انگريزن سنڌ کي آزاديءَ کان محروم ڪري، ان کي پنهنجي
آزادي پسند روايتن کان واقف ڪيو. يورپ تيسين
پنهنجي جديد تاريخ جي راهه ۾ پنج بنهه اهم ۽ وڏا
قدم کڻي چڪو هو، جن اُن جي قومن کي سچ پچ به ته
سرخاب جا پَر لڳائي ڇڏيا هئا ۽ اُهي دنيا جي قومن
۾ سرخروئيءَ ۽ انهن جي سربراهيءَ لاءِ تيار هيون.
اُهي پنج قدم انساني ارتقا جا ڪي جهڙا تهڙا قدم به
ڪونه هئا، پر واقعي اهي غير معمولي، بلڪ عصر آفرين
قدم هئا- ڇو ته انهن سان يورپ کي، نئين سر، تاريخ
جي، وقت جي، اُها قوت حاصل ٿي چڪي هئي، جنهن سان
ان جا ماڻهو يا ان جون قومون حقيقتن کي بدلائي به
۽ قائم به ڪري ٿي سگهيون. ان جا اهي قدم هي هئا:
سجاڳي (Renaissance, 1400-1500)،
اصلاح (Reformation,
1500-1600)،
صنعتي انقلاب (Industrial Revolution, 1600-1700)
آمريڪا جي جنگ آزادي- 1776ع، ۽ فرينچ انقلاب-
1789ع. سجاڳيءَ جي تحريڪ، جنهن کي ”ذهني انقلاب جي
تحريڪ“ به سڏجي ٿو، تنهن يورپي معاشري جي آڏو
انساني فڪر ۽ عمل جا ٻه مسئلا حل ڪيا: پهريون
مسئلو هيءُ هو ته علم، پنهنجي سرشٽيءَ ۽ اوسر
۾،ارضي هو يا سماوي، ۽ چيو ويو ته علم ارضي هو- جو
ڪجهه به علم سماويه ٿي چيو ويو، ان جو مُنڍ به
انساني ذهن جو، ۽ ’اندر جي ٻُوجهه‘ (Intuition)
به انسان جي اندر جي ٻُوجهه ئي هئي: ٻيو مسئلو هو
ته انساني ارادي ۽ عمل ۾ مجبور هو يا مختار، ۽ چيو
ويو ته مختار هو- اُنهن جي نوع يا دائري ۾ جا ڪجهه
انسان جي مجبوري هئي، ان کان آزاد ٿيڻ جا امڪان به
انساني قسم جا هئا ۽ انهن جي استعمال جو معاملو به
انساني معاملو هو. سجاڳيءَ جي هن تحريڪ يورپ جي
معاشري کي جا اخلاقي قوت عطا ڪئي، سا ٻِٽي قوت هئي
۽ اُها هئي انسان شناسيءَ (Humanism)
۽ فرد شناسيءَ (Individualism)
جي قوت. ان کان پوءِ، يا ان سان گڏوگڏ، ”اصلاح“
جنهن کي ”مذهبي انقلاب“ به سڏيو ويو آهي، تنهن وري
يورپ جي معاشري جي آڏو صدين کان رائج انسانن جي
مذهبي طرز فڪر جا ٻه مکيه مسئلا حل ڪيا: هڪڙو هو
انسان ۽ خدا جي تعلق جو، ۽ چيو ويو ته اُهو سڌو يا
بلا واسطي هو ۽ نه اڻ سڌو يا باالواسط: ۽ ٻيو هو
نيابت الاهيه ۽ اقتدار الاهيه جي دعوائن جو، جن
لاءِ چيو ويو ته اُهي الڳ الڳ ڳالهيون نه هيون، پر
لازم ملزوم بلڪ هم معنيٰ ڳالهيون هيون. پهرئين
مسئلي جي حل جي نتيجي طور مذهب سياست کان الڳ ٿيو
۽ فرد جو واسطو خدا سان براهه راست موجود سمجهيو
ويو، ۽ ٻئي مسئلي جي حل سان ”سلطانيء جمهور“ جي
ڳالهه صاف ٿي، يعني هيءَ ڳالهه ته حڪومت، جا،
بهرحال، انساني ئي رهڻي هئي، ان جو اقتدار ڪنهن
فرد کي يا ڪن فردن کي انسانن هٿان ئي منتقل ٿيو ٿي
۽ نه خدا کان- ڇو ته نيابت الاهيه ”انسان“ لاءِ
يعني ”انسانن“ لاءِ هئي، نه ڪنهن خاص فرد يا فردن
جي ٽولي لاءِ- مطلب ته بادشاهن يا آمرن جي ”خدائي
سَنَد“ (Divine
right of kings and dictators)
يا ”مامور من الله“ (Appointee of God)
واري دعوا ختم ٿي. ٻين لفظن ۾، مذهبي اصلاح جي
تحريڪ سان يورپ جون قومون ارضيت يا دنويت
(secularism)۽
جهوريت (Democracy)
سان روشناس ٿيون. ”سجاڳيءَ“ ۽ ”اصلاح“ جون هي
تحريڪون دراصل پادريت جي (علمي) جهالت، (قولي)
منافقت ۽ (علمي) مردوديت ۽ ان جي فڪري بگاڙ ۽
اَبتريءَ جي خلاف احتجاج جون تحريڪون هيون. هنن ئي
مسئلن جا لڳ ڀڳ اهڙا حل يورپ جي هنن تحريڪن کان
ڪيئي سَوَ سال اڳ اسلام به دنيا کي پيش ڪري چڪو
هو، (جنهن انساني فڪر ۽ عمل جي اصلاح يا تزڪيي جي
سلسلي ۾ مذهبياتي انقلابي سلسلي جي خاتمي جو اعلان
ڪيو)- ايتري قدر، جو يورپ جي انهن تحريڪن جي فڪري
محرڪات جا بنياد اسلام جي اُنهيءَ اصلوڪيءَ ڪشاده
ذهن ۽ آزادي بخش تعليم ڏانهن به منسوب ڪيا ويا
آهن؛ ۽ دراصل اهي حل خود مسيحي تعليم ۾ پڻ، ڪجهه
واضح ۽ ڪجهه ابهامي انداز ۾، موجود ئي هئا- جيئن
”اصلاح“ جا مفڪر ۽ دانشور پنهنجي پنهنجي اهڙي موقف
جا حوالا ۽ سَنَدون مسيحيت جي ڪتاب مقدس يعني
بائيبل مان ئي وري وري ڪڍي، پادرين ۽ پنهنجن
ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪندا ٿي رهيا ۽
انگريزن جي سنڌ ۾ اچڻ وقت ته خود اسلامي پادرين (-
ملائيت) جيڪا، مسيحي پادريت وانگر ئي، پوءِ جي وقت
۽ حالتن جي بگاڙ ۽ پستيءَ جي پيداوار هئي، اِنهن
مسئلن جا اهي ترقي پسند حل وساري، اُهي ئي انهن
تاريڪ ذهن مسيحي پادرين جا قرون وسطيٰ وارا
جاهلانه، منافقانه ۽ شاطرانه حل پنهنجي پنهنجي خود
ساخته فقهي تعليم مان اخذ ڪري، وقت جي اقتدار
ابليسيه جا همدم، هم مجلس ۽ سڻڀ ۽ سرمائيءَ ۾
حصيدار بنيا بيٺا رهيا، ۽، نتيجي طور، نه هو پاڻ،
جيڪي پاڻ کي ”معرفت الاهيه جا امين“ سڏيندا هئا، ۽
نه سندن اهي انسان ناشناس ۽ فرعون طبع جا حاڪم
جيڪي ”اقتدار الاهيه“ جا دعويدار هئا ۽ جن کي هنن
’ظل الله‘ ٿي سڏيو، انگريزن جي غلاميءَ کان سنڌ کي
بچائي سگهيا- ڇو ته هو ائين ڪرڻ کان قاصر هئا.- ڇو
ته انگريز پوئتي خود پنهنجي معاشري ۾، سندن ئي
جهڙن باطل ظل الاهين ۽ عرفان الاهيه جي دعويدار
منافقن ۽ اقتدار پرستن کي ڊوڙائي ڊوڙائي، ڪيرائي،
زمين دوز ڪري آيا هئا. ان کان وڌيڪ، هي انگريز
صنعتي انقلاب جي سائنسي قوت پيداوار ۽ اعليٰ هنر
۽ حرفت جا صاحب هئا، ۽ آمريڪا جي جنگ آزاديءَ ۽
فرينچ انقلاب جي قومي ۽ انساني حقن ۽ سماجي انصاف
جي اصولن جا حامي نه، ته به واقف ضرور هئا. پوءِ
جڏهن هتان جا محڪومَ پنهنجن حاڪمن کي منهن ڏيڻ
جهڙا ٿيا، تڏهن جڳ مشهور شيڪسپيئر جي ناٽڪ ”Tempest“
جي ڪردار، وطن ۾ بي وطن ”غلام“ (Caliban)
وانگر، کين حاڪمن جي اها آزاديءَ ۽ انساني حقن جي
”ٻولي“ ڪم آئي، ۽ ان ۾، مدمقابل بيهي، هنن سان هو
پنهنجي ”مسئلي“ جو نبيرو ڪرڻ لڳا- قومي مسئلي جو،
قومي وجود، ان جي وقار ۽ ان جي زندگيءَ جي مسئلي
جو. ۽ اِهو سندن بزرگن، اديبن، عالمن ۽ محققن جي
لڳ ڀڳ هڪ سؤ سالن جي ڪم جو ڪرشمو هو (جن سان هن
ڪتاب جي صاحب عاليجناب پير حسام الدين راشديءَ
جهڙا ڪيئي محب وطن، مخلص ۽ محنت ڪش اديب ۽ عالم،
پنهنجي پنهنجي واري سان، شامل ٿيندا رهيا)، جو
هتان جي ماڻهن ايتري قدر ۽ انهي نوع ۾ پاڻ سڃاتو،
۽ نيٺ دنيا جي هن هيڻي ۽ خاموش خطي ۾ به باندين
جا هڪ ڀيرو ٻيهر بند خلاص ٿيا ۽ پنهنجي ست سمنڊ
پار حاڪمن کان هنن آزادي حاصل ڪئي.
قومي خود آگهيءَ جا نشان ۽ ڏَس، آزاديءَ جي نئين اُفق
جي نگاهه ۽ اوڏانهن ويندڙ ورشنيءَ جي چمڪدار ليڪ
جو ڏُور ڏُور دَهو، جيئن مٿي چيو ويو، غلام قوم کي
پنهنجي تاريخ جي ڄاڻ مان پراپت ٿين ٿا. پوءِ جيئن
ڪو سڻوپرو اسڪولي ٻار ٿيلهي مان ڪتاب ڪڍي وري وري
پيو ڏسندو آهي، يا ڪو عام اڻ پڙهيل ٻار به پنهنجي
گود ۾ پيل رانديڪا ئي هيٺ مٽيءَ ۾ اُڇلي وري وري
پيو انهن کي ڇُهندو ۽ کڻندو ڪندو آهي، تيئن اُها
قوم به پنهنجي ماضيءَ جون اڻ شماريل ۽ اڻ بيانيل،
ڪجهه سمجهيل ۽ ڪافي ڪجهه نه سمجهيل، ڳالهيون هڪ هڪ
ڪري ۽ وري وري پيئي اُٿلائيندي پٿلائيندي آهي.
ماضي هونئن به گهڻي قدر اڻڃاتل هوندو آهي، نه فقط
اڻڃاتل پر اڪثر اَڻڄاتل يعني ”ڄاڻڻ، کان بلڪل نه
ته به ڪافي ڪجهه ٻاهر هوندو آهي. ۽ پوءِ هر دؤر
پنهنجي ماضيءَ مان، ۽ ٻين جي ماضيءَ مان، پنهنجي
پنهنجي مطلب جا سبق وٺندو آهي. قومن جا وڏا ڪتاب
جن لاءِ هنن جي دعوا هوندي آهي ته خدائي ڪتاب آهن-
ويد، زنداوستا، بائيبل، قرآن ۽ ٻين
قومن جا اهڙا مقدس خدائي ڪتاب- سڀ پنهنجي پنهنجي
دنيا جي ”پراڻن“ ۽ پنهنجي پنهنجي دؤر جي سوچ ۽
ضرورت سارو سمجهيل ”قصن“ جا ڪتاب آهن؛ اهڙيءَ طرح
ديومالائي ڳالهيون ۽ نسل بنسل منتقل ٿيندڙ طويل
داستان ۽ ڪٿائون پڻ قومن جي ماضيءَ جا قصا آهن ۽
انهن سڀني ۾ سندن بزرگن، ڏاهن، نيڪ مردن ۽ بهادرن
جون ڳالهيون، ۽ سندن مخالفن ۽ مخالف حادثن ۽ مشڪل
حالتن جا احوال بيان ٿيل آهن- جي ڪافي عرصو ته
زباني طور وٽن محفوظ هئا، ۽ اُها سندن ’زباني
تاريخ‘ هئي، جا پوءِ لکي ويئي ۽ سندن ’لکيل تاريخ‘
ليکجڻ ۾ آئي- بهرحال، اِهو سڀ قومن جي آزاد
زندگيءَ يا آزاديءَ لاءِ سندن امنگ ۽ عمل جو دفتر
آهي. اِها سندن سياسي تاريخ آهي ته سماجي ۽ ذهني
تاريخ به آهي- ان ۾ اوهان کي جديد تاريخ نويسيءَ
جا نفسياتي، فلسفيانه، ادبياتي، سوانحي، لوڪ پريه
۽ عالمانه انداز به ملندا. پر تاريخ خواصن جي هجي
يا عوامي (عام جي)، تاريخ نئين هجي يا پراڻي يعني
ان جي پيشڪش جا انداز ڪهڙا به هجن، تاريخ ڪنهن شخص
جي هجي، اداري جي هجي يا ڪنهن فڪر يا نظريي جي،
بهرحال تاريخ بي مقصد ڪانه ٿي ٿئي، ۽ مقصد ان کي
جانبدار بنائي ٿو. تاريخ جي هيءَ مقصديت يا
جانبداري بذات خود تاريخ جي عظمت يا خساست جو دليل
به نه آهي. ان جو فيصلو مقصد جي وٿ يا قدر جي وزن
تي ٿيڻو آهي. تاريخ کي پڙهڻ انهيءَ ڪري، ڏاڍي هڪ
دلچسپ شيءِ ته آهي ئي، پر وڌيڪ دلچسپ شيءِ ان کي
سمجهڻ آهي. ۽ تاريخ کي سمجهڻ جي معنيٰ آهي ان جي
مقصد کي سمجهڻ ۽ مقصد کي سمجهي ان جي وٿ جو وزن
ڪرڻ. تاريخ جي لکڻ لاءِ ته پهريون شرط اهو، يعني
ان جي مقصد جو تعين آهي. اِن جي معنيٰ اِها ڪانهي
ته تاريخ جا پڙهندڙ يا تاريخ جا لکندڙ اها ڳالهه
ڪانه ٿا سمجهن يا ائين ڪونه ٿا ڪن. تاريخ جو هر
پڙهندڙ ۽ لکندڙ نه، ته به اڪثر ان پڙهندڙ ۽ لکندڙ
تاريخ کي سمجهن ٿا. پر تاريخ جي هيءَ سمجهه هڪ
سمجهه ڪانهي. ۽ جهڙي ۽ جيتري اُها سمجهه، اُهڙو ۽
اوتري انداز ۽ نوع سان ان کي لکيو ويندو ۽ پڙهيو
ويندو. فاتحن جي لکيل تاريخ ۽ غلامن جي لکيل تاريخ
۾ وڏو فرق ٿئي ٿو. واقعي ۾ ملوث ڏاڍي پاران ان جو
بيان ۽ هيڻي پاران لکيل تاريخ ۾ وڏو فرق ٿئي ٿو.
واقعي ۾ ملوث ڏاڍي پاران ان جو بيان ۽ هيڻي پاران
ان جو بيان ٻه جدا جدا ڳالهيون هونديون آهن.
انهيءَ طرح، ڪو غير جانبدار تاريخ نويس، جو تاريخ
جو صحيح ڄاڻو ۽ پارکو به هجي، ڪنهن حسن اتفاق سان
ڪنهن قوم کي يا ڪنهن دؤر کي ملي ٿو. تاريخ جو مڃيل
عالم، ايڊورڊ گبن، مملڪت روما جو هڪ اهڙو يگانو
تاريخ نويس شمار ٿئي ٿو. ٽيويهه سال (87-1764) هن
کي ”مملڪت روما جي ضعف ۽ زوال جي تاريخ“ (ڇهه جلد)
لکڻ ۾ لڳا، جنهن جو اختصار 950 صفحن جي هڪ جلد ۾
پيش ڪندي، اختصار ڪندڙ هڪڙي عالم، گبن کي ”دنيا جي
ٿورن وڏن تاريخ نويسن مان هڪ“ سڏيو آهي. گبن
پنهنجي هن ايڏيءَ وڏيءَ، طويل مدت، مشڪل ۽ بي مثل
محنت جي شروع ۾ تاريخ نويسيءَ جي ڪم جي نوعيت ۽ پڻ
مقصد جو ذڪر ڪندي لکيو ته ”تاريخ نويس تي لازم آهي
ته مذهب، ڌرتيءَ تي پنهنجي طويل قيام دوران، جيڪا
خوش اعتقادي ۽ خرابي هڪ ڪمزور ۽ ابتر قوم ۾ آڻي
جمع ڪري ٿو، اڻ جي پوري تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري.“
تاريخ نويس جي فرض جو ائين عمومي ذڪر ڪندي، هُن
خاص پنهنجي مقصد جي هنن لفظن ۾ وضاحت ڪئي: ”مملڪت
روما جي تاريخ جو هڪ تمام اهم ۽ لازمي پاسو يا حصو
هيءُ آهي ته مسيحيت جي فروغ ۽ قيام بابت پوري
پوري، صاف گو ۽ عقل تي مبني تفتيش ڪئي وڃي“. مملڪت
روما جي زوال جي تاريخ ۾ مذهب ۽ بربريت جي فتح جو
داستان بيان ڪيو آهي!“ ۽ مملڪت روما جي زوال جا
بنيادي ۽ اصل سبب هُن ٽن لفظن ۾ ڏنا: ”مذهب بازي،
لشڪر شاهي ۽ اندروني نفاق“. ۽ ايڏي پنهنجي هڪ بي
مثل ۽ بي غرض مطالعي کان پوءِ، اهڙي هڪ اهم ۽ خالص
فڪري نتيجي جي اخذ ڪرڻ تي، گبن کي، ڪن نظرياتي
گروهن مان ”منڪر خدا“ جا الزام ٻڌڻا پيا!
ته پوءِ تاريخ جو مطالعو ۽ تاريخ جي تحقيق ڇا آهي؟
پهرين ڳالهه ته، جيئن مٿي چيو ويو، ماضي ڇاڪاڻ ته
گهڻي قدر اڄاتل ۽ ڪافي ڪجهه اڄاڻ آهي، اِنهيءَ ڪري
ماضي بابت تقريباَ هي ٻيءَ ڳالهه ۾ اختلاف جي
گنجائش موجود آهي يا ڪري سگهجي ٿي. ٻيو ته سچ جي
ڳولا ڪرڻ ۽ سچ کي لڪائڻ- اِهي ٻه شيون انساني
معاشري ۾ مفاد سان وابسته آهن. (-زور جو، اقتداري)
مفاد، جيڪو اصلاَ ناجائز مفاد آهي، ڇاڪاڻ ته اُن
جي قائم ٿيڻ ۽ قائم رهڻ جو مدار ئي تشدد ۽ فريب تي
آهي، لازماَ سچ کي لڪائڻ جي عمل سان پاڻ کي وابسته
رکي ٿو؛ ۽ انساني (-پيار جو، اُنسياتي) مفاد، جيڪو
اصلاَ جائز مفاد آهي. ڇاڪاڻ ته اُن جي قائم ٿيڻ ۽
قائم رهڻ جو مدار ئي باهمي اعتماد ۽ آزاد مرضيءَ
تي آهي، لازماَ سچ کي پڌري ڪرڻ جي عمل سان پاڻ کي
ڳنڍيل رکي ٿو. محڪوم ۽ مظلوم شخص يا قوم جي دلچسپي
آزاديءَ ۽ ظلم کان نجات ۾ آهي— يعني پنهنجي ۽
خارجي دنيا جي وچ ۾ باهمي انساني مفاد جي تعلق جي
قائم ٿيڻ ۽ قائم رهڻ ۾، ۽ اُن لاءِ هن جي سڄي ڪوشش
لازمي طرح هيءَ هوندي آهي ته مٿس حيواني (يعني زور
جو، اقتداري) مفاد جيڪو قابض آهي ۽ جنهن جو قبضو
ناجائز هو، ڇاڪاڻ ته اُهو سندس مرضيءَ جي خلاف،
فقط ڪوڙ ۽ ڏاڍ سان، مٿس قائم ٿيو هو ۽ قائم رهندو
ٿي آيو، ۽ اُڻ کي هن ڪڏهن به ڪونه قبوليو هو، اُن
قبضي جي سڄيءَ صورتحال جو سچ ظاهر ٿئي ته جيئن
دنيا ۾ اُهو خوار ٿئي، اخلاقي طور ڪمزور ٿئي ۽
ائين اُن مان نجات جي جدوجهد جي ڪاميابي ممڪن ٿئي
۽ آسان بڻجي. اُن جي برعڪس زور جي قابض ۽ بالادست
مفاد جي سڄي ڪوشش پنهنجي وجود جي ڪوڙ کي لڪائڻ ۽
اُن کي چکي مکي سچ جي ڏک ڏيارڻ جي هوندي آهي.
تاريخ نويسيءَ جا اِهي الڳ الڳ بلڪ متضاد ٻه رخ ته
آهن ئي، پر اُنهن ٻنهي جي وچ ۾ اُن جو هڪڙو ٽيون
رخ- بي خطر، غير اهم، بي تعلق ۽ بي وقتو رخ- به
هوندو آهي، جنهن کي اوائي، توائي يا هوائي رخ به
چئي سگهجي ٿو، ۽ اُن کي اڪثر ”غير جانبدار“ رخ
چئي، ڪي تاريخ جا لکندڙ ۽ اُن جا ’عالمانه‘ محقق
ظالم مفاد ۽ مظلوم مفاد، حيواني مفاد ۽ انساني
مفاد، جائز مفاد ۽ ناجائز مفاد ٻنهي جي آڏو سرخرو
۽ مقبول ٿيڻ چاهيندا آهن- هڪڙا شعوري طور ائين
ڪندا آهن ۽ ٻين جو اُهو عمل غير شعوري هوندو آهي-
پر شعوري يا غير شعوري مطالعي يا تحقيق جو اِهو رخ
ڦري گهري، وري به معاشري جي قائم ۽ موجود ڏاڍ ۽
ڪوڙ جي مفاد (حيواني مفاد) جي ڪم ايندو آهي ٻيو
نه، ته اُن جي خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ هيڻائي ۽
مونجهارو ته ضرور پيدا ڪندو آهي. هن سلسلي ۾ هڪڙي
آمريڪي عالم، پال بارَن (Paul
Baran)
جي مضمون ”دانشور جي سرسيتائي“ جو هڪڙو حوالو تازو
منهنجي نظر مان گذريو، جيڪو البت طويل آهي، پر
مطلب واضح ڪرڻ لاءِ اُهو سڄي جو سڄو پيش ڪرڻ هتي
مناسب ٿو سمجهان.
بارن، پنهنجي مضمون ۾، چوي ٿو: ”دانشور جو دلي لڳاءُ يا
هن جي سرسيتائي، لازمي طور ۽ لٿي پٿي، سچ جي تلاش
جي فرض سان آهي... پر اِنهيءَ چوڻ سان جيتوڻيڪ هُن
جي بنيادي ذميداريءَ جي نشاندهي ته ضرور ٿئي ٿي،
پر سڄي مسئلي جي وضاحت وري به ڪانه ٿي ٿئي. ڇاڪاڻ
ته مسئلو رڳو اِهو ناهي ته آيا، سچ ٻڌايو پيو وڃي
يا نه، پر اهو به آهي ته ’موجوده حالت‘ ۾ سچ ڇا ۾
آهي ۽ ڪهڙيءَ شيءِ بابت اِهو ٻڌايو پيو وڃي ۽
ڪهڙيءَ شيءِ بابت اُهو نه پيو ٻڌايو وڃي... اِن
ڳالهه جي تلاش اڪثر اهڙين شين ۾ ۽ اُن جو اظهار
اڪثر اهڙين شين بابت ڪيو وڃي ٿو، جيڪي بي وقت،
بيجا ۽ غير اهم آهن، ۽ اِنهيءَ طرح اِن قسم جي سچ
جو پيڇو ۽ اُن جو ور ور اعلان يا هوڪو رڳو ’موجود
صورتحال‘ جو طاقتور هٿيار بنجي پوي ٿو. ٻئي طرف،
اُن شيءِ بابت سچ ٻڌائڻ جيڪا اهم آهي، اُن شيءِ جي
سڄي سچ جي تلاش ڪرڻ ۽ سچيءَ اُن شيءِ جي الڳ الڳ
حصن ۽ جزن جي سماجي ۽ تاريخي سببن ۽ اندروني لڳ
لاڳاپن کي ڳولڻ ۽ پڌرو ڪرڻ- اِنهيءَ علمي ڪوشش ۽
فڪري عمل تي اڪثر پيشه ورانه تعصب ۽ عداوت، سماجي
تَڏَ ۽ تابَ، عدم تعاون ۽ اذيت، ۽ ظاهر ظهور ڏاڍ ۽
ڏهڪاءَ جون سزائون عائد ٿين ٿيون.... انهيءَ ڪري
سچ ٻڌائڻ جو امنگ يا خواهش دانشور هئڻ جو فقط هڪڙو
شرط آهي. ٻيو اُن جو شرط آهي بي ڊپائي ۽ همت، ۽
عقل تي مبني تحقيق (-سچ جي ڳولا) جيڏانهن به نئي
اُن کي اوڏانهن نيَڻَ لاءِ تيار رهڻ، ’هر موجود
شيءِ جي بي قياس تنقيد ڪرڻ- بي قياس اِنهيءَ معنيٰ
۾ ته پنهنجن حاصل ڪيل نتيجن کان، يا بيٺل اقتدار
سان ٽڪر ۾ اچڻ کان، تنقيد نه ڪڏهن ڊڄندي نه ڪڏهن
هٽندي.‘ انهيءَ طرح هڪ دانشور اصل ۾ هڪ سماجي نقاد
آهي- هڪڙو اهڙو شخص، جنهن جو ڪم آهي (شين جي،
ڳالهين جي) سڃاڻپ ڪرڻ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، ۽ اِئين هڪَ
بهتر، وڌيڪ انساني (پيار جي، اُنسياتي) ۽ وڌيڪ
عقلائتي سماجي نظام جي قائم ٿيڻ جي راهه ۾ جيڪي
رنڊڪون آهن، اُنهن جي ذهني ۽ علمي پگهاردارن وٽ،
جيڪي ’موجود حالت‘ کي محفوظ ۽ مامُونُ رکڻ چاهيندا
آهن، لازمي طور هو هڪ وڳوڙي ۽ آزار پيدا ڪندڙ شخص
سمجهيو ويندو آهي ۽ اُهي، چڱي کان چڱو ته به، هن
کي ’خيالي جنت ۾ رهندڙ‘ يا ’درويش‘ قسم جو ماڻهو،
۽ بُري کان بُرو ته هڪ غدار يا باغي سڏيندا آهن...
اهڙين حالتن ۾ دانشور جي ڪردار ۽ سر سيتائيءَ جي
ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ۽ اُن تي وري وري زور ڏيڻ هڪ
تمام وڏي ۽ نهايت اهم ۽ فوري ضرورت واري ڳالهه
آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙين ڏکين ۽ ناسازگار حالتن ۾ ئي،
بطور ذميداريءَ ۽ پڻ هڪ معزز فرض جي، دانشور جي
ڀاڳ جي حوالي اِها ڳالهه ٿئي ٿي ته هو ماڻهپي يا
اُنسيت ۽ عقل ۽ اُنهن جي فروغ ۽ ترقيءَ جي روايت
کي نابوديءَ کان بچائي—جيڪي ئي بني نوع انسان جي
سڄيءَ تاريخ جا اسان کي ڏنل اسان جا سڀ کان قيمتي
ورثا آهن.“
پير صاحب جو هيءُ ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ سنڌ جي
تاريخ جو ڪتاب آهي- ۽ بنيادي طرح وطن دوستيءَ جي
جذبي جي تخليق آهي، ۽ بيحد پيار ۽ دل جي لڳاءَ سان
لکيل ڪتاب آهي. سڄيءَ عمر، لڳ ڀڳ پنجاهه سالن جو
هيءُ ڪاپو آهي، جو پَهي پَهي، تَند تَند ڪري، هِن
هُن ڪُنڊ ۾ ويهي، ڪَٺو ڪيو ويو آهي. اُن جي تارَ
تارَ ۾ ايڏي لساڻِ نه هوندي ۽ اُڻ جي ڪپاهه جا
ڀِڙا پورا ڀڳا نه هوندا، پر محبتي مَنَ جو هيءُ
طويل پورهيو آهي، جو هيئن گڏ ٿي، هتي پيش ٿي رهيو
آهي:
ڪَتي ڪَتي آئيون، ڪري تَندُ تيارُ،
اُٽَل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن پرينءَ پارُ،
ڪاپائتيءَ قرارُ، منجهان پُوڻيءَ آئيو. - شاهه
سوال آهي ته پير صاحب لاءِ سندن سڄي هِن ڪم جو ”پرينءَ
پارُ“ ڪهڙو، جنهن کي اُن جي وٿ جي ڪسوٽي يا قدر جو
ماڻُ مڃي سگهجي؟ اُن جا ٻه جواب آهن، جيڪي جدا
جدا ته آهن، پر انهن ۾ ويڇو ڪونهي. اُهو هڪڙو ته
اُهائي دانشور جي ڀاڳ جي ڳالهه چئبي، جنهن مطابق
هُن تي انسانيت ۽ عقل جي پرورش ۽ انهن جي فروغ ۽
ترقيءَ جي روايت جي دفاع جو، يعني عام انساني
تهذيب جي دفاع جو، فرض عائد ٿئي ٿو؛ ۽ ٻيو اُهو ته
انساني تاريخ جي انهن ”املهه ورثن“، جيڪا صورت ۽
خاص شڪل سنڌ جي معاشري ۾ اختيار ڪئي، اُن جي
تربيت، فروغ ۽ ترقيءَ جي روايت جي دفاع جو فرض،
جيڪو خصوصي طور هڪ سنڌي دانشور تي عائد ٿئي ٿو.
هيءَ جامع انساني تهذيب، جنهن جو سنڌي تهذيب هڪ
حصو آهي، نيٺ به ڇا آهي؟ شايد- هڪ انگريز اديب جي
چواڻيءَ- محض ”هوا تي بيٺل هڪ عمارت- خيالن،
امنگن، همدردين، عادتن جي هڪ اُڻت- ڪجهه اهڙي
اڻلکائتي، جو هٿ وجهجيس ته هٿ ۾ اچي نه سگهي. اُن
جا ڪي دوست ڳولجن ته نه لڀن. ڪنهن کي اُڻ جي اونَ
ڪانهي- جيئن پَٽُ، جنهن تي ماڻهو بيٺو آهي، اُن جي
ڪو اونَ نٿو رکي يا هوا، جيڪا ساهه ۾ کڻجي ٿي، اُن
جي ڪنهن کي پرواهه ڪانهي. پر ايتريءَ ساريءَ غفلت،
خودغرضيءَ، ڪروڌ، حماقت، نفرت ۽ حرص هَوسَ هوندي
به، جن سان رواجي طرح دنيا جي سڄي سياسي زندگي ڀري
پيئي آهي، اُها جيئي ٿي ۽ جيئندي رهي ٿي.“ انساني
دنيا جي هي اڻلکي، ساههَ سنئين، ”اُنسيت“ واقعي
انساني تهذيب جو بنيادي عنصر بلڪ واحد بنياد ته
آهي-- ۽ اُها هر آزمائش ۾ برابر قائم ۽ مستحڪم به
ٿي اُٿي ٿي- جيئن اسين سڄيءَ پنهنجي تاريخ جي پُر
خطر بحر تان هيستائين ڪنهن طرح سلامت ترندي ايندڙ
پنهنجي سنڌ ۽ سنڌو تهذيب بابت چوندا آهيون، بلڪ
اهڙو عقيدو به رکون ٿا-- ۽ اِهائي دراصل اسان جي
پنهنجي معاشري جي ”وڌڻ، وڏي ٿيڻ، پر پوڙهي نه ٿيڻ“
جي ڳالهه آهي؛ پر هن انساني تهذيب جو زندگيءَ ۾
بهرحال پڌرو ۽ اِسٿول روپ يا اظهار هروڀرو ايترو
اڻ لَکو ۽ هوا ۾ اٽڪيل ڪو ڄارو به ڪونهي، جو اُن
جو ڪو حامي نه هجي يا ڪنهن کيا اڻ جي اونَ نه
هجي. اُن جو هيءُ اظهار ماڻهن جي ٻوليءَ، اُن جي
ادب، علم ۽ فن ۾ ٿئي ٿو؛ اُنهن جي گهرن گهاٽن،
ڳوٺن ۽ شهرن، کيتن کرن، ٻيلن، جبلن ۽ صحرائن، برن
۽ بحرن- مطلب ته اُنهن جي پنهنجي پنهنجي اُڀ ۽
ڌرتيءَ جي فضائن ۾ جتي جتي زندگي ساهه کڻي ٿي ۽
چُري پُري ٿي، اُتي اُن جو روپ، پنهنجي پوري نمود
۽ نقش نگار سان موجود ڏسجي ٿو. ۽ اُهي، جيڪي اُن
سان واڳيل آهن ۽ ان جي زندگي بخش ۽ روح افزا وجود
جو شعور رکن ٿا، سي ان جا محب به آهن، حامي به
آهن- ۽ اُهي اُن جي اونَ به رکن ٿا ۽ اُن جو،
پنهنجي آخري دم تائين، بلڪ سرُ ۽ ساههُ عوض ڏيئي
به، بچاءُ ڪن ٿا. ڇو ته اُهوئي اُنهن لاءِ- ۽ هن
ڪتاب جي حوالي سان، محترم پير حسام الدين لاءِ –
پنهنجو ”پرينءَ پارُ“ آهي. معاشري جي هر آزاد ۽ حق
شناس دانشور- اديبَ ۽ عالمَ، مؤرخَ، شاعرَ، نقادَ
۽ فنڪارَ- جي فدائيت ۽ سر سيتائي به اِنهيءَ
”پرينءَ پارَ“ سان آهي، ۽ اُن لاءِ ئي هي جي هر
تخليق، هر ڪم مخصوص ۽ موقوف رهي ٿو.
جَنهين ديکيو دل سين، پُٺيءَ سي پييون،
ته پڻ ٿي وييون، جُههُ پُنهونءَ پاڻ لڪائيو! - شاهه
پير صاحب جي هيءَ عالمانه تحقيقي ڪاوش هڪ پڌرو ادبي
ڪارنامو ته آهي ئي، پر آهي سنڌ جي تايخي ورثي جي
املهه دريافت ۽ ان جو هڪ بي بها مخزن، جنهن جو
بنياد انيڪ ڪتابن ۽ تمام وڏي مطالعي تي آهي. صدين
جا احوال ان ۾ آيل آهن. اسان جي سڄيءَ تاريخ جون
نه، ته به ان جي ڪن وڏن اهم دؤرن جون- عربن جي دؤر
کان وٺي اڄ تائين جي ڏينهن جون – نهايت سبق آموز ۽
پيرائتيون ڳالهيون، ۽ ڏاڍي پُرذوق ۽ دلسوز انداز
سان اسان کي ٻڌايون اٿن. هن ۾ عامن جون ڳالهيون به
آيل آهن ته خاصن جون به، هن ۾ سماجي ڳالهين جا ذڪر
اذڪار به ڪيل آهن ته سياسي ۽ پڻ خالص فڪري نوع جي
ڳالهين جا به- ڪجهه سڌي سنئين، سليس ۽ سلجهيل
نموني ته ڪن جي سمجهڻ ۽ سُلجهائڻ جو ڪم، پڙهندڙ جي
پنهنجي پرک پروڙ ۽ فڪري وابستگيءَ تي ڇڏي ڪري-
انهن جي پيشڪش جي ادا اوهان کي نفسياتي ۽ فلسفيانه
به ڏسڻ ۾ ايندي ته اديبانه، لوڪ پسند ۽ عالمانه
به. بهرحال، اڪثر هي ڳالهيون مقصد ڀريون ۽ سڀ اسان
جون پنهنجون، پنهنجن ”ڳوٺ وڻن جون“ ڳالهيون
آهن—پنهنجي ڌرتيءَ جون ، پنهنجن بزرگن جون، نيڪ
مردن جون، سياڻن ۽ سرويچن جون، اديبن ۽ عالمن جون،
انهن جي سوچ ۽ ساڃهه جون، ۽ مامرن ۽ مصلحتن جون،
سندن آسن ۽ امنگن ۽ ڪوششن ۽ ڪارنامن جون – ڪي فخر
ڪرڻ جهڙيون ۽ ڪي اهڙيون، جن تي شرم کان هوند ڪنڌ
جهڪائي ڇڏجي- پر سڀ اُهي، جن جي باشعور يادگيري،
سڃاڻپ ۽ ساڃهه سان ئي اسان جي وجود کي تحفظ ملي
سگهي ٿو— ڇو ته (بلغاريا جي ان قديم خان اومرتاغ
جي لفظن ۾) ”حافظي جي موت تي فتح“ اِها آهي ۽ اها
حاصل به اِئين ٿيڻي آهي.
پير صاحب جو هيءُ هڪ جامع ڪتاب آهي- پر پوءِ به اِها پڪ
آهي ته هِن ڪتاب کان ”صاحب ڪتاب“ وڏو آهي. پير
صاحب ”سنڌ شناسيءَ“ جي سلسلي ۾، هِن ڪتاب کان
علاوه، جيڪو وسيع ۽ اعليٰ ڪم ڪيو آهي. سنڌ جي ادب
۽ تاريخ جي بنيادي تاليف ۽ تحقيق جي سلسلي ۾- سو
واقعي بي مثال آهي، ۽ اُن جو پورو جائزو وٺڻُ وقت
جي ضرورت به آهي ۽ سنڌي علم ادب جي دنيا جو اِهو
فرض به آهي. پر سڀ کان وڌ، پير صاحب پنهنجي
مطالعي، تحقيق ۽ قلمي پورهئي جي رخ ۽ اُن جي محرڪ
جذبي جو جيڪو ڏَسُ، عملي طور، سنڌ جي عالمن، اديبن
۽ محققن جي آڏو واضح ڪيو آهي، اُهو اُنهن لاءِ اهم
هئڻ گهرجي. ۽ اُهو دراصل آهي ئي ”سنڌ شناسيءَ“ جو
ڏَسُ، جيڪو هُنن لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي خود
آگهيءَ جو ڏَسُ آهي. ۽ اُهوئي کين پنهنجي هر تحقيق
۽ تخليقي، علمي ۽ ادبي بلڪه زندگيءَ جي هر عمل جو
محرڪ ۽ بنياد بنائڻو آهي. اُن جي ئي واحد روشنيءَ
۾، دنيا جي ٻين ماڻهن وانگر، سچ پچ به ته، هُنن جي
آڏو ”هر نئين سجِ نئين افق“ اجاگر ٿي سگهندي ۽
سندن هر نئون ڏينهن کين نئين زندگيءَ جو پيغام
ڏيندو- جيڪو ئي درحقيقت فردن ۽ معاشرن جي ”جوانيءَ
جو راز“ آهي- ۽ ائين هو به پنهنجي زندگيءَ جي بحر
جو سفر ”بحر تي سدا موجود بسنت رت“ ۾ ڪري سگهندا ۽
ڪندا رهندا. ڇو ته پنهنجي ڪم کان سواءِ فردن لاءِ
توڙي معاشرن لاءِ ڪا زندگي زندگي ڪانهي-
ڏکيءَ توءِ ڏڪارُ، توڻي وسن مينهڙا
پورهئي هٿ سڪارُ، تو وسِ آهن هٿڙا. - شاهه
ڪجهه سال اڳي، مون پير صاحب کي ڪنهن موقعي تي ”پورهيت
اديب“ سڏيو هو، بلڪ هڪ هنڌ مون ائين لکيو به هو-
جنهن تي دوستن مون کان پڇيو هو ته ”ڇا، پير صاحب
جو گذارو ادب تي هو!“ مون کين جواب ڏنو هو ته
’گذارو‘ رڳو جسماني ئي ته نه هوندو آهي ۽ ٻيو ته
پورهيو فقط پنهنجي لاءِ به ته ڪونه هوندو آهي.
پاڻهياري سڀڪا، جا سر گهڙو ڀري:
ڪا لئه سندي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري!
اسين جڏهن پڙهندا هئاسين، تڏهن وقت بوقت استاد اسان کان
پڇندا هئا ته ”اوهين ڇالاءِ ٿا پڙهو؟ پڙهي ڇا
بڻبا؟“ پوءِ اسان مان ڪي ڪهڙو جواب ڏيندا هئا ۽ ڪي
ڪهڙو، پر سڀ ڪونه ڪو ڌنڌو ٻڌائيندا هئا ته اُن
لاءِ ٿا پڙهون، يا چوندا هئا ته ڊاڪٽر ٿينداسين،
استاد ٿينداسين، انجنيئر ٿينداسين، صوبيدار يا
ڪلٽر ٿينداسين، وغيره وغيره. جنهن تي اسان کي هر
ڀيري تقريباَ هر استاد پوءِ ٽوڪيندو هو ۽ چوندو هو
ته ”ڇا، اوهين تعليم اِنهيءَ لاءِ ٿا پرايو ته
اوهين وڏا ماڻهو ٿيو، طاقت وارا بڻجو ۽ پيسا
ڪمايو؟ ڇا، اوهان لاءِ علم خود ڪا شيءِ ڪانهي!“
پوءِ اسان کي وياکياڻ ملندا هئا ته علم پرائجي علم
لاءِ، چڱائيءَ لاءِ، سچ ڳالهائجي سچ لاءِ، وغيره.
هڪڙي اسان جي مهربان استاد اِن سلسلي ۾ ڪافي ڳالهه
ٻولهه کان پوءِ اسان کي انگريزيءَ ۾ ڏاڍو هڪڙو
عجيب مقولو ٻڌايو ۽ سمجهايو، ۽ اُٿي بورڊ تي لکيو
۽ اسان کي پنهنجين ڪاپين تي لکايو ۽ اسان کي ياد
ڪرايو- ۽ اُهو مون کي اڄ به اُئين ئي ياد آهي:
اُهو هو ته
“The reward is in the race we run and not in the
prize we get”
(”ڊوڙ جو انعام ڊوڙڻ ۾ آهي ۽ نه اُن جي عيوض يا صلي ۾
جيڪو اسان کي ملي ٿو.“) اِنهيءَ طرح، ڪم جو مزو يا
اُن جو انعام به اُن جي ڪرڻ ۾ آهي، ۽ اُن جي اُجرت
۾ يا پگهار ۾. موٽ يا عيوض، اُجرت ۽ پگهار وغيره
ته ڊوڙ سارُو يا ڪم سارُ ملندا ئي- ۽ جي نٿا ملن
ته اُن بي انصافيءَ يا حق تلفيءَ لاءِ خوددار، خود
شناس ۽ آبرومند ماڻهوءَ وانگر هيڪلو به ۽ گڏجي به
وڙهبو ۽ جُهد ڪيو. اِهو فرض به آهي ته زنده ۽ آزاد
انساني ذهن جو اِهو هڪ فطري رد عمل به آهي: پر ڪم
جي خود ڪرڻ ۾ ماڻهوءَ کي خوشي نه ملي، ۽ ڪم بي
دليو ڪجي ۽ غلط يا بي ڊولو ڪجي، اِها به ته
غلاميءَ جي صورتحال آهي ۽ هڪ زنده ۽ آزاد ذهن جي
سهڻ يا قبولڻ کان ٻاهر هئڻ کپي.
هيج نه هوندو جن، سي ڪئن وندر وينديون!
ويهو وچ رهن، سهسين سَڌُن واريون. - شاهه
پير صاحب جي هِن ڪتاب ۾ سندن زندگيءَ جي پوريءَ اڌ
صديءَ جي پورهئي جو جي ڪل ثمر نه ته اُن جا ڪي امل
۽ روشن آثار ته ضرور گڏ ڪيل آهن. پڙهندڙ دوست ڏسي
سگهندا ته هن ۾ سندن هر مضمون ڪيڏي هيج ۽ محنت جي
پيداوار آهي ۽ ڪيڏو نه اُن ۾ پيار جو پورهيو سمايل
آهي. هر نيڪيءَ جو ڪم، هر نيڪ ڪم، بنيادي طور
خوشيءَ جو ۽ خوشي ڏيندڙ ڪم ٿئي ٿو. ڪم ڪندڙ لاءِ ۽
پڻ ٻين لاءِ. اُن مان ملندڙ اُها خوشي ئي اُن جي
بهتر کان بهتر ٿيڻ ۽ ٿيندي رهڻ جو سبب هوندي آهي ۽
ضمانت به. اِن طرح ماڻهوءَ لاءِ ڪم سان تعلق جي هر
گهڙي نئين دريافت جو هڪ تجربو هوندو آهي: هر خيال
۽ عمل جي تخليق جو منطق ۽ ساجُ سٽاءُ اِهو هوندو
آهي. بائيبل ۾ آيل آهي ته جڏهن پهرئين ڏينهن ”خدا
ڏٺو ته.... اوندهه هئي.... تڏهن چيائين ته روشني
ٿئي، ۽ روشني (تخليق) ٿي، ۽ ڏٺائين ته اها سٺي
هئي!“ اِئين ٻئي ڏينهن، ٽئين ڏينهن، چوٿين، پنجين
۽ ڇهين ڏينهن خدا پنهنجي هر (تخليق جي) ڪم کي
ڏسندو ۽ خوش ٿيندو رهيو. ۽ ڇهين ڏينهن ته ”سڄي
پنهنجي ڪم تي، جو هن بڻايو هو، نظر وڌائين ۽
ڏٺائين ته اُهو ڏاڍو سٺو هو!“ مطلب ته ڪم مان خوشي
۽ ڪم جو هيج- اِهي ئي ڪم کي عظمت (سٺائي) ۽ اهميت
ڏين ٿا- ۽ اِئين ڪم مان ئي اُن جو ڪندڙ جو قدر ٿئي
ٿو ۽ هُن کي اهميت ملي ٿي. ڪم جو اصل اُجورو يا
عيوض به اِهوئي آهي. ڪا هستي، ڪا شيءِ يا ڪو ماڻهو
ڇا آهي، اِها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي، ڪنهن لاءِ به.
وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته ڪا هستي، ڪا شيءِ، ڪو ماڻهو
ڇا ٿو ڪري. ڪم ۽ ڪم ڪندڙ جو، پورهئي ۽ پورهيت جو
قدر ائين ٿئي ۽ اُنهن جي اهميت جو تعين اِئين ٿئي،
انساني وٿ جو هي مسئلو معاشري ۾ جيتريءَ حد تائين
اِنهيءَ طرح حل ٿيندو ۽ عمل ۾ ايندو، انساني تهذيب
جي ارتقا جي اُهائي حد اُن معاشري جي طيءِ ٿيل
شمار ٿيندي، علم، ادب ۽ فن جي دنيا ۾، بهرحال، ڪم
۽ ڪم ڪندڙ جي وٿ ۽ اهميت جو فيصلو فقط ۽ فقط
اِنهيءَ ڪسوٽيءَ تي ئي جائز تسليم ٿيل آهي—ڇو ته
اِها دنيا انساني تهذيب جي مثالي دنيا آهي، اُن جي
معراج جي تصور جي، خواب جي، دنيا آهي. مون کي يقين
آهي ته سنڌ جي اُن مهذب دنيا ۾ پير صاحب جي هِن ڪم
جو ۽ سندن ٻئي سڄي علمي ۽ ادبي ڪم جو قدر به، ڪَٿ
۽ سڃاڻپ جي انهيءَ ماڻَ تي ٿيندو.
ڪـــاپائتي سڀڪا — ڪَتي سيباڻي،
ڄاتو جن ڄاڻي، تن هٿان پَهي نه ڇڏي. - شاهه
هن پيش لفظ لکڻ لاءِ جڏهن پير صاحب مون کي چيو، تڏهن
هيڪر ته آءٌ سَهمجي ويس- ڇو ته زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو
اهم سبق مون هيءُ به سکيو آهي،۽ اُن تي ڪافي
سختيءَ سان عمل پيرا به پئي رهيو آهيان، ته پنهنجي
وِت اندر رهجي (وت کي وڌائبو ضرور رهجي، پر وت کان
ٻاهر نه وڃجي)—ڇو ته اُن ۾ ئي ڀرم رهي ٿو ۽ ڀلائي
به اُن ۾ آهي. پر هڪ ته پير صاحب سان جيئن ئي
منهنجي ڄاڻ، 1949ع کان سنڌي ادبي بورڊ جي وجود ۾
اچڻ سان، ٿي، تيئن ئي کين مون پنهنجي زندگيءَ جي
دلي مقصد جو پختو ۽ مخلص ساٿي سمجهيو، ۽ ٻيو ته
اُن سلسلي ۾ منهنجي دل ۾ مزيد هڪڙي چوڻ جهڙي ڳالهه
هرندي ٿي رهي، سا سندن پيش ٿيندڙ هن ڪم جي حوالي
سان آءٌ چئي ٿي سگهيس-- ۽ اُن جي چوڻ جو موقعو، جو
پير صاحب جن پاڻ حڪماَ مون کي ڏنو، سو اُن موقعي
تي ملڻ تي، ڪجهه سَهمجي پر فوراَ ئي پوءِ، پير
صاحب جون هي ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ٻيهر وري وري
پڙهيم (-ڇو ته اُنهن مان تقريباَ اڌ کن منهنجون
اڳي به پڙهيل بلڪ پاڻ پنهنجي هٿن سان، خاص طرح
سماهي ”مهراڻ“ ۾، ڇاپيل ۽ شايع ڪيل هيون)، ۽ پاڻ
کي سندن شڪرگذار ٿيندي محسوس ڪيم، ۽ واقعي به سندن
تهدل شڪرگذار آهيان، جو پاڻ مون کي هيءُ اعزاز
بخشيائون ۽ هيءُ موقعو ڏنائون، جو سندن هي
”ڳالهيون“ مون وري وري پڙهيون ۽ اُنهن بابت هي ٻه
اکر لکيم-
ڪانگا ڪتابت جي آنديئي خوب خبر،
هنئڙو مون هر هر، واچيو واچيو وندري! - شاه
۽ ائين جيڪا ڪجهه ڳالهه مون کي به چوڻي هئي سا- ڪچي ڦڪي، پوري
اڻ پوري- چئي دنگ ڪيم. مون کي يقين آهي ته پير
صاحب کي اِها وڻندي، پر جي ڪتاب جي پڙهندڙن کي به
وڻي ۽ ڪتاب ۾ آيل ڳالهين جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ (جي سڀ
اسان جون پنهنجون ۽ اسان جي پنهنجي ماضيءَ جون ئي
ڳالهيون آهن) اُها کين ڪجهه مدد به ڏئي، ۽ اسين سڀ
پنهنجين اِنهن ڳالهين کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ همدم ۽
يڪدل ٿي وڃون، ته آءٌ پاڻ کي ته ڀاڳ وارو
سمجهندس، پر پير صاحب کي به پنهنجي ايڏي ڪشالي ۽
عرق ريزيءَ جو ڪافي ڪجهه صلو ملي ويندو—
از عشوه هاي ساقي کارم نمي کشايد،
اي دوستان خدارا يڪ جام دوستگاني.
از تار ارغنوني در جنبش آر مطرب،
وز نـــغــمــــﮧ هـــــاي تــــــر کـن با روح همزباني -
فيضي
حيدرآباد سنڌ
12-9-1981ع
(3)
حسام الدين سچ پچ هڪ وڏو ماڻهو هو. هو هڪ وڏو عالم هو.
هو هڪ وڏو ليکڪ هو. هو بنهه هڪ املهه ۽ اڻ لڀ
دوست هو. زندگيءَ سان هن جا ڪي ٻول ٿيل هئا.اُنهن
مان هن جو پهريون ۽ سڀ کان اڳرو سنڌ سان پيار جو
ٻول هو، سنڌ جيڪا هن جي ماتر ڀومي هئي. هن جي سنڌ
جي ماڻهن سان سندن سک ۽ ڀلائيءَ جو ٻول هو—
جمهوريت، دنيويت ۽ ڀائيچاري جي ڀلائيءَ جو ٻول. هو
امن جو شيدائي هو، ۽ ڪنهن به انساني سطح تي ڪنهن
به پختي ۽ پائدار حق يا قدر جي تخليق ۽ دفاع لاءِ
ٻئي ڪنهن زور يا طاقت جي بدران فقط ۽ فقط قلم جي
طاقت ۽ زور ۾ هن جو ايمان هو. ۽ اُن ڏس ۾، هو هڪ
پختو ۽ ثابت قدم، ديانتدار ۽ بيخوفُ قلم جو صاحب
هو. هڪ منزل تي، مون هن کي ”پورهيت اديب“ سڏيو هو،
۽ تحقيق هڪ پورهيت اديب هو ۽ سڄي زندگي هو اِئين
رهيو. اوڻيهن سالن جي عمر ۾ هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ ۽
هڪ ’طالب علم‘ جي حيثيت ۾، هن پنهنجي ڪم جو ائين
آغاز ڪيو، ۽ آخر تائين جڏهن اهو ايڪهتر ورهين جي
پڪيءَ عمر تائين پهتو، هو پنهنجي اُن ڪم ۾ ائين ئي
مصروف رهيو.
هن جو ٻيو ٻول بني نوع انسان سان سندن خير ۽ خوشحاليءَ
جو ٻول هو، ۽ اُن ڏس ۾ هن، پنهنجيءَ پر ۾، بين
الاقوامي طور، پاڪستان جي اندر ۽ پڻ ٻاهرينءَ دنيا
۾ مفاهمت، سهڪار، ۽ امن ۽ انصاف جي جذبي کي فروغ
ڏنو- پنهنجين سگهارين تقريرن ۽ تحريرن وسيلي، ۽
اِن ۾ هن جو ڪردار سنڌ جي لافاني تهذيب جي هڪ
هوشمند پياميءَ ۽ ترجمان جو ڪردار رهيو- سنڌ جي
اُها تهذيب، جنهن جا بنياد اندر جي مريادا ۽ فضيلت
تي بيٺل آهن، نه ڪنهن ڍونگ يا مِکر تي ۽ نه ٺلهين
ڪن اوچين دعوائن ۽ ڏيک جي ٻاهرين چَڪمن ٿي، جن مان
جيڪڏهن ڪا شيءِ اُڀري سگهي ٿي ۽ وڌي سگهي ٿي ته
فقط هوڏ، ڌڪار ۽ ڏهڪاءُ: انساني لحاظ، محبت ۽ خير
ته ميوا هوندا آهن سڀ سان ملي هڪ ٿيڻ ۽ سڀ جي
شيواڌاري ۽ خيرخواه بنجڻ جي ذوق ۽ ارادي جا- ته
جيئن زندگيءَ جي موجود ۽ سدا وڌندڙ چڱائيءَ ۽
سڦلتا مان سڀيئي پنهنجو حصو کڻن- جيڪو ارادو ۽ ذوق
انسان جي انسانيت يا فضيلت جو ئي عڪس هوندو آهي،
جنهن کي اسين پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ ’ماڻهپو‘ يا
’ساڃاهه‘ به سڏيون ٿا.
حسام الدين پير به هو ۽ سيد به- هنن لفظن جي نه ادبي ۽
علمي معنيٰ ۾، جنهن انداز ۾ اُنهن جي اصل معنيٰ
آهي ’ڏاهو ۽ تجربيڪار‘ ماڻهو، هڪ ’شريف ۽
مهذب’پير‘ يا ’سيد‘ سڏجڻ کان هٻڪندو هو، اصل اِئين
چئجي ته ڀڄندو ۽ ونءُ ويندو هو- اُنهيءَ منافقت،
شعبديبازيءَ ۽ ڇسائپ جي ڪري، جيڪي اُنهن ٻن عزت
دار لقبن سان رَلجي، هڪ ٿي، اڄ اُنهن جون خاص
صفتون بنجي ويون آهن، ۽ پڻ اُنهن هٻڇي، دشٽ ۽
دهمان باز سماجي ڪردارن جي ڪري، جيڪي اُنهن لقبن
جي مالڪن (ڏاڍين ڪن شريف استثنائن سان) تاريخ ۾
ادا پئي ڪيا آهن، ۽ اڄ جي زندگيءَ ۾ اُهي (وري به،
ڪن شريف استثنائن سان) چؤڌاري ادا ڪندي ڏسجي رهيا
آهن. ۽ هن ڳالهه ۾ حسام الدين هڪ باغي هو—پير
شاهيءَ جي خلاف، جڏهن اُن روحانيت ۽ روحاني علم ۾
پنهنجي اَچُوڪتا جون دعوائون ۽ انسان ۽ خدا جي وچ
۾ پنهنجي عيوضپڻي ۽ وَچَتُو هجڻ جون دعوائون ٿي
ڪيون، ۽ سيد شاهيءَ جي خلاف، جڏهن اُن زندگيءَ-
مسلم معاشرتي زندگيءَ- ۾ پنهنجي خصوصي درجي ۽
رعايت جي ۽ اختيار جي خلاف هوندو هو، جن جون پاڙون
بي حاصل ۽ ڀُتيءَ ’اصليت‘ ۽ ’سرشتيبازيت‘ ۾ کتل
هيون، ۽ اُهي ماڻهو يا گروهه جيڪي اُنهن ٻنهي جي
رکوال ۽ پير مغان هجڻ جون دعوائون ڪندا هئا، تن
کان فطرتاَ هو ڇرڪندو هو ۽ پري ڀڄندو هو.
حسام الدين علم جو هڪ ذهين متلاشي ۽ مطالعي جو پُرذوق ۽
اورچ ماهر هوندو هو.سنڌ جي علم ۽ ادب جي دنيا ۾
اسين ٽيهن سالن کان به وڌيڪ عرصو ساٿي ۽ همڪار ٿي
رهياسين ۽ آءٌ اِن ڳالهه جو ذاتي طور شاهد آهيان
ته هو ڪيئن، جيئن پوءِ تيئن، هڪ پورهيت قلمڪار جي
طور وڌ کان وڌ فڪري معيارَ ۽ فني لياقتون حاصل
ڪندو رهيو. سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ جي ٽنهي ٻولين ۾،
جن ۾ هو لکندو هو، پنهنجي وڌندڙ اظهاري صلاحيت جي
خيال کان، توڙي پنهنجي سماجي شعور ۽ فيلسوفي ڄاڻ ۾
وڌندڙ ادراڪ ۽ چٽائيءَ جي خيال کان، جن جي سهاري،
هُن سموري موجود ٿي سگهندڙ تاريخي مواد کي جانچيو
۽ وري جانچيو، اُن جو مطالعو ڪيو، اُن کي سهيڙيو،
پرکيو ۽ سمجهيو، ۽ پنهنجي اُن سڄي تحقيقي ڪم ۾ هو
تاريخ جو هڪ بنيادي سبق اُجاريندو ۽ صاف ڪندو ۽
پيش ڪندو رهيو ته انسان ئي، فرد توڙي اجتماع جي
حيثيت ۾، هن ڪائنات ۾، پنهنجي تقدير جو واحد معمار
۽ تبديل ڪندڙ وسيلو هو.
حسام الدين، ٻين ڪيترين علمي ۽ ادبي جماعتن ۽ ادارن سان
وابسته هئڻ سان گڏ، ڪيترائي سال پاڪستان- سوويت
فرينڊشپ سوسائٽيءَ جي ڪراچي شاخ جو صدر رهيو ۽ اُن
حيثيت سان هُن پاڪستان ۽ سوويت عوام جي وچ
۾دوستيءَ ۽ خيرسگاليءَ جي ناتن کي مضبوط ڪيو، ۽
اِن مان هُن جي اُنهن خطرن ۽ موقعن جي تيز احساس ۽
شعور جي ساک ملي ٿي، جن سان جديد دنيا جا پوئتي
پيل ملڪ دوچار آهن. جديد دنيا، جيڪا زنده ۽ تازه
دم زندگيءَ جي ايوان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اڄ مستقبل جي
چائنٺ تي پنهنجو هڪ پير رکيو بيٺي آهي.
اسين، دنيا جي هن پنهنجي حصي ۾، شخصن سان پاڻ کي وڌيڪ
ٻڌل رکون ٿا- بلڪ اُنهن کي چنبڙي ٿا پئون، پر هُنن
جا خيال ڇا آهن، مقصد ڪهڙا آهن، يا اُنهن لاءِ هو
ڇا ٿا ڪن، اِن جو ڪو خاص خيال ڪونه ٿا رکون.
انفرادي زندگي گهڻو وقت جٽاءُ ڪانه ٿي ڪري، پر اُن
جون ذميداريون، اُن جا فرض ۽ اُن جا واسطا اسان
لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا- نه رڳو جيتر اُها قائم ٿي
رهي، پر اُن کان وڌيڪ جڏهن اُها ختم ٿي وڃي ٿي، ۽
پوئتي اُها پنهنجا ڊپ ۽ گمان، وسوسا ۽ سوال ڇڏي
وڃي ٿي، جن جا بار اسان کي کڻي، اڳتي هلڻو آهي ۽
پڻ اُها پنهنجون ڪاميابيون ۽ پنهنجون اميدون ۽
پنهنجا خواب اسان لاءِ، اسان جي وسيلن ۽ اسان جي
حاصلات طور اسان وٽ ڇڏي وڃي ٿي، ته اسين انساني
رهت جي هن گڏيل مهم کي ڪجهه وڌيڪ سوڀائتو ۽
سکدائڪ، ڪجهه وڌيڪ ڦلدائڪ ۽ زيبائتو پڻ.
حسام الدين زندگيءَ جي هن هلندڙ مهم ۾ اسان جو هڪ بيحد
پيارو ۽ ڏاڍو هڪ لائق ساٿي هو، ۽ هن پنهنجي حصي جو
ڪم ڏاڍي شاندار طريقي سان پورو ڪيو ڪيترا نه اسان
سڀني جي آڏو بند هئا، ڪيتريون نه اسان کي آڏو
رنڊڪون ۽ پائبنديون هيون! هن اسان وٽ پنهنجا قيمتي
ڪتاب ڇڏيا آهن ڇپيل ۽ قلمي صورت ۾. سڀ کان وڌ هن
اسان وٽ پنهنجا اعليٰ امنگ ڇڏيا آهن،جن کي کڻڻو
آهي ۽ اڳتي وڌائڻو آهي. هو جن ڳالهين لاءِ جيئندو
هو، ۽ جو ڪجهه هو انهن لاءِ ڪري سگهيو، تن لاءِ
اسان جي قدرشناسيءَ ۽ احترام جي سچي پرک هن ۾ آهي
ته هن جي اعليٰ آدرشن سان اسين پاڻ کي ڪيتري قدر
ڳنڍيل رکون ٿا ۽ انهن لاءِ اسين ڇا ٿا ڪريون ۽
مشترڪ مقصد جي حاصل ڪرڻ ۾ هن جي ڪيل ڪم مان اسين
ڪيترو وڌيڪ ڪم ٿا وٺون اهو گڏيل ۽ مشترڪ ڪم، جنهن
هن جي موجودگيءَ ۾ اسان کي همسفر۽ يڪمشت رکيو، ۽
پڻ هن جي غير موجودگيءَ ۾ اسان کي هن سان يڪمشت ۽
وابسته رکي سگهندو. ۽ ان ڏس ۾ اسين سچ پچ ته فقط
هيءُ ڪري سگهون ٿا ته پنهنجي يقين ۽ پنهنجي اعتماد
۽ پنهنجي پورهئي کي مشترڪ مقصد جي حاصلات لاءِ وقف
رکون.
هي پنهنجا ٿورا لفظ آءٌ اسان جي نيڪ ۽ سٻاجهي دوست حسام
الدين راشديءَ جي اعليٰ ياد آڏو پنهنجي شخصي عقيدت
۽ احترام طور نذر ٿو رکان.
”پاڪ---- سوويت فرينڊشپ سوسائٽيءَ“ طرفان
سڏايل تعزيتي گڏجاڻيءَ ۾ پڙهيل انگريزي تقرير جو سنڌي
ترجمو __ (ڪراچي: 26___ اپريل، 1982ع) |