1--- فارسي متن
2--- سنڌي ترجمو
3--- حاشيا، مقبرن جو احوال، نقشا ۽ تصويرون.
فاضل محقق ڪتاب جو فارسي متن، ٽه ماهي مهراڻ ذريعي
(نمبر 3---1974ع) ۾ شايع ڪيو . بعد ۾ محترم نياز
همايوني، ساڳئي رسالي ۾، ان جو سنڌي ترجمو پڻ
نروار ڪيو.[1]
افسوس جو هن تذڪري جو ڪتابي ايڊيشن منظر تي اچي نه
سگهيو.
(40) مثنوي مهر و ماهه:
هيءَ مثنوي سلاطين دور جي مشهور شاعر حامد بن فضل الله
جمالي دهلوي (وفات 942هه/1535ع) جي آهي. سندس ٻيا
ڪتاب هن ريت آهن: سير العارفين (تذڪره)، مثنوي
مراة المعاني ۽ ديوان جمالي. هن گهڻو سير سفر
ڪيو، جڏهن تبريز پهتو تڏهن کيس گهر، مرشد ۽ وطن جي
ياد ڏاڍو ستايو. اهل تبريز جي چوڻ تي هن سن
905/1499ع ۾ عصار تبريزيءَ جي ”مثنوي مهرو مشتري“
جي طرز تي، ”مثنوي مهرو ماهه“ لکي پوري ڪئي. راشدي
صاحب جي ايڊيٽنگ ۽ مقدمي سان، هيءَ مثنوي سال
1974ع ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پرشين اسٽڊيز سينٽر
اسلام آباد پاران شايع ٿي.
(41) رياض العارفين (جلد اول):
هي تذڪره آفتاب راِ لکنوي جو آهي. ليکڪ ۽ ڪتاب متعلق
اسان جي ڄاڻ محدود آهي. تذڪره مجمع الشعراعه
جهانگير شاهي، (ملاقاطعي وفات 1024هه) جي فاضل
مرتب جناب ڊاڪٽر سليم اختر، رياض العارفي جي
راشدي واري ڇاپي کي رفر ڪيو آهي. سال 1976ع ۾،
مٿئين اداري پاران هي ڪتاب ڇاپيو ويو.
[2]
(42) رياض العارفين (جلد دوم):
راشدي صاحب هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته ٻيو جلد ڇاپي هيٺ هو،
جو مذڪوره ادارو ايران جي نئين سرڪار بند ڪرڻ جو
حڪم ڏنو، پوءِ ڪٿي هي تذڪرو شايع ٿيو يا نه، ان جي
خبر خاوند کي!
”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ وڌيڪ ٻن فارسي ڪتابن، ”حالات
فيضي“ ۽ ”محمد صادق مينا“ جو ذڪر پڻ ٿيو آهي.
راشدي صاحب کان روبرو معلوم ڪيو ويو، ته خبر پيئي
ته هي ٻئي مقالا آهن.
مٿي ذڪر ڪيل ڇاپي ذخيري کان علاوه هي ڪتاب پڻ، عمر جي
آخري حصي ۾ محترم راشدي صاحب جي نگرانيءَ هيٺ
تيارٿي رهيا هئا يا وري ترتيب هيٺ هئا.
مثنوي مختار نامه از مير قانع، تصنيف 1194هه/1780ع.
ختم السلوڪ (مثنوي)، از مير قانع، تصنيف 1109هه/1785ع.
تاريخي قطعات (جن جو ذڪر (11) نمبر تي آيل آهي) از مير قانع.
معيار سالڪان طريقت، تذڪرو، از مير قانع، تصنيف 1202هه/1787ع.
تحفته الڪرام (جلد سوم، بخش دوم).
تحفته الڪرام (جلد سوم، بخش سوم).
تاريخ رشيدي، از ميرزا حيدر دوغلات، 953هه/1546ع.
مثنوي مهروماهه، عطا ٺٽوي، تصنيف 1117هه/1705ع.
گلدسته نؤرس بهار، تاريخي دستاويز، از منشي عبدالرؤف.
انشائي عطارد، تاريخي خط ۽ دستاويز،
از شيوڪ رام ”عطارد“.
مثنوي زيبا نگار، ملاضيائي ٺٽوي، سن
1053هه/1643ع.
ٽالپورن جي تاريخ.
راشدي خاندان جون علمي ۽ ادبي
خدمتون.
پير علي گوهر شاه ”اصغر“ جو ڪلام.
تزڪره پوراني سادات (ڪم پورو ٿيل
ٻڌجي ٿو).
تاريخ سنڌ، مغل دور، ادبي بورڊ جي رٿا جو جلد ڇهون.
تاريخ ادبيات سنڌ (اد بيات جي تاريخ
برائون جي طرز تي).
مڪليءَ جي مقبرن تي تاريخي فارسي
شعر.
واقعات ڪشمير (حوالو تڪمله ڪشمير، جلد 4، ص 10).
تعليقات مقالات (غالباَ ان طرز تي، پوءِ ڪشمير جو تڪمله تيا
رٿيو.)
(3) اسان جو جوابداريون
سنڌ جو مايهء ناز اديب، محقق، دانشور، مؤرخ عالم محترم
پير حسام الدين راشدي صاحب جيتوڻيڪ هاڻي هن دنيا ۾
نه رهيو آهي، ليڪن سندن ڇڏيل ادبي اثاثو، علم ۽
ادب لاءِ ڪيل خدمتون ۽ تازو توانو فن ۽ فڪر اسان
وٽ رهندي دنيا تائين موجود رهندا. اسان سڀ جيڪي
سندن عقيدتمند، پوئلڳ ۽ شاگرد سڏايون ٿا ۽ سندن
لاڳاپي تي فخر محسوس ڪريون ٿا تن جو ۽ انهن سڀني
ادارن جو، جيڪي سندن سرپرستيءَ ۾ وڌيا ۽ ويجهيا،
مڙني جو فرض آهي ته پاڻ جيڪي ڪم اڌورا ڇڏي ويا
آهن، تن جو پورائو ڪريون. ان ڏس ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ
ڪنهن حد تائين هيٺيون ڳالهيون آڏو رکڻ ضروري آهن.
(1) راشدي صاحب سنڌ جي ادبي تاريخ جي اها قابل فخر هستي
آهي، جنهن جون علمي ۽ ادبي خدمتون لافاني، يادگار
۽ اڻ مٽ آهن. مناسب آهي ته سندن جامع ۽ مڪمل سوانح
جلدي لکجي ۽ ڇپجي، ته جئن آئينده نسلن جي رهبري
ٿئي. سردست ان ڏس ۾، سندن ”مختصر سوانح“ ئي ترتيب
ڏجي تڏهن به بهتر ٿيندو. افسوس جو هيل تائين سنڌ
جي ڪنهن به عالم يا اديب جي ڪا سوانح نه لکي ويئي
آهي.
(2) راشدي صاحب جي ذاتي ڪتبخاني ۾، سنڌ تي جيڪي فارسي
مخطوطا هئا، تن جو مفصل ڪيٽلاگ تيار ڪري شايع ڪجي،
ته جيئن ريسرچ ڪندن جي رهبري ٿي سگهي. سندن
حياتيءَ ۾ اهڙو ڪيٽلاگ ڊاڪٽر روشن آرابيگم تيار
ڪيو هو، جيڪو غالباَ ڇپجي نه سگهيو آهي. هي ڪم ڪرڻ
لاءِ اسان کي پنجاب يونيورسٽيءَ پاران، مختلف
عالمن جي مخطوطن تي تيار ڪيل فهرستن تان پڻ
رهنمائي وٺڻ گهرجي.
(3) راشدي صاحب جا جيڪي تيار ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب باقي آهن، تن جي
ڇپائيءَ جو جلد از جلد بندوبست ڪرڻ گهرجي.
(4) اهي ڪتاب، جيڪي اسان جي هن عالم وٽ ترتيب ۽ تياريءَ هيٺ
هئا، ليڪن زندگيءَ جي بيوفائي ڪري انهن جو ڪم
اڌورو رهجي ويو، جلد از جلد مختلف عالمن جي حوالي
ڪري قابل اشاعت بنايا وڃن، ته جيئن سندن رهيل ادبي
مشن جو پورائو ٿي سگهي.
(5) مناسب ته ائين آهي ته هنن سڀني ڪمن جي پورائي لاءِ ”راشدي
اڪيڊمي“ ٺاهجي، جتي نه رڳو سندن لائبريري محفوظ
ڪجي بلڪ سندن ذاتي استعمال جي شين کي پڻ محفوظ ڪيو
وڃي.
(6) هنن سڀني ڳالهين جي پورائيءَ لاءِ راشدي صاحب جي ڀائٽي
محترم حسين شاهه راشدي کي پڻ سرگرم ٿيڻ گهرجي.
راشدي صاحب سان راقم الحروف جو ويجهو لاڳاپو صرف هڪ سال
جو رهيو. ان مختصر مدت ۾ وٽانئن محبت ۽ پيار به
مليو، ته خلوص ۽ صداقت به ساڳئي وقت ان ٿوري عرصي
۾ جيڪو ادبي، علمي ۽ تاريخي ذوق، ڏانءُ ۽ فيض هتان
حاصل ٿيو، سو ڪنهن ٻئي در تان شايد سڄي ڄمار نصيب
نه ٿئي ها. مٿي جيڪي ڪجهه لکيو اٿم، سو هن لاثاني
عالم جي محبت، من ۾ پائي لکيواٿم، ٻيءَ صورت ۾
منهنجي ڇا مجال آهي، جو ايڏي وڏي عالم، محقق ۽
دانشور تي آءٌ ڪجهه لکڻ جي دعوا ڪريان! بهرحال
جيڪي رنڍا روڙيا اٿم، اهي ان لاءِ ته:
ڏٺي جادم جکري، چت نه ٻيا چڙهن،
ته ڪي کوهه کن، جه سر لڀي سڀرو؟
(شاهه)
امر جليل
اعتراف
(پير حسام الدين سان منهنجي پهرين ملاقات، ۽ سندس
ڪــــتـــــاب، هــــو ڏوٿــي هـــو
ڏيــنــهــــن، بـــابـــت ڪــجــهه رايــــــا.)
مان سمجهان ٿو، اها 1968ع اونهاري جي هڪ گرم، گهميل، ۽
گهٽ واري شام هئي. مون پنهنجي اڻٿانئيڪي زندگيءَ
جي واقعن کي ياد رکڻ ۽ قلم بند ڪرڻ لاءِ ڪابه
ڊائري نه رکي آهي. مان تنهنڪري، ياد گيرين جي
بنواس ۾ ڀٽڪندي اوهان سان ڳالهائيندس. ان شام
ماحول ۾ ٻوسٽ هئي. بي انتها سوڙهه جو مسلسل احساس
وايو منڊل کي ورائي ويو هو. اونهاري جا اهي ڏينهن
ڏاڍو دلشڪستو ۽ مايوس ڪندڙ هئا،. خوني باز ۽
ڳجهون ٻهروپ ڌاري انهن سرويچن جي سرن ۽ ساهه تي
لامارا ڏيئي رهيا هئا، جيڪي سوچيندا آهن، ۽ آئيندي
۾ پري تائين ڏسڻ جي ڏات رکندا آهن، ماڻهن کي اکيون
هيون، پر هو اڳڪٿي پڙهڻ لاءِ تيار نه هئا، ماڻهن
کي ڪن هئا، پر هو موت جي قدمن جو اواز ٻڌڻ کان
نابري واري بيٺا هئا. سچ ۽ صداقت جي راهه ۾ فنا
ٿيل خوابن جي ڊهه مان، مايوسين ۽ شڪستن جن سيون ۽
ڌاڳا ڳولي، ماڻهن پنهنجا چپ سبي ڇڏيا هئا. ظاهري
طرح زمين تي مڪمل سڪون هو، ۽ آسمان خاموش هو.
خاموش تماشائين جي وچ ۾، مان ايلفنسٽن اسٽريٽ تي بي
مقصد ڀٽڪي رهيو هوس. انهن ڏينهن ۾ سنڌيءَ ۾
ڪهاڻيون لکڻ کان سواءِ مان پاڪستان ٿيثرز ۽ نيشنل
ٿيٽرز لاءِ ڊراما لکندو هوس، ۽ ڊرامن لاءِ
ڊائريڪشن ڏيندو هوس. ڊرامن جا مسودا معمولي قسمجي
ڪامورن آڏو پڙتال لاءِ پيش ڪرڻا پوندا هئا جن
پنهنجي سموري زندگي ۾ نه ڪڏهن ڪو ڊرامو پڙهيو، يا
پيش ٿيندي اسٽيج تي ڏٺو هو، طور طريقا بيهودا ۽
بيزار ڪندڙ هئا.
بجليءَ جي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيئي مان ايلفنسٽن ريسٽورنٽ جي
سامهون بيهي رهيس. اوچتو مٿس منهنجي نطر پئجي
ويئي. سندس گنڀير ۽ مانائتو منهن منهنجي لاءِ
اوپرو نه هو، پر، البت، هو مون کي وڻندو نه هو.
مان کيس پسند نه ڪندو هوس. هو ذري گهٽ قداور ۽ بدن
جو ڀريل هو. هو آهستي هلي رهيو هو. سندس اکين تي
ڪاري عنيڪ چڙهيل هئي. مون اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس
تصويرون ڏٺيون هيون. ان لحاظ کان هو منهنجي لاءِ
اجنبي نه هو. اصل ۾ مان هن لاءِ اوپرو ۽ اجنبي
هوس. اسان جي پاڻ ۾ اڳ نه ڪڏهن ملاقات ٿيل هئي ۽
نه ئي ڪڏهن ڪا ڳالهه ٻولهه ٿيل هئي. هن جي حيثيت
منهنجين نظرن ۾ سرڪاري دانشور برابر هئي، جن کي
تخليقي ادب ۽ اديبن لاءِ خاص ڪري ڪهاڻيڪارن لاءِ
دل ۾ ڌڪار هوندي آهي. ادبي کيتر ۾ اسين مختلف
محاذن ۾ وراهيل هئاسين. هو تاريخدان ۽ مؤرخ هو، ۽
پنهنجين تحريرن لاءِ ماضيءَ مان مواد هٿ ڪندو هو.
مان ڪهاڻيڪار آهيان ۽ سندس گروهه جا دانشور اسان
جي تحريرن کي واهيات سمجهي ڇنڊي ڇڏيندا هئا. حساب
ڪتاب پورو ڪرڻ لاءِ اسان بضد هئاسين اسان جا بزرگ
اديب ۽ دانشور نوجوان ليکڪن جي خيالن ۽ سوچ مان
اتساهه حاصل ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا، ساڳي طرح اسين
تخليقي ادب جا ليکڪ، بزرگن جي تجربي، ۽ سندن دانش
مان ڪجهه پرائڻ پنهنجي لاءِ توهين سمجهندا هئاسين
ٻئي گروهه اهڙي نموني پنهنجي پنهنجي نقصان کان
بيخبر هئا، جيڪو اصل ۾ سنڌي ادب جو گڏيل نقصان هو،
سمورو ادب سڌو سنئون زندگيءَ مان جنم وٺندڙ آهي.
ادب ۾ اظاهر لاءِ مواد هڪ دور ۾ رهندڙ يا رحلت ڪيل
انسانن جي زندگيءَ مان حاصل ڪيو ويندو آهي اسان
ٻنهي گروهن لاءِ مواد حاصل ڪرڻ جو سرچشمو ساڳيو
هو، پر اسين ٻئي گروهه هڪٻئي جي محاذ آرائيءَ واري
حيثيت ۾ هئاسين.
مون ٽيڏي اک سان ڏانهس ڏٺو. اهو ڪو پهريون دفعو نه هو،
جو مون کيس ايلفنسٽن اسٽريٽ تي لهمندي ڏٺو هو،
(ايلفنسٽن اسٽريٽ جو نئون نالو زيب النساعه اسٽريٽ
آهي). مون جڏهن به کيس ايلفيءَ تي گهمندي ڦرندي
ڏٺو هو، مون دانسته، هميشه کيس نظرانداز ڪري ڇڏيو
هو.
هن لاءِ مون پنهنجيءَ دل ۾ بيبنياد ڪروڌ سانڍي رکيو هو.
اصل ۾ سچ پڇو ته سندس بيشمار ادبي ڪاوشن ۽ ڪتابن
مان مون ڪجهه به نه پڙهيو هو. هن جي باري ۾ منهنجو
تجزيو طرفداري، حسد ۽ ڪيني تي ٻڏل هو. انگريزي ادب
جي نقاد ۽ محقق. هينري هڊسن جي لفظن ۾ تجزيو ڪندي
مان پنهنجي راءِ بابت چئي سگهان ٿو ته ادب ۾جيڪي
اسين پسند ڪندا آهيون، ۽ جيڪي اسان کي پسند ڪرڻ
گهرجي، تنهن ۾ بنيادي فرق کان اسان کي ضرور واقف
هئڻ گهرجي، اسان منجهان تمام گهٽ ايمانداريءَ سان
ان فرق کي محسوس ڪري سگهندا آهن. پهرين پسند اسان
جي احساس سان ٻڌل هوندي آهي ٻيءَ پسند جو تعلق
اسان جي اڻ ڄاڻائي ۽لاعلميءَ سان هوندو آهي.
ادبي تجزبي ۾ مان پنهجين اوڻاين کان واقف نه هوس. هن جي باري ۾
منهنجو رايو مبهم ۽ اڻ چٽو هو. بس، مون کي ايتري
خبر هئي ته هو مون کي بنهه نه وڻندو هو. ان کان
وڌيڪ پنهنجي رايي بابت مون کي ڪا پروڙ نه هئي.
هو آهستي آهستي، ايلفنسٽن ريسٽورنٽ سان لڳو لڳ ڪتابن جي
ڪئبن ڏانهن وڌي رهيو هو. منهنجي وجود ۾ ڪروڌ جي
باهه ڀڙڪي اٿي. رت بدران آتش فشان جو رجيل لوهه
منهنجين رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳو.
مون سوچيو، ته هيءُ سمجهي ٿو، اسين تخليقي ادب جا ليکڪ،
جن عوام جي دلين ۾ عزت ۽ احترام وارو مقام حاصل
ڪري ورتو آهي، اسين آواره بدمعاش ۽باغي آهيون!
سندس گروهه جي دانشورن جي رايي مطابق خاص طرح سان
مون سنڌ جي نوجوان نسل کي گمراهه ۽ باغي ۽ ڇڙواڳ
ڪري ڇڏيو آهي!.
تڪليف ۽ ڏک جو احساس مون دل ۾ محسوس ڪيو. ساڳيو سوال
ساهه ۾ چڀڻ لڳو: ته ڇا، مون سچ پچ سنڌ جي نئين ۽
نوجوان نسل کي گمراهه ڪيو آهي! ٽي ايس ايليٽ
پنهنجي هڪ مضمون ۾ هڪ هنڌ لکيو هو ته: هڪ ليکڪ
ڄاڻي ٻجهي، دانسته، پنهنجي دور تي اثرانداز نه
ٿيندو آهي. اهو پڙهندڙن جي احساس تي منحصر آهي، ته
هو سندس تحريرن جو ڪهڙو اثر قبول ڪن ٿا. اثر قبول
ڪرڻ ڪرڻ لاءِ ماڻهو نادانسته طور تي، حالتن
پٽاندڙ، پنهنجي جزٻي جي گهرج آهر اثر قبول ڪندا
آهن ڊي ايڇ لارنس، اثر ڇڏڻ جي معاملي ۾ ڪن لاءِ
فائديمند آهي، ته ڪن لاءِ نقصانڪار.
ادب جو مطالعو ڪرڻ لاءِ تمام ضرور آهي ته ليکڪ جي
تجربي، روح ۽ احساس ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪجي
خبرداري ۽ ڄاڻ سان مطالعو ڪرڻ کان پوءِ ئي اسين
ٻئي شخص جي روح سان رابطو قائم ڪري سگهندا آهيون
ڇا هن شخص کي، جيڪو ٿڪل قدمن سان آهستي آهستي هلي
رهيو آهي، خبر آهي ته تخليقي ادب ڇا کي چئبو آهي؟
مان سوچيندو رهيس ته ڇا هن شخص کي خبر آهي، ته هڪ
تخليق لاءِ ڪهاڻيڪار کي ڪهڙي ڪهڙي ۽ ڪيتري عذاب
مان لنگهڻو پوندو آهي! ڇا کيس خبر آهي ته تخليقي
ادب هڪ وسيع ۽ ڀرپو زندگيءَ جي عڪاسي ڪندو آهي۽
پنهنجي دور جي ترجماني ڪندو آهي!.
ڏانهس ڏسندي، تخليقي ادب بابت سندس رجحان ۽ لاپرواهيءَ
متعلق سوچيندو رهيس، ايتري دير ۾هو ڪتابن جي ڪئبن
تائين پهچي ويو، ۽ ڪتاب کڻي ڏسڻ لڳو، ورق ورائڻ
لڳو اوچتو هن ڪنڌ مٿي ڪري مون ڏانهن ڏٺو مان کانئس
ٻه چار وکون پرڀرو بيٺو هوس. هو مون ڏانهن غور سان
ڏسندو رهيو. مون سوچيو، هو شايد ان خيال سان مون
ڏانهن ڏسي رهيو آهي، ته مان اول کيس سلام ڪندس ۽
پوءِ وڌي وڃي ساڻس هٿ ملائيندس. پر مان پنهنجيءَ
جاءِ تي پٿر وانگر اٽل رهيس. پنهنجي رويي مان مون
کيس پڪ ڏيارڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته هو منهنجي لاءِ
ڪو اوپرو ۽ عام رواجي شخص هو ڄڻ مون کيس نه پئي
سڃاتو! هو منهنجي لاءِ ڄڻ ايلفيءَ تان لنگهندڙ
هزارين ماڻهن مان ڪو هڪ ماڻهو هو! کيس نظر انداز
ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مان ٿڪجي پيس. خيال مٽائڻ خاطر مون
ايلفيءَ جي ٻئي پاسي کان لنگهندڙ ٻن بي انتها
خوبصورت ۽ سهڻين ڇوڪرين ڏانهن ڏٺو.
تڏهن اوچتو، مون کيس پنهنجي سامهون بيٺل ڏٺو، وک کن
پرڀرو مون لڱن ۾ سينياٽو محسوس ڪيو. ان کان اڳ جو
مان پاڻ سنڀالي وٺان، ۽ وري لاپرواهيءَ وارو انداز
اختيار ڪي وٺان، هن منهن تي مرڪ آڻيندي چيو،
”جيڪڏهن منهنجو اندازو غلط نه آهي. ته پوءِ تون
اروڙ جو مست آهين.“
”ڇا!“ مون تعجب وچان هن ڏانهن ڏٺو..
”ڇا تون امر جليل نه آهين!“ هن پڇيو.
مصنوعي فخر وچان چيم، ”ها، مان امر جليل آهيان.“
هن رسالي ”روح رهاڻ“ جي اپريل 1965ع واري پرچي ۾ منهنجي
ڪهاڻي ”اروڙ جو مست“ پڙهي هئي،. ”روح رهاڻ“ رسالو
انهن ڏينهن سنڌي ترقي پسند تخليقي ادب جو نمائنده
۽ مثالي رسالو هوندو هو.
”تنهنجي ڪهاڻي پڙهندي مون سوچيو هو ته، تون پاڻ پنهنجي
ڪهاڻيءَ جي مرڪزي ڪردار جهڙو هوندين.“ سندس چهري
تي مرڪ هئي. هن پيار ۽ پاٻوهه مان مون ڏانهن ڏسندي
چيو، ”اڙي بابا! تون ته هوبهو ”اروڙ جو مست“
آهين!“
مون لا پرواهيءَ سان چيو، ”مان تخليق ڪار آهيان، مان
ڪردار خلقيندو آهيان. تنهنڪري مان پنهنجن خلقيل
ڪردارن جهڙو لڳندو آهيان. ساڳي طرح، منهنجا ڪردار
مون جهڙا محسوس ٿيندا آهن. ان ۾ ڪا به اچرج جهڙي
يا غير معمولي ڳالهه نه آهي جيڪڏهن توهان ڪاميو،
هيمنگوي ۽ دوستوسڪي پڙهيو آهي، ته پوءِ توهان سندس
تخليقن ۾ سندس موجودگيءَ کي ضرور محسوس ڪيو
هوندو.“
هو ڪجهه ڪجهه وائڙو ٿي ويو. مان طاهر ظهور گستاخ ٿي
رهيو هوس. نهايت کهري لهجي ۾ چيم، ”اسين خالق جو
عڪس سندس تخليق ۾ ڏسي سگهندا آهيون. اهڙي طرح
سموري تخليق ۾ پنهنجي تخليق ڪار جو عڪس موجود هوند
آهي. اهو تخليقي ادب ۽ تخليقي عمل جو اصول آهي.“
هن دلڪش مرڪ منهن تي آڻيندي چيو، ”اڙي بابا! تون ته
ڏاڍو ڪو ڪاوڙيل باغي آهين؟“
مان ساهه کڻڻ ۾ سوڙهه محسوس ڪري رهيو هوس. خاموش رهيس.
هن چيو، ”ڪنهن ڏينهن پاڻ گڏجي ويهنداسين، ۽
تنهنجين ڪهاڻين جي باري ۾ ڳالهائينداسين. مون روح
رهاڻ، نئين زندگي ۽ڪونج ۾ تنهنجيون ڪهاڻيون پڙهيون
آهن.“
اوچتو منهنجي وجود ۾ ٻرندڙ جبل خاموش ٿي ويو. ڪروڌ ۽
انتشار جي جاءِ خاموشيءَ والاري ورتي. ”ته ڇا“!”،
مون سوچيو، ”هن منهنجون ڪهاڻيو پڙهيون آهن!“ مون
محسوس ڪيو ته منهنجي سموري ڪروڌ جو بنياد هڪ دٻيل
۽ دفن ٿيل خواهش تي بيٺل هو، ته هو مون کي پڙهي
مون کي سمجهي ۽ ادب ۾ منهنجي موجودگيءَ کي محسوس
ڪري. اڻ سڌي طرح مون سندس ادبي شخصيت جي عظمت کي
قبول ڪري ورتو هو: جيڪڏهن ائين نه هجي ها، ته مان
جيڪر کيس نظر انداز ڪري ڇڏيان ها. پر نه مان کيس
نظر انداز ڪري نه سگهيس منهنجي خواهش هئي ته هو
منهنجون ڪهاڻيو پڙهي ۽ ڪهاڻين کي قبول ڪري.
منهنجي خشڪ چپن تي مرڪ تري آئي.
پنهنجو هٿ مون ڏانهن وڌائيندي چيائين، ” مان حسام الدين
آهيان”بابا“.
مون سندس هٿ، ادب ۽ احترام وچان. ٻنهي هٿن ۾ جهلي ورتو.
تڏهن، سنڌ متعلق سياسي، سماجي تهذيبي ۽ ثقافتي مواد هٿ
ڪري پڙهڻ ۽ پرائڻ لاءِ منهنجي سفر جي ابتدا ٿي
هئي. هن منهنجي وجود ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ قديم آثارن
لاءِ جذبو جاڳائي وڌو.
پير صاحب سان ملڻ ۽ سندن قربت ۾ ويهڻ جي سعادت مون کي
تمام گهٽ نصيب ٿي. هڪ دفعي چرچو ڪندي چيو هئائون،
”اڙي بابا! تنهنجي لکڻ جو انداز ڏاڍو خطرناڪ آهي
ملان توکي آرام سان ويهڻ نه ڏيندا“ اها ڳالهه
1960ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ جي آهي شايد 1969ع جي
آهي گذريل ٻارهن سال مون ذهني تڪليف ۾ گذاريا آهن.
آرام سان ويهڻ ۽ آرام سان زندگي گذارڻ وارا لفظ
مون لاءِ معنيٰ وڃائي ويٺا آهن، مختلف طريقن سان
اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش، مسلسل ڪوشش ڪئي وئي آهي ته
مان ليکڪ نه، بلڪ رهزن آهيان يا جادوگر آهيان ۽
سنڌ جي نوجوان نسل کي گمراهه ڪري رهيو آهيان. ۽
معاشري کي بدڪار ڪري رهيو آهيان.
پير صاحب سان منهنجي ملاقات گهڻو ڪري ايلفنسٽن اسٽريٽ
تي ٿيندي هئي. هميشه گفتگوءَ جي شروعات کلندي ۽
مزاح سان ڪندا هئا. ايلفيءَ تي چڪر ڪاٽيندي ڏسي.
چوند اهئا، ”اڙي بابا! تون اڃا تائين ٻاهر اهين
ڇا!“
”ٻاهر! ڇا مان ٻاهر !“
”جيل مان.“
”ڇو سائين! مون ڪو ڌاڙو هنيو آهي ڇا؟“
”اڙي بابا!“ پير صاحب جن کلي چوندا هئا، ”فلاڻي رسالي ۾
تنهنجي فلاڻي ڪهاڻي پرائي زال ڀڄائڻ واري ڏوهه کان
به وڌيڪ خطرناڪ آهي.“
۽ پوءِ پير صاحب جن دل کولي ٽهڪ ڏيندا هئا.
پير صاحب جن روايتن کان باغي تخليقي اديبن جاگهاٽا دوست
ٿي پيا. اسين هڪ ٻئي لاءِ اتساهه جو سبب ٿي
پياسين. پير صاحب جن تاريخ ۾ تحقيق جو ڪم جاري
کيو. پر وسيع نصب العين سان نئين نسل کي پنهنجي
شاندار ماضيءَ ۾ سرزد غلطين کان اگاهه ڪرڻ جي
اداري سان. پير صاحب جن تاريخ جي تهن مان اهي باب
ڪڍي ورتا، جن ۾ سنڌ جي زوال ۽ ذلت جا اسباب قلمبند
ٿيل هئا. پير صاحب جن مسوس ڪيو ته سنڌ ۽ سنڌين جي
ڪسمپرسي، بدحالي ۽ غربت جو سڀ کان وڏو سبب وڏيرو
آهي، جنهن مسڪين ماڻهن کي پنهنجي مطلب لاءِ،
بيدرديءَ سان استعمال ڪيو آهي. پير صاحب جن جو
صخيم ڪتاب ”هو ڏوٿ هو ڏينهن“ وڏيرن جي ظلم، ڏاڍائي
۽ وطن دشمنيءَ جو دستاويز آهي. صفحي 94 مان هڪ
حوالو ڏيان ٿو:
”ٻاهراڙيءَ جي وڏيرا شاهيءَ جا مشغلا ۽ مسئلا ته
هئا ئي اور: سريتان رکڻ، سينڌيون ويهارڻ، ڪنهن هٿ
نه ڏنو ته ان جي عزيزن کي پوليس کي چرچ ڏيئي
ڦاسائڻ، ڪاٽڪن کي پالي، انهن جي ذريعي، جنهن تي
ڪاوڙ ايندي، انهيءَ جون چوريون ڪرائڻ، خون ٿيو ۽
ڌاڙو لڳو ته مشير ٿي پوليس سان هلڻ، پيسا جيڪي
ملن، تن مان ڪجهه پاڻ کائڻ ۽ ڪجهه پوليس کي چوڳو
ڪرائڻ. پوليس وڏيرن کي استعمال ڪندي هئي ۽ وڏيرا
پوليس کي هٿ جو هٿيو بڻائيندا هئا.“
سمورو ڪتاب وڏيرن جي ظلم بابت سڌن يا اڻ سڌن حوالن سان
ڀريل آهي. صفحي 235 تي پير صاحب هڪ وڏي زميندار
سان، سندس بنگلي تي ملاقات جو ذڪر ڪندي، لکيو آهي:
”هڪ دفعي مان هڪ تمام وڏي زميندار جي بنگلي ۾ ويس، جيڪو
انهيءَ طبقي ۾ طبيعت جي لحاظ سان نهايت سٻاجهو ۽
رهڻي ڪهڻي ۾ نهايت متمدن سمجهيو ويندو هو. ڪجهه
تعليم به هيس ۽ اسيمبلين ۾ مسلمانن جي نمائندگي به
ڪندو هو. ڏٺم ته نوڪرن چاڪرن جا ڪٽڪ ورانڊي ۾ ويٺا
آهن. هڪ آرٽسٽ شرناءِ ويٺو وڄائي، جنهن جي آواز ۽
سر سان سڄو بنگلو ڄڻ ڀريو پيو هو. معلوم ٿيو ته
صاحب پاڻ بيڊروم ۾ لاهور جي ڪنهن طوائف سان خلاصو
ويٺو آهي. نينگر لاءِ معلوم ڪيم، خبر پيئي ته ٻئي
بيڊروم ۾ اهو وري پنهنجيءَ آشنا کي ورتيون ويٺو،
خدا جي نعمتن جا شڪرانا بجا آڻي“.
مان سمجهان ٿو، پير حسام الدين راشديءَ جن پنهنجي ڀاءُ
پير علي محمد راشديءَ جي ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي
شينهن“ کان متاثر ٿي ڪتاب ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“
لکيو هو. ادب جي محقق ۽ نقاد، هينري هڊسن چواڻي:
”هڪ عظيم ڪتاب جي اهميت، سندس ليکڪ جي پنهنجي عظمت
به هوندي آهي. هڪ عظيم ڪتاب جو مواد اصلي ۽
انفرادي هوندو آهي؛ ۽ اهڙي ڪتاب جو پيرايو پڻ اصلي
۽ انفرادي هوندو آهي.“ منهنجو خيال آهي ته ڪجهه
عرصي تائين ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ لازمي طرح
ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جي پاڇي ۾ پڙهيو
ويندو. پر، تنقيدي نگاهه رکڻ وارا، هن ڪتاب کي پير
صاحب جي ادبي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو ڪارنامو تسليم
ڪندا. (جيتوڻيڪ منهنجي پنهنجي راءِ ۾ پير صاحب جو
غير معمولي ڪارنامو مڪلي نامي تي سندن ڪامينٽري
آهي). بهرحال، ڪتاب ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ پير صاحب
جي ذاتي تجربن ۽ مشاهدن جو ڪتاب آهي. پير صاحب هن
ڪتاب ۾ پنهنجي طرفان ۽ پنهنجي باري ۾ نهايت ڪشاده
دليءَ سان ڳالهايو آهي، ۽ صاف گوئيءَ کان ڪم ورتو
آهي. تنهنڪري ڪتاب سان اختلاف رکڻ جي باوجود، هيءُ
ڪتاب پڙهيو ۽ سانڍيو ويندو. لفظن جي چونڊ،
تشبيهون، محاورا، استعارا ۽ جملن جي جوڙجڪ نهايت
دلڪش، ۽ معنيٰ ۽ مفهوم کي عام رواجي معنيٰ ۽ مفهوم
کان وڌيڪ گهرو ۽ معنيٰ خيز ڪندڙ آهي.
منهنجي لاءِ پير صاحب جن سنڌ جا آرنالڊ ٽوائن بي آهن.
سندن ڪتاب ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ پڙهندي مون محسوس
ڪيو ته پير صاحب جن کي تخليقي ادب لاءِ بي پناهه
ڏات مليل هئي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ڪتاب ۾ پير
صاحب پنهنجيون يادگيريون قلمبند ڪيون آهن، ۽ نهايت
واضح ۽ چٽي نموني لفطن ۾ پنهنجي دؤر جي اهم ماڻهن،
دوستن، دشمنن، حادثن ۽ واقعن جي تصوير ڪشي ڪئي
آهي. پر، سندن لکڻ جي اسٽائيل مان تخليقي ادب ليئا
پائيندو رهي ٿو. جيڪڏهن وڌاءُ نه سمجهو وڃي ته مان
چوندس ته هن ڪتاب ۾ پير صاحب جن مئلن کي زندهه
ڪري، جيئرن جي وچ ۾ آڻي بيهاريو آهي.
تشبيهن، استعارن ۽ محاورن جي ڳالهه هلي آهي، ته مان
هرمن ميليول جي ڪتاب مابي ڊڪ جي حوالي سان پير
صاحب جو ذڪر ڪندس، گهڻو اڳ مون هر من ميليول (Herman
Melville)
جو ناول مابي ڊڪ (Moby
Dick) پڙهيو هو. وهيل مڇيءَ جي اڇاڻ ۽ چمڪ جي باري ۾ هرمن ميليول جا
لاڳيتا اٺ صفحا پڙهي مان حيران ٿي ويو هوس. مون
هميشه انهن اٺن صفحن کي ادب جو لازوال ورثو سمجهيو
۽ قبول ڪيو آهي. اهي اٺ صفحا ايترا موهيندڙ ۽ دل
تي اثر ڪندڙ آهن، ۽ ايتروئي غير معمولي آهن جيترو
چارلس ڊڪنس جي ناول ”ٽيل آف ٽوسٽيز“ جي شروعات يا
ڪرشن چندر جي ناول ”غدار“ جي پڄاڻي. پير صاحب جو
ڪتاب ڪردار نگاريءَ سان ٽمٽار آهي. جن ماڻهن جو
پير صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي، سي ڪيئن هئا،
ڪهڙا هئا ۽ سچ پچ اهڙا هئا، جهڙي نموني پير صاحب
جن کين چٽيو آهي، ان باري ۾ مان ڪجهه به چئي نٿو
سگهان. پر جهڙي انداز ۽ پيرايي ۾ پير صاحب جن سندن
ذڪر ڪيو آهي ۽ منظر چٽيو آهي، هو سڀيئي ساهه جي
آواز ۽ دل جي ڌڙڪڻ سميت اسان آڏو اچي بيهي رهيا
آهن. مون اصل ۾ هرمن ميليول جي حوالي سان پير صاحب
جو ذڪر پئي ڪيو. هر من ميليول وهيل مڇيءَ جي اڇاڻ
۽ چمڪ جي وضاحت لاءِ سڄا سمورا اٺ حيرت انگيز صفحا
لکيا آهن، پير صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ قمبر جي هڪ
طوائف جو تذڪرو ڪيو آهي. سندس نالو هاج هو. سندس
سونهن ۽ سوڀيا، انگ ۽ انگل، ناز ۽ نحرن، چاره گري
۽ جادو گريءَ بابت پير صاحب سڄا سمورا سورهن صفحا
لکيا آهن. اعتبار ڪرڻ لاءِ سندن ڪتاب جا صفحا 65
کان 112 پڙهڻ ضروري آهن.
مون تحمل سان هن ڪتاب تي تنقيدون ۽ تنقيدي رايا ٻڌا
آهن. منهنجو مضمون انهن تنقيدن لاءِ نه ته جواب
آهي ۽ نه ئي ڪتاب جي بچاءَ ۾ لکيو ويو آهي. هيءُ
ڪتاب مون کي ان ڪري وڻيو آهي. جو هن ڪتاب ۾ اهڙن
ڪردارن جو ذڪر به آيو آهي، جن بابت اڻڌي طرح، يا
سڌي طرح سنڌي تخليقي ادب ۾ بيشمار ڪهاڻيون لکيون
ويون آهن هن ڪتاب ۾ هڪ اهڙي ڪردار جو نالو رمون
مڪراني آهي. پير صاحب جن پنهنجي ڪتاب جي صفحن 278
۽ 279 تي رمون مڪرانيءَ کي جيئرو ڪري ڇڏيو آهي. هو
هوبهو اسان جي جديد ڪهاڻيءَ جي باغي، سرڪش، ظاهري
طرح سخت پر دل جي ڪومل ڪردارن جهڙو آهي.
پير صاحب جن هي ڪتاب، پهرين دل جي دوري کان پوءِ، 1960ع
۾ لکيو هو. هيءُ پهاڙ جيڏو ڪتاب پير صاحب جن فقط
ڇهن مهينن ۾ لکيو، (دل يقين ڪرڻ لاءِ تيار نه
آهي!) مان سمجهان ٿو، ته ڪتاب جا ڪجهه حصا پير
صاحب جن پنهنجي هٿ اکرين لکيا آهن، ڪجهه حصا زباني
طرح بيان ڪندي لکرايا آهن، ۽ ڪجهه حصا ٽيپ رڪارڊر
تي ٽيپ ڪيا آهن، جن کي بعد ۾ ڪاغذن تي اتاريو ويو
آهي. اهي منهنجا انومان آهن. ان باري ۾ مان پڪ سان
ڪجهه به چئي نٿو سگهان. مون محسوس ڪيو آهي ته ڪجهه
هنڌن تي لکيل ٻوليءَ بدران ڳالهايل (Spoken
Language)
استعمال ڪئي وئي آهي. مثال طور، صفحي 58 تي جذبات
بدران جذباتن استعمال ڪيو ويو آهي، ساڳي طرح ڳالهه
ٻولهه ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ”ڪاڏينهن“ صفحيٰ 111 تي
استعمال ڪيو ويو آهي جيڪو اصل ۾ ڪيڏانهن هئڻ گهرجي
صفحي 121 تي ڳالهه ٻولهه وارو لفظ مسالو آيل آهي،
جيڪو صحيح صورت ۾ مصالحو هئڻ گهرجي. ان قسم جون
معمولي غلطيون ڪتاب ۾ اڪيچار آهن، جيڪي سولائيءَ
سان پروف پڙهندي، يا مسودو نظر مان ڪڍندي دور ٿي
سگهيون ٿي.
هيءُ هڪ عظيم، دانشور جو اهم ڪتاب آهي، جنهن کي پنهنجي
وطن، وطن جي مٽيءَ ۽ وطن جي ماڻهن سان محبت هئي.
هن ڪتاب مان ڪجهه تيز لفظ (مثال لاءِ ڏسو صفحو
241) سولائيءَ سان ڪڍي سگهجن ها.هن ڪتاب جو مسودو
اسان جي دور جي وڏي عالم ۽ دانشور سائين محمد
ابراهيم جويي نظرن مان ڪڍيو هو.
ڪجهه ليکڪن ”مهراڻ“ذريعي فارسي مخطوطن ۽ ڪتبن
جي اشاعت تي آرهائي ڏيکاري آهي. ان ڏس ۾ کين
”سه ماهي اردو“ جو مثال پڻ آڏو رکڻ کپي. پڪ
سان اردو وارا، اسان کان وڌيڪ ٻولي پرست آهن،
تاهم هو پنهنجي علمي اثاثي (پوءِ اهو ڪهڙي به
زبان ۾ هجي) کي هميشه ساهه سان سانڍيو اچن.
”رياض
العارفين“ جو هڪ قلمي نسخو، انجمن ترقيءَ اردو
ڪراچيءَ جي ذخيري ۾ (صفحا، 562) موجود آهي
(ڏسو، مخطوطات انجمن فارسي و عربي ص 82، مرتب
سيد سرفراز علي رضوي).
|