سيڪشن: لطيفيات

ڪتاب: شاهه جو رسالو

باب:

صفحو:36 

وائي -1

پُنهون پِريشانُ، ٻَرِ ٻَرِ! نَه ڪو خانُ نه مانُ

هَئي هَئي حالُ مُنهِنجو!

مون کي بُکَ بوتَنِ جِي، ناقي ڀانيان نانُ

شَهرُ صِحرا ڀانئِيان، مون ليکي مَيدانُ

رُئان ٿِي رُڃنِ ۾، آرِيءَ لَئي عُريانُ

پٽيان مُنہُ پَسَڻَ لَئي، هِتي ٿِي حيرانُ

آهي آرِيءَ ڄامَ جو مون کي ڪارِي ڪانُ

ديوانِيءَ کي دِلِ ۾، سُورَنِ جو سامانُ

وِجهِجِ پِڪَ پينارَ تي، پِرِيَمِ کائِي پانُ

ڪَڏِهن ٿيندو ڪيچَ ۾، مُٺِيءَ جو مَڪانُ

آهِين   عبداللطيفَ   چَئي،   آرياڻي   اڳوانُ. [1771]

سمجهاڻي: هاءِ! هاءِ! (افسوس ۽ افسوس) پنهون هُتي (جَت کنيو ٿا وڃن) آءٌ هتي پريشان. اتي هو ٻين جي وس. نڪو رهيو هو خان ته نڪو رهيو سندس مان! هئي هئي! هتي منهنجو هي حال مان پنهونءَ جي اُٺن کي ڏسان ٿي ته ڄڻ مون کي طعام ملي ويو ۽ منهنجي بک لهي ٿي وڃي (گويا مون کي اُٺن جي ئي بک آهي ۽ اهي ئي منهنجي خوراڪ آهن). مون کي سڄو شهر هڪ بيابان ۽ ميدان وانگر پيو لڳي. آءٌ  آريءَ ڄام لئه بنا ڪنهن شرم حيا جي پڌرو پيئي رئان ۽ رڙان. مان هن کي ڏسڻ لاءِ پنهنجو منهن مٿو پيئي پٽيان ۽ هٿ هڻان. مون کي واقعي آريءَ ڄام جو قهري ڪان يعني هنڌائتو تير لڳل آهي، هاڻي منهنجي ديوانيءَ دل ۾ دردن جو ديرو آهي. اي منهنجا، سڄڻ سائين، هن سائل تي پنهنجي چٻاڙيل پان جي پِڪ ئي وجهو. هيءَ مصيبت جي ماريل الائجي ڪڏهن وڃي ڪيچ پنهنجي گهر پهچندي. عبداللطيف چوي ٿو، اي سائين، تون ئي منهنجو اڳواڻ ۽ رهبر رهنما آهين.

[مثنوي روميءَ ۾ ساڳئي مطلب وارا هيٺيان شعر ڏسي سگهجن ٿا: پهريائين ’خان مان‘  وارو اصطلاح ڏسو جيڪو مثنوي روميءَ ۾ ڪيترائي دفعا ڪم آيو آهي، پر هڪ درويش جي دعا ۾، هن طرح اچي ٿو.

چو ستد زو نان بگفت اي مستعان،

خوش به خان و مان خود بازش رسان.

(دفتر شتم، ب-1238)

معنيٰ: جڏهن هن ماني ورتي ته چيائين، اي خدا، هن کي پنهنجي گهر وارن ڏانهن سٺي نموني موٽاءِ!

ٻي سٽ جي پس منظر طور مثنويءَ جو هي شعر ڏسڻ وٽان آهي:

جان  ز  هجر  عرش  اندر فاقه اي،

تن، ز عشق خار بن، چون ناقه  اي.

            (دفتر چهارم، ب- 1543)

معنيٰ: (انسان جو) روح عرش يا عالم بالا جي جدائي ۾ فاقن يعني بکن ۾ آهي، پر ظاهري جسم ڪنڊن جي عشق ۾ اُٺ وانگر مست آهي.

وائيءَ جي ٻي سٽ ۾ ’نان‘ لفظ به اچي ويو آهي. روميءَ جي فڪر مطابق کاڌي جي لذت خواهش يا بک ۾ هوندي آهي ۽ نه کاڌي ۾:

از حلاوتها که دارد جور تو،

وز لطافت کس نيايد غور تو.

في المثل جورت اگر عريان شود،

گر جهان گريان بود خندان بود.

(دفتر اول، ب- 69-1568)

معنيٰ: تنهنجي جور ۽ جفا ۾ جيڪو مٺاڻ ۽ لذت آهي، ان تائين ڪنهن جو خيال نٿو پهچي، جيڪڏهن تنهنجو اهو جور ظاهر (عريان) ٿي پوي ته روئيندڙ جهان کل خوشيءَ ۾ اچي وڃي]


 

وائي

آءٌ ٿِي ڇُلان ڇَپَرين،

جان ٻاروچي ٻاجَهه گهَڻِي

آئُون پنهنجي پِرينءَ سِين، وِيندِيَسِ واڳَ وَڻِي

مَرُ جان پوئيمِ مُنہَ ۾ سَندِي پِرينءَ پَڻِي

ڪانهي هِنَ ڀنڀورَ ۾، ڌاران تو تَڻِي

تورِيءَ تيلُ نه پائِيان، نَڪا سِينڌ ڦَڻِي

ڪَندِيَسِ وَسُ وِندُرَ ۾ ميڙيندومِ ڌَڻِي

هَٿان هَڏِ نه ڇَڏيان، آرِيءَ جي اَڻِي

آهي هوتَنِ هَٿَ ۾ سَندي جِيءَ جَڻِي

ڪِينَ وِرِمِئا وِچ ۾، جهُلِئا جهُنڊَ هَڻِي

مون کي ڪوٺيو پاڻَ ڏي هاديءَ هٿُ کَڻِي

پنهونءَ ڌاران پَٻَ ۾، ٻيلِي ناهِ ٻَڻِي

جَتَنِ  ڇَڏِي  آهِيان،  ڇَڏِ  مَ  ڪيچَ  ڌَڻِي. [1772]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) آءٌ  انهيءَ ڪري ٿي ڇپر ۾ ڇُلان، پهاڙ ۾ پنڌ ڪريان، جو مون تي ٻاروچن جي گهڻي ٻاجهه ۽ مهرباني آهي. مان پنهنجي محبوب سان، بلڪه هن جي اُٺ جي واڳ (مهار) سان ٻَڌجي يا ان کي وٺي گڏ وينديس، ڀلي هلندي ۽ واٽ ويندي منهنجي منهن ۾ سندس پيرن جي اڏاميل مٽي يا دز پوي. هن هيڏي ڀنڀور جي شهر ۾ تو کان سواءِ مون لاءِ ٻي ڪا ڪشش يا ڇڪ ڪانهي. مان توکان سواءِ تيل ڦليل ۽ سينڌ سرمو ڪونه ڪنديس. آءٌ وِندر ويندي  پنهنجو پورو وس ۽ ڪوشش ڪنديس ۽ اميد اٿم ته ڌڻي مون کي هن سان ملائيندو. آءٌ آري سڄڻ جي رڪيب کي هٿان ڪونه ڇڏينديس. منهنجي جيءَ جو جياپو هوت ٻروچ ئي ته آهي.

هو واٽ تي وچ ۾ ڪٿي ڪونه بيـٺا ۽ ترسيا بلڪه هو جهُنڊ هڻي پاڻ لڪائي سوار ٿي هليا ويا. مون کي هن سڄڻ سائين پاڻ مهرباني ڪري سڏيو آهي. هن ٻيلي جي واٽ توڻي پٻ جي پنڌ ۾ هن کان سواءِ منهنجو ڪير به ساٿي سنگتي نه آهي. مون کي اُٺن وارا ڇڏي ويا آهن، پر اي ڪيچ جا مالڪ (سڀ جا سائين) تون مون کي ڇڏي نه وڃجانءِ.

 

داستان ڇهون

 

1

ڏيکارِيوسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِرِيَنِ جو

سُونهائي سُورَنِ، ڪي هيڪاندِي هوتَ سِين. [1773]

سمجهاڻي: اُهي ڏک ڏولاوا  ئي هئا جن سسئيءَ کي پرينءَ جو پيچرو يا راهه ڏيکاري. سورن ئي سندس رهبري ڪئي ۽ کيس هوت پنهونءَ سان وٺي وڃي ملايائون.

[رومي مثنويءَ ۾ غم ۽ رنج، دک ۽ درد کي محبوب جي ملاقات جو لازمي ذريعو قرار ڏئي ٿو:

شاد از غم شو که غم دام لقاست،

اندرين ره سوئي پستي ارتقاست.

(دفتر سوم، ب- 509)

معنيٰ: تون غم ملڻ سان خوش ٿيءُ جو اها يار سان ملاقات جي ڪوڙڪي آهي. هن رستي تي پوئتي وڃڻ ئي مٿانهين تي پهچڻ آهي.]

2

سُورَ مَ ڏِيهِمِ ڌُوڻَ، آءٌ اَڳهِين ڪانهرِي

جا پَرِ پاڻِيءَ لُوڻَ، سا پَرِ مُنهِنجي جِندَڙي. [1774]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي سور، تون مون کي ڏکيا لوڏا نه ڏي، آءٌ  اڳي ئي ڏاڍي ڪمزور ٿي چڪي آهيان. (توکي شايد خبر ناهي) جيئن پاڻي لوڻ کي ڳاري چٽ ڪري ڇڏيندو آهي، تيئن منهنجو جسم به سورن ۾ ڳري ختم ٿي چڪو آهي.

3

سُورَ مَ وَڃيجاهُ، سَڄَڻَ جِئن سانگِ وِئا

پِرِينِ  پُڄاڻاهُ،  آءٌ  اوهان  سِين  اورِيان. [1775]

سمجهاڻي: اي (پنهونءَ جي جدائي ۾ مليل) سور، تون (گهٽ ۾ گهٽ) مون کي ائين اڪيلو نه ڇڏي وڃجانءِ، جيئن منهنجا پيارا پرين مون کي ڇڏي پاڻ هليا ويا. (توهان کي خبر آهي) مان پنهنجي پرينءَ جي وڃڻ کان پوءِ توهان سان ئي ته دل وندرايان ٿي (توهان ئي ته مون سان گڏ آهيو ۽ منهنجا ساٿي آهيو).

4

سُورَنِ سانگهارو، ڪَڏِهن تان ڪونه ڪِئو

آيَلِ اوڀارو، ٻائِڙَوَڌو ٻوڙَ وَهي. [1776]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) منهنجا سور ڪڏهن به ڪين گهٽيا يا اُنهن ۾ ڪو وقفو ڪونه پيو. اي امڙ، جيئن کوهه ۾ آيل چاڙهه جي ڪري (جيئن نيسرن مان) ٻائڙ ٻوڙ پاڻي پيو نڪرندو آهي، ساڳي حالت منهنجي سورن جي آهي.

5

مُٺِ مٺِ سُورَنِ سَڀَڪَهِين، مون وَٽِ وَٿاڻانِ

ڀَريون ڪِئو ڀُوڻانِ، وِئا وِهائُو نِڪَرِي. [1777]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) هر ڪنهن وٽ ٿورا (مُٺ ۾ اچڻ جيترا ۽ ڳاڻ ڳڻيا) سور آهن، مگر مون وٽ اُنهن جو ڍڳ آهي. آءٌ  اُنهن جون ڀريون ٻَڌيو (مٿي تي) کنيو پيئي هلان ۽ واجهايان، پر ڪوئي خريدار (قدردان) ڪونه ٿو ڏسجي.

6

سُورَ نه ساڱاهِينِ، ڏِينِ اُڌَما اوچتا

مون کي مون پِرِينِ جا اَڻ مَيا آهِينِ

لَڄُون جي لاهِينِ، سي مون گُوندَرَ گَڏِئا. [1778]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) منهنجا سور ڪڏهن به گهٽجڻ وارا نه آهن، بلڪه اوچتو پاڻهي اهي سور اُڀامي ٿا اچن، وري اُهي سور مون کي پنهنجي محبوب وٽان اڻ کٽ انداز ۾ مليل آهن. منهنجو واسطو اهڙن عجيب سورن سان پيو آهي، يا منهنجا سور اهڙا نرالا آهن، جيڪي ماڻهوءَ جو حيا شرم به ختم ڪري ٿا ڇڏين.

7

سانگهارو سُورَنِ، ڪَڏهِن تان ڪونه ڏنو

ٻائِڙَ ٻوڙَ وَهَنِ، ڪالهُوڻِئان اَڄُ گهَڻا. [1779]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) منهنجي سورن ۽ دردن ۾ ڪابه گهٽتائي ڪانه ٿي ٿئي، اُهي نار جي (ٻائڙ- ٻوڙ) تار پاڻيءَ وانگر سدائين هڪ ڪرا ٿي پيا وهن، اُهي ڪالهه پاڻ گهٽ هئا ۽ اڄ ان کان وڌيڪ آهن.

8

سُورَنِ لَڌو سَجههُ، پاڻَهِين پيهِي آئِيا

ڪِنہِ کي ڏِيان مَنجههُ، مَرُ ٿا چُڻِڪَنِ چِتِ ۾. [1780]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) سُورن کي سولو وجهه ملي ويو جو منهنجي اندر ۾ پاڻهي گهڙي اچي ويهي رهيا. هاڻي آءٌ  اهو راز ڪنهن کي ٻڌايان ته اهي مون کي ذري ذري ڏکن ۽ ڏکوئن ٿا يا ايذاءُ جا ڌڪ پيا هڻن (منهنجي دل ۾ پيا ٿا هُرن)

9

سُورَ مَ مَٽِجِ ساءُ، آءٌ نَوِڪَڻِي آهِيان

وَڃيجُ مَ ويلَ ڪَهِين وِرِهِ مون وَٽاءُ

تون پُڻ تَڏِهن جاءُ، جَڏِ ٿِيان هيڪاندِي هوتَ سِين. [1781]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي سُور، تون مون کان پنهنجي لذت کسي نه وٺ (تون پنهنجي تيزي ۽ تِک نه گهٽائج). آءٌ  تنهنجي سڪايل ۽ هيراڪ آهيان. اي درد، تون مون کان هڪ گهڙي به پري نه ٿيءُ، بلڪه تون پڻ ان وقت هليو وڃجانءِ، جڏهن مان پنهنجي هوت پنهونءَ سان ملي وڃي هڪ ٿيان.

10

سُورَ به ڀَتَئُون ڀَتِ، هِيءُ چُڻِڪِئو ڪِين ٻِئو

پريتَڻِي پِرين جي، ماءُ مُنجهايَمِ مَتِ

ڀينَرُ ڀَلِيءَ ڀَتِ، لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو. [1782]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) منهنجا سور ڪيترن ئي قسمن جا آهن (الائجي ڪيترا ۽ ڪهڙا آهن) ۽ هيءُ سور به ساڳئي قسم جو آهي، يا ڪنهن ٻيءَ طرح جو آهي؟ اي امڙ، پياري پرينءَ جي محبت منهنجا هوش حواس گم ڪري ڇڏيا آهن. اي ڀيڻ، مون کي هوت ٻروچ جي محبت جو تير چڱيءَ ريت دل ۾ چُڀي چڪو آهي.

11

لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، اَمَڙِ جهَلِ مَ مُون

سَڀِ رَڱِيندِيسِ رَتَ سِين ڪيچان اوري ڀُون

مادَرِ مَٿان مُون، ڪانگَ لَمَندا ڪَڏِهِين. [1783]

سمجهاڻي: اي امڙ، منهنجي اندر ۾ هوت ٻروچ جي محبت جو تير لڳي چڪو آهي. تون هاڻي مون کي وڃڻ کان نه جهل نه پل، مان ڪيچ پهچڻ کان اڳ ئي واٽ تي سموري زمين کي پنهنجي رت سان رڱي ڳاڙهو ڪري ڇڏينديس. او امڙ (مون کي لڳي ٿو) منهنجي مڙهه کي کائڻ لاءِ مٿان ڪنهن وقت ڪانون جا لامارا هوندا.

12

لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، ڪَرَها ٿِئا قَزاقَ

اَهُکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَيَنِ پوءِ مَ ماڪَ

اَکَڙِينِ خوراڪَ، پَسَڻُ پَرَڏيهِيَنِ جو. [1784]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) هيڏانهن منهنجيءَ دل ۾ هوت پنهونءَ جي عشق جو تير اچي لڳو آهي، هوڏانهن اُٺ به مون لاءِ ڦورو ڌاڙيل بنجي پيا آهن (جو مون کان پنهون کسي ويا). (مگر منهنجي دعا آهي) شل اُنهن اُٺن جو واٽ ويندي ماڪ سان واسطو نه پوي، ڇو ته اها اُنهن جو هلڻ ڏکيو ڪندي آهي (ماڪ پوندي ته پٿر تي سندن پير ترڪندا). منهنجي اکين لاءِ وڏو طعام يا خوراڪ اُنهن پرديسين ۽ سڄڻن جو ديدار ئي آهي.

13

ڏَنءُ لَڳو، ڏُونگَرُ ٻَريو، ڀينَرُ کاڻِي ڀُون

مَنَا  لاٿو  مون،  سندو  جِيَڻَ  آسرو. [1785]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) جڏهن مون کي عشق جي وڏي باهه وڪوڙي ويئي ته ان جي ڪري جبل به باهه وانگر ٻرڻ لڳو ۽ اي منهنجي ڀيڻ، تڏهن زمين به سڙي ويئي. (اها حالت ڏسي) مون پنهنجي دل ۾ حياتيءَ تان هٿ کڻي ڇڏيو (ته هاڻي آءٌ  ڪين بچنديس).

14

ڏُکويُون ڏيها، جيڪُسِ لَڏي ويئِيُون

هاڻي ڪَنِ مُلا، پُڇان پِرينِ خَبَروُن. [1786]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) مان پڪ سان ٿي چوان ته ملڪ مان ڏکويل ۽ ستايل مري کپي ويون آهن، هاڻي (جڏهن اُهي آهن ئي ڪونه) آءٌ ڪنهن کان وڃي پنهنجي پرينءَ جون خبرون چارون پڇان! (محبوبن جي خبر درد وارين وٽ ئي هوندي آهي).

15

ڏُکيون جان نه مِڙَنِ، تان تان ڀَنَڻُ نه ٿئي

ٻِيُون هُنهِين هَٿَ هَڻَنِ، رُئنديون رُئَڻَ وارِيُون. [1787]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) جيستائين درد فراق جون ماريل (جيڪي پيارن کان وڇڙيل آهن) هڪ هنڌ اچي گڏ نٿيون ٿين، تيستائين وڏو روڄ راڙو (اصلي غم ۽ اندوهه جو اندازو) نٿو ٿي سگهي. باقي جيڪي ٻيون اُتي اچي ويهن ٿيون، اُهي خالي- پيلي پاڻ کي (منهن ڳلن ۽ سيني کي) هٿ پيون هڻن (ظاهري طور ائين ڪن پيون)، ليڪن سچ پچ روئڻ واريون اُهي ئي روئنديون جن جي دل ۾ درد ۽ الم آهي.

[روميءَ وٽ اهو خيال هن ريت ملي ٿو:

نوحه گر گويد حديث  سوز ناک،

لبيک کو سوز دل و دامان چاک.

(دفتر دوم، ب-492)

معنيٰ: روزيءَ خاطر روئڻ وارا کڻي ڪيترو به روئن، پر انهن جي دل ۾ اهو غم ۽ سوز ڪٿان ايندو ۽ انهن ۾ ڪهڙو درد هوندو؟]

16

سُورَ وِرهايان سَرَتِيُون، جي وِرهايا وَڃَنِ

ٻِيُون ڪوهُ ٻُجهَنِ، جَنِ سندا تَنِ سامُهان. [1788]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي سرتيون، جيڪڏهن اهي سور ورهائجي سگهن ته آءٌ جيڪر اهي سڀ سور ورهائي ڇڏيان، (پر ڳالهه آهي ته) ٻيون اُنهن سورن کي سور ڪيئن سمجهنديون، جن جو اُنهن سان واسطو ئي ڪونه پيو آهي (سور جي خبر يا احساس اُنهن کي ئي ٿي سگهي ٿو جيڪي ان مان گذرن ٿيون).

17

ڀيڙي ڀيڙي ٻَنڌُ، سُورائتِي سَندَرو

ڪيچُ پراهُون پَنڌُ، سُورَنِ رِءَ نه  سُٿِرو. [1789]

سمجهاڻي: اي ڏکويل سسئي، تون پنهنجي چيلهه کي (تڪڙي پنڌ ڪرڻ خاطر) ڪپڙي سان ڇڪي چڱيءَ طرح سوگهو ڪري ٻڌ، ڇاڪاڻ ته ڪيچ جو پنڌ گهڻو پري آهي (اتي پهچڻ سولو ناهي) ۽ سورن ۽ تڪليفن کان سواءِ اهو هر گز آسان ناهي.

[روميءَ ساڳيو خيال هن طرح بيان ڪيو آهي.

هين بيا اکنون ميان را چست بند،

 خيز اي گرينده و دايم بخند.

(دفتر سوم ب)

معنيٰ: هاڻي جلدي اچ ۽ پنهنجيءَ چيلهه کي سوگهو ڪري ٻڌ، اي هيٺ ڪري پيل ۽ روئڻ وارا اٿ ۽ هميشه لاءِ خوش ٿيءُ.]

18

ڀيڙي ٻَڌُ ٻِيهارَ، تون سُورائتِي سَندَرو

ڏونگرُ توهان ڌارَ، ڪانَه ڏورِيندِي ڏُکَ سِين. [1790]

سمجهاڻي: اي سورن واري سسئي، تون هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجيءَ چيلهه کي چڱيءَ طرح ڇڪي ٻَڌ (ڇو ته اڳتي پنڌ ڏاڍو ڏکيو آهي)، تو ڏکن جي ڏکويل ۽ مصيبت جي ماريل کان سواءِ ٻي ڪير وڃي پنهونءَ کي پهاڙ ۾ ڳوليندي.

19

مڙو سُورَنِ وارِيُون ڪريون سُورَ پَچَارَ

مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَڪَهِين، ڪانهي سُوران ڌارَ

ڏِنَمِ جي ڏاتارَ، سي مون جهولِي پائِي جهَلِئا. [1791]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي سورن واريون، اچو ته گڏجي سورن کي ياد ڪريون، اسان مان هر ڪنهن کي ٿورا ڪي گهڻا سور ضرور آهن ۽ ڪابه سورن کان سکڻي ڪانهي. مون کي جيڪي دک درد مالڪ سائين ڏنا آهن، سي سڀ مون خوشيءَ وچان قبول ڪيا آهن.

20

وِرِهُ جَنِ وَٿاڻُ، سُورُ سَلامِي تَنِ جو

جَنِ لَڳو تَنِ لَکِئو ٻاروچاڻو ٻاڻُ

جيڏِيُون هي زِيانُ، مون سِين نِسوروئي نِنڊَر ڪِئو. [1792]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) جن جي دل ۾ درد ۽ فراق جي ويهڻ جي جاءِ آهي، سور به اُنهن وٽ اچي گڏ ٿيا آهن. هوت پنهل جي محبت جو تير جن کي لڳو آهي، تن کي ئي اُن جي شدت جي خبر پيئي آهي. اي سرتيون، مون پنهنجو اهو ايڏو وڏو نقصان پاڻ ڪيو آهي، اهو هاڃو منهنجي ننڊ ئي مون سان ڪيو آهي.

21

تَنِ سُورَنِ کي شاباسِ، جَنِ مون سان گهارِئو

ٻيلِي ٿِئڙَمِ ڇَپَرِين، هئا هَمارِي پاسِ

جَڏِ پُنهونءَ کي گَڏِياسِ، تَڏِ ويچارا وَرِي وِئا. [1793]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اُنهن سورن ۽ دردن کي سلام آهي، جن مون سان گڏ گذاريو آهي (جيڪي مون کي ڇڏي نٿا وڃن). اُهي سور ئي هئا، جيڪي جبلن ۾ منهنجا ساٿي يا همراهيءَ ۾ هئا، ۽ مون سان گڏ ئي گڏ هئا (مون کان جدا نه ٿيا). پر جڏهن آءٌ پنهنجي پنهل سان گڏيس، تڏهن اُهي مون کان موڪلائي ويا.

 

 

وائي

ڪوهياري جي ڪاءِ، ماريندِيَمِ ماءُ

جا مَنَ اندرِ ڳالَهڙِي

هوتَ هَلَنِ، آئُون وِهان، ته ڪا اِيئنءَ جُڳاءِ

چَڙهان ڏُونگَرَ چوٽِيين، سُپيريان جي ساءِ

نِهارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، هاڙهو هوتَنِ لاءِ

موليٰ مون کي ميڙيين سَندِي جانِبَ جاءِ

سَسُئِي جي سِڙِيءَ کي اوڏاهِين اُٺاءِ
پانڌِيَڙا پيرَ ڀَري، پِريان کي پَهُچاءِ

پيراندِيءَ  پُنهونءَ  جي  منهنجو  لوڙههُ  لَٽاءِ. [1794]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي امڙ، مون کي پنهنجي ڪوهياري محبوب جي اها هڪڙي ڳالهه جيڪا منهنجي اندر ۾ آهي، ضرور مون کي ماري وجهندي. منهنجا هوت هلڻ وارا هجن ۽ آءٌ چپ ڪري ويهان، اها ڳالهه ٺهي ڪانه ٿي. مان پنهنجي پرينءَ لاءِ پهاڙن جي چوٽيءَ تي به چڙهي وينديس، مان سڄي هاڙ هي جبل کي سڄڻ خاطر ڳولي ڏسنديس.

’اي مالڪ سائين، تون ئي مون کي محبوب جي ماڳ تي رسائيندين، ۽ منهنجي ميت کي اُتي کڻي هلي پڄائيندين.

اي ادا پانڌي، تون تکو هلي منهنجو نياپو پرينءَ کي پهچاءِ، او منهنجا سائين! مون کي مرڻ پڄاڻان پنهونءَ جي پيراندي نصيب ڪجانءِ.

 

داستان ستون

 

1

پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏهنِ تَڏهِن پِرِينءَ کي

ڏورِينديون ڏِسَنِ، اَڱڻَ عَجِيبَنِ جا. [1795]

سمجهاڻي: جيڪي محبوب جو ڏس پتو پڇائن ٿيون (اُنهن کان جن کي هن باري ۾ خبر آهي) سي ضرور پوءِ پنهنجي محبوب جو ديدار ڪن ٿيون. جيڪي پري پري تائين پڇائون ۽ ڪشالا ڪري ڳولڻ واريون آهن، اُهي اوس دوست جي در تي پهچي وڃن ٿيون.

[روميءَ وٽ اهو خيال هن ريت ملي ٿو:

چون نشيني بر سر کوي  کسي،

عاقبت بيني تو هم روي کسي.

         (دفتر سوم، ب- 4783)

معنيٰ: جڏهن تون ڪلهن جي ڳليءَ ۾ وڃي ويهندين تڏهن تون ضرور سندس ديدار ڪري وٺندين.]

2

پُڇيوءِ تان پُورِ، نا تَه پُڇَڻُ هوءِ نه پِرينءَ کي

ڏورَڻَ واريون ڏُورِ، هَڏِ نه آهِنِ هوتَ کي. [1796]

سمجهاڻي: اي سسئي، جيڪڏهن تون پنهنجي پنهل جي پڇا ڳاڇا ڪرين ٿي ته اڳتي هل نه ته اجائي پڇا نه ڪر، ڇو ته جيڪي تلاش ۽ جستجو ڪن ٿيون، اُهي پوءِ پرينءَ کان پري ناهن (انهن کي محبوب سان ملاقات نصيب ٿئي ٿي).

3

ڏوريان ڏوريان مَ لَهان، شالَ مَ مِلان هوتَ

مَنَ اَندرِ جا اوتَ، مَڇُڻِ سا ماٺِي ٿِئي. [1797]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) مان هردم پنهنجي پرينءَ کي ڳوليندي رهان (مسلسل جستجوءَ ۾ رهان) پر هن سان ڪڏهن به نه ملان، ڇو ته متان هن سان ملڻ جي ڪري اندر جي اڻ تڻ ۽ بيتابي گهٽجي يا ختم نه ٿي وڃي!

[رومي مثنويءَ ۾ ان ڪيفيت جي سمجهاڻي ڏيندي چوي ٿو ته معشوق عاشق کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو، جنهن جي عاشق کي خبر نٿي پوي. عاشق تي ان جو اثر خوف سان گڏ نااميدي ۽ دائمي طلب جي صورت ۾ نڪري ٿو.

ميل معشوقان نهانست و ستير،

ميل عاشق باصد طبل و نفير.

(دفتر سوم، ب- 4602)

معنيٰ: معشوقن جي محبت لڪل ۽ ڳجهي هوندي آهي، پر عاشقن جي محبت کلم کلا ۽ پڌري هوندي آهي.]

4

ڇَڏِيَمِ حُجَ هَلَڻِ جي، چُڪِيَمِ چاڙِيڪا

اَدِيُون آڙِيڪا، هِنيَڙِي پِئَمِ هوتَ سِين. [1798]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) مون اڳتي وڌڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته هاڻي جبلن جي چاڙهين تي چڙهڻ مون کان زور آهي. اي اديون، مگر منهنجيءَ دل جو پيچ وري به هوت پنهونءَ سان آهي.

5

چاڙيڪَنِ چَڙهِي، ڇَڏِيَمِ حُجَ هَلَڻَ جِي

آڙِيڪَنِ اَڙِي، هِنيَڙي پييمِ هوتَ سِين. [1799]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) جبل جي چوٽين ۽ لڪن تي لهي چڙهي، مون ۾ هلڻ يا چُرڻ پُرڻ جي طاقت پوري ٿي چڪي آهي (مون کان هليو ڪونه ٿو ٿئي). پر جبلن جي ور وڪڙن ۽ ڦرندڙ گهرندڙ رستن ۽ پيچرن تان هلڻ سبب منهنجي دل ۾ محبوب سان اهڙي ور وڪڙ ڳنڍ پئجي ويئي آهي.

6

ڇَڏِيَمِ حُجَ هَلَڻِ جِي، چاڙِيڪا چُڪِيامِ

آرِياڻِيءَ جي آسَري، ڏُونگَرِ ڏِينہَ لَڳامِ

پُڇِجِ پِرين سَندام، وِرِتِيَسِ وِکَ نه اُپِڙي. [1800]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) مون کان هلڻ جي همت موڪلائي ويئي آهي ۽ جبلن جي لاهين چاڙهين منهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو آهي. آرياڻي محبوب جي آسري تي جبلن ۾ هلندي مون کي ڪيترا ڏينهن گذري چڪا آهن. اي منهنجا سڄڻ سائين، تون پاڻ اچي پرگهور ڪر جو آءٌ ٿڪجي ساڻي ٿي پيئي آهيان ۽ مان وڌيڪ هڪ قدم به کڻي هلي نٿي سگهان.

7

ويٺِيَسِ وِکَ نه اُپِڙي، آرياڻِي تون آءُ

چُڪِيءَ توسِين چاءُ، پاسي ڀَرِ پيئِي رِڙهي. [1801]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي منهنجا آرياڻي سردار، تون پاڻ اچ ۽ اچي منهنجو حال ڏس جو مان هاڻي ماندي ٿي ويهي رهي آهيان ۽ مون کان اڳتي هڪڙي وک به نٿي کڄي. پر مون  ٿڪجي چُور ٿيل جي محبت فقط توسان آهي ۽ (پيرن ڀر نٿي هلي سگهان) پاسن ڀر رڙهندي تو ڏانهن پيئي اچان.

8

جيڪا ڪَندِي نِيہُ، مون جئِن ٻاروچَنِ سِين

سِڪَڻُ سارو ڏِينہُ، چَڙهڻُ چاڙِيڪَنِ تي. [1802]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) مون وانگر جيڪا هوت بلوچن سان پريت جو پيچ پائيندي، اُنهيءَ جو پوءِ اهو حال ٿيندو، جو سڄو سڄو ڏينهن پيئي سڪ ۾ سڙندي ۽ جبلن جي ڏکين چاڙهين ۽ لڪن تي پيئي چڙهندي.

9

جيڪا ڪَندِي سَڱُ، مون جئن ٻاروچَنِ سِين

اَنگهُنِ چاڙهي اَڱُ، رُئَندي سا رَتَ ڦُڙا. [1803]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) مون وانگر جيڪا هوت بلوچن سان محبت جو ناتو قائم ڪندي، سا ڄڻ پنهنجي جسم جو هر عضوو سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيندي ۽ پوءِ رت جا ڳوڙها ويٺي ڳاڙيندي.

10

جيڪا ڪَندي مَنجههُ، مون جِئن ٻاروچَنِ سِين

مٿان ڳَلَنِ هَنجههُ، ڪِينَ لاهِيندي ڪَڏَهِين. [1804]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) جيڪا مون وانگر پنهنجي اندر جو حال هوت بلوچن سان ظاهر ڪري ويهندي، تنهن جي ڳلن تان پوءِ ڳوڙها وهڻ ڪڏهن بند ڪونه ٿيندا (سدائين پيئي روئندي).

11

جي هِت نه هوتُ پَسَنِ، سي ڪنہ پَرِ ڪيچِ پَسَندِيُون

مُوڙهيُون توءِ وَڃَنِ، ڀينَرُ هِنِ ڀَنڀورَ ۾. [1805]

سمجهاڻي: جيڪي هتي دوست جو ديدار نٿيون ڪري سگهن، سي ڪيچ پهچي ڪيئن هن کي ڏسي سگهنديون. ان جو سبب اهو آهي جو اهي هتي ڀنڀور (هن جهان ۾) ئي ڀليل ۽ گمراهه آهن (هنن پنهونءَ کي هتي ڪونه سڃاتو).

12

آءٌ ڏوريَئِين، شالَ مَ لَهئين، پِرِين هُئين پَري

هَڏهِن ساههُ سَري، تَنَ تَسَلِي نه ٿِئي. [1806]

سمجهاڻي: اي منهنجا پرين، آءٌ توکي پيئي ڳوليان پر ڳولي نه سگهان. شال گهڻو پرانهون هجين! ڀلي مون ۾ ساهه به هجي (جيئري به هجان) ته به اندر وارو اطمينان حاصل نه ٿئي. (۽ تنهنجي طلب تانگهه باقي رهي).

13

موٽِي ٿِئا مَعذور جا، حالَ نه ڀائِي هوتَ

ڏِنِيَمِ ڏاڍين ڏُونگَرِين جَتَنِ ڪارَڻَ جهوتَ

هِنَيَڙو ٿِئو ٻه پوتَ، وَهَم پِريان جي وَڍِئو. [1807]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) مون مصيبت جي ماريل جا هوت بلوچ همدرد ۽ خيرخواهه نه ٿيا، ان ڪري مون کي جبلن ۾ هنن جي ڳولا ڪندي هيڏانهن هوڏانهن سَٽون ڏيڻيون پيون. پرينءَ جي ياد ۽ فڪر ۾ منهنجو هِنيانءُ ٻه ٽڪر (جيئن ڪپڙو ڪٽجي ٻه ٽڪر ٿئي) ٿي پيو آهي.

14

هوتُ نه چُنِيءَ پوچُ، ڦاڙي جو ڦِٽو ڪَريان

هاڙهي جو بلوچُ، ڏاڍي ڪِنہِ ڏُکِ مِڙي. [1808]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) منهنجو پيارو پرين هوت بلوچ ڪپڙي جو ٽڪر ناهي، جو ان کي ڦاڙي (بيڪار سمجهي) ڦٽو ڪري ڇڏيان. سچ پچ هاڙهي وارو اهو بلوچ سردار ڏاڍين تڪليفن ۽ ڪشالن کان پوءِ ئي ملڻ وارو آهي.

15

هِنيون منهنجو هيڪَڙو سو تان هوتَ نِئو

ڪونهي ڪو ٻِئو، آءٌ جو آڇيان عامَ کي. [1809]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) مون وٽ هڪڙي دل آهي، جنهن کي منهنجو محبوب کڻي ويو آهي (هن جي حوالي آهي). ٻي دل هجي ته ٻين جي باري ۾ سوچيان ها.

وائي-1

منهنجِي حُجَتَ ناهي واٽَ، ڪانهي واٽَ

جِيجان تَنِ جَتَنِ سِين

کاڻِيءَ کي کانئي ٿِي، ڄيري جِي ڄَراٽَ

سبَبَ تِنہِ سُتي وِئا، جهُوٽي ڏنِيَمِ جهاٽَ

آهيمِ آريءَ ڄام جِي اندر مَنجههِ اُساٽَ

تازو پيرُ پُنهونءَ جو لُڙئو مَنجهه لُڙاٽَ

ماريو ڪِيمَ مُٺِيءَ کي ڪيچي ڪاهي ڪَنواٽَ

نهارِيندِيسِ نِڪَڻِي، ڳوڙهَنِ ڀَرئو ڳاٽَ

ڏِٺَمِ ڏُکويَنِ جا ڇَپَرَ ۾ ڇُونڇاٽَ

ڪَندِيَسِ  ڪيچَ  ڌَڻين  لاءِ  لَڪَن  ۾  لُولاٽَ. [1810]

سمجهاڻي: اي امڙ، اي جيجل، منهنجو جت بلوچن سان برابري يا حجت جو رستو ڪونهي. مون سڙيل کي محبوبن جي جدائي جي باهه پيئي ٿي وڌيڪ ساڙي ۽ ٻاري. هو  مون کي ان ڪري ڇڏي ويا جو منهنجي ٿوري دير لاءِ اک لڳي ويئي ۽ آءٌ سمهي پيس (غفلت منهنجي آهي). منهنجي اندر ۾ آريءَ ڄام جي عشق جي اڃ وڌندي پيئي وڃي. پهاڙن جي پيچرن ۾ پنهونءَ جي پيرن جا تازا نشان دز ۽ مٽيءَ ۾ لٽجي ويا آهن. اي ڪيچ وارئو! مون مئل کي پنهنجا ننڍا وڏا اُٺ ڪاهي ڇو ٿا وڌيڪ ماريو. مان اڪيلي ئي اڪيلي توهان ڏانهن نهاريندي ڳوڙها پيئي ڳاڙيان. مون جبلن ۽ پهاڙن ۾ ڪيترين ئي دردوندين کي شوڪارا ڀريندي ڏٺو، آءٌ هنن ڪيچين لاءِ جبلن جي لڪن ۾ منٿ ۽ آزي پيئي ڪريان (ته مون کي ڪيچين جو ڪو ڏس ڏيو).

 

وائي-2

مون کي لَڪَ مَ لوڏو ڏي،

آئُون جا پَٻَ پِهوڙي آهِيان

آرياڻِي پُنهونءَ جو نِيہُ نِهوڙِئو ني

مون جيهيءَ مَعذورِ سِين، شالَ نه ڪَندا ڇي

ڀَڳو  هِنيُون  سَڄو  ڪندا،  ڏيئِي   رُپي  ري. [1811]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي جبل جا ڏکيا لڪ، مون کي وڌيڪ لوڏا ۽ ڌڪا نه ڏي، آءٌ اڳي ئي پٻ جي پهاڙيءَ ۾ گهڙي چڪي آهيان (پيئي ٿي هلان). مون کي هوت پنهونءَ جي حب ئي هلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. مون جهڙي مصيبت جي ماريل سان شال هو پرين جدائي نه ڪن. مون کي اميد آهي ته هو ٽٽل دل کي ٽاڪو هڻي رپئي وارو ريهه ڏيئي پاڻ سان ڳنڍيندا.

[رومي مثنويءَ ۾ هيءُ خيال هن طرح پيش ڪيو آهي، ته اهو محبوب جيڪو دل کي ٽوڙيندڙ آهي، سو جوڙيندڙ يا ڳنڍڻ وارو به آهي، جيڪو ان کي ڪپڙي وانگر ڦاڙڻ وارو آهي سو سبڻ وارو به آهي.

چون شکسته بند آمد دست او

پس رفو آيد يقين زاشکست او.

(دفتر اول، ب- 3882)

معنيٰ: جڏهن هُن جو هٿ ڀڳلن کي ڳنڍڻ وارو آهي ته هنن جو ٽوڙڻ به پڪ سان جوڙڻ ۽ سڄي ڪرڻ برابر آهي].

 

داستان اٺون

 

1

آتَڻُ اورانگهي وِئا، آءٌ ٿِي مَران ماءُ

پِٿُون ٿِيندِيَسِ پيرَ تي هَئي هَئي ڪري هاءِ

جِيَڻُ مون نه جُڳاءِ، گُنگَنِ تان گوشو ڪِئو. [1812]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي امڙ، هو مون کي منهنجي گهر ۾ ڇڏي (ڄاڻي ٻجهي) نڪري هليا ويا ۽ آءٌ هتي (سندن جدائيءَ ۾) هنن لاءِ پيئي مران. مان سندن پيرن جي نشانن جي پٺيان هلندي هاءِ هاءِ ڪندي پاڻ کي پرزا ڪري ڇڏينديس (فنا ڪري ڇڏينديس). هاڻي مون کي وڌيڪ جيئرو رهڻ مناسب ناهي ڇو ته اُٺن ۽ ڏيرن مون کان پاسو ڪري ڇڏيو آهي (مون کي ڇڏي ڏنو آهي).

2

آتَڻُ اورانگهي وِئا، اڱڻِ مون اَفسوسُ

دِيوانيءَ کي دوسُ، ساٿِي ٿيندو سُڃَ ۾. [1813]

سمجهاڻي: هو (منهنجا سڄڻ) مون کي گهر ۾ ئي ڇڏي هليا ويا ۽ آءٌ اڱڻ ۾ بيٺي افسوس ڪريان. (پر اميد آهي) مون ديوانيءَ ۽ پاڳل جو دوست ۽ دلبر برپٽ بيابان ۾ اچي منهنجو ساٿي ۽ ساڻي ٿيندو (منهنجو رهبر ۽ مددگار ٿيندو).

3

آتَڻُ اورانگهي وِئا، پُٺِيءَ توڏَنِ تاڻِ

ويههُ مَ مُنڌَ ڀنڀورَ ۾، هُن پُڄَندينءَ هاڻِ

رائي منجهه رِهاڻِ، هَلُ ته ٿِيَئِي هوتَ سِين. [1814]

سمجهاڻي: جيتوڻيڪ (هنن تنهنجو خيال نه ڪيو ۽) هو توکي گهر ۾ ڇڏي هليا ويا پرتون اُٺن پٺيان ڇڪي هل (تکو پنڌ ڪر). اي سسئي، تون هنن کي پڄڻ يا پهچڻ کان سواءِ ڀنڀور ۾ خاموش ٿي ويهي نه رهه. تون هلندي رهه ته جبل جي رڃ ۽ ريتيءَ ۾ ئي هوت پنهونءَ سان تنهنجي روح رهاڻ ٿيندي.

4

آتَڻُ اورانگهي وِئا، ڪَري ڪَمِيڻي ڪيئن

هاڻِ گهُرجِي هِيئَن، ته ڏِجي باهِ ڀَنڀورَ کي. [1815]

سمجهاڻي: هو منهنجي اڱڻ تان ٽپي هليا ويا ڇو ته هنن مون کي نيچ  يا ڪمذات ڪري سمجهيو. (اهڙيءَ صورت ۾ آءٌ ڇا ڪريان؟) هاڻي ائين ٿيڻ گهرجي ته ڀنڀور کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏجي.

5

آتَڻُ اورانگهي وِئا، پارِي ڇَڏي پوءِ

آريجا اُٺُنِ تي، هِيءَ تان جَڏِي جوءِ

ڪِين هَلي، ڪِين هَٿَ کَڻي، ڪين رَڙي، ڪين روءِ

ڪو پِريان کي چوءِ، ته مُٺِيءَ ماتَمُ آئِيو. [1816]

سمجهاڻي: هو منهنجو گهرگهاٽ نظرانداز ڪري مون ٻانهيءَ کي پٺتي ڇڏي هليا ويا. هو سڀ (آريءَ جو اولاد) اُٺن تي چڙهي سنڀري هليا ويا باقي هيءَ محتاج ۽ مجبور عورت جبلن ۾ پيرين پيادي پيئي هوريان هوريان هلي، ڪڏهن روئي ۽ سڏڪا پيئي ڀري ته ڪڏهن وري (چرين وانگر) هٿ کڻي پيئي هڪلون ڪري. هاڻي اهڙو ڪو هجي جو سندس سڄڻ کي وڃي ٻڌائي ته ويچاري سسئيءَ لاءِ فقط روڄ راڙو ۽ محبوب کي ياد ڪري رنج ملال ئي وڃي رهيو آهي.

6

ڄاڻِي سُڃاڻي، مون کي ڇَڏي هَلِئا

آءٌ ڪِيئن ڇڏيان پانهنجو، اَديُون آرِياڻِي

ڀَرِيُمِ جو پاڻِي، سو ڪيچِينِ ڪَمُ نه آئيو. [1817]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) منهنجا سپرين مون کي ڄاڻي واڻي ڇڏي هليا ويا، پر اي اديون، آءٌ پنهنجي پنهل کي ڪيئن ٿي ڇڏي سگهان. مون هنن جي خدمت چاڪري ڪندي ڪا ڪسر نه ڇڏي، پر اهو سڀ ڪجهه منهنجي ڪم نه آيو.

7

ڇِڄُ مَ قَطارا، ساٿُ چَڙهندو لَڪِيين

مَڇُڻِ ٿِئين پُئا، وَڳَ وانئُٺَ ئِي نه لَهِين. [1818]

سمجهاڻي: (اي سسئي) تون پاڻ کي قافلي وارن جي قطار کان ڌار نه ڪر (انهن سان هر حال ۾ گڏجي هل) اهو قافلو پهاڙن جي لڪن ۽ پيچرن مان گذرڻ وارو آهي. متان ائين ٿئي جو تون پوئتي رهجي وڃين ۽ توکي قافلي وارا نظر ئي نه اچن (ان صورت ۾ قافلي وارن کي وري پهچڻ ناممڪن ٿي پوندو).

8

ڪا جا ڪِيائُون، وائِي واري وِنگَڙِي

آيَلِ اُنِ آئوُن، ٻولِيءَ ٻاتاڙِي ڪَئِي. [1819]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) هنن ڪيچين پاڻ ۾ اهڙي ڪا ڳجهي ۽ الٽي ڳالهه ڪئي جو مون کي ڪا خبر نه پيئي. اي امڙ، هاڻي آءٌ انهيءَ اثر جي ڪري صحيح ڳالهائي نٿي سگهان (مان ٻاتي ٿي پيئي آهيان ۽ منهنجو ڳالهائڻ ٻيا نٿا سمجهن).

9

وائِي واري وِنگڙي، ٻولِي ٻِي نه ڪَنِ

اَلا ڪيچَ ڌَڻِينِ، مون سين پوءِ مَ مامرِو. [1820]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) هو پاڻ ۾ ڏنگي ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ ٻوليءَ ۾ گفتگو پيا ڪن ۽ ان کان سواءِ ٻيءَ طرح نٿا ڳالهائن. او الله سائين، شل منهنجو اهڙن ڪيچ وارن سان مامرو نه پوي ۽ مون سان سندن ڪا اڻبڻت نه ٿئي.

وائي

مون کي ڇَپَرِ تان مَ ڇَڏيجاهُ، ٻاروچا!

پَلئهِ لَڳِي آهِيان

ڇورِي ڇَڏي ڇَپَرِين، ڪيچِي ڪِيمَ وَڃيجاهُ

ڇورِي ڇِنِي آهِيان، مون سِين نِيہُ نِباهي نيجاهُ

پُنهون منهنجو آن سِين، اَئِين ساٿُ سَلامَتَ نيجاه

آرِياڻِي عَبداللطِيفُ چئي مون تي وَهِلو وَرُ ڪَرِيجاه. [1821]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي منهنجا (دل جا دلبر) ٻاروچل سائين! مون کي جبل ۾ اڪيلو نه ڇڏجانءِ، مان تنهنجي آسري تي آهيان. (مون تنهنجو پاند پڪڙيو آهي) هن بيڪس ۽ بيواهيءَ کي جبل ۾ ڇڏي ڪيچ هليو نه وڃجانءِ. منهنجي ٻي ڪا واهر وسيلو ڪونهي (مان ڇوري ڇني آهيان). تون مون سان پنهنجي پيار جو وعدو پورو ڪجانءِ. منهنجو پنهل ڄام توهان سان آهي. ساٿ کي سلامتيءَ سان وٺي وڃجو. عبداللطيف چوي ٿو او آرياڻي سردار! تون ڪا جلدي مون تي پنهنجي مهرباني ڪر.

 

داستان نائون

 

1

ڪاتِيءَ تان نه ڪَنهِين، مَنُ وِنجهُلَڻَ وَڍِيو

مارِيَسِ سُور تَنهِين، جو نه جِياري جيڏِيُون. [1822]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي)  مون کي ٻاهران ڪنهن ڪاتيءَ سان نه ڪُٺو آهي، پر اندر ئي اندر ۾ منهنجي دل کي ايذائن ۽ دردن ڳاريو آهي. اي اديون، مون کي اهڙي ايذاءُ ۽ سور ماري وڌو آهي، جو هاڻي اهو جيئڻ نٿو ڏئي.

2

ڪاتيءَ تان نه ڪُٺو، ماءُ مُنهنجو جِندَڙو

جَنِي ماءِ مُٺو، سي جَتَ نه پَسان جُوءِ ۾. [1823]

سمجهاڻي: اي امڙ، مون کي ڪنهن ڇريءَ يا ڪاتيءَ ڪونه وڍيو آهي، پر جن مون کي ماريو يا جن منهنجو ساهه ڪڍيو آهي (جن کي ڏسڻ سان وري جيئري ٿي سگهان ٿي) اُهي هاڻي هتي ڪٿي ڏسجن ئي ڪونه ٿا.

3

جِيءُ منهنجو جَنِ، اَنگُڙِيَارو وَڍِئو

پُڄاڻا پِرِينِ، سِبان سَڄو نه ٿِئي. [1824]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) جن (محبوبن) منهنجي دل کي آڏو اُبتو (سنئون سڌو نه) چيريو يا وڍيو آهي، هاڻي (انهيءَ سڄڻ کان سواءِ) اهو ڪهڙن به ٽوپن ڏيڻ سان سڄو سالم ڪونه ٿو ٿئي.

4

اَچِئو مَرُ اَچَنِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾

پُٺِيءَ لَڳِي جَنِ، ڪَمِيڻِي ماڙهُو ٿِئي. [1825]

سمجهاڻي: اُهي هوت بلوچ جيڪر ڀنڀور ۾ بار بار اچن، جن جي پٺيان لڳڻ سان هيءَ ڪمذات وڏي عزت واري ٿي ويئي.

5

روءِ وِسانئي راندِ، پَہَ پَرُوڙِجِ ساٿَ جا

هوتَنِ سِين هيڪاندِ، هُيَئِي ٻاٽرِي ڏِينهَڙا. [1826]

سمجهاڻي:  (اي سسئي) تون کل خوشي ڇڏي روڄ راڙو شروع ڪر ۽ قافلي وارن جي ارادن کي سمجهه. توکي محبوبن سان گڏ رهڻ جا فقط اهي ڪجهه ڏينهن مليا آهن.

6

رُئَڻُ ۽ راڙهو، مون نِماڻيءَ جي نِجهُري

ڪُٺَلِ کي قَلَبَ ۾، قُربَ جو ڪاڙهو

هوتَنِ لَئي هاڙهو، رِجائِيندِيَسِ رَتَ سِين. [1827]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) مون نماڻيءَ جي گهر يعني منهنجي واسطي يا نصيب ۾ رڳو روئڻ ۽ رڙڻ آهي. مون قرب جي ڪٺل لاءِ دل جو آڳ ۾ جلڻ آهي. مان سڄي هاڙهي جبل کي پنهنجي رت جو ريج ڏيئي ڇڏينديس.

7

روئِي ڪَندِيَسِ ڪوهُ، هاڻي ڪو هوتُ وَري

جيڏِيُون جيڏوئِي ڪِئو، سيڻَنِ راتِ سَتوهُ

ڊروهِي اَٿيان ڊروهُ، متان ڪا مون سِين ڪَري. [1828]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) هاڻي آءٌ روئي ڇا ڪنديس، منهنجي روئڻ سان ڇا ٿيندو. ائين ڪو منهنجو هوت پنهون موٽي ايندو (موٽي ڪونه ايندو). او سرتيون، پنهونءَ جي مائٽن رات مون سان وڏو ظلم ڪيو (جو پنهونءَ کي کڻي هليا ويا). مان توهان کي قسم ٿي ڏيان ته متان ڪا مون سان دغا يا فريب ڪري (متان ڪا مون سان مون کي مارڻ واري مڪاري ڪري، متان ڪا ڪارو جادو ڪري).

8

کاڻِيءَ مَ کانيو، مُٺيءَ مَڱَرُ مَ ڏِيو

هيڪَرَ اُجهانيو، ڏيئِي ٻُرَ لُهَارَ جِين. [1829]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) مون اڳ سڙيل ۽ ٻريل کي وڌيڪ نه ساڙيو ۽ جلايو، مون مصيبت جي ماريل ۽ مجبور کي وڏن ٽانڊن واري باهه ۾ نه وجهو. ڀلا لوهار وانگر هڪ دفعو وسايو ۽ ٺاريو جيئن هو تتل لوهه کي پاڻي ڏيندو آهي يعني ان کي پاڻيءَ ۾ وجهي ٺاريندو آهي.

9

کاڻِيون لُوٺِيون اَکِيُون، ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ

مُٺِيُون ماٺِ نه ڪَنِ، هَنيُون رَهَنِ نه هوتَ ري. [1830]

سمجهاڻي: منهنجون اکيون سڙيون ۽ جليون پيون آهن، اُهي اڳي ئي وڍيون پيون آهن، ڪجهه چئي ڪونه ٿيون سگهن. اُهي محبوب جون ماريل آهن ۽ لاچار مجبور آهن، پر تڏهن به محبوب کان سواءِ ماٺ ڪري ويهي نٿيون رهن.

10

وَسِي وِساڻِيُون، رَتو روئِي پِرِينءَ کي

پييُون کَڻَنِ پَٻَ ڏي نَظَرَ نماڻيون

سي ڪِيئن ٻيلاڻيون، جَنِ وِيندو هوتُ نه وارِئو. [1831]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) منهنجون اکيون محبوب جي ياد ۾ مينهن وانگر وسي نيٺ بس ڪري ويون آهن، مگر اهڙي حال ۾ به پرينءَ کي پَسڻ لاءِ هر هر پٻ واريءَ واٽ کي پيون تڪين. ليڪن، اُنهن اکين کي ساٿي ۽ مددگار ڪيئن چوان جيڪي ويندڙ هوت کي واپس نه آڻي سگهيون.

11

کاڻِي کيرِنِ هيٺِ، ويٺِي روءِ رَتَ ڦُڙا

ڪا مون ٿِيندِي ڏيٺِ، ٻِيهَرَ ٻاروچَلَ سِين. [1832]

سمجهاڻي: هوءَ (سسئي) سڙيل ۽ جليل (مرجهايل) جابلو وڻن هيٺيان ويٺي روئي ۽ ڳوڙها ڳاڙهي. هوءَ پيئي سوچي ته سندس هوت پنهل سان ٻيهر ملاقات ٿيندي يا نه؟

12

وَسِي وَسِي مِينہَ جئن لَٽي وييَسِ کيہَ

توءِ پِريان جي ڏيہَ، پيئِي پُڇي خَبَرون. [1833]

سمجهاڻي: مينهن وانگر مٽيءَ ۽ دز جي طوفان (جيڪو دشت ۾ اڪثر ايندو آهي) کيس ڍڪي ڇڏيو (جو هوءَ ڪجهه ڏسي نه پيئي سگهي). پر اهڙي حال ۾ به سسئي پرينءَ جي پار جون خبرون چارون پيئي هر ڪنهن کان پڇي.

13

پُنهونءَ پيرِڙِيُون، گهَرِ گهُمَندي جي ڏنيون

سي مان سيرِڙِيُون، نِتُ نِهارَڻُ آئِيُون. [1834]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) هوت پنهونءَ منهنجي گهر ۾ جيڪي پير گهمايا (آهستي آهستي قدم کنيا) مون کي اُهي نشان ڏاڍا وڻن ٿا، ۽ آءٌ وري وري اُنهن کي پيئي ڏسان ۽ کيس ياد ڪريان.

14

سُيَسِ وِچِ سَرَتِينِ، مُيَسِ مَرُ مَران

پورِهَيتِ ٿِي پَران، پاڙي پُنهونءَ ڄامَ جي. [1835]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) آءٌ پنهنجي سرتين ۽ جيڏين ۾ (پنهونءَ جي نالي سان) مشهور ٿي ويئي آهيان. هاڻي جي مران ته ڀلي مران (منهنجي آخري تمنا آهي) شل آءٌ  هوت پنهونءَ جي پاڙي ۾ ئي ڪٿي پورهيو ڪري پنهنجو وقت گُذاريان.

15

ماريو جي مَعذورِ، ته هيڪارِهِين هورُ لَهي

ساجَنَ اَهِنجي سُورَ، ڪِينَ جِيان ٿِي ڪيچِيا! [1836]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي منهنجا پنهل سائين، جيڪڏهن هن مجبور ۽ لاچار کي هڪ ڀيري سان ئي ماري وجهو ته جيڪر سڀ ڳڻتي ۽ انتظار يڪدم ختم ٿي وڃن. او منهنجي سر جا سائين، هاڻي آءٌ تنهنجي درد ۽ سور ۾ جيئري رهي نٿي سگهان.

16

نَڪِين ٿِي جِيَان، نَڪِين مُئِي آهِيان

ساجَنَ ساهُ ڏِيان، توکي سارِيو سُپرِين. [1837]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) منهنجي اها حالت آهي جو آءٌ نڪي جيئري رهي سگهان ٿي ۽ نڪي مري سگهان ٿي، مگر توکي ياد ڪري (تنهنجي جدائيءَ ۾) پساهه پورا ڪري رهي آهيان.

17

تون جي ڪالَهه مُئِي، ته ڪالَهه ئِي گَڏي پِرينءَ کي

مُئنِ جي ماتامَ ۾ اِها ڳالهه هُئِي

ڪَڏِهن ڪانه سُئِي، ته ڪا سَگهِي گَڏِي سَڄَڻين. [1838]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ کي نصيت) جيڪڏهن تون ڪالهه مري وڃين ها ته ڪالهه ئي مجبوب سان وڃي ملين ها. اهڙين مري وڃڻ وارين جي ياد وقت اها ڳالهه ڪڏهن ٻڌڻ ۾ نه آئي ته ڪا ٿلهي متاري (بغير تڪليف ۽ ڪشالن جي) وڃي محبوب سان ملي آهي.

[مرڻ کان اڳ مرڻ جي باري ۾ مثنويءَ ۾ ڪيترا شعر آهن، رومي هڪ هنڌ چوي ٿو:

جان بسي کندي واندر پرده

زانکه مردن اصل بُد نه آورده.

(دفتر ششم، ب-723)

معنيٰ: تو پنهنجي پاڻ کي گهڻيون تڪليفون ڏنيون آهن، پر اڃان پردي ۾ آهين، ڇو ته اصل ڳالهه ’مرڻ‘ آهي، جيڪو تو حاصل نه ڪيو آهي]

18

مَرُ مَٿا ڏيئِي، پنهونءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾

ته صَباحِ سَڀيئي، واکاڻِينَئِي ويٺِيُون. [1839]

سمجهاڻي: اي سسئي، تون پنهنجي پنهونءَ لاءِ پٻ جبل ۾ ئي ڪوشش ڪري مري وڃ ته جيئن صبحاڻي تنهنجون ساهيڙيون تنهنجي تعريف ڪري سگهن.

19

مَري ٿِيندِيَسِ مُڃَ، جَتَنِ ڪارَڻِ جِيڏِيُون

ڪَري ڪوهيارو سُڃَ، وِئو ڇُلائي ڇَپَرين. [1840]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) او سرتيون، آءٌ هوت پنهونءَ ڪاڻ پاڻ کي پائمال ڪري ڇڏينديس يعني مري فنا ٿي وينديس. منهنجو ڪوهيارو پرين، مون کي ويران (ناس) ڪري مون کي جبلن ۾ ڀٽڪڻ ۽ رلڻ واسطي ڇڏي ويو.

20

مَرُ مَران مون ڪَمُ، اَوَ- ڪَمِي ڪانه مَري

دوسَتَ پُڄاڻا دَمُ، شالَ مَ جِيَان جيڏِيُون! [1841]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) آءٌ ڀلي مري وڃان، مرڻ ئي منهنجو مقصد آهي، جيڪا بنا مقصد جي آهي، اها ڪانه مرندي آهي. شل آءٌ پنهنجي دلبر دوست کان الڳ ٿي هڪڙي ساعت به جيئري نه رهان.

21

اَڄُ نِماڻا نيڻَ، ٻاجهارا ٻَروچَ ري

وِرِهُ وَٽِيندِيَسِ ڪَنِ سان، نه مون سَڄَڻَ سيڻَ

وَرُ جي ٿِئڙَمِ ويڻَ، پُنهونءَ جا پَرديسَ ۾. [1842]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اڄ منهنجون اکيون هوت پنهونءَ  جي ياد ۾ ڀرجي آيون آهن. منهنجو ڪو مٽ مائٽ ۽ سڄڻ هتي ڪونهي، جنهن سان آءٌ ڏک سور بيان ڪريان. پنهنجي ديس کان پري مون لاءِ پنهونءَ جا اهي گفتا مون لاءِ وڏو آٿت ۽ ڏڍ بنجي پيا آهن.

22

مَٿان جِيءُ جَتَنِ، گهورِئو گهوري سَسُئِي

پازِي جي پُنهونءَ جا، ڪاروُن ڪَرِي تَنِ

ڪيچِ متان ڪا ڪَنِ، بي شُڪِرِي ڀَنڀورَ جي. [1843]

سمجهاڻي: سسئي هوت پنهونءَ جي اوٺين مٿان پنهنجو پاڻ کي ويٺي قربان ڪري. هوءَ پنهون جي نوڪرن ۽ خدمتگارن جون به ويٺي خدمتون ۽ خوشامدون ڪري ته متان ڪيچ پهچي ڀنڀور جون گلائون ڪن.

23

جيڏيون ڪوهُ پُڇَنِ، پَرَپُٺِ پيرُ پُنهونءَ جو

لُوٺِيُون ٿِيون لُڇَنِ، ڏِٺو جَنِ اَکِينِ سِين. [1844]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) سرتيون پرپٺ (پنهونءَ کي ملڻ يا ڏسڻ کان سواءِ) هن جو پتو ڪونه ٿيون پڇن، مگر اُهي جن پنهونءَ کي اکين سان ڏٺو، سي سڙي کامي به هن لاءِ پيون لڇن ۽ ڦٿڪن (هن سان وري ملڻ لاءِ پريشان ۽ درمانديون آهن).

 

وائي

لائي جَڙَ جَتَنِ سِين، آءٌ جا چَڙهيس نِيہَ نِظاري

آءٌ جا ڪُٺِيَسِ ڪوهياري

مَچُ مُنهنجي مَنَ تي، ويو ٻاروچو ٻاري

ايندو، اٿم آسرو، واڳَ وِلهِيءَ تي واري

آري عبداللطيفُ چَئي، مون چاتو عشق اِجاري. [1845]

سمجهاڻي: (سسئي ٿي چوي) منهنجي جڏهن کان هوتن سان محبت جي ميخ لڳي آهي، تڏهن کان آءٌ عشق ۾ نڪري نروار ٿي آهيان، پڌري ٿي پيئي آهيان. مون کي هن ڪوهياري پاڻ ڪُهي ڇڏيو آهي، منهنجي دل اندر اهو دوست باهه جو مچ ٻاري ويو آهي. مون کي اميد آهي ته هو مون مسڪين ڏي ضرور پاڻ مهرباني ڪري لڙي ايندو. عبداللطيف چوي ٿو ته مون آرياڻي ڄام جو عشق پنهنجي بلي ڪري کنيو آهي.

 

داستان ڏهون

1

واڪِئو واڪِئو وِکَ، پاٻوهيو پيرُ کَڻي

سي نه چَڙهنديون ڏِکَ، موڙي پيرُ مَڻَنِ جي. [1846]

سمجهاڻي:  (ڪيچ ويندي) سسئي تڪڙو تڪڙو ۽ کلي خوش ٿي قدم کڻي پيئي هلي (ڇو ته هن کي خبر آهي) جيڪي پڪي ارادي ۽ همت سان اڳتي قدم نٿيون کڻن ۽ سستي ڪري پيون هلن، اُهي ور واريون ڪونه ٿينديون (سهاڳ ماڻي نه سگهنديون).

2

وِجههُ وَڌندِي وِکَ، مَڇُڻِ لِکَ لَکائِيين

ڏُکَ تَنِي کي ڏِکَ، حُبَ جَنِي کي هوتَ جِي. [1847]

سمجهاڻي:  (اي سسئي) تون تکا ۽ تيز قدم کڻي اڳتي وڌندي هل، متان ذرو به ڪيٻائين يا سستي ڪرين. اُنهن لاءِ ڏک ئي خوشيءَ ۽ ميلاپ جو سبب آهن، جن کي هوت پنهونءَ سان محبت آهي.

3

سَڏَنِ مَٿي سَڏَڙا، واڪو هَڏ مَ لاهِ

مانَ تُنهِنجِي ڪاءِ، سَڳرَ ۾ سارَ ٿِئي. [1848]

سمجهاڻي:  (اي سسئي) تون (محبوب لاءِ) رڙين ۽ دانهن ڪرڻ کان اصل بس نه ڪر، بلڪه تون کين سڏيندي رهه، متان ائين ڪرڻ سان کين تنهنجي ياد گيري اچي وڃي.

4

سَڏَنَ پُٺِيءَ سَڏَڙا، واڪو وِجههُ وَڻين

سَڄَڻُ پَنڌِ گهَڻي، مانَ ڪوهيارو ڪُوڪَ سُڻي. [1849]

سمجهاڻي:  (اي سسئي) تون (هوتن لاءِ) سڏن پٺيان سڏ ڪر، ايتريقدر جو وڻن مان به اهو آواز ۽ غلغلو اچڻ لڳي. جيتوڻيڪ تنهنجو سپرين گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي، پر متان اها دانهن هنن جي ڪنن تي پهچي.

5

ڪُٺِيَسِ ڪوهياري، هاڻِ نه جِيان جيڏِيون

مادَرَ وِڌِيَسِ مَچَ ۾، ٻاروچي ٻاري

مُيُون جو ماري، مون سو گُوندَرُ گَڏِئو. [1850]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) مون کي هوت پنهونءَ جي محبت واري ڪان ڪُهي ڇڏيو آهي، هاڻي آءٌ جيئري رهي نٿي سگهان. مون کي پنهون ٻاروچل محبت جي ٻرندڙ مچ ۾ وجهي ڇڏيو آهي، مون کي اهڙو غم اندوه نصيب ٿيو آهي جيڪو مون محبت جي ماريل کي مات (فنا) ڪري ڇڏيندو.

6

ڪوهيارو ڪيڻانِ، ڪيڻَ وَڃِي ڪاڏي وڃان

مون ڀانيو سيڻانِ، ڇَپَرِ ڪَندِيَسِ پَنڌَڙا. [1851]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) منهنجو ڪوهيارو محبوب هنن (ڏيرن) وٽ آهي. هو (الائجي) کيس ڪيڏانهن پيا وٺي وڃن ۽ آءٌ ڪيڏانهن (ڪهڙي طرف) وڃان. مون پنهنجيءَ پر ۾ سوچيو هو ته آءٌ به ساڻن گڏ جبل ۾ پنڌ ڪنديس (مون کي به گڏ وٺي ويندا).

7

ڪوهيارو ٿِي ڪاتُ، مُيُون ماري هَلئِو

هوئي مَرُ حَياتُ، آءٌ مُيَائِي گهورَئِي. [1852]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اهو ڪوهيارو محبوب اهڙو وڏو وڍيندڙ ڪات بنجي ويو آهي، جنهن عشق جي مارين کي ماري (فنا ڪري) ڇڏيو. ڀلي اُهو محبوب پاڻ زنده هجي، باقي آءٌ مري ويس ته گويا قربان ٿي ويس، (منهنجو ڪم هونئن به قربان ٿيڻ آهي).

8

پاڙيچِيءَ روئِي، چاڪَ مُنهنجا چورِئا

پَگهَرُ وِجهنِديِسِ پِرينءَ جو، ڌَڪَنِ ۾ ڌوئِي

ساجَنَ سَڀوئِي، ساهُ اوهان تان صَدَقو. [1853]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) رات منهنجي پاڙيسري عورت جي روئڻ منهنجا (عشق جا زخم) تازا ڪري ڇڏيا. مان اُنهن زخمن جي ڌوئڻ لاءِ (ملم پٽي) پنهنجي پرينءَ جي پگهر سان ڪنديس (جڏهن اهو نصيب ٿيندو). اي منهنجا سپرين، منهنجو سرساهه توتان صدقي آهي.

9

هُوءِ جي سُورَ سُڄَنِ، سي مون پينگهي ۾ پرائِيا

سانڍيياسِ سُکَنِ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرِتيُون. [1854]

سمجهاڻي: (سسئي ٿي چوي) مون کي جيڪي سور اڳتي اچڻ وارا آهن، سي مون کي ڄمڻ سان ئي (پينگهي ۾ پوڻ سان) مليا آهن، مون کي (مائٽن وٽان مليل) سکن به سورن لاءِ ئي پالي وڏو ڪيو آهي.

10

سِرِجِي تان سُورَ، ساماڻِي تان سُکَ وِئا

اِهي ٻيئِي پُورَ، نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئا. [1855]

سمجهاڻي: سسئي جيئن ڄائي يا پيدا ٿي تيئن سندس ڏک سور شروع ٿي ويا (هوءَ سورن سان گڏ ڄائي، سورن مان پيدا ٿي). وري جڏهن جوان ٿي (عاقل بالغ ٿي) ته (ٿورا گهڻا) سک به موڪلائي ويا، هن ويچاريءَ جي قسمت ۾ اِهي ٻيئي ڳالهيون هيون.

11

مُونهان مَهَندِ ٿِئا، سُورَنِ ٻَڌا سَندَرا

ڏورِ ته ڏورِيُون اُنِ کِي، وِندُرِ جي وِئا

سيڻ منهنجا سرتيُون قضا هي ڪِئا

اَڙيس آرياڻيءَ سين ڪُہ ڄاڻان ڪِئا

ڪَندِيَسِ ڪِينَ ٻِئا، هوتَ مَٽائي اَڳِيَان. [1856]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) ڪيچ جي پنڌ ۾ منهنجا ڏک سور وڌيڪ ڦڙتائيءَ سان مون کان اڳتي وڌي ويا (مون کي ستائڻ ۾ ڪمي نه ڪيائون). (اي سرتيون) هلو ته هلي اُن آرياڻيءَ کي ڳولي لهون، جيڪو وندر هليو ويو آهي. مان ڇا ڪريان جو قدرت واري منهنجي مائٽيءَ ۾ اِهي لکي ڇڏيا آهن. مون کي ڪهڙي خبر ته آءٌ آرياڻي سردار سان ڪيئن محبت ۾ ڦاٿي آهيان، ليڪن (هاڻي ڇا به ٿئي) آءٌ پنهنجا اصلي محبوب ڇڏي، ٻين سان لاڳاپو ڪين رکنديس.

12

اڃان راتِ رَتومِ، ڪوڏِ ڪوهياري ڪَنجَرو

روئِي پُسايومِ، سَوارو سُورَنِ سين. [1857]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) رڳو هڪڙي رات  اڳ مون وڏي چاهه ۽ خوشيءَ منجهان ڪوهياري محبوب لاءِ پنهنجو ڳاڙهو چولو تيار ڪيو ليڪن (ان رات ئي هو جدا ٿي هليو ويو ۽) صبح جو سويل مون روئي پنهنجن وهندڙ ڳوڙهن سان اهو سڄو آلو ڪري ڇڏيو.

13

سَرَتِيَنِ سَهَجَ مَنجهاءُ، ٿِي ڪوڏِ وهايا ڪَپَڙا

تَڏِهن مُنهنجي ماءُ، ٿِي پَهَڻَ آڇئا پَٻَ جا. [1858]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) جڏهن منهنجين سرتين محبت ۽ مسرت مان پنهنجي لاءِ نوان ويس وڳا ٿي خريد ڪيا، تڏهن منهنجي ماءُ مون لاءِ پٻ جبل جا پهڻ ۽ پٿريون (ڏاج ۾ ڏيڻ لاءِ) تيار ڪري رکيا هئا (هن مون لاءِ سورن جو سامان ئي خريد ڪيو).

14

ڪَڏهِن ڪَڏِهن جيڏِيُون، ڪو پَہُ اَچِئو پوءِ

سو پُڻُ ساڻو هوءِ، هُوءِ جو ساهُ سَريرَ ۾. [1859]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي سرتيون، ڪڏهن ڪڏهن مون کي پنهنجي پرينءَ جي اهڙي زوردار ياد اچي ستائي ٿي جو منهنجي اندر ۾ هلڻ وارو ساهه به سُڪي ٿو وڃي (آءٌ پاڻ کي مئل سمجهڻ  لڳان ٿي).

15

جيڪر ڪَريان اِيئن، جيئن ڪَميڻي ڪانه ڪَري

سندو نالو نِينهن، هوند ڪَڏهِن وَٺي ڪانه ڪا. [1860]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) جيڪڏهن آءٌ ائين ڪريان يا اها روش اختيار ڪريان جيڪا ڪمذات ۽ نيچ عورتن کان ٻيءَ طرح آهي (آءٌ تڪليفن هوندي پيار ۾ ثابت قدم رهان) ته پوءِ اڳتي (منهنجن اُنهن ڪشالن جو ٻڌي) ڪابه عورت پيار ۽ محبت جو نالو وٺڻ ڇڏي ڏيندي (ويجهو نه ايندي).

 

وائي-1

وَڃي وَڃي ويٺَڙي تِتي،

جِتي پيرُ سڃاتائين پِرِينءَ جو

جِنہ ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرين سو ڪوهيارو ڪٿي

هُوءِ وَهيا وَڻَڪارَ ڏي، هِنَ ڀوريءَ ڀانيا هِتي

مُئِي ماري هَلِئا، ڪاجا پييَنِ پِتي

پِٿون  ٿينديَسِ  پيرَ  تي،  منجهان  نِيہَ  نِرِتي. [1861]

سمجهاڻي: سسئي نيٺ اتي وڃي پهتي ۽ اتي ئي ويهي رهي جتي پنهنجي پنهونءَ جي پير جو نشان ڏسي سڃاتائين، مگر جنهن دوست جي ڪڍ لڳي اچي جبلن ۾ پهتي، تنهن جي ڪا خبرچار ڪانهي ته ڪٿي آهي. هو ته گهڻو اڳتي وڻڪار وڃي رسيا ۽ هيءَ ڪم عقل نادان هنن کي هتي پيئي سمجهي، هو هوت بلوچ هن عشق جي ڦٽيل کي برباد ڪري ويا جو هنن کي ڪا ڳالهه دل ۾ گهر ڪري ويئي (ته سسئي جو سڱ هنن جي شان وٽان ناهي). (سسئي جو وچن) پر آءٌ پنهنجي پنهل جي پريت جي جوش ۾ پاڻ کي پرزا ڪري ڇڏينديس.

وائي-2

ڏُکِي ڏِينهاڻِي ڏي، ڏِينهاڻِي ڏي

پاراڀا کي پانڌِيين

نِماڻِيءَ جو ناهِ ڪو، حامِي هوتَ هِتي

پورهِيَتِ ڇَڏئو مَ پاڻَ ري، کاڻِي جا کِجي

سُتي وِئا جي سُپرين، ساٿِي پُڇان سي

نِيءَ نِڪَڻِي آهِيان، آرِي تو اَجهي

پَلَئهِ لائي پاڻَ سِين، نِماڻِي نِجي

پَرِيٽَ  نِئو  پاڻَ  سِين،  ڇَپَرِ  وِئاهُ  جا  ڇَڏي. [1862]

سمجهاڻي: سسئي هر روز نئين سج پنڌ ويندڙ قاصدن کي پيئي نياپا ۽ پيغام ڏئي (چورائي پيئي) ته مون لاچار ۽ مسڪين عورت جو هتي ڪوبه ساٿي ۽ مددگار ناهي، توهان هن ٻانهيءَ کي جا توهان لاءِ پيئي سڙي ۽ جلي، تنهن کي پاڻ سان وٺي وڃو. آءٌ اُنهن سڄڻن جي ٿي پڇا ڪريان جيڪي مون کي سُتي ڇڏي هليا ويا. آءٌ کٽياڻي صفا اڪيلي آهيان ۽ آري تنهنجي آسري تي آهيان. تون هن ويچاري عورت کي پنهنجي ڇانو ۾ وٺي هل، هن ڌوٻياڻيءَ کي (ياد ڪري) وٺي وڃو جنهن کي توهان پهاڙ جي پنڌ ۾ ڇڏي ويا آهيو.

 

داستان يارهون

 

1

سپيرِيان جي ڳالَهڙِي رُڳو رَنجائو

ڏُونگَرَ ڏولائو، ڏِيندا مون ڏيرَ وِئا. [1863]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جي زباني) پيارن محبوبن جي هر ڳالهه ۾ رڳو درد ۽ سور ئي آهي (سندن محبت درد کان هرگز خالي ناهي). (ان جي ثابتي اها آهي جو) مون کي پنهونءَ جا ڀائر يعني منهنجا ڏير ڏونگر جا اهنج ۽ آزار منهنجي حوالي ڪري پاڻ هليا ويا.

2

اُونءِ تان اوٺِينِ نه ڪِئو، آرِيءَ اُتُنِ جيئن

ڪيچِ پَهُچي ڪِيئن، اِهَڙَنِ اَٻاجهَنِ سِين. [1864]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) جيئن آري ڄام اُنهن اُٺن وارن کي چيو هو تيئن نه ڪيائون (هن کين چيو هو ته آءٌ هتي هوندس باقي اوهان ڀل وڃو). اهڙن بي رحمن جي هوندي هيءَ ويچاري سسئي ڪيچ ڪيئن پهچي سگهندي (هو پنهون اهڙن ظالمن سان ڪيئن ڪيچ پهتو هوندو).

3

اُونءِ تان اوٺِينِ نه ڪئو جِئن اُتُنِ آرِيءَ ڄامَ

ٻَرَڪِي ٻاهَرِ نِڱئِي گاذَرِ منجهان گامَ

ساهُ ڏِنائِين سامَ، سُتِي سَنگهَرِ پَٽِيين. [1865]

سمجهاڻي:  (سسئي ڏيرن لاءِ ٿي چوي) اُنهن ائين نه ڪيو جيئن کين آري ڄام چيو هو (هن جو چوڻ نه مڃيائون)، انهيءَ ڪري هيءَ کٽياڻي پنهونءَ جي جدائيءَ ۾ ڀنڀور جي شهر منجهان سڙي پچي ٻاهر نڪتي.

آخر هوءَ (سسئي) پنهنجو دم پنهل جي امانت سمجهي پاڻ (پٻوڻيءَ جي لڪ جي پويان سنگهر جي ماٿريءَ ۾ سسئي پنهونءَ جي قبر جو نشان اڄ به موجود آهي)سنگهر جي ڳوٺ ويجهو ميدان ۾ هميشه لاءِ سمهي پيئي.

4

لَڪِيون آن ڀَرِ لِکَ، ڪِين ڪوهيارا وِرِمِئَا

جَنِي سَندِي سِڪَ، رُنَمِ راتِ رَتَ ڦُڙا! [1866]

سمجهاڻي:  (سسئي لڪن سان مخاطب آهي) او جبلن جا ڏکيا لنگهه ۽ لڪ، (توهان سڀ) مون کي ٻڌايو ته منهنجا جانب توهان جي ڀرپاسي ۾ (ٿڪ ڀڃڻ خاطر) ٿوري دير ترسيا هئا يا نه؟ مان اُنهن کي ياد ڪري سڄي سڄي رات پيئي ٿي روئان ۽ ڳوڙها ڳاڙيان.

5

ڪوجو لَڳُسِ ڪانُ، آرِيءَ جي عشق جو

ٿِي نِماڻِي نِيشانُ، ڇَڏي سانگو ساهَ جو. [1867]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جي حالت) هن کي آري ڄام جي عشق جو اهڙو تکو تير اچي لڳو جو هوءَ پوري ريت ان جو نشان بنجي ويئي، تنهن ڪري هن پنهنجي حياتيءَ تان آسرو کڻي ڇڏيو.

6

ڏوٿِينِ چَيُسِ ”ڏُورِ، ڪيچُ اڳاهون پنڌُ ٿِئو!“

پاڻان چَڙهي پُورِ، وِکَ وِڌائِين وِتَري. [1868]

سمجهاڻي: جڏهن سسئيءَ کي جهنگ ۾ گهاريندڙ ڏوٿي گڏيا تن چيس ’اڃا اڳتي ڪيچ جو پنڌ پري پيو آهي‘، اهو ٻڌي سندس ارادو وڌيڪ پختو ٿي ويو ۽ تڪڙو پنڌ ڪرڻ شروع ڪيائين.

7

 [1869]

سمجهاڻي: سسئيءَ جي مٿان آري ڄام جي محبت جو اهڙو ڪو (زبردست) مينهن وٺو، جنهن کان پوءِ هوت ٻاروچي لاءِ هن ويچاريءَ جي پيار ۾ ڪڏهن گهٽتائي ڪانه ٿي.

8

سو جي پَسان ڪيچُ، جو ڏيہُ ٻاروچَنِ جو

پُنهون وِڌُمِ پيچُ، نِسوروئِي نِيہَ جو. [1870]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جي تمنا) ڪاش آءٌ پنهنجي هوت پنهل جو اهو ڪيچ ملڪ ڏوري ڏسان، جنهن مون کي پنهنجي نج عشق جي دام ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي.

9

پَسڻَ ڪارڻِ پرينءَ جي هَلِي هيڪاندي

سَسُئيءَ جي سڙِيءَ سِين ڪيچَ ڌَڻي ڪانڌي

لکيي مُنڌَ لَطِيفَ چَئي ارادي آندي

پُنهونءَ پيراندِي، نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئي. [1871]

سمجهاڻي: سسئي ويچاري پنهنجي پرينءَ سان ملڻ لاءِ بلڪل اڪيلي نڪتي هئي (آخر اُهو وقت آيو) جڏهن ڪاٺين تي رکيل لاش کي ڪيچ جي سردار پنهونءَ پاڻ اچي ڪلهو ڏنو. عبداللطيف چوي ٿو ته قسمت جي ليک ئي هن عورت کي سندس ارادي موجب اتي آندو. (شل) هن ويچاريءَ کي پنهونءَ جي پيرن ۾ دفن ٿيڻ جي جاءِ ملي.

10

اَوجهَڙِ وَتان آنءُ، ٻيون سَڀ سَڳَرَ ساٿَ جي

جا نِيہَ ڳَنهندِي نانءُ، سا مون جِئن پُندِي مامِري. [1872]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) آءٌ ئي اچي ڏکي واٽ ۾ ڦاٿي آهيان، باقي ٻيون سڀ قافلي سان سنئين سڌي رستي سان پيون وڃن. (حقيقت اها آهي ته) جيڪي مون وانگر محبت جي هام هڻنديون يا دعويٰ ڪنديون، سي مون وانگر ڏچي ۽ مصيبت ۾ پئجي وينديون.

11

لَڪَڙِياريُون آڱُرِيُون، ٻاروچاڻو ڀيرُ

اَچِي پَسو جيڏِيُون، تازو پنهونءَ پيرُ

ويچاريءَ سِين ويرُ، جَتَنِ جيڏوئِي ڪِئو. [1873]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي ٻڌائي) هنن (جي پيرن جون) آڱريون وچ کان مٿي ٿيل آهن ۽ اهو ئي بلوچن جو خاص نشان آهي. اي جيڏيون، توهين پاڻ اچي پنهل جي پير جو اهڙو تازو نشان ڏسو. (تڏهن توهان کي خبر پوندي) هن غريب ۽ مسڪين سان هنن جتن ڪيڏو انڌير يا دشمني ڪئي آهي (جو هو منهنجي پنهل کي پاڻ سان زوريءَ وٺي ويا).

12

لُڇَڻُ نه لاهِينِ، گُوندَرَ هِنَ غَرِيبَ تان

پَرِ ۾ پَچائِينِ، جيجان جوشَ جَتَنِ جا. [1874]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جي دانهن) هوت پنهونءَ جي فراق جا غم هن مسڪين جي پچر ئي نٿا ڇڏين (جو اها بيقراري ختم ٿئي)، بلڪ اي جيجل امان، هوت پنهل جي محبت جا جوش اندر ئي اندر ۾ پيا اڀرن ۽ منهنجي اندر کي باهه وانگر پيا ساڙين.

13

هَئي ٿو وڃي هوتُ، آءٌ ڪِين اَڳَڀَرِي ٿِيان

متان چوءِ بلوچُ، ’ڪَميڻِيءَ مان ڪِينَ ٿئو.‘ [1875]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جي بيوسي) هاءِ افسوس، منهنجو هوت پنهل منهنجي اڳيان پيو وڃي، جيڪر آءٌ وڌيڪ تکي ۽ تيز هلي وڃي کيس پهچان. ائين نه ٿئي جو متان هوت بلوچ چئي ويهي، هن گهٽ ذات واريءَ عورت مان ڪجهه نه ٿيو.

14

نَڪِين ٿِيَان سَڱَ ۾، نَڪِين سَڱيڻِي

آهيان ڪَميڻِي، ذاتِ ٻاروچِيءَ نه جُڙان. [1876]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جي زباني) مان هنن بلوچن جي مائٽي ۾ ناهيان نڪو مون سان هنن جو اهو ڳانڍاپو سونهي ٿو. مان ته گهٽ ذات واري آهيان، بلوچن جي ذات سان منهنجو جوڙ نٿو ٺهي.

15

ڪَمِيڻِينِ هَٿاءِ، ٿِيَنِ مُورائِين مَدِيُون

تون ڪر پاڻَ- وَڙاءَ، مُوٽُ سَٻاجها سُپرِين! [1877]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) ادنيٰ يا گهٽ ذات وارين کان اصل کان اوڻايون ۽ ڪچايون ٿين ٿيون. اي سٻاجها سپرين، تون ڄڻ پنهنجي وڙان موٽ (ڪميڻين وانگر مون کان مدي ٿي) پر تون پاڻ سڃاڻي، پنهنجي ٿوري، پوئتي موٽي مون وٽ آءُ (ن-ب).

16

ڪيچِ مَ خَبَرَ هوءِ، هِنَ مُنهِنجِيءَ ذاتِ جِي

مَتان پُنهون پوءِ، لَڄَ پنهنجي لوءِ ۾. [1878]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جي تمنا) شال ڪيچ وارن وٽ منهنجي هن ذات (ڌوٻياڻي هجڻ) جي خبر نه پوي، ڇاڪاڻ ته متان هوت پنهونءَ کي پنهنجي ديس ۾ ان ڪري شرمسار ٿيڻو پوي.

17

لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو وَسان تي وييَاسِ

پُرزا پَٻَ وَرَنِ ۾ پِٿُون ٿِي پيياسِ

توڙي ماءُ مُياسِ، ته پُڻُ ڪاڍو ڪيچَ ڏي. [1879]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جو احساس) مون کي هوت ٻاروچي جي محبت جو اندر ۾ تير لڳو آهي تڏهن آءٌ پنهنجي وس ۾ نه رهي آهي. مان انهي (عشق ۾) پٻ جي پهاڙ ۾ پنڌ ڪندي پرزا پرزا ٿي پيئي آهيان. اي امڙ، آءٌ ڀلي مري وڃان پر پوءِ به منهنجي اندر ۾ ڪيچ وارن لاءِ ڇڪ ۽ ڪشش ملندي.

وائي-1

منهنجو ساهُ وِئو سيڻانِ،

آيَلِ آيَلِ وِهانَ ڪِيئن ڀنڀور ۾

مون کي وِئا نه وِسَرِي، نِيہَ ڀَرِئا نيڻانِ

سو ڪِيئَن هنِيَڙو جهَلِيان، جهِڄي جو ڪيڻانِ

مادَرِ  پايو  مُنڊيُون،  ڪُوڪِيان  وَرُ  ڪيڻانِ. [1880]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي امڙ، او جيجل، منهنجو ساهه ته هوت بلوچن سان گڏ هليو ويو آهي، سو هاڻي آءٌ ڀنڀور ۾ ڪيئن ٿي رهي سگهان. مون کان هنن جون نينهن ڀريون نگاهون ڪونه ٿيون وسرن. آءٌ پنهنجيءَ دل کي ڪيئن روڪيان، جيڪا هنن لاءِ پيئي ٿي ڳري. (هنن کي ياد ڪري) آءٌ پنهنجي هٿن جي آڱرين جا منڊا وجهي (آڱريون آڱرين ۾ ڦاسائي) ويٺي دانهون ڪريان ۽ کين ياد ڪريان.

 

وائي -2

وسان تي ويياس، آيل! آيل!

لڳَم ٻاڻُ ٻَروچَ جو

پييَمِ وِچُ وِصالَ ۾، سَنجهي آءٌ سُتياسِ

’پاڻُ‘ وِڃايُمِ پيرَ تي، ڇُٽِي ’آءٌ‘ ڇُٽياسِ

آيَمِ اَنڌي لوڪَ سِين، مُٺي آءٌ مُٺِياسِ

اَلله   اُنِ   مَ   وِسَران،   ڏِٺي   جَنِ   جِيَاسِ. [1881]

سمجهاڻي: اي امڙ، اي جيجل، آءٌ حال کان بيحال ٿي ويئي آهيان، مان پنهنجي وس ۾ ناهيان، مون کي هوت بلوچ جي محبت وارو تير لڳي چڪو آهي. آءٌ سوير سانجهيءَ جو سمهي پيس تنهن ڪري منهنجي ۽ پنهونءَ جي ملڻ ۾ وٿي پئجي ويئي.

مون هن جي عشق ۾ پوڻ سان پنهنجو ’پاڻپڻو‘ وڃايو آهي، ۽ ’آءٌ‘ واري احساس کان آجي ٿي آهيان. آءٌ بي سمجهه ۽ عقل جي انڌن ۾ ڦاسي پيئي آهيان، تڏهن لاچار ٿي پئي آهيان. او مالڪ سائين، پر اُنهن کان شل وسري نه وڃان جن کي ڏسڻ کان سواءِ آءٌ جيئري رهي نٿي سگهان.

 

داستان ٻارهون

 

1

آيا آسَ ٿِيامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾

پَسِي پَهَرَ پُنهونءَ جي نُہَ سِين نيڻَ ٺَرِيامِ

گُوندَرَ وِسرِئامِ، سُکَنِ ساکُون مُڪِيُون. [1882]

سمجهاڻي:  (سسئي ٻڌائي ٿي) منهنجا هوت بلوچ ڀنڀور شهر ۾ آيا آهن، تنهن ڪري مون کي وڏي اميد پيدا ٿي آهي. پنهونءَ جا مٽ مائٽ ڏسي مان نَنهن کان چوٽيءَ تائين خوش ٿي ويئي آهيان (آءٌ ڏاڍي خوش ٿي آهيان). مون کان سڀ ڏک ۽ غم وسري ويا ۽ مسرت جو موقعو ميسر ٿيو آهي (هنن جو اچڻ سکن جي موٽ کائڻ جي شاهدي آهي، يعني هاڻي سک ئي سک ٿيندا).

2

ٻاروچا ٻِئا گهَڻا، منهنجو اَجهو آرِياڻِي

چُونڊي رَکِئُمِ چِتَ ۾، ساجَنُ سُڃاڻِي

جا وِندُرِ وِڪاڻِي، تِنہِ جو موٽَڻُ مَسَ ٿِئي. [1883]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) بلوچ ٻيا به ڪيترائي آهن، پر منهنجو سهارو آرياڻي سردار آهي. مون ان سياڻي ساجن کي ڄاڻي سڃاڻي پوءِ دل ۾ جاءِ ڏني آهي. مگر جيڪا وندر جي واٽ جي حوالي ٿي، تنهن جو موٽڻ مشڪل آهي.

3

ٻاروچا ٻِئا گهڻا، منهنجو پُنهون سَرُ سَڀِنِ

چانگي تي چڙهِي ڪري ڪندو وَرِ وِلهنِ

مَٿي  مَعذورِينِ،  هوتُ  ڌَرِيندو  هَٿَڙا. [1884]

سمجهاڻي: هوت بلوچ ٻيا به گهڻا آهن، پر منهنجو پنهل سڀني جو سردار آهي. مون کي اميد آهي ته هو پنهنجي اُٺ تي سوار ٿي هيڻين ۽ هيڪلين جي خبرچار لهندو ۽ سندن هٿ وٺندو. هو اُنهن عيب وارين ۽ مصيبت جي ماريلن جو واهرو ۽ مدد گار ٿيندو.

4

هُوءِ جا گهورِي گهوٽَ جِي، تِنہِ کي چَرِي چُونِ

اُگهاڙِيُون عالَمَ ۾ هوتَ پُڄاڻا هُونِ

پَرا تَنِي پُونِ، ڏٺو جَنِ اکينِ سِين. [1885]

سمجهاڻي: سسئي پنهنجي سپرينءَ کي پيئي ڳولي (هر وقت هن جي تلاش ۾ آهي) پر ماڻهو هن کي چري يا پاڳل ٿا سمجهن (هنن کي اها ڳالهه نٿي سمجهه ۾ اچي ته) پنهنجي سپرينءَ (جي ڍَڪ کان سواءِ) هر ڪا هن جهان ۾ اگهاڙي يا چري آهي. اها خبر صرف اُنهن کي پوي ٿي جن پنهنجي دوست جو ديدار ڪيو آهي (جن ساڻس گڏ گهاريو آهي).

5

جي تون ڳالهائي، ماءُ ٻاروچا پُڇئا

اُني جي وائِي، هوندَ نه وييان وِسَري. [1886]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي امڙ، جيڪڏهن تون هنن ٻاروچن سان ويهي ڳالهائين ها (حال احوال پڇين ها) ته هنن جي وڻندڙ گفتگو توکان ڪڏهن به نه وسري ها.

6

ڏِٺان جي ٻَروچُ، مون جِئَن هوتُ اَکين سِين

مون کي چَيان لوچِ، پاڻان پيٺِيُون ڇَپَرين. [1887]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) جيڪڏهن منهنجون جيڏيون به مون وانگر (منهنجي اکين سان) هوت بلوچ (محبوب) کي ڏسن ها ته مون کي ضرور ائين چون ها ’پاڻ پتوڙ، هن جي جستجو ڪر‘ ۽ پاڻ کي به روڪي نه سگهن ها ۽ هن جي پٺيان جبلن ۾ ڪاهي پون ها.

7

ٻاروچو ٻِيءَ ڀَتِ، جِيڪُسِ ڏِٺو جيڏيين

مون جئن مُوڙَهينِ مَتِ، پَسَندِهِين پُنهونءَ کي. [1888]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي سمجهائي) مون کي خاطري آهي ته منهنجين سرتين منهنجي محبوب کي ٻئي نموني (ظاهري اکين سان) ڏٺو آهي، ورنه پنهونءَ کي ڏسڻ سان ئي مون وانگر هنن جا حوصلا به خطا ٿي وڃن ها.

8

ٻاروچو ٻِيءَ رُوءِ، جِيڪُسِ ڏِٺو جيڏيين

سَنجهي ۽ صُبُوحِ، هُوندَ سُورَنِ ٿِيُون سَجهَڪِيُون. [1889]

سمجهاڻي:  (سسئي پنهنجو حال بيان ٿي ڪري) منهنجو خيال آهي، منهنجي سرتين پنهونءَ کي دل سان ۽ محبت سان نه ڏٺو آهي، نه ته هو سڀ صبح ۽ شام سورن ۽ غمن ۾ هٿيڪيون يا قابو هجن ها.

9

آن جي ڏِٺي جيڏِيُون، پُنهونءَ جِي پاٻُوهَ

سَنجهي ۽ صُبُوحَ، هُوندَ نه وييان وِسرِي. [1890]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جو خيال) اي سرتيون، جيڪڏهن منهنجي پياري پنهونءَ جي مرڪ (کلڻ جو انداز) جو نمونو ڏسو ها ته پوءِ اها صبح توڻي شام (ڪڏهن به) توهان کان نه وسري ها.

10

مون جئن مُلاقاتَ، جي هُيَان هوتَ پُنهونءَ سِين

ٻانهُنِ وِجهِي واتَ، رِيهُون ڪِيان رُڃنِ ۾. [1891]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جي سوچ) اي سرتيون، جيڪڏهن توهان جي منهنجي مٺي محبوب پنهل سان ملاقات ٿئي ها ته جيڪر (چرين وانگر) پنهنجين ٻانهن ۾ چڪ وجهي برپٽ بيابان ۾ رڙين ۽ دانهن ڪرڻ کان باز نه اچو ها.

11

مَرُ مَعذورِ هُئان، اَللهَ چَڱِي مَ ٿِيَان

رِڙهان ۽ رُئان، پُٺِيءَ سَڳَرِ ساٿَ جِي. [1892]

سمجهاڻي: اي منهنجا الله، آءٌ ڀلي چڱي ڀلي نه ٿيان ۽ آءٌ محتاج ۽ ڪمزور هجان، پر (منهنجي هڪڙي تمنا آهي) هوت پنهونءَ جي قافلي جي پويان رڙهندي ۽ روئندي وڃان.

12

جَڙَ جِيَري جَنِ سِين، مُئي پُڻُ سِين تَنِ

جي هِتِ نه هوتُ پَسَنِ، سي ڪِنہِ پَرِ ڪيچِ پَسَندِيُون [1893]!

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) مون کي هن حياتيءَ ۾ جن سڄڻن سان محبت جي  ميخ لڳي آهي اڳتي مرڻ کان پوءِ به اُنهن سان ئي اها محبت قائم رهڻ واري آهي. مطلب ته جن هتي هن دنيا ۾ (اندر جي اکين سان) دوست جو ديدار ڪيو اُهي ڪيچ (ٻئي جهان) ۾ پهچي ڪيئن هن جو ديدار ڪري سگهنديون.

13

سُورَنِ سانڍِيَاسِ، پُورَنِ پالِي آهِيان

سُکَنِ جي سَيدُ چَئي، پُکِي آءٌ نه پِياسِ

جِڪُسِ آءٌ هُياسِ، گُرِي گُوندَرَ وَلَ جِي. [1894]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جي زباني) مون کي ننڍپڻ کان سورن سنڀاليو آهي ۽ ڏکن ۽ غمن ۾ پلجي وڏي ٿي آهيان. عبداللطيف چوي ٿو منهنجي ڀاڳ ۾ ڪڏهن به سک ۽ آرام نه آيو آهي. شايد آءٌ ڏکن دردن جي اُها ول آهيان، جيڪا پنهنجي ليکي پيئي وڌي ۽ ويجهي.

14

نَه ڪي رُئڻَ وارِيُون، نه ڪي اوسارِينِ

مُونهِين کي مارِينِ، مُونهِين سَندا ڏُکَڙا. [1895]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) هاڻي مون سان نڪي روئڻ واريون آهن ۽ نڪي هٿ کڻي پِٽڻ واريون آهن (مون سان ڏک ۾ ڪا شامل ڪانهي)، انهيءَ ڪري اهي منهنجا پنهنجا ڏک ئي آهن، جيڪي مارين ۽ ڳارين ٿا (مون سان همدردي ڪرڻ واري ڪا ڪانهي).

15

ٻَڌو ڪِنہِ ٻانڌاڻِ، هنِيَڙو هوتاڻِيءَ سِين

پَليان پَليو نه رَهي، ڀَرئو اچي ڀاڻِ

ڪاجا پِييَسِ ڪاڻِ، نِبيريانسِ نه نِبِري. [1896]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) منهنجي دل هوت سڄڻ جي سڪ ۾ ڏاڍي سوگهي مضبوط ٻَڌجي چڪي آهي، مان  پاڻ کي ڪيترو ٿي روڪيان، پر منهنجيءَ دل ۾ محبت گهٽجڻ جي بدران ويتر وڌندي پيئي وڃي. منهنجي دل محبوب لاءِ ايڏي ضرورتمند ٿي پيئي آهي، جو آءٌ کڻي ڪيترو به ان کي جدا ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪريان پر اُها هنن کان الڳ نٿي ٿئي.

16

ڪُہُ ڄاڻان ڪُہُ ٿِئو، ڪيڏانہَ ٿِي وڃان

هَٿ، ڪَرايون، آڱريون ڀيري سَڀَ ڀَڃان

ٻِئَنِ ڳَرِ ڳَڃان، مون هارِيءَ هوتُ وِڃائيو. [1897]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جو احساس) مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته مون سان ڇا ٿيو آهي ۽ ڪيئن ٿيو آهي ۽ آءٌ ڪيڏانهن پيئي وڃان (انهيءَ ڳڻتي ۽ سوچ ۾ آءٌ پنهنجا هٿ، ڪرايون ۽ آڱريون مروٽيو پيئي ڀڃان). ٻين جي گهرن ۾ ته شادمانا آهن باقي آءٌ اڀاڳي پنهنجي هٿان هوت وڃائي ويٺي آهيان.

17

ڇِپُنِ ڇِنا پيرَ، هَلِي هَلِي ماء

ڪوهياري جِي ڪاء، ڳِنِهيو ڀُڻان ڳالَهڙِي. [1898]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جي دانهن) منهنجا پير جبلن جي ڏکين ۽ وڏن پٿرن تي هلي هلي اُتي ئي ڦاٽي ۽ ڏري پيا (اهڙيءَ حالت ۾ مون کي چپ ڪري ويهڻ گهربو هو) پر منهنجي اندر ۾ هوت پنهل جي اهڙي ڪا ڳڻن واري ڳالهه اچي ويٺي آهي جو آءٌ هر حال ۾ اها ياد ڪريو پيئي هلان.

18

چان ڪِ آيَسِ اَڳاهِين، تان اُتَهِين بِيٺِي آهِيان

پِرِتِ پَراهِين، هاڻي مَران مَ جِيان. [1899]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) جيترو آءٌ اڳتي هلي پنڌ ڪري آيس، پر مون ڏٺو ته آءٌ اُتي ئي ساڳئي هنڌ تي بيٺي آهيان (جتان هلڻ شروع ڪيو هئم) مون کي لڳي ٿو ته منهنجو محبوب اڃا گهڻو پري آهي ۽ منهنجي حالت اها آهي، جو آءٌ نڪي جيئرن ۾ آهيان نڪي مُئن ۾ آهيان.

19

ڪوهيارو ڪاري، پَنڌَ اَڙانگا پَٽيين

سي ڏيہَ ڏيکاري، جي اَڳَ نه ڏِٺا ڪَڏَهِين. [1900]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جي زباني) مون کي ڪيچ واري ڪوهياري محبوب ميدانن جا ڏکيا ۽ ڊگها پنڌ ڪرايا آهن، هن جي ڪري مون کي اهڙا هنڌ ۽ ملڪ اچي ڏسڻا پيا آهن جيڪي اڳ ۾ ڪنهن نه ڏٺا هئا.

20

جيڪَرَ اَچين هاڻِ، مون سارِيندي سُپِرِين

ڪَريون رُوحَ رِهاڻَ، لَڪَنِ مَنجهه لطيفُ چَئي. [1901]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي منهنجا سپرين، ڪاش هينئر ياد ڪندي تون مون وٽ اچي نڪرين ته جيڪر جبل جي هنن لڪن ۾ ويهي توسان قرب ونڊيان ۽ روح جا راز کولي ٻڌايان.

21

ڀَلِي ڪَري ٿِيومِ، هِيءُ سَڱُ ٻاروچَنِ سِين

وَڃي ڪيچُ ڏِٺومِ، پُٺِيءَ لَڳِي جَنِ جي. [1902]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جو بيان) شڪر آهي جو منهنجو ڳانڍاپو بلوچن سان ٿيو، تڏهن ته هنن جي پٺيان هلندي وڃي ڪيچ جو ملڪ ڏسڻ نصيب ٿيو آهي.

22

سَرَتِيُون سُورُ پنهونءَ جو، سُڃن ۾ شامِلُ

ڪوهيارو ڪامِلُ، مون کي ڏُکَ ڏيکارِيو. [1903]

سمجهاڻي:  (سسئي ٿي چوي) اي سرتيون، هوت پنهونءَ جي عشق جو سور جبل توڻي ۾ بيابان مون سان گڏ پيو گهمي. (درحقيقت) اهو سهڻو سڄڻ مون کي اُنهن ڏکن ۽ سورن ئي ته ڏيکاريو آهي.

23

سَرتِيُون سَڀوئِي ٿِئو اَندَرِ آرِياڻِي

ويٺِي پَسان پاڻَ ۾ ڏُونگرُ ڏِينهاڻِي

هُيَسِ جَنِ هاڻِي، سي ڪيچِي گَڏِيَمِ ڪَہَ ۾. [1904]

سمجهاڻي:  (سسئيءَ جو احساس) منهنجي اندر ۾ (ٻيو ڪجهه نه رهيو آهي) هاڻي رڳو آرياڻي محبوب ئي آهي. مان پنهنجي اندر ۾ ئي اُهي ڏونگر ۽ پهاڙ (جيڪي محبوب جي واٽ ۾ رڪاوٽ آهن) پيئي ڏسان (انهن کي پيئي ڏوريان). مان جن سڄڻن جي بِلي آهيان، سي مون کي  اِتي ئي انهيءَ پنڌ ۾ ملي ويا.

24

جان جان هُئِي جِيرِي، وِرِچِي نَه ويٺِي

وَڃي ڀُونءِ پيٺِي، سارِيندي کي سَڄَڻين. [1905]

سمجهاڻي: (سسئي) جيستائين جيئري هئي (آخري دم تائين) هلندي رهي ۽ ڪڏهن به ڪڪ ۽ تنگ ٿي ماٺ ڪري نه ويٺي. نيٺ وڃي زمين اندر داخل ٿي (مري وڃي قبر ۾ پيئي). پر آخر تائين سڄڻ کي ياد ڪندي رهي (هوءَ هڪ دم به غافل نه رهي).

[مثنوي روميءَ ۾ انهيءَ مطلب جو هيءُ شعر ڏسو:

اندرين ره مي تراش و مي خواش

تا دم آخر دمي فارع مباش.

(دفتر اول، ب-1822)

معنيٰ: انهيءَ رستي ۾ ڌڪا ٿاٻا کائيندي ٿڙندي ٿاٻڙندي به هلندو رهه، آخري پساهه تائين هڪڙي ساعت يا دم به واندو ٿي نه ويهه].

وائي -1

ڪارُون وَسَ ڪِئامِ،

ڏاڍي   زورِ    وِئــــــــــــــامِ

مُئِيءَ جو مُحبُ نه موٽِئو!

ٻَنڌَڻَ ٻاروچَنِ جا، لوڏي ماءُ ڏِنامِ

آءٌ سينڌِي سُورَ جِي، تِيلاہَ سُورَ ٿِئامِ

جَنِ ري سَري نه ساعَتَڙي، تَنِ رِي پَهَرَ پِئامِ

لَڪَنِ  سِرِ  لَطِيفُ  چَئي،  لَٽي  لوڙهه  وِئامِ. [1906]

سمجهاڻي: مون هنن بلوچن کي ڏاڍيون منٿون ۽ حيلا ڪيا، پر هو مون وٽان (پنهونءَ کي) زبرستي وٺي هليا ويا، تنهن ڪري منهنجو محبوب مون وٽ موٽي نه آيو. مون کي ننڍي هوندي کان منهنجي ماءُ پينگهي ۾ اِهي ٻنڌڻ ٻڌي ڇڏيا هئا. مان سورن سان هريل ناهيان، تنهنڪري مون کي سور گهڻو پيا ستائين. جن کان سواءِ هڪ گهڙي به نٿي گذاري سگهجي، مون کي اُنهن کان جدا ٿئي ڏينهن ۽ پهر گذري ويا آهن. عبداللطيف چوي ٿو مون کي هو مرڻ پڄاڻان لَڪن ۾ ئي پوري هليا ويا.

 

وائي-2

پِرِيَنِ  جِي   ادا   پانڌِي،

ڪَـــرِ  ڪــا   ڳالَـهڙِي

حِڪايَتَ هوتَنِ جِي، ادا تو ڪا آندِي

ڏيئِي باهِ ڀَنڀورَ کي، جَتَنِ سِين آءٌ جاندِي

آهِيان آريجَنِ جي گولِي آئُون باندِي

مون کِي پِيتَم پِيارِئو، خُمُرَ جِي آءٌ خاندِي

پَسَڻَ ڌاران پِرينءَ جي مُٺِي پَسُ هِي ماندِي

ڪَڏهِنِ ٿِيندِيَسِ ڪيچَ ۾ هوتَنِ سِين هيڪاندِي

ڪَرَمَ ساڻُ ڪَرِيمَ جي، ڪيچِي ٿِيندَمِ ڪانڌِي. [1907]

سمجهاڻي: (سسئي ٿي چوي) اي ادا پنڌ ويندڙ (قاصد)، تون ڪا سڄڻ جي ڳالهه ٻولهه ڪر، ڪو واءُ سواءُ ڏي. تو پاڻ سان هنن هوتن جي ڪا خبرچار آندي آهي. آءٌ ته ڀنڀور کي باهه ڏيئي هنن جَتن سان گڏ وينديس. آءٌ اُنهن بلوچن جي ٻانهي ۽ گولي آهيان. مون کي پرت جو پيالو پرينءَ پنهنجن هٿن سان جياريو آهي، سو آءٌ نشي جي هيراڪ ۽ خواهشمند آهيان. دوست جي ديدار کان سواءِ هن بي حال ۽ بيوس کي ڏسو! آءٌ سِڪان پئي ته ڪيچ وڃي ڪڏهن هوت پنهل سان ملنديس. شال رب ڪريم پنهنجو ڪرم ڪندو، هو مون کي مرڻ کان بعد ڪلهي ڏيڻ وارا ڪيچي اچي ٿيندا.

[مثنوي روميءَ ۾ ’خُمر‘ جي باري ۾ ڪيترا شعر ملن ٿا، ليڪن هتي هيءُ شعر ڏسو:

خود   قوي  تر  مي  بود   خمر  کُهن،

خاصه آن خمري که باشد من لدن.

     (دفتر اول، ب-2942)

معنيٰ: جيتوڻيڪ پراڻو شراب زياده مستيءَ وارو ٿئي ٿو، خاص طور اهو شراب جيڪو هن دوست وٽ آهي يا هو دوست پاڻ پياري ٿو].


· هي سلسليوار بيت نمبر 1869 هتي رد سمجهڻ گهرجي، ڇو ته ساڳيو بيت سُر حسيني ۾ سلسليوار نمبر 1753 تي موجود آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org