پير صاحب پروقار شخصيت جو مالڪ هو. هميشه خوش پوش رهندو
هو. ڪهڙو به لباس، انگريزي پوشاڪ هجي يا سلوار
قميص هجي ۽ ڪهڙي به رنگ جو هجي، پير صاحب ان ۾
وجيـﮧ ڏسڻ ۾ ايندو هو.
سال 73—1974ع ڌاري جڏهن اسان جون آفيسون حيدرآباد مان
کڄي ڄام شوري آيون، انهن ڏينهن ۾ پير صاحب جن جو
اچڻ وڃن گهٽجي ويو هو، جو سندن صحت ٺيڪ نه رهندي
هئي ۽ ميٽنگن ۾ به گهٽ ايندا هئا ۽ علاج معالجي
لاءِ ماسڪو به ويا هئا. پير صاحب جن کي بعد ۾
ڊاڪٽرن ڏاڪڻ چڙهڻ کان منع ڪئي هئي، ان ڪري بورڊ جي
آفيس ڄامشوري ۾ جڏهن به ايندا هئا ته بوڪ اسٽال ۾
اچي ويهندا هئا ۽ اتي ئي سڄي آفيس جا ماڻهو اچي
کيس ملندا هئا. سندس اچڻ جو مقصد گهڻو ڪري، مسٽر
نفيس احمد شيخ ناشاد، ايڊيٽر مهراڻ، سان ملڻ هوندو
هو، جنهن سان پنهنجن مضمونن ۽ ٻين ڪمن ڪارين بابت
ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا.
سنڌ جي تاريخ جي عاشق ۽ سنڌ جي هن سپوت کي ٺٽي سان گهڻو
پيار هو. مڪلي جو عظيم قبرستان، جنهن تي مڪلي نامو
ڪتاب سندن ايڊٽ ڪيل آهي. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي
آخري آرامگاهه واري احاطي ۾، سنڌ جي سورهيه سپوت
شيخ عبدالمجيد سنڌي جي ڀر ۾ سندن وصيت مطابق کين
جاءِ ملي. اهڙيءَ طرح مڪلي تي تحقيق ڪرڻ واري هن
عالم ۽ مورخ جي روح کي مڪلي جي قبرستان ۾ ابدي
آرام گاهه ۽ سڪون مليو آهي.
الله بچايو يوسف زئي
پروانه صفت بشمع رويت
اسان جي سدوري سنڌ صدين کان ڪيئي املهه ماڻڪ پيدا ڪندي
رهي آهي، جن ۾ دودو ۽ دولهه دريا خان، مخدوم بلال
۽ مخدوم معين، شاهه عنايت شهيد ۽ شاهه لطيف، سچل ۽
سامي، قانع ۽ قليچ، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ علامه
دائود پوٽو ۽ پير حسام الدين شاهه راشدي جهڙن
سپوتن پنهنجي سرت ۽ سليقي سان جيجل سنڌ جي سر تي
سکيا جو سندور ڇڻڪائي سندس سينڌ سنواري کيس سرخرو
ڪيو.
عوامي ادب، تهذيب ۽ ثقافت سان وابسته آهي. ليکڪ پنهنجي
ذهن ۾ آزاديءَ سان سوچي ٿو ۽ پنهنجي اظهار ۾
آزاديءَ کان ڪم وٺي پنهنجي آسپاس جي رد عمل کي
آزاديءَ سان قلمبند ڪري ٿو ۽ پنهنجي احساس جي
نزاڪت کي ڪنهن به مصلحت يا ڪنهن به خوف سبب ڪمزور
ٿيڻ نه ٿو ڏئي.
علم ۽ ادب جي حقيقت ۽ حسن سان ڳانڍا پيل هئڻ جي پرک آهي
ليکڪ جي سچائي ڪو به ليکڪ تيستائين ترقي نه ڪري
سگهندو جيستائين هو عوام جو توجهه پاڻ ڏانهن نه
ڇڪائيندو ۽ جيستائين سندس لکڻين ۾ اعليٰ درجي جي
سماجي مقصديت نه پيدا ٿيندي. ليکڪ عظيم اخلاقي
مقصد جو مطالبو ڪري ٿو ته جيئن ٻيا لکندڙ به
پنهنجي تحرير ۾ سنجيدگي، تاثر ۽ خلوص پيدا ڪن ۽ ان
کي مقبول عام ۽ خوبصورت بنائين ۽ ان مان خوشي حاصل
ڪري سگهن ۽ ان تي فخر ڪري سگهن ۽ ماحول کان پڻ
واقف ٿين---مٿيون مڙيئي خوبيون اسان جي پير حسام
الدين راشدي مرحوم ۾ بدرجه اتم موجود هيون.
پير صاحب جا مضمون ۽ مقالا آئون طالب علميءَ واري وقت
کان پڙهندو هوس، جو مون کي تاريخ پڙهڻ سان دلچسپي
هئي. انهيءَ شوق مون کي 1963ع کان سنڌي ادبي بورڊ
جهڙي علمي اداره سان وابسته رکيو آهي.
جڏهن بورڊ ۾ ملازمت شروع ڪيم ته ان وقت پير صاحب جو
مشهور ڪتاب ”مڪلي نامه“ ڇپجي رهيو هو. ان ڪتاب جا
شجرا ڪراچيءَ ۾ جيئن پير صاحب چاهيو ٿي تيئن ڇپجي
نه ٿي سگهيا. سو، سندن خواهش موجب اهي شجرا ۽
تصويرون حيدرآباد ۾ بورڊ جي پريس ۾ ڇپيا. سندن
پهرين زيارت ان وقت ٿي---- سندن شخصيت ۾ وقار،
مروت، محبت، سچائي، پنهجائپ نمايان نظر آئي.
پير صاحب کي ڪتابن سان عشق هو. پاڻ سٺو ۽ سهڻو ڪتاب
پسند ڪندا هئا، ان ڪري سندس حياتي انهيءَ جستجو ۾
گذري.
پير صاحب کي ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ جو موقعو مون کي 1974ع
کان پوءِ مليو، جڏهن بورڊ مون کي پريس جو مئنيجر
مقرر ڪيو.
هڪ ڏينهن جناب رباني صاحب جن فون ڪيو ته پير صاحب جن کي
نئون ڪتاب ڇپائڻو آهي، جنهن لاءِ پاڻ ڪراچي مان
اچي رهيا آهن ۽ سندن خواهش آهي ته ان باري ۾ اوهان
سان ڪن فني نقطن تي ڳالهه ٻولهه ڪن. ٻن ٽن ڪلاڪن
کان پوءِ راشدي صاحب جن رٽز هوٽل تي پهتا ۽ فون
ڪيائون ته اوهان اچو. آءٌ جڏهن هوٽل ۾ پهتس ته دل
۾ ڪيئي وسوسا ۽ وهم هئم ته خدا خير ڪري سنڌ جو وڏو
اسڪالر، مؤرخ ۽ مفڪر آهي، نه ڄاڻ ڪهڙا ڪهڙا سوال
ڪندو ۽ سندس جاه و جلال جو پارو خدا ڄاڻي ڪيترين
ڊگرين تي هوندو، وغيره وغيره...... ڇاڪاڻ جو اها
پير صاحب سان منهنجي سڌي سنئين پهرين ملاقات هئي.
منهنجي تعجب جي حد نه رهي جڏهن پير صاحب کي مون
هوٽل جي ڪمري ۾ بيٺل ڏٺو. جيئن ميزبان ڪنهن مهمان
جي آجيان ڪندو آهي. مون کين ادب سان سلام ڪيو ته
پاڻ وڌيڪ اچي ٺيٺ سنڌي طور طريقي سان بغلگير ٿي
مليا ۽ کيڪار ڪيائون. سندن چهري تي هڪ عجيب شگفتگي
نمايان نظر آئي، جنهن مان مون محسوس ڪيو ته پير
صاحب سان منهنجي هي پهرين ملاقات نه پر گهڻي وقت
کان ڪا شناسائي آهي. ان ڪري منهنجا دلي وهم وگمان
سڀ ڪافور ٿي ويا. پير صاحب مون سان مخاطب ٿيندي
فرمايو ته اوهان جي باري ۾ جويو صاحب ۽ رباني صاحب
جن تاثر ڏنا هئا، ان ڪري اوهان کي تڪليف ڏني اٿم.
پير صاحب پنهنجي بريف ڪيس مان ڪتاب ”هو ڏوٿي هو
ڏينهن“ جو مسودو ڪڍندي فرمايو ته ”بابا! هي ڪتاب
مون وڏيءَ اڪير ۽ چاهه سان لکيو آهي، سو مان
چاهيان ٿو ته هي ڪتاب سنڌي ڪتابن ۾ ڇپائيءَ جي
لحاظ کان هڪ مثالي ڪتاب ٿئي، هي مسودو نظر مان
ڪڍو.“ ٿوريءَ دير کان پوءِ پاڻ هڪ انگريزي ڪتاب،
جيڪو غالباَ جرمنيءَ جو ڇپيل هو، سو ڏيکاريائون.
ڪتاب تمام معياري ۽ سهڻو ڇپيل هو. پاڻ چيائون ته
هي ڪتاب به ائين ڇپجي. مون عرض ڪيو ته سائين جتي
هي ڪتاب ڇپيو آهي اهو ملڪ ڪافي ترقي پذير آهي ۽
اسان اڃا ان ڳالهه ۾ پوئتي آهيون. تنهن تي پاڻ
فرمايائون ته ”جيڪڏهن سنڌ جو ماڻهو ڪو ڪم شوق ۽
دلچسپيءَ سان ڪندو آهي ته اهو يقيناَ معياري ۽
سهڻو ٿيندو. ”فنڪار“ اهو آهي، جو گهٽ وسيلن هوندي
به پنهجو ڪم معياري ڪري، داد حاصل ڪري، ماشا الله!
مون کي اوهان ۾ اهي سڀ صلاحيتون نظر اچن ٿيون،
جيڪي هڪ سٺي پرنٽر ۾ هئڻ گهرجن.“ مون پير صاحب کي
عرض ڪيو ته سائين آءٌ ته اڃا ان اسڪول جو طالب علم
آهيان. اوهان بزرگ آهيو، دعا ڪريو. انشاء الله
اوهان اسان کان نا اميد نه ٿيندؤ.
پير صاحب جڏهن ڪتاب جي ڇپائيءَ بابت صلاح مشورو ڪيو ته
مون سندن سوالن ڪرڻ مان اندازو لڳايو ته پير صاحب
پريس ۽ طباعت جي فني باريڪين کان پوريءَ طرح واقف
آهي ۽ ان ۾ وسيع معلومات ۽ تجربو به رکي ٿو ان ڪري
دل جهلي سوال ڪيم ته سائين اوهان ڪنهن پريس ۾ به
ڪم ڪيو آهي ڇا؟ پير صاحب جواب ڏنو ته ”بابا، اوهان
جڏهن هي ڪتاب ڇپيندا ته اوهان کي پنهنجي سوال جو
جواب ملي ويندو.“
ڪتاب جي ڇپڻ وقت معلوم ٿيو ته پير صاحب واقعي شروع کان
پريس سان منسلڪ رهيو هو، ان ڪري طباعت جي پيچدگين
کان پوريءَ طرح واقف هو.
پير صاحب کي ڪتاب لکڻ کان پوءِ، ان جي ڇپائيءَ جي سمورن
مرحلن ۾ ساڻ رهڻ سان عشق هوندو هو.
مطالو ۽ مشاهدو، تصنيف ۽ تاليف ته سندن عادتن ۾ شمار
هئا، جڏهن سندن ڪتاب ڇپيو هو ته پاڻ ان کي جلد کان
جلد ۽ سهڻي کان سهڻو شايع ڪرائڻ لاءِ بيچين هوندا
هئا. پريسن ۾ بذات خود ويندا هئا، ماڻهو موڪليندا
هئا، فون ڪندا هئا يا خط لکندا هئا، جنهن ۾ سندن
معياري اشاعت جي خواهش ۽ بيقراري بکندي نظر ايندي
هئي.
بورڊ پريس ۾ جڏهن سندن ڪتاب ڇپيا هئا ته ان وقت سندن
مخصوص گفتا ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ ايندا هئا، جن ۾ هڪ قسم
جي عجيب البيلائي، شگفتگي، مزاح، ميٺاس هوندو هو،
جن جي ٻڌڻ سان رت جا ٻه---ٽي توله بدن ۾ وڌندا هئا
۽ اچانڪ ٽهڪ نڪري ويندا هئا. سندن ڪتاب ”هو ڏوٿي
هو ڏينهن“ جو پهريون فارم ڇپيل جڏهن ملاحظه لاءِ
کين پيش ڪيو ويو ته پاڻ ڏاڍا بهار ٿيا ۽ چيائون ته
”ميان صاحب“ واقعي طبيعت خوش ڪري ڇڏيو ائين ئي
سمورو ڪتاب ڇپجي پورو ٿيو. ان کان پوءِ جڏهن به
پاڻ خط لکن، فون ڪن يا مخاطب ٿيندا هئا ته وڏيءَ
اڪير ۽ پيار سان پهرين ”ميان صاحب“ جو لفظ چوندا
هئا ۽ اهڙي مهر ۽ محبت سان اچاريندا هئا، جنهن مان
خلوص ۽ پنهنجائپ محسوس ٿيندي هئي. پاڻ ڪلاڪن جا
ڪلاڪ بورڊ پريس جي آفيس ۾ اچي ويهندا هئا ۽ ڪتاب
جي پروفن وغيره تي نظرثاني ڪرڻ سان گڏ طباعت جي
سموري ڪم بابت مشورو ڪندا هئا ۽ کليءَ دل ۽ قرب
سان ڳالهائيندي چوندا هئا ته ميان صاحب هاڻ ته ٿڪي
پيو آهيان چاءِ پياريو پر هوٽل واري نه هجي، اها
اوهان جي پريس واري ٺهيل چاءِ پياريو.“
ڪتاب جا 3 حصا جڏهن ڇپجي ويا ته پاڻ پڇندا هئا ته ميان
صاحب، باقي ڪتاب جو ڪم ڪيترو آهي، ته سندن
بيقراريءَ کي رفع ڪرڻ لاءِ جواب ۾ عرض ڪندو هوس
ته: قبله، ڪتاب هاڻ ”آخري مرحلي“ ۾ آهي. وري پڇندا
ته مهراڻ ڪڏهن شايع ٿيندو ته کين خوش ڪرڻ لاءِ
چوندو هوس، سائين اهو به ڇپائيءَ جي آخري مرحلي، ۾
آهي اهو ”آخري مرحلي“ وارو لفظ ٻڌي پاڻ ڏاڍا ٽهڪ
ڏيندا هئا ۽ پوءِ ته خوش طبعي لاءِ اڪثر اهو سوال
ڪندا رهندا هئا. اڪثر ته پاڻ ئي پنهنجي سوال جو
جواب ڏيئي ڇڏيندا هئا. مثلن پڇندا هئا: ”فلاڻو
ڪتاب ڪهڙي مرحلي ۾ آهي؟“ ”آخري مرحلي ۾ آهي، ائين
نه؟“ پاڻ، ان ”آخري مرحلي“ جو لفظ ٻڌي تمام گهڻي
لطافت محسوس ڪندا هئا، جنهن ڪري سندس طبيعت جي
سموري ڪيفيت نمايان ٿي ويندي هئي.
پير صاحب محبتي ميزبان هئا. جيڪڏهن ڪو ساڻن ملڻ ويندو
هو ته ان جي آجيان کليءَ دل سان ڪندا هئا ۽ جڏهن
ڪو مهمان موڪلائيندس ته پاڻ پنهنجي گاڏي کيس
آڇيندا هئا. ماني کارائڻ کان سواءِ مهمان کي اصل
نه ڇڏيندا هئا ۽ کين ان ۾ دلي خوشي ٿيندي هئي ته
ساڻن مهمان، دوست احباب ۽ عقيدت مند گڏجي هڪ ئي
دسترخوان تي ماني کائين.
پير صاحب عالمن، دانشورن، مفڪرن، مؤرخن، استادن،
شاگردن، فنڪارن، قومي ڪارڪنن پرنٽرن، پبلشرن ۽ اهل
علم و قلم سان گڏ پورهيت جو به قدر ڪندا هئا،
ڇاڪاڻ جو پاڻ نهايت زنده دل انسان هئا ۽ انسانيت
سان کين پيار هو.
پير صاحب مردم شناس هو، ان ڪري ڪوڙي ٺاٺ باٺ رکندڙ هلڪي
طبع واري ماڻهوءَ کي پسند نه ڪندا هئا.
جڏهن ”مير محمد معصوم بکري“ڪتاب جو سرورق ڇپائڻ ڪراچي
ويس ته پاڻ زوري مون کي پاڻ وٽ ”علي رضا هائوس“ ۾
مهمان ڪري رهايائون. اهي پير سائينءَ جون ڪچهريون،
نڪتا، گفتگو جو لب و لجهه اڄ ڪنن ۾ گونججي رهيا
آهن----- اهي تاثرات جيڪي پنهنجي حلقي جي افرادن
لاءِ ڏنا هئائون اهي اڄ به دل سان لڳي رهيا آهن ۽
اهي تاثر ڄڻ ته پير صاحب جون ڪيل پيشنگويون صحيح
ثابت ٿيون آهن.
پير صاحب سچ کي گهڻو پسند ڪندو هو ۽ کيس پنهنجي ديس سنڌ
۽ ان جي ماڻهن، تهذيب ۽ تمدن سان پڻ عشق هو، جيڪو
سندن تحريرن ۽ تقريرن مان واضح آهي.
هي هڪ سچو سنڌ جو سپوت هو جنهن سنڌ جي ڪنهن به غدار تي
پرده پوشي نه ڪئي آهي، بلڪ ان کي قوم جي اڳيان
اصلي حالت ۾ ظاهر ڪيو اٿس پير صاحب خوش لباس، خوش
خوراڪ ۽ هميشه تروتازه نظر ايندا هئا. کين هر قسم
جو لباس ٺهڪي ايندو هو، پوءِ اهو ديسي هجي يا
پرديسي.
پير صاحب جن جڏهن ڪنهن تي مهربان ٿيندا هئا ته ان کي ڪو
تحفه يا سوکڙي ڏيندا هئا. جيئن سندن ڪتاب ”هو ڏوٿي
هو ڏينهن“ مڪمل ٿيو ته پاڻ هن ناچيز کي شيفرڊ پين
جو سيٽ ڏيندي چيائون ته ”ميان صاحب جهڙو ڪتاب ڇپيو
اٿوَ، تهڙو تحفو ڏيانوَ ٿو!“
پير صاحب سان ملڪي توڙي بين الاقوامي جيڪي شخصيتون ملڻ
اينديون هيون، سي ڪنهن چڱي موچاري درٻار ۾ به مشڪل
سان ڏسڻ ۾ اينديون.
پير صاحب علمي ۽ ادبي ادارن جو روح روان هو. سندن تشڪيل
ڏنل ادارا سندن ڪيل خدمتن کي صدين تائين ياد
رکندا. پير صاحب دنيا جو مڃيل اسڪالر ۽ مؤرخ هو
سندس علم وسيع هو ۽ جيڪڏهن کيس موت اڃا به ڪا مهلت
ڏئي ها ته جيڪر انهن اشاعتن ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو
ٿئي ها:
سي پوڄارا پُر ٿيا، سمنڊ سيويو جن،
آندائون عميق مان، جوتي جواهرن،
ڪانهي قيمت تن، ملهه مهانگو ان جو.
پهرين اپريل 1982ع ڏهاڳ جو ڏينهن اڀريو، جنهن ڏينهن پير
صاحب جن وٽ ملڪ الموت مهمان ٿي اچي سهڙيو. ۽ هن
سنڌ جي سينڌ سنوارڻ واري پرواني ۽ علم جي شمع روشن
ڪرڻ واري سپوت کي اسان کان کسي دار البقا ۾ وٺي
ويو. اي موت تو الائجي ڪهڙا ڪهڙا ڪيس ڪيا!
پير صاحب جو مڪليءَ سان پڻ عشق هو، ان ڪري ”مڪلي نامه“
جهڙو ضخيم ڪتاب لکڻ کان پوءِ به سندن مڪليءَ سان
محبت جي اڃ نه اجهامي. ان ڪري هر هفتي پاڻ
ڪراچيءَ کان ٺٽي ايندا هئا ته مڪليءَ جو به ديدار
ضرور ڪندا هئا. سر زمين سنڌ کي اهو قدرت شان عطا
ڪيو آهي ته هو پنهنجن عاشقن، صادقن، سورهه سپوتن،
عالمن ۽ فاضلن کي جيءُ ۾ جاءِ ڏيندي آهي. اهڙيءَ
طرح مڪليءَ به پنهنجي هن عاشق صادق کي جيڪو هميشه
سنڌ جو تاريخي قبرستان هئڻ سبب مقدس هئي، پر پير
صاحب جي مدفن بعد ان جي تقدس ۾ هيڪاري اضافو ٿيو.
هينئر جڏهن به پير صاحب ياد ايندو تڏهن مڪلي ياد
ايندي ۽ جڏهن مڪلي ياد ايندي تڏهن پير صاحب ياد
ايندو ۽ بار بار ياد ايندو!
ساراه صاحب کي ڪجي، جو عالم ڪل علمن،
سڀڪي ڄاڻي مون ڌڻي بخشي علم بندن.
نفيس احمد شيخ ”ناشاد،
منهنجو محسن--------راشدي صاحب
پير حسام الدين راشدي صاحب جن ممتاز عالم هجڻ سان گڏ
عظيم انسان پڻ هئا. علمي عظمت بيشڪ تمام وڏي ڳالهه
آهي پر انساني عظمت ان کان به وڌيڪ ڳؤري ڳالهه
آهي. علمي ڪمال سان شخصي خوبين ۽ خاصيتن جي فضيلت
شامل ٿي وڃي ته اها انسان کي اتانهين رتبي تي
رسائي ڇڏي. بلاشبه، پير صاحب اهڙو ئي اعليٰ شان جو
صاحب هو. هن مضمون ۾، آءٌ سندس علمي بلندين جي قطع
نظر، فقط سندس انهن چند شخصي خوبين جي حوالي سان
پنهنجا تاثرات پيش ڪندس، جن مون کي متاثر ڪيو ۽ دل
نوازيءَ جا اڻ مٽ نشان منهنجي دل تي نقش ڪري ڇڏيا.
انهن خاصيتن مان علمي ڪم جي ڀرپور قدر داني ۽ ڏکين
ڏينهن ۾ واهر وسيلي ٿيڻ ۾ ثابت قدمي نمايان آهن.
* * *
پير صاحب سان پهرين ملاقات ۽ تعارف جو شرف مون کي 1964ع
جي اوائل ۾ حاصل ٿيو. مون کي بورڊ ۾، مهراڻ رسالي
جي آفيس ۾ تڏهوڪي ايڊيٽر گرامي صاحب وٽ، سندس نائب
جي حيثيت ۾ ملازمت ملي هئي. ٻه ٽي مهينا مس گذريا
هئا ته بورڊ جي هڪ ميٽنگ ۾ شرڪت کان پوءِ، پير
صاحب، گرامي صاحب سان ملڻ لاءِ مهراڻ آفيس ۾ آيا.
ان وقت بورڊ جون آفيسون سول لائينس جي بنگلي نمبر
3 ۾ هونديون هيون. ادب سان دلچسپي سبب، پير صاحب
جي هاڪاري نالي کان ته مون کي ننڍپڻ کان ئي واقفيت
هئي،پرهي پهريون ڀيرو هو، جو پير صاحب کي روبرو
ڏٺم ۽ ساڻس ملاقات جو موقعو مليو هو. گرامي صاحب،
پير صاحب سان منهنجي تعارف ڪرائيندي، ٻڌائي رهيو
هو ته ”......هي نينگر ادب جو شائق، صلاحيتمند
نوجوان آهي. اکر تمام سٺا اٿس، شعر و شاعريءَ سان
گهڻو شوق اٿس، ٿر جي مشهور عالم ۽ نامور استاد،
تاريخ ريگستان جي مصنف استاد رائچند جو فرزند
آهي......“ منهنجي حيرت جي انتها نه رهي، جڏهن پير
صاحب منهنجي ان تعارف تي نه صرف متوجه ٿيا، پر ان
سان گڏ انتهائي پنهنجائپ ۽ قرب مان، مون کي پنهنجي
سيٽ تان سڏي، پنهنجي ڀر ۾ ويهاري، نهايت دلچسپيءَ
۽ پيار مان، مون سان ڪافي گفتگو ڪيائون! منهنجي
والد بابت مون کان ڪيترائي سوال پڇيائون، ڇو ته ان
جي ساڻس ڪڏهن به ملاقات نه ٿيل هئي. منهنجا لکيل
ڪجهه ڪاغذ طلب ڪري، ڏسي، خوشنويسيءَ کي پسند
ڪيائون. شعر و شاعريءَ واري شوق کي پسند ڪو نه ڪيو
هئائون. ۽ ترغيب ڏنائون ته شاعريءَ تي وات ضايع
ڪرڻ بجاءِ آءٌ ”پڙهڻ“ ڏي توجهه ڪريان. مون جهڙي هڪ
نڍي ۽ نئين ملازم تي پير صاحب جهڙي عظيم الشان
شخصيت طرفان اهڙي پنهنجائپ ۽ قرب مون کي حيرت ۾
وجهي ڇڏيو ۽ مان پنهنجي ان خوش نصيبيءَ تي نهايت
خوش ٿيس. ۽ اڄ به جڏهن ان ملاقات جو تصور اڳيان
اچي ٿو ته ساڳي ئي خوشي ۽ حيرت محسوس ڪري رهيو
آهيان!)
ان کان پوءِ، بورڊ ۾ لاڳيتو ملازمت جي طويل عرصي دوران،
پير صاحب سان ملڻ جا ڪيئي موقعا ملند رهيا ۽ پاڻ
هميشه ساڳئي خلوص ۽ محبت سان پيش ايندا هئا. ان
طرز ۾ مون ڪڏهن به ڪمي محسوس ڪانه ڪئي ۽ نه هروڀرو
اضافو به محسوس ڪيو. بورڊ جي ميٽنگن دوران يا
هونءَ ئي ڪيتراڪئي دفعا، بورڊ ۾ رباني صاحب وٽ
سندن اچڻ ٿيندو هو، ته هاسيڪار، ساڻس ملڻ هڪ فرض
تصور ڪبو هو ۽ کانئن ساڳئي محبت ۽ عزت ملندي رهندي
هئي. ڪجهه دفعا، آفيس جي ڪمن سان، وٽس ڪراچيءَ ۾،
سندس گهر ”بيت الضياعه“ به وڃڻ ٿيو. جتي پڻ ساڳئي
خنده پيشانيءَ سان پيش ايندا هئا. ڪم جي ڳالهه کان
پوءِ مختصر ڪچهري ڪري، چانهه سان ضرور خاطر تواضع
ڪندا هئا.
مهراڻ رسالي ۾ پير صاحب جي صخيم تحقيقي مضمون ”ٺٽي شهر
جي آڳاٽي جا گرافي“ جو ڇپجڻ، منهنجي ساڻس قرابت جو
سبب بنيو. 1972ع جو زمانو هو. بورڊ جون آفيسون
گاڏي کاتي ۾ ”امين منزل“ عمارت ۾ هيون. هڪ ڏينهن
پير صاحب مهراڻ آفيس ۾ اچي، پنهنجي ان مضمون جو
مسودو بريف ڪيس مان ڪڍي، مهراڻ ۾ شايع ڪرڻ لاءِ
گرامي صاحب کي ڏنو ۽ ان جي سهڻي سٽاءُ سان ڇپجڻ
لاءِ خاص طرح سان مون کي تاڪيد ڪندي، ڪجهه هدايتون
پڻ ڏنائون. ان وقت آءٌ مهراڻ جو سب ايڊيٽر هوس.
مون کي ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي، جو پير صاحب جهڙي
هاڪاري عالم ۽ برک محقق، ان ڪم لاءِ مون جهڙي ناقص
جي اشاعتي ڪارڪردگيءَ کي پسند ڪندي، ان لاءِ
چونڊيو هو. مهراڻ 2—1972ع ۾ مضمون ڇپيو ۽ ان کان
پوءِ 4---1972ع واري پرچي ۾ ان جو اضافي حصو،
تڪميلي مواد، نقشو ۽ تصويرن جو وسيع البم پڻ. حسن
اتفاق سان، ڇپيل مواد جا ٻئي ڀاڱا پير صاحب کي
پسند اچي ويا. توڙي جو اهو سڄو ڪم ڪار ايڊيٽر جي
حيثيت ۾ بنيادي طرح مرحوم گرامي صاحب ڪيو هو، ۽
مون پنهنجو جزوي حصو سندس ئي نائبيءَ جي حيثيت ۾
انجام ڏنو هو، پر منهنجي خوش بختي هئي، جو پير
صاحب پنهنجي مضمون جي عمدي اشاعت بابت ”پسند ۽
خوشي“ مهرباني ڪري، مون سان وابسته ڪري ڇڏي. مون
کي گهڻو فخر ٿيو، جو منهنجي ناقص علمي ڪارڪردگي ۽
اشاعتي نظرداريءَ کي پير صاحب تحسين جي نظرن سان
ڏٺو. انهيءَ مضمون جي اشاعت کان پوءِ، پير صاحب
مون کي اڃا به وڌيڪ عزت ۽ محبت جي نظر سان ڏسڻ لڳا
۽ مون محسوس ڪيو ته مون کي هاڻي صحيح معنيٰ ۾ سندس
قرابت جو شرف حاصل ٿيو آهي. ان زماني کان پوءِ
جڏهن به وٽس ڪراچي وڃڻ ٿيندو هو ته پاڻ نه صرف
ڪافي وقت مون سان ڪچهريون ڪندا هئا، پر ماني
کارائڻ کان سوا نه ڇڏيندا هئا.
1973ع ۾، حيدرآباد ۾، بين الاقوامي ڪتابي سال جو جشن،
نيشنل سينٽر ۾ ملهايو ويو، جنهن ۾ پير صاحب هڪ
پرجوش تقرير ڪئي. مهراڻ ۾ ان جلسي جي سموري
ڪارگذاري، مقالن سميت مرتب ڪيم. پير صاحب جي ڪيل
تقرير، ٽيپ رڪارڊر تان اتاري، ايڊٽ ڪري، ضروري نوڪ
پلڪ سان سنواري، مهراڻ ۾ شايع ڪري ڇڏيم. پير صاحب
جڏهن اها ڇپيل تقرير پڙهي ڏٺي ته حسن اتفاق سان،
سندس توقعات تي پوري هجڻ ڪري، کين ايڏو ته وڻي جو
پاڻ مون تي بيحد تحسين جي ورکان ڪيائون ۽ اڳي کان
به وڌيڪ محبت جي نظر سان ڏسڻ لڳا. مون کي ياد آهي
ته پاڻ هڪ دفعو بورڊ ۾ اچي، گرامي صاحب وٽ، منهنجي
روبرو، منهنجي بيحد تعريف ڪيائون، جنهن جي ڪري
منهنجي گهڻي حوصله افزائي ۽ عزت افرائي ٿي.
1976ع ۾ گرامي صاحب وفات ڪئي. سندس رحلت کان چند مهينا
اڳ، پير صاحب، مهراڻ آفيس (ڄامشورو) ۾ آيا ۽ ڪچهري
ڪيائون ان موقعي تي اسان ٻنهي کي چيائون ته اسان،
سنڌي زبان ۾ سندس ڇپيل سمورا مضمون ۽ مقالا گڏ
ڪري، ڪتاب جو مسودو تيار ڪريون ان سلسلي ۾ پاڻ
چند پراڻن مضمونن (مثلن ڪچي جو سير) جي به نشاندهي
ڪيائون ۽ ضروري هدايتون به ڏنائون. پير صاحب کي،
علمي ڪم ڪرڻ بابت مون لاءِ جا خوشگوار راءِ پيدا
ٿي چڪي هئي، سو، مذڪوره ڪم لاءِ، پاڻ مهرباني ڪري،
خاص طور تي، مون کي گهڻيون تاڪيدون ڪيائون. اسان،
لسٽ ٺاهڻ جو ابتدائي ڪم شروع ڪري ڇڏيو. چنانچه، ان
سلسلي ۾ گرامي صاحب کي –2—6—1976ع تي خط ۾
فرمايائون ته:
”اوهان کي پنهنجن مضمونن گڏ ڪرڻ لاءِ عرض ڪيوهوم. لسٽ
تيار ڪرڻ، ان کان پوءِ نقل ڪرائڻ، ڳالهه آئي وئي
نه ڪندا. ناشاد سان فيصلو ڪندس........ اوهان ۽
ناشاد گڏجي مضمونن کي ترتيب ڏيو ته منهنجي لاءِ
عزت افزائي ٿيندي. جيڪا به خدمت ۽ فرمائش ٿيندي،
اها پوري ڪندس.“
گرامي صاحب جي رحلت کان پوءِ، مذڪور ڪم ۾ منهنجي دلچسپي
قائم رهي ۽ ڪم کي اڳتي وڌائيندو رهيس، جنهن کي پير
صاحب نهايت والهانه دعائيه انداز سان ڏسي رهيا
هئا. مون مضمونن جي لسٽ مڪمل ڪري سندن خدمت ۾
ڏياري موڪلي. چنانچه، 8 جنوري 1978ع تي ان بابت خط
۾ فرمايائون:
”....... پهرين ڊسمبر 1977ع لاهور ويس. خيال هو ته
اقبال ڪانگريس مان واندو ٿي، پوءِ اچي اوهان کي
گهرائيندس. پهچڻ سٽ هارٽ اٽيڪ ٿي ۽ پورو مهينو
اسپتال ۾ رهيس. شڪر ٿيو جو زندگي بچي ويئي. اڃاڪي
ڏينهن هن دنيا ۾ رهڻا هئا.
هن وقت آءٌ ڊاڪٽرن جي مشوري تي آرام ڪري رهيو آهيان. ڪو
به ڪم ڪرڻو ناهي، غالبا مهينو ڏيڍ ٻيو لڳي. انشاء
الله، پوءِ اوهان کي تڪليف ڏيندس. آءٌ اوهان جو
ازحد شڪر گذار آهيان، جو ايترو اونو رکيو ٿا اچو.
شال اهڙا نوجوان ٻيا به پيدا ٿين.“
آءٌ مقالن گڏ ڪرڻ جو ڪم جاري رکيو پئي آيس. لسٽ مطابق،
اڌ کان مٿي ڇپيل مواد، پنهنجي جاکوڙ وسيلي گڏ ڪري
چڪو هوس ۽ قلمي مواد باقي ٿي رهيو، جنهن لاءِ کين
عرض ڪيم ته مهرباني ڪري، اهو منهنجي حوالي ڪريو ته
مسودي کي مڪمل ڪجي پاڻ ان سلسلي ۾ 1----اپريل
1978ع واري خط ۾ فرمايائون:
”آءٌ حقيقت ۾ اڃان صحت جي لحاظ سان غير مطمئن آهيان،
تنهنڪري مرڳو خطن جي جواب لکڻ لاءِ به دل ڪانه ٿي
گهري.
ٽي چار ڏينهن ٿيا، اخبار ۾ سرڪاري انعامن جي سلسلي ۾
اوهان جو نالو پڙهيم. مون کي خوشي ٿي. مبارڪون
قبول ڪندا. اوهان کي، خدا ڪندو، پنهنجي ڄمار ۾
ڪيئي علمي قبول عام جا تحفا ۽ سندون ملنديون.*
دعا ڪريو ته اوهان جي حوالي جلد مضمونن جو اثاثو ڪري
سگهان. مون کي پاڻ ڏاڍي اڻ تڻ آهي جلد، خدا گهريو،
اهو بار لاهيندس.“
پنهنجي شوق، محبت ۽ عقيدت ۽ پير صاحب جي شفقت ۽ ڪريمي،
ٻنهي طرفن، مون کي مقالن گڏ ڪرڻ واري ڪم سان برابر
واڳي رکيو هو. پراڻي زماني (30---1940ع) جا رسالا
۽ اخبارون به هٿ ڪيم، جن ۾ سندن مضمون هئا. مختلف
آڳاٽن ڪتابن جا مهاڳ ۽ پيش لفظ به هٿ ڪيم، جي پاڻ
لکيا هئائون. مهراڻ ۽ نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل مواد ته
قدري آسانيءَ سان دستياب هو، جيڪو گڏ ڪيم، ڪجهه
مضمون پاڻ ڏنائون، جن مان ڪي قلمي هئا ته ڪي بنهه
آڳاٽين اخبارن ۾ شايع ٿيل، جي نهايت بوسيده هيون.
78---1979ع دوران حيدرآباد ۾ پير صاحب جو گهڻو اچڻ وڃڻ
ٿيندو هو، جو بورڊ پريس ۾ سندن ڪتاب ”مير معصوم
بکري“ ڇپائيءَ هيٺ هو. سندن قيام هميشه ”هوٽل
فاران“ ۾ ٿيندو هو، جتي سندن خدمت ۾ حاضري ڏيئي،
ڪچهريءَ جو شرف حاصل ڪيو هو. پاڻ وقتا فوقتاَ،
منهنجي ڪيل ڪم جو معائنو ڪندا هئا ۽ بنده جي ناقص
لياقتن ۽ صلاحيتن کي ساراهيندي، دير مدار جي صورت
۾ نهايت والهانه ۽ محبت آفرين يادگيرن سان
نوازيندا هئا. چنانچه، 8—سيپٽمبر 1979ع تي، خط ۾
فرمايائون:
”اوهان جو ڪو به خط ڪو نه پهتو آهي. مون کي يقين آهي ته
وساري ڪو نه ويٺا هوندا ۽ مضمونن کي ترتيب ڏيڻ جو
ڪم هٿ ۾ هوندو. آءٌ گهڻو منتظر آهيان.“
پير صاحب ڪنهن به ڪم ۾ محض تفريح طبع خاطر هٿ ڪو نه
وجهندا هئا. پاڻ هر ڪم جي اهميت کي سوچي سمجهي
رٿابندي ڪندا هئا، چنانچه زندگيءَ جي پوين سالن ۾،
جڏهن سندن صحت بي ڀروسي هئي، تڏهن پاڻ اهو ضروري
سمجهيائون ته جتي ٻيا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، تڏهن سڄي
ڄمار لکيل ۽ ڇپايل مضمون، جي هت هت ٽڙيا پکڙيا پيا
آهن، سي به ڪتابي صورت ۾ اچي ڇپجي وڃن ته ڏاڍو
سٺو. ڪم هروڀرو ايڏو سؤلو به ڪو نه هو. مون کي اهو
معلوم آهي ته مون کي ان ڪم تي ڪيڏي نه جاکوڙ ڪرڻي
پئي ۽ راتين جون راتيون ننڊ آرام ڦٽائڻو پيو.
آخرڪار، جڏهن ڪم پايه ء تڪميل تي پهتو، تڏهن مون
کي بي انتها خوشي ٿي ۽ اڄ پڻ ان ڳالهه تي بجا طور
تي فخر آهي ته پير صاحب جي ارشاد ۽ هدايتن موجب،
سندن سمورن سنڌي مضمون ۽ مقالن جي جمع وترتيب جو
ڪم پوري ڪرڻ ۾ مون کي ڪاميابي جي سعادت حاصل ٿي.
چنانچه، 7- جنوري 1980ع تي، بنده جي خدمتن کي
ساراهيندي، خط ۾ فرمايائون:
”توهان جنهن محنت ۽ محبت سان منهنجن منتشر مضمونن کي ڳولي هٿ
ڪري ترتيب ڏني آهي، ان کان مون کي گهڻي خوشي پهتي
آهي. اوهان جو احسانمند ۽ سليقي ۽ فهم جو قائل ٿيو
آهيان، جو منهنجي مقصد کي سمجهي، ان مطابق ڪم ڪيو
اٿو. شيوڪرام ”عطارد“ وارو مضمون رهجي وڃي ٿو ته
فڪر ناهي. مون کي به ڳولڻ جي باوجود ڪو نه لڌو.
عظيم ٺٽويءَ تي ريڊيو واري تقرير هٿ ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندا. اها هن مسودي ۾ درج ٿي وڃي ته ڏاڍو چڱو.
تراشا به توهان نهايت محنت سان ٺاهيا آهن، جنهن لاءِ آءٌ بي
انتها شڪر گذار آهيان. خدا، توهان ۾ صلاحيتون اڃا
به وڌيڪ پيدا ڪري.
مخدوم ابراهيم خليل نه، پر محمد ابراهيم مڏئي وارو آهي، اوهان
درست سمجهيو آهي، جزاڪ الله......“
ستت ئي پاڻ اها خوشخبري به ٻڌايائون ته مضمونن جي ڪتاب
جي ڇپائي شروع ٿيڻ واري آهي.
1978ع ۾ پاڪستان سرڪار، بنده جي علمي ۽ ادبي خدمتن جي
اعتراف طور ”پهريون صوبائي ادبي ايوارڊ“ ڏنو،
جنهن جي اعلان جي ذرائع ابلاغ عامه وڏي تشهير
ڪئي هئي.
|