سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1983ع (1)

 

صفحو :35

  1981ع جي شروع ٿيندي ئي، پير صاحب جي صحت اڳئين کان وڌيڪ خراب ٿيندي ويئي. ڪو آپريشن به ٿيو، جو بظاهر ڪامياب رهيو، پر سندس صحت لڏي چڪي هئي. پاڻ اچانڪ سگريٽ نوشي اختيار ڪيائون، جيڪا ڳالهه ان نقطي جو چٽو ثبوت هئي، ته هاڻي پاڻ تندرستيءَ جي لحاظ کان، ذهني طرح اهڙين حدن ۾ داخل ٿي چڪا آهن، جتي گهڻي سگريٽ ڇڪڻ ڪري، سندن صحت تي ڪنهن به بري اثر پوڻ جي کين پرواهه نه رهي آهي.

        1981ع جي پڇاڙيءَ ۾ سندن صحت ويتر وڌيڪ خراب ٿي چڪي هئي. علاج لاءِ لنڊن وڃڻ واسطي گهربل اجازت ملڻ ۾ جا دير ٿي، تنهن به سندن صحت کي هيڪاري جهوري رکيو هو. ان صورتحال ۾ پاڻ مذڪوره ڪتاب جي ڇپائيءَ جي ڪم جي ڪابه خاطر خواه نظرداري ڪري ڪو نه سگهيا هئا، جيئن، هميشه، شروع کان، پنهنجن ڪتابن جي پاڻ ڪندا هئا. بهرحال، ڪتاب جي ڇپائي ۽ اشاعت جو مون کي اونو ته ڏاڍو هو، پر سندن صحت جي سببن جي ڪري نڪي ته کانئن ان باري ۾ ڪي هدايتون حاصل ڪري سگهيس ۽ نه وري ان ڪم متعلق ڪنهن حلقي مان مون کي ڪو به اطلاع پهتو.

        نومبر 1981ع ۾ جڏهن ڪتاب شايع ٿيو ته منهنجي حيرت جي حد ئي ڪا نه رهي. جڏهن ڏٺم ته ڪتاب ۾ ڪٿي به منهنجي ڪيل محنت ۽ خدمت جو ڪو به اعتراف يا ذڪر ڪو نه هو، توڙي جو ان ۾ ڪاتب ۽ ڪمپازيٽر وغيره جو به ذڪر موجود هو! ائين به ڪو نه هو ته پير صاحب جن جي عدم توجهه سبب جن احبابن ۽ ڪرم فرمائن ڪتاب جي ڇپائيءَ  جو ڪم سنڀاليو هو، سي ان ڳالهه کان بي خبر هوندا ته هن هيڏي ساري مخيم ڪتاب جي مسودي تيار ڪرڻ تي ڪنهن نور نچويو آهي. مون کي يقين آهي ته سائين مرحوم پنهنجي حال ۾ هجن ها ته هو وڏيءَ فراخدليءَ سان منهنجي محنت ۽ جاکوڙ جو خود ذڪر ڪن ها. اها ڳالهه مون ته ٺهيو، پر ڪيترن اديب دوستن ۽ منهنجن بزرگن به محسوس ڪئي، ۽ مون کان پڇا به ڪئي، پر مان کين ڪهـڙو جواب ڏيئي ٿي سگهيس! مون ته پير صاحب جي حڪم جي پيروي ڪئي هئي. مون لاءِ اهوئي انعام ڪافي هو ته پاڻ منهنجي پورهئي تي خوش ٿيا، ۽ پسند ڪيو هئائون، ۽ سنڌي ادب کي ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ عنوان سان هڪ بهترين علمي شاهڪار ميسر ٿيو.

        پير صاحب کي علمي ڪم ڪار جي سلسلي ۾ پنهجن دوستن جي مدد، محنت ۽ خدمت جو وڏو اعتراف رهيو آهي. چنانچه، سندس ڪتابن ۾، جن جن عالمن ۽ دوستن، جيڪا به کيس مدد ڪئي هئي، تنهن جو واضح اعتراف، سندس مهاڳن ۽ ديباچن ۾ موجود آهي. 1978ع ۾، جڏهن سندن ڪتاب ”مير محمد معصوم بکري“ ڇپائيءَ جي آخري مرحلي ۾ هو. تڏهن پاڻ ان ڪتاب جي ترت اشاعت لاءِ ايتريقدر ته فڪرمند هئا. جو کين ان ڳالهه سان ڪا به دلسچپي ڪانه هئي ته هاڻي ان ڪتاب ۾ اهڙو اضافي مواد آڻجي، جيڪو ”مزيد سونهن سوڀيا“ جو باعث بنجي، پر منهنجي گذارش کي صبر ۽ خنده پيشانيءَ سان مهرباني ڪري قبول ڪري، ان ڳالهه تي آمادگي ظاهر ڪيائون ته ڪتاب ۾ ”ڏسڻي“ (Index) داخل ڪرڻ لاءِ اگر ڪجهه وقت دير به ٿي ويئي ته پاڻ ان کي برداشت ڪندا. چنانچه، ان ڪم لاءِ منهنجي پيش ڪيل خدمتن کي قبول ڪيائون. مون، عقيدت ۽ محبت وچان، راتين کي ڏينهن بڻائي، هڪ مهيني جي ٿورڙي عرصي اندر، ساڍا پنج سؤ صفحن جي ضخيم ۽ تاريخي مواد تي مشتمل متن جي ڏسڻي، ٽن مختلف حصن ۾ ٺاهي راس ڪئي. ڏسڻيءَ جو مسودو جڏهن سندن خدمت ۾ پيش ڪيم، تڏهن پاڻ از روءِ ڪرم، ان کي، بنا ڪنهن تصحيح ۽ ترميم اضافي جي، جيئن جو تيئن پسند ڪري، ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت ڏنائون. اها ڳالهه منهنجي لاءِ وڏي ۾ وڏي عزت افزائي هئي. پاڻ، منهنجي خدمتن جو اعتراف ”مير معصوم بکري“ جي ديباچي ۾ هنن سونهري لفظن ”جناب ناشاد جي شڪريه ادائي فرض ٿو سمجهان، جنهن دلچسپي وٺي، پاڻ هرتو محنت سان انڊيڪس ٺاهي، ڪتاب ۾ شامل ڪئي...“

*      *      *

        پير صاحب پنهنجن دوستن ۾ لاڳاپي وارن جي خوشيءَ خوشنودي، بهتري ۽ مشڪلڪشائيءَ جو خاص خيال رکندا هئا. ”ننڍن ۽ غريب دوستن“ جي دل وٺڻ وڏي حوصلي جو ڪم آهي. امير ۽ غريب جي تخصيص ۽ تفريق کان سواءِ، هر واسطي واري ماڻهوءَ تي دل نوازيءَ جي هڪ جيتري پالوٽ ڪرڻ، ڪن ٿورڙن اعليٰ ظرف انسانن جو شيوو هوندو آهي. پير صاحب انهن بلند ڪردار انسانن مان هو، ۽ پنهنجي عظمت جا اڻ مٽ نشان ڇڏيا اٿس. منهنجي حيثيت، وٽس هڪ غريب نيازمند جي هئي، جنهن مان کيس ڪڏهن به ڪنهن فائدي جي توقع نٿي ٿي سگهي. ان هوندي به، پير صاحب کي پنهنجي هن غريب عقيد تڪيش جي مسئلن سان گهري دلچسپي رهي ڪن ذاتي پريشانين دوران، پير صاحب جنهن انتهائي پنهنجائپ، شفقت ۽ ڪريميءَ سان مون کي جيڪي حوصلا ڏياريا ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ جيڪا ذهني تربيت ڪئي، تن وسيلي منهنجون مشڪلون مون کان وسري ويون. سندن ٻاجهه جا روح پرور نشان اڄ به منهنجيءَ دل تي کتل آهن.

        1977ع ۾، روس کان سندس واپسيءَ کان پوءِ، مون کي ساڻس وڌيڪ ويجهڙائي نصيب ٿي. ان کان پوءِ جڏهن به ڪراچي وڃڻ ٿيندو هو، ته سندس خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جي سعادت ضرور حاصل ڪندو هوس. مون کي حيرت ٿيندي هئي ته ايڏو گهڻ ڪمو ۽ وقت جو ايڏو پابند انسان، مون جهڙي هڪ ٺلهي ۽ رسمي عقيدت ڪيش کي ڪچهرين لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ وقت ڏيڻ لڳو. پاڻ ڪڏهن به بيزار نه ٿيندا هئا ۽ اطلاع ٿيندي ئي فوراَ سڏيندا هئا. حيدرآباد جي علمي ۽ ادبي سرگرمين جا حال احوال ۽ نون سنڌي ڪتابن جي اشاعت جي پڇا، سندس لازمي ۽ پسنديده سوال هوندا هئا. پاڻ سان گڏ ماني ته ضرور کارائيندا هئا، پر موڪلائڻ مهل، مون کي ياد ناهي ته ڪڏهن مون کي ٽيڪسي يا رڪشا جي تلاش رهي هوندي! پاڻ هميشه پنهنجي موٽر فراهم ڪندا هئا، جنهن وسيلي منزل مقصود تي جلدي ۽ آسانيءَ سان رسي گهبو هو. ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ هر ملاقات دوران ماني کارائڻ ۽ ان کان پوءِ واپسيءَ وقت پابنديءَ سان سواريءَ جو بندوبست ڪرڻ، ٻيڻي حوصلي جو ڪم آهي. پير صاحب بيشڪ نهايت مهربان ۽ وڏي ظرف وارا انسان هئا.

        1980ع ۾ جڏهن منهنجي شادي ٿي، تڏهن مون وٽ خرچ لاءِ پئسا پورا ڪونه هئا. منجهي پيو هوس. مون انتهائي حجت مان، کلندي، چيو: ”مان تي جيڪا به فرمائش رکندين سا پوري ڪندس.“ مون فرمائش ڪئي ۽ پير صاحب اوڏيءَ مهل ئي پوري ڪئي! (نقد پئسو، ۽ اهو به هزارن ۾، ڪنهن کي به امالڪ ائين کيسي ۾ وجهڻ لاءِ دل کپي، پير صاحب بيشڪ وڏيءَ دل وارو محبتي ماڻهو هو. اعليٰ انسان هو!)

        نه رڳو ايترو، پر ان سان گڏ، پير صاحب منهنجي شاديءَ جي موقعي تي پڻ ڀال ڀلايا. آءٌ کيس دعوت ڏيڻ واسطي ڪراچي ويس. پاڻ سموري پروگرام ۽ انتظامن بابت تفصيل سان، پيرائتي خبر چار ورتائون. بي انتها دعائن ۽ نيڪ تمنائن سان نوازيائون ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيائون، نهايت محبت وچان، کلندي اچڻ لاءِ ”شرط“ وجهڻ لڳا ته ”ڪراچيءَ کان حيدرآباد ۽ واپسيءَ لاءِ منهنجي موٽر جي پيٽرول جو بندوبست ڪندين، فاران هوٽل ۾ رهائش جو بل ادا ڪندين، حيدرآباد ۾ قيام دوران، منهنجي ۽ موجود دوستن جي ماني ٽڪيءَ جو خرچ ڪندين، اهي شرط منظور هجن ته ايندس.“ مون به فقري وار کين جواب ڏنو: ”پيٽرول جو خرچ توهان پاڻ ڪندا، هوٽل جو بل توهان پاڻ ادا ڪندا، ماني پڻ پنهنجي ئي خرچ تي کائيندا، آءٌ توهان کي شامياني ۾ فقط شربت جو گلاس پياري سگهندس.“ بهرحال، عرض اهو ڪرڻو هو ته پير صاحب ان موقعي تي نه صرف آيا، محفل کي رونق بخشيائون، پر ان سان گڏ قيمتي تحفن ۽ موڙن سان نوازيائون. پاڻ ئي مون کي شربت پياري ويا.

        منهنجي شاديءَ جي موقعي تي پاڻ ايترو ته سرها هئا، جو دوست عزيز خان محمد پنهور کي کلندي چيائون ته ”خان محمد! ناشاد جي شادي ڪرائي اٿئي، هاڻي منهنجي به ڪراءِ!“ ان قسم جي شگفته مزاجين سان سڄي مجلس کي زعفران زار بنائي ڇڏيائون!

        منهنجي خواهش تي، منهنجي دل رکڻ خاطر، پاڻ، مهرباني ڪري، مرداني مجلس مان اٿي بعد ۾ زنانه اجتماع ۾ آيا، ۽ ڪافي دير تائين منهنجي ڀرسان ويهي، ”پدرانه شفقتن“ جي سمورين نعمتن سان مون کي نوازيائون.

        1—اپريل 1982ع تي منهنجي محسن پير صاحب رحلت ڪئي! خبر ٻڌڻ شرط وايون بتال ٿي ويون! مون جهڙي سخت دل انسان جي اکين مان نيسارا وهي نڪتا! اکين امالڪ سمورو آب هاري ڇڏيو، پاڻ کي خالي ڪري ڇڏيو، ڪو به ڳوڙهو ڪو نه بچيو! مون پنهنجي ننڍيءَ عمر ۾ ٿورا گهڻا صدما سٺا آهن، پر پير صاحب جي وفات وقت، صبر ۽ تحمل ڪم اچي ڪو نه سگهيا!

 

 

سڄڻن جا سنيها

 

ڪرم فرما، محترم!

        توهان جو پهريو خط ئي مون کي ملي ويو هو. منهنجي بينائي معطل ٿي چڪي آهي. آءٌ جواب لکڻ کان معذور آهيان! هاڻي هي توهان جو ٻيو خط پهتو، ته جواب لکارائي رهيو آهيان.

        پير حسام الدين راشدي صاحب، منهجن تمام قريبي دوستن مان هئا، جنهن جي وفات مون تي گهرو اثر ڪيو آهي مون وٽ هن وقت رت جي لڙڪن کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ ڪانه آهي، جو توهان تائين پڄايان! هن وقت اهوئي هن فقير جو سرمايو آهي. منهنجي ذهن ۾ سندس بي شمار ساروڻيون آهن، جن بابت آءٌ اپٽار ڪرڻ چاهيان ٿو، ليڪن مان اکين کان معذور آهيان. مون وٽ هن وقت ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي:

درون دين نگه دارم اشڪ خون خويشم را،

که من فقيرم اين دولت خدا داد است.

        پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مون کي ٻن علم جي صاحبن سان ويجهڙائي رهي، جيڪي پنهنجيءَ نوعيت ۾ يگانا هئا. هڪ پير حسام الدين راشدي ۽ ٻيو علامه آءِ آءِ قاضي. انهن ٻنهين جهڙو محقق مون پاڪستان ۾ ڪو نه ڏٺو! ڪهڙو نه سٺو ٿئي ها، جو پير صاحب جي بدران الله سائين مون کي پاڻ وٽ گهرائي وٺي ها.

ليفٽيننٽ ڪرنل (رٽائرڊ) خواجه عبدالرشيد

لاهور 1---1---1983ع

(اردو تان ترجمو)

محترمي

        اوهان جو نوازش نامو ڪالهه پهتو، ياد لاءِ مهرباني. مون امالڪ ڊاڪٽر مالڪ رام کي فون ڪري، مهراڻ جي پير حسام الدين راشدي نمبر لاءِ مضمون موڪلڻ لاءِ تاڪيد ڪيو آهي. انجام ڏنائين ۽ اوهان جي ائڊريس پڻ نوٽ ڪيائين. اميد ته قول تي پڪو رهندو ۽ پير صاحب بابت مضمون لکي موڪليندو،. اول خير، 22—فيبروريءَ تي ساهيته اڪادمي جي ساليانه انعامي جلسي تي ساڻس ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ معلوم ٿيندو ته ڇا ڪيائين.

        خوشي اٿم ته اوهين برادرم راشديءَ تي آل انڊيا ريڊيو تان نشر ڪيل منهنجي تقرير ان خاص نمبر ۾ شامل ڪري رهيا آهيو، جيڪڏهن انهيءَ سان گڏ، ڪنهن به هنڌ هيءُ احوال ڏيئي سگهو ته بهتر. دوستن جي دعا سان آءٌ هتي تعليمي وزارت طرفان برپا ڪيل سنڌي صلاحڪار ڪاميٽي جو وائيس چيئرمن آهيان. اسان، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي سئو سالي تي، 23 کان 25 سيپٽمبر 1982ع تي سمپوزيم منعقد ڪيو، جنهن ۾ مڪاني عالمن ۽ علم دوستن کان سواءِ ڀارت جي جدا جدا پرانتن مان اٽڪل سٺ کن اديبن ۽ نقادن بهرو ورتو. افتتاحي جلسو هن خاڪسار جي صدات هيٺ هو. ڪاروائي شروع ٿيڻ کان اڳ مون پير حسام الدين راشدي صاحب جي انتقال پر ملال تي صدر جي حيثيت م تعزيت جي رٿ پيش ڪئي، ۽ عمل طور حاضرين، شادروان جي تعظيم ۽ تڪريم خاطر ٻه منٽ اٿي بيهي خاموشي اختيار ڪئي...

قربن مان،

ڊاڪٽر هرومل سدارنگاني ”خادم“

دهليءِ ڀارت.

17- 2- 1983ع

محترمي

        ”پير حسام الدين جي ياد ۾“ پنهنجي ذاتي مشاهدي تي مبني چند تاثر موڪليان ٿو. پير حسام الدين راشدي، اسان جي ادب ۽ ثقافت جو هڪ سنجيدو سخنور ۽ مڃيل محقق هو. اسان مان جيڪي سندس قريب رهيا آهن سي هن حقيقت کان ڀلي ڀت آگاهه آهن ۽ شاه صاحب جن هميشه نوجوانن جي اهڙين ڪاوشن ۽ ڪوششن جي حوصله افزائي ڪرڻ ۾ وسيع نظري ڏيکاري، جيڪي سندن خيالن موجب صحيح ۽ بامقصد هيون. ائين ڪندي هن ڪڏهن به ڪنهن ذاتي تڪليف ۽ اهنج جي ڪا پرواهه ڪانه ڪئي.

        سال 1974ع جي ڳالهه آهي ته جڏهن مون جيڪب آباد ۾ سنڌ جي ثقافتي ورثي بابت ٽن ڏينهن وارو پروگرام رٿيو ۽ پير صاحب کي ان ۾ شرڪت ڪرڻ جي ڪوٺ ڏني ته هن وڏيءَ سڪ سان منهنجو سڏ قبول ڪيو ۽ جيڪب آباد ڪهي آيا.

        اهو آڪٽوبر جو مهينو هو جيڪو جيڪب آباد ۾، ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾، گرم هوندو آهي. هر ڪنهن سڄڻ ائين پئي چيو ته پير صاحب گهڻي وقت کان هن علائقي ڏانهن ڪو نه آيو آهي، تنهنڪري هن ڀيري به گهڻي سفر ۽ گرميءَ سبب سندن اچڻ مشڪل آهي. اهڙن سڀني انديشن جي برعڪس پير صاحب نه رڳو اسان جي ڪوٺايل مذاڪري ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي، پر اسان سان ٻه ٽي ڏينهن گڏ گذاريائين.

        مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته پير صاحب مذاڪري دوران ٻڌايو هو ته هو تقريبا 30 سالن کان پوءِ جيڪب آباد آيو هيو، ان کان پوءِ شايد سال 1974ع ۾ اسيمبليءَ جي چونڊن جي سلسلي ۾ هڪ غريب اميدوار جي مدد لاءِ آيو هو جيڪو علائقي جي هڪ وڏي سردار سان، چونڊن لاءِ مقابلي ۾ بيٺو هو.

        سندس اهڙي ڪردار ۽ جذبي مان پير صاحب جي همت ۽ ثابت قدميءَ جو ثبوت ملي ٿو.

        راشدي صاحب جن وڏيءَ ڏات جا مالڪ هئا. منهنجي جڏهن به ساڻس روح رهاڻ ٿيندي هئي ته هو نهايت ئي شفقت سان پنهنجن خيالات ۽ علمي ڄاڻ جي مون تي مهرباني ڪندا هئا. اسان جي اڪثر سوچ ۽ گفتگو ان متعلق هوندي هئي ته سندن حساس دل ۽ روشن دماغ جي نڪتن کي ڪيئن عملي جامون پهرايون.

        پير صاحب کي اسان جي بيداري آڻيندڙ اشاعر حضرت سچل سرمست جي پيغام ۽ فلسفي کي جائز مقام ڏيارڻ جو اونو هو. اهڙي قسم جي گڏجاڻين ۽ سوچن مان آخرڪار ”سچل قومي سيمينار“ جو تصور اڀري آيو ته جيئن اسان جي ماڻهن ۽ اسان جي علائقي جي ادب، تواريخ، ثقافت، آثارقديمه ۽ محنت ڪشن جي هنرن تي روشني وجهڻ جو مؤثر ذريعو پيداٿئي. جيئن نه فقط اسان جي شاندار ماضيءَ جي عظيم ورثي کي مضبوط ۽ برقرار رکڻ لاءِ گهربل ذهن پيدا ٿئي پر آئينده ۾ ان کان به وڌيڪ سوڀ حاصل ڪرڻ جو حوصلو ۽ جذبو ٿئي. اهڙن قومي مذاڪرن جي اهميت ۽ افاديت ڪنهن بيان جي محتاج ناهي. اهڙن مذاڪرن کي وقت بوقت منعقد ڪرڻ سان ماضيءَ کان به وڌيڪ ڪاميابي ۽ سوڀ جي دلچسپي ۽ امنگ برقرار رهي سگهي ٿي.

        پير صاحب جهڙي سنجيده محقق ۽ باهمت سخنور ماڻهن جي اسان جي سماج ۾ گهڻي ئي ضرورت آهي، جيڪي پنهنجن جذبن ۽ پر خلوص خدمت سان اسان جي ادبي ۽ ثقافتي زندگي کي وڌيڪ اجاگر ڪندا اچن.

والسلام

سيد محب الله شاه

ڪمشنر سکر

1- مارچ 1983ع

       

عزيزي، سلامت هجو.

السلام عليڪم ورحمته الله برڪاتـﮧ،

        اوهان جو خط مورخه 20—ڊسمبر 1982ع پهتو آهي. بيحد مشغولي ۽ وقت جي ڪمي سببان هن وقت مقالو لکڻ مشڪل آهي. مرحوم پير حسام الدين جي ياد ۾ مقالو به وزنائتو هئڻ گهرجي. رڳو رسمي مقالي لکڻ سان اطمينان نه ٿيندو. منهنجا ڪاغذات ۽ ڪتاب به حيدرآباد ۾ آهن، هتان مقالي لکڻ لاءِ مواد موجود ڪونهي. آءٌ سندس مرتب ڪيل ”تڪمله مقالات الشعراء“ تي اضافن جي صورت ۾ اوهان کي مقالو لکي ڏيندس، ته جيئن سندس ياد ۾ علمي خدمت جو حق ادا ٿئي. هن خاص نمبر ۾ نه ته پوءِ ئي ان کي شايع ڪندا.

مخلص

نبي بخش

انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ هسٽري،

ڪلچر ائنڊ سولائيزيشن

پوسٽ باڪس نمبر 1230، اسلام آباد

25- 2- 1982ع

 

محترمي

السلام عليڪم:

        ”مهراڻ“ جي ”پير حسام الدين راشدي نمبر“ جي اشاعت مبارڪ هجي. آءٌ ڪن مصروفيتن باعث مرحوم تي ڪجهه لکي نه سگهيو آهيان.

        پير صاحب صحيح معنيٰ ۾ سنڌي ادب جي قابل قدر خدمت ڪئي آهي. سندس ڪيل علمي ۽ تحقيقي جاکوڙ سان سنڌي ادب هڪ نئين دؤر ۾ داخل ٿي ويو آهي. سندس سوانح ۽ ڪارناما سنڌ کي سدائين ياد رهندا.

        سنڌي ادب جي ميدان ۾ ۽ خاص ڪري سنڌي ادبي بورڊ ۾ اسان هڪ وڏي عرصي تائين گڏ رهياسين. بورڊ ۾، راشدي صاحب جيڪي خدمتون بجا آنديون، سي بورڊ لاءِ فخر جو باعث آهن.

        مون کي اميد آهي ته اوهان ”مهراڻ“ رسالي جو ”راشدي نمبر“ سندس شخصيت جي شايان شان شايع ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهندا.

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

هالا نوان

18- 3- 1983ع

 

برادرم

        توهان جو 30- جنوريءَ وارو رجسٽرڊ خط، مقتدره قومي زبان معرفت پهتل آهي. پير صاحب تي آءٌ مضمون ضرور لکان ها، اگر توهان جا پهريان خط ملي سگهن ها، ۽ اهو خط پڻ اگر جنوريءَ جي پهرئين هفتي ۾ به ملي وڃي ها، تڏهن به ضرور ڪوشش ڪريان ها. ليڪن هن وقت هڪ ته صحت جي سبب بيوس آهيان ۽ ٻيو ته جيڪي سنها ٿلها ڪم سامهون آهن، انهن کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هڪ سبب اهو به آهي ته مان پير صاحب تي جيڪي ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو، ان لاءِ هن وقت ماحول پڻ سازگار ناهي. رهيو پير صاحب جي سوانح ۽ علمي ادبي خدمتون، ته انهن موضوعن تي لکڻ وارا گهڻا آهن. يقين آهي ته حالتون سدائين اهڙيون ڪو نه رهنديون، آزاديءَ سان لکڻ لاءِ بيشمار ۽ بهترين موقعا پيدا ٿيندا.

خاڪسار

ابو سلمان شاهجهانپوري

ڪراچي

15- فيبروري 1983ع

(اردوءَ تان ترجمو)

 

محترمي

مون کي اهو ڄاڻي خوشي پهتي آهي، جو توهان مرحوم پير صاحب جي ياد ۾ ”مهراڻ“ جو خاص نمبر شايع ڪري رهيا آهيو. مون کي مرحوم جي صحبت ۾ ويهڻ جا گهڻا موقعا ڪو نه مليا، صرف چند دفعا ملاقاتون ٿيون. هڪ دفعو گرميءَ جي مند ۾ رمضان جو مهينو هو. آءٌ مڪليءَ تي مقبرن جو معائنو ڪري رهيو هوس. ڪم ختم ڪرڻ کان پوءِ جڏهن پير صاحب سان مليس ته پاڻ حيران ظاهر ڪيائون ته اهڙي گرميءَ ۾، روزي هوندي به، ايترو ڪم ڪري رهيو آهيان. مون جواب ۾ عرض ڪيو ته روزو منهنجي فرض ۾ رڪاوٽ نه بنجڻ گهرجي. مرحوم اهو ٻڌي بيحد خوش ٿيا. پير صاحب سان مرحوم ممتاز حسن ۽ وحيد صاحب گڏ هئا. پير صاحب، وحيد صاحب کان سندس ڪنهن عزيزه متعلق معلومات گهري. وحيد صاحب جواب ۾ چيو ته اها بلڪل ٺيڪ آهي ۽ هاڻي اردو سکي رهي آهي. پير صاحب برجسته فرمايو: ”ڏسو، نياڻي ڏني آهي، زبان نه!“

        آءٌ ايترو ڄاڻا ٿو ته مرحوم نهايت ئي عميق ۽ دقيق مطالع جا مالڪ هئا ۽ مون کي اهڙو ڪو ٻيو صاحب علم ملڪ ۾ نظر نٿو اچي. واقعي اهو ياد گار زمانو هو. ان کان سواءِ مرحوم پنهنجي خلوص ۽ اخلاق جي سبب سمورن حلقن ۾ بيحد مقبول هو. الله ڪريم مرحوم کي جنت الفردوس ۾ بلند مقام عطا فرمائي، آمين.

نيازمند

محمد ولي الله خان

لاهور

19-9-1982ع

(اردوءَ تان ترجمو)

محترمي

السلام عليڪم:

        اها نهايت خوشي پهچائيندڙ ڳالهه آهي، جو توهان سماهي مهراڻ جو راشدي نمبر ڪڍي رهيا آهيو. مرحوم سان منهجا، پراڻا واسطا هئا ۽ پاڻ هميشه مون تي بي پناهه شفقت فرمائيندا هئا. ۽ اهو ئي سبب آهي جو سندن رحلت منهنجي لاءِ هڪ عالم ۽ بزرگ ۽ شفيق دوست جي دائمي جدائي آهي!

        مان 30-آگسٽ 1982ع تي، هڪ سيمينار ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا وڃي رهيو آهيان. اتان سيپٽمبر جي آخري هفتي ۾ واپسي ٿيندي. في الحال سفر جي تيارين سبب پير صاحب تي ڪو جامع مضمون نه لکي سگهندس. اگر توهان وٽ وقت هوندو ته انشاعهالله واپسيءَ تي حسب توفيق اهو قرض لاهڻ جي ڪوشش ڪندس.

توهان جو،

شريف المجاهد

ڊائريڪٽر

قائد اعظم اڪيڊمي

ڪراچي

25-8-1982ع

(اردوءَ تان ترجمو)

 

محترمي

        اوهان جو ياداشت نامو مورخه 20- ڊسمبر 1982ع جو لکيل پهتو. يادگيريءَ لاءِ مهرباني. اوهان يقين رکندا ته مهراڻ جي پير حسام الدين راشدي نمبر لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور لکي موڪلبو. پر اڃا تائين لکڻ شروع نه ڪيو اٿم. اهو اسان جو فرض آهي ته پير صاحب تي جيترو به لکي سگهجي، اوترو لکجي ۽ اوهان جا ياداشت ناما ايندا رهيا ته اوهان اسان کي اتساهه ڏيارڻ ۾ (Motivate) سڦل ويندا.  اهڙيءَ طرح گذارش ڪندس ته جيئن اسان جي اڪثريت سستي ڪري ٿي، ان ڪري اوهان کي ياداشت ناما، فون ۽ ذاتي ملاقاتيون ڪرڻيو پونديون، تڏهن وڃي اسان جا ليکڪ ۽ دانشور لکڻ تي ويهندا.

        پير صاحب تي لکڻ جو واعدو ٿو ڪريان ۽ انشاء الله نئين سال جي پهرين مهيني ختم ٿيڻ کان پهرين اوهان ڏي منهنجو مضمون پهچي ويندو. اوهان سمجهو ٿا ته ڪجهه وقت وڌيڪ ڏيئي سگهندا ته بهتر ڇو ته تڙتڪڙ ۾ لکڻ مهل گهڻيون ڳالهيون رهجي وڃن ٿيون.

اوهان جو گهڻ گهرو

ظفر حسن

29---12---1982ع

 

 

اڪادمي ادبيات پاڪستان

بنگلو نمبر 36، گلي نمبر 48

ايف 8/4، اسلام آباد

 

اڪادمي ادبي انعامات 1402 هجري

        اڪادمي ادبيات پاڪستان 30- آڪٽوبر 1981ع کان 18-آڪٽوبر 1982ع (1402 هجري) جي دوران انگريزي، اردو، سنڌي، بلوچي، پشتو، پنجابي ۽ سرائڪي ۾ شايع ٿيل ادبي تنقيد، تحقيق، ناول، افساني، انشائيه، طنز و مزاح ۽ شاعريءَ جي بهترين ڪتابن تي ادبي انعام ڏيندي.

        اڪادمي پنهنجن ذريعن سان انهن ڪتابن متعلق، جيڪي ان دوران شايع ٿيا آهن، معلومات گڏ ڪري رهي آهي، تاهم اديبن، شاعرن، نقادن، محققن ۽ پڙهندڙن کي پڻ درخواست ڪجي ٿي ته اهي مٿئين عرصي ۾ شايع ٿيل ڪتابن جا نالا ۽ ڇپائيندڙن يا وڪرو ڪندن جي ائڊريسن کان فوري طور تي اڪادمي کي ڄاڻ ڏين. ان طرح اڪادميءَ جي فهرست وڌيڪ معتبر ٿي سگهندي.

        هي انعام طبعزاد ڪتابن لاءِ آهن. ترجما ۽ ايڊٽ ڪيل ڪتاب انعامن جي هن پروگرام ۾ شامل نه آهن.

خالد اقبال ياسر

ڊپٽي ڊئريڪٽر/ايڊيٽر

19---جنوري 1983ع

پي. آءِ . ڊي اسلام آباد: 3613/29

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com