائڻ سر مندرن جي سَنتن کان
سندن ويساهن ۽ پوڄائن بابت پڇيو، ۽ پڻ توحيد ۽
وحدانيت جي روشني ۾ ساڻن پيار ۽ محبت سان ويهي
ورونهن ڪئي. شاهه صاحب ڪوٽيسر جي مندر لڳ واري
مسجد ۾ ٽڪيو جتي سندس تسبيح يادگار طور اڃان تائين
ٽنگيل آهي. پڻ شاهه صاحب ’هَنج- ڪريون‘ (ڊگهين
ڳچين وارا ڪؤنرا) آنديون هيون جيڪي يادگار طور
رکيل آهن. ڪوٽيسر جي مندر ۾ ويو، جتي شاهه صاحب
سنتن کي سچائي واري ويساهه ۽ ’هيڪڙائي حق‘ جي
ترغيب ڏني جنهن کان هو گهڻو متاثر ٿيا. سندس وڃڻ
کان پوءِ اندر جنهن ڀت
کي شاهه صاحب پٺا ڏيئي ويٺو هو اُتي ڀت ۾ محراب مثل نشان يادگار طور قائم
رکيائون(2).
’ڌِيڻو
ڌَر‘
جبل واري مڙهيءَ جي ڪنهن ڪاپڙي کي (ٻي روايت موجب،
خود ڌرمناٿ کي) ڏٺائين جيڪو پنهنجي ٻانهن مٿي اُڀي
ڪري جهليو بيٺو هو. کانئس پڇيائين ته هن چيو ته:
’مون تپسيا طور ٻانهن کي اُڀو جهلي سُڪائي ڇڏڻ جو
وچن ڪيو آهي‘. تڏهن شاهه صاحب کيس تنبيهه طور هيءُ
بيت پڙهيو ته:
هِنيون نه سُڪايئي هوت لئي، ٿو سُڪائين ٻانهون
ڏيکارين ٿو ڏيهه کي دَتا ڪيو دانهون
پاڻهي مُٺئي پاڻ کي، چوين ’آديسي آئون‘
ايءَ پنڌ پرانهون، ڪي ڪي لهندا
ڪاپــڙي(3).
’شاهه جي رسالي‘ جو ’سُر رامڪلي‘ هن دور جي
مسافرين ۽ مشاهدن جو يادگار آهي جنهن ۾ شاهه صاحب
’ناٿ پنٿي‘ موحد جوڳين، سامين سنياسين ۽ ڪنڦاڙ
ڪاپڙين جي حوالن ڪِناين سان توحيد ۽ وحدانيت جي
نهايت دلپذير ۽ مؤثر طريقي سان تلقين ڪئي آهي. هن
سُر ۾ شاهه صاحب هيڪڙائي حق وارن جي وڏي تعريف ڪئي
آهي، سچائي ۽ صداقت کي ساراهيو آهي ۽ رياءَ رسم کي
ننديو آهي.
گندي ۽ گراه، جن سناسين سانڍيو
اُني کان الله، اڃان آڳاهون ٿئو.
(ز) سنڌ جي عالمن عارفن سان صحبتون ڪرڻ.
پاڻ پروڙڻ ۽ پرجهڻ خاطر ويهن سالن کان وٺي نوجوان
لطيف سنڌ جي ولين ۽ درويشن جي ماڳن مقامن تي ويو ۽
پڻ ان وقت جي ڪن سالڪن ۽ عالمن سان مليو، جن مان
ڪم از ڪم ٻن وڏن حال ۽ ڄاڻ وارن بزرگن جا نالا
تصديق سان معلوم آهن: هڪ ميون شاهه عنات رضوي ۽
ٻيو ميون صابر ولهاري. سيد عنايت الله شاهه عرف
ميون شاهه عنات نصرپور جي رضوي ساداتن مان هو؛
سلوڪ ۽ طريقت ۾ هو سکر جي شاهه خيرالدين قادري رحه
جي سلسلي سان وابسته هو، ۽ پنهنجي وقت ۾ سنڌ جو
وڏي ۾ وڏو شاعر هو. شاهه لطيف جي نوجوانيءَ کان
وٺي ساڻس محبت ۽ نيازمنديءَ واري ڏيٺ ويٺ ٿي. شاهه
پور جو ڳوٺ، جتي ميون شاهه عنات رهندو هو، توڙي
نصرپور جتي هو ايندو ويندو هو، اُهي ٻيئي ماڳ
ڪوٽڙي کان گهڻو پري ڪونه هئا. اندازاً سنه 1120هه
کان وٺي ويندي سنه 1133هه ۾ ميين شاهه عنات جي
وفات تائين، ٻارهن تيرهن کن سال شاهه لطيف جون
ميين شاهه عنات سان رهاڻيون رهيون(1).
ميون
صابر ولهاري، وقت جو وڏو عالم عارف ۽ تقويٰ جو
صاحب هو. هو سمن جي ’ٻَرند‘ پاڙي مان هو ۽ پرڳڻي
ولهار (ٽنڊي الهيار کان ڏکڻ اوڀر) ۾ درسگاهه قائم
ڪئي هئائين جيڪا اڳتي ٽالپور اميرن جي دور ۾ وڏي
اوج کي پهتي. ميون صابر قرآن شريف جي تعليم تدريس
جو عالم ۽ وڏي فقيري حال وارو بزرگ هو، جنهن جي
ديدار لاءِ شاهه عبداللطيف پاڻ وڏي چاهه سان وٽس
هلي ويو. ميين صابر سنه 1135هه ۾ وفات ڪئي ۽ مخدوم
پير محمد هالائي ”صد داغ بدل“ جي فقري مان سندس
وفات جو سال ڪڍيو. جيئن ته اهو پڪو تاريخي سال
آهي، انهيءَ ڪري شاهه صاحب سنه 1135هه ۾ يا اُن
کان اڳ ساڻس مليو(2).
ڀِٽ کي وسائڻ کان پوءِ، چاليهن سالن جي عمر بعد
زندگيءَ جي ٻئي دور ۾، شاهه صاحب جون سنڌ جي جن
عالمن ۽ عارفن سان صحبتون ٿيون تن مان هيٺين بزرگن
بابت (ڪتابن ۽ تحريرن مان، مشهور ۽ معتبر روايتن
مان، توڙي جن ماڳن تي هو رهندا هئا اُتي سندن پوين
۽ ٻين ڄاڻن جي بيانن مان) جيڪي حوالا ۽ ٽاڻا ملن
ٿا تن مان تصديق ٿئي ٿي ته شاهه صاحب جون ساڻن
ملاقاتون ۽ حال واريون صحبتون ٿيون.
§
آخوند حاجي متين الدين سانوڻي هالن پراڻن جو، جنهن
کي شاهه صاحب ميٽائين رنگ جو پنهنجو لباس ڏنو هو
جيڪو پوين يادگار طور سنڀالي رکيو، تان جو ويندي.
80- 1887ع تائين اهو سانگي جي اُستاد آخوند احمد
سانوڻي وٽ موجود ۽ محفوظ هو (لطائف لطيفي، ص 151).
§
سيد شهمير شاهه باقيل پوٽو مٽياروي (وفات 10- محرم
1177هه) مخدوم محمد هاشم جو هونهار شاگرد هو، ۽
اسلام جي خذمت ۽ دين جي قوت ۾ ڪوشان رهيو. تحفة
الڪرام ۾ سندس ذڪر آهي. شاهه صاحب جي ساڻس محبت جي
واٽ هئي جو کيس حجت سان چيائين ته هو هڪ هندو شخص
کي مسلمان نه ڪري.
§
مخدوم عبدالباسط هالائي، وڏو عالم ۽ شاهه صاحب جو
معتقد هو، جنهن وٽ شاهه صاحب ايندو هو ۽ اچي ٽڪندو
هو (’لطائف لطيفي، ص 152؛ لطف اللطيف، ص 166).
§
حافظ ميون اسحاق درس مشائخ پوٽو عرف ميون اسحاق
بَنوري، ’مَيي مشائخ هوٿي‘ واري ماڳ کان ميل کن
ڏکڻ طرف، موجود ڳوٺ ’مُلڪو دڙو‘ (تعلقو
ٽنڊوالهيار) ۾ مڪتب پڙهائيندو هو. وڏو عابد زاهد
هو. ٻارڙن کي نهايت پيار سان پڙهائيندو هو. شاهه
صاحب اچي کيس مليو ۽ پڇيائين ته: ’ادا پاڙهين ٿو
يا کارين ٿو!‘ حافظ اسحاق جواب ڏنو ته: ’جي
کاريندس ته به لطيف ٿيندا‘ (يعني اکرن ۾ کريا ته
به اخلاق ۾ لطيف(= نيڪ ۽ پاڪ) ٿيندا). شاهه صاحب
اشارو سمجهيو ۽ ساڻس وڏيءَ محبت سان مليو. شاهه
صاحب وٽس ڀيرا ڪندو هو (’مشائخ هوٿي‘ ۽ ’مُلڪو
دڙو‘ ماڳن جي مشهور مقامي روايت).
§
ميون محمد مبين ٿَرائي، مخدوم محمد هاشم جو همعصر
۽ دوست، پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ درسگاهه
’چوٽياريون‘ (ضلعو سانگهڙ) جو باني هو (جيڪا پوءِ
ٽالپورن جي دور ۾ وڏي اوج کي پهتي). شاهه صاحب
اڪثر سانوڻ ۾ وٽس ايندو هو. هڪ ڀيري گڏجي ماني
کاڌائون ۽ پوءِ صحبت ۾ ويٺا ته گهڻو ويهي ويا ۽
البت دير ٿي ويئي. جڏهن شاهه صاحب موڪلايو ته ميين
مبين چيو ته: ’جهڙ ڦڙ آهي ترسي پئو.‘ شاهه صاحب
جواب ڏنو ته:
’رداء جا رضا جي سا اوڇڻ آديسين‘
پوءِ موڪلائي روانو ٿيو. (مشهور روايت جنهن جي
تصديق انهيءَ مان به ٿئي ٿي جو اها سٽ رسالي ۾ ’سر
رامڪلي‘ جي هڪ بيت ۾ موجود آهي).*
§
مخدوم دين محمد صديقي سهروردي سيوستاني (92-
1193هه)، اصل ’پاٽ‘ جو پوءِ اچي سيوهڻ ۾ رهيو هو.
شاهه صاحب سان سندس گهاٽا دوستانا تعلقات هئا جو
هڪ ٻئي سان دستارون بدلائي پڳ مٽ يار ٿيا هئا.
مخدوم موصوف ظاهري علم توڙي تصوف ۽ طريقت ۾ وڏو
ڪامل عامل هو (تذڪره مشاهير سنڌ، جلد-1، ص 86 ۽
203).
§
ميون محمد صلاح بن ميون محمد عارف (ڊاسوڙي- ٽنڊي
قيصر جو، پوءِ ’مٽياري‘ ۾ رهيو)، فارسيءَ جو عالم
۽ مولانا روميءَ جي مثنويءَ جو وڏو ڄاڻو هو. شاهه
صاحب جو معتقد ۽ مريد ٿيو ۽ ٻاهر سفر ۾ هميشه ساڻس
گڏ هوندو هو ۽ روزانو مثنويءَ جو وعظ ڪندو هو.
شاهه صاحب وٽ سندس وڏي عزت هئي ۽ کيس ’خليفو محمد
صلاح‘ سڏيندا هئا. سنڌيءَ ۾ ’بزغل جا ڪلما‘
جوڙيائين جيڪي ’محمد صلاح جي سنڌي‘ جي نالي سان
مشهور ٿيا، پڻ شاهه صاحب جو ’سفرنامو‘ جوڙيائين
جيڪو پوئين ويجهي دور ۾ ضايع ٿي ويو(1).
§
مخدوم عبدالله آگرو ڪنڊياري جو(2)،
جنهن
وٽ مسافري ۾ اڳتي ويندي يا موٽندي، شاهه صاحب
ترسندو هو.
§
مخدوم محمد صديقي قريشي جيڪو سنه 1165هه ۾ به حال
حيات هو. هو پنهنجي وقت جو عالم ۽ درويش هو ۽
ڪوٽڙي ڪبير (تعلقو ڪنڊيارو) ۾ مڪتب پڙهائيندو هو.
سندس اهو مڪتب مخدومن جي پاڙي ۾ ’سوا لک مقام‘ جي
وچ تي هو. اُتي مسجد هئي جتي شاهه صاحب اچي ٽڪندو
هو. مسجد جي ڀرسان هڪ لئي جو وڻ هو جيڪو پوءِ
يادگار طور ’ڀٽائي صاحب وارو لئو‘ سڏبو هو ۽ سنه
1897ع ڌاري پڻ بيٺل هو(3).
§
فقير محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنو فاروقي (وفات
1192هه)، سچل جو ڏاڏو، درازن جي شهر کان ٻاهر کٻڙن
جي ويڙ ۾ گوشائتو رياضت ۽ عبادت ۾ ويٺل هو جو شاهه
صاحب اتان لنگهندي ساڻس مليو، ۽ سندس اشاري تي
ميان صاحبڏنو ويراڳ مان نڪتو ۽ کوهه کڻايائين ۽
مسجد ٺهرايائين (’لطف اللطيف‘ ص 83- 84).
§
مخدوم محمدي (وفات 1174هه)، مخدوم عبدالرحمان شهيد
جو فرزند ۽ جانشين، جنهن جي وقت ۾ هڪ ڀيري شاهه
صاحب کهڙن جي شهر جي ٻاهران چنيهه فقير اُڄڻ جي
کوهه تي اچي لٿو. جڏهن مخدوم صاحب کي خبر پيئي ته
پنهنجو خاص ماڻهو موڪليائين ۽ تاڪيد سان دعوت
چوائي موڪليائين. غالباً شاهه صاحب اڳ مخدوم
عبدالرحمان شهيد سان مليو هو، جنهن کي پوءِ ميان
نور محمد ڪلهوڙي سنه 1145هه ۾ شهيد ڪرايو. انهيءَ
اڳئين لاڳاپي جي ڪري ئي مخدوم موصوف حجت سان چوائي
موڪليو ته: هِت اسان وٽ اچي رهو. پر شاهه صاحب جو
اچي فقير وٽ لٿو هو سو رات اُتي ئي رهڻ مناسب
سمجهيائين. انهيءَ تي شاهه صاحب، ٺڪر جي ٽڪر تي
اڱر سان هيءُ بيت لکي مخدوم محمديءَ ڏانهن ڏياري
موڪليو:
اڄ نـه آيــس آنءُ، صــبــح ايـنـــدس
ســپريــن
توتي جنهن جو نانءُ، سو کڻي بار کُهين
جا(1).
شاهه صاحب ٻئي صبح مخدوم صاحب وٽ ويو. ان وقت شاهه
صاحب سان راڳ لاءِ پنهنجا راڳائي فقير دنبورن سان
گڏ هئا. جيئن ته مخدوم صاحب شريعت جو پابند هو سو
سبب پڇيائين، جنهن تي شاهه صاحب عذر ڏيندي چيو ته:
اسان جي مجبوري آهي جو ’راڳ‘ اسان جي روحاني خوراڪ
بنجي چڪو آهي. مخدوم صاحب جن چيو ته: هِت بنا سازن
جي ڀل راڳ ٿئي ۽ ڀل ٻُڌو. شاهه صاحب قبول ڪيو ۽
دنبورا اندر ڪوٺي ۾ سنڀالي رکيائون. رات جو نماز
بعد جڏهن ٻاهران ويهي فقيرن وڏي سوز گداز سان راڳ
ڪيو ته اندر دنبورا وڄڻ لڳا. ان تي مخدوم صاحب چيو
ته: هيءَ هڪ نرالي حالت آهي ۽ شاهه صاحب بي ميار
آهي. ان موقعي تي شاهه صاحب هفتو کن مخدوم صاحب وٽ
ٽڪيو ۽ سندن پاڻ ۾ رهاڻيون ٿيون. مخدوم محمدي پاڻ
اويسي سلسلي جو وڏو شيخ ۽ ڄائي ڄم کان الله وارو
هو. هيءَ ملاقات غالباً شاهه صاحب جي زندگيءَ جي
آخري سالن 59- 1160هه ڌاري ٿي جڏهن مخدوم صاحب
اڃان 16- 17 سالن جو جوان هو.
§
چنيهه فقير اُڄڻ، کهڙن جو، جنهن وٽ شاهه صاحب ٽڪيو
جيئن مٿي بيان ٿي چڪو آهي. سندس کوهه تي لٿو هو ۽
اُن کوهه جا نشان کهڙن واري پڪي رستي کان فرلانگ
اوڀر طرف آهن.
§
سيد محمد بقا لڪياري (شهيد 1192هه)، جناب پير صاحب
محمد راشد ’روضي- ڌڻي‘ جو والد، جنهن سان شاهه
صاحب جي ملاقات ٿي ۽ هڪ ٻئي سان حجائتي گفتگو
ڪيائون. شاهه صاحب جي اها ملاقات مسافري ۾ کهڙن جي
شهر کان اڳتي ويندي ڪٿي ٿي(1)
جنهن
جو ذڪر سيد محمد بقا صاحب پوءِ پنهنجي هونهار
فرزند محمد راشد (1170- 1230هه) سان ڪيو. انهيءَ
ڪري محمد راشد صاحب جن شاهه صاحب جي چيل بيتن
ڏانهن توجهه ڪيو. هو سنڌ جو پهريون وڏو عالم ۽
قادري طريقي جو اڳواڻ هو جنهن سڀ کان اڳ شاهه صاحب
جي بيتن ۾ سمايل عارفانه فڪر کي سڃاتو ۽ ڪن کي
پنهنجي وعظ ۽ نصيحت ۾ بيان ڪيو جيڪي سندن ملفوظات
۾ موجود آهن.
§
پير موسن شاهه جيلاني، ’لوءِ مبارڪ‘ (گهوٽڪي) جو
عالم عارف ۽ سجاده نشين هو جنهن سنه 1101هه ۾
شاندار جامع مسجد جوڙائي ۽ مدرسو قائم ڪيو. شاهه
صاحب جڏهن ’لوءِ‘ ۾ آيو ته انهيءَ مسجد ۾ اچي ٽڪيو
جتي پير صاحب سان روح رهاڻ ٿي، جنهن ۾ شاهه صاحب
مارئيءَ جي سُر مان پنهنجا ڪي بيت پڙهيا جيڪي پوءِ
اُتي پيرن صاحبن وٽ يادگار رهيا. روايت موجب شاهه
صاحب جيڪو پهريون بيت پڙهيو ۽ جنهن پير صاحب تي
وڏو اثر ڪيو سو هيءُ هو:
زُمر زُخرف سومرا، حمد جني جو هنڌ
اهدنا الصراط المستقيم اهو پنهوارن پنڌ
باري لاهج بند، ته مِلان ماروئڙن کي(2).
§
مخدوم محمد هاشم صاحب (وفات 1172هه)، بلڙيءَ جي
ڀرسان بهرام پور ۾ رهندڙ هو جو شاهه صاحب جي ساڻس
ڏيٺ ٿي. مخدوم صاحب سان شاهه صاحب جي ڄاڻ سڃاڻ ۽
ملاقاتن جو سلسلو پوءِ ويندي 1153- 1154هه وارن
سالن تائين قائم رهيو. انهن سالن ۾ شاهه صاحب
ارادو ڪيو ته بلڙي ۾ ميين شاهه ڪريم جي مزار تي
قبو جوڙائي. مخدوم صاحب کي جڏهن خبر پيئي تڏهن
شاهه صاحب کي جهليائين ته قبو نه ٺهرائي، جنهن تي
شاهه صاحب عذر پيش ڪيو ته ميين شاهه ڪريم سان سندس
بي انتها محبت آهي انهيءَ ڪري ٿو قبو جوڙائي، پر
ان سان گڏ جامع مسجد به تعمير ٿيندي. اُن بعد
ملاقاتن ۾ ويجهائي ڪانه رهي، پر باوجود اُن جي
شاهه صاحب کي مخدوم صاحب لاءِ آخر تائين وڏي عزت
هئي(1).
§
درويش ڏاتار ڏنو بن درويش اسحاق سَڪَريو
(’ملاڪاتيار‘ وارن بزرگن جو وڏو جنهن جو ذڪر قانع
تحفة الڪرام ۾ آندو آهي) تنهن سان شاهه صاحب جي
گهڻي ڏيٺ هئي. جڏهن ميين شاهه ڪريم جي روضي ۽ مسجد
جي تعمير لاءِ شاهه صاحب ڪاشيءَ جي سِرن وٺڻ لاءِ
ملتان وڃڻ جو ارادو ڪيو ته درويش ڏاتار ڏنو (جيڪو
ملتان وارن بزرگن جو خاص مريد هو) ساڻس گڏجي ملتان
ويو هو. (هيءَ روايت ملاڪاتيار وارن بزرگن وٽ
مسلسل طور هلندي آئي آهي، ۽ راقم سان اُتي جي
سجاده نشين فقير ميين محمد اسحاق مرحوم پنهنجي
زباني بيان ڪئي).
§
مخدوم ڀاون شاهه، ملتان جي سهروردي غوثيه درگاهه
جو سجاده نشين، جنهن سان فقير ڏاتار ڏني سان گڏ
شاهه صاحب مليو ۽ صحبت ڪئي. اها ملاقات 1154-
1155هه وارن سالن ۾ ٿي هوندي.
§
ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي، عالم ۽ صوفي، مخدوم
محمد معين جو شاگرد هو ۽ خواجه محمد زمان لواريءَ
واري جو استاد هو. فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو ۽ شاعر هو
جنهن کي مير علي شير قانع ”جامع فنون ڪمال ظاهري و
باطني“ ڪري لکيو آهي، سو شاهه صاحب جي زندگيءَ جي
هن دور جي شروع ۾ ئي سندس معتقد ۽ مريد ٿيو ۽ سندس
اها ارادتمندي آخر تائين قائم رهي. هن پوءِ شاهه
صاحب جي ارشاد تي، شاهه حبيب جي وفات (1144هه)
توڙي ميين شاهه ڪريم جي درگاهه جي تعمير (سنه
1165هه) جون ابجد جي حساب سان فارسيءَ ۾ سهڻيون
تاريخون ڪڍيون.
§
خواجه محمد زمان (اول) لواري وارو، جيڪو شاهه
عبداللطيف جي مريد ۽ وڏي عالم ميان محمد صادق
نقشبندي ٺٽوي جو شاگرد هو، تنهن سنه 1150هه ۾
لواري کي وسايو، جتي پوءِ غالباً ڪڇ ڏانهن ايندي
ويندي شاهه صاحب ساڻس مليو ۽ ڪا گهڙي پاڻ ۾ اعليٰ
معرفت واري صحبت ڪيائون. خواجه صاحب ٺٽي مان ظاهري
توڙي باطني علم سان بهرور ٿي آيو هو، سو شاهه صاحب
کانئس پڇيو ته: ”فنا کان پوءِ به ڪو علم آهي؟“
جواب ڏيڻ بدران خواجه صاحب پاڻ سامهون سوال پڇيو
ته: ”فنا کان اڳ ڀلا ڇا آهي؟“ خواجه صاحب ان
ملاقات وقت نسبتاً جوان هو ۽ چاهيائين ٿي ته شاهه
صاحب سندس مريد ٿئي، پر شاهه صاحب وڌيڪ ڪونه ترسيو
۽ روانو ٿي ويو. خواجه محمد زمان جي نظر ۾ ”شاهه
صاحب هڪ اهلِ دل عارف هو جنهن جو قلب ذڪر الاهي ۾
مشغول هو.“ (ڪتاب ”مرغوب الاحباب“، تصنيف نظر علي
ٽالپور؛ لطف اللطيف، ص ص 75- 76؛ تذڪره مشاهير
سنڌ، جلد-3، ص 111- 113).
§
مير (سيد) محمد عطا اميرخاني ٺٽوي (وفات 3- شعبان
1178هه)، جڏهن کان شاهه صاحب جي صحبت ۾ آيو ته
پنهنجون تلخ طبع واريون عادتون ۽ مذهبي نفرتون ترڪ
ڪيائين، ۽ باوجود هڪ شيعه گهراڻي جي فرد هجڻ جي هو
صاف دل صوفي ٿي پيو. شاهه صاحب به پوءِ کيس گهڻو
ڀانئڻ لڳو ۽ ٺٽي ۾ بعضي وٽس وڃي ٽڪندو هو. سنه
1152هه ۾ شاهه صاحب وٽس اوطاقي هو جو اُتي حبيب
شاهه ڪلهوڙي نالي هڪ مجذوب درويش کي ستل ڏٺائين
جنهن ٻه ڏينهن ٻه راتيون پاسو ڪونه ورايو هو. تڏهن
سندس ڀرسان ويهي شاهه صاحب چيو ته: ’اي مست! توکي
جيڪي ننڊ ۾ حاصل آهي سو اسان جاڳندي پيا ڳوليون؛
اهڙي ننڊ تون ڪنهن کان سکئين!(1).
§
مخدوم محمد معين ٺٽوي. پنهنجي وقت جي چوٽيءَ جي
عالمن مان هو جنهن سان شاهه صاحب
جون زندگيءَ جي هن دور جي شروع کان وٺي محبت ڀريون
ملاقاتون ٿيون ۽ ويندي آخر تائين قائم رهيون.
مخدوم محمد معين پنهنجي وقت جو وڏو محقق ۽ فلسفي،
ابن عربي جي صوفيانه فڪر جو علمبردار، سالڪ صوفي ۽
’وحدت الوجود‘ جي نظريي جو وڏو حامي هو. هو ٺٽي جي
وڏي عالم مخدوم عنايت الله ۽ دهليءَ جي وڏي عالم
شاهه ولي الله جو ذهين شاگرد هو. تصوف ۾ نقشبندي
طريقي جي شيخ ۽ مرشد ميان ابوالقاسم نقشبندي ٺٽوي
جو مريد هو. شاهه عبداللطيف جو وڏو يار هو: بعضي
پاڻ ڀِٽ تي شاهه صاحب وٽ ايندو هو ۽ شاهه صاحب ٺٽي
۾ وٽس روح رهاڻ لاءِ ويندو هو. مخدوم محمد معين جي
ديني ۽ فقهي ڄاڻ تي شاهه صاحب جو وڏو ڀروسو هو جو
آڳاٽو ڏانهس ’اويسي طريقي‘ جي حقيقت سمجهائڻ بابت
خط لکيو هئائين. مخدوم محمد معين کي شاهه صاحب
لاءِ وڏي عزت بلڪ دلي محبت هئي ۽ سندس هر ارشاد جو
خاص لحاظ رکندو هو(1).
مخدوم
محمد معين سماع جو شائق ۽ ’شاهه جي راڳ‘ تي عاشق
هو، ايتري قدر جو آخر حياتي ۾ به ’شاهه جو راڳ‘
ٻڌندي مٿس حال پئجي ويو جنهن ۾ دم ڏنائين. مير علي
شير قانع ’تحفة الڪرام‘ ۽ ’معيار سالڪان طريقت‘ ۾
اهو واقعو هيٺين لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:
§
”ڀٽ تي شاهه صاحب پنهنجن فقيرن کي چيو ته: اچو ته
پنهنجي يار جو آخري ديدار ڪرڻ هلون. ائين چئي ٺٽي
۾ (مخدوم محمد معين وٽ آيو ۽ اتي) راڳ جي صحبت
(محفل) ڪيائين جنهن ۾ مخدوم (محمد معين) پڻ شامل
ٿيو. محفل جي عين گرمي ۽ ذوق واري وقت هو اُٿي
اندر ويو ۽ ٿوريءَ دير ۾ دم ڏنائين. سيد موصوف
(شاهه عبداللطيف) جنازي ۾ شموليت بعد ڀِٽ ڏانهن
موٽندي چيو ته: ٺٽي ۾ اچڻ سندن ڪري ئي ٿيندو هو-
هاڻي کانئس پوءِ ختم“ (تحفة الڪرام، جلد-3، مطبوع
دهلي، ص ص 229- 230).
”آخري عمر ۾ (مخدوم معين) به قدوة العارفين شاهه
عبداللطيف جي خذمت ۾ وڏي ارادي ۽ اخلاص وارو ٿيو.
شاهه صاحب کي به ٺٽي ۾ مخدوم صاحب جي صحبت نهايت
وڻي ويئي ۽ سندس ملڻ خاطر هو ٺٽي ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ
لڳو. مخدوم موصوف جي (حياتي جي) آخري ڏينهن ۾ شاهه
صاحب آيو ۽ اچي راڳ جي صحبت (محفل) ڪرايائين.
مخدوم کي اُن راڳ ٻڌڻ سان حال پئجي ويو، ايتريقدر
جو جان ڏيڻ کان سواءِ چارو ڪونه رهيو... (جڏهن)
سندس جنازو مڪلي ڏانهن پئي نيائون ته سيد (شاهه
عبداللطيف) پڻ پويان ڪانڌي ٿي پئي هليو...... شاهه
عبداللطيف جنازي سان ڪانڌي ٿيڻ بعد موٽندي، پنهنجي
ڪرامت ڀري زبان سان چيو ته: ”ٺٽي ۾ پنهنجي يار جي
الوداع خاطر هي اسان جو آخري ڀيرو اچڻ ٿيو.......“
(معيار سالڪان طريقت، قلمي).
ڀٽ تي هڪ جاءِ مقيم ٿيڻ وارو آخري دور (1161-
1165هه)
مخدوم محمد معين جي وفات سنه 1161هه ۾ ٿي جنهن جي
تصديق قانع جي ڏنل تاريخي ماده ”قطره در بحر واصل
شد“ مان ٿئي ٿي. وفات بعد مٿئين بيان مان ظاهر آهي
ته شاهه
صاحب کي وڏو غم
ٿيو جو چيائين ته سندس ٺٽي ۾ اچڻ جو هيءُ آخري
ڀيرو ٿيو ۽ دوست جي جدائي بعد هاڻي هو وري ٺٽي
ڪونه ايندو. ان وقت شاهه صاحب جي عمر 59 سال هئي،
۽ هو جيئن ’ڀِٽ‘ تي موٽيو ته وري ڪنهن ٻئي سفر تي
ٻاهر ڪونه ويو، ۽ زندگيءَ جو باقي عرصو ڀِٽ تي ئي
ياد الاهي ۾ فقيرن سان گڏجي گذارڻ جو پهه ڪيائين.
ان جي تصديق انهيءَ مان ٿئي ٿي جو هاڻي ڀِٽ تي،
اڳين مسجد واري جاءِ تي، هڪ وڏي ٽن گنبذن واري
جامع مسجد ٺهرائڻ شروع ڪيائين، جيڪا بکر جي ويٺل
عيدن رازي شاهه صاحب جي موجودگي ۾ سندس نظرداريءَ
هيٺ سنه 1162هه ۾ جوڙي راس ڪئي(1).
اها
ساڳي ٽن گنبذن واري مسجد اڃان تائين موجود آهي.
هالن پراڻن جي قاضي ابراهيم، شاهه صاحب جي ارشاد
موجب، مسجد جي تعمير جي تاريخ هيٺين منظوم مصرع
مان ڪڍي(2):
”نادري مسجد درين دوران چـﮣ زيبا دل رُبا“
شاهه صاحب هاڻي ڀِٽ تي ئي گوڏو ڀڃي ويٺو ۽ اُتي
همـﮣ تن عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول ٿيو. مير سانگي جو
هيٺيون بيان شاهه صاحب جي زندگيءَ جي انهيءَ آخري
دور جي عڪاسي ڪري ٿو:
”ڀِٽ واري جامع مسجد ۾ هميشه (= روزانو لازمي طور)
پنج ئي وقت نماز جا، جماعت سان ادا ڪندا هئا. نماز
۾ پاڻ آڏو امام نه ٿيندا هئا. حضرت شاهه عبدالڪريم
جي طريقي موجب، ٽي تسبيحون ذڪر جون صبح جي نماز ۽
ٻين نمازن وقت مقرر ٿيل هيون، جيڪي پڙهيون وينديون
هيون: پهرين تسبيح ”الله هو“، ٻي تسبيح ”الله
الله“، ۽ ٽئين تسبيح ”هُو هُو“. پاڻ اڪثر روزي ۾
هوندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته: ”(حقيقي) ’روزه
دار‘ اهو آهي جيڪو عيد جو محتاج ناهي، ۽ (حقيقي)
’عابد‘ اهو آهي جنهن ۾ ’انانيت‘ (’آءٌ‘) ناهي.
مسجد به ماڻهن لاءِ انهيءَ ڪري سجده گاه بني آهي
جو (منجهس خودنمائي ڪانهي ۽) پاڻ پُٺيري ٿي ٻين جو
منهن ڪعبي ڏانهن ڪيو اٿس“(1).
هاڻي شاهه صاحب جڏهن ڀِٽ تي ماڳائتو مقيم ٿيو ته
اُتي راڳ پڻ هر جمعي رات باقاعدگيءَ سان ٿيڻ لڳو،
جنهن ڪري ڀِٽ سندس مريدن ۽ معتقدن توڙي ٻين عام
مرادوندن جو مرڪز بني. راڳ ٿورو گهڻو اڳ به فقير
ڪندا هئا پر 1144هه ۾ شاهه حبيب جي وفات کان پوءِ
فقيرن راڳ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو. اُن کان پوءِ وارن
سورهن سالن جي عرصي ۾ راڳائي فقير وڏي سمجهه ۽ سوز
سان شاهه صاحب جا بيت ۽ وايون ڳائڻ لڳا. اهڙي
توجهه سان ’شاهه جو راڳ‘ هڪ اعليٰ ادارو بنجي ويو
۽ راڳائي فقير به راڳ ۾ وڏي ڄاڻ وارا ٿي ويا. تمر
فقير راڳ جو اڳواڻ هو، ۽ سيد تقي فقير، هاشم علي
فقير ريحاڻ پوٽو ۽ ٻيا سندس اڳواڻي هيٺ راڳ ڪندا
هئا. سڀني راڳاين فقيرن وٽ هاڻي دنبورا پڻ هئا، ۽
جيئن ته هر جمعي رات ’شاهه جو راڳ‘ خود شاهه صاحب
جي حاضري ۾ ٿيڻ لڳو تنهنڪري فقيرن جي ’راڳ واري
سڏ‘ ۾ وڏو درد ۽ اثر پيدا ٿيو جنهن جو غوغاء پري
پري تائين وڃي پهتو:
”لات جا لطيف جي، سڏ تنهن جو سُڄي“
هڪ طرف شاهه جي بيتن ۽ واين جي لفظن ۽ معنيٰ ۾
سمايل درد ۽ اثر، ته ٻئي طرف خود راڳائي فقيرن جو
راڳ ۾ سوز وارو ’سڏ‘- اُنهن ٻنهي جاذب جُزن جي
ميلاپ سان ’شاهه جي راڳ‘ ۾ وڏي ڪشش پيدا ٿي جنهن
هر جمعي رات ’ڀِٽ‘ تي محبتين جا ميڙا لڳائي ڇڏيا.
شاهه صاحب جو عشق ۽ عرفان، ڪل ڪائنات جي خالق جي
وحدانيت تائين پهچي چڪو هو، ۽ هاڻي خالق حقيقي سان
وصل کان سواءِ هن عارضي زندگيءَ واري وجود کي
بيسُود ڪري ٿي ڄاتائين. انهيءَ حق ۽ حقيقت جي
آگاهيءَ جو اظهار ان وقت ’سُر سنهڻي‘ جي ’وائي‘ ۾
ڪيائين جو چيائين ته:
”ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ري“
اڳ هلندڙ مسلسل روايت توڙي موجوده دور جي اعليٰ
عالمانه راءِ مطابق، انهيءَ وائيءَ جي لحاظ سان،
’سُر سنهڻي‘ آخري ڪلام هو جيڪو شاهه صاحب چيو(2).
شاهه صاحب لاءِ راڳ روحاني خوراڪ هو ۽ بالآخر راڳ
جي رَس ۾ ئي هيءُ جهان ڇڏيائين. پڇاڙيءَ واري وقت،
سندس ارشاد موجب، ٽي ڏينهن لاڳيتو راڳ ٿيندو رهيو
۽ شاهه صاحب پاڻ استغراق واريءَ حالت ۾ مراقبي ۾
ويٺو رهيو. جڏهن راڳ ۾ ذرا وقفو ڪيائون ته ڏٺائون
ته اُن مراقبي واريءَ حالت ۾ ئي شاهه صاحب جو روح
پرواز ڪري چڪو هو(1).
شاهه
صاحب جي اُستاد (ميين نورمحمد ڀَٽِي مرحوم) جي
فرزند ميين ولي محمد غسل ڏياريو(2)
۽
شاهه صاحب جي پنهنجي ارشاد موجب کيس اُن جاءِ تي
دفن ڪيائون جتي هن وقت سندس مزار آهي. هجري سال
1165 جي صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ هئي جو شاهه
صاحب وفات ڪئي. اها سندس پيارن فقيرن لاءِ هڪ وڏو
صدمو هئي جنهن کي ڪي فقير برداشت ڪري نه سگهيا ۽
انهيءَ غم ۾ گذاري ويا. ان وقت جي ٻن عالمن بزرگن،
قاضي ابراهيم هالائي ۽ محمد پناهه ’رَجا‘ نقشبندي
ٺٽوي، جيڪي ٻيئي شاهه صاحب جا معتقد هئا، تن سندس
وفات تي هيٺيان ’تاريخي قطعا‘ چيا جيڪي ان غمناڪ ۽
جانگداز واقعي جا يادگار آهن:
- قاضي ابراهيم هالائي هيٺئين قطعي ۾ ”رضوان حق“
جي لفظن مان وفات جو سال ڪڍيو:
شاهه صاحب ذوالمناقب سيدِ عبداللطيف
آن که قطبِ وقت خود بودست در مردانِ حق
چون ز جامِ ارِجعي مخمور نوشِ وصل شد
گفت مُلهم غَيب ربي رحلتش ”رضوانِ حق“
1165
- محمد پناهه ’رَجا‘ پنهنجن هيٺين ٻن شعرن جي
پوئين سٽ مان رحلت جو سال ڪڍيو:
زد نعره در فراق دگر کرد سينـﮣ چاک
”شد محو در مراقبـﮣ جسمِ لطيف پاک“
=
1165
گفت اين ”رَجا“ مريد سنِ ارتحال پير
”گرديد محو عشق وجودِ لطيف مير“
1165
مٿيون بيان شاهه صاحب جي زميني زندگيءَ جو هڪ
مختصر خاڪو آهي، جيڪو ڪن معتبر تحريري حوالن ۽
ڀروسي جهڙين روايتن ۽ تصديقي ٽاڻن مان اجاگر ٿئي
ٿو(3).
مگر
انهن جملي اهڃاڻن کان وڌيڪ پڌرا ڪي ٻيا آثار آهن
جيڪي شاهه صاحب جي سوانح حيات کي روشن ڪن ٿا. اهڙن
آثارن مان ’ڀِٽ‘ تي سندس مزار سندس خاڪي جسم جي
امانت گاهه آهي؛ بلڙيءَ ۾ ميين شاهه ڪريم جو قبو ۽
جامع مسجد، ۽ ڀِٽ تي شاهه حبيب جو قبو ۽ جامع مسجد
سندس جوڙايل عمارتن جا يادگار آهن. ’لال لئو‘،
’ڪنڊو‘ ۽ ڪي ٻيا ماڳ مڪان پڻ سندس زندگيءَ جي ماضي
وارن مرحلن جا نشان آهن. پر حقيقت ۾ ’شاهه جو
رسالو‘ ۽ ’شاهه جو راڳ‘ ئي حضرت شاهه صاحب جي
سوانح جا جيئرا جاڳندا باب آهن. رسالي ۾ محفوظ
سندس پنهنجو ڪلام، حضرت شاهه صاحب جي اعليٰ شاعري
۽ عارفانه بصيرت تي شاهد آهي. ساڳئي وقت اُهو سنڌي
ٻوليءَ جو دائمي دستاويز آهي. اهو ڄڻ الهامي ڪلام
آهي جيڪو شاهه صاحب جي عالمگير فڪر جو مظهر آهي،
اسلامي تعليم ۽ تلقين جو روح آهي، زندگيءَ جي
مختلف مرحلن ۽ موڙن تي انسان جي فطري جذبن ۽
احساسن جو عڪس آهي، ۽ اعليٰ انساني اخلاق ۽ ڪردار
جو آئينو آهي. ٻئي طرف ’شاهه جو راڳ‘ سنڌي
موسيقيءَ جو هڪ اهم تاريخي ادارو آهي، جنهن جو
شاهه صاحب پاڻ بنياد وڌو ۽ اُن جي تڪميل ڪئي- اهو
انهيءَ لاءِ ته درديلي ۽ مٺي آواز ۾ ڳايل سندس
بيتن ۽ واين ۾ سمايل حق ۽ حقيقت، فڪر ۽ هدايت جو
دلين تي خاص اثر ٿئي؛ اهڙو اثر جيڪو سالم دلين کي
وڌيڪ سنواري، ڪَٽيل دلين کي اُجاري، بلڪ مُين دلين
کي جياري.
(1)
ڀٽائي صاحب جي وفات بعد، 14 ۽ 16 صفر تي
سماع قائم ٿيو. 16- صفر واري سماع ۾ ٽن
سُرن يعني بلاول، راڻي ۽ حسيني مان بيت
پڙهندا آهن، ۽ 14- صفر واري سماع ۾ چئن
سُرن يعني پورب، ڪاموڏ، ڪارايل ۽ حسيني
مان بيت پڙهندا آهن.
(2)
و ازان وزيکه انس بـﮣ سرود گرفتند بمکان
شريف ماندن اختيار کردن و ذوق و شوق ما
فوق بـﮣ آن مي داشتند و ازان جوش تسکين
يافتند- والا“ نـﮣ مدامي بمحل گردي مصروف
بودند بعروج بسر مي بردند- وسرود براي
حصول نزول سببي شد. (لطائف لطيفي، فارسي
متن، راقم جي تصحيح سان شايع ڪيل شاهه
عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي ڪميٽي، ڀٽ شاهه،
1967ع ص- 101.
(3)
منقول است کـﮣ اکثر فقراء لطيفي کـﮣ سرودي
بودند تپ نوبت کردند. چون از ملالت و
ناهمواري طبع عاجز آمدند شکايت از بي
اعتدالي طبيعت بحضرت اولياء عرض
گذرانيدند. فرمان صدور يافت کـﮣ هر شب
آدينـﮣ بدرگاه پدر بزرگوار سرود لطيفي
بسرايند و کلام شريف بگويند. فقراء عمل
برحکم کردند صحت کلي يافتند. بعد از يک
پاس شب آغاز سرود مي کردند و بوقت صبح
صادق انجام مي نموند. وچون مدتي منقضي شد
در کردن سرود کاهلي و تساهلي نمودند. باز
بـﮣ علت تپ گرفتار آمدند. لابد مداومت
ساختـﮣ کـﮣ تاهنوز شب جمعـﮣ کلام کرامت
نظام مي سرايند (لطائف لطيفي، ص- 18).
(1)
’شاهه جي راڳ‘ جي شروعات ۽ پوءِ ان جي
دؤروار تاريخ تي راقم جي ڪتاب ”سنڌي
موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“ (1978ع ڇاپو،
صفحا 149- 245) ۾ تفصيل سان روشني وڌي
آهي. البت ان ڪتاب لکڻ وقت، شاهه حبيب جي
وفات واري سال تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ بدران،
گربخشاڻي واري ڏنل سال 1155هه تي ڀروسو
ڪيو ويو ۽ ’شاهه جي راڳ‘ جي شروعات ان سال
۾ ڄاڻائي ويئي جيڪو صحيح نه هو. صحيح سنه
1144هه آهي.
(1)
سنه 1355هه ۾ جڏهن سجاده نشين غلام حيدر
شاهه، لونگ فقير مهيسر جي فقيرن جي خذمت
ذريعي روضي جي مرمت ڪرائي تڏهن شاهه صاحب
جون لڳايل اصلوڪي ڪتبي واريون سرون لاهي،
ٻين سرن تي ڪَتبو لکائي لڳايائون. انهن
اصلوڪين سرن مان فقط تاريخ جي سال واري سر
مجاورن سنڀالي رکي ۽ اها راقم کي وڏي
مجاور صوف فقير ڏيکاري. ٻي هڪ سر بلڙي جي
ڪن ٻين دوستن وٽ هئي، ۽ وڌيڪ ڳولا سان
ٽريءَ سر جو ٽُڪر جنهن تي ”طفال“ جو لفظ
پڙهڻ ۾ آيو سا مون اداري سنڌالاجي جي
ميوزم ۾ حفاظت لاءِ رکائي. شاهه عبداللطيف
جو ميين شاهه ڪريم جي درگاهه جوڙائڻ بابت
تفصيل، منهنجي مضمون (”شاهه عبداللطيف جي
سوانح بابت وڌيڪ تحقيق ۽ معلومات“)، سماهي
مهراڻ بهار 2006ع ۾ ڏسڻ گهرجي.
(1) مير عبدالحسين خان ’لطائف لطيفي‘
(ص 32- 34) ۾ اها سڄي ڳالهه لکي آهي ۽ پڻ
سِر جو ذڪر ڪيو آهي ته: ”اما يک خشت بسمت
شمال دروازه مقابل روضـﮣ کريمي لطيفي
بديوار نصب کردند که بران لطيف نگاشت
بود.“ چٽي وضاحت ٿيل ڪانهي ته ڪهڙي ديوار
تي سِر هنئي ويئي، البت اڳتي هلي لکي ٿو
ته اصل سِر جتان ڪڍي ويئي، ان ساڳيءَ جاءِ
تي صاحبڏني شاهه ٻي سِر هڻائي جيڪا پيلي
رنگ تي نمايان آهي. جيڪڏهن صاحبڏني شاهه
ڪا سِر هڻائي هئي ته اها به سنه 1355هه ۾
غلام حيدر شاهه جڏهن لونگ فقير جي فقيرن
جي خذمت ذريعي مرمت ڪرائي ۽ اڀرندينءَ ڀت
تي ٻاهران نئين ڪاشي لڳي تڏهن پٽجي ويئي.
راقم ٻه ٽي ڀيرا ميين شاهه ڪريم جي روضي
توڙي اتران ان سان لڳ مسجد جي ديوارين کي
جانچي ڏٺو پر اهڙي ڪا سِر لڳل نظر ڪانه
آئي. البت مجاور حاجي صوف ميمڻ ٻڌايو ته
سندن وڏا چوندا آهن ته شاهه لطيف واري اصل
سِر جنهن تي ’لطيف‘ لکيل هو سا روضي جي
اڀرنديءَ ڀت جي ٻاهران، روضي جي در کان
اتر، ڀت جي بالڪل آخري اترئين ڪناري سان
ڪنڊ لڳ پر ذرا مٿي لڳل هئي. مير عبدالحسين
سانگي، هيءُ سڄو بيان حڪايتي رنگ ۾ شاهه
صاحب جي ڪرامت جي سلسلي ۾ آندو آهي. سندس
لکڻ موجب هڪ ته ميين شاهه ڪريم کي پاڻ تي
روضو منظور ڪونه هو ۽ انهيءَ ڪري جيڪو به
عمارت ٺهرائڻ خاطر اُتي بيٺل وڻ وڍيندو هو
تنهن کي نقصان رسندو هو، پر شاهه صاحب کي
ڪجهه ئي ڪونه ٿيو. ٻيو ته عبدالواسع شاهه
جي ان اڻ- سهائيندڙ هلت سببان (شاهه لطيف
جي رنجش جي ڪري) ٽن پيڙهين کان پوءِ سندس
اولاد ۾ گادي ختم ٿي ويئي ۽ اها ڦري محمد
صلاح شاهه جي اولاد ۾ آئي (لطائف لطيفي، ص
30-33). مير سانگي عمارت جي اندر واري
اُها جاءِ ڄاڻائي آهي جتي ’لطيف‘ جي نالي
واري سِر هنئي ويئي هئي، پر ڪَتبي جي
’درگاهه ڪريمي‘ واري سِر جو ذڪر ڪونه ڪيو
آهي. ان سر تي لکيل ڪتبي مان ظاهر آهي ته
اها روضي جي اندر ان اڳئين ڪتبي جي سر
هئي. هاڻي اُتي ساڳيو ڪتبو جيڪو لڳل آهي
سو پوءِ نئين سر لکايو ويو. شروعاتي تحقيق
دوران 1968ع ۾، ۽ وري ٻيهر سيپٽمبر 1987ع
۾، راقم اها سر ڏٺي ۽ ان جو فوٽو ورتو.
درگاهه جي مجاور حاجي صوف ميمڻ ان سِر کي
سنڀاليو آهي. هيءَ سِر شاهه عبداللطيف جي
هٿن جو وڏو يادگار آهي، جنهن کي وڏي
احتياط سان محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي.
(3)
ٻه ڀٽُون جيڪي ’واگهين جون ڀٽون‘ سڏجن، تن
مان اڀرندي طرف واري تي ڀٽائي صاحب جو
تڪيو آهي ۽ الهندي واري تي مخدوم صاحبن جي
مريدن مان هڪ درويش بهرم فقير جوڻيجي جي
تربت آهي، جيڪو ’بهرم بري‘ سڏجي.
(1)
ٻين ڪن ماڳن بابت پڻ روايتون آهن پر انهن
تي وڌيڪ غور جي ضرورت آهي.
(2)
ونهيين فقير سالاراڻي جي اولاد مان احمد
فقير، گل محمد فقير ۽ طيب فقير جيڪي
پاڪستان کان پوءِ ڪڇ مان سنڌ لڏي آيا ۽
شاهه جي رسالي جا ڄاڻو ۽ سالڪ هئا تن
(جؤنگي، لڳ چوهڙ جمالي، ۾ 22- اپريل 1962ع
تي ساڻن ڪيل تفصيلي ڪچهريءَ ۾) متفق طور
اها تصديق ڪئي. راقم جي استدعا تي گل محمد
فقير، شاهه صاحب جي قادري طريقي واري
ڪُلاه جيڪا پاڻ ونهيين فقير کي ڏني هئائين
۽ پوءِ سندس اولاد سنڀالي رکي هئي، سا مون
کي ڏني جنهن کي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ميوزم
۾ محفوظ ڪري رکيو ويو.
(1)
ٻاهڙ مير جي پريان تلواڙو سٽيشن کان ڏکڻ
سمن ۽ راهومن فقيرن وٽ ويو، جو اُتي پوءِ
فقير سماع ڪندا هئا، دعا گهرندا هئا ۽ بعد
۾ چيٽ جي مهيني ۾ ’لوڻي ندي‘ جي پيٽ ۾ سال
به سال ميلو ٿيڻ لڳو. ڳوٺ ’سُوڙهيار‘
(تعلقو ۽ ضلعو ٻاهڙمير) ۾ غوث جو خليفو
جمعو فقير شيدي ان پڇاڙي واري دور ۾ راڳ
ڪندو هو. ڳوٺ ’سانئون‘، برهان جو تڙ، اُتي
لنجا فقير دل دنبورن تي راڳ ڪندا هئا. ڳوٺ
’سينهار‘ جي غوثي جماعت جي راهومن مان
همير فقير راهومو راڳ ڪرائيندو هو. ڳوٺ
’هڙياريو‘ جي راهومن مان دائم فقير ۽
جامين فقير دنبورن تي راڳ ڪندا هئا.
’پاسرلو‘ ۽ ’سينهاڻي‘ ڳوٺن ۾ ڀنڀرا دل
فقير راڳ ڪندا هئا. انهن ماڳن جي راقم
گهڻن باخبر ماڻهن کان جيڪي ان طرف ويا ۽
رهيا هئا پڇي پڪ ڪئي. آخر ۾ مرحوم هوت
سمون، جيڪو هڪ وڏو سڄاڻ ۽ جهانديده شخص هو
۽ تازو هندستان مان لڏي آيو هو (جنهن سان
4- نومبر 1980ع تي ننگرپارڪر جي ڳوٺ ساجن
خاصخيلي ۾ تفصيلي رهاڻ ٿي) تنهن انهن ماڳن
مان گهڻن تي ڀٽائي صاحب جي وڃڻ واري روايت
جي تصديق ڪئي.
(2)
سالاراڻي جتن فقيرن جن شاهه صاحب جا اهي
آثار پاڪستان کان اڳ پاڻ ڏٺا، تن مان هڪ
کان وڌيڪ فقيرن راقم سان انهن آثارن جي
تصديق ڪئي. وڌيڪ اُتي جي پوڄارين ائين به
مشهور ڪري ڇڏيو هو ته شاهه صاحب ’نارائڻ
سر‘ مان ٽٻي هنئي ۽ اچي ڪوٽيسر جي مندر
مان نڪتو!
(3)
ٻي پڙهڻي:
ايءَ پنڌ آڳاهون، ڪي ڪاهي رسئا ڪاپڙي.
ــــ
ايءَ پنڌ آڳاهون، جت نانگا گڏئا ناٿ کي.
(1)
ميين شاهه عنات ۽ شاهه عبداللطيف جي تعلق
بابت وڌيڪ ڏسو راقم جو ڪتاب ”ميين شاهه
عنات جو ڪلام“؛ مطبوع سنه 1963ع، مقدمو
صفحا 89- 106، خاص طرح صفحا 89- 90، 96 ۽
106. ان ڪتاب جي مقدمي لکڻ ۽ ڇپجڻ بعد
ميين شاهه عنات جي وفات جو سال (1133هه)
پڪيءَ طرح معلوم ٿيو.
(2)
ميين صابر جو ’تحفة الڪرام‘ (جلد-3، مطبع
ناصري دهلي، ص- 166) ۾ ذڪر آهي. شاهه لطيف
جي ساڻس ملاقات بابت ڏسو ’لطائف لطيفي‘
(ص- 162)، ’لطف اللطيف‘ (ص- 88) ۽ ’تذڪره
مشاهير سنڌ‘، جلد-3، ص ص 265- 267.
* هي ملاقات غالباً هن دور جي آخري سالن
1155- 1160هه ۾ ٿي. مخدوم عبدالرحيم
گرهوڙي ان وقت شاگرد هو، چوٽيارين ۾
پڙهندو هو ۽ ميين محمد مبين کي ’ابو‘ ڪري
سڏيندو هو. شايد مانيءَ وقت هو خدمت ۾
موجود هو جو جنهن پيالي ۾ شاهه صاحب پاڻي
پيتو سو گرهوڙي صاحب سنڀالي رکيو. ٻيءَ
روايت موجب اهو پيالو شاهه صاحب پاڻ کيس
ان موقعي تي يا ٻئي موقعي تي ڏنو هو جيڪو
هن پوئين ويجهي دور تائين گرهوڙ ۾ سيدن وٽ
حفاظت سان رکيل هو (لطف اللطيف، ص- 190).
(3)
ڪوٽڙي ڪبير جي مخدومن عالمن وٽ مسلسل طور
هلندڙ روايت، جنهن جو ذڪر راقم سان پهريون
ڀيرو هن خاندان جي سربراهه مرحوم غلام
قادر فيبروري 1968ع ۾ ڪيو. بعد ۾ 1985ع ۾
موجوده جانشين ميان غوث محمد گوهر جي
معرفت راقم ڪي ڪاغذات ڏٺا جن مان معلوم
ٿيو ته مخدوم محمد سنه 1165هه ۾ حال حيات
هو. راقم مسجد ۽ لئي واري جاءِ پڻ ڏٺي ۽
وڌيڪ پڇا ڪئي، جنهن تي معلوم ٿيو ته شاهه
صاحب جڏهن مخدوم محمد وٽ ايندو هو ته
عبدالرحيم ڦلپوٽو ڪوري فقير سندس خاص خذمت
۾ رهندو هو. هن فقير جي پوين وٽ ان وقت جي
هڪ ’ٿالهي‘ وڏي حفاظت سان رکيل آهي (جو
ڀانئجي ٿو ته ڀٽائي صاحب ان ۾ ماني کاڌي
هئي) جيڪا راقم کي ميان محمد اسماعيل (عمر
85 ورهيه) ڏيکاري.
(1)
هيءَ ڳالهه کهڙن جي مخدومن عالمن وٽ مسلسل
طور هلندي آئي آهي ۽ پڻ وڏي عالم مخدوم
محمد عاقل (چوٿون) پنهنجي ڪتاب ’تاريخ
آئينـﮣ جهان نما‘ (قلمي) ۾ آندي آهي. راقم
سان ان جو ذڪر پهريائين استاد محترم مخدوم
امير احمد ڪيو، جنهن کي پوءِ ’تحفة
الڪرام‘ جي سنڌي ترجمي (مطبوع سنڌي ادبي
بورڊ، 1957ع، ص ص 228- 240) جي حاشي ۾ پڻ
آندائين. مخدوم صاحب جن ائين به چيو ته:
شاهه صاحب پاڻ ٺِڪَر جي ٽُڪر تي اڱر سان
اهي سٽون لکي موڪليون هيون. کهڙن ۾ آءٌ
وٽن ويس ته مون کي اها ڪوٺي واري جاءِ پڻ
ڏيکاريائون (جيڪا جامع مسجد جي ٻاهرئين
دروازي لڳ هئي) جتي شاهه صاحب ٽڪيو هو.
مولوي دين محمد وفائي پڻ لطف اللطيف‘ (ص ص
81- 82) ۾ شاهه صاحب جو مخدوم محمدي وٽ
وڃڻ وارو بيان ’تاريخ آئينـﮣ جهان نما‘ جي
حوالي سان آندو آهي.
(1)
’لطائف لطيفي‘ (ص 79) ۾ مير عبدالحسين خان
سانگي هن ملاقات بابت لکيو آهي، ۽ پڻ
مولوي دين محمد وفائي ’لطف اللطيف‘ (صفحا
84- 85) ۾ ان کي بيان ڪيو آهي.
(2)
راقم کي هيءَ روايت گهوٽڪي ۾ اعتبار جهڙن
صاحبن کان ملي، ساڳي روايت پوءِ عادلپور ۾
پڻ ملي پر البت ’مارئيءَ جي سُر‘ مان انهن
بيتن جو سلسلو بدليل هو.
(1)
وڌيڪ مخدوم محمد معين جي بيان هيٺ ڏسو.
مير عبدالحسين خان سانگي ’لطائف لطيفي‘ (ص
ص 100- 101) ۾ جيڪا حڪايت آندي آهي ته
مخدوم محمد هاشم راڳ بند ڪرائڻ لاءِ شاهه
صاحب وٽ (ڀٽ تي) آيو هو جو دنبورا ڪوٺي ۾
بند ڪرڻ جي باوجود وڳا، سا صحيح ناهي. اهو
سازن جو خودبخود وڄڻ وارو واقعو تڏهن ٿيو
جڏهن شاهه صاحب کهڙن ۾ مخدوم محمدي وٽ
مهمان هو. مخدوم محمد هاشم جي منع ڪرڻ
واري روايت بابت ڪن بيانن ۾ ائين ڄاڻايل
آهي ته مخدوم صاحب چيو ته: ”شرعي لحاظ کان
خود ميين شاهه ڪريم پڻ پنهنجي قبر تي قبي
جوڙائڻ کان منع ڪئي هئي.‘ ميين شاهه ڪريم
جي ڪيل منع جو اهو ذڪر ’لطائف لطيفي‘ ۾
آندل آهي.
(1)
مخدوم محمد معين ۽ مخدوم محمد هاشم جا
ديني مسئلن تي هڪ ٻئي سان سوال جواب ٿيندا
هئا (تحفة الڪرام، 3x229).
هڪ ڀيري ڪنهن خاص مسئلي جي اهميت سببان
مخدوم محمد هاشم پاڻ مخدوم محمد معين وٽ
اچڻ جو ارادو ڪيو، ۽ هو جنهن وقت آيو تنهن
وقت شاهه صاحب به مخدوم محمد معين وٽ ويٺل
هو. ٻاهران دروازي کان جيئن ئي مخدوم محمد
هاشم اندر گهڙيو ته
شاهه صاحب کيس ڏسي مخدوم محمد معين کي چيو
ته: ”اڄ مخدوم صاحب کي ڪوبه رد ڪد نه ڏجؤ
جو سندس پيشاني تي نبي ڪريم (صلعم) جي
ڇانو آهي.‘ اهو ٻڌي، جيئن مخدوم محمد هاشم
آيو ته مخدوم محمد معين سندس آجيان ڪئي ۽
چيائينس ته: انهيءَ مسئلي تي اوهان سان
اسان جو ڪوبه اختلاف ناهي. پوءِ مخدوم
صاحب کي در تائين اماڻي آيو. (مشهور روايت
جيڪا ملاڪاتيارن جي بزرگ فقير ميين محمد
اسحاق پڻ راقم سان پنهنجي زباني بيان
ڪئي).
(1)
لطائف لطيفي ۾ آندل بيان موجب، شاهه صاحب
ان مسجد جو بنياد رکيو ۽ اها شاهه صاحب جي
موجودگيءَ ۾ سندس روبرو جڙي: ”مسجد معلي
روبروي والاتبار نمونـﮣ پسنديده تيار
شد“(ص- 29) ”عيدن معمار ساکن بکهر مسجد
مطهره روبرو اولياء صاحب بر ڀٽ شريف
ساختـﮣ بود.“ (ص- 171) بنا کرده شاه
والاتبار- کـﮣ شد روبروي مُعليٰ تيار (ص-
26). شاهه جو روضو به پنج سال پوءِ عيدن
رازي جوڙيو.
(2)
قاضي ابراهيم پوءِ شاهه صاحب جي وفات جي
تاريخ پڻ ڪڍي. مسجد جي جُڙي راس ٿيڻ جي
تاريخ واري اها سِرَ ضرور مسجد ۾ ڪٿي
لڳائي ويئي هوندي پر هن وقت موجود ناهي.
شايد ورانڊي جي ٺهڻ يا ٻين تعميري تبديلين
وقت اها سر لاٿي ويئي جو پوءِ وري لڳائي
ڪانه ويئي. مسجد جي تعمير بابت قاضي
ابراهيم جي منظوم ڪيل اها تاريخي مصرع
راقم کي ولهار جي ڪتبخاني جي ڪُهنن ڪاغذن
۾ هيٺين طور لکيل ملي.
”تاريخ عمارت مسجد غواصِ بحرِ حقيقت سيد
شاهه عبداللطيف جيو عليـﮣ الرحمة قدس الله
سره العزيز
بطريق مصرع: ”نادري مسجد درين دوران چه
زيبا دل ربائي“
1151
هن لکت ۾ سال وارو عدد 1162 بدران 1151
آهي جيڪو صحيح ناهي، ۽ لفظ ’ربائي‘ پڻ
صحيح ناهي جو ان سان مصرع جو وزن ٽُٽي ٿو.
صحيح ”دل ربا“ آهي، ابجد جي حساب سان:
(نادري= 265، مسجد= 107+ درين=264+ دوران=
261+ چـﮣ= 8+ زيبا= 20+ دل= 34+ ربا=
203=) 1162 بيهي ٿو.
(1)
لطائف لطيفي، صفحا 97، 102 ۽ 127.
(2)
اڳ هلندڙ روايت مير عبدالحسين خان سانگي
’لطائف لطيفي‘ (صفحو 182) ۾ آندي آهي ۽
موجوده دور جي اعليٰ عالمانه ۽ سالڪانه
راءِ علامه آءِ. آءِ قاضي جي آهي جيڪو پاڻ
فڪر ۽ نظر جو صاحب، علم ۽ فيض جو سرچشمو ۽
خاص طرح شاهه جي فڪر ۽ عرفان جو وڏو ڄاڻو
هو.
(3)
ڪن ٽاڻن اهڃاڻن جي وڌيڪ تحقيق اڃان باقي
آهي. في الحال ’رسالي‘ جي مقدمي طور ايتري
قدر هيءُ مختصر خاڪو مرتب ڪيو ويو آهي.
14- صفر 1165هه وفات واري تاريخ 2 جنوري
1752ع جي برابر بيهي ٿي.
|