سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1983ع (1)

 

صفحو :26

        آءٌ سمجهندو هوس ته پير حسام الدين راشدي به پير هوندو، مريدن تاڙو، اٽي تي چٽي، وڏن جي ڪمائيءَ تي آڪڙيل ۽ خالي شجرن تي ايمان رکندڙ، پر جڏهن کين پڙهيم، ڏٺم ۽ ٻڌم ته پير صاحب ”انسانيت جو مجسمو“ نظر آيو، سنڌي روايتي پير بلڪل ڪو نه لڳو. هن ساري ڄمار محنت ڪئي، جاکوڙ ڪئي، درٻاري بڻجڻ جي سمورن وسيلن مهيا هجڻ جي باوجود به بوريه نشين رهيو. ”ڪنهن جي زير سايه“ رهڻ جي بجاءِ پاڻ اوچو ۽ جهجهي ڇانو وارو، مٺي ميوي ۽ ٿڌڙي هير وارو وڻ رهيو. فيض پرايائين ۽ فيض ورهايائين. سنڌ جي محبت ۾ سرشار سندس ويرين لاءِ ”حسام“ (تيز ترار) هڪ ئي ٻولي، هڪ ئي ڳالهه

”جوڳي تي جڙاءِ نسوروئي نينهن جو“

        پير حسام الدين راشدي تاريخي واقعن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ۽ ”محمد صالح“ جهڙن حڪمرانن جي، جيڪي سنڌ جون ڀيلان ڀيلي چڪا هئا، تن جي ڪڌن ڪرتوتن کي سنڌ وارن جي آڏو پيش ڪيو ۽ اهڙي انداز ۾ پيش ڪيو، جو حق حق نظر اچڻ لڳو ۽ انڌير انڌير بڻجي ويو.

        سنڌين تي جيڪي قهر ۽ ڪلور مرزا باقي بيگ ڪرايا___ شهر ويران، درسگاهون تهس نهس، پوکون پلاهون دڦ، نه هر نه ڦار، نه ناري نه نار،هرڪو سنڌي ڇيڙ واهو، ماڻهن جا ٻچا لڱن اگهاڙا، جوان وانگارن ۾، نارين جا مٿا اگهاڙا، سڄي سنڌ هڪ جهنم خانو بڻيل عالمن الله وارن سنڌ مان لڏ پلان شروع ڪئي، ماڻهن جا جهڳا جهڻ ڪرايا ويا، سندن ارڪو ترڪو سپاه حوالي. (ڇو ته مال غنيمت سمجهيو ويو) اهڙا ڪلور ۽ اهڙا ڪيس، عورتن جي سلوارن ۾ ٻليون وجهرائڻ، ۽ سندن ٿڻ وڍرائڻ، ڏهاڙي اهڙا واقعا مرزا باقي بيگ جا معمول هئا، پر صالح ترخان ته ان کان به سوايو هو. سائين پير صاحب اهڙن ئي ظالمن جي تاريخ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري اسان جي آڏو رکي آهي ته هي آهن حڪمرانن جا ڪرتوت!

        اسان ڪمزور آهيون. ڪمزوري پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ وڏي لعنت، هڪ وڏو عذاب ۽ وڏي ويڌن آهي. جي ڪمزور نه هجون ته اسان تي ايڏي هلان ڪير ڪري سگهي ها ايڪو ٽيڪو آهي ۽ ٻڌي ته ٻارهن. اسان تاريخ مان اهو سبق ڪڏهن به ڪونه ورتو آهي پنهنجي بيمارين جو روئڻو رئندا اچون، پر ڪڏهن به مرض جي سين جي ڳولا ڪانه ڪئي اٿئون. پير صاحب تاريخ جي ورقن تي اسان لاءِ اهي مڙيئي نسخا هڪ حاذق حڪيم جيان لکي ويو آهي. مرض اسان وٽ آهي، بيمار اسان آهيون___ نااتفاقيءَ جا، جهالت ۽ انڌي تقليد جا، ريتن ۽ رسمن جا، پاڻ ۾ ڦيٽي ۽ قومي بي حميتي جا. اسان کي گهرجي ته ان نسخي کي استعمال ڪريون ۽ قومي مرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪريون.

        پير صاحب هڪ ڊگهي ڄمار، اسان جي خدمت ڪئي. اسان کي علم جي ڀنڊار سان ڀري ويو. سچي ۽ صاف ماضي کي اسانجي آڏو رکي ويو. لاڳيتو ڪم ڪيائين، پنهنجي لاءِ نه پر اسان جي لاءِ، جيجل سنڌ لاءِ. پنهنجي ذات جي ڏات مان سنڌ وارن کي ڪڻا ۽ ڪاسا نه پر خرار ڏيئي ويو ۽ اسان جي لاءِ هڪ مثال قائم ڪري ويوته ”توهان جي عزت، مان، دولت، ڌن ۽ جان سڀڪجهه اوهان وٽ جيجل ماءُ جي طفيل آهي. ان جا ٻچا اڄ اوهان کان ڪجهه گهرن ٿا. ماءُ جا هٿ خالي نه موٽايو. مون جيئندي به سندس جهولي گلن سان ڀري، هينئر به ان جي سڏ تي وڃان ٿو.“

.................

جن ڪتابن جي مدد سان هي مضمون لکيو ويو:

مير معصوم بکري    از: سيد حسام الدين راشدي

هو ڏوٿي هو ڏينهن            ==

ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون                ==

مڪلي نامو            مير علي شير قانع ٺٽوي

                        ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي

مظهر شا هجهاني     ميرڪ يوسف

                        ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي

تذڪره امير خاني              سيد حسام الدين راشدي

قومون ڪي شڪست وزوال ڪا مطالعه ڊاڪٽر آغا افتخار حسين

منتخب التاريخ                عبدالقادر بدايوني

۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب.

......................

 

عبد الله ورياهه

 

موت نه ماريا جي

 

        سائين حسام الدين راشدي اڄ اسان ۾ موجود ڪونهي، پر سندس لازوال مرڪ ۽ عظيم شخصيت اڄ به اسان جي ذهنن ۾ زنده ۽ سلامت آهي.

        دنيا ۾ انسان ڄمندو ۽ مرندو آهي، پر ڪي انسان جسماني طرح سان اسان کان ڌار ٿي به هميشه هميشه جي لاءِ اسان جي سوچ ۽ ذهن جو هڪ حصو بنجي ويندا آهن ۽ جيسين انهن جي عزت ۽ عظمت ۽ سندن پنهنجي قوم لاءِ ڪيل ڪم باقي رهندو آهي، اهي هڪ جيئري جاڳندي انسان مثل هميشه حيات رهندا آهن، اهڙن عظيم انسانن کي موت ڪڏهن به ماري نه سگهندو آهي. پير حسام الدين راشدي به علم، ادب ۽ تحقيق جي لاءِ جيڪو ڪم ڪري ويو آهي، انهيءَ هن کي امر بنائي ڇڏيو آهي. پير صاحب هن ملڪ ۽ هن ڌرتيءَ جي تاريخ ۽ تهذيب سان بي انتها پيار ڪندو هو. ان سان ڪڏهن به ڪنهن ڇيڙڇاڙ ٿي ڪئي ته هن بيباڪ ۽ سورهيه سپوت ان جي خلاف آواز اٿاريو ۽ ان جي صحيح رخ کان عام ماڻهن کي روشناس ڪيو. سندن ڪيل تحقيق ۽ تاريخ تي لکيل ڪتاب اسان جو قيمتي سرمايو ۽ مشعل راهه آهن، جن کي آڏو رکي اسان هن خطي جي صحيح تاريخ ۽ تهذيب بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهون ٿا. سنڌ جي تاريخ بابت جيڪو به تحقيقي ڪم ٿيو ته پير صاحب جو ڪيل ڪم ئي اسان کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏيندو.

        سائين حسام الدين راشدي نه صرف هڪ عالم، اديب، محقق ۽ تاريخدان هو، پر ان سان گڏگڏ هو هڪ عظيم انسان پڻ هو، جنهن کي ڪو به هٺ يا وڏائي نه هوندي هئي. علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ کي چاهيندو هو. سائينءَ جي هڪ وڏي خوبي اها هئي ته پاڻ هميشه نئين لکندڙ جي همت افزائي ڪري، ان کي وڌيڪ لکڻ تي اڀاريندو هو، ته جيئن نوجوان طبقي ۾ نوان ليکڪ پيدا ٿين.

        پاڻ بنيادي طرح هڪ عالم ۽ تاريخدان هو، پر سندن ڪچهريءَ ۾ ويٺل ڪو به ماڻهو محسوس نه ڪندو هو ته سائين ڪڪچهري دوران ان کي نظر انداز ڪيو آهي يا ان جي دلچسپيءَ جي ڳالهه نه ڪئي آهي. پاڻ پنهنجي تعلق وارن کي خلوص ۽ پيار سان پنهنجو ڪري وٺندو هو. هو هڪ زنده دل انسان هو، جيڪو 74 سالن جي عمر ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض هوندي به راڳ جي محفلن، ادبي جلسن، ڪتابن جي مهورتن، نمائشن، سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ پنهنجن دوستن سميت شريڪ ٿيندو هو ۽ سندن دوستن ۾ وڏيءَ عمر جا ۽ نوجوان سڀئي شامل هئا. جيڪر سندن ڪنهن دوست کي ملاقات ۾ ڪجهه ڏينهن لڳي ويندا هئا ته پاڻ ٽيليفون ڪري، ان جي خير عافيت پڇندا هئا يا وٽس هلي ويندا هئا. سندن مهمان نوازي ته مثالي هئي. وٽن وڃبو هو ته مانيءَ کارائڻ کان سواءِ اصل نه ڇڏيندا هئا. آئي جو اٿي، پنهجي روايتي مرڪ سان آڌر ڀاءُ ڪرڻ ۽ موڪلائڻ مهل در تائين هلڻ ته سندن عادتن ۾ شمار هو. منهنجي سائين حسام الدين سان ملاقات اٽڪل ٻن سالن کان رهي پر ان ٿوري عرصي دوران، مون کي جيڪو پيار ۽ شفقت مليو، اهو آءٌ سڄي زندگي نٿو وساري سگهان.

        منهنجي پي ايڇ ڊي جي سلسلي ۾ سائين منهنجي رهنمائي ۽ مدد ڪئي ۽ مون کي محمود بيگ صاحب وٽ آرڪيالاجي لائيبريري ۾ ۽ نيشنل ميوزيم ۽ گڏ وٺي هليا. سڀني سان منهنجو تعارف ۽ پارت ڪيائون ۽ مون کي اتي جا ڪتاب ۽ سڪا ڏيکاريائون. سائينءَ جي معرفت مون کي ٻنهي جاين تان تمام گهڻي مدد ملي. سائين فوٽو گرافيءَ جو به ماهر هو، سندن ڪتابن ۽ مضمونن ۾ ڪم آيل سموريون تصويرون سندن نڪتل آهن. پاڻ هميشه بليڪ ائنڊ وهائٽ فلم استعمال ڪندا هئا، مون کين ڪڏهن به فلئش استعمال ڪندي نه ڏٺو. فوٽو گرافري بابت به سائين منهنجي ۽ منهنجي دوست بابر سومري جي رهنمائي ڪئي ۽ اسان کي سٺيون ڪئميرائون ۽ لينس وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. پاڻ بابر سومري کي هميشه بابر ميرزا چوندا هئا. مطلب ته پير صاحب هڪ سٺي عالم ۽ اديب سان گڏوگڏ باشعور، با اخلاق ۽ کليو ذهن رکندر باڪردار انسان هو، جنهن سان ڪو به شخص هڪ دفعو ملڻ بعد سڄي زندگي وساري نٿو سگهي.

        سائين حسام الدين راشدي سنڌ جي تاريخ بابت تحقيقي ڪم کان سواءِ عملي طرح سان به سنڌ جي تاريخي قديم آثارن جي حفاظت ۽ سار سنڀال لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو، کيس هر وقت ان ڳالهه جو الڪو هوندو هو ته سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب، جن پراڻن آثارن ۽ قديم قبرستانن ۾ دفن آهي، اهي ڏينهون ڏينهن تباهه و برباد ٿيندا پيا وڃن، ۽ انهن جي ڪابه سار سنڀال ڪانه ٿي ٿئي. ان ڪري سنڌ جي سلجهيل ۽ دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي اهڙين تاريخي حيثيت وارين جاين ۽ آثارن جي اهميت کان آگاهه ڪجي ۽ ضلعي سطح تي اهڙن ماڻهن جون ڪميٽيون يا سوسائٽيون ٺاهي، انهن آثارن جي حفاظت جا انتظام ڪيا وڃن ۽ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ کي وري نئين سر جياري، دلچسپي رکندڙ ۽ ڄاڻو ماڻهن کي ان تي ميمبر ڪري کڻجي ته جيئن سنڌ جي قديم آثارن بابت مڪمل تحقيق ڪري، سنڌ جي تاريخ کي مڪمل ڪري سگهجي، سائين پنهنجي حياتيءَ جي آخري عرصي ۾، حيدرآباد ۾ اهڙي ميٽنگ پڻ سڏائي، پر اها ڪن سببن ڪري ان وقت ٿي نه سگهي.

        هن وقت سائين پير صاحب کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو صحيح طريقو هي آهي ته اسين سندس نقش قدم تي هلون، سندن ڇڏيل ڪم کي هٿ ۾ کڻي مڪمل ڪريون ۽ سندن خواهشن جو احترام ڪندي، سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ قديم آثارن سان پيار ڪريون ۽ انهن جي حفاظت ڪريون ۽ تاريخي تحقيق ۾ بدديانتيءَ کان پاسو ڪري، سچائيءَ جو ساٿ ڏيون ۽ صحيح حقيقتن کي آڏو آڻيون ته جيئن اسان جي قوم ماضيءَ کي اڳيان رکي. پنهنجي مسقبل کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪري.

................................

سنڌ جي تاريخ تڏهن ترتيب حاصل ڪري سگهي ٿي، جڏهن زير زمين دفينا کلن، تاريخي مقامن ۽ مڪانن جي تلاش ۽ تحقيق ٿئي، سنڌ منجهان سنڌ ۾ تصنيف ۽ تاليف ٿيل ڪتاب گڏ ڪجن، سنڌ کان باهر جي لکيل ڪتابن ۾ سنڌ متعلق جيڪو مواد آهي تنهن جي وڏي پئماني تي تلاش ڪري، ان کي يڪجاءِ ڪجي، ڪنهن به قديم ملڪ، ڪنهن به پراڻي تهذيب ۽ ڪنهن به اصيل ۽ نجيب قوم جي تاريخ لکڻ، ڪو آسان ڪم يا سولو مسئلو نه آهي. خصوصن سنڌي قوم متعلق جنهنجا نظريا مخصوص ۽ غير معمولي هجن، تنهنجي فڪر ۽ روش کي پروڙي، ان جو تجزيو ڪري، ڪا صحيح تاريخ لکجي، ان لاءِ وڏي جاکوڙ ۽ ڪشالي جي ضرورت آهي.

جڏهن ته انهيءَ ڏس ۾ اسان اڃا ڪابه خاص ڪوشش ڪانه ڪئي آهي، سنڌ جي مفصل ۽ مستند تاريخ جي طلب ڪرڻ،آءٌ ڀايان ٿو، زيادتي آهي. پهرين ضرورت آهي مواد ڪٺي ڪرڻ جي. هي وقت آهي جڏهن اسان کي انفرادي طرح نه ، بلڪ اجتماعي قوت سان ۽ قومي تحريڪ جي جذبي سان مواد ڪٺو ڪرڻ گهرجي. عمارت ٺاهڻ لاءِ پهرين اسباب گڏ ڪرڻو پوندو آهي، اوساري کي اسارڻ پوءِ جو ڪم آهي.

سيد حسام الدين راشدي

(مڪلي نامه 37----38)

 

 

خان محمد پنهور

 

مون سي ڏٺا ماءُ.................

 

        پير حسام الدين راشدي 20 سيپٽمبر 1911ع مطابق 26 رمضان 1329هه بهمڻ تعلقي رتي ديري ضلع لاڙڪاڻي جي پيراڻي گهر ۾ جنم ورتائون. سندس ابتدائي تعليم ۽ تربيت خانگي نموني سندس وڏي ڀاءُ علي محمد راشدي سان گڏ ٿي.  ٻنهي ڀائرن لاءِ خاص مڪتب کولايو ويو هو. مولوي جيتري تعليم حاصل ڪيائون، ليڪن دستاربندي ڪو نه ڪيائون. وڌيڪ ڪنهن اسڪول يا مڪتب کان سواءِ ئي پڙهڻ ۽ پروڙڻ جاري رکيائون. صحافتي شوق ننڍي لاڪون هئن. سندس ڏاڏي پير شاهه وٽ هندستان جي مختلف شهرن مان مکيه اخبارون اينديون هيون. اڳتي هلي علي محمد شاهه بهمڻ مان الراشد جاري ڪئي ته ان سان حسام الدين شاهه به گڏ هو، بلڪ علي محمد شاهه جي آزاد طبيعت ۽ شخصيت جو حسام الدين شاهه تي گهڻو اثر پيو اهو ئي سبب آهي جو ٻئي ڀائرن کان وڌيڪ دوست رهيا آهن.

        حسام الدين راشدي جي صحافتي ۽ علمي زندگي سان تعلق جو مختصر وچور هن ريت آهي: ماهوار المنار سکر 1930ع، هفتيوار سنڌ زميندار سکر 46---1945ع، ٽماهي مهراڻ حيدرآباد 58---1957ع، اردو ڪراچي 1967ع، سماهي ايران شناسي تهران 70---1967ع، باني ميمبر انجمن ترقي اردو 1947ع، ڪاليج 1968ع، اداره يادگار غالب 1968ع، ميمبرگورننگ باڊي، سنڌي ادبي بورڊ، اقبال اڪيڊمي، سينٽرل اردو ڊولپمينٽ بورڊ لاهور، ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان، پنجاب يونيورسٽي، سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي، نيشنل ميوزم صلاحڪار ڪميٽي، حاجي عبدالله هارون ڪاليج ميمبر، صلاحڪار ڪميٽي ڪراچي ريڊيو اسٽيشن 60-1954ع، تاريخي ريڪاڊس ۽ آرڪائيوز پاڪستان 1968ع، ثقافتي سب ڪميٽي پاڪستان، نيشنل ڪميٽي، يونيسڪو جي تعاون سان 1962ع، صلاحڪار ڪميٽي ٽيليويزن ڪارپوريشن 1969ع، بين الاقوامي ڪانگريس ايرانالاجسٽ تهران جي صلاحڪار ڪميٽي جو مستقل ميمبر، پاڪستان تاريخ سوسائٽي، نائب صدر پاڪستان ايران ڪلچرل ايسوسئيشن، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل ۽ ويسٽ ايشن اسٽڊيز ڪراچي.

        ان کان علاوه ميمبر سينيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ يوليورسٽي جي ميمبر سنڊيڪيٽ، ايڪسپرٽ ڪميٽي آف اپائنٽمنٽ آف ريڊرس ۽ پروفيسرس سنڌ يونيورسٽي 63ع. ان کان علاوه ڪراچي يونيورسٽي4 ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ گائيڊ پڻ مقرر آهن.

        پير صاحب جو لکڻ جو معمول صحافت جي زماني کان رهيوآهي. ڪجهه سالن کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ روزانه 20---25 سلپون لکڻ سندس معمول رهيو آهي. اٽڪل 40 جي لڳ ڀڳ وڏا ڪتاب لکيا ۽ ترتيب ڏنا آهن. جن ۾ فارسي سنڌي اردو ڪتاب شامل آهن. ان کان علاوه سائين ٽي سؤ کان مٿي مضمون لکيا اٿن. سندس تازو ڪتاب ساهت سال دوران ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ شايع ٿيو آهي، جيڪو اٽڪل 8 سئو صفحن تي مشتمل آهي. سندس ان ڪتاب ۾ گهڻي ڀاڱي ڇپيل مضمون ۽ مقالا گڏ ڪيا ويا آهن. ڪتاب سنڌ ثقافت جي نوجوان ڊئريڪٽر حميد آخوند جي ڪوشش جو نتيجو آهي. پير صاحب جي هر اڀرندڙ ماڻهوءَ سان خاص ڪري نوجوانن سان دلچسپي هوندي آهي. هميشه لکڻ پڙهڻ واري لڏي کي همتائڻ، جيڪڏهن انهن ۾ همت نه اچي ته پڇاڙيءَ جو پنهنجي مخصوص شيرين زبان استعمال ڪرڻ کان به ڪو نه ڪيٻائي، جنهن ۾ انتهائي پنهنجائپ ۽ محبت هوندي آهي.

        اڄ ڪلهه سندن خيال آهي ته مردن کي همت ڏيارڻ لاءِ عورتن کي سجاڳ ڪيو وڃي. عورتن مان ڪجهه وڌيڪ پر اميد آهن. پير صاحب گهرائپ به مخصوص ماڻهن سان رکندو آهي. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته اٽڪل 8 سالن کان منهنجي ساڻن نيازمندي رهي آهي، پر سندن محبت ۽ پيار گذريل 2 سالن کان شروع ٿيو آهي. آءٌ ڪراچي وڃان ته پير صاحب جي حاضريءَ کان سواءِ چڪر اڌورو، جي پير صاحب حيدرآباد اچي ته پير امجد جيلاني جي بنگلي توڙي فاران مان سندس رهاڻ مان رس ضرور حاصل ڪبو. پوءِ انهن چرچن، ڀوڳن، علمي، ادبي ڳالهين ڪڏهن ڪڏهن گرم بحثن مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪرڻ جو موقعو مليم. جنهن محفل ۾ علي محمد راشدي، محمد ابراهيم جويو، مهتاب محبوب، محبوب شيخ، رباني، حميد سنڌي، حميد آخوند، عبدالله ورياه، ڊاڪر نواز علي شوق، عنايت بلوچ ۽ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي هجي، پير صاحب جو ڊرائيور واڌو سيڪريٽري ۽ اي ڊي سي سچو هجي، اهي ڪچهريون نه وسرڻ جهڙيون آهن پوءِ اهي ڪچهريون جمشيد روڊ واري بنگلي توڙي لارنس روڊ واري بنگلي، مهتاب محبوب جي گهر، جيلاني هائوس، فاران هوٽل توڙي منهنجي غريب خاني تي نوڪ جهوڪ واريون هي ڪچهريون ٿيون هجن، اهي ڪٿي وسري سگهن ٿيون. اڃا به وڌيڪ ته پير صاحب جي ڏنل تحفي طور ”ڪيان“ ڪئميرا ۽ ٽيپ رڪارڊر وارو واعدو وسرڻ جو نه آهي.

(پير صاحب جي حياتيءَ ۾ لکيل)

 

 

غلام محمد لاکو

 

راشدي صاحب جو علمي مان مرتبو، ادبي اثاثو ۽ اسان جون جوابداريون

 

        سيد حسام الدين راشدي، لڪياري ساداتن ۾، پير حامد شاهه جي گهر بروز اربع 20 سيپٽمبر 1911ع برابر 26 رمضان 1329هه تي ڳوٺ بهمڻ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. پير محمد راشد (سندن جدامجد) سان، سائين جن جو سلسلو هن ريت ملي ٿو. سيد حسام الدين بن پير حامد شاه بن پير پير شاه، بن پير علي محمد شاه، بن پير صبغت الله شاهه، بن پير محمد راشد. مختصر عربي، فارسي، سنڌي ۽ انگريزي تعليم بعد، پاڻ ويهن سالن جي ڄمار ۾ عملي ۽ علمي زندگيءَ جي ابتدا ڪيائون. شروعات ۾ صحافت ۽ ادب، گڏوگڏ سندن مشغولين ۾ شامل رهيا. ڪراچيءَ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪندي، ورهاڱي کان پوءِ باقاعدي علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم ڏي راغب ٿيا. ان سان گڏ ادبي جريدن جا ايڊيٽر، ادبي ادارن جا ميمبر ۽ عهديدار توڙي متعدد علمي ۽ تعليمي ادارن جا صلاحڪار ۽ رڪن هيا. لاتعداد علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض کين پاڪستان ۽ ايران سرڪار وٽان ڪيترائي اعزاز ۽ ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. سندن شايع ٿيل ڪتابن جو انگ اکر چاليهن کان مٿي آهي. پاڻ ايليٽ وانگر با وسائل محقق ۽ عالم هئا. راشدي صاحب طويل علالت بعد پهرين اپريل 1982ع برابر ڇهين جمادي الثاني بروز خميس تي فوت ٿيا. کين شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڀر ۾، مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

(1) علمي مان مرتبو

        سنڌ ۾ فارسي تاريخ ۽ تذڪره نويسي تڏهن شروع ٿي، جڏهن ٿوري دير لاءِ سومرا مات ٿي لاڙ تائين محدود ٿي ويا ۽ اتر سنڌ جي هڪ اهم علمي ۽ ثقافتي مرڪز اچ ۾ ناصرالدين قباچه حڪومت سان گڏ علمي ۽ ادبي محفلون پڻ مچايون. ان دور ۾ علي بن حامد ڪوفي 613هه/1216ع ۾ فارسي گو شاعرن جو تزڪرو لب الالباب لکيو، جيڪو ان موضوع تي هڪ اوائلي ڪتاب شمار ٿئي ٿو. ان کان پوءِ سمن جي زوال تائين (927هه/1520ع)، سنڌ ۾ فارسي تصنيف ۽ تاليف متعلق ڪابه خبر ڪانهي؛ سواءِ ان جي ته چند فارسي گو شاعر هتي ٻين ملڪن کان پهتا ۽ هتي ئي فوت ٿيا، ان ڪري کين هاڻي پنهنجي ئي ادبي تاريخ ۾ جاءِ ڏيڻي پوي ٿي.

        سمن جو زوال 927هه/1520ع ۾ ٿيو. ان بعد سنڌ تي ارغونن جو راڄ شروع ٿيو. هن خطي ۾ فارسي ٻولي، تعليم ۽ ادب جو سرڪاري دور هتان شروع ٿئي ٿو. فخري هروي فارسي گو شاعرن جو تذڪرو روضته السلاطين ۽ محمد بن بايزيد پوراني تاريخي نصرت نامه ترخان (ارغون نامه؟) نالي ڪتاب لکي، قباچه جي دور ۾ ٿيل فارسي تصنيف ۽ ٽاليف کي باقاعدي هڪ تسلسل ڏنو. هن زبان ۾، پوءِ ته سنڌ اندر لاتعداد ڪتاب لکيا ويا. مخدوم ابراهيم ٺٽويءَ جي تڪمله مقالات الشعراءِ (ت—1308هه) ۽ مولوي عبدالرحيم سومري جي تاريخ گلزار سنڌ (ت---- 1341هه) تائين سنڌ ۾، فارسي ٻوليءَ ۾ هنن ٻن موضوعن تي ڪيئي ڪتاب لکيا ويا. ليڪن اها حقيقت آهي ته مير علي شير قانع تي هتي مذڪوره زبان ۾ تاريخ توڙي تذڪره نويسيءَ کي عروج حاصل ٿيو. کانئس پوءِ، جهڙي ريت ڪو ٻيو شاهه عبداللطيف پيدا نه ٿيو. ٺيڪ ان ريت سنڌ ۾ وري ڪو ٻيو قانع پيدا ٿي نه سگهيو!

        هونئن ته انگريز ڪافي وقت کان ننڍي کنڊ جي مختلف حصن تي قابض ٿي چڪا هئا، ليڪن 7 مارچ 1835ع جي ٺهراءَ موجب هند سرڪار هتي جي ماڻهن کي يورپي ادب ۽ علوم سيکارڻ لاءِ ٻڌل هئي. ان کان به اڳ مختلف علائقن ۾ عيسائي تبليغي اسڪول کلي چڪا هئا، جتي انگريزي ٻوليءَ ذريعي مذهبي ڪم ڪيو ويندو هو. راجا رام موهن راءِ هندستان جو پهريون ديسي عالم آهي، جنهن نه رڳو انگريزي ٻولي سکڻ تي زور ڏنو بلڪ هن ئي سڀ کان اول هند جو پهريون انگريزي ڪتاب پڻ پڌرو ڪيو. ست بنگال توڙي بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾، مٿينءَ قرارداد جي پوئواريءَ ۾ ڪيئي اسڪول ۽ ڪاليج کوليا ويا. اهڙيءَ ريت صدين کان رائج فارسي ٻولي ۽ تعليم کي ڪاپاري ڌڪ لڳو نتيجو اهو نڪتو جو آهستي آهستي فارسي علم ادب توڙي ٻوليءَ جا ڄاڻو گهٽجندا ويا، تاهم ڪجهه وقت بعد ئي انگريز حاڪمن نه رڳو فارسي ٻوليءَ جي افاديت ۽ اهميت محسوس ڪئي، بلڪ کين ئي هن ٻوليءَ جي ضرورت پڻ محسوس ٿي ستت ئي مختلف يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ اورينٽل ٻولين جا شعبا کوليا ويا، هتي خود انگريز عالمن پڻ فارسيءَ جي تدوين ۽ ترويج لاءِ ڪم ڪيو ان سان گڏوگڏ فارسي علم ادب، تاريخ ۽ تذڪري جا ڪيئي ڪتاب گڏ ڪيا ويا، انهن جي ايڊيٽنگ جو ڪم شروع ڪيو ويو ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته رايل ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال جهڙا علمي ادارا وجود ۾ آندا ويا. نتيجي طور اتي جا ماڻهو جديد تعليم حاصل ڪري باقي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي هلڻ جهڙا ٿيا، تحقيق ۽ تنقيد جي جديد اصولن اچڻ ڪري مقامي اديب ۽ عالم نئين طرز جي ريسرچ ڪم ڪرڻ ۾ ڀڙ ٿيا ۽ وڏي ڳالهه ته اهڙن ادارن ۾ لائبريريون ۽ ڪتبخانه ٺهڻ ڪري، پراڻو ۽ ڪلاسيڪل ادبي ورثو هميشه لاءِ محفوظ ٿي. تباهه ٿيڻ کان بچي ويو. اسين هت مثال طور لاهو يونيورسٽيءَ جو نالو کڻنداسين. هڪ طرف اتي مشرقي ٻولين جي ڪتابن جو تمام گهڻو قلمي ذخيرو محفوظ ڪيو ويو آهي؛ ته ٻئي طرف هاڻي اتي اورينٽل ٻولين تي ريسرچ، ترتيب ۽ تدوين جو ڪم زورن تي آهي. ان ڏس ۾ اورينٽل ڪاليج لاهور جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي مٿاهون درجو حاصل آهي.

        جيتوڻيڪ سنڌ گهڻو پوءِ انگريزي اثر ۽ حڪم هيٺ آئي، تاهم بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ هجڻ ڪري اهل سنڌ مٿين علمي ۽ ادبي سهوليتن کان محروم رهجي ويا.هڪ طرف فريئر صاحب جي سيعي ۽ ڪوشش سان سندس دؤر ۾ ڪي فارسي ڪتاب سنڌ تي لکيا ويا، ته ٻئي طرف جديد سنڌي ادب ۽ لکت جي سرواڻي ڪرڻ جو تاج به سندس ئي سر تي رکيل ڏسجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ کي جڏهن سرڪاري سرپرستي (تاريخ ۾ پهريون ڀيرو) ملي، تڏهن ارغوني دؤر کان سنڌ ۾ رائج فارسي ٻوليءَ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ چوڻي مشهور ٿي ته:

فارسي پڙهسي، تيل وڪڻسي!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com