قريشي حامد علي ”خانائي“
سيد حسام الدين راشدي بحيثيت _محقق ۽ مورخ
سيد حسام الدين راشدي (سن1911ع _ 1329هه سن1982ع _ 1402هه)
برصغير هندو پاڪ جي هڪ مشهور بلند پايي جي عالم،
محقق ۽ مؤرخ جي حيثيت سان مشهور آهي. سندس شخصيت
خاص ڪري سر زمين سنڌ لاءِ فخر جو باعث آهي. سنڌي
زبان، ادب ۽ تاريخ،سندس علمي ۽ ادبي ڪاوشن تي
جيترو به ناز ڪري، اوترو گهٽ آهي. سيد صاحب پنهنجي
عالمانه ۽ محققانه خدمتن ۽ ڪاوشن ڪري نه فقط سنڌ ۽
هند ۾، بلڪه ايران ۽ ٻين ڪيترن ئي ڏورانهن ڏيهن ۾
پڻ نيڪنامي ۽ شهرت حاصل ڪري چڪو آهي پاڻ پنهنجي
انفرادي شخصيت جي لحاظ کان پنهنجي همعصر عالمن ۽
مؤرخن ۾ هڪ وڏي حيثيت جو مالڪ هو. سندس علمي،
تحقيقي ۽ مؤرخانه لکڻيون هڪ فني ۽ انتقادي معيار
تي پهتل هيون. پاڻ پنهنجي دلڪش اسلوب بيان ۽ سليس
عبارت جي ڪري هڪ مثالي حيثيت جو حامل هو. سچ پچ ته
سيد صاحب جي شخصيت کي پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ ”مستقل
دور“ جي حيثيت حاصل هئي، ليڪن افسوس جو سندس وفات
کان پوءِ اهو دور هميشه لاءِ ختم ٿي ويو.
سندس تحقيقي تاريخي ۽ ادبي مقالن، تصنيفن ۽ تاليفن کي سنڌي ادب
۾ هڪ وڏو مقام حاصل آهي. پاڻ سنڌي زبان ۽ ادب ۾
انهن جو هڪ وڏو قيمتي ذخيرو ڇڏيو اٿن. اهي مقالا
تصنيفون ۽ تاليفون اڪثر سنڌ جي تاريخ ثقافت،
مشاهيرن، عالمن، شاعرن ۽ صوفي بزرگن جي حالات
زندگي ۽ تذڪرن سان تعلق رکن ٿيون. سيد صاحب صحيح
معنيٰ ۾ سنڌ جو مؤرخ ۽ ترجمان هو هن سنڌ جي قديم
دؤر جي عوامي زندگيءَ جي حالتن، سماجي ۽ معاشرتي
ڳالهين جو ذڪر پنهنجن مقالن ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ جا
بجاڪيو آهي. سندس نظر ۾ ”تاريخ“ جو علم ٻين علمن
کان وڌيڪ دلچسپ نفعي بخش هو. ان ڳالهه جي ثابتي
سندس لکڻين مان ظاهر ٿئي ٿي.
هڪ محقق ۽ مؤرخ جي حيثيت ۾ سيد صاحب جو مرتبو نهايت بلند هو،
کيس سنڌ جي تاريخ ۽ مشاهيرن جي حالات زندگيءَ جي
ترتيب ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ۾ وڏو درڪ حاصل هو. سندس
تصنيفن ۽ تاليفن کي مطالعو ڪرڻ مان هرڪو اهل علم
سندس تبحر علمي، وسعت نظري، وسيع مطالعي، اصول
انتقاد ۽ اصول تنقيد جو دل سان داد ڏئي ٿو. پراڻن
۽ گمنام قلمي نسخن، ڪرم خوردهه ۽ بوسيده بياضن کي
ڳولي هٿ ڪرڻ، انهن جي نئين سر تسويد ڪرڻ، عالمانا
مقدما ۽ پيش لفظ لکڻ، منتشر ۽ غير مرتب ورقن کي
اٿلائي پٿلائي نئين سر ترتيب ڏئي سينگارڻ ۽ سنوارڻ
وغيره اهڙا ڪارناما آهن، جي سيد صاحب جي شخصيت ۽
فن کي هميشه لاءِ زنده ۽ قائم رکن ٿا. سندس
عالمانه ۽ مورخانه انداز کان متاثر ٿي، برصغير جي
هڪ وڏي محقق ۽ مؤرخ سيد سليمان ندويءَ کيس ”مورخ
سنڌ“ ڪري سڏيو هو.[1]
سيد صاحب نه صرف اسلامي دور جي تاريخ جو ڄاڻو هو، بلڪه سنڌ جي
تاريخ تي به کيس وڏو عبور حاصل هوس. پاڻ هڪ منفرد
۽ صاحب طرز عالم هو. سندس تاريخي ۽ تحقيقي ڪم،
مختلف مرحلن ۽ منزلن مان گذرندي، اعليٰ مقام تي
پهتو هو. پاڻ وطني محبت جي جذبي سان سرشار هو .
پنهنجي وسيع مطالعي سان جيڪو به تحقيقي ڪم ڪيائون،
ان ۾ سنڌ جي پيار ۽ محبت جو عنصر نظر اچي ٿو. سندس
هر لکڻيءَ ۾ سنڌ شناسيءَ جو اهڃاڻ ملي ٿو، جنهن
مان اسان پنهنجي ماضيءَ جي داستان کي پڙهي ۽ پروڙي
سگهون ٿا. انهن مقالن ۽ تصنيفن ۾ سنڌ جي سوين سالن
جي تاريخ ۽ تذڪرا بيان ڪيل آهن. اهو ٿي سگهي ٿو ته
ان مواد ۾ سنڌ جو سمورو تاريخي سرمايو نه به
سهيڙيل هجي پر ان هوندي به انهن ۾ ڪن خاص اهم
واقعن، حالتن ۽ شخصيتن جو احوال ۽ تذڪرو، قديم دور
کا وٺي اڄ ڏينهن تائين وضاحت سان بيان ڪيل نظر
ايندو. اهو داستان اسان لاءِ عبرت انگيز ۽ فڪر
انگيز ضرور آهي ازانسواءِ تاريخ جي روشني ۾ سنڌي
سماج جو به ذڪر آهي ته سياسي ڪوتاهين خامين ۽ سرد
مهرين جو داستان پڻ.
سنڌ جي هن عظيم مورخ، پنهنجي سموري حياتي سنڌ جي ڇڙ وڇڙ تاريخ
ڪڙين کي پاڻ ۾ ملائڻ ۽ ان کان نئين ٽهي وارن لاءِ
شناسائي پيدا ڪرڻ لاءِ پوري ڪئي،سيد صاحب سنڌي
زبان ۾ تاريخي رنگ ۽ ڍنگ جي عبارت کي سنوارڻ ۽
سينگارڻ ۾ وڏو نمايان حصو روتو. سندس لکڻين ۾
مقامي رنگ جهلڪي ٿو.مقامي نج سنڌي محاورا، اصطلاح
۽ ترڪيبون استعمال ڪيون آهن. هر تحرير پنهنجي لکڻ
واري جي شخصيت جو آئينو هوندي آهي. ”بفن“ (Buffon)
جو قول آهي ته
Style is the man ليڪن ڪڏهن ڪڏهن لکڻ واري جي تحرير ۾ ٻين مصنفن جي اسلوب بيان
جي جهلڪ نظر ايندي آهي. ان هوندي به پنهنجو پاڻ کي
تحرير ۾ ظاهر ڪري وجهندو آهي. ”ڊوبري“ جو چوڻ آهي
ته هر مصنف جي ذاتي آواز جو لهجو پڻ ان جي لکڻيءَ
مان صاف ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. سيد صاحب پنهنجي علمي ۽
ادبي زندگيءَ جي شروعات صحافت کان ڪئي. بقول سيد
صاحب ته پاڻ مولانا ظفر علي خان ۽ مولانا غلام
رسول مهر جي عبارتن کان متاثر ٿي سنڌي نثر ۾ لکڻ
شروع ڪيو.
[2]
سيد صاحب جو مزاج خالص تاريخي ۽تحقيقي هو. هو هنگامه خيز سياسي
ڳالهين کان ڪوهين دور هو. سندس شخصيت ۾ هڪ سڪون،
وقار ۽ خلوص هو. اهي اوصاف سندس تحريرن ۾ نمايان
ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهو برابر آهي ته سندس ابتدائي
صحافتي زندگيءَ دوران سندس عبارت مولانا ظفر علي ۽
مولانا غلام رسول مهر جي عبارت کا متاثر نظر اچي
ٿي. ليڪن ”ڊوبري“ جي قول موجب ته مصنف جو پنهنجي
نوعيت وارو سلووب ڀلا ڪٿي ٿو لڪي سگهي؟ سيد صاحب
جي سنڌي عبارت ۾ ماٺار آهي. مولانا ظفر علي جي
عبارت جوشيلي آهي.سيد صاحب وٽ فارسي ترڪيبن جو
استعمال گهڻو آهي، البت سندس طبيعت جو زياده ميلان
سنڌي عبارت طرف هو. سندس پوري شخصيت پنهنجي عبارت
مان جهلڪي ٿي. سندس مزاج ۽ ماٺار، سنجيدگي، ۽ وقار
سندس عبارت ۾ رنگ ڀري ٿي. کيس پڙهندڙن کي پنهنجي
طرف متوجه ڪرڻ جو وڏو ڍنگ آهي. سيد صاحب پنهنجي هر
مقالي ۽ تصنيف جي شروعات نهايت ئي محنت ۽ سليقي
سان ڪري ٿو، جنهن مان پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ ڪافي
متاثر ٿين ٿا ۽ انهن جي پڄاڻي پڻ پوريءَ طرح نباهي
ٿو.
اسان هت هن مضمون ۾ انهن مٿين مڙني ڳالهين جو جائزو، تاريخ جي
فني اصولن موجب مرحوم سيد صاحب جي مقالن ۽ تصنيفن
تي وٺي ثابت ڪندا سون ته سندس ڪيل ڪم ڪيتريقدر
انهيءَ ڪسوٽي تي پورو ثابت ٿئي ٿو.
(1) سيد حسام الدين راشديءَ جي تاريخ نويسي:
سيد صاحب جي تاريخي مقالن ۽ تصنيفن تي فني جائزي وٺڻ کان اڳ ۾
تاريخ جي علم ۽ فن تي مختصر روشني وجهي اها ڳالهه
چڱيءَ طرح سان ثابت ڪندا سون ته سيد صاحب تاريخ جي
مقرر ڪيل ماڻ ۽ ماپي تي ڪهڙي نموني ۾ ڪار بند رهيو
آهي ۽ تاريخ جي اصولن ۽ نظرين کي ڪيتريقدر نباهيو
آهي.
تايخ تهذيب ۽ تمدن جو آئينو آهي،جنهن ۾ انسانيت جي خد و خال
پنهنجن سمورين خوبين ۽ خامين سان وضاحت سان ڏسڻ ۾
اچن ٿا. انساني تهذيب جيئن جيئن پنهنجي وک ارتقائي
منزل طرف وڌائي ۽ جن دشوار منزلن ۽ مرحلن مان ان
کي گذرڻو پيو آهي، ان جي سموري روئداد جڏهن لفظن
جي شڪل اختيار ڪري ٿي ته ”تاريخ“ جنم وٺي ٿي.دراصل
تاريخ هڪ اهڙو علم آهي، جنهن جي ذريعي انسان
پنهنجي گهر ۾ ويٺي ئي دنيا جي ملڪن ۽ قومن جو
جائزو وٺي سگهي ٿو ۽ انهن جي تجربن مان ڪجهه حاصل
ڪري سگهي ٿو قومن جي زندگي ۽ موت جو تعلق تاريخ
ساڻ آهي. دنيا ۾ جيڪي به وڏيون وڏيون سلطنتون
بادشاهتون ۽ قومن جهڙوڪ: مصري، ڪلداني، يوناني ۽
رومي وغيره ٿي گذريون آهن، اهي تاريخ جي ذريعي ئي
اڄ دنيا ۾ زندهه آهن. سچ پچ تاريخ هزارين سالن جي
انساني تجربن جو هڪ نچوڙ آهي.
تاريخ جو فن جيڪڏهن دنيا م ايجاد نه ٿئي ها ته پوءِ هزارين سالن
جي انساني جدو جهد ۽ ڪارنامن جو احوال ۽ انهن جي
انجام وغيره جو ڪو به پتو نشان نه رهي ها! تاريخ
هميشه پنهنجن ورقن کي دهرائيندي آهي. انهيءَ ڪري
ئي تاريخ جي هر دور جا ڪارناما آئينده دور جي
ڪارنامن جو پيش خيمو بڻجن ٿا ۽ انهيءَ ريت تهذيب ۽
تمدن جي ترقيءَ جو سلسلو دنيا ۾ قائم رهي ٿو.
تاريخ جي فن سان هر دور جي قومن ۽ ماڻهن جو خاص
ذوق رهيو آهي. وڏي شوق سان ان جو مطالعو ڪيو وڃي
ٿو. ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي جو انسان کي
پنهنجي ماضيءَ سان گهرو دلي لڳاءُ هوندو آهي.
انهيءَ ڪري ”ماضيءَ“ جي احوال جو مطالعو ڪرڻ سان
”حال“ کي سمجهڻ ۽ مستقبل کي سنوارڻ ۾ گهڻي هٿي ملي
ٿي. عوام جي ان سان دل آهي ۽ بادشاهه ۽ قومي اڳواڻ
ان جي حاصلات ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪندا
آهن. تاريخ کي عالم توڙي عام ماڻهو ٻئي سمجهي سگهن
ٿا، ڇاڪاڻ ته اها ملڪي سياسي واقعن، حڪمرانن ۽
قديم زماني جي حالتن تي اهڙي معلومات آهي جا سهڻي
رنگ ۽ ڍنگ سان بيان ڪئي وڃي ٿي. تاريخ اها ڳالهه
به واضع ڪري ٿي ته حالتن جي ڦير گهير انساني
زندگيءَ جي معاملن تي ڪهڙا ڪهڙا اثر ڇڏي ٿي. نه
صرف ايترو پر تاريخ جو مالعو سياسي شعور پڻ پيدا
ڪري ٿو. تاريخ جو مطالعو هن دور جي هر با شعور
شهريءَ لاءِ تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ان مان گاهه
۾ وسعت ۽ ذهن ۾ ڪشادگي پيدا ٿئي ٿي.گويا ائين کڻي
چئجي ته هڪ ”شهري“ ۽ ”علم تاريخ“ جي درميان
”شاگرد“ ۽ ”استاد“ وارو رشتو قائم ٿي وڃي ٿو.
اڳئين دور ۾ تاريخ جو اهو مطلب سمجهيو ويندو هو ته مورخ تاريخ ۾
ڪن خاص نمايان مشهور ماڻهن يا قومن جي تاريخ ۽
تذڪرو بيان ڪندو آهي، باقي ان دور جي سياسي،
سماجي، معاشرتي حالتن، واقعن ۽ انهن جي رونما ٿيڻ
جا سبب ۽ نتيجا وغيره بيان نه ڪيا ويندا هئا. ان
ڪري ان جوصحيح نقشو پڙهندڙن جي اڳيان اچي نه
سگهندو هو، پر پوءِ آهستي آهستي تاريخ جو اهو
پراڻو طريقو متروڪ ٿيندو ويو ۽ تاريخ اجتماعي
زندگيءَ جي احوالن سان همڪنار ٿي ويئي. دنيا ۾
جيڪي قومون پنهنجي ماضيءَ جي تاريخ کان پٺڀريون
ٿينديون آهن صحيح معنيٰ ۾ ”قوم“ چوائڻ جي لائق نه
هونديون آهن ۽ نه وي ڪو انهن کي دنيا ۾ زندهه
رهڻ جوڪو حق آهي. تاريخ جي ورقن ۾ جن قومن ۽
مشاهيرن جو ذڪر ۽ تذڪرو بيان ڪيو وڃي ٿو، اهي دنيا
۾ هميشه زندهه ۽ باقي رهن ٿيون. جيڪڏهن ڪنهن به
قوم کي صفحه هستيءَ تان ميسارڻو هجي ، ته پوءِ ان
قوم جي صحيح ۽ مستند تاريخ جي سرمايي کي نابود ڪيو
وڃي، ته پوءِ اها قوم خود بخود ميسارجي ميٽجي
ويندي.
تاريخ نگاريءَ جي فن ۾ ”مورخ“ کي وڏي اهميت حاصل آهي. ارسطو جو
قول آهي ته ”جو ماڻهو پنهنجي صحيح راءِ رکڻ جو
عادي آهي ، ته پوءِ تاريخ به هميشه ان جو ساٿ
ڏيندي رهي ٿي.“ اهو قول هڪ مورخ جي مستقل مزاجيءَ
جو هڪ واضح دليل آهي. مورخ کي جڏهن به ڪو تاريخي
واقعو يا حادثو بيان ڪرڻو هجي ته ان لاءِ صحيح ۽
مستند احوال هٿ ڪري، سچائي ۽ راستبازيءَ سان بيان
ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته تاريخ جو مطالعو انسان ۾
سچائيءَ ۽ نيڪناميءَ جو عنصر پيدا ڪري ٿو. هڪ مورخ
جو اهو ڪم نه هئڻ گهرجي ته کانئس اڳ وارن مورخن جي
بيان ڪيل احوالن ۽ تذڪرن کي وري وري دهرائي بلڪه
انهن بيانن جو تجزيو ڪري، ڇنڊي ڇاڻي، ڪا صحيح ۽
مستند راءِ قائم ڪري ۽ ان سان گڏ ان دور جي سياسي
سماجي معاشرتي ۽ جاگرافيائي حالتن جو بار يڪ
بينيءَ سان جائزو وٺي پيش ڪري.ان لاءِ مورخ کي
وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جي ضرورت آهي. ڪڏهن ڪڏهن
مورخ کان ڪي غلطيون ناقص معلومات ۽ غلط روايتن جي
ڪري ٿي وينديون آهن. ان ڪري مورخ ۾ اها صلاحيت هئڻ
گهرجي ته هو ڪنهن به بيان يا روايات کي درايت جي
ڪسوٽيءَ تي پرکي صاف ڪري، پوءِ ڪنهن نتيجي تي پهچي
راءِ قائم ڪرڻ گهرجي. سا ڳئي وقت ”مورخ“ ۽ ”محقق“
کي تعصب ۽ مذهبي ڪٽر پڻي کان پاڪ ٿي، حقيقت
پسنديءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي.
انهيءَ مٿينءَ تاريخي اهميت ۽ مورخ جي ڪم جو قدر دنيا جي هر قوم
۽ هر ملڪ ۾ رهيو آهي.سنڌ ملڪ جي رهواسين جي تاريخ
اهو ظاهر ڪري ٿي ته هتان جي باشندن جي تاريخ سان
دلچسپي رهي آهي، پر بدقسمتيءَ سان قديم دور جو
تاريخي سرمايو محفوظ رهي نه سگهيو ۽ زماني جي
انقلابن جي لهرن ۾ لڙهي ويو. عربي فتوحات کان پوءِ
ئي سنڌ جي تاريخ جو باقاعدي سلسلو ملي ٿو. سرزمين
سنڌ هڪ مردم خيز خطو آهي، جنهن هر دور ۾ هر زماني
۾ يگانه روز گار عالم، اديب، شاعر، مورخ ۽ محقق
پيدا ڪيا آهن، جن ان قديم دور جون تاريخون ۽ تذڪرا
تصنيف ڪيا آهن. علي بن حامد ڪوفي، مير محمد معصوم
بکري، طاهر نسياني، بيگلار ادراڪي، فريدالدين
بکري، محمد يوسف ٺٽوي ۽ مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي
انهيءَ قديم دور جا بلند پايي جا مورخ ۽ تذڪره
نگار ٿي گذريا آهن. انهن سڀني عالمن جا ڪتاب اڪثر
فارسيءَ ۾ آهن.
انگريزن جي دور حڪومت تائين انهيءَ مٿين قسم جي تاريخ ۽ تذڪره
نويسيءَ جو رواج رائج رهيو. انگريزن جي دور ۾ نئين
الف _ ب تيار ٿيڻ کان پوءِ سنڌي نثر جي باقائدي
شروعات ٿي. انگريزي علم ادب جي ذريعي جديد علمي
ادبي طور طريقن کان سنڌ جا اهل علم واقف ٿيا ۽ سنڌ
۾ تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتابن لکڻ جو رواج پيو. سنڌي
زبان ۾ سڀ کان پهريائين ڊاڪٽر گربخشاڻي جديد نموني
جي تحقيقي ۽ تنقيدي اصولن تي ”شاهه جو رسالو“ ايڊٽ
ڪري انهيءَ فن جو آغاز ڪيو. ان کانپوءِ سنڌ م
علامه ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم انهيءَ تاريخي فن ۽
تذڪره نويسيءَ کي عروج تي رسايو.
[3]
الف: سيد صاحب جا ”تاريخي مقالا“:
مرحوم سيد صاحب 19 ورهين جي ڄمار ۾ يعني سن 1930ع کان وٺي ”سنڌ
زميندار“ اخبار ذريعي صحافت جي رستي سنڌي علم ادب
جي ميدان ۾ قدم ڌريو. پاڻ انهيءَ اخبار جي ذريعي
سنڌي نثر جي لکڻ جي باقاعدي شروعات ڪيائين. هي اهو
زمانو هو، جڏهن ننڍي کنڊ ۾ انگريز شاهيءَ جي خلاف
آزاديءَ جي هلچل هلي رهي هئي ته ٻئي طرف افغانستان
۾ انگريز سامراج پنهنجي سياسي چالبازين ۽ مڪارين
سان امير امان لله خان کي تخت و تاج کان محروم ڪري
ڇڏيو. مولانا ظفر علي لاهور مان ”زميندار“ اخبار
وسيلي جوشيلا مضمون ۽ تقريرون شايع ڪري، انگريز
سلطنت جي ڪوٽ جي ڪنگرن کي لوڏي وڌو هو. ساڳي دور ۾
مولانا غلام رسول مهر جي اخبار ”انقلاب“ کان به
سيد صاحب متاثر هو. مولانا مهر جا سنجيده ۽ پر مغز
ايڊيٽوريل سندس خيالن ۾ وسعت ۽ ڪشادگي پيدا ڪئي
هئي. انهيءَ ساڳئي اخبار ۾ مولانا سالڪ جا ”افڪار
وحوادث“ جي عنوان سان به مضمون پوندا هئا، جي ڏاڍا
روح پرور هوندا هئا.
تاريخي ۽ ادبي مضمون ۽ مقالن لکڻ جي شروعات مرحوم سيد صاحب
انهيءَ دور کان ڪئي. ان کان پوءِ سن 1934ع ۾ سيد
صاحب ”ستاره سنڌ“ ۾ تاريخي مضمون ڏيڻ شروع ڪيا، جن
۾ ڪافي علمي پختگي پيدا ٿي چڪي هئي. ان کان سواءِ
”الوحيد“ ۽ ”توحيد“ اخبارن ۾ سندس بهترين مضمون
پوڻ لڳا. انهيءَ زماني ۾ اهي ٻئي اخبارون سنڌي
زبان جي آسمان تي پوري آب و تاب سان چمڪي رهيون
هيون. شڪارپور سنڌ مان نڪرندڙ سنڌي رسالي ”سنڌو“ ۾
به سندس بهترين مضمون ڇپجندا هئا.
سيد صاحب سنڌ جي تاريخ ۽ ادب تي اٽڪل 300 تحقيقي مضمون ۽ مقالا
لکيا آهن. ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ سندس مختلف
تحقيقي ۽ علمي مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو آهي.
هن مجموعي جا اڪثر مقالا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي قيمتي آهن. سيد
صاحب مقالن کي مستند ۽ جاندار بنائڻ لاءِ پنهنجي
وسيع مطالعي جي بنياد تي ڪيترن ناياب قلمي ۽ ڇاپي
ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن.هن پنهنجن قيمتي مقالن ۾
پنهنجي پيش رو مورخن جي بيانن سان اتفاق ڪرڻ سان
گڏ ڪيترن هنڌن تي پنهنجي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جي
زور تي تنقيد ۽ جرح پڻ ڪئي آهي انهيءَ ڏس م اصلي
ماخذن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن. ”ڳالهيون ڳوٺ
وڻن جون“ مجموعي ۾ تاريخي مضمون نهايت ئي قيمتي
چيزون آهن. تاريخي مقالن ۾ سنڌ جي تاريخ تمدن،
تهذيب، معاشرت ۽ معاشي حيثيت سان گڏ ٻي به ڪافي
قيمتي ۽ ناياب معلومات پيش ڪيل آهي. سنڌ بابت
ڪيترن اهم ڳالهين تي مورخانه ۽ محققانه انداز ۾
سير حاصل بحث ڪري ڪيترين ئي غلطين جو ازالو ڪيو
ويو آهي.
هن مجموعي جي تاريخ واري حصي ۾ ”مير مائل جي بياض ۾ سنڌ جي
تاريخ جو مواد“ ”شاهه شهيد جا ماخذ“، ”سنڌ جي
تاريخ جا چند واقعا“، سنڌ ۾ يوناني طب“ وغيره ۽ ان
قسم جا ٻيا ڪيترائي تاريخي مقالا سيد مرحوم ڪافي
محنت ۽ تحقيق سان لکيا آهن. انهيءَ اهم تاريخي
مواد ۾ ان قديم دؤر جو نقشو چٽيو ويو آهي. جنهن ۾
سنڌ جي وڏن انقلابن ۽مهمن سان گڏ پنهنجن ۽ پراون
جي هٿان جيڪي ڪجهه وهيو ۽ واپريو، تنهن جو عبرت
انگيز داستان آهي.
(ب) سيد صاحب جا ”تاريخي ڪتاب“
(i) مڪلي نامه: سنڌ جي اها بدقسمتي آهي جو هن وقت تائين ڪابه جامع
مستند ۽ مرتب تاريخ لکي نه ويئي آهي. اردو، سنڌي،
عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ جيڪي به لکيل تاريخون
ملن ٿيون، تن ۾ صرف ڪن حاڪمن، گهراڻن يا ڪنهن خاص
دؤر جو مختصر احوال ڏنو ويو آهي، جيڪو فن تاريخ جي
سراسر خلاف آهي. ان مان اسان جي خاص تعريف، شناخت
۽ ”من الحيث القوم“ جي ڪابه شاهدي ڪانه ٿي ملي.
انهن تاريخن ۾ صرف اجايون ۽ بيسود ڳالهيون، ڪرامتن
۽ بدعتن جو ذڪر ٿيل آهي. بهر حال، انهيءَ بد
بختيءَ کي ڪنهن حد تائين دور ڪرڻ لاءِ تاريخ
نويسيءَ جي فني تقاضائن کي پوري ڪرڻ لاٰءِ سيد
صاحب قلم کنيو ۽ پنهنجي مقصد ۾ خوب ڪامياب ٿيو.
”مڪلي نامه“ اصل ۾ فارسيءَ ۾ سنڌ جي مشهور مورخ ۽ تذڪره نگار
مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب
جو اصل تاريخي نالو ”بوستان بهار“ آهي. مير صاحب
هيءُ رسالو سن 1174هه ۾ لکيو، جيڪو هن پنهنجي زور
بيان ۽ شاعراڻي ڪمال ڏيکارڻ لاءِ تصنيف ڪيو آهي.
هيءَ چيز اسان سنڌ وارن لاءِ ڏاڍي قيمتي وٿ آهي.
هن مان ٺٽي جي معاشرت،تهذيب ۽ تمدن متعلق هڪ واضع
تصوير سامهون اچي ٿي. هن ۾ مڪليءَ جي درگاهن ۽
مزارن جو مفصل بيان آهي، ليڪن ان ۾ اهڙيون تاريخي
حقيقتون به اچي ويون آهن، جن کي پنهنجيءَ جاءِ تي
هڪ الڳ مستقل حيثيت حاصل آهي.
انهيءَ فارسي متن جو حاشيو سنڌ جي هن عظيم مورخ عالماڻي رنگ ۾
لکيو آهي.سيد صاحب جو اهو حاشيو پنهنجيءَ جاءِ تي
اصل متن کان وڌيڪ اهميت جو حامل آهي. مڪلي نامه جي
حاشيي ۾ سيد صاحب ان دور جي ٺٽي جي تمدني ۽
معاشرتي احوال، مشاهيرن، بزرگن حاڪمن، خاندانن ۽
سياسي مدبرن جو ذڪر ڪيو آهي. گويا صدين جي تاريخ
جو احوال ۽ ان جو صحيح نقشو اکين اڳيان ڦري اچي
ٿو. سنڌ جي تايخ جو ڪافي ذخيرو هڪ هنڌ ڪٺي ڪيو ويو
آهي ديبل ۽ ٺٽي جي تاريخ،سمن جو نسب نامو ۽ ان تي
سير حاصل حاشيو، گجراتي سلطانن سان سنڌ جي سمن جون
سڱابنديون _ ٻنهي ملڪن جي حڪمرانن جي هڪ ٻئي سان
نه فقط دوستي هئي، بلڪه پاڻ ۾ عزيز ۽ خوبش هئا. ان
جو نتيجو اهو نڪتو جو رعايا خوشحال ۽ آسودي ٿي
پئي.گجرات جي ماڻهن جي سنڌ جي عوام سان دوستيءَجي
ناتي سبب آمدرفت وڌي ويئي، انهن مڙني ڳالهين جو هن
ڪتاب ۾ وضاحت سان بيان ڪيو اٿس. از انسواءِ دارا
شڪوه جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ ان جو آخرين انجام ، ترخانن
جا مقبرا، ارغون ۽ ترخان گهراڻي جي اهم شخصيتن جو
ذڪر، احوال ۽ ڪتبا وغيره نهايت ئي سليقي ۽ سادگيءَ
سان بيان ڪيا ويا آهن. هن کان اڳ ۾ انهيءَ دور تي
جيڪو ڪجهه مواد ملي ٿو، سو ناڪافي آهي. ڪنهن به
مورخ ۽ محقق ايترو مفصل ۽ سلسليوار احوال بيان نه
ڪيو آهي.
مرحوم سيد صاحب وڏي جاکوڙ سان مختلف ڪتابن قلمي نسخن، رسالن ۽
منتشر ٿيل مواد تان مٿين قسم جو تاريخي مواد چونڊ
ڪري ڇنڊي ڇاڻي هڪ مڪمل تاريخي احوال بيان ڪيو آهي.
اهو حاشيو پنهنجي سر هڪ مڪمل تاريخي ڪتاب جي حيثيت
رکي ٿو.
هن کان اڳ تاريخي قبرستانن تائين پهچي ۽ انهن جي ڪتبن کي صحيح
طرح پڙهي، تاريخ جي لکڻ ۾ ڪتب آڻي تاريخي مواد ڪٺي
ڪرڻ جو ڪم ڪنهن نه ڪيو آهي. پر سيد صاحب انهيءَ ڏس
۾ ڪامياب ويو ۽ ڪنهن حد تائين سنڌ ۽ سنڌ کان
ٻاهرتاريخي مواد کي به نظر ۾ رکيائين. اها حقيقت
آهي ته ڪنهن ملڪ جي تاريخ لکڻ ڪو آسان ڪم نه آهي.
ان ڏس ۾ وڏي محنت ۽ کوجنا جي ضرورت در پيش اچي ٿي.
مڪلي نامه ۾ سيد صاحب تاريخي مواد کي تاريخي اصول
واري نقطه نگاهه کان ڪٺو ڪيو آهي.[4]
(ii)
هو ڏوٿي هو ڏينهن: هڪ راست باز مورخ جو ڪم هوندو
آهي ته هو گذريل دور جو احوال صحيح احوالن بيانن
سان تنقيد ڪري ڇنڊي ڇاڻي پيش ڪري از ان سواءِ ان
دور جي سياسي سماجي، معاشرتي ۽ جاگرافيائي حالتن
جو باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺي تجزيو پيش ڪري،
جنهن جو اثر پڙهندڙن جي ذهنن تي عرصي تائين ڇانيل
رهي ٿو. انهيءَ ڪري هڪ صحيح مورخ ۽ محقق جي اها
خوبي هئڻ گهرجي ته منجهس حق گوئي ۽ راست بازيءَ جو
گڻ هجي. پنهنجي تخليق ۾ سچائي سمايل هجيس. تاريخ
نويسيءَ ۾ ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته مورخ ڪنهن به
واقعي ياڳالهه کي کليءَ دل سان بيان ڪرڻ کان گريز
ڪندو آهي، پر پوءِ به پنهنجن جذبن ۽ احساسن کي
اشارن ۽ ڪنايت جي ذريعي پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪري
سچائي ۽ حق گوئي جو حق ادا ڪندو آهي. ”هو ڏو ٿي هو
ڏينهن“ ڪتاب ۾ مرحوم سيد صاحب انهن مٿين بيان ڪيل
اصولن کي حق ۽ صداقت سان ڪتب آندو آهي. سيد حسام
الدين راشديءَ هي ڪتاب 28 آگسٽ 1960ع تي پنهنجي
وطن کان هزارين ميل دور منيلا ۾ لکيو. نواز علي
خان ”نياز“ لاڙڪاڻويءَ جي وفات حسرت آيات جو خط
پهچڻ هن ڪتاب جي لکڻ جو ڪارڻ بڻيو. زندگيءَ جي
تقريباً 50 سالن ۾ جيڪي ڪجهه وهيو واپريو، تنهن کي
سيد صاحب تنقيدي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. ”هو ڏوٿي هو
ڏينهن“ مصنف جي ذاتي احساسن ۽ تاثرن جو آئينو آهي.
سندس زندگيءَ ۾ جيڪي ڪجهه سندس اڳيان ٿي گذريو آهي
يا جيڪي ڳالهيون سندس مشاهدي ۾ آيون آهن، انهن ذهن
تي، ماحول تي عام ماڻهن تي نتيجي طور ڇا ڇڏيو،
انهن مڙني ڳالهين کي لفظن جي سهڻي ۽ مؤثر روپ ۾
پيش ڪيو ويو آهي. مصنف هن تاريخي ڪتاب ۾ ڪو به
تصوراتي ۽ جڙتو واقعو پيش نه ڪيو آهي. ذاتي تعصب
يا عقيدي کي به هن ڪتاب ۾ دخل نه ڏنو ويو آهي.
باقي ايترو سو ضرور نظر اچي ٿو ته ماحول جي تاثر
۽ عمل جي رد عمل ۽ احساس کي شخصي راءِ مٿان مقدم
رکيو ويو آهي. دراصل هيءُ ڪتاب سنڌي معاشري ۽
سماجي تاريخ جو هڪ مختصر مقدمو آهي. هن ۾ سنڌ جي
انهن سڀني ڪمزورين، ڪوتاهين ۽ خامين جو ذڪر ڪيو
ويو آهي، جيڪي سنڌ جي تباهي ۽ برباديءَ جا ڪارڻ
بڻيا آهن. هتان جي رهندڙن تي سستي، ڪاهلي ۽ نا
اهليت جا الزام ڌريا ويا آهن. تن جو هن ڪتاب ۾
ازالو ۽ اصلاح ڪئي ويئي آهي. ڪيترن واقعن جا ڪردار
جيئرا جاڳندا مثال آهن. سنڌ جي ڏکن، سکن ۽ مظلوميت
جو المناڪ داستان پيش ڪيو ويو آهي. مطلب ته هن
ڪتاب ۾ معاشري جي تاريخ جي سڀني پهلوئن تي تنقيدي
بحث ڪيو ويو آهي.
(2) سيد حسام الدين راشديءَ جي تذڪره نويسي ۽ سوانح نگاري:
تذڪره نگاري، ”علم تاريخ“ جو هڪ اهم شعبو آهي، جنهن کي يونانيءَ
۾ ”بيو گرافي“ انگريزيءَ ۾ ”لائيف“، عربيءَ ۾
”سيرت“ ۽ سنڌيءَ ۾ ”سوانح عمري“ ڪري چوندا آهن.
جيتوڻيڪ تذڪري لکڻ جو رواج قديم زماني کان وٺي
هلندو پيو اچي، ليڪن يهودين، يونانين ۽ رومين کان
پوءِ جنهن انهيءَ فن ۾ ترقي ڪئي، سي مسلمان
هئا.سترهين صديءَ ۾ انهيءَ فن جي اصول ۽ ترقيءَ تي
ڪافي غور ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح يورپ وارن ان کي
عظيم الشان فن بڻايو. شروع ۾ هن فن مذهبي ۽
افسانوي رنگ اختيار ڪيو، ليڪن موجوده دور ۾ سيرت
نگاري هڪ بلند درجو رکي ٿي. مسلمانن انهيءَ فن تي
سڀ کان زياده توجهه ڏنو ۽ انهيءَ فن جي تحقيق ۽
تدقيق ۾ زياده نمايان ڪم ڪيو آهي. هن دور ۾ به
مشاهيرن جون سوانح عمريون لکيون ويون آهن، جن تي
تحقيق ۽ تنقيد جي روءِ ۾ روشني وڌي ويئي آهي. انهن
جي زندگيءَ جو ڪوبه اهڙو ڪانامو نه آهي جن تي
عالمن جرح نه ڪئي هجي ۽ انهن تي منطقي دليلن ۽
تاريخ جي نقطه نگاهه سان ڪو نتيجو ڪڍيو هجي!
تذڪره نگاري دنيا جي مهذب ملڪن ۽ قومن ۾ رائج رهي آهي. ڪار لائل
جو قول آهي ته .”معزز طبقي جي اسلاف جي تاريخ
بنسبت دنياوي تاريخ کان زياده ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته
قومي زندگي جي طرز معاشرت ان مان چڱي طرح ظاهر ٿئي
ٿي. گو يا ان جو عمل، ان جي زماني جو نتيجو آهي.“
ڊاڪٽر اسمائلس جو چوڻ آهي ته ”مشهور ماڻهن جي
سوانح عمري انسان ذات جي ترقيءَ جو مفيد ذريعو
آهي، جنهن جي روشني چئن طرفن کان ڦهلجي ٿي. اهڙيءَ
طرح انهن جي روحاني روشني ايندڙ انسان لاءِ
پنهنجي روشني جاري رکي ٿي. جيڪي قومون علمي ترقيءَ
کان وري پوئتي پئجي وڃن ٿيون ۽ تنزل طرف ڌڪبيون
وڃن ٿيون، انهن لاءِ سندن گذري ويل اڪابرن، مدبرن،
عالمن، شاعرن ۽ مشاهيرن جا ڪارناما وڏو درجو رکن
ٿا. انهن کي پڙهي ۽ ڏسي قوم جي غيرت جوش کائي ٿي ۽
پنهنجي وڃايل عزت ۽ برتري حاصل ڪرڻ ۾ ڪوشان رهي
ٿي. بهر حال انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته قوم جي
مدبرن ۽ اڪابرن جا تذڪرا آئينده نسلن لاءِ اهم ۽
ضروري آهن، جن جي نقش قدم تي هلي ترقيءَ جي منزل
ماڻي سگهجي ٿي.
اسان جي سنڌي مورخ ۽ تذڪره نگار سيد حسام الدين راشدي انهيءَ
مٿين تذڪره نويسيءَ جي نظريي ۽ اصول کي آڏو رکي
سنڌيءَ ۾ تذڪره نويسيءَ تي قلم کنيو آهي انهيءَ
موضوع تي سيد صاحب ڪيترائي املهه مقالا، مضمون ۽
ڪتاب تصنيف ڪيا آهن.
(الف) سيد صاحب جا سوانح حيات تي ”مقالا“:
مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي جي سوانح حيات تي سيد حسام الدين
راشديءَ نهايت ئي قيمتي مقالو لکيو آهي. هيءُ پر
مغز تحقيقي ۽ معلومات افزا مقالو، ڪيترن ئي مفيد
حاشين، اضافن، تشريحي ۽ مستند نوٽن تي مشتمل آهي،
جيڪو 73 صفحن تي لکيو ويو آهي. هيءُ مقالو فن
سوانح نگاري جو هڪ بهترين مثال آهي ۽ سنڌي زبان جو
هڪ لافاني شاهڪار آهي. انهيءَ مقالي جو قدر اهي ئي
اهل علم ڪري سگهن ٿا، جن ڪنهن شخصيت متعلق، مختلف
۽ منتشر مواد کي پرکيو ۽ مرتب ڪيو هوندو. هن مقالي
۾ مير ”قانع“ جو خانداني پس منظر۽ ولادت جي احوال
کان وٺي تعليم، تربيت، ملازمت، معاش، سير وسفر،
مطالعي جو شوق ۽ سياسي پس منظر، تصنيف و تاليف ۽
شاعريءَ متعلق نهايت محنت ۽ محبت سان تذڪرو لکيو
ويو آهي. ان کان پوءِ مير صاحب جي طريقت ۽ مشرب،
اولاد ۽ شاگردن جي حلقي جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
اهڙيءَ طرح سان سيد صاحب سوانح حيات جي فني اصولن تي تاريخ جي
روشنيءَ ۾ ٻيا به ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن.
مرحوم سيد صاحب پنهنجي ادبي زندگيءَ جي اوائل ۾
ميان محمد عارف ”صنعت“، 1934،”عشق جو اوتار حضرت
بيدل ڀوتار“ (1933)، ”بيدل جي دل جو ڌڻي“ 1935
وغيره لکيا جي ان دور جي مشهور علمي رسالن جهڙوڪ
”ستاره سنڌ“ ”سنڌو“ ۽ ”توحيد“ ۾ ڇپيل آهن. ان کان
پوءِ سنڌي ادبي بورڊ جي مشهور علمي رسالي ”مهراڻ“
جي ٻئي دور ۾ آخوند محمد بچل ”انور“ (1955)،
مولانا محب علي سنڌي (1967) ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا
لکيل مضمون ۽ مقالا، سوانح نگاريءَ جي فن جا بي
مثال ۽ لازوال سنڌي ادب جا زيور آهن.
(ب) سيد صاحب جا تذڪره نگاريءَ تي
”ڪتاب“:
(i) تذڪره امير خاني: هيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ تي هڪ اهم ڪتاب
آهي. ”تحفة الڪرام“ کان پوءِ هي سنڌ جو ٻيو تذڪرو
آهي. جيتوڻيڪ انهن ٻنهي تذڪرن جي وچ ۾ ڪافي ورهين
جي وٿي آهي ۽ ڪيتريون ئي تاريخي ڪڙيون انهيءَ وچ ۾
گم ٿي ويون آهن. انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي سيد
صاحب سنڌ جي گمان تاريخ جي اثاثي کي گڏ ڪري نهايت
ئي محنت سان مرتب ڪيو آهي. هيءُ تذڪرو طبعزاد
تصنيف آهي.
تذڪره نگاري سوانح حيات جو هڪ نمونو آهي ۽ ان جو تاريخ سان گهڻو
تعلق آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامور امير خاني
گهراڻي جو سنڌي زبان ۾ سڀ کان پهريون تذڪرو
آهي.هيءُ خاندان نه صرف ورهين جا ورهيه سنڌ جي
سياسي افق تي چمڪندو رهيو، پر سنڌ جي تاريخ ۾
لازوال خزانو پڻ ڇڏيو آهي.سندن ڪيتريون عمارتون اڄ
به سنڌ ۾ يادگار جي حيثيت رکن ٿيون. هن تذڪري ۾
امير خاني گهراڻي جا حالات، سياسي ۽ علمي ڪمن جو
احوال ۽ ڪيترين ئي تاريخي گم ٿيل ڳالهين تي مفصل
روشني وڌل آهي.
هن تذڪري کي مرتب ڪرڻ وقت مصنف جيڪي به ماخذ ڪتب آندا آهن، سي
سڀئي اڪثر مستند آهن. انهن مڙني ناياب ماخذن مان
ضروري مواد وٺي، سيد صاحب امير خاني سيدن جو هي
سير حاصل تذڪرو لکيو آهي. تاريخ ”مظهر شاهجهاني“
پڻ مصنف جي پيش نظر رهي آهي. اها به حقيقت آهي ته
اڳئين دور جي مصنفن ۽ محققن تاريخي گهربل ضرورتن
کي ايترو واضح نموني ۾ پورو نه ڪيو آهي ۽ گهڻي
ڀاڱي نقل نويسيءَ کان ڪم ورتو آهي.
انهيءَ ڪري انهن جي تصنيفن ۾ فرو گذاشتون ۽ غلطيون ٿي ويون آهن.
سيد صاحب انهيءَ ڪري تحقيق ڪندي ڪيترن واقعن جي
ڀيٽا سبب ڪٿي ڪٿي تاريخي واقعن ۽ جاگرافيائي ماڳن
تي روشني وڌي آهي. تاهم ڪيترن اهم ڳوٺن ۽ شهرن تي
مفصل بيان وجهي نه سگهيو آهي. ليڪن باوجود انهيءَ
جي، هن عظيم سنڌي مورخ، هن عظيم خاندان جي ڪارنامن
تي مفصل روشني وڌي آهي؛ نه ته ٻيءَ صورت ۾ سنڌ
وارا بيخبر رهجي وڃن ها! ساڳئي وقت هن تذڪري جي
مطالعي مان ان دور جي سياسي سماجي، معاشرتي ۽ ادبي
تاريخ جي پڻ خبر پوي ٿي. از انسواءِ سنڌ جي
اقتصادي صورتحال جو به نقشو پيش ڪيو ويو آهي.
ڪتاب جي عبارت سادي ۽ روانيءَ واري آهي. منجهس ڪابه لفاظي، ڪوبه
واقعاتي سينگار ۽ تصنع نه آهي. سنڌي نثر نگاريءَ
جو تاريخ جي ڏس ۾ املهه ۽ شانائتو ڪتاب آهي. جيڪو
ايندڙ مورخن ۽ محققن لاءِ تاريخ جو اهم ۽ مستند
ماخذ ٿي رهندو.
(ii) مير محمد معصوم بکري: مير محمد معصوم اڪبري دور جو هڪ وڏو
عالم ۽ گونا گون شخصيت جو مالڪ هو. اڪبري دور جي
انهيءَ سياست مدار ۽ امير مير محمد معصوم جي شخصيت
نه صرف پنهنجي دور ۾ موثر هئي، ليڪن هن موجوده دور
۾ به ان جا اثرات ملڪي مسئلن تي اثر انداز ٿي رهيا
آهن. ايران، افغانستان، هندستان ۽ سنڌ ۾ مير صاحب
جا ڇڏيل يادگار هڪ تاريخي ورثو آهن. پاڻ هڪ ئي وقت
مورخ، شاعر، نثر نگار، خطاط ۽ پنهنجي دور جو اعليٰ
درجي جو حڪيم پڻ هو. سنڌ ۾ ميرمحمد معصوم عام طرح
”تاريخ معصومي“ ۽ ”مناري“ جي حيثيت سان سڃاتو وڃي
ٿو. سندس اها تاريخ، سنڌ جي تاريخ تي هڪ اهم ۽
بنيادي شاهڪار آهي.
سيد حسام راشدي، مير محمد معصوم جي حالات زندگيءَ کان متاثر ٿي
سندس زندگيءَ جو احوال لکيو آهي. جيئن پاڻ انهيءَ
ڪتاب جي منڍ ۾ لکي ٿو ته ”هيءُ ڪتاب 19 ورهين جي
ڄمار کان لکڻ شروع ڪيم ۽ 28 ورهين جي عمر ۾ پورو
ڪيم.“ هيءُ هڪ ضخيم ڪتاب آهي ۽ فن سوانح نگاريءَ
جي معيار جو اعليٰ شاهڪار آهي.هن ڪتاب ۾ مير محمد
معصوم جي خانداني حالات کان وٺي ويندي وفات،
اولاد ۽ سندس علمي، ادبي ۽ تاريخي ڪارنامن تي سير
حاصل احوال بيان ڪيل آهي. مير صاحب جي سوانح حيات
گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ سيد صاحب جيڪي 9 مکيه ڪتاب ماخذ
طور استعمال ڪيا آهن، سي سڀيئي مستند آهن ۽ ان سان
گڏ
انهن ڪتابن جا مصنف، مير معصوم جا صحبتي ۽ همعصر
هئا. انهن جيڪي ڪجهه سندس لاءِ لکيو آهي، سو سڀ
اکين ڏٺو احوال آهي.
ازانسواءِ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب ان دور جي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽
معاشرتي حالتن تي به مفصل روشني وڌي آهي. ڳوٺن،
شهرن ۽ ماڻهن جا نالا، جيڪي متن ۾ آيا آهن، تن جو
احوال تاريخ جي نقطه نگاهه کان حاشيي ۾ ڏنو ويو
آهي، جنهن ڪري ڪتاب جي اهميت ۾ هيڪاري اضافو ٿي
ويو آهي. بهرحال هيءُ ڪتاب به سنڌي زبان ۽ سنڌ
وارن لاءِ هڪ املهه وٿ آهي.
*
............................................
احمد
بيگ ڪڏهن ڪڏهن رات جو حويليءَ مان نڪري ٻاهر اچي
ڪچهري ڪندو هو، جنهن ۾ به زيادهه وقت ويٺو ڀاءُ
سان ڳالهائيندو هو: سرڪاري ڪچهري هميشه يوسف جي
گهر ۾ ٿيندي هئي. جيڪي ظلم، راڄ ۽ رعيت، اربابن ۽
شريفن تي ٿيندا هئا، انهن جي نه خبر احمد بيگ
تائين پهچندي هئي، نه ئي وري مظلوم ئي خوف کان ڪا
دانهن ڪوڪ ڪندا هئا. ميرزا يوسف جي طريقه ڪار ۽
مظالمن جو جيڪو تفصيل ميرڪ يوسف ڏنو آهي، سو نهايت
دردناڪ آهي.
..... روزانو ماڻهن کي گهرائي خوامخواهه دُرا هڻائيندو هو. ان
وقت سراز موجود رهندو هو ته جيئن جيڪو درو ڇڄي
پوي، هو ان کي ڳنڍي، اتي جو اتي سڄو ڪري ڇڏي. ڪنهن
کي سؤ درا، ڪنهن کي ٻه سؤ درا هڻائيندو هو. حق
ناحق جو پتو ڪونه هو.
......رات جو جڏهن احمد بيگ اچي ڪچهري ڪندو هو تڏهن ان جي
سامهون به ماڻهن سان اها عقوبت پيئي ٿيندي هئي.
........ دُرن لڳندي جيڪو ماڻهو مري ويو، اهو چئي پنهنجن ڀاڳن
کي ميرزا يوسف کي ان جي ڪا پرواهه نه هئي، ته ڪير
ٿو مري ۽ ڪير ڪٿو بچي.
....جنهن ماڻهوءَ لاءِ ٻڌندو هو ته مالدار آهي، ان تي ڪوڙو
الزام رکي پاڻ وٽ گهرائي دُرا هڻائي، سندس سمورو
مال ضبط ڪندو هو. انهيءَ سلسلي ۾ مرد ته ٺهيو، پر
جيڪڏهن ڪنهن عورت لاءِ اهڙي خبر پوندي هيس، ته ان
کي به گهرائي، ساڳي سزا ڏيئي، سندس ڳهه ٽپڙ ضبط
ڪرڻ ۾ شرم يا حياءُ محسوس نه ڪندو هو.
سيد حسام الدين راشدي
(تذڪره امير خاني 143 _ 144)
ڊاڪٽر غلام علي الانا
پير حسام الدين شاهه راشدي _ هڪ سڄاڻ محقق
سنڌ جو علائقو هر دور ۾ علم ادب جو گهوارو رهيو آهي. هت سدائين
سورهيه ۽ سرويچ عالم ۽ فاضل، سخنور ۽ سياڻا، عاقل
۽ اڪابر پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن جي ڪري هر دﺂر جو
اديب ۽ شاعر، هر دﺂر جو مؤرخ ۽ ماهر پنهنجي پنهنجي
دور تي هميشه نازان رهيو آهي.
عربن جي آمد کان اڳ جا احوال لکت ۾ نه ته به کنڊرن جي کوٽائيءَ
مان حاصل ٿيل شين جي اڀياس جي مدد سان معلوم ڪري
سگهجن ٿا. عرب دور ۽ ان کان پوءِ جي دور جي باري ۾
ڪتابن ۾ احوال درج ٿيل آهن. اهو احوال گڏ ڪري
تاريخدانن سنڌ جي تاريخ جا مختلف باب بيان ڪيا
آهن.
سنڌ جي تاريخ جو هر دور علم ادب ۽ فن جي مختلف شعبن جي ماهرن جي
احوال سان ڀريو پيو آهي. وقت جو مورخ، وقت جو سڄاڻ
اديب، پنهنجن لکيتن ۾ انهن ماهرن جي نالن ۽ سندن
ڪارنامن جي داخلا شعوري طور يا لاشعوري طور ڪندو
رهيو آهي. ۽ پوءِ جي زماني جا محقق انهن کي ماضيءَ
جو سرمايو سمجهي انهن تي تحقيق ڪندا رهيا آهن ۽
پنهنجا نتيجا پڙهندڙن جي سامهون پيش ڪندا رهيا
آهن.
چؤکنڊي، مڪلي، سونڊا، سيوهڻ، بدين، روهڙي ۽ ٻين شهرن ۽ قبرستانن
جي زيارت ڪرڻ وقت ڏسبو آهي ته ڪٿي ڪئين ڪونڌر
پنهنجا ڪنڌ ڪپائي، ابدي ننڊ ۾ آرامي آهن ته ڪٿي
عالم ۽ فاضل، صوفي ۽ سالڪ دلاور ۽ درويش پنهنجا ڪر
کنيون اڀا آهن.
تازو پير حسام الدين شاهه راشدي صاحب جي وفات کان پوءِ مڪليءَ
تي منهنجو ٻه ٽي دفعا وڃڻ ٿيو آهي. مخدوم محمد
هاشم ٺٽويءَ واري قبرستان، مخدوم ابو القاسم
نقشبنديءَ جي مزار، مخدوم آدم جي تربت ۽ شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ جي قبر جي زيارت کان پوءِ ائين
ٿو محسوس ٿئي ته اهي درويش ۽ بزرگ مئا ئي نه آهن:
اهي جيئرا جاڳندا لڳن ٿا، انهن جا ڇڏيل املهه
خزانا، يعني ڪتاب اڄ به کين زندهه رکيو اچن.
مڪليءَ تي بادشاهن، اميرن، وزيرن، شهزادن ۽ شهزادين واري حصي ۾
ائين محسوس ڪبو آهي ته ڄڻ انهن جون مزارون، انهن
جا قبا ۽ قبرون زيارتين کي ڪو پيغام ڏيئي رهيون
آهن. بشرطيڪ اهو پيغام دل جي ڪنن سان ٻڌندڙ، اهو
پيغام سمجهندڙ ان کان پوءِ ان پيغام کي لکت جي
صورت ۾ آڻيندڙ، سائين پير حسام الدين شاهه راشديءَ
پارو ڪو ڏاهو، ڪو سياڻو، ڪو سخنور ۽ ڪو سمجهدار
شخص هجي.
پير صاحب جي ڏاهپ، سياڻپ، تاريخداني، دور انديشي، دور نظري ۽
وسيع نظريءَ لاءِ سندن تصنيفون، ۽ تحريرون ڪافي
ثبوت آهن. ”سوجهرو“ مخزن ۾ سندن مقالو هجي، يا
”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ سندس مقالا هجن، ”ماڪ ڀنا
رابيل“ ڪتاب هجي يا .”مهراڻ جون موجون“، سندس هر
مضمون، هر مقالي ۽ هر ڪتاب ۾ ڪو نه ڪو پيغام آهي،
جو سندس اعليٰ سوچ، تاريخداني، دور انديشي ۽ ديس
لاءِ محبت جي جذبي سان ڀريل آهن. پير صاحب جي علم
۽ حڪمت کان سندس همعصرن، ساٿين ۽ اسان مان ڪير
واقف نه آهي؟ هن جي بيباڪيءَ واري گفتار ۽
جرئتمنديءَ سان لکڻ ۽ آکڻ واري قوت جي ڪنهن کي خبر
نه آهي؟ هن جي سچ چئي ڏيڻ ۾ ڪنهن جو به رک رکاءُ
نه ڪرڻ واري طبيعت کان ڪير اڻڄاڻ آهي؟ اها ڪنهن کي
خبر نه آهي ته هو دوستن کي به منهن تي سچ چئي
ڏيندو هو. هو دل جو صاف، مخلص دوست، بهترين استاد
۽ رهبر ۽ نوجوان طبقي کي اڀاريندڙ ۽ همٿائيندڙ سچو
انسان هو. هو سچو هڏ ڏوکي هو. هو سنڌ جي معاملي ۾
منافق نه هو. نعريبازيءَ ۾ يقين نه رکندو هو، پر
ڪم ڪرڻ ۾ سندس پختو ايمان ۽ ڪم ڪندڙن جو سچو هڏ ڏو
کي هو.
پير صاحب کي پنهنجي ديس واسين سان ڪيترو پيار هو، انهن سان کين
ڪيتري محبت هئي، تنهن لاءِ گهڻي ۾ گهڻو ثبوت سندس
ڪتابن جهڙوڪ مڪلي نامو، هو ڏوٿي هو ڏينهن، تاريخ
مظهر شاهجهاني، ترخان نامه، تذڪره امير خاني، مير
معصوم بکري مان ملي ٿو. جن جا صفحن جا صفحا سندن
جذبن ۽ نوجوانن لاءِ پيغام سان ڀريا پيا آهن. ۽
انهن جي هر ورق تي سندن ڇاپ لڳل آهي.
اها حقيقت آهي ته ماڻهوءَ جي اخلاق، ڪردار ۽ طبيعت جي خبر ساڻس
ڪجهه وقت گڏ رهڻ يا گڏ سفر ڪرڻ سان پوندي آهي. خوش
قسمتيءَ سان مون کي نومبر 1974ع ۾، ساڻن ٻه هفتا
چين واري سفر ۾ گڏ رهڻ ۽ ساڻن گڏ سفر ڪرڻ جو
موقعو نصيب ٿيو.
ڪراچيءَ کان هڪ ئي هوائي جهاز ۾ سيٽن جي هڪ ئي قطار ۾، پاسي ۾
ويٺل هئاسين. پير صاحب دريءَ واري پاسي ويهڻ پسند
ڪيو ۽ مون کي پنهنجي ڀر واريءَ سيٽ ۾ ويهڻ لاءِ
حڪم ڪيائون ۽ عطا ”شاد“ کي منهنجي پاسي ۾
ويهاريائون. جڏهن جهاز مٿي چڙهيو ۽ سنڌ جي خشڪ ۽
غيرآباد جبلن مٿان اڏامڻ لڳو، تڏهن سندن چهري جو
رنگ پيلو ٿي ويو ۽ بي اختيار چيائون: ”بابا! سنڌ
ڪڏهن سائي ٿيندي، سنڌ جا هي جبل ڪڏهن سرسبز
ٿيندا؟“ مون محسوس ڪيو ته سندن گلو ڀرجي آيو هو ۽
پوءِ اڳتي ڳالهائي نه سگهيا، پر رومال ڪڍي اکيون
اگهڻ لڳا. اهڙيءَ طرح شانگهائيءَ ۾
Children’s palace
۾ ۽ اتي هڪ ڪي . جي . اسڪول ۾ ننڍڙن ٻارڙن جا ڪرتب
ڏسي، سندن حب الوطنيءَ وارا نغما ٻڌي جيڪا ڪيفيت
مٿن تاري ٿي، تنهن جو بيان لفظن ۾ لکڻ مون لاءِ
آسان نه آهي.
ڪراچيءَ ۾ ان وقت اسين ”سنڌ صدين کان سيمينار“ جي تياري ڪري
رهيا هئاسين. پير سائينءَ مون کي چين واري سفر ۾
هر وقت پاڻ سان گڏ رکيو. اسان جي وفد ۾ پاڪستان جا
مشهور ليکڪ، شاعر ۽ صحافي به موجود هئا، جن ۾ عطا
شاد، خالد سعيد بٽ، طارق عزيز ۽ احمد فراز جا نالا
ذڪر ڪرڻ جي لائق آهن.پير صاحب نهايت گهڻي
فراخدليءَ ۽ فخر سان منهنجو انهن سان تعارف ڪرايو
. مون کي گهڻي شفقت سان سمجهائيندو رهيو ته تنهنجو
هيءُ سفر انهيءَ ڪري به فائدي وارو آهي ته تون اهو
سکڻ جي ڪوشش ڪرين ته سنڌ صدين کان سيمينار جي وقت
اسان کي ڇا ڇا ڪرڻ گهرجي. مهمانن کي ايئرپورٽ تي
لاهڻ وقت ڪهڙا جتن ڪرڻ گهرجن. انهن جي رهائش،
ٽرانسپورٽ وغيره لاءِ ڪيئن آساني پيدا ڪجي.
پيڪنگ ۾
institute of nationalities
گهمڻ وقت مون کي بار بار اهو جتائيندا رهيا ته
سنڌالاجي کي هن طرز تي ٺاهڻو اٿيئي ۽ ڊايوراما هن
نموني جا هجن. اهڙيءَ طرح شانگهائيءَ ۾ قومي
لائبرريءَ ۾ خاص ڪري قلمي نسخن واري شعبي ۾
هدايتون ڏيندا رهيا ته ڏس ته هنن قلمي نسخن جي
ڪيئن حفاظت ڪئي آهي. انهن لاءِ
Fumigation chambers
ٺاهيا اٿن. مطلب ته ان سفر ۾ هڪ طرف هڪ رهنما
وانگر مون کي سمجهائيندا هليا ته ٻئي طرف اُت به
کيس سنڌ ۽ سنڌالاجيءَ جو اونو هو، درد هو، جذبو
هو.
پير صاحب جي ذهن، طبيعت ۽ دل ۾ سنڌو ماٿر، موهن جي دڙي ۽ هڙاپا
جي قديم تهذيب لاءِ احترام ۽ جذبو هو. هن واديءَ
سنڌ جي سڀيتا کي تاج محل ۽ لال قلعي کان وڌيڪ
ترجيح ٿي ڏني.
پير صاحب سان منهنجي ملاقات 1964ع ۾ ، ”سنڌ اڪيڊمي“، جنهن کي
هاڻ ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ سڏجي ٿو، ان جي
ائڊزري ڪميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ ٿي. آءٌ تازو
انگلئنڊ کان موٽيو هوس. دماغ ۾ اڃا اتي جي هوا
هئي. مون مذڪور گڏجاڻيءَ ۾ جناب پير صاحب ۽ ان وقت
جي وائيس چانسلر جناب ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ تي،
لنڊن مان موڪليل پنهنجي خط تي ڪوبه قدم نه کڻڻ
ڪري، سخت تنقيد ڪئي. جناب پير صاحب ۽ ٻيو ڊاڪٽر
صديقي صاحب جي ڪشاده دلي، سهن شڪتيءَ ۽ اعليٰ
ڪردار جو هن کان وڌيڪ ڪهڙو اعليٰ مثال ٿي ٿو سگهي
ٿو، جو ان ئي ڏينهن شام جو سنڌي شعبي ڏانهن ويندي،
مون کي پير صاحب ريڊيو اسٽيشن وٽ مليا ۽ فرمايائون
ته ”بابا! تو اسان کي چئلينج ڏنو هو ۽ ان جي جواب
۾ هاڻ توکي چئيلينج ڏيئي رهيا آهيون، سڀاڻي ڊاڪٽر
صديقي توکي گهرائيندو ۽ مڙس ماڻهو ٿي منهن
ڏجانءِ.“
ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر صديقي صاحب مون کي گهرائي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جو
آرڊر هٿ ۾ ڏنو. پير صاحب وٽن موجود هو، فرمايائون
ته ڪم تون ڪندين ۽ اسين تنهنجي مدد ڪنداسين. پير
صاحب جي فراخدليءَ جو ٻيو مثال هيءُ آهي جو هڪ
نوجوان مسٽر غلام محمدلاکي، سندن ڪتاب مظهر
شاهجهانيءَ تي تنقيد ڪئي. ان تنقيد تي ڪاوڙجڻ جي
بدران ان کان ايتري ته متاثر ٿيا، جو پاڻ مسٽر
غلام محمد لاکي سان ملڻ لاءِ ٻه ٽي دفعا اظهار
ڪيائون.
سندن دور انديشي، گهري اڀياس ۽ اعليٰ سوچ جوهڪ بي بها مثال هيءُ
به آهي جو سندن ئي رٿ تي آڪٽوبر1964ع ۾ سنڌي
ائڪيڊميءَ جو نالو بدلائي، ان جو نالو انسٽيٽيوٽ
آف سنڌالاجي رکيو ويو. پوءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاڻ ۽
مون کي شامل ڪري اداري جي مقصدن تي نئين سر نظر
وجهي، انهن کي جامع بنايو ويو. اهو ٺهراءُ ته بحال
ٿي ويو پر ماڻهن جي کلن ۽ چٿرن کي ڪير منهن ڏئي.
ان وقت سنڌالاجيءَ جي آفيس اولڊ ڪئمپس ۾ ڏاڪڻ وٽ
هئي. سنڌالاجيءَ جو بورڊ ڏسي ماڻهو ٻاهران ئي
ٻاهران کلندا هئا ۽ رمارڪ ڏيندا هئا. پر پاڻ هميشه
چوندا هئا ته هي ادارو ائڊولاجي، ايجپٽالاجي، ۽
ايرانالاجيءَ جي سڪون لاهيندو. خدا جي فضل ۽ ڪرم
سان پير صاحب جهڙن بزرگن، هڏڏوکين ۽ نيڪ مردن جي
دعائن ۽ نيڪ تمنائن سان جيئن جيئن هن اداري جو
ناماچار وڌندو ويو، تيئن تيئن پهرين سنڌ پوءِ
پاڪستان جي ٻين صوبن ۽ پوءِ دنيا جي يونيورسٽين ۾
هن اداري جي پهچ ۽ پکيڙ ٿي. عالمن کي پروڙ پيئي،
تيئن پير صاحب جي خوشين ۾ اضافو ٿيندو ويو. هن
اداري جي ڪارڪنن ۾ سندن ڀروسو ڄمندو ويو، اعتماد
پختو ٿيندو ويو. ان جو ثبوت هن کان وڌيڪ ڪهڙو ٿي
سگهي ٿو جو ڪارڪنن ۾ اعتماد آڻي پنهنجي وصيت ۾
سندن ڪتاب فوٽو گراف ۽ ٻيون شيون سنڌالاجيءَ ۾ رکڻ
لاءِ هدايت ڪري ويا آهن. مون کي خوشي به آهي ۽ فخر
به ته پير صاحب جهڙي جڳ مشهور عالم سنڌالاجيءَ کي
اعتماد جوڳو ادارو سمجهيو هو.
آءٌ هڪ اندنيٰ شاگرد جي حيثيت ۾ سندن علميت، فضيلت، حڪمت،
دانشمندي ۽ فن جي باري ۾ ڳالهائڻ يا لکڻ جي نه همت
ٿو ساري سگهان ۽ نه وري اهڙي تجزيي ڪرڻ جي مون ۾
ڪا لياقت آهي. سندن هر ڪتاب، ڪتاب جو هر ورق، سنڌ،
سنڌ جي سماجي قومي علمي ۽ ادبي تاريخ واري بيان
سان لبريز آهي. پير صاحب سنڌ جي سياسي سماجي ۽
ادبي تاريخ کي نئون موڙ ڏنو آهي، ان کي قومي رنگ ۾
بيان ڪيو آهي. سندن عالم فاضل ۽ مورخ هجڻ جو هن
کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مثال ٿو ٿي سگهي جو ”مڪلي نامه“
جي اصل مصنف علي شير قانع وارو ”مڪلي نامه“ دراصل
79 صفحن ۾ لکيل هو، جڏهن ته پير سائينءَ ان ۾
اضافا آڻي، حاشيا لکي، تحقيقي وڌارا ڪري ان کي
779صفحن واري ضخيم ڪتاب ”مڪلي نامه“ جي صورت ۾
آندو. اهڙيءَ طرح مقالات الشعراءِ، تڪمله، مقالات
الشعراءِ، مظهر شاهجهاني، تذڪره امير خاني، تر خان
نامه، مير معصوم بکري ۽ مرزا غازي بيگ ڪتاب سندس
علم حڪمت ۽ سخنوريءَ جي ساک ڀرين ٿا. اهو ئي وڏو
ڪارڻ هو جو اڳوڻي ايران سرڪار طرفان تهران
يونيورسٽيءَ کيس ڊاڪٽر آف لٽريچر جي آنرري ڊگري
عطا ڪئي.
پير صاحب جي سڄي زندگي ڪمال سان ڀريل آهي. هو نه ڪنهن اسڪول ۾
باقاعدي پڙهيو ۽ نه ڪنهن ڪاليج ۾ داخلا ورتائين،
نه مئٽرڪ پاس ڪيائين ۽ نه وري ڪنهن ٻئي امتحان ۾
ويٺو. منهنجي نظر ۾ هن جهڙا مثالي انسان ڳوليا
لڀندا هو هڪ
self _ made
اديب، عالم ۽ فاضل هو. هن پنهنجي ذاتي دلچسپيءَ
سان محنت ڪري بنا ڪنهن استاد جي عالمن فاضلن اديبن
مورخن جي دوستي ۽ ساٿ مان فائدو وٺي سنڌ جي سماجي
تاريخ، معاشي تاريخ، سياسي تاريخ، علم ادب، راڳ فن
۽ ثقافت جو ايترو ته گهرو مطالعو ڪيو، ان تي ايترو
ته لکيو جو ان جي مڃڻوتي پنهنجن ۾ ته خير پر ڌارين
عالمن به ڪئي آهي.
راشدي صاحب جي هاڪ ۽ ڌاڪ برصغير پاڪ هند کان سواءِ ايران،
افغانستان، چين، روس، امريڪا، برطانيا، آفريڪا،
آسٽريليا، هانگ ڪانگ، ۽ سلون تائين پکڙيل هئي.
انهن ملڪن جا ڪئين عالم ۽ فاضل سندن گهڻو احترام
ڪندا هئا. اها سعادت هر ڪنهن پاڪستاني عالم کي
نصيب ڪانه ٿي هئي.
راشدي صاحب جهڙي عظيم شخصيت تي نه فقط اسان کي فخر آهي، نه فقط
سنڌ وارن کي فخر آهي، پر مشرقي علوم جو هر عالم
سندن احترام ڪندو هو. هو هڪ شخص نه پر هڪ ادارو
هئا.
آءٌ سندن مزار تي ٻه ٽي دفعا ويو آهيان. مون کي پاڻ ڏاڍو سڪون ۽
آرام سان ستل نظر آيو. حقيقت ته هيءَ آهي ته پير
حسام الدين مئو نه آهي. هو هن وقت به زندهه آهي.
سندس لکڻيون زندهه آهن، سندس پيغام، سندس ڪتاب،
سندس تقريرون ۽ سندس تحريرون اسان وٽ زندهه آهن،
اهي سڀ اسان جي سامهون آهن، پير صاحب اڄ به اسان
وٽ موجود آهي. هاڻ اسان سڀني جو اهو فرض آهي انهن
کي سميٽيون، انهن کي سنڀاليون ۽ نئين نسل جي اطلاع
۽ اڀياس لاءِ انهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪريون اهو ئي سندس
سرمايو آهي. جنهن تي اسين هڪ زندهه قوم وانگر ناز
ڪري سگهون ٿا. انسان وڃڻي وٿ آهي. ڪو به ڪونه رهيو
پير پيغمبر هليا ويا، رهندو نالو الله جو، پر
بزرگن جا ڪارناما ۽ سندس ڇڏيل سرمايو، سندن همعصرن
۽ نئين نسل لاءِ مشعل راهه بنجي سگهن ٿا. اسان مان
هر هڪ جو فرض آهي ته سندن ٻاريل مشعل کي اجهامڻ نه
ڏيون.پاڻ جنهن طريقي سان، جنهن نموني سان، جنهن
رنگ ۽ ڍنگ سان، سنڌ جي تايخ کي بدلائي قومي رنگ ۾
لکڻ جي ڪوشش ڪئي هئائون ان کي جاري رکون. جيڪڏهن
اسان ائين ڪيو ته يقيناً سندس روح کي راحت ايندي،
سنڌ جا سچا هڏ ڏوکي خوش ٿيندا ۽ سنڌ سرهي ٿيندي.
پير صاحب جي گذريل سال سچل واري ادبي ڪانفرنس ۾
ڪيل تقرير ۽ ان ۾ ڏنل پيغام هنئين سان هنڊائڻ
جهڙو آهي. اسان کي سندن اهو پيغام سامهون رکي
اڳتي وڌڻو آهي. سندن طرفان ڏسيل مقصد ۽ منزل تي
پهچڻ جي ڪوشش جاري رکڻي آهي. پر ائين ڪرڻ جي بدران
فقط ٻه لفظ واکاڻ جا ڳالهائڻ کان پوءِ سڄو سال
خاموش ويهي رهڻ سان پير صاحب جي ڏنل پيغام جي
پوئواري نه ٿي سگهندي، پر ان جي بدران سندن مشن کي
جاري رکڻ گهرجي. پير حسام الدين شاهه راشدي يادگار
ڪائونسل يا اڪيڊمي ٺاهي اهو ڪم ان جي حوالي ڪريون
ته جيئن هر ڪم ڪنهن رٿا ۽ ترتيب سان ٿي سگهي.
........................................
انهيءَ قسم جون بي معنيٰ ڪرامتون ۽ اهڙيءَ ريت عقل ۽ دانش ۾ نه
ايندڙ داستان ۽ هيبتناڪ افسانا، ڪتاب ۾ عام جام
موجود آهن، جن جو حقيقت ۾ بزرگن سان ڪو تعلق ڪونه
آهي، بلڪه ڳالهه کي ڳالهوڙو بنائڻ لاءِ عوام ويهي
انهن قصن کي گهڙيو آهي
ولي سڳورا ۽ خدا جا اهي برگزيدا ٻانها، عام مخلوق جي سڌاري
واڌاري ۽ انهن کي الله سان لئون لڳائڻ لاءِ هوندا
آهن. حسن عمل، حسن ڪردار، ميٺ محبت، ٻاجهه ۽
سٻاجهائي جو مظهر ٿيندا آهن. غلط رستي تي هلندڙ کي
هو پنهنجي روحانيت جي رحماني اثر سان سنئين راهه
تي لائيندا آهن. نوڙت، نهٺائي، حسن سلوڪ، مٺو
ڳالهائڻ، سٺو هلڻ، زندگيءَ جي رهت سهت ۾ سنوت ۽
سڌائي، صبر خواهه تحمل، سندن طريقه تبليغ جا عام ۽
بنيادي اصول آهن. انهيءَ جي مخالف، حديقته الاوليا
جي مؤلف پنهنجي تقريباً هر ڪردار کي غير معمولي
بلڪه زياده تر خوفناڪ نوعيت جي ڪرامتن ذريعي
زوردار ۽ ماوراءِ بشريت ثابت ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي _ جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اڄوڪي
دور جو انسان وڏيءَ ذهني ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي، دور
دراز ڳالهين سوچڻ تي مجبور ٿيو پوي ٿو.
_ سيد حسام الدين راشدي
(حديقة الاولياء ص 72_ 83)
مرحوم سيد حسام الدين
راشدي صاحب جي فارسي ۽ اردو ايڊٽ ڪيل ڪتابن جي
مقدمن تقريظن تي ڪنهن ٻيءَ صحبت ۾ سير حاصل
مضمون
لکي عرض ڪندس. (ق _ ح، خ)
(1)
سن 1951ع ۾ خير پور ميرس ۾ هڪ وڏو يادگار علمي
۽ ادبي اجتماع ٿيو هو، جنهن جي صدارت جا فرائض
برصغير جي وڏي عالم ۽ مورخ سيد سليمان ندويءَ
سرانجام ڏنا هئا. ان محفل جو خاص مهمان، ان
وقت جو مرڪزي وزير مرحوم عبدالستار پير زادو
هو. ان اجتماع ۾ مرحوم سيد حسام الدين راشديءَ
پنهنجو قيمتي مقالو ”سنڌ ۾ اردو“ عالمانه
انداز سان پڙهيو، جنهن کان ندوي صاحب ڏاڍو
متاثر ٿيو ۽ سيد صاحب کي ”مورخ سنڌ“ ڪري سڏيو
هو.
مرزا
قليچ بيگ پڻ سنڌ جي تاريخ تي ڪافي ڪجهه لکيو
آهي، ليڪن اهو فارسيءَ جي ترجمن تائين محدود
آهي.
اهو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سن 1967ع ۾ شايع ڪيو
آهي. سيد مرحوم جو حاشيو 743 صفحن تي مشتمل
آهي.
|