مرڪز جي انهيءَ طوائف الملوڪيءَ، بدحاليءَ ۽ بي وقاريءَ جو اثر
مغل سلطنت جي جيئن ٻين صوبن تي پيو تيئن سنڌ تي به
ٿيو، ۽ هتي به حڪومت جو رعب ، دٻدٻو ۽ وقار ختم
ٿي ويو. مقامي قوتون جيڪي اڳ دٻيون پيون هيون، سي
اڀري آيون. سنڌ تي ڪلهوڙن جو اثر وڌي ويو، جنهن
اڳتي هلي آزاد حڪمرانيءَ جي صورت اختيار ڪئي.
1118هه
کان
1131هه تائين، چوڏهن سالن ۾ پورا نو صوبيدار دهليءَ کان سنڌ تي آيا، جن مان ڪو
سال ته ڪو چند مهينا هتي رهيو. خود فرخ سير جي
زماني ۾ چار صوبيدار آيا ۽ ويا جن مان هڪ صوبيدار
عطرخان، ٺٽي جي ٻئي صوبيدار مير لطف علي خان
رضويءَ سان وڙهندي، ٺٽي ۾ قتل ٿي ويو. ٻه سال کن
اهو جنگ وجل ٺٽي جي شهر ۾ هليو، جنهن شهر تي ايڏي
تباهي آندي جو انهيءَ دؤر جي شاعرن ان تي شعر آشوب
لکيا. قحط، بدحالي، شريفن جي بربادي ۽ رذيلن جي
پوئواريي هتي به اهڙي ئي پيماني تي ٿي، جهڙي
دهليءَ ۾ ٿي رهي هئي. رات ڏينهن ٺٽي ۾ سازشون ۽
منصوبا هلي رهيا هئا. هڪ ٻئي جي پٽڪي لاهڻ جي فڪر
۾ ماڻهو سر گردان هئا. نوان پراڻا وير ورتا ٿي
ويا. ٺٽي جي بدحالي ويرانيءَ ۽ ملڪي انتشار جي
جيڪا حالت ٺٽي جي شاعرن چٽي آهي. تنهن کي ڏسبو ته
تعجب وٺيو وڃي.
سيد
حسام الدين راشدي
مضمون؛ شاهه شهيد جي سوانح جا ماخذ
ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون؛ ص
(312)
سيد غلام مرتضيٰ شاهه
پير سيد حسام الدين شاهه راشدي
ولد سيد محمد حامد شاهه راشدي
سيد حسام الدين شاهه راشدي، پير علي محمد شاهه راشديءَ جو ٻيو
نمبر ڀاءُ آهي. هي انهيءَ بختاور ڪٽنب مان آهي،
جنهن ۾ هڪ والد جا ٻه فرزند هڪ ٻئي کان وڌيڪ
امتيازي لياقتن جا مالڪ ٿيا هجن.
سندس جنم خميس ڏينهن، ساڍي ستين بجي صبح جو،
25رمضان 1329هه، مطابق
20سيپٽمبر1911ع تي نصرت اسٽيشن جي ڀر ۾، راشدي پيرن جي ڳوٺ ۾ ٿيو.
¢
هن ابتدائي تعليم مولوي محمد سومار ڊکڻ وٽ ورتي. ان کان پوءِ هن
مولوي محمد الياس پنوهر کان درس ورتو. آخر ۾ مولوي
سيد علي شاهه لڪياري ساعدي وٽ پڙهيو. انهن جملي
استادن وٽ چار درجا سنڌي ۽ فارسي تعليم سڪندر نامه
تائين حاصل ڪيائين. فارسي انهن ڏينهن ۾ قديم
خاندانن ۾ پڙهڻ ضروري ڄاتي ويندي هئي. ان کان پوءِ
انگريزي خانگي طرح نصرت ريلوي اسٽيشن جي ماستر وٽ
پڙهيائين.
هن جو ننڍي هوندي کان وٺي اخبارن ۽ ڪتابن پڙهڻ تي شوق هوندو هو،
جنهنڪري سندس معلومات وڌندي ويئي. باوجود تعليم
گهٽ هئڻ جي، هيءُ مطالعو ۽ محنت ڪري پاڪستان جي
چوٽيءَ وارن عالمن جي درجي تي پهتو آهي. جو هيءُ
اڄڪلهه تاريخ ۽ ادب جي ماهرن مان شمار ڪيو وڃي ٿو.
سندس ڪتب خاني ۾ چونڊ ۽ ناياب ڪتابن جو ذخيرو ڪٺو ٿيل آهي. ڪي
ڪتاب وٽس اهڙا به آهن، جي ٻئي ڪنهن خانگي يا پبلڪ
لئبرري ۾ مشڪل ملي سگهندا.
ميان علي محمد شاهه به سنڌي ادب جي ماهرن مان شمار ڪيو وڃي ٿو،
ليڪن ان توجهه سياست ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين طرف ڇڪجڻ
ڪري، هو ڪن بهترين مضمونن ۽ ننڍن ڪتابن کان
سواءِگهڻا ڪتاب لکي نه سگهيو آهي.پر ميان حسام
الدين جو سمورو توجهه ڪتب بينيءَ تاريخ ۽ علمي
کوجنا طرف هو، جنهن ڪري سنڌ خواهه پاڪستان ۾ ممتاز
درجو حاصل ڪري ويو آهي. هن وقت تائين ڪافي ڪتاب
تاليف ۽ تدوين ڪري چڪو آهي. جيڪڏهن ميان علي محمد
شاهه بنا درسي علم جي پنهنجي خداداد ذهني لياقتن
جي آڌار تي پيسي جي ڪميءَ جي باوجود، ملڪي سياست
۾ مکيه درجي تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ته هيءَ به
ساڳين حالتن هوندي، سنڌ ۽ پاڪستان جي علمي مرڪزن ۾
اها حيثيت حاصل ڪري ويو آهي. جا ڪن ڇٽن ماڻهن کي
نصيب ٿي هوندي.
ٻيئي ڀائر پاڻ ۾ نهايت وفادار رهيا آهن. کين اها سمجهه ۽ محبت
عطا ٿيل آهي، جا عام طرح ملڻ مشڪل آهي. ڏٺو ويو
آهي، ته اڪثر رشتيدار باهمي حسد ۽ غلط فهمين ۾
گرفتار هوندا آهن، پر باوجود طبيعتن جي جدا هئڻ
جي، هنن ۾ مڪمل سمجهوتو پئي رهيو آهي. آءٌ نه ٿو
سمجهان ته هنن ۾ ڪڏهن ڪا شڪر رنجي ٿي هوندي.
علي محمد شاهه طبيعت ۾ جوشيو ۽ سخت گير آهي، زود رنج ۽ زور جوش
ٿيڻ جون صفتون رکي ٿو. هيءُ ان جي برعڪس ٿڌو،
درگذر ڪندڙ ديرينه طبع ۽ خاموش زندگي گذاريندڙ پئي
رهيو آهي.هن جو هجوم سان ملڻ ۽ سنگت رکڻ طرف لاڙو
رهيو آهي. هن مخصوص ماڻهن جي دوستيءَ ۽ تنهائيءَ
کي زياده ترجيح ڏني آهي. ٻيئي خوش خوراڪ خوش پوشاڪ
رهيا آهن. ٻنهي جو خانداني روايات ۽ تربيت جي سبب
معيار زندگي بلند رهيو آهي. هن کي وڌيڪ اولاد پيدا
ڪرڻ ۾ خاص مهارت رهي آهي، هن دريڪتا ٿيڻ پسند ڪيو
آهي. علي محمد شاهه سياست ۾ رهڻ ڪري زياده دلبر
رهيو آهي. هن ادبي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ سبب دور
انديشيءَ کي ترجيح ڏني آهي. علي محمد شاهه جا
سياست ۾ رهڻ ڪري ڪيترا دشمن به لڀي سگهندا ليڪن هن
صاحب جو شاذو نادر ڪو دشمن هوندو. هي جيڪڏهن چاهي
ته هر مجلس ۾ پسند پئجي سگهي، ليڪن هن ڄاڻي واڻي
پنهنجي همنوا صحبتن جو دائرو محدود پئي رکيو آهي.
علي محمد شاهه جيڪڏهن ڪنهن تي ڪاوڙبو آهي ته ان
جوش کي عملي صورت ڏيڻ کان ڪوتاهي نه ڪندو آهي. مگر
ميان حسام الدين ٺلهي زباني جوش کان اڳتي نه وڌندو
آهي _ تنهنڪري هن مان ڪنهن کي شڪايت جو موقعو نه
رهندو آهي. علي محمد شاهه سياست ۾ باوجود ڪن
خامين ۽ ڪمزورين جي سنڌ ۾ چوٽيءَ جو سياستدان شمار
ٿئي ٿو، ته هن جو نالو ادبي دنيا ۾ محب وطن، ترقي
پسند سمجهدار اديبن جي لسٽ ۾ داخل آهي.
دور انديشيءَ ۽ زمانه شناسيءَ جي صفتن ڪري ميان حسام الدين سنڌي
ادب جي جا خاموش خدمت ڪري سگهيو آهي، اها ڪنهن
جوشيلي، انتها پسند اديب کا مشڪل ٿي هوندي. دور
انديشي ۽ زمانا شناسي ماڻهن کي ابن الوقت بنجڻ طرف
مائل ڪندي آهي؛ ليڪن هن جي طبعي صلاحيت کيس ان گپ
کان آزاد پئي رکيو آهي. ڪجهه وقت کان ڪيترا اديب،
مصلحتن جي کڙي ڪيل بتن اڳيان مصلحت وقت، ملڪي
تقاضائن، يا ساده فهميءَ ڪري، سربسجود پئي ٿيا
آهن، پر هن جي پيشاني، باوجود حڪام وقت سان سٺا
تعلقات هئڻ جي، پاڪ پئي رهي آهي.
انهيءَ مختصر تعارف کان پوءِ، سندس زندگيءَ جي مختلف پهلوئن
جوذڪر ڪريان ٿو.
صحافت: هي اول ۾ اخبار ”جاڳڻ“ جا نواب ميان خالقداد، ڀيو، جاڳڻ
جي ڳوٺ نزديڪ شڪارپور مان1926ع
ڌاري ڪڍندو هو، ان جو نامه نگار ٿي رهيو. ان کان
پوءِ
1929ع
ڌاري، هڪ ماهوار رسالي ”المنار“ جو ڪجهه وقت لاءِ
ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. ساڳئي وقت ۾ ماهوار”پيغام“
جا مولانا عبد الڪريم چشتي ڪڍندو هو، ان جو نامه
نگار پڻ ٿي رهيو. ان کان پوءِ، خانبهادر کهڙي جي
نظر هيٺ سکر مان هڪ اخبار ”سنڌ زميندار“ نالي
نڪرندي هئي، جنهن جو مئنيجر آغا نظر علي هوندو هو،
ان اخبار جو هيءُ
1930ع
کان
1934ع تائين ايڊيٽر ٿي رهيو. پوءِ سکر مان ميان علي محمد شاهه ۽ هن گڏجي،
1934ع ۾ هڪ هفتيوار اخبار ”ستاره سنڌ“ جاري ڪئي، جنهن ۾ بهترين علمي ادبي تاريخي
۽ سياسي مضمون شايع ٿيندا هئا. ان جو
1937ع
تائين هي ايڊيٽر ٿي رهيو. 1941ع ۾ ”الوحيد“ اخبار،
۾ هن بنا نالي جي ڪيترائي مضمون لکيا.
1945ع ۾ جڏهن اسان مسلم ليگ کان ٻاهر نڪتاسين تڏهن قوم پرست مسلمانن جي نقطه
نگاهه پيش ڪرڻ لاءِ ”قرباني“ اخبار جاري ڪئيسن ان
اخبار ۾ ڪيترو وقت بنا نالي جي ميان علي محمد شاهه
مضمون ۽ ايڊيٽوريل لکندو رهيو. ان اخبار ۾ ڪيترن
وقتن تي ميان حسام الدين به بنا نالي جي مضمون ۽
ايڊيٽوريل لکندو هو. جڏهن مسلم ليگ وارن پنهنجا
مخصوص ذريعا استعمال ڪري، مون کي سنڌ اسيمبليءَ جي
چونڊ ۾ شڪست ڏياري، ته ان وقت هن جو ”قرباني“ ۾
لکيل ايڊيٽوريل ادبي شهڪار ڪري ليکجي ته بجا ٿي
سگهندو.
ادبي ادارن ۾ شموليت: ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ کي،
تڏهو ڪي وزير تعليم سنڌ، ميان غلام نبي خان پٺاڻ
1950ع
۾ نئين سر ٺاهي، سنڌي ادبي بورڊ جي نالي هلايو، ته
ان ۾ ٽن سالن کان پوءِ
1953ع
کان ميان حسام الدين کي ميمبر ڪري رکيو ويو، جنهن
تي اڃا تائين هلندو اچي. پاڪستان قائم ٿيڻ کان
پوءِ جڏهن ”انجمن ترقي اردو“ جو دفتر دهلي کان
مولوي عبد الحق صاحب کڻي ڪراچيءَ ۾ آيو ته ان بورڊ
تي پير صاحب کي شريڪ ڪار ڪيو ويو. جنهن تي اڄ
تائين ڪم ڪري رهيو آهي. هي مولوي عبد الحق جي
ويجهي ۾ ويجهن دوستن مان هڪ آهي. پاڪستان حڪومت،
اردوءَ کي ملڪ جي قومي زبان ٺهرائي ترقي ڏيارڻ
لاءِ هڪ ”اردو ڊيولپمينٽ بورڊ“ ٺاهيو هو جنهن تي
پير صاحب کي
1958ع
کان رکيو ويو، ۽ اڃاتائين ان تي هو ڪم ڪندو رهي
ٿو. نوابزاده لياقت علي خان وزير اعظم پاڪستان جي
ياد قائم رکڻ لاءِ حڪومت طرفان لياقت نيشنل لئبرري
قائم ڪئي ويئي، جنهن جي صلاحڪار ڪاميٽيءَ تي هن کي
1949ع ۾ رکيو يو، جنهن تي اڃا ڪم ڪري رهيو آهي. پاڪستان سرڪار
1958ع ۾ نيشنل ميوزيم ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي، ان تي اڃا تائين ميمبر
رهندو اچي. پاڪستان سرڪار اردوءَ کي زور وٺائڻ
لاءِ هڪ ”مرڪزي اردو ڊيولپمينٽ بورڊ“ قائم ڪيو
آهي.
1962ع
۾ هن کي ان تي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ۽ پڻ ميمبر ڪري
رکيو ويو آهي، جنهن تي هن وقت تائين ڪم ڪندو رهي
ٿو. ڪراچي يونيورسٽي ائڪيڊمڪ ڪائونسل تي
1957ع
۾ هن کي ميمبر ڪري رکيو ويو آهي جنهن جاءِ تي اڃا
تائين هلندو اچي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو
ميمبر
1957ع کان 1958ع
تائين رهيو آهي.سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڊيڪيٽ تي
1963ع
کان ميمبر مقرر ٿيو آهي ۽ اڃا تائين رهندو اچي
لاهور يونيورسٽيءَ طرفان مقرر ڪيل ريسرچ سوسائٽي
آف پاڪستان جو
1963ع کان ميمبر هلندو اچي.
سندس هن وقت تائين ڪيل تصنيفن جو انگ اٽڪل ٽيهاري کن تائين پهچي
چڪو آهي.
سير و سياحت:
1952ع
۾ عراق، مصر، لبنان (بيروت) شام ۽ لنڊن جو سير
ڪيائين، جتي قديم تاريخي جڳهن، ميوزمن ۽ ڪتب خانن
ڏسڻ جو موقعو ميسر ٿيس ۽ اتي جي مکيه اديبن سان
ملاقاتون ڪيائين.
1956ع ۾ وري هڪ دفعو بغداد، شام ۽ لبنان جي سير تي ويو.
1958ع
۾ افغانستان ويو1958ع کان 1962ع
تائين فلپائين طرف سير لاءِ ويو، جتي سندس ڀاءُ
ميان علي محمد شاهه سفير هو. اتي کيس ڏور اوڀر ڏسڻ
۽ اتان جي رسم رواج ۽ ماڻهن جي حالات معلوم ڪرڻ جو
موقعو مليو.
1963ع
۾ وري بغداد جي ٻارهن سؤ ساله جشن ۽ الڪنديءَ جي
ورسيءَ ۾ شموليت لاءِ ويو. ساڳئي سال ۾ ايران جي
حڪومت طرفان ”نشان سپاس“ جو تمغو کيس ڏنو ويو.
1964ع
۾ هانگ ڪانگ ۾ ڪجهه وقت وڃي رهيو جتان نومبر
1964ع
۾ موٽي آيو.
1964
ع ۾ هن کي حڪومت پاڪستان طرفان صدر صاحب ”تمغه
امتياز“ عطا فرمايو.
1965ع
۾ ايران جي وزارت فرهنگ وهنر خاص دعوت ڏيئي کيس
ايران گهرايو، جتي هڪ مهينو (22
آڪٽوبرکان
19
نومبر تائين ) رهي مختلف شهرن ۾ تاريخ تي ليڪچر
ڏنائين. انهيءَ موقعي تي شهنشاهه ايران سان سندس
خاص طرح اهتمام سان ملاقات ڪرائي ويئي، ۽ ڪيترن
ايراني شاعرن سندس مدح ۾ قصيدا ۽ قطعا تصنيف ڪيا.
1965ع
۾ جنهن وقت ايران ويو، ان وقت ايران جي شهنشاهه
سندس علمي خدمتن جي بناءَ تي کيس ”نشان سپاس _
درجه اول“ جو تمغو ڏنو.
1965ع
۾ کيس روس ڪلچرل ائسو سيئيشن جو نائب صدر چونڊيو
ويو.1966ع
۾ پاڪستاني لکندڙن جي وفد ۾ چين جي دوري (20 اپريل کان
15
مئي) تي ويو. مستشرقين جي عالمي ڪانفرنس ۾ شريڪ
ٿيڻ لاءِ روس، هندستان ۽ آمريڪا ۾ رٿيل اجلاسن ۾
شرڪت لاءِ کيس دعوت ڏني ويئي. ليڪن خانگي ڪمن سبب
وڃي نه سگهيو.
1966ع
۾ شهنشاهه ايران طرفان پهلوي ڪتبخاني جي تحت ٿيندڙ
ايران شناس عالمن جي عالمي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ
کيس خاص طرح مدعو ڪيو ويو (6
سيپٽمبر کان
16
سيپٽمبر). هو
1966ع
۾ افغانستان حڪومت جي دعوت تي افغانستان ويو، جتي
هن سڌ ۽ افغانستان جي مشترڪ تاريخ تي مواد هٿ ڪيو.
..................................................
”...... سنڌ کي پنهنجي تهذيب، پنهنجو تمدن پنهنجو فڪر آهي،
جنهن جي اظهار جا ادبي ذريعا به وٽس پنهنجا ۽
مخصوص آهن، جن کي ڪافي ۽ ڏوهيڙو چئجي ٿو. انهن جا
استعارا تشبيهون ۽ تلميحون پنهنجون ۽ نج ملڪي آهن.
اهي جيڪي هتان جو ماڻهو اکين سان ڏسي ٿو، جن سان
صدين کان سندس سروڪار آهي ۽ پيڙهين کان سندس پيچ
پيل آهي. مسلسل نظم جو به سنڌ کي پنهنجو نمونو
آهي، جنهن ۾ داستان ۽ پنهنجي تاريخ جا ڪارناما
بيان ٿيل آهن. تنهن کان سواءِ سُر ۽ ساز به
پنهنجا ته تند ۽ تنوار به پنهنجي آهي، باوجود هن
جي جو سنڌ تي صدين تائين ڌارين جي قبضي جي پيڙا
رهي؛ غيرن جو تسلط ۽ تمدن قابض رهيو؛ ٻاهرين جون
رسمون ۽ رواج حاڪماڻي ڏاڍ ۽ ڏڍ تي نافذ رهيا آهن.
ليڪن سنڌ ۽ سنڌين جي پنهنجي فطرت ۽ فڪر تي نه اثر
انداز ٿي سگهيا ۽ انهيءَ کي زائل ڪري سگهيا. سنڌ
جي حسن جي پرک پنهنجي، عشق جو معيار جدا، محبوب جو
تصور مخصوص ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جذبن ۽ احساسن جو
اظهار انتهائي نازڪ ۽ بازاري خواهه اوباش طرز کان
پاڪ ۽ صاف ٿئي ٿو. سنڌي شعر ۾ ڪڏهن به عاميانه ۽
اخلاق کان ڪريل نه خيال هوندو ۽ نه تصور. ڳالهه
توڙي جو مجاز کان شروع ٿيندي ليڪن انت وڃي حقيقي
عشق سان ٿيندس.
_ سيد حسام الدين راشدي
(عنايت بلوچ جي شعري مجموعي ”تند ڪٽارو ڪنڌ“
جي مهاڳ مان کنيل اقتباس.)
رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي
آه حسام الدين!
ا _ اپريل 1928ع خميس جو ڏينهن، اسان سڀني لاءِ انتهائي منحوس،
ڀيانڪ، دکدائڪ اندوهناڪ ۽ المناڪ هو. جڏهن ريڊيو
تان 1 بجي منجهند کان خبرن ۾ مسلسل حسام الدين جي
لڱ ڪانڊاريندڙ موت بابت خبرون نشر ٿيڻ لڳيون.
پهرين ته ان کي اپريل فول سمجهي يقين ئي نه پئي
آيم، پر پوءِ جڏهن رات جو ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي
خبرن ۾ صدر پاڪستان ۽ گورنر سنڌ طرفان سندس لاءِ
تعزيتي پيغام نشر ٿيا، ته اکين اڳيان انڌيرو
ڇانئجي ويو. اکڙين مان بي اختيار لڙڪن جي ڇيڄ ڇڻي
پيا ۽ نيڻن مان نيرن جون نديون وهڻ لڳيو. يقين اٿم
ته اهو حال ادبي، علمي، ۽ ثقافتي حلقن جي سڀني
سڄڻن جو هوندو. آءٌ صرف هڪ ڏينهن اڳ ڪراچيءَ ۾
سندس وصال وٺڻ لاءِ واجهائيندو تڙپندو رهيس. پر
افسوس! باوجود اڻٿڪ جدوجهد ۽ ڪوششن جي به سندس
وصال حاصل نه ڪندي ناڪام ۽ نراش ٿي واپس ماتلي
پهتو هئس.¢
آه! حسام الدين هليو ويو اسان سڀني سان بيوفائي ڪري!!! اڃا ته
سندس وڃڻ لاءِ سوچي ئي نه ٿي سگهيا سين ته ڪيترائي
هٿ ۾ کنيل ڪم اڻپورا ۽ اڌورا ڇڏي هن طرح بي وقت
هليو ويندو؟ ڇا، قدرت کي اسان جي بيڪسي، بيوسي ۽
يتيميءَ جو احساس به ڪونه ٿيندو؟ پر اهو ڪڏهن ٿيو
اٿس! ڪيئي غوث قطب، عالم، عارف، ابدال، مست قلندر،
ولي الله ۽ انبياء ڪرامن تي به رحم نه ڪندي،
عزرائيل کي ساقي بڻائي اجل جي زهر جو پيالو
پياريائين. اڃان به جيڪڏهن غور ڪندي سوچبو ته
پنهنجن پيارن کي ڪشٽ ڪشالا ڪڍرائي، قدم قدم تي
تڪليفون اذيتون ڏيارائي، وقت کان اڳي بي موت
مارايائين، جنهن جو تفصيل تمام ڊگهو ٿي پوندو،
تنهن هوندي به مختصر ڪندي ڪي چند نالا هتي لکجن
ٿا، جن ۾ انبياءِ ڪرام، عارف، اولياءُ الله ۽ امام
اچي وڃن ٿا.
ذڪريا تي ڪرٽ وهارائي اڌو اڌ ڪرايائين، يونس کي مڇيءَ جي پيٽ ۾
ڳڙڪايائين، ايوب کي ڪيڙن کان کارايائين يحيٰ کي
ڪات کان ڪهرايائين، يعقوب کي نابين بڻايائين، يوسف
کي سر بازار نيلام ڪرايائين. ٻيا به ڪيترائي
انبياءِ ڪرام سندس شتاب عتاب ۽ زد ۾ اچي ويا
هوندا، جيڪي هڪ لک چوويهه هزار ٻڌجن پيا. پر اسان
جي پياري نبي آخر الزمان ختم المرسلين احمد مجتبيٰ
محمد مصطفيٰ صلعم جن کي به ڪيئي صعوبتون
سٺارايائين، ٻيو ته ٻيو پر سندس پيارن ڏوهٽن نواسن
امامن سڳورن کي به نه بخشيائين.
”صادقن کي سور سختيون، فاسقن کي فرحتون،
تنهن سفل بخشيءَ جو سبب، سبحان کان گهرجي پڇڻ.“
اهڙيءَ طرح سان سچن صادقن، عارفن، ولي الله جو به وڏو تفصيل
آهي، جن ۾ منصور کي دار ڪرايائين، شمس تبريز جي
کلڙي لهرايائين، سرمد کي اڏيءَ تي آڻي سر قلم
ڪرايائين، شاهه عنايت کي شهادت ڏياريائين، بلاول
کي گهاڻي ۾ پيڙهايائين، دولهه دريا خان کي منافقن
هٿان اجل جو شڪار بڻايائين. سندس قهاري ۽ جباريءَ
جا ويهي ڪهڙا ڪهڙا داستان دهرائجن. حتيٰ ڪه سڄي
تواريخ بربريت ۽ ظلم وستم جي انهن داستانن سان ڀري
پيئي آهي، جنهن لاءِ منڪر نڪير به لکي لکي ٿڪي پيا
هوندا، ايتري قدر جو فلڪ ڪج رفتار جون اکيون به
ڏسي ڏسي پنهنجي بصيرت وڃائي ويٺيون هونديون. تنهن
هوندي به هٺ وڏائي، غرور ۽ تڪبر سان سينو تاڻيو
مٿان بيٺو آهي.
هونءَ ته زندگيءَ جي بي بقا سفر ۾، اسان کان ڪيئي همسفر رفيق ۽
پيارا ساٿي وڇڙي ويا، جن جا صدمن پٺيان اگهاني
صدما سهندي بٺ ۽ بي حس بڻجي ويا آهيون، پر اڄوڪي
هن بي موقعي بي مهل جا لڪاه صدمي، مئل زندگي کي
صدمو ڏيئي ايڏو ته ايذاءُ رسايو جنهن جي سهڻ جي
طاقت نه هئي نه آهي. پر سواءِ صبر جي ٻيو ڪري به
ته ڪري ڇاٿو سگهجي. مگر بين الاقوامي تسليم ڪندي،
صرف سنڌ، سنڌ واسين، اديبن، عالمن، صحافين، شاعرن،
محققن، فلاسافرن، تواريخ نويسن، دانشورن،
پروفيسرن، اسڪالرن، هارين مزدورن، شاگردن ۽ فنڪارن
لاٰءِ به هڪ ناقابل تلافي صدمو سمجهان ٿو، جنهن جي
پورائي ۽ جڳهه پر ڪرڻ ناممڪن آهن.
اڄ اسان جا اهي ادارا _ اسڪول، هاءِ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون،
انسٽيٽيوٽ، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، عجائب گهر،
ريڊيو، ٽيليويزن ۽ اهڙا ٻيا جملي علمي ادبي،
صحافتي ۽ ثقافتي مرڪز بيحد افسرده، ياس زده، غم
زده، ۽ مايوس آهن. سڀئي آه و فغان ڪندي گريه _
زاران ٿي، انهيءَ فلڪ ڪج رفتار ناهنجار کان سواليه
نگاهن سان پڇي رهيا آهن ته اسان کان هن طرح بي وقت
حسام الدين کي ڇو کسي ورتئي؟ جنهن جي وڃڻ جو وقت
اڃا ڪونه آيو هو. ڇا! انهيءَ جاءِ تي ڪو ٻيو حسام
الدين ڏيئي سگهين ٿو؟ جيڪو اسان جي دلجوئي ڪري! …
نه نه …. هر گز نه.. قطعي نه…. هڪڙو ئي ٿي ويو…
ٻيو نه ٿيندو _ جنهن لاءِ اسين سڀيئي ماتم ڪنان
آهيون.
منهنجي ساڻس پهرين ملاقات، ڪڏهن ڪٿي ۽ ڪهڙيءَ ريت ٿي _ پر تنهن
کان اڳ ”مست ابدال ۽ موجوده دور جي قلندر، سيد سمن
شاهه“ لاءِ ”ڪيئي ڪتاب“ جي ٻئي ڀاڱي ۾ لکيل مضمون،
جنهن جا ڪجهه ٽڪرا روزانه ”هلال پاڪستان“ جي ادبي
صفحي تي، مورخه 19 نومبر
1979ع
۾ اچي چڪا آهن، تنهن جي مدد وٺندي، هتي حسام الدين
لاءِ به پيش ڪرڻ جي جرئت ڪريان ٿو.
”جڏهن عالم ارواح کان پنهنجو اصلي ساڻيهه ڇڏي، سنگهارن کان ڌار
ٿي،عشق جي رهنمائي ۾، حسن ۽ نور خدا ڏسي، صلي
الله چئي، سندس ئي جوت ۽ روشنيءَ ۾ هن عارضي ۽
فانيءَ دنيا ۾ اچي وڇڙيل يارن دوستارن، پيارن دل
وارن، مٺن منٺارن، سنگهارن ۽ دلدارن کي ڳولڻ لڳس،
جن ۾ ڪيئي ڪوهه دمن، ريگزار برپٽ بيابان، مرغزار ۽
ڪوهسار حائل ٿيا، جن کي پار ڪندي، ڪيترن ئي ڏکن
ڏولاون، حادثن طوفانن ۽ منجهدارن مان گذرندي جستجو
۽ ڳولا جاري وساري رکيم. جنهن ۾ ڪيئي وڇڙيل يار
دلدار مليا ۽ وري وڇڙي ويا. اڄ ڏينهن تائين به
ڪيئي ملندا ۽ وري وڇڙندا رهن ٿا، جن مان سيد سمن
شاهه سان گڏ پيارو حسام الدين به هڪ هو، جيڪو
وڇڙجي ويو.“
اهو هو اهو حوال جنهن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان. پر ساڻس هتي
پهرين ملاقات غلام مرتضيٰ شاهه سيد سنائي جي
سالگره تي، اڄ کان 19 سال اڳ 17 جنوري 1964ع واري
ڏينهن سن ۾ ٿي. پاڻ منهنجي مستي قلندريءَ، سرشاري،
بي باڪي ۽ لاابالي پن، رات جو موسيقي ۽ راڳ رنگ
واري ثقافتي محفل ۾ ڏسي چڪو هو ۽ ائين سمجهي ته
”آءٌ سيد جو مريد ٿي سگهان ٿو“ ، مون کان سوال
ڪيائين ته ”ڪنهن جا مريد آهيو.“ جواب ۾ وراڻيو
مانس ته ”آءٌ انهيءَ جو مريد آهيان، جيڪو منهنجو
مريد آهي.“ تنهن سان گڏ ”مصري شاهه“ جي ڪافيءَ جا
هيٺيان ٻه بند به کيس چئي ٻڌايم ته؛
”سو ئي عبد احد سوئي آدم، پاڻ ئي پير مريد ۽ خادم
دست چڙهڻ دستور، اهو ارشاد ٿيو عبرت جو،
ذات نسورو نور، آيو سانگ ڍڪي صورت جو.“
انهيءَ ملاقات کان پوءِ ويجهو ۽ قريب ٿيندا، هڪ ٻئي کي مرشد
مرشد سڏيندا هئا سين جنهن جو حوالو ”ڪيئي ڪتاب“جي
پهرين ڀاڱي ۾ به ڏنل آهي. تنهن کان سواءِ آءٌ کيس
پير و مرشد ته ڪڏهن گرو ديو، ڪڏهن يوگي، ته ڪڏهن
مها يوگي، ڪڏهن سنت ته ڪڏهن ساڌ ڪڏهن پنڊت گياني
ته ڪڏهن پروهت يا سامي سڏيندو هيس. پاڻ اهو ٻڌي
هميشه خوشگوار ۽ پر تبسم مسڪراهٽن سان من موهيندو
۽ دل نوازيندو رهندو هو. انهن حسين مسڪراهٽن ۾، نه
ڄاڻ ته ڪيترن ئي رنگن افسانوي ڪردارن تي موتئي،
گلاب ۽ چنبيلي جي گلن ڦلن جي ورکا ٿيندي نظر ايندي
هئي.
1964ع کان وٺي سندس وڃڻ وقت تائين ساڻس سفر ۽ ساٿ رهيو. پوءِ
چاهي اهي ادبي انسٽيٽيوٽ هجن، چاهي ثقافتي محفلون
مجلسون، ڪينجهر جا شاداب ڪنارا هجن چاهي سن ۾ لب
مهراڻ درياءِ سنڌ جي روان دوان ڌڙڪندڙ سيني تي
ڇولين، ويرن لهرن جا للڪارا هجن، چوڏهين جي جوان
رات واري نوراني چانڊوڪيءَ جا سحر انگيز چمڪارا
هجن چاهي سيد سائين جي نشتر پارڪ جي سامهون واري
بنگلي ”حيدر منزل“ تي وصل وصال جا وارا هجن يا وري
سندس الحمُرا سوسائٽي واري ”علي رضا هائوس“ جي
وسيع دسترخوان تي دعوت جا يارا دلدارا هجن.
حيدرآباد ۾ ”جيلاني منزل“ تي لاڏڪوڏ ۽ انگل آرا
هجن چاهي ”ماءِ نيسٽ“ ماتليءَ ۾ ڦليليءَ ڪناري تي
قرب جا ڪچهرا هجن. اڃا به ڪيئي اڻ ڳڻت يادگار
محفلون مجلسون، ساوڪ سنگيت شو، لطيف ڪلچرل هال،
ڄام هائوس ڊفينس سوسائٽي، خان محمد پنهور ۽ مهتاب
محبوب جي دعوتن ۾، پر جتي ۽ جڏهين به ملندا هئا
سين، ته پاڻ گلن وانگر ٽڙندو، موسمِ بهار جيان
هميشه باغ و بهار ، تازه، هشاش بشاش ۽ شگفته شگفته
نظر ايندو هو. منهنجي خوشنويس ”امين“ ماتلويءَ سان
کل ڀوڳ ۽ چرچو مذاق ڪندي چوندو هو ته ”امين! ڇا
تون اڃا جيئرو آهين؟“ تنهن کان پوءِ وري مون ڏانهن
اشارو ڪندي چوندو هو ته ”رئيس صاحب جي دڙڪن داٻن،
ڪاوڙ ۽صدمن جي باوجود، ڪمال آهي. جو اڃا به زنده
آهين!“ پر منهنجي آرام آسائش جو پيري بزرگيءَ کي
هڪ پاسي رکندي، مون کي هميشه صاف سٿري سٺي سهڻي،
آرامده ۽ پر فضا جاءِ تي ويهاريندو هو. پوءِ اهو
چاهي بنگلو هجي، ڪمرو هجي، لان هجي چاهي موٽر ڪار
ٻيو ته ٻيو پر موٽر ڪار ۾ به مون کي هميشه اڳين
سيٽ تي ويهاري ، پاڻ وري وڃي ٻين سان گڏ پٺيان
ويهندو هو. ڇا، سندس اهڙيون پيار محبت ، سچائي
صداقت ۽ خلوص ڀريون عنايتون نوازشون، وسري سگهن
ٿيون؟ نه نه ..... هر گز نه.
سندس پريم پيار لاڏ ڪوڏ محبت صداقت ۽ پر خلوص ظرافتي گفتار جا،
هتي ڪهڙا ڪهڙا ويهي ذڪر بيان ڪريان. پاڻ جيڪڏهين
ڪي لاڏ ڪوڏ ڪندو هو ته ٻين جون ناز برداريون ۽
انگل آرا به کڻندو هو. سندس محبت ۽ صحت پاڪيزه صاف
شفاف هوندي به هڪ معمو ۽ الجهاءُ هوندي هئي. جڏهين
پيار ڪندو هو ته پيار جي حد تائين ڪندو هو. پر وري
جڏهين لاڏ ڪوڏ ۾ ايندو هو، ته کيس سمجهڻ ئي مشڪل
ٿي پوندو هو. علم سان عشق، ادب سان عشق، ثقافت سان
عشق ، صحافت سان عشق، بغاوت سان عشق شجاعت سان
عشق، سخاوت سان عشق، رقابت سان عشق، ٻيو ته ٻيو پر
ڪثافت سان به سندس عشق هوندو هو. پاڻ تيز گفتگو
ڪندو هو ته ان ۾ به گلزاريون هونديون هيون. هر
ڪنهن کي سڃاڻڻ جي اک رکندو هو ۽ سڄڻ دشمن جي پرک
پروڙ هوندي هيس. منهنجي لاءِ ته دوستن کي ائين
چوندو هو ته ”هونءَ ته سڀني سان پيار اٿم“ پر
مرحوم نواب نوراحمد خان لغاري تا جپوري ۽ رئيس
ڪريم بخش کي انوکو نرالو ڏسي، ساڻن عشق اٿم.“
محترم مهتاب چنا کي، مهتاب اڪبر راشديءَ يعني
پنهنجي نُنهن ڪري محض انهيءَ لاءِ پرڻايو، جو هو
هڪ غير معمولي جرئتمند، بااصول، بيباڪ، بهادر،
نڊر، تعليم يافته بذله سنج، حاضر جواب ۽ سنڌ جي
سپوتري خاتون هئي، جنهن کي محض بغض و حسد تعصب و
عناد ۽ ساڙ جي بنا تي پوتيءَ جو بهانو بڻائي
ٽيليويزن تان خارج ڪيو ويو. پر حسام الدين کيس
پنهنجي بهو بڻائي، کيس اڳي کان به اڳرو مان شان ،
عزت آبرو، رتبو مرتبو ڏنو ته ”جنهن کي توهين
ٽيليويزن حڪام، حڪم عدوليءَ ڪندڙ باغي سمجهي سندس
لاءِ ٽيليويزن جا دروازا بند ڪريو ٿا، اها سنڌ جي
هڪ عظيم، جري بهادر ۽ سپوت ڌيءَ پير حسام الدين
جهڙي عالي مرتبت ذيشان، باوقار عالم، بيباڪ نڊر
مقرر، بلند پايه اديب اسڪالر ۽ محقق جري شخصيت جي
نُنهن ۽ بهوراڻي به ٿي سگهي ٿي. حقيقت ۾ محترمه
پروفيسر مهتاب چنا، انهيءَ مان مرتبي، عزت و شان ۽
آن بان جي لائق فائق هئي. جيڪو رتبو پير حسام
الدين کيس ڏنو. انهيءَ مان انهن متعصب حاسد ٽيلي
وويزن وارن به ضرور عبرت حاصل ڪئي هوندي ته، هڪڙي
غير معمولي صلاحيتن جي مالڪ شخصيت کي پنهنجي هٿن
مان وڃائي ويٺاسين. ساڳي طرح سندس ٻين معتقد اديبن
سان به ساڳيو ورتاءُ هوندو هو.
نوٽ:
محترم شاهه صاحب جو هيءُ ويهاروکن ورهيه اڳ جو
لکيل مضمون آهي، جو سندس ڪتاب ”جنب گذاريم جن
سين“ تان ورتل آهي. شاهه صاحب ڪافي عرصي کان
پنهنجي ڳوٺ ۾ نظر بند آهي، جنهن ڪري ساڻس
ملاقات ڪري يا خط پٽ لکي، مرحوم پير صاحب تي
سندس تاثرات حاصل ڪرڻ جي صورت ڪانه هئي. هن
مضمون جي خاص افاديت اها آهي ته ان ۾ مرحوم
پير صاحب جي حياتيءَ جو احوال پيرائتي نموني ۾
ڏنل آهي. ادارو
سڌي
ٻوليءَ جي منفرد اهل قلم، رئيس ڪريم بخش خان
نظاماڻي ماتليءَ واري اهو مضمون پاڻ وڏ چاهه ۽
اتساهه سان، هن خاص نمبر جي اعلان ٿيڻ وقت
سڀني کان پهرين موڪليو هو. افسوس جو اڄ رئيس
اسان وٽ موجود ناهي! پاڻ 1 جنوري 1982ع تي
رحلت فرمايائون. - ادارو
|