ان ڪاميٽيءَ جي
گڏجاڻي جناب ممتاز حسن صاحب جي آفيس نيشنل بئنڪ ۾
ٿي، جتي راشدي صاحب مون کي پنهنجي گاڏيءَ ۾ وٺي
ويو. ان ۾ فيصلو ٿيو ته دارالمصنفين کان باقاعده
اختيار وٺي، اهڙن ناشرن جي خلاف قانوني ڪارروائي
ڪئي وڃي، جيڪي ان جا ڇپايل ڪتاب اجازت کان سواءِ
ڇاپي، ان کي ڇيهو پهچائين ٿا. مون اهي اختيار
ڪاميٽيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيا. انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾
جناب راشدي صاحب جي تجويز تي ان ڪاميٽيءَ جي
ميمبرن پاڻ ۾ هڪ سوسائٽيءَ جو به بنياد رکيو، جنهن
جو نالو ”شبلي- سليمان يادگار سوسائٽي“ رکيو ويو.
ان جو مقصد هيءُ هو ته مولانا شبلي ۽ مولانا سيد
سليمان ندويءَ جي تحقيقي ۽ علمي ڪم جو پرچار ڪيو
وڃي. ان جو صدر جناب ممتاز حسن صاحب، سيڪريٽري
جناب ابن الحسن صاحب ۽ خزانچي جناب جميل الدين
عالي صاحب مقرر ٿيا. راشدي صاحب پنهنجو نالو ان جي
ميمبرن ۾ ئي رکڻ مناسب سمجهيو. ان سوسائٽيءَ کي
اهو به حق ڏنو ويو ته شبلي ۽ سليمان جي اداري جي
ڪتابن جي حقن جي پاڪستان ۾ نظرداري ڪري.
منهنجي اُتي رهڻ
واري زماني ۾ جناب راشدي صاحب جي زور ڀرڻ تي جناب
جميل الدين عالي صاحب هڪ رات پاڻ وٽ ماني کائڻ کان
پوءِ هڪ خاص گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ ممتاز حسن صاحب،
جناب راشدي صاحب، جناب ابن انشاءِ ۽ جناب محمود
قاسم صاحب هئا. اها وندرائيندڙ صحبت ٻارهين
بجي رات تائين هلندي رهي. موضوع گهڻو ڪري علم، ادب
۽ تصوف هو. ممتاز حسن صاحب پنهنجي گفتگو ۾
شيڪسپيئر، برٽرنڊرسل، برنارڊ شا، ٽي. ايس. ايليٽ،
چرچل ۽ ڪننگهم کان وٺي غالب، اقبال، حالي ۽ شبليءَ
تائين انهن مفڪرن جا حوالا ڏنا. هو پنهنجي علمي
ڳالهه ٻولهه کي پنهنجي لطيف ۽ اثرائتي انداز ۽
کلائيندڙ فقرن سان مزيدار ڪندو رهيو. جميل الدين
عالي صاحب جي ڳالهين ۾ وڏي ذهانت هئي؛ ڪوبه موضوع
هجي، ان مان پنهنجي خداداد نعمت جي ڪري ڪونه ڪو
نڪتو ڪڍي ٿي آيو. يورپ جي ڪيترين ئي ادبي ۽ سياسي
تحريڪن تي هن جي گهري نظر معلوم ٿي. سندس ڳالهين ۾
ان وقت وڏو جوش ٿي آيو جڏهن هن جي ذهانت ويتر تيز
ٿي ٿي وئي. ابن انشاء صاحب مون کان گهڻو ڪري
دارالمصنفين جي باري ۾ سوال پڇندو رهيو. راشدي
صاحب ته دارالمصنفين جي نالي ۽ ان جي ڪم تي هر هر
پاڻ گهورڻ جي لاءِ تيار پئي ٿيو. ممتاز حسن صاحب
گفتگو ڪندي چيو ته هندوستان جا ٽي ادارا پنهنجيءَ
خدمت ۽ قربانيءَ جي ڪري هميشه ياد ڪيا ويندا؛
سرونٽس آف انڊيا سوسائٽي پونا، دارالمصنفين اعظم
ڳڙهه ۽ جامعه مليه دهلي. جيتوڻيڪ جامعه مليه
دهليءَ جي حيثيت هاڻي ٻي ٿي ويئي آهي ۽ سرونٽس آف
انڊيا سوسائٽي جي حال جي ڪابه خبر ڪانهي؛ پر
دارالمصنفين پنهنجي اڳوڻي رفتار تي قائم آهي.
اهو ٻڌي راشدي صاحب جون اکيون چمڪڻ لڳيون ۽ هن
انهيءَ جي وڏي تائيد ڪئي. ابن انشا صاحب شايد
آزمائڻ خاطر مون کان پڇيو ته ڇا دارالمصنطين کي
پاڪستان ۾ نه ٿو آڻي سگهجي؟ راشدي صاحب هڪدم وچ ۾
ڳالهائيندي چيو ته 1947ع کان پوءِ مون هت
دارالمصنفين جي لاءِ هڪ پلاٽ نظر ۾ رکي ڇڏيو
هو ۽ منهنجي مرضي هئي ته اهو ادارو هت اچي. پر
هاڻي اهو پاڪستان اچڻ گهري تڏهن به آءٌ ان جي
مخالفت ڪندس، ڇو ته پوءِ اهو دارالمصنفين نه
رهندو. جيڪو ڪم اتي ٿورن هزارن روپين ۾ ٿئي ٿو اهو
هتي لکن روپين ۾ به ٿي نه سگهندو. دارالمصنفين جا
دوست هتي آيا ته اهي پئسن ڪمائڻ ۽ موٽرن جي سير
ڪرڻ ۾ لڳي ويندا؛ هنن مان خدمت ۽ قربانيءَ جو جذبو
نڪري ويندو. انهيءَ تي مون راشدي صاحب کي چيو ته
اوهان منهنجيءَ دل جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ وري اهو به
چيم ته پاڪستان ۾ مولانا شبليءَ جي قبر ته نه
هوندي جنهن جي مجاور ٿيڻ کان پوءِ سڀ ڪي حاصل ٿئي
ٿو. اها گڏجاڻي رات جو ٻارهين بجي کان پوءِ ختم
ٿي. راشدي صاحب چيو ته مدتن کان پوءِ اهڙي رنگين ۽
حسين رات گذري آهي، پر ڪهڙي خبر ته اهڙيون ڪيتريون
ئي راتيون هو پهرين به گذاري چڪو هو ۽ اهي ئي سندس
حياتيءَ جو اصلي سرمايو هجن.
جڏهن دارالمصنفين
جي ڇپايل ڪتابن سان هٿ چراند پاڪستان ۾ رڪجي نه
سگهي تڏهن دارالمصنفين سخت مالي مشڪلاتن ۾ ڦاسي
پيو. مون هڪ ڊگهي خط ۾ راشدي صاحب سان دارالمصنفين
جي مالي مشڪلاتن جو ذڪر ڪيو. ان خط ۾ مون اهو به
لکيو ته اسين پاڪستان جي ماڻهن ۽ اتي جي حڪومت کي
درخواست ڪريون ٿا ته هو پنهنجي ناشرن تي زور آڻين
۽ اسان جي اداري کي ختم ٿيڻ کان بچائين. وري راشدي
صاحب کي اهو به لکيم ته اوهان مولانا ڪوثر نيازي
مذهبي معاملن واري تڏهوڪي وزير جو ڌيان ان معاملي
ڏانهن ڇڪايو. کيس اسان جي اداري جي اهميت ۽
قدر قيمت جي چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي. راشدي صاحب اسان
تي تمام گهڻا ٿورا ڪري اهو خط پاڪستان جي سڀني
اردو اخبارن ۾ ڇپرايو ۽ ان جو انگريزي ترجمو ڪري
انگريزي اخبارن ڏانهن به اُماڻيو. پاڪستان جيم
شهور انگريزي اخبار ڊان اهو خط 17- جولاءِ 1975ع
جي پرچي ۾ ڇاپي ان تي ڏاڍو اثرائتو، زوردار ۽ ڏک
ڀريو اداريو به لکيو. اردو اخبارن به پنهنجن
ادارين ۾ دارالمصنفين جي زوردار پٺڀرائي ڪئي.ا ن
جي ڪري دارالمصنفين جي حق ۾ ڏاڍي سٺي فضا پيدا ٿي.
آگسٽ 1975ع ۾ آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ جي شاديءَ جي
سلسلي ۾ ڪراچي پهتس ته راشدي صاحب وٽ وڃي حاضر
ٿيس. پهرين هو جمشيد روڊ تي رهندو هو، پر
هاڻي هن الحمرا سوسائٽيءَ ۾ هڪ وڏو گهر خريد ڪيو
هو، جيڪو نئين سامان سان سينگاريل هو. انهيءَ ۾
سندس علمي جنت به آباد هئي. مون کي ڏسندي ئي وڏي
اُڪير سان اچي سيني سان لاتائين. ائين لڳو ته ڄڻ
ٻن وڇڙيلن جو وري ميلاپ ٿيو هو. کائنس معلوم ٿيو
ته پاڻ مولانا ڪوثر نيازي، مذهبي معاملن واري
تڏهوڪي وزير کي خط لکي درالمصنفين سان پاڪستاني
ناشرن جي ڏاڍائيءَ ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي، ۽ هو کيس
اسلام آباد گهرائي ان باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندو.
مون هن جا گهڻا ٿورا مڃيا. هو سنڌي هو ۽ سنڌين وٽ
آدرڀاءَ ۽ مهمانداريءَ جي تمام سٺي روايت آهي.
راشدي صاحب سان جڏهن به ملاقات ٿي، تڏهن انهيءَ
روايت کي قائم ڏٺم.
هڪڙيءَ رات هن
پنهنجي گهر مانيءَ کائڻ جي دعوت ڏني. اتي پهتس ته
ٻيا به ڪيترائي مهمان موجود هئا، انهن ۾ جناب شيخ
عبدالرشيد اڳوڻو استاد شعبئه تاريخ مسلم
يونيورسٽي، جناب بشير احمد ڊار اڳوڻو ڊائريڪٽر
اقبال ايڪڊمي ۽ ڊاڪٽر رياض الاسلام استاد سعبئه
تاريخ ڪراچي يونيورسٽي به هئا. پروفيسر عبدالرشيد
مون کي علي ڳڙهه جو هڪ ’اولڊ بواءِ‘ سمجهي علي
ڳڙهه بابت ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي ته سندس اها گفتگو
ايتري ته ڊگهي ٿي ويئي جو جناب راشديءَ کي نيٺ
چوڻو پيو ته هاڻي منهنجي صبر جو پيمانو ڀرجي ويو
آهي. علي ڳڙهه وارن جي اها عجب خصوصيت آهي ته جڏهن
هو پاڻ ۾ ملندا آهن، تڏهن علي ڳڙهه کان سواءِ ٻئي
ڪنهن به موضوع تي ڳالهائڻ پسند نه ڪندا. اهو ٻڌي
اسان کي موضوع بدلائڻو پيو.، پر راشدي صاحب اهو به
چيو ته علي ڳڙهه وارن کي علي ڳڙهه سان جيڪا محبت
آهي، اهڙي ڪنهن ٻي يونيورسٽيءَ وارن کي پنهنجي
يونيورسٽيءَ سان نه هوندي. دعوت جي اها رات به
ڏاڍي مزيدار هئي.
انهن ئي ڏينهن
ڪراچيءَ ۾ هڪڙي ڏينهن پاڪستاني حڪومت جي مذهبي
معاملن واري وزارت جو تڏهوڪو جوائنٽ سيڪريٽري جناب
زاهد ملڪ منهنجي رهڻ واري گهر آيو ۽ ملندي ئي هيءُ
اطلاع ڏنائين ته منهنجي لاءِ جناب مولانا ڪوثر
نيازي حڪومت پاڪستان جي مذهبي معاملن واري تڏهوڪي
وزير جي طرفان اسلام آباد تائين هوائي جهاز جي
ٽڪيٽ آهي ۽ اتي هو منهنجي اچڻ جو انتظار ڪري پيو.
انهيءَ دعوت تي 9- سيپٽمبر 1975ع تي شام جو
ڪراچيءَ کان اسلام آباد پهتس. اتي مولانا ڪوثر
نيازيءَ منهنجو وڏو آڌرڀاءُ ڪيو، انٽرڪانٽيننٽل
هوٽل ۾ ترسايو ۽ پوءِ پنهنجيءَ وزارت جي خاص ڪمري
۾ گهرائي دارالمصنفين جي ڇپائيءَ جي حق جي وڪري جي
باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ پڪ ڏياري ته اهو ڪم ضرور
ٿيندو. ان کان پوءِ هن منهنجي لاءِ هڪ آڌرڀائي
دعوت جو انتظام اسلام آباد جي مشهور ڪلب ”اسلام
آباد ڪلب“ ۾ ڪيو. رمضان شريف جا ڏينهن هئا،
تنهنڪري افطار جو زبردست انتظام ڪيو ويو، جنهن ۾
اسلامڪ ريسرچ انسٽي ٽيوٽ جو ڊائريڪٽر جناب
عبدالواحد هاليپوٽو ۽ سندس سمورو عملو شريڪ ٿيو.
وري اخبارن جا ايڊيٽر ۽ خاطو به هئا، جن
دارالمصنفين بابت طرح طرح جا سوال پڇيا. ان جي ڪري
به دارالمصنفين جي حمايت لاءِ جوڳو بندوبست ٿيو.
وري منهنجو آڌر ڀاءُ خاص ڪري اسلامڪ ريسرچ
انسٽيٽيوٽ ۾ ڪيو ويو. ان موقعي تي دارالمصنفين جي
لاءِ ان جا ڇپايل سڀئي ڪتاب نذر ڪيا ويا.
اتي دارالمصنفين جي
ڪتابن جي وڪري جي لاءِ تعليم جي وزارت جي بالا
عملدارن سان به ملندو رهيس. جڏهن واپس ڪراچي آيس
ته مون جناب راشدي صاحب جا ٿورا مڃيا ته اهو سڀ
ڪجهه سندس ئي مهربانين جي ڪري ٿيو. مون کي اعظم
ڳڙهه واپس اچڻ جي تڪڙ هئي پر راشدي صاحب ترسايو ته
اڃا ته دارالمصنفين جي ڇپايل ڪتابن جي وڪري جي
ڳالهه اڳتي نه وڌي آهي؛ جيستائين حڪومت سان اهو
معاملو چڱي طرح نه نبري، تيستائين منهنجو واپس وڃڻ
مناسب نه ٿيندو. انهيءَ زماني ۾ امير خسرو رح جو
700 سؤ ساله جشن اسلام آباد ۾ ٿيڻ وارو هو. راشدي
صاحب زور رکيو ته آءٌ انهيءَ ۾ ضرور شريڪ ٿيان.
اهو جشن ٻن قسمن جو هو؛ هڪ قومي ۽ ٻيو بين
الاقوامي. قومي جشن ته اسلام آباد يونيورسٽيءَ جي
طرفان ٿيڻ وارو هو ۽ بين الاقوامي جشن جو بندوبست
حڪومت جي طرفان ڪيو ويو. هڪڙي ڏينهن ٻنهين منتظمين
جي طرفان مون وٽ هوائي جهاز جا ٽڪيٽ ۽ دعوت ناما
پهتا. اهو سڀڪجهه راشدي صاحب جي ڪري ٿيو.
مون کي دارالمصنفين جي ڪتابن جي وڪري جي ڪم کي
اڳتي وڌائڻو هو، تنهنڪري دعوت نامي ملڻ تي خوشي
ٿي، جنهن هوائي جهاز ۾ راشدي صاحب اسلام آباد وڃڻ
وارو هو، انهيءَ ۾ منهنجي سفر ڪرڻ جو به انتظام
ڪيل هو. اتفاق سان هارورڊ يونيورسٽيءَ جي مشهور
اسڪالر ڊاڪٽر اينمري شميل به انهيءَ هوائي جهاز ۾
اسلام آباد انهيءَ جشن جي لاءِ پئي ويئي. هوائي
اڏي تي هن جي نظر راشدي صاحب تي پئي ته وڏيءَ
اُڪير سان هن ڏانهن هلي آئي ۽ پوءِ ٻنهين ۾ اهڙي
بي تڪلفيءَ سان ڳالهيون ٿيڻ لڳيون جو معلوم ٿيو ٿي
ته ٻنهين جي دلين ۾ هڪ ٻئي جي علم جو وڏو قدر آهي.
اسين اسلام آباد جي انٽرڪانٽيننٽل هوٽل ۾ پهتاسون
ته راشدي صاحب سان ملڻ لاءِ ميڙا لڳي ويا؛ ماڻهو
کيس چوڌاري گهيري ويٺا. هو هنن سان پنهنجن ٽهڪڙن ۽
مٺڙي آواز سان ڳالهيون ڪندو ۽ پنهنجي خوش طبعيءَ
سان هنن کي وندرائيندو رهيو. انهيءَ مان سندس
مقبوليت ۽ محبوبيت جي خبر پئي. جشن جو افتتاحي
جلسو وڏي ڌام ڌوم سان ٿيو. وري چانهه جي
لاءِ وقفو ٿيو، ته ان ۾ به راشدي صاحب جي گهيري جو
نظارو ڏٺم. اسلام آباد يونيورسٽيءَ ۾ مقالن پڙهڻ
جا ڪيترائي اجلاس ٿيا. راشدي صاحب هر مقالي تي ڪا
نه ڪا دلچسپ ۽ چڀندڙ راءِ ڏني ٿي، جنهن تي مجلس ۾
ٽهڪڙا پئجي ٿي ويا. هڪڙي اجلاس ۾ منهنجي
اميد جي خلاف اعلان ٿيو ته ان جي صدارت مون حقير
کي ڪرڻي پوندي. مون کي ته ان جو خيال به ڪونه هو.
اهو سڀ ڪجهه ماٺ ميٺ ۾ راشدي صاحب جشن جي ڪاميٽيءَ
وارن کان ڪرايو. پوءِ آءٌ خاص ڪري سندس گهڻو
ٿورائتو ٿيس. هڪڙي اجلاس ۾ منهنجو به مقالو ”امير
خسرو ۽ تصوف“ جي عنوان سان هو. جڏهن مون اهو پڙهي
پورو ڪيو ته راشدي صاحب اُٿي اعلان ڪيو ته اِن
مقالي تي ڪنهن کي به سوال ڪرڻ جي اجازت ڪانهي. اهو
ڄڻ ته منهنجي احترام جو هڪ تمام وڏو اهتمام ۽ ثبوت
هو، جنهن جي ڪري آءٌ راشدي صاحب جو ويتر عاشق ٿي
پيس.
امير خسرو جو بين
الاقوامي جشن ته وري وڌيڪ شانائتي نموني ۾ ٿيو. ان
۾ به منهنجو هڪ مقالو هو. انهيءَ بين الاقوامي جشن
جي آخري اجلاس جي صدارت راشدي صاحب ڪئي ۽ جڏهن
سڀئي مقالا پڙهجي ويا، تڏهن راشدي صاحب اميد جي
خلاف پنهنجي صدارتي تقرير ۾ امير خسرو جي خلاف
گهڻو ئي ڪي پنهنجي بلند آواز ۽ سخت لهجي ۾ چئي
ويو. اتفاق سان سندس صدارتي ڪرسيءَ جي بلڪل اڳيان
آءٌ ويٺو هوس. جڏهن هو تقرير پوري ڪري ڊائس تان
هيٺ لٿو ته منهنجي اڳيان هٿ ٻڌي بيٺو ۽ چوڻ لڳو ته
”مون کي خبر آهي ته امير خسرو سان اوهان جي گهڻي
عقيدتمندي آهي، ان لاءِ اوهان دل ۾ نه ڪجو، اها
تقرير اوهان جي لاءِ نه هئي.“ آءٌ مُرڪي ماٺ ٿي
ويس، پر ان تقرير تي وڏو چوٻول ٿيو. رات جي مانيءَ
تي آءٌ راشدي صاحب سان هڪ هنڌ ويٺو هوس ته اردوءَ
جو مشهور شاعر فيض احمد فيض به اتي اچي ويٺو.
اوچتو جميل الدين عالي ۽ ابن انشا صاحب به اتي
پهچي ويا. جميل الدين عالي هڪدم راشدي صاحب کي
چهٽي ويو ته اهڙي تقرير ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.
ٻنهين جي گفتگوءَ ۾ تيزي آئي ته جناب فيض احمد فيض
وچ ۾ پئجي هنن کي ٿڌو ڪيو. ان وقت ائين لڳو ته
راشدي صاحب ۽ جميل الدين عالي پهرين ته هڪٻئي جي
ڏاڍو ويجهو هئا، پر هاڻي ٻئي هڪٻئي کان پري ٿي ويا
هئا. ان جو اندازو ان وقت ٿيو ته ان کان پوءِ آءٌ
جڏهن به ڪراچي ويس ته راشدي صاحب جي علمي گڏجاڻين
۾ جميل الدين عالي کي نه ڏٺم.
اسلام آباد جي
انهيءَ سفر ۾ دارالمصنفين جي ڪتابن جي وڪري تي
ٺاهه ته نه ٿي سگهيو، البت ان سلسلي ۾ شروعاتي
ڳالهيون ضرور ٿي ويون. ان جي لاءِ به آءٌ جناب
راشدي صاحب جو شڪرگذار ٿيس. سال 1975ع جي آخر ۾
اعظم ڳڙهه واپس هليو ويس، پر، سال 1976ع ۾ پاڪستان
جي پهرين بين الاقوامي سيرت ڪانگريس ۾ وري مون کي
دعوت ڏني ويئي. جڏهن ڪراچي پهتس ته وري راشدي صاحب
سان گڏجاڻيون ٿينديون رهيون. سيرت ڪانگريس جو
اجلاس جڏهن ڪراچيءَ ۾ پئي ٿيو ته راشدي صاحب
ان ۾ آيل ايراني مندوبين جي پنهنجي گهر تي هڪ
شاندار دعوت ڪئي. ان ۾ مون کي به گهرايائين.
انهيءَ دعوت ۾ مون راشدي صاحب کي ايرانين سان ڏاڍي
روان فارسيءَ ۾ ڳالهيون ڪندي ٻڌو، جنهن مان خبر
پئي ته کيس جديد فارسيءَ ۾ گفتگو ڪرڻ تي وڏي مهارت
حاصل آهي. انهيءَ ڀيري دارالمصنفين جي ڪتابن جي
وڪري جي ڳالهه ٻولهه ڪجهه اڳتي وڌي. اپريل 1976ع ۾
علامه اقبال تي هڪ سيمينار ٿيو، ته مولانا ڪوثر
نيازي وري هوائي جهاز جي ٽڪيٽ موڪلي اسلام آباد
گهرايو. اتي سيمينار ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ
دارالمصنفين جي مسئلي کي اڳتي وڌايم، پر دفتري
ڪارروائيءَ ۾ گهڻي دير ٿي ويئي. جيتري گهڻي دير
ٿيندي ٿي ويئي، اوتري راشدي صاحب جي ڪاوڙ وڌندي ٿي
ويئي. هن مون کي لکيو ته ”تون مون تي لعنت وجهي
ڪراچي واپس هليو اچ ۽ اعظم ڳڙهه هليو وڃ. آءٌ پاڻ
تي خود لعنت وجهندس ته مون ئي توکي انهيءَ
پريشانيءَ ۾ ڦاسايو آهي. ٿئي ته ڪجهه به نٿو
۽ تون اجايو مالي ۽ جاني خفن ۾ ڦاسي پيو آهين.“ پر
آخرڪار اهو معاملو ٺهي ويو ۽ پاڪستان جي حڪومت
نيشنل بوڪ فائونڊيشن کي اجازت ڏني ته اها
دارالمصنفين جي ڪتابن جي ڇپائيءَ جا حق پندرهن لکن
روپين ۾ خريد ڪري. جڏهن ڪراچيءَ ۾ ٽيليويزن ۽
ريڊيو جي عيوضين ۽ اخبارن جي ايڊيٽر جي ميڙ ۾
نيشنل بوڪ فائونڊيشن سان اهو ٺاهه ٿي ويو ته آءٌ
راشدي صاحب جي گهر تي حاضر ٿيس ۽ ساڻس گلي ملي چيم
ته جيڪي به ٿيو، اهو سندن علم نوازيءَ ۽
دارالمصنفين سان سندس محبت ڪري ٿيو. سندن ان احسان
کي دارالمصنفين جا ايندڙ نسل ڪڏهن به وساري نه
سگهندا.
ڊسمبر 1977ع ۾
علامه اقبال جي سؤ ساله سالگره جي بين الاقوامي
ڪانگريس جي جشن ۾ مون کي به دعوت ڏني ويئي. لاهور
جي انٽر ڪانٽيننٽل هوٽل ۾ راشدي صاحب به منهنجي
پهچڻ کان اڳ ۾ ئي اتي پهچي ويو. اتي ڪمري ۾ ساڻس
گڏ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه جي شعبهء تاريخ جو
اڳوڻو پروفيسر شيخ عبدالرشيد ترسيل هو؛ جيڪو سندس
گهڻو فدائي ۽ شيدائي هو. راشدي صاحب جي عقيدتمندن
جو ميڙو لڳو پيو هوندو هو. اتي سندن خوشمزاجيءَ ۽
چرچي ڀوڳ جون محفلون متل نظر آيون. ٻئي ڏينهن
اوچتو خبر پئي ته راشدي صاحب تي دل جو دورو پيو ۽
کيس رات جو ئي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. انهيءَ
خبرملڻ کان پوءِ جشن جو سمورو مزو ختم ٿي ويو. کيس
پُڇڻ جي لاءِ اسپتال پهتس ته کيس خوش ۽ تندرست ڏسي
راحت ٿي. صدر پاڪستان جنرل ضياء الحق به سندس طبع
پُرسيءَ جي لاءِ اُتي ويو هو، جنهن مان خبر پئي ته
سرڪاري طبقي ۾ به سندس وڏي عزت ڪئي ويندي هئي.
ڪراچي واپس اچي هو تندرست ٿي ويو. لاهور کان ڪراچي
آيس ته وري سندس رنگين علمي صحبتن مان لطف حاصل
ڪندو رهيس. هو مون کي پنهنجي دسترخوان کان سواءِ
پنهنجي لکڻ پڙهڻ واري ڪمري ۾ به وٺي ويندو هو، جتي
ڪلاڪن جا ڪلاڪ گفتگو ٿيندي رهندي هئي. تصوف،
مفلوظات خواجگانِ چشت، هندوستان ۾ شيعن جا تمدني
ڪارناما، مسمانن جي زوال جا سبب، نظير نيشاپوري،
غزالي مشهدي، بزم تيموريه، بزم مملوڪيه، غالب،
هندوستان جون موجوده علمي سرگرميون، مولانا شبلي،
علامه سيد سليمان ندوي، حسن دهلوي ۽ خدا ڄاڻي ته
ڪيترن موضوعن تي ڳالهيون ٿينديون هيون. هو مون کي
چوريندو هو ۽ شايد نفسياتي طرح مون کي سمجهڻ خاطر
مون کان ئي سڀ ڪجهه ٻڌڻ پسند ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن
مون وڏي حجت ڪري هن کي چيو ته مولانا اشرف علي
ٿانويءَ جو هڪڙو تمام پيارو مريد خواجه عزيزالحسن
غوري مجذوب هو. هن کي پنهنجي مرشد سان تمام گهڻو
عشق هوندو هو. هڪڙي ڏينهن هن حجت ڪري محبت مان
پنهنجي مرشد کي چيو ته سائين! منهنجي دل چوي ٿي ته
اوهان عورت هجو ها ته جيئن آءٌ اوهان سان نڪاح
ڪريان ها. مولانا هڪدم وراڻيس ته تنهنجي دل اهو ڇو
نه ٿي گهري ته تون عورت هجين ها ته آءٌ توسان نڪاح
ڪريان ها. اهو لطيفو ٻڌائي مون راشدي صاحب کي چيو
ته منهنجي دل چوي ٿي ته اوهان عورت هجو ها ته آءٌ
اوهان سان نڪاح وجهان ها. انهيءَ تي هن ٺهه پهه
اهوئي جواب ڏنو جيڪو مولانا ٿانوي خواجه صاحب کي
ڏنو هو. هاڻي اهڙيون حجتون ڪنهن سان ڪري سگهبيون؟
سال 1980ع ۾ مون کي هندوستان جي حڪومت جي طرفان هڪ
سند ملي، جنهن مطابق هر سال مون کي پنج هزار رپيه
وظيفو ملي ٿو. اها خبر جڏهن راشدي صاحب کي ملي ته
هن مون کي لکيو ته ”اوهان کي ان بيساکيءَ جي ضرورت
نه هئي.“
مارچ 1981ع ۾ اسلام
آباد ۾ قومي هجري تقريبات ٿيون ته انهن ۾ به اسلام
آباد پهچڻ جي دعوت ملي. انهيءَ تقريب کان
پوءِ جلد ڪراچي پهچڻ جي خواهش ٿي جو راشدي صاحب
سان هڪ ڀيرو وري سهڻي شام ۽ رنگين رات گذارڻ جو
وجهه ملندو. ساڻس ٻن سالن کان پوءِ گلي مليس
ته مون کي ائين لڳو ڄڻ علم ۽ محبت جي تمام وڏي
دولت جهوليءَ ۾ پيو کڻان. منهنجي ڪراچي پهچڻ کان
اڳ ۾ ئي هندوستان جو مشهور آثار قديمه ۽ ڪتبات جو
ماهر ڊاڪٽر ضياء الدين احمد ڊيسائي اتي پهچي ويو
هو ۽ راشدي صاحب وٽ ترسيل هو. پوءِ ته ڏاڍي سٺي
گڏجاڻي ٿي. هن وري پنهنجي مهمان نوازي ۽ علم
دوستيءَ جي جذبي هيٺ اسان جي لاءِ ڪراچيءَ جي
عالمن ۽ اديبن کي دعوت ڏني ۽ هڪ ڀيرو وري سندس گهر
علمي ميڪدو ٿي پيو، جتي لڳو ٿي ته راشدي صاحب پيتل
آهي، پياري پيو ۽ وک وک تي عجب بهاريون پيو
ڏيکاري. هڪڙي ڏينهن هن موٽر موڪلي مون کي پنهنجي
گهر گهرايو. هن جيڪي به ڪتاب لکيا آهن، انهن
جي ڳالهه نڪتي. مون کيس چيو ته اوهان جي لکيل
ڪتابن جو شمار قلم ۽ مس جي سهاري ئي ڪري سگهجي ٿو.
هن کي تذڪرن سان پيار نه پر شايد عشق هو. مقالات
الشعراء از قانع ٺٽوي، تڪلمـﮧ مقالات الشعراء از
خليل ٺٽوي، تذڪره حديقة الاولياء از عبدالقادر
ٺٽوي، روضة السلاطين ۽ تذڪره جواهرالعجائب از فخري
هروي کان سواءِ تذڪره شعرائي ڪشمير کي ايڊٽ ڪري
هو ان فن جي معيار کي تمام مٿي کڻي ويو.
ڪتابن کي ايڊٽ ڪرڻ ۾ هن جيڪا محنت ۽ پورهيو ڪيو
آهي، ان جي ڪري تذڪره لکندڙ ته پس منظر ۾ هليا ويا
آهن، پر هو پاڻ پنهنجي مقدمي، تعليقات ۽ وري شاعرن
جي احوالن ۽ آثارن جي واڌاري جي ڪري اهڙو ته اڀري
اڳيان اچي ٿو جو پڙهندڙن جي ذهن ۽ دماغ تي هن جوئي
قبضو هوندو آهي.
هن ڀيري به مون کي
خاص ڪري پنهنجو ڪتاب ”مرزا غازي بيگ ترخان اور
اسکي بزم ادب“ پڙهڻ جي لاءِ ڏنو، جيڪو شايد کيس به
گهڻو پسند هو. ان کي پڙهڻ وقت ائين محسوس ٿيو ته
راشدي صاحب ڪراچيءَ ۾ نه پر علامه شبليءَ جي قبر
ڀرسان دارالمصنفين ۾ ويٺو لکي. تحقيق جو اسلوب ۽
تنقيد جو انداز اهوئي آهي، جيڪو شبلي مڪتب جو آهي.
غازي بيگ ترخان، جهانگير جي طرفان سنڌ کان قنڌار
تائين ملڪ جو حاڪم هو. 25 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري
ويو، پر پنهنجي علم دوستي، شاعرن جي سرپرستي ۽
سخاوت جي ڪري هڪ اهڙو افسانو ڇڏي ويو جيڪو فسانه
عجائب کان گهٽ ڪونهي. هو پنهنجي وقت جو عبدالرحيم
هو. جيڪڏهن کيس وڏي عمر ملي ها ته عبدالرحيم خان
خانان جي علم پروريءَ جا داستان ماڻهن کان وسري
وڃن ها. مُلا عبدالباقي نهاونديءَ ماثر رحيمي لکي
جيڪا خدمت ڪئي آهي، اُها راشدي صاحب پنهنج اهو
ڪتاب لکي ڪئي آحي. پر ٻنهين ۾ تفاوت آهي ته مُلا
عبدالباقي نهاونديءَ جي لکڻين ۾ درٻاري رنگ آهي،
پر راشدي صاحب جي اسلوب ۾ ويهين صديءَ جو تصنيفي
شعور ۽ سليقو ظاهر آهي. ان کي پڙهڻ وقت ڪڏهن ڪڏهن
ته ائين ٿو محسوس ٿئي ته اسين ڪو افسانو پيا
پڙهون. ان جي بيان جو انداز ئي اهڙو آهي، مون
پنهنجي ڪتاب ”بزم تيموريه“ جي ٻئي جلد ۾ ان مان
گهڻو فائدو ورتو.
هڪڙي ڏينهن راشدي
صاحب مون کي ڊاڪٽر ضياء الدين احمد ڊيسائي ۽
پاڪستان جي آثار قديمه جي سپرنٽينڊنٽ جناب خورشيد
حسن سان گڏ ٺٽي ويو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ مشهور شهر
هو ۽ جتي ڪنهن وقت چار سؤ علمي مڪتب هئا، پر هاڻي
ماڻهو گهڻو ڪري اتي مڪليءَ جي شاهي قبرستان جي
زيارت لاءِ ويندا آهن، جيڪو ڇهن ميلن ۾ پکڙيل آهي.
هتي جي عمارتن تي جناب راشدي صاحب جو هڪ ڪتاب
”مڪلي نامو“ سنڌي زبان ۾ ڇپيو، جنهن ۾ تمام گهڻي
تحقيق ڪيل آهي. انهن عمارتن جي باري ۾ راشدي صاحب
کي تمام گهري ڄاڻ هئي. هن ڏاڍي چاهه سان پئي ٻڌايو
ته ڄام نظام الدين، ۽ مبارڪ خان جون قبرون ڏسو،
عيسيٰ خان ترخان، سلطان ابراهيم، جاني بيگ
ترخان، غازي بيگ ترخان، باقي بيگ ازبڪ، طغرل بيگ،
جان بابا ۽ ديوان شرفا جي مقبرن جي ڪاريگري ڏسو.
سرن ۽ پٿرن کان سواءِ اڇي ۽ نيري ٽائيل تي ڪاشيءَ
جو ڪم ۽ اُڀريل اکرن جا بهترين نمونا ڏسو. انهن جي
ڪن عمارتن تي جيڪي قرآني آيتون مهارت سان اُڪريل
هيون، انهن کي پڙهو. راشدي صاحب پاڻ اسان کي
ٻڌائيندو رهيو، جنهن مان خبر پئي ته پاڻ آثار
قديمه جو هڪ وڏو ماهر آهي. وري چوڻ لڳو ته شاهجهان
جي ٺهرايل هڪ مسجد کي به ڏسندا هلو. اتي اڇي
ٽائيل، موزيڪ، ڪاشيءَ جي ڪم ۽ پٿر تي اُڪر جون
جيڪي بهارون ڏسڻ ۾ آيون، انهن تي راشدي صاحب گهڻي
دير تائين ڳالهائيندو رهيو. ٺٽي مان واپس ويندي،
اسين هڪ اهڙي هنڌ ترسياسون، جنهن جي لاءِ چيو وڃي
ٿو ته اهو ديبل آهي ۽ اتي ئي محمد بن قاسم اچي
لنگر هنيو هو. هِن وقت اهو هڪ وڏي دڙي جي صورت ۾
آهي. پر راشدي صاحب پنهنجي پوري چرچائي انداز سان
يقين ڏياريو ته اهو ديبل هرگز ڪونهي؛ ديبل جي جاءِ
ڪٿي ٻئي هنڌ آهي. انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ رات دير
تائين سندس لکڻ پڙهڻ واري ڪمري ۾ ساڻس گڏ سندس
لکيل ڪتابن ۽ ٻين ڪتابن جي وچ ۾ ويهي علمي هني مون
ملهايوسون. هن جيترا به تذڪره خود ايڊٽ ڪيا آهن يا
ڪرايا آهن، انهن کي ڏسي مون عرض ڪيو ته مون انهن
تذڪرن مان مدد وٺي، پنهنجي ڪتاب ”بزم تيموريه“ ۾
ايترا ته واڌارا ڪيا آهن، جو هاڻي اهو ٽن جلدن ۾
شايع ٿي رهيو آهي، پر ان ۾ جيترو به واڌارو ڪريان
ٿو، اوترو ئي اوهان جا نوان نوان تذڪره سامهون اچن
ٿا ته منهنجو ڪتاب اڳي وانگر ئي اڻپورو لڳي ٿو.
انهن ڏينهن ۾ ڪراچي
يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر ابوالليث صديقي پاڻ وٽ رات
جي مانيءَ تي گهرايو. راشدي صاحب مون کي هن وٽ پاڻ
سان وٺي هليو. اتي پروفيسر ڊاڪٽر يونس حسني
۽ راز مراد آبادي اڳ ۾ ئي ويٺا هئا. ماني ڏاڍي
گهڻي ۽ تمام سٺي هئي. راشدي صاحب مانيءَ جي ڏاڍي
ساراهه ڪئي، پر خود راشدي صاحب کي سندس مزيدار
ڳالهين ۽ چرچن جو داد سڀني پئي ڏنو. راز مراد
آباديءَ پنهنجو ڪلام ٻڌايو. هن جي شعرن تي راشدي
صاحب جيڪو داد پئي ڏنو، ان جي ڪري محفل ڏاڍي متي.
گهڻيءَ دير تائين اها محفل هلي ۽ پوءِ راشدي صاحب،
مهرباني ڪري مون کي پنهنجي گهر ڇڏي ويو. |