سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1983ع (1)

 

صفحو :18

        انهن ئي ڏينهن ۾ پاڪستان جي مشهور ۽ محبوب اديب جناب مشفق خواجه هڪ تمام شاندار ڊنر ڏني، جنهن ۾ هندستان مان آيل مهمانن مان مولانا سعيد احمد اڪبرآبادي ۽ جناب نثار احمد فاروقي کي به دعوت ڏنل هئي. ان ۾ ڪراچيءَ جي علمي آسمان جا سڀئي وڏا تارا گڏ ٿيا. ڏاڍي لطف واري مجلس ٿي، پر ان جي شمع راشدي صاحب ئي هو. ماني بفي طريقي تي هئي. راشدي صاحب کاڌي جي پليٽ کڻي جتي به بيٺل ٿي نظر آيو، اتي سڀئي ماڻهو ڇڪبا گڏ ٿيندا ٿي ويا. هن پنهنجي چرچي ڀوڳ واريءَ گفتگو سان سڀني کي پئي وندرايو. سندس وات مان ڪا ڳالهه نڪتي ٿي ته سڄي محفل ۾ ٽهڪڙا پئجي ٿي ويا. علمي چرچا ڪرڻ علمي نڪتن مان ڪو خاص نڪتو ڪڍڻ، اديبن تي بروقت راءِ ڏيڻ ۽ شاعرن کي  چهنڊڙيون هڻڻ، هن جي لاءِ ڪا ڏکي ڳالهه نه هئي. هر شخص هن سان ئي پئي ڳالهايو ۽ وري هر ڪنهن سان هن ئي پئي گفتگو ڪئي.  ڪپڙا به کيس واهه جا ٺهندا هئا. سوٽ پائي يا سٿڻ ۽ ڪڙتو پائي ڪنهن به دعوت ۾ ويندو هو ته نظرون ڏانهس ئي کڄي وينديون هيون. مجلس ۾ هن جي ايندي ئي هرطرف رونق ۽ چرچي ڀوڳ جي چانڊوڪي پکڙبي ڏسبي هئي. هو پهرين اٿي ويندو هو ته سٺي مجلس اجهامي ويندي هئي.

        جنهن ڏينهن مان هندستان روانو پئي ٿيس، ان کان هڪ رات پهرين منهنجي ڏهٽيءَ جي بسم الله خواني ٿيڻي هئي. ان گڏجاڻيءَ ۾ راشدي صاحب پاڻ آيو. ڊاڪٽر ابوالليث صديقي، ابوالخير ڪشفي، راز مراد آبادي، مولانا عبدالقدوس هاشمي ندوي، ڊاڪٽر عبداللطيف، جناب مشفق خواجه، جناب ظفر احمد انصاري ۽ ٻيا ڪيترائي معزز ماڻهو ان گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيا. راشدي صاحب جي هجڻ ڪري اها مجلس ادبي مجلس ٿي پئي. جناب راز مراد آبادي پنهنجو ڪلام ٻڌائڻ وقت هنن کي احساس هو ته اهي هڪ تمام وڏي صاحب نظر ۽ صاحب فن جي اڳيان پنهنجو ڪلام پڙهن پيا. راشدي صاحب جي طرفان هن کي جيڪو داد پئي مليو تنهن کي هنن پنهنجي ڪلام جي اصلواصل پئي سمجهيو انهي گڏ جاڻي مان راشدي صاحب اسهڻ وقت منهنجي ڏهٽيءَ کي پنهنجيءَ هنج ۾ کنيو ۽ هن جي هٿ ۾ هڪ وڏي رقم جو لفافو ڏنو، مون سندس هٿ جهلي کيس روڪڻ گهريو ٿي ته هن هڪدم چيو ته منهنجي زندگيءَ جي هڪ تمام وڏي خوشيءَ کي ظاهر ڪرڻ ۾ تون رنڊڪ ڇو ٿو وجهين؟ اهو ٻڌي آءٌ ماٺ ٿي ويس. پوءِ ڪنهن ان وقت هڪ فوٽو ڪڍي ورتو، جيڪو اسان ٻنهين جو آخري فوٽو آهي. خدا ڄاڻي ٿو ته هن جا ڪڍيل ڪيترا فوٽا منهنجي زندگيءَ جي سرمايي ۾ شامل آهن. پر ان آخري فوٽي کي هرهر ڏسان ٿو ۽ هن جي يادن جا ڏيئا ذهن ۾ روشن ٿين ٿا. ويندي وقت هن ڏاڍي ڏک ۽ غم وچان چيو ته سندس هڪ خطرناڪ آپريشن ٿيڻ وارو آهي. جيڪڏهن سڀني جي دعا  سان ان مان چڙهي پار ٿيس ته وري ملاقات ٿي سگهندي. 24- مارچ 1980ع تي اها منهنجي آخري ملاقات هئي.اعظم ڳڙهه ۾ سندس خط ايندا رهيا. خيال هو ته سندس آپريشن ضرور ڪامياب ٿيندو، ۽ هو چاڪ چڱو ڀلو ٿي ويندو ۽ ساڻس تمام جلد ملاقات ٿيندي. پر 1- اپريل 1982ع تي ريڊيو تان سندس رحلت جي خبر ٻڌم ته ڦٿڪڻ لڳس، افسوس! پاڪستان جو هڪ ”پرنس اسڪالر“ گذاري ويو. هن ننڍي کنڊ جي علم جو هڪ سرچشمو، فن جو مرڪز ۽ تحقيق جو ماهر هليو ويو. علم وارن ۽ فن وارن جي مجلس جي شمع گل ٿي ويئي. علم دوستي، علم نوازي ۽ علم پروريءَ جي شمع جو پروانو اڏامي ويو. هو اتي پهچي ويو جتي سڀني کي هڪڙي ڏينهن وڃڻو آهي. پر پنهنجي پٺيان پنهنجي اخلاق جي زينت، پنهنجي علم دوستيءَ جي رنگيني ۽ پنهنجي علم نوازيءَ جا داستان ڇڏي ويو. سندس وس ۾ هجي ها ته پنهنجي وقت جو عبدالرحيم خانخانان هجي ها ۽ پنهنجي سرپرستيءَ ۽ سخاوت سان اديبن، شاعرن، محققن ۽ دانشورن کي پنهنجي چؤڌاري ميڙيو ويٺو هجي ها. وٽس ايتري دولت هجي ها جيتري عبدالرحيم خانخانان وٽ هئي ته سخاوت جا مثال قائم ڪري ها. هاڻي ته رڳو دعا آهي ته الله تبارڪ تعاليٰ کيس جنت ۾ جايون ڏي. آمين ثم آمين.   

(ترجمو: مُراد علي مرزا)

 

حڪيم محمد سعيد ¢

 

پير حسام الدين – منهنجو دوست

 

        جينيات (Genetics) وڌندو ۽ ويجهندو پيو وڃي ۽ تخليق ۽ خلقت جا ڳجها راز انسان تي ظاهر ٿيندا پيا وڃن. پر اڃا تائين اها ڳالهه هڪ ڳجهه آهي ته ڇا هر انسان ذهين ۽ سڄاڻ پيدا ٿئي ٿو؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ هر انسان هميشه ذهين ڇو نه ٿو ٿئي ۽ رهي؟ پر هن ڌرتيءَ تي آدم کان وٺي هن دم تائين ذهني تفاوت ۽ فرق قائم آهن ۽ شايد آئنده به اهائي صورتحال هجي.

        جناب پير علي محمد  راشدي صاحب پنهنجي ننڍي ڀاءُ جناب پير حسام الدين راشدي مرحوم جي زندگيءَ جون جيڪي ڳالهيون لکيون آهن، انهن مان اهو نتيجو ڪڍڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نٿي ٿئي ته منهنجي پياري دوست حسام الدين راشديءَ ذهني اعتبار کان هڪ غير معمولي انسان هجڻ جو ڪڏهن به ڏيکاءُ نه ڏنو هو. تنهنڪري لازمي طرح ذهن ۾ اهو سوال اُٿي ٿو ته پوءِ هو ذهني اصولن جي خيال کان غير معمولي انسان ڪيئن ٿيو؟

        منهنجو مطالعو ۽ مشاهدو موجوده دؤر جي سائنس جي روشنيءَ ۾ هيءُ آهي ته جيتوڻيڪ ذهانت ۽ عقلمندي هر سبب کان ورثي ۾ ملي ٿي، انهيءَ هوندي به ذهن جي ٺاهه جوڙ ۽ ان جي رسائيءَ ۽ تيزيءَ ۾ ذهني تربيت کي وڏي اهميت حاصل آهي. جيڪي قومون ۽ مِلتون ان حقيقت کي چڱيءَ ريت معلوم ڪن ٿيون ۽ ان جو سچيءَ دل سان احساس ڪن ٿيون، اهي پنهنجي تعليمي سرشتي ۾ انقلابي سڌارا آڻين ٿيون ۽ تعليم ۽ معلم جي ڪوششن ۾ تربيت کي تمام مٿانهون بلڪ پهريون درجو ڏينديون آهن.

        پاڪستاني ملت جي حيثيت ۾ جيڪڏهن اسان ۾ اها صلاحيت هجي ته اسين پنهنجي ماضيءَ ۾ وڃي حقيقتن جي ڳولا ڦولها ڪري سگهون ته معلوم ٿيندو ته اُمت مسلمه جي هر زماني ۾ تعليم جو بڻ بنياد تربيت ئي رهي آهي ۽ هر اسلامي دؤر جي تعليمي ماهرن ان سنت جي پيروي ڪئي آهي، جنهن جو مظاهرو صفه تي ٿيو هو. اهوئي سبب هو جو مسلمانن پنهنجي عروج  جي هر دؤر ۾ عظيم انسانن کي جنم ڏنو. انهيءَ بلنديءَ ۽ برتريءَ کي سمجهڻ جي  لاءِ انهن ٽيهه لک مخطوطن (قلمي ڪتابن) تي غور ڪرڻ گهرجي، جيڪي اڄ به دنيا جي جدا جدا ۽ ڪيترن ئي ڪتبخانن ۾ موجود آهن. پر انهن ٽيهه لک علمي عظمتن جي  عظيم الشان مصنفن جي اڄ به اسان کي ڄاڻ ڪانهي.

        ڇا ان کان وڏي بدقسمتي ڪنهن ملت ۽ اُمت جي ٿي سگهي ٿي؟ پير حسام الدين راشدي جي زندگيءَ جو هر دؤر بقا جي جدوجهد جو تفسير آهي ۽ هيءَ اُها منزل آهي، جتي حالتن جو وڏي همت ۽ دليريءَ سان مقابلو ڪرڻ وارو انسان پنهنجي پختي ارادي جي ڪري تڪليفن ۽ مشڪلاتن مان لنگهي پار ٿئي ٿو. اول کان وٺي آخر تائين پير حسام الدين راشدي ان جو بهترين مثال رهيو. ان لحاظ سان هن جي زندگي هڪ سبق آهي.

        آءٌ اها دعويٰ ڪري نٿو سگهان ته مون پنهنجي هن عزيز دوست کي تمام ويجهو وڃي ڏٺو آهي،. پر آءٌ جيتريقدر سندس ويجهو وڃي سگهيس، اوتروئي هن کي به منهنجي ويجهو اچڻ ۾ نه تڪليف ٿي ۽ نه خوف. هن جي اها خوبي قدر جوڳي ۽ تقليد لائق آهي.

        پير حسام الدين راشدي شروع کان وٺي آخر تائين مسلمان هو، پر هو هڪ اهڙو مسلمان هو جنهن ڪڏهن به پنهنجين عبادتن کي نه مشهور ڪيو ۽ نه وري پنهنجين ذاتي اسلامي روايتن کي ظاهر ڪيو. دين ۽ دنيا ۾ عدل ۽ توازن هن جي وڏي ۾ وڏي خواهش هئي.د نيا جي لاءِ دين کي هٿيار بنائڻ جي هن ڪڏهن به گستاخي نه ڪئي آهي ۽ هن ڪڏهن به انهن ماڻهن جو ساٿ نه ڏنو جيڪي اسلام جي سستي وڪري جا گنهگار آهن ۽ جن جي وجود کان پاڪستان جي سرزمين ڪِنبي پئي.

        پير حسام الدين سياست کان ڪونه ڀڄندو هو، ان جي اُبتڙ کيس سياست جي هنج ۾ ئي ڏٺو ويو. پر هن پنهنجي لاءِ عمل جو ميدان علم ۽ ادب کي ٺاهيو ۽ ادب مان سياست کي ريج ڏيڻ جي لاءِ ساري ڄمار ڪوشش ڪندو رهيو. سندس اهو سهڻو سڀاءُ سندس لکڻين ۽ سندس تاليف ۽ تصنيف ڪيل ڪتابن مان ظاهر آهي.

        سنڌ جي سرزمين سان ته کيس ڪا وڏي حُب هئي، ۽ سنڌ جو پاڪستان جي هڪ حصي هجڻ جي ڪري هن کي پاڪستان سان بيپناهه عشق هو، جيئن هر پاڪستانيءَ کي هجڻ گهرجي. سنڌي سندس زبان هئي ۽ هو ان زبان سان ان ڪري به محبت ڪندو هو جو ان ۾ شاهه لطيف جو ڪلام آهي، جنهن کي هر مذهب ۽ ملت وارن وٽ عام مقبوليت حاصل آهي. انهيءَ هوندي به اردو زبان سان سندس گهاٽو لاڳاپو هوندو هو، ايتريقدر جو مرڪزي اردو بورڊ سان سندس تعلق ۽ واسطو آخري وقت تائين رهيو.

        پير حسام الدين راشديءَ جي سوچ ۽ سڀاءَ تي ٻه ٽي جملا مجبوراَ قلم مان نڪري ويا آهن، پر آءٌ جنهن ڳالهه کي هن جي لاءِ وڏي فضيلت سمجهان ٿو اها آهي انسان سان سندس محبت، انسان جي لاءِ عزت ۽ احترام ڪو سندس خصلت ۾ ويٺل هو. هو هر انسان سان محبت ڪندو هو ۽ سخت تنقيد ڪرڻ وقت به انساني مرتبي کي وساريندو ڪونه هو.

        مون کي ذاتي طرح ڄاڻ آهي ته بيماريءَ جي سختيءَ ۾ سندس خواهش هئي ته ملڪ کان ٻاهر وڃي شفا حاصل ڪري. پر هن کي اها سهولت ملي نه سگهي. ان جو سبب شايد اهو هجي ته پير حسام الدين راشدي علم جو صاحب هو ۽ هن پاڪ وطن ۾ علم جو صاحب ٿيڻ ئي سڀ کان وڏو ڏوهه آهي!

        پير حسام الدين راشدي هڪ عظيم انسان هو. پير ته هو رڳو نالي جو هو، پر هزار پيرن کان برتر ۽ بزرگ هو. شال الله تعاليٰ کانئس خوش هجي ۽ کيس جنت ۾ جايون ملن.

(ترجمو: مراد علي مرزا)

 

 

اڄ پوري سنڌ، پاڪستان بلڪ دنيا جو انسان نهايت غمزده ۽ ڏک ڀريل آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي علم و ادب جي هڪ روشن شمع گل ٿي ويئي آهي.

        اڄ هزارين محفلون ۽ ڪچهريون اُجڙيل ۽ ويران نظر اچي رهيون آهن، جن ۾ سنڌ جي ثقافت، تهذيب و تمدن، تاريخ ۽ قديم روايتن جي تحقيق ۽ تاليف جا روح کي راحت ڏيندڙ تذڪرا ۽ بحث مباحثا ٿيندا رهندا هئا.

        اڄ اهي قيمتي ڪتاب يا ناياب نسخا، نسورا نيڻ وهائي رهيا آهن، جن کي پڙهڻ ۽ نور نچوڙي، انهن جي وسيع ورقن مان حقيقت ۽ اصليت جي پرک ڪرڻ وارو پارکو، کانئن هميشه لاءِ جدا ٿي ويو آهي. دراصل پير صاحب جو موت سنڌي ٻولي ۽ تاريخ جو وڏو نقصان آهي.

(روزنامه ”عبرت“، حيدرآباد، 3- اپريل 1982ع،

 ايڊيٽوريل مان اقتباس.)

 

 

ڊاڪٽر جميل جالبي ¢

 

اسان جو پير صاحب

 

        معلوم ائين ٿئي ٿو ته موت، گهر ڏسي ورتو آهي! جوش ويو، فراق ويو، احسان دانش ويو، ۽ اڃا هنن جو غم تازوئي هو، ته هڪ ئي ڏينهن تي ٻه هستيون- حضرت جعفر شاهه ڦلواري ۽ پير حسام الدين راشدي- به اسان کان هميشه هميشه موڪلائي ويون!

        هي اهي ماڻهو هئا، جيڪي صدين دوران، ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن ۽ پنهنجي نظر ڪيميا اثر سان خاڪ کي سون بنائي ڇڏيندا آهن. سيد حسام الدين راشدي- جنهن کي اسان سڀ ”پير صاحب“ جي نالي سان ڪوٺيندا هئاسين، ڪراچي شهر  جي علمي زندگيءَ جي آبرو هئا. هڪ سٺا انسان، هڪ متواضع مهمان نواز، ڪشاده دل، بي باڪ دوست، صاحب علم، صاحب نظر، ڪم جي گهَرائيءَ ۾ پهچي ڪم ڪرڻ وارا، ۽ ڪشادگيءَ سان تحقيق جو داد ڏيڻ وارا! منهنجي 1952ع ۾ ساڻس پهرين ملاقات ٿي هئي. آءٌ ۽ شاهد احمد دهلوي مرحوم گڏجي، صبح جي وقت سندس گهر ويا هئاسون. پاڻ هڪ نسبتاَ ننڍي ڪمري ۾، جيڪو زمين کان وٺي ڇت تائين ڪتابن سان سَٿيل هو، هڪ وڏي ميز جي سامهون رکيل ڪرسيءَ تي چانهه پي رهيا هئا. ڊگهو قد، صحتمند ۽ سڊول جسم، چمڪدار ڪڻڪائون رنگ، شگفته چهره، گرمجوشيءَ سان مليا. چانهه پيش ڪيائون ۽ ڪافي دير تائين علم و ادب جون ڳالهيون ڪندا رهيا. ۽ پوءِ ڊسمبر 1981ع ۾ منهنجي ساڻس آخري ملاقات ٿي. پاڻ علاج لاءِ لنڊن وڃڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. چهري جي رونق اڳين ڪانه رهي هئي. آواز ڳرو ۽ ويٺل محسوس ٿي رهيو هو، ليڪن مزاج جي مردانگي ساڳي طرح قائم هئي. ڪيترائي آپريشن ٿي چڪا هئا، ليڪن، ان جي باوجود سندن همت ساڳي طرح سلامت هئي ۽ جيئري رهڻ جو حوصلو ساڳي طرح زنده هو. پوءِ، پاڻ علاج لاءِ انگلينڊ هليا هئا ۽ مارچ 1982ع ۾ جڏهن واپس وريا ته حالت خراب ٿي چڪي هئي. ڪينسر، جسم جي مختلف حصن ۾ ڦهلجي چڪو هو، انڪري پاڻ وڏيءَ پيڙا ۾ هئا. ميل ملاقات جي اجازت ڪانه هئي. آءٌ ڪجهه دير ويهي، موٽي آيس. ٻن ڏينهن کان پوءِ دل جو دورو پيس ۽ کين اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. جتي 1- اپريل 1982ع تي پاڻ رحلت فرمايائون. پاڻ، ان کان اڳ پڻ ڪيترائي ڀيرا اسپتال ۾ داخل ٿي چڪا هئا، ليڪن هر ڀيري تندرست ٿي گهر موٽي ايندا هئا. اڃا پنج سال کن اڳ جي ڳالهه آهي. آپريشن کان پوءِ، روس کان واپس ورئي کين ڪافي وقت ٿي چڪو هو ۽ پاڻ صحتمند هئا. مون کين هڪ خط لکي عرض ڪيو ته پاڻ اڄ شام جو منهنجي گهر دعوت ۾ ضرور شريڪ ٿين. پاڻ جڏهن به دعوتون ڪندا هئا، ته مون کي ضرور ياد ڪندا هئا ۽ مان به جڏهن ڪا دعوت ڪندو هوس ته کين زحمت ڏيندو هوس. قاصد خط کڻي سندن گهر پهتو. پاڻ موجود نه هئا، گهر وارن کي خط ڏيئي آيو.مغرب جي وقت پاڻ منهنجي غريب خاني تي تشريف فرما ٿيا. گلي تي پٽيون ٻڌل هيون. مون پڇيو: ”پير صاحب! خير ته آهي؟“ ٻڌايائون: ”آءٌ اسپتال داخل هوس. آپريشن ٿيو آهي. توهان جو خط پهتو، اسپتال مان هليو آيس. اُتي رهي رهي ڪڪ ٿي پيو هوس، سوچيم، ان سانگي سان توهان ۽ ٻين دوستن سان ملاقات ٿي ويندي ۽ ڪچهري ۾ طبيعت بَهلجي ويندي.“ چهري تي اهائي بشاشت هئي، جا هميشه سندس سُڃاڻ پئي رهي آهي. رات جو دير تائين پاڻ ويٺا رهيا. ماني کاڌائون ۽ پوءِ اسپتال هليا ويا. اسپتال وڃڻ ۽ آپريشن ڪرائڻ، وٽن هڪ معمولي ڳالهه ٿي چڪي هئي. مون، اهڙي موذي بيماري جي مريض کي اهڙو بهادر ڪڏهن ڪونه ڏٺو. ائين معلوم ٿي رهيو هو، ڄڻ پاڻ موت سان پڻ کلندي کلندي همڪنار ٿيڻ چاهين ٿا. ڊسمبر 1958ع ۾ پهريون دفعو کين دل جو دورو پيو هو. ان کان پوءِ، اٺ سال کن پاڻ نهايت پرهيز ڪري رهيا هئا. سگريٽ به ڇڏي ڏني هئائون، ليڪن جڏهن ڊسمبر 1981ع ۾ مان ساڻس گڏيس ته سگريٽ ڇڪي رهيا هئا. شايد، محسوس ڪيو هئائون ته پاڻ هاڻي انهيءَ منزل تي آهن، جتي سگريٽ گهڻي ڇڪڻ ڪري کين وڌيڪ نقصان نٿو ٿي سگهي. 1958ع سندن زندگيءَ جو اهم موڙ هو. ان کان پوءِ ئي سندن تصنيف تاليف جو اصل دؤر شروع ٿئي ٿو. سندن ججها ۽ قابل ذڪر ڪتاب 1958ع کان پوءِ ئي تيار ٿيا ۽ ڇپيا.

        پير حسام الدين راشدي، بنيادي طور تي تاريخ جا عالم هئا ۽ تاريخ جي نسبت سان ئي سندن نظر مختلف علمن ۽ فنن تي هئي. پير صاحب، سنڌ جي تاريخ و تهذيب جي بنيادي ماخذن کي مرتب ڪري، شايع ڪرائي، سنڌ جي علمي ۽ تهذيبي زندگيءَ کي نئين حياتي بخشي. اڄ، سنڌ جو جيڪو نئون نسل علمي ۽ تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي. اُهو پير صاحب جي ئي ڪيل بنيادي ڪم مان روشني ۽ رهبري حاصل ڪري رهيو آهي جديد تحقيق جي روايت کان سنڌي لکندڙن کي پير صاحب ئي واقف ڪيو. سندن اها خدمت تاريخ ۾ هميشه زنده رهندي.

        پير حسام الدين راشدي، فارسي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ مجموعي طور تي چاليهارو کن ڪتاب تصنيف، تاليف ۽ مرتب ڪيا، جن ۾ مرزا اصلح جو تذڪره شعراء ڪشمير، مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو تحفة الڪرام، مقالات شعراء، مڪلي نامه مثنويات و قصائد پڻ شامل آهن ۽ ان طرح مخدوم محمد ابراهيم خليل ٺٽويءَ جو تذڪره تڪلمه مقالات الشعراء، ميرڪ يوسف جو تاريخ مظهر شاهجهاني، ميان نور محمد ڪلهوڙي جو تاريخ منشورالوصيت، سيد عبدالقادر ٺٽويءَ جو حديقة الاولياء ۽ ميرمحمد ٺٽويءَ جو ترخان نامه خاص طور تي قابل ذڪر آهن. پير صاحب جي تحقيق ۽ ترتيب جي خصوصيت اها هئي ته جتي متن جي صحت تي پورو ڌيان ڏيندا هئا، اتي واسطيدار ڄاڻ به گڏوگڏ ڏيئي ڇڏيندا هئا. پاڻ نهايت محنتي ۽ اڻٿڪ انسان هئا. اڪثر پاڻ ڪتاب کي هن طرح ترتيب ڏيند اهئا، جيئن موضوع، جديد دور تائين مڪمل ٿي وڃي مثلاَ محمد اصلح مرزا جو تذڪرهء شعراعه ڪشمير ايڊٽ ڪيائون ته اصل تذڪري ۾ 305 شاعرن جو تذڪرو ۽ ترجمو درج هو، پر پير صاحب نهايت محنت ۽ جاکوڙ ڪري، انهن ڪشميري فارسي شاعرن کي پڻ شامل ڪري ڇڏيو، جي مرزا محمد اصلح کان پوءِ واري زماني سان لاڳاپو رکندا هئا ۽ ان طرح سان تقريباَ 312 نون شاعرن جو ساڳئي انداز سان واڌارو ڪيائون. نتيجو اهو نڪتو، جو اهو تذڪرو هاڻي چئن ضخيم جلدن تي مشتمل آهي ۽ ان ۾ اقبال تائين، سمورا ڪشميري فارسي شاعر شامل آهن. اهائي صورت مڪلي نامه جي آهي. مڪلي نامه جو اصل متن 96 صفحن جو هو، پر پير صاحب  جي تحقيقي اضافن ۽ حاشيه آرائي، تعليقات ۽ وضاحتن سان اهو ڪتاب هاڻي ست سو صفحن تي ڦهليل آهي، پنهنجي اهڙي تحقيقي طريقن سان، پير صاحب نه صرف پراڻن ڪتابن کي نئين زندگي عطا ڪئي آهي، پر ان سان گڏ تحقيق جي صبر آزما روايت کي پڻ قائم ڪري ڇڏيائون. اُردو ۾ سندن ٻه ڪتاب خاص طرح سان ذڪر ڪرڻ لائق آهن، هڪ ”ميرزا غازي بيگ ترخان اور اس ڪي بزم ادب“، جيڪو انجمن ترقيء اردو پاڪستان، ڪراچي، ڪجهه سال اڳ شايع ڪيو هو ۽ ٻيو ڪتاب آهي، ”دود چراغ محفل“، جنهن ۾ ٻئي مفيد معلومات کان سواءِ غالب – جي شاگرد ناطق مڪراني جي باري ۾ جيڪي معلومات گڏ ڪيا اٿس، سي نادر ۽ قيمتي آهن. پير صاحب جا ترتيب ڏنل ڪتاب، متعلقه دور جي سمورن ٻين ڪتابن کان بي نياز ڪري ٿا ڇڏين؛ ٻيو ته جن نادر مخطوطن، ڪتابن، تحريرن ۽ دستاويزن تائين سندن جيڪا رسائي هئي، تمام ٿورا عالم ۽ محقق اوستائين پهچ رکن ٿا. پاڻ جيڪي ڪجهه لکندا هئا ته ان پوري دور کي ان ۾ سميٽي ڇڏيندا هئا. مون جڏهن شاهد احمد دهلويءَ جي وفات کان پوءِ سندس ياد ۾ ”ساقي“، ڪراچي جو شاهد احمد دهلوي نمبر مرتب ڪيو، تڏهن پير صاحب کي پڻ عرض ڪيو ته پاڻ مهرباني ڪري، مرحوم تي مضمون لکي ڏين. پاڻ مضمون لکيائون ۽ ان ۾ 1947ع کان پوءِ شاهد احمد جي وفات تائين سموري دور کي بيان ڪري گويا دريا کي ڪوزي ۾ سميٽي ڇڏيائون. ان مضمون جي آخر ۾ پاڻ لکيائون:

        ”زنده رهڻ وارا، مرڻ واري کي قبر ۾ لاهي، جيستائين پوري قبر پورجي نه وڃي، تيستائين مختلف ٽولين ۾ ورهائجي، پنهنجي ڪچهرين ۾ مشغول ٿي ويا. دنيا انهيءَ جو نالو آهي. ڪوبه ڪنهن جي پٺيان نه ويو. دنيا ائين ئي هلندي رهندي. دنيا جو ڪاروبار ۽ ماڻهن جا مشغلا ائين ئي جاري رهندا.“ (ترجمو)

        شاهد احمد دهلويءَ جي وفات کان 15 ورهيه پوءِ پير حسام الدين راشدي اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويا ۽ انهيءَ ئي زمين ۾، مٽيءَ جي مڻن هيٺان دٻيل آهن. ماڻهو هليا وڃن ٿا ۽ واپس ڪونه ٿا ورن، شايد اتي آرام گهڻو آهي:

پهر نه آئلآ جو هوئلآ خاک مين جا آسوده

غالباَ، زير زمين مير هلآ آرام بهت.

..................................

تاريخ جي سونهري ورقن کي اٿلائيندي ايندڙ نسل جڏهن اڌ صديءَ جي هن تاريخي شخصيت جي حالات زندگيءَ جو مطالعو ڪندو، تڏهن کين اهو احساس ٿيندو ته بهمڻ ضلع لاڙڪاڻي جي راشدي خاندان ۾ پيدا ٿيل هي عظيم فرزند نه رڳو سنڌ پر پوري برصغير جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ محفلن جي جان رهيو ۽ ڪيترن ئي اعزازن ۽ تمغن حاصل ڪرڻ بعد به کيس علم حاصل ڪرڻ جي جيڪا ازلي اڃ هئي سا نه لٿي ۽ هو آخري دم تائين علم جي تلاش ۾ سرگردان رهيو ۽ علم جي روشني ۽ ان جي پرنور ڪرڻن سان ئي پنهنجي اندر جي آواز کي ايترو ته صاف ڪري ڇڏيو هو جو سندس علمي شخصيت هميشه همعصرن مٿان نمايان رهي.

(روزنامه ”آفتاب“، حيدرآباد، 3- اپريل 1983ع،

ايڊيٽوريل مان اقتباس)


 


 نوٽ: حڪيم صاحب، اهو قيمتي مضمون،ا داري جي گذارش تي، خاص طرح سان هن نمبر لاءِ لکي موڪليو آهي – ادارو

نوٽ: محٽرم جميل جالبي، اداري جي گذارش تي، اهو مضمون، خاص طرح سان هن نمبر لاءِ لکي موڪليو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com