سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1983ع (1)

 

صفحو :8

انهن پرستارن ۾ ڪيئي ماهرين تعليم، ليڪچرار، پروفيسر، پي _ ايڇ _ ڊي ڪرڻ وارن طالب علم، سندس ادبي دسترخوان تي خوشه چين ٿي علم و ادب ۾ فاضل بڻجي تواريخ جا سبق پرائي سندس تحقيق تجسس، مطالع ۽ معلومات کان فيضياب ٿي پنهنجي مستقبل لاءِ راهون هموار ڪندا هئا. پاڻ خود اعتماديءَ ۽ ڀروسي خاطر سندن حوصله افزائي ڪندو هو ۽ کين پنهنجا راز و نياز بخشي، تسلي ڪرائيندي چوندو هو ته ”توهان واقعي لائق فائق هوئڻهار، علم و ادب جا متوالا ۽ پر ستار آهيو. ڪڏهين به کين احساس ڪمتري ۽ ڪسر نفسيءَ جو موقعو نه ڏنائين، بلڪه پنهنجو جليس ۽ دوست سمجهي ساڻن بيپناهه محبت ڪندي فخر ڪرائيندو رهندو هو. جيڪڏهن ڪنهن جي مهماني ڪندو هو ته، ڪڏهين به گهر ۾ انهن جو تعداد نه ٻڌائيندو هو ته ڪيترا هوندا. پوءِ چاهي اهو هڪڙو مهمان ڇو نه هجي.پر جڏهن عين موقعي تي پنجاهه سٺ دوست گڏ ٿي ويندا هئا ته به پيشانيءَ تي شڪن نه ايندي هيس. خيال ٿيندو هو ته هڪڙي جي دعوت ۾ ايڏا شريڪ ڪار! ماني ڪيئن پوري   پئي سگهندي؟ پر سندس وسيع ٽيبل ايڏي ته برڪت ڀري هوندي هئي، جو کائڻ وارن جي کائڻ  کان پوءِ به ڪيترو ئي مال متاع بچي پوندو هو. انهيءَ سخاوت کي ڪرامت به چئي سگهجي ٿو. پاڻ علم و ادب، تحقيق تجسس سبب بين الاقوامي ملڪن مان ڪهڙا ڪهڙا رتبا ۽ ايوارڊ حاصل ڪيائين، ڪهڙن ڪهڙن ادارن جو ميمبر، چيئر مين، آرگنائيزر ۽ صدر ٿي رهيو، انهن تفصيلن جي خبر ته ٻيا عالم، اسڪالر پنهنجن تقريرن مقالن ۽ تبصرن ۾ پيش ڪري سگهن ٿا. مون کي ته هتي صرف پنهنجي جذباتي طبيعت کان متاثر، مغلوب ۽ مرغوب ٿي، مختصر طور ڪي ڪجهه لکيو آهي. انهيءَ سان گڏ پنهنجي تاثراتن جي اثر هيٺ اچي، اهو پڻ ضرور چوندس ته، سندس ابدي آرامگاهه ۽ مزار مقدس، مڪليءَ جي سنسان ويراني، خسته حالي ۽ بدن ساڙيندڙ اس، ڪاڙهي ۽ گرميءَ کان ائين بهتر ٿيئي ها ته، لطيف ڪلچرل ڪامپليڪس ڀٽ شاهه، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪنهن سبزه زار يا جامعه ڪراچيءَ جي ادبي ادارن ۾ هجي ها ته وڌيڪ بهتر هو، جتي اسين پنهنجي ثقافتي راڳ رنگ جون محفلون قائم ڪري سگهون ها. جيڪو سندس وڻندڙ شغل هو. ورنه ”سنڌالاجيءَ“ تي ته نالو ئي سندس رکيل هو، جنهن جي خبر مون کي ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ“ جي روح روان، رکوالي، اپائيندڙ نپائيندڙ، مالهي، سرپرست ۽ موجوده ڊئريڪٽر، پروفيس محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا جن کان پيئي، جيڪو به سندن پيرو ڪارن معتقدن مان هڪ آهي.

حسام الدين جي علم ادب، تحقيق تجسس، ثقافت سخاوت، شجاعت ۽ ظرافت تي ڪيئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. هو هڪ نادر، بيبها، انمول ۽ اعليٰ شخصيت جو مالڪ هو، جيڪو اسان کان وڇڙجي ويو. منهنجي ”ڪيئي ڪتاب“ جي ٻئي ڀاڱي ۾ به سندس متعلق ڪيئي مضمون چتر ٿيل آهن. کيس شدت سان انتظار هو ته اهو ٻيو ڀاڱو سندس زندگيءَ ۾ ڇپجي پڌرو ٿئي، جيئن پاڻ پڙهي سگهي. پر افسوس جو ٻين خواهشن سان گڏ سندس اها خواهش به پوري ٿي نه سگهي. پر جڏهين به ”ڪيئي ڪتاب“ جي مسودي کي کڻي پڙهندو هو ته اچرج ۾ اچي ”ڪمال آهي! ڪمال آهي!“ جا لفظ اچاريندو هو. ايتريقدر جو، ڪڏهين ڪڏهين ته انهيءَ مسودي جا مضمون، ايڏو ته چهٽي پوندا هيس جو، پاڻ بيزار ٿيندي ٽيبل تي اڇلائي ڇڏيندو هو ۽ ائين چوندو هو ته ”رئيس صاحب! طبيعت چاهيندي آهي ته توهان جي مضمونن کي مسلسل پڙهندو ئي رهان.“ اهي هئا سندس دلي تاثرات، جن کي هتي مون مختصر ڪري قلمبند ڪيو آهي. هونءَ ته طبيعت جي رواني چاهي ٿي ته لکندو رهان ۽ فقط لکندو ئي رهان. ڪنهن تي؟ صرف حسام الدين تي.

آءٌ پنهنجي انهيءَ هيجاني، هذياني ۽ جذباتي ڪيفيت لاءِ دوستن احبابن کي اڳيئي چوندو رهيو آهيان ته ”خوشي مون کي راس نه ايندي آهي، بلڪه هميشه رئاڙيندي آهي.“ جنهن جا مثال موسمن جي تبادلن ۽ وقتي تضادن جا ڏيندو هيس. اڄ به خوشيءَ جي انهيءَ انتها، جيڪا ٻچڙي علي رضا جي شاديءَ مان حاصل ڪري رنس، تنهنجو ردعمل، انهي الميه سانحه سان ٿيو، جو حسام الدين اسان کان هميشه هميشه لاءِ وڇڙجي ويو. شال الله تبارڪ و تعاليٰ کيس جن الفردوس ۾ جڳهه ڏيئي، حورن جي هنج ۾ رکي، اسين عبرت حاصل ڪندي پاڻ کي صبر جي تلقين ڏيندي، انالله و انا اليه راجعون، چوندي تسڪين حاصل ڪريون ٿا. آخر ۾ وري به آه! حسام الدين آه! حسام الدين جيتوڻيڪ سندس لاتعداد انيڪ علمي ادبي ذخيرن سان گڏ، سندس صدارتي حيثيت سان هٿ اکر لکيل خطن جو دستاويزي فائيل ”ڪيئي ڪتاب“ جي افتتاح وقت سندس صدارتي حيثيت سان ڪيل تقرير جي ڪيسٽ، ٽيليويزن انٽرويو ۾ ساڻ گڏ هجڻ، ساڻس گڏ نڪتل ڪيترائي يادگار ڦوٽو مون بابت سندس رايا به محفوظ آهن. پاڻ دوستن کي هميشه چوندو هو ته ”رئيس صاحب پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن، ادارو ۽ انسٽيٽيوٽ آهي.“ حالانڪه پاڻ جسماني طور تي جدا ٿي ويو، پر   روحانيت ۾ هردم ساڻ آهي.

..................................................

 

سنڌو ندي هن وقت ٺٽي کان ڇهه ميل پري ڏکڻ ۾ وهي ٿي. اڳئين زماني ۾ شهر جي پکيڙ درياهه تائين پهتل هئي، ۽ درياهه تي سامان جي لاهڻ ۽ کڻڻ، ٻيڙن بيهارڻ ۽ مسافرن جي لاهڻ چاڙهڻ لاءِ وڏو بندر هوندو هو،جنهن کي گهاٽ سڏيو ويندو هو. ملتان بکر خواهه حيدرآباد وغيره کان جيڪو مال ايندو هو، يا اوڏانهن ويندو هو، سو انهيءَ گهاٽ کان لهندو ۽ چڙهندو هو. ٺٽي تي جيڪي نواب درياهه جي رستي ايندا هئا سي به انهيءَ گهاٽ وٽ اچي لهندا هئا. چناچه نواب مريد خان ٺٽي تي جڏهن مقرر ٿي آيو، تڏهن انهيءَ گهاٽ تي اچي لٿو. دارا شڪوه کي جڏهن قلعو پسند نه آيو ۽ هن ان کي باهه ڏيڻ جو حڪم ڪيو، تڏهن تعميل ارشاد خاطر انهيءَ گهاٽ جي چند ڀونگين کي باهه ڏني ويئي، ۽ ان کان پوءِ اهو ”سوخته گهاٽ“ جي نالي سان مشهور ٿيو. اهو گهاٽ نهايت سهڻو ، پر فضا ۽ نهايت رونق دار هو، شهر جا ماڻهو گهڻو ڪري تفريح لاءِ اتي وڃي ويهندا هئا. ڪيترن مشائخن جا تڪيا انهيءَ گهاٽ تي هوندا هئا، جن مان هڪ ”موصول“ نالي هڪ شاعر به ڪيترا ڏينهن اتي ٽڪيو.

 حسام الدين راشدي

مضمون؛ ”ٺٽي شهر جي آڳاٽي جاگرافي“

(ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون ص123)

 

 

ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاني ”خادم“¢

 

آه راشدي!

 

تازه خواهي داشتن هر داغهاي سينه را

گاهي گاهي بازخوان اين قصه پارينه را

دل کي گهڻو ئي سمجهايان، نصيحتون پيو ڏيان ته دنيا دار الفنا آهي، جيڪو ڄائو آهي سو مرندو، اڳ ڪي پوءِ لڏيندو، خاڪي جسم ڇڏيندو، پر پوءِ به ؛

دل هي تو هلآ نه سنگ وخشت درد سلآ بهر نه آئلآ کيون

واقعي زندگيءَ جي دوران ڪن شخصن سان اهڙا تعلق ٿي وڃن ٿا، جو هنن جو وڇوڙو، خاص ڪري دائمي وڇوڙو، دل کي گهاءَ ٿو رسائي. ملڪ جي ورهاڱي بعد گذريل 34 _35  سالن اندر، مون جيڪي مربي، مهربان ۽ اديب دوست وڃايا آهن، انهن مان خاص ۽ هر گز نه وسرڻ جا، پاڪستان مان آهن. استادشمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽو، علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان علي انصاري، مولوي دين محمد وفائي، حيدر بخش جتوئي، لطف الله بدوي، مرزا گل حسن ڪربلائي، همڪلاسي غلام محمد شهواڻي ۽ شاگرد پروفيسر محبوب علي چنو _ ظالم زماني جي نظر ۾ شايد اهي هاڃا ڪافي نه هئا، جو هينئر سيد حسام الدين راشديءَ جو داغ مفارقت ڏنو اٿس.

حسام الدين سان منهنجي پهرين گڏجاڻي اڄ کان 41  سال اڳ سن 1941ع جي جون مهيني ۾ سندس ڳوٺ بهمڻ ڪوٽ جي ٻاهران کتل تنبن وٽ ٿي. هو مون کان عمر ۾  3_ 4 سال وڏو هو ان زماني ۾ مان ڏيارام سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پارسي پڙهائيندو هوس ۽  سنڌ جي پارسي شاعرن تي ڊاڪٽري لاءِ رسالو جوڙڻ جي مراد سان، سنڌ جي دوري تي نڪري، پبلڪ ۽ پرائيويٽ لئبررين مان مواد ڪٺو ڪرڻ لاءِ بنا آشنائيءَ جي راشدي صاحب جي مدد حاصل ڪرڻ جو قصد ڪيو هئم. وئڪيشن جو وقت هو ۽ سخت گرمي، اٽڪل ٻه _ اڍائي   وڳي ڌرتتيءَ ويلي، نصرت اسٽيشن تي ريل مان لٿس. ڪو به حمال، وهٽ يا وسيلو نظر نه آيو، ان ڪري بيگ ۽ بسترو اسٽيشن ماسٽر حوالي ڪري، ڪچي سڙڪ تان، واريءَ مان بهمڻ ڪوٽ ڏانهن پنڌ پيس، جو ڏيڍ ميل جي فاصلي تي هو. بهمڻ ڪوٽ جي ويجهو تنبن وٽ پهچي، راشدي صاحب لاءِ پچا ڪيم ته هڪڙو صاحب ٻاهر نڪري آيو ۽ خوش خير عافيت ڪندو اندروٺي هليو. احوال ملڻ تي ٻڌايائين ته حسام الدين راشدي مان آهيان.پوءِ ڏوراپو ڏنائين ته اچڻ جو اطلاع اڳواٽ ڇو نه ڏنوَ، ته موٽر موڪليان ها ۽ اوهان کي تپت ۾ هيڏي تڪليف نه ڏسڻي پوي ها. ان بعد ترت ئي هڪ تنبوءَ ۾ رهائش جو انتظام ڪري سامان آڻڻ لاءِ ڪار اسٽيشن ڏانهن رواني ڪيائين.

مان راشدي صاحب وٽ هفتو کن رهيو پيو هوس، جنهن ۾ هڪ طرف کليءَ دل سان مهمان نوازي ڪيائين ۽ ٻئي طرف پنهنجي ڪتبخاني مان ناياب قلمي نسخا ۽ نادر ڪتاب آڻي آڏو رکي، منهنجي گڏ ڪيل مواد ۽ معلومات ۾ چو کو اضافو ڪيائين. موڪلائڻ کان اڳ ڪيترن ئي ٻين صاحبن جون ائڊريسون، ڪن لاءِ خط پٽ ۽ ٽڙيل پکڙيل لئبررين جا ڏس پتا به ڏنائين. سچ ڪري پڇو ته سندس ابتدائي رهنمائي مون لاءِ همت افزائي جو باعث نه بڻجي ها ته شايد پنهنجو رسالو پوري ڪرڻ ۾ پٺتي رهجي وڃان ها، پڻ ڪيترو ذخيرو پيش ڪرڻ کان قاصر هجان ها.

ٿوري ئي وقت ۾ راشدي صاحب بهمڻ ڇڏي، اچي ڪراچي وسائي، پوءِ ته هفتي ٻئي پيئي ساڻس ملاقات ٿيندي هئي ۽ مان سندس مشوري کان مستفيض ٿيندو هوس.ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به مون وٽ هليو ايندو هو ۽ ادبي رهاڻيون ٿينديون هيون. ڪو دستخط يا منهنجي مطلب جو ڇاپي ڪتاب هٿ آيس يا نظر چڙهيس ته هڪدم ڄاڻ ڪندو هو. پر خلوص هو. نه ڪنهن جي هنئين ۾، نه کنئين ۾، سياست ۽ تعصب کان ڪوهه ڏور.جنهن وقت وٽس وڃ ته يا ته ڪو ڪتاب هٿ ۾ هوندس، يا ڪنهن دفتر يا ڪاپيءَ تي ڪجهه پيو لکندو. تنهنڪري تاريخ ۽ ادب کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه نه ڪندو. پڙهڻ ۾ ايترو ته مشغول رهندو جو ڪيترن وقتن تي ڏاڙهي به وڌي ويندي هيس ته ماني به وسري وينديس البته چانهه جو شوقين هو. سگريٽ ڇڪيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن چروٽ به استعمال ڪندو هو. زڪام يا ريزش اڪثر ستائيندا هئس.

سن 1947ع ۾ سنڌ ڇڏڻ کان ڪي ڏينهن اڳ ساڻس خدا حافظي ڪرڻ ويس ته روئي ويٺو. چي؛ ”سدا رنگاڻي، تون به ٿو وڃين!“ڌڻي تعاليٰ گهريو ته وري پيا ملنداسين.“

راشدي صاحب سان منهنجي آخرين ملاقات 26 سال اڳ 29 جون 1956ع تي ٿي، جڏهن مان ايران مان ڊاڪٽري وٺي دهليءَ وري رهيو هوس. انهيءَ زماني ۾ تهران ۽ دهليءَ جي وچ ۾ ڊڪوٽا هوائي جهاز هلندا هئا، جي 20 مسافر کڻندا هئا ۽رفتار به ڌيمي هين. هڪ طرف کان ٻئي طرف ويندي رات جو ڪراچيءَ ۾ ساهي پٽي، ٻئي ڏينهن صبح جو سويل سفر جاري رکندا هئا. مون سنڌ ۾ ڪنهن کي به تهران کان نڪرڻ جو احوال نه لکيو هو، پر هن دلبر دوست کي ڪٿان خبر پئجي ويئي ته مان فلان تاريخ فلان جهاز ۾ روانو ٿيندس، سو مان اڃا تهران ۾ ئي هوس ته سندس شڪايت اچي پهتي، جنهن ۾ تاڪيد ڪيائين ته سنڌ جي اديبن کي تنهنجو انتظار رهندو. پوءِ ته انهيءَ جهاز تي وٺڻ آيو، ۽ مون اها رات ڪراچي ايڪسٽينشن تي سندس دولتخانه ۾ گذاري، جتي کاني تي پنجويهن _ ٽيهن سنڌي خواه اردو اُدباء سان گڏجاڻي به ٿي ۽ سندس گران بها ڪتابخاني ڏسڻ جو موقعو به ميسر ٿيو.ان بعد خط و ڪتابت وسيلي ٿوري گهڻي”اڌ ملاقات“ پئي ٿيندي هئي ۽ هو وقت بوقت پنهنجين تصنيفن سان پيو نوازيندو هو. ٽپال رستي ڪتابن پهچڻ جي خاطري نه هجڻ سبب اڪثر ڪنهن نه ڪنهن ماڻهوءَ هٿان ڪڏهن ايرانيءَ هٿان ته ڪڏهن هندوستانيءَ هٿان، دعا سلام سان گڏ موڪلي ڇڏيندو هو.

راشدي صاحب ٽيهه پنجٽيهه ڪتاب لکيا آهن، جن مان ڪيترا تحقيق ۽ تدقيق پڄاڻان سنواري ۽ سينگاري، کوجنا ڪندڙن لاءِ راهه هموار ڪئي اٿس. منجهائنس ڳچ جيترا فارسيءَ ۾ آهن ۽ باقي اردو ۽ سنڌيءَ ۾ گهڻا تڻا ضخيم آهن مثلاً مير علي شير قانع جو ”مقالات الشعراء“ مخدوم ابراهيم خليل جو ”تڪمله مقالات الشعراء“  ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ”مير محمد معصوم بکري“”هو ڏو ٿي، هو ڏينهن“ وغيره . عالم فاضل هو. سندس مطالعو وسيع ۽ معلومات وافر هئي اهو ئي ڪارڻ هو جو فارسيءَ جي ترقي ۽ توسيع لاءِ ڪيل سندس خدمتن جو قدر ڪري ايران سرڪار کيس ”نشان سپاس درجه اول“ عطا ڪيو، جيڪو ڪنهن ورلي کي نصيب ٿيندو آهي. هندستان مان به هيستائين هڪ ئي شخص مرحوم پروفيسر هادي حسن کي 25 _ 26 سال اڳ مليو هو . ايڏي لياقت رکندي به راشدي صاحب نهايت نهٺو۽ ملنسار هو. تحقيق؛

فروتني است مزاج رسيد گان بکمال

سن 1975ع جي وچ ڌاري مون هڪ خط ۾ کيس لکيو ته ايران جي ”بنياد فرهنگ“ وٽان ٻه مهينا ايران گهمڻ جو نو تو آيو آهي؛ ته جهٽ موٽ ۾ لکيائين؛ مان به مهيني ٻن ۾ مشهد وڃڻو آهيان انشاء الله گڏباسين. پر منهنجي ٽڪيٽ اچڻ ۾ دير پئجي ويئي ۽ موقعو هٿان نڪري ويو. گذريل ڊسمبر 1981ع ۾ ڀارت سرڪار طرفان انڊين ڪائونسل فار ڪلچرل رليشن جي زير سايه پنجن اديبن ۽ شاعرن جي هڪ ڊيليگيشن پاڪستان جي اديبن ۽شاعرن سان گڏجڻ لاءِ ڪراچيءَ اچڻي هئي، جنهن ۾ تنها سنڌي هيءُ خادم ئي هو. مون راشدي صاحب کي خوش خبر موڪلي ۽ لکيو ته ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته جنم ڀومي ڏسڻ جي منهنجي زندگيءَ جي آخرين تمنا پوري ٿي رهي آهي. آءٌ اول خير ته 22 تاريخ هوائي جهاز رستي  منجهند جو اٽڪل 2 وڳي ڪراچيءَ پهچندس ۽ جلد ئي ڪچهريون ڪبيون. ٻڌم ته عليل هو، پر ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن جي سرپرستيءَ هيٺ منهنجي آجيان لاءِ وڏيون تياريون ٿيون.

پر….. پر ڇا عرض ڪريان تقدير ساٿ نه ڏنو. اسين بئگون ٺاهي بسترا ٻڌي، وڃڻ جي آسرن ۾ آخرين گهڙيءَ تائين چشم بدرو گوش بفون ڪندا رهجي ويا سين. افسوس آءٌ پنهنجي ڪر مفرما سان ملي نه سگهيس! رب ڪريم کيس جنت ۾ جايون ڏي، مان سندس احسان جا حق بجا آڻي نه سگهيس. اها واقعي ئي منهنجي بدقسمتي چئجي جنهن تي جيترو ارمان اوترو ٿورو.

......................................

سنڌ جي تاريخ ماضيءَ ۾ جن درٻاري مورخن جي ويڪائو قلم ذريعي ماڻهن تي پهتي،ان حساب سان سنڌي ماڻهن کي ماضيءَ ۾ نهارڻ سان پنهنجو اونداهو ڪچو چٺو نظر پئي آيو ۽ اها ڳالهه هنن جي آئيندي ڏانهن صحتمند واڌ ۾ وڏي رنڊڪ هئي. سنڌي ماڻهن جي اهميت کي تاريخي سچاين ذريعي ثابت ڪرڻ لاءِ سڄي جاکوڙ سائين حسام الدين راشدي   پنهجي سر تي کنئي ۽ ايترو ته مواد گڏ ڪري سموهي ڏنائين، جنهن سان جيڪڏهن نيئن سر تاريخ لکڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو وڃي، ته سنڌ جي اها نئين تاريخ ماضيءَ جي حڪمرانن جي تاريخ بدران سنڌ جي سماجي تاريخ هوندي.

جنهن شخص اسان واسطي ايترو پاڻ پتوڙيو آهي، ان جي ڪم کي جاري رکڻ لاءِ ضروري آهي، ته ڪي ادارا قائم ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ ته کوجنا جي معاملي ۾ جيڪڏهن سائين مرحوم جو ڪو جاءِ نشين ٿي سگهي ته اهو ڪو ادارو ئي ٿي سگهي ٿو. ڪو فرد نه.

(روز نامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي، 2 اپريل 1982ع

جي ايڊيٽوريل ”مقاله خصوصي“ مان اقتباس.)

 

جي الانا ¢

 

علم جو عاشق حسام الدين راشدي

 

پير حسام الدين راشدي کي، جنهن کي مرحوم لکندي دل ٽڪر ٽڪر ٿي ٿئي، مان گذريل اڌ صديءَ کان سڃاڻان ۽ مون کي ڪيترائي ڀيرا ساڻس گڏ رهي ڪم ڪرڻ جا موقعا پڻ مليا آهن. انهيءَ ڊگهي ساٿ جي نتيجي ۾، سندس باري ۾ منهنجا تاثرات هي آهن ته علم هن جي زندگي، علم هن جي محبت ۽ علم هن جو عشق هو. هن دنيا ۾ اگر ڪاشيءِ هن کي سڀني کان وڌيڪ پياري هئي ته اها علم ۽ علم جي جستجو هئي، جنهن لاءِ هن پنهنجي سڄي ڄمار وقف ڪري ڇڏي هئي. اردو ۽ سنڌي ادب ۾ سندس وڏو مقام آهي ۽ ادب لاءِ ڪيل سندس گرانقدر خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. منهنجيءَ نظر ۾ سنڌي ادب ۾ اڄ کان اڳي جيترا به اديب ٿي گذريا آهن، انهن ۾ پيرحسام الدين راشدي جو نالو پهرينءَ صف جي چند اديبن ۾ اچي ٿو.

 تاريخ ۽ تاريخ جو اڀياس ان جو خاص موضوع هو، ۽ انهيءَ مضمون تي سندس گهري نظر ۽ دسترس هئي. ۽ اهائي سندس خوبي هئي، جو نوجوانن جو هڪ وڏو طبقو کانئس فيض حاصل ڪرڻ لاءِ روزانو وٽس ايندو رهندو هو. انهن مان اڪثر اجنبي هوندا هئا، ليڪن پاڻ هميشه هر طالب علم جي حوصله افزائي ڪري کيس علم جي دولت سان مالا مال ڪندا هئا.

 هڪ خاص ڳالهه مون کي پير صاحب جي زندگيءَ ۾ نمايان نظر آئي، ۽ جنهن کي مان ذاتي طرح گهڻو پسند ڪريان ٿو، اها هيءَ هئي ته پير صاحب هڪ متبحر عالم ۽ اسڪالر هئڻ جي باوجود نهايت حليم الطبع انسان هئا.هڪ زماني ۾ پير صاحب ۽ منهنجي مرحوم دوست ممتاز حسن، ٻنهي گڏجي شهر ڪراچي ۽ سنڌ جي ميوزيم لاءِ وڏو ڪم ڪيو. انهن کي پراڻين شين عجائب گهرن ۽ قديم طرز تعمير سان خاص دلچسپي هئي ۽ ان موضوع تي وڏي ڄاڻ رکندا هئا. انهن کي فارسي، سنڌي ۽ اردو قلمي نسخن سان پڻ گهرو لڳاءُ هو ۽ هو مخطوطن جي مشڪل کان مشڪل عبارتن کي پڻ پڙهي سگهندا هئا، ۽ انهن جو مفهوم سمجهائي سگهندا هئا. هن شهر ڪراچيءَ ۾ انهن سون عام ۽ ادبي جلسن جون صدارتون ڪيون ۽ معرڪة الا را تقريرون ڪيون. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هو هڪ وڏي مقصد (مشن) سان ويندا هئا ۽ عوام کي علم ادب سان واقف ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداهئا. اهڙا انسان هڪ زماني کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن.اڄ اهي اسان کان جسماني طرح الڳ ٿي چڪا آهن. ليڪن سندن ياد انهن ماڻهن جي دلين ۾ سدائين قائم رهندي،جن ساڻن ملاقاتون ڪيون، علمي فيض حاصل ڪيو ۽ جي سندن علمي مرتبي کان صحيح معنيٰ ۾ آگاهه هئا.

پير حسام الدين راشديءَ جي علمي وسعت ۽ شهرت پاڪستان تائين محدود نه هئي کيس پاڪستان کان ٻاهر متعدد ملڪن ۾ هڪ وڏي محقق ۽ ادبي اسڪالر جي حيثيت سان ڄاتو ويندو هو، خاص طرح مشرقي علمن جا ماهر ان جو گهڻو احترام ڪندا هئا. کيس ڪيترائي دفعا ٻاهرين ملڪن ۾ علمي ۽ ادبي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن  ۾ مدعو پڻ ڪيو ويو هو.

سنڌ جي قديم تاريخ ۽ تهذيب تي پير صاحب جيڪا گرانقدر تحقيق ڪئي آهي، اها خاص ڪري ٻڌائڻ جهڙي آهي ۽ ان شعبي ۾ سندس خدمتون سونهري لفظن ۾ لکيون وينديون، پير صاحب سڄي ڄمار سياست کا ڪناره ڪشي ۾ بسر ڪئي، حالانڪه سندس همعصر وڏي ڀاءُ پير علي محمدراشدي جواني کان پوءِ هميشه سياست  ۾ حصو ورتو،۽ وڏو نمايان ليڊر رهيو، ليڪن پير حسام الدين جي لگن ئي ٻي هئي ۽ پاڻ کي سياست کان علحده رکي فقط علم ادب سان واسطو رکيو.

اڄ مون کي ساڻس گڏ گذاريل ڏينهن جو هڪ هڪ لمحو ياد اچي رهيو آهي. جڏهن هو ڪراچيءَ ۾ شڪارپورڪالونيءَ ۾ پنهنجي گهر ۾ رهيل هوندا هئا. ان زماني ۾ آءٌ بار بار وٽس ويندو هوس ۽ اسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ علمي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئا سين. مون سندس گهر ۾ هزارن ناياب ۽ قيمتي ڪتابن جا انبار ڏٺا.جن ۾ هر موضوع تي مواد هوندو هو. اتي پڻ اسان علمي ڪچهري ڪندا هئا سين. مون سندس بيڊروم ڏٺو ته چئني طرفن کان ڪتاب هوندا هئا، جي سندس علم دوستي ۽ مطالع سان گهري شغف جي واضع نشاندهي هئا.

پير صاحب تنهائي پسند هئا ۽ گوشه نشيني جي زندگي جا حامي ۽ عادي .هي هڪ عجيب اتفاق آهي ته هڪ وڏي پير خاندان ۾ _ جو لاڙڪاڻي جو وڏو زميندار گهراڻو پڻ آهي _ هڪ اهڙو شخص پيدا ٿيو، جنهن کي علم کان سواءِ ٻي ڪابه شئي پسند نه هئي. علم سا سندس گهري ۽ مسلسل شغف جو هڪ عجيب ثبوت اهو آهي جو پير صاحب پنهنجي گهر ۾ ٽيليفون رکڻ پسند نه ڪندو هو ۽ پاڻ چوندو هو ته ٽيليفون هڪ مصيبت آهي، جا علمي ڪم ڪار ۾ رڪاوٽ بنجي، توجهه هٽائي ٿي. سندس چوڻ هو ته جيڪو به ماڻهو مون سان ملڻ چاهيندو ته مان ان کي گهر ۾ ڀليڪار چوندس. هو سدا اچي ويهي علمي موضوعن تي ڳالهيون ڪري ڪجهه مون کي سيکاري، ڪجهه مون کان سکي.

پير صاحب سادا زندگي گذاري، ٺٺ ٺانگر کان پري. نيڪ انسان هئو. کيس پيسن ڪمائڻ يا جمع ڪرڻ جو ڪڏهن به سبق نه رهيو. پاڻ پٺيان جيڪي ڪجهه ڇڏيو اٿس، سو مال دولت نه، پر علمي خزانو آهي، جيڪو ڪتابن، تحقيقي مقالن ۽ تقريرن جي شڪل ۾ ڇڏيو اٿس.

مان وڏي عاجزيءَ سان ڪراچيءَ جي شهرين کي اپيل ڪندس ته پير صاحب جي ياد ۾ هڪ پر وقار ۽ يادگار تقريب جو بندوبست ڪن، جنهن ۾ هر زبان جو مقرر سندس زندگيءَ تي روشني وجهي، جيئن اگر ڪو سندس زندگيءَ بابت لکڻ چاهي ته هن تقريب جو احوال ان لاءِ سرمايو ثابت ٿئي. جيئن ته سندس زندگيءَ  جو وڏو حصو ڪراچيءَ ۾ گذريو آهي، ان ڪري ڪا معروف شاهراهه سندس نالي سان منسوب ڪئي وڃي ته اها ڳالهه شهر واسين طرفان پير صاحب کي خراج عقيدت تصور ڪئي ويندي.

سنڌيڪار: ولي رام ولڀ

 .......................................

 

ٽالپرن جي نئين نئين بادشاهت قائم ٿي هئي ڪلهوڙن جون درباريون، انهن جي علم پروري، داد ودهش، شاعرن، اديبن، عالمن ۽ اهل فن جو اجتماع اکين سان ڏٺو هئائون؛ انهيءَ دور جو پيدا ٿيل علمي ۽ ادبي ذخيرو سڀ سندن سامهون هو؛ تنهن  ڪري هنن لاءِ به لازمي هو ته گذشته دربار جون سڀئي روايتون قائم رکن، جيئن ملڪ جو علمي طبقو کانئن خوش رهي ۽ اڳئين سلطنت جي ختم ٿيڻ جو احساس  ۽ افسوس سندن دلين مان نڪري وڃي.

ٽالپرن پنهنجي دربار ۾، ملڪي خواهه غير ملڪي شاعر، اديب، ۽ عالم ڪيترا آڻي گڏ ڪيا. ازانسواءِ پاڻ به علم جا شوقين ادب مان شناسا ۽ شعر و سخن جي ميدان جا شهسوار هئا، تنهنڪري نه فقط رسمي طرح قدرداني ڪندا هئا، بلڪه انهيءَ معزز طبقي تي حقيقي طرح داد ودهش  جي ورکا ٿيندي هئي ۽ سندن جائز قدرداني ڪئي ويندي هئي.

سيد حسام الدين راشدي

مضمون ”مير مائل جي بياض ۾ سنڌ جي تاريخ جو مواد“

(ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون: ص 157)


¢نوٽ؛ ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي ”خادم“ پير صاحب جي وفات تي آل انڊيا ريڊيو تان هڪ خصوصي پروگرام نشر ڪيو هو. سندن تقرير جو متن شڪريي سان شايع ڪجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب سان، پير صاحب جا عالمانه تعلقات هئا. ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب ”پرشن پوئيٽس آف سنڌ“ جي عنوان سان سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جو اهو مضمون اداره مهراڻ کي مرحوم رئيس ڪريم بخش نظاماڻي هٿان دستياب ٿيو.

¢  نوٽ: محترم جي- الانا، پير صاحب جي وفات واري ڏينهن تي اهي تاثرات، روزانه جنگ کي ڏنا هئا. هِت اُن جو سنڌي ترجمو، شڪريي سان پيش ڪجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com