سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1983ع (1)

 

صفحو :32

غلام مصطفيٰ قاسمي

 

سورن لڌو سجهه، پاڻهه پيهي آئيا

 

منهنجي ننڍائپ جو محسن ---- سائين پير حسام الدين راشدي

 

        هن فاني ۽ بيوفا ديس ۾ جيڪو به پير پائي ٿو، اوس ان کي هتان اڏامڻو آهي، ڀٽائي صاحب جي ٻول مطابق:

وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،

هن پن پنهنجا ساريا، هو هنجهؤن هڏين لئه هاري.

اصلي ماڳ ڪو ٻيو آهي، جتان انسان هتي مسافر ٿي آيو آهي. هن ڄاڻ ۽ احساس هوندي به ڪي پيارا پرين اهڙا به هوندا آهن، جن جو ڦوڙائو ۽ فراق هميشه ستائيندو ۽ ننڊ ڪرڻ نه ڏيندو آهي. منهنجو سدا بهار ساٿي پير صاحب به اهڙن ئي انسانن مان آهي، جو کيس اسان کان اسري شهر خموشان ۾ پهچندي ذري گهٽ سال ٿيڻ وارو آهي، پر اڃا تائين اسان کي اهو ويساهه ئي نٿو اچي ته ڪو پير صاحب اسان کان گهڻو پري هليو ويو آهي.

        پير صاحب جو نالو وٺندي پنجاهه سال اڳ واري دوستي ۽ رفاقت جو نقشو اکين آڏو تري اچي ٿو. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو ٻنهيءَ جو هڪ ئي وطن هو. سنڌ جو عظيم دانشور، اديب ۽ عالم سائين تراب علي شاهه راشدي، علي خان قنبر وارو جنهن جا ٻيئي راشدي ڀائر عقيدتمند ۽ صحبتي رهيا، اهو منهنجو به مربي ۽ بزرگ هو. سندن مجلس ۾ ڪيترا سال رهڻ ٿيو. مرحوم حسام الدين شاهه سان منهنجي پهرين ڏيک ويک اتي ٿي ۽ پوءِ اهو تعلق ايترو وڌندو ويو جو پڇاڙي تائين رهندو آيو.

        مون آزاديءَ جي تحريڪ ۽ جنگ ۾ شروع کان ساٿ ڏنو. سترهن سالن جي عمر ۾ ضلعي ڪانگريس جو وائيس پريزيڊنٽ هوس. پير صاحب به شروع کان وطن جي آزاديءَ جو مبلغ ۽ حمايتي رهيو. اسان ٻنهي کي اهو سبق سيد تراب علي شاهه صاحب کان مليل هو، جيڪو مولانا امروٽي صاحب ۽ مولانا عبيدالله صاحب سنڌيءَ جي وڏن ساٿيارن مان هو.

        دوره حديث، طب ۽ مشرقي علوم جي تعليم لاءِ جڏهن منهنجو دهلي ۽ دارالعلوم ديوبند وڃڻ ٿيو ته سنڌ مان راشدي خاندان جو هڪ معزز فرد سيد عبدالقادر راشدي والد سيد تراب علي شاهه دارالعلوم ديوبند ۾ منهنجي ملاقات لاءِ آيو ۽ پوءِ ٻيئي دهليءَ ۾ طب پڙهڻ لاءِ گڏ رهياسون. طبيه ڪاليج جي قريب قرول باغ ۾ الياس منزل ۾ هڪ مڪان ڪرائي تي وٺي ان ۾ رهائش اختيار ڪئي وئي. سيد عبدالقادر راشدي هڪ پاسي طب پڙهندو هو ته ٻئي پاسي عربي علوم جي تعليم مون کان پرائيندو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ صاحبزادو راشدي صاحب واپس سنڌ هليو ويو ۽ آئون دهليءَ ۾ رهيس هٽلر جي روس تي ڪاهه واري سال به مان دهليءَ ۾ هوس. هندستان ۾ تعليم جي تڪميل کان پوءِ جڏهن آئون واپس وطن وريس ته پهريون بزرگ دوست ۽ مهربان جيڪو مون سان ڳوٺ ملڻ ۽ مبارڪ ڏيڻ آيو، سو مرحوم پير حسام الدين راشدي هو. ان وقت پير صاحب ڪو آپريٽو سوسائٽيءَ جو ملازم هو ۽ سوسائٽي پاران زميندارن کي مليل قرضن جي وصولي ڪندو هو. سياري جي رات هئي. رات جو منهنجي عزيز رئيس فيروز خان جي اوطاق ۾ بنڊ ٻاريا ويا ۽ باهه جي چوڌاري ويهي گهڻي دير تائين علمي ۽ ادبي ڪچهري ڪئي وئي.

        هن ملاقات کان پوءِ پنهنجي مشغولي عربي درسگاهن ۾ پڙهائڻ هو، پر ان سان گڏ وطن جي آزاديءَ واري تحريڪ سان وابستگي به هئي. جمعيت العلماء هند جو سرگرم ڪارڪن به هيس جڏهن به سنڌ ۾ ڪي چونڊون ٿينديون هيون ته مرحوم راشدي صاحب سان گڏجي قوم پرست اميدوارن جي ورڪ ڪندا هئاسين. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جڏهن ملڪ گير چونڊون ٿيون ته نواب نبي بخش ڀٽي کي قاضي فضل الله جي خلاف بيهاريو ويو. نواب صاحب لاءِ صدر جمعيت العلماء سنڌ مولانا محمد صادق کڏهه ڪراچي کان صوبائي ڪائونسل لاءِ جمعيت العلماء جي ٽڪيٽ به آئون وٺي آيو هوس. ان دور ۾ آئون صوبائي جمعيت العلماء جو ميمبر به هوس. اهو مقابلو ميروخان ۽ رتيديري تعلقن ۾ هو. منهنجو پنهنجو اباڻو ڳوٺ به ميرو خان تعلقو هو. تعلقي ميرو خان لاءِ ورڪر مرحوم پير حسام الدين راشدي هو. شام جو جڏهن ورڪ ڪري واپس ميروخان شهر ۾ پهچندا هئاسون ته رات جو وڏي ادبي ڪچهري ٿيندي هئي. پير صاحب به ان ۾ وڏو بهرو وٺندو هو. خان صاحب عبدالحق ڀٽو سنڌي جو تمام سٺو شاعر هو، سندس ديوان به سنڌي غزلن ۽ ڪافين جو ڇپيل هو، اهو به انهيءَ ادبي ميڙ ۾ بهرو وٺندو هو، جناب اظهر گيلاني به ورڪ ۾ هوندو هو، اهو به ترنم سان پنهجا شعر پڙهندو هو،. اهڙي طرح ٻيا به ڪيترا اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيندا هئا. 15—20 ڏينهن ساندهه اهي ادبي ڪچهريون هلنديون رهيون ۽ پير صاحب سان ادبي رهاڻ جو وڏو موقعو نصيب ٿيو. هن چونڊ ۾ نواب نبي بخش خان وڏي اڪثريت سان پنهنجي حريف کي شڪست ڏني. ٻين سڀني جاين تي قوم پرستن کي گهڻو ڪري شڪست آئي.

        1937ع ۾ سکر مان ”ستاره سنڌ“ اخبار نڪرندي هئي. سائين علي محمد شاهه ان جو ايڊيٽر هو. اخبار ڇا هئي، سنڌي صحافت ۽ ادب جي سونهن هوندي هئي. ان ۾ سائين حسام الدين راشديءَ جا مضمون به ڇپبا هئا، پر اهو دور پير صاحب جو ابتدائي دور هو. اردو جو سنڌ جي رواج ڪو نه هو. پير صاحب لاهور جي اردو اخبار زميندار ۽ ٻين اردو رسالن کان گهڻو مستفيد نظر ايندا هئا. اڳتي هلي سنڌ جي تاريخ جي مطالعي جو کيس شوق جاڳيو، وطن ۽ قوم سان محبت ته کين اڳ ئي هئي، هن تاريخي رجحان کين سوني تي سهاڳ جو ڪم ڏنو. ان دور ۾ ستاره سنڌ جو ”بهار نمبر“ نڪتو هو، جو پنهنجو مٽ پاڻ هو. سنڌي صحافت ۾ اهو هڪ نئون انقلاب هو، جو پير علي محمد شاهه صاحب جي زور قلم سان نمودار ٿيو. مولانا چشتي مرحوم جو هڪ مقالو ان ۾ ڇپيو هو، جنهن تي وڏي راشدي صاحب هيءُ عنوان ڏنو هو: ”مولانا عبدالڪريم چشتيءَ جو اشهب قلام ميدان حسن و عشق ۾.“ افسوس جو اهو بي بها ادبي تحفو 1946ع واري ٻوڏ ۾ ٻين ڪيترن اخباري فائيلن سان درياهه شاهه جو نذر ٿي ويو، جو اسان جو ڳوٺ سيلاب جي زد ۾ اچي ويو. منهنجي غير حاضريءَ ۾ رڳو ڪتابن کي بچايو ويو، ٻيو سمورو اخباري مواد ضايع ٿي ويو.

        مرحوم پير صاحب پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سکر ۽ لاڙڪاڻي کي ستت ئي الوداع چئي وڃي ڪراچيءَ ۾ مقيم ٿيا. هونءَ به انهن ڏينهن ۾ گهڻو وقت ڪراچيءَ ۾ رهندا هئا، پر پوءِ ته اصل پاڻ ڪراچيءَ جا ٿي ويا. سندن ادبي ۽ علمي مشغوليون وڌنديون ويون، ان لاءِ ڪراچي جهڙو وڏو شهر ئي انهن لاءِ موزون هو. مان به 1948ع ڌاري مولانا محمد صادق صاحب کڏهه وارن ۽ مولانا وفائي جي اصرار تي ڪراچي پهتس ۽ مدرسه مظهر العلوم کڏهه ڪراچيءَ ۾ شيخ الحديث ٿي رهيس. ڪراچيءَ ۾ مولانا محمد صادق صاحب ۽ مولانا وفائي سان ته علمي ۽ ادبي محفلون ٿينديون هيون،. پر سنڌ جي عظيم قائد ۽ مفڪر شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحب سان به گهڻو اڳ جي ڄاڻ سڃاڻ ۽ نياز مندي هئي. منهنجا استاد امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ صاحب جا وڏا مداح هوندا هئا، ان ڪري ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران منهنجو اهو دستور هوندو هو ته شام جو روزانو برهمو مندر ۾ شيخ عبدالمجيد صاحب سان ملاقات لاءِ اتي ويندو هوس ۽ اتي چڱي علمي، ادبي ۽ سياسي محفل لڳندي هئي. منهنجي استاد جو ساٿي ڪرنل ڊاڪٽر شيخ نور محمد، جيڪو اڳ افغانستان جي شاهي خاندان جو معالج ۽ ڊاڪٽر رهندو آيو، اهو به اتي شيخ صاحب وٽ رهندو آيو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪابل ڇڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهيو هو، ان مجلس ۾ مولانا دين محمد وفائي ۽ مرحوم پير صاحب راشدي به شريڪ ٿيندا هئا.ڏاڍي ادبي، تاريخي ۽ علمي مجلس هوندي هئي.

        هڪ ڀيري شيخ صاحب جي مجلس مان اٿندي، مولانا وفائي، پير حسام الدين صاحب راشدي ۽ هيءُ احقراقم بندر روڊ تي پهتاسون ۽ اتي يونين بڪ ڊپو تي ويهي ڪتاب ڏٺاسين. مولانا وفائي صاحب کان پير صاحب ڪو ڪتاب گهريو. مولانا وفائي فرمايو ته اڄ رات آئون سکر ٿو وڃان، اتان واپس اچي اوهان کي ڪتاب ڏيندس. پير صاحب چيو ته مولانا زندگي تي ڪو ڀروسو نه آهي، ڪتاب ڏئي وڃو ها ته چڱو. مولانا وفائي چيو ته اسان کي سنڌ لاءِ گهڻو علمي ۽ ادبي ڪم ڪرڻو آهي، اڃان نه مرنداسين، ڪم پورو ڪري پوءِ مرنداسون. مولانا وفائي اتان موڪلائي روانو ٿي ويو. صبحاڻي تي خبر آئي ته مولانا وفائي سکر پهچندي ئي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. اها آهي دنيا جي بيوفائي! پير صاحب، مولانا وفائيءَ تي هڪ مضمون لکيو، جنهن ۾ ان ملاقات جو خاص طرح بيان ڪيو ويو آهي.

        ڪراچيءَ ۾ رهڻ وارن پندرهن سورهن سالن ۾ مرحوم راشدي صاحب سان گهڻو اٿڻ ويهڻ ٿيندو هو. بيت الضياء جمشيد روڊ، جيڪو پير صاحب جو اڳوڻو دولت خانو هو، اتي به اڪثر وڃڻ ٿيندو هو.، کيس ڪنهن ڪتاب جي ضرورت ٿيندي هئي ته آئون هٿ ڪري ڏيندو هوس. پير صاحب مهمان نواز ته هڪ هئا. ٻاهريان ڪي اديب مهمان هوندا هئا يا شهر جي ڪن اديبن جي دعوت ڪندا هئا ته مون کي ضرور شريڪ فرمائيندا هئا. هڪ ڀيري ڊاڪٽر ڪرنل خواجه عبدالرشيد پير صاحب وٽ آيو.، مان به اڳ ئي ويٺو هوس. ڪرنل کان لنڊن جي هڪ دوست تصوف جي ڪن ڪتابن بابت معلومات گهري هئي. ڊاڪٽر ڪرنل پير صاحب کان اها معلومات وٺڻ ۽ سندن دعوت کائڻ آيو هو. پير صاحب ڪرنل کي مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته تصوف تي مولانا کان وڌيڪ توکي ڪو به معلومات نه ڏيندو. ڪرنل مون ڏانهن نهارڻ لڳو. مون کيس ساري معلومات پيش ڪئي. وڌيڪ تعارف کان پوءِ هو مون کي جناح اسپتال وٺي ويو ۽ پنهنجي ذاتي لائبرري ڏيکاريائين، جا علمي ۽ ادبي ڪتابن سان مالا مال هئي. اهو سڀ پير صاحب جي علم دوستيءَ جو نتيجو هو.

        پير صاحب تي ان دؤر ۾ به دل جو عارضو ٿيو هو، جو پاڻ فلپائينس به هليا ويا هئا. ڪجهه سال ائين پري رهياسين، واپسيءَ کان پوءِ وري اهي مجلسون شروع ٿي ويون. هڪ ڀيري فرمايائون ته مخدوم محمد جعفر بوبڪائي جو ڪتاب ”المتانته في مرمتـﮧ الخزانته“ فقهه حنفيءَ جو وڏو سرمايو آهي. ان جو قديم قلمي نسخو سن 1128هه جو مون وٽ موجود آهي، اوهان ان تي تحقيق ڪريو ته اوهان کي ڏيان. مون خوشيءَ سان هائو ڪئي، پاڻ اهو قيمتي نسخو مون کي عنايت ڪيائون. ٻه نسخا ٻيا مون دارلهديٰ ٺيڙهي ۽ پير وجهنڊي مان به حاصل ڪيا، پر پير صاحب واري نسخي کي بنياد قرار ڏيڻو پيو، ڇو ته اهو قديمي ۽ صحيح نسخو هو. 118 صفحن جو، ڪتاب تي مون عربي مقدمو لکيو ۽ حاشيي تي سنڌي عالم جون تحقيقون لکيون. پير صاحب منهنجي هن ڪم کان ڏاڍو خوش ٿيو. پاڻ جيتوڻيڪ عربي نه ڄاڻندا هئا. پر کين تحقيق جو اهڙو تجربو هو، جو ڏسڻ سان ئي تحقيق جو انداز ڄاڻي ويندا هئا.

        سن 1963ع جي اخير ڌاري ڪراچيءَ جي سنڌ مسلم ڪاليج کي ڇڏي حيدرآباد ۾ نئين قائم ڪيل علمي اداري شاهه ولي الله ائڪيڊميءَ ۾ ريسرچ پروفيسر جي پوسٽ قبول ڪيم. ائڪيڊميءَ ۾ پهچڻ کان اڳ حج  جي فريضي جي ادائي لاءِ ويس ۽ اتان مشرق وسطيٰ جو دورو ڪيم. بيت المقدس، جيڪو ان وقت اڃان يهودين جي قبضي ۾ نه آيو هو، اتي ويس پورو هفتو اتي رهي، زيارتون ڪيم ۽ قدس جي خالديه لائبرريءَ ۾ ويهي ڪتاب ڏٺم. منهنجو وڏو خيال ۽ توجه سنڌي عالمن جي تاليفات ڏانهن هو. اتان اردن آيس ۽ اتي به مختلف ڪتاب خانا ڏٺم، اتان شام پهچي دمشق ۾ دنيا جي عظيم ڪتاب خاني ظاهريه جي زيارت ڪيم ۽ نوٽ ورتم. اتان بيروت لبنان به ويس. واپسيءَ ۾ عراق جي علمي مرڪزن بغداد، ڪربلا نجف، ڪوفه، رحله ۽ ٻين مرڪزن جي زيارت ڪيم ۽ ڪتبخانا ڏٺم ڪراچيءَ ۾ پهچڻ کان پوءِ پير صاحب بيمار هوندي به منهنجي سنڌ مدرسه واري اقامت گاهه ۾ ملڻ لاءِ آيا. دل جي تازه تڪليف ڪري، مٿي ڏاڪڻ تي ته چڙهي نه سگهيا، باقي هيٺ ويهي علمي حال احوال ڪياسون. مون کين مشرق وسطيٰ ۾ سنڌي عالمن جي علمي جواهر پارن کان واقف ڪيو، جنهن تي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ مون کي پنهنجي بيت الضياء واري دولت ڪده تي دعوت به ڪيائون. هن مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته پير صاحب کي ڪتابن ۽ علمي احوالن مان اهو مزو ايندو هو، جيڪو ٻي ڪنهن شيءِ مان نه اچي.

        مون جڏهن ڪراچي ڇڏي، ۽ حيدرآباد ۾ اچي رهيس، ته هتي به پير صاحب پنهنجي ڪرمفرمائين کان نه وساريو. راقم جي غريب خاني تي ايندا هئا، غريباڻي دعوت کي وڏي محبت ۽ چاهه سان واپرائيندا هئا، ان ۾ پير صاحب جي حلقي جي دوستن کي به گهرايو ويندو هو ۽ علمي ادبي محفلون ٿينديون هيون. پير صاحب ان دور ۾ حيدرآباد جي رٽز هوٽل ۾ اچي رهندا هئا. لان جي باغيچي ۾ محفل ڪندا هئا، سندن دوستن مان منهنجي حاضري ته ضرور هوندي هئي. ماني به گڏ کائبي هئي ۽ پوءِ ڪڏهن ڪڏهن مون کي ساڻ ڪري علامه آءِ آءِ قاضي صاحب وٽ هلندا هئا ۽ اتي قاضي صاحب مرحوم جي گفتگو ۽ اخلاص مان حظ حاصل ڪيو ويندو هو. اڳتي هلي اورينٽ هوٽل ۾ رهڻ لڳا، اتي به اهي ئي محفلون رهيون. پڇاڙيءَ ۾ فاران هوٽل کي پسند ڪيائون ۽ فاران هوٽل ۾ دعوتن سان گڏ علمي ۽ ادبي محفلون رهنديون هيون. پاڻ جڏهن ته منهنجا ننڍائپ جا ساٿي ۽ دوست هئا، ان ڪري هڪٻئي ۾ ڏاڍي بي تڪلفي هوندي هئي. کل ڀوڳ به ڪري وٺندا هئا ۽ موٽ ۾ ان کي سهي به ويندا هئا. اها سندن مهرباني هئي.

        ملتان جي غوث بهاء الدين زڪريا جي خانقاهه جو سجاده نشين مخدوم سجاد حسين قريشي، پير صاحب جو وڏو دوست آهي، پير صاحب کي هر سال عرس جي موقعي تي نيشنل سينٽر ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ گهرايو ويندو هو. پير صاحب اڪثر راقم کي به پاڻ سان وٺيون ويندو هو ۽ مان به اتي تقرير ڪندو هوس. ان طرح ست اٺ سال متواتر ملتان گڏ ويندا هئاسين ۽ اتي جيڪي مخدوم صاحب سان ادبي ۽ علمي مجلسون ٿينديون هيون، تن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. مخدوم صاحب پنهنجو مخصوص بنگلو اسان جي حوالي ڪري ڇڏيندو هو. پير صاحب پوئين دور ۾ جڏهن بيمار رهڻ لڳا ته ملتان وڃي نه سگهيا، پر سندن صلاح سان آءٌ هر سال اڃان به ملتان ويندو آهيان.

        هڪ ڀيري مون ساڻن نواب نور احمد خان لغاري جي دعوتن ۽ علمي مجلس جو ذڪر ڪيو. پير صاحب فرمايو ته پاڻ ويٺا دعوتون کائو ۽ مجلسون ڪريو، پر اسان کي شريڪ نه ٿا ڪريو. اها ڳالهه مون نواب صاحب کي ٻڌائي. نواب صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته جيڪڏهن پير صاحب اسان جي اوطاق تي پير گهمائيندو ته ان کان مٿي اسان کي ڇا کپي. پوءِ پير صاحب سان نواب صاحب مرحوم جو اهو لاڳاپو ٿي ويو، جو پير صاحب کي نواب صاحب ڪنهن هوٽل ۾ رهڻ نه ڏيندو هو ۽ هميشه نواب صاحب جي باغ يا حيدرآباد واري بنگلي ۾ علمي محفلون ٿينديون هيون.

        هي آهن ٿوريون يادگيريون، جن کي هتي قلمبند ڪيو ويو آهي. پير صاحب مرحوم ڪرم فرمائي، هميشه مو ڏانهن خط لکندا رهندا هئا. ٻئي پاسي هن معاملي ۾ آءٌ ڏاڍو سست رهيو آهيان، جو جواب ڏيڻ ۾ ڍر ٿيندي آهي، تڏهن به راشدي صاحب پنهنجا ڀال ڀلائيندو رهيو. اهي سمورا خط محفوظ رکان ها ته اڄ منهنجي لاءِ اهو وڏو محبت ۽ دوستيءَ جو سرمايو هو، پر خطن کي سنڀالي رکڻ واري عادت کان به عاري رهيو آهيان. 10—12 خط پير صاحب جا الائي ڪيئن ڪن ڪتابن ۾ رهجي ويا، جن مان ڪجهه هت ڏيان ٿو ۽ جن مان اسان ٻنهي جي هڪٻئي سان بي تڪلفيءَ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.

        ٻيو ته مرحوم پير صاحب سان منهنجي آخري ملاقات تڏهن ٿي، جڏهن پاڻ وفات کان اڳ پوئين ڀيري علاج لاءِ لنڊن وڃي رهيا هئا. هن ملاقات ۾ مون سان گڏ ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب به گڏ هو. پير صاحب ڏاڍا نحيف هئا. موڪلاڻيءَ مهل دعا لاءِ فرمايائون. مون کين جواب ۾ عرض ڪيو ته پير صاحب! اسان جون اوهان لاءِ هر وقت دعائون ٿينديون رهنديون آهن. خدا پاڪ اوهان جي عمر درازڪندو. الله پاڪ مرحوم کي مرهي ۽ پنهنجي جوار رحمت ۾ رکي.

        (نوٽ: هتي مرحوم پير صاحب جا جيڪي ٻه خط نموني طور ڏنا ويا آهن، انهن مان هڪ جو ته مضمون واضح آهي. ٻئي ۾ ڪجهه اجمال آهي، جنهن جي وضاحت هيءَ آهي ته ڪاند هله هندستان مان هڪ خط پير صاحب ڏانهن آيو، جنهن ۾ سنڌ جي ڪن قديم عالمن جي ڪتابن جو ذڪر هو ته اهي هندستان ۾ آهن ۽ ان بابت پير صاحب مون کي حڪم ڪيو آهي ته مان انهن کي جواب ڏيان.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com