سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1983ع (1)

 

صفحو :11

پير صاحب پنهنجي ذات ۾ انجمن هئا ۽ انجمن ساز شخصيت پڻ. سندن وجود ۾ ماڻهن کي گڏ وٺي هلڻ ۽ کين ملائي ڪم ڪرڻ جي وڏي صلاحيت هئي. ٻين ڳالهين کان سواءِ ان ڳالهه جو سبب اهو به هو جو پاڻ بي لوث انسان هئا. جاه طلبي کانئس ڪوهين ڏور رهي ۽ بجاءِ پنهنجي اڳتي وڌڻ جي دوستن کي اڳتي وڌائيندا هئا. انجمن ترقي اردو پاڪستان جي بنياد وجهندڙن ۾ سندن شمار ٿيڻ کپي، ڇو ته انجمن جي موجوده عمارتن جي حاصلات سندن ئي ڪوششن سان ٿي هئي. سنڌي ادبي بورڊ ۽ پوءِ انسٽيٽيوٽ ف سنڌالاجي  سندن ڪوششن سان قائم ٿيا. ليڪن سواءِ رسمي ميمبرشپ جي، پاڻ انهن ادارن ۾ ڪو به عهدو يا منصب وٺڻ پسند نه ڪيائون. سن 1967ع ۾ پير صاحب جي تجويز تي ۽ سندن ئي ڪاوش جي نتيجي ۾ انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل ائنڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز (موسسهء علوم آسيائي ميانه و غربي) وجود ۾ آيو پير صاحب جي تجويز تي ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي مرحوم ان جو صدر چونڊيو ۽ ممتاز حسن صاحب نائب صدر. رفيق جي اصرار جي باوجود پير صاحب ڪو به عهدو وٺڻ پسند نه ڪيو، ممتاز حسن جي وفات کان پوءِ کين نائب صدر جي عهدي قبول ڪرائڻ لاءِ وڏي مشڪل کان پوءِ راضي ڪيو ويو. ان کان سواءِ پاڻ مرڪزي اردو بورڊ لاهور ترقيء اردو بورڊ ڪراچي آرڪائيوز صلاحڪار ڪائونسل براءِ آثار قديمه، نئشنل ميوزم آف پاڪستان ڪميٽيءَ ٻين بي شمار اعليٰ سرڪاري ڪميٽين جا ميمبر رهيا. انهن سمورن ادارن ۾، سندن تعميري انداز فڪر سندن شخصيت جي دلاويزي ۽ سندن بي لوثي سبب گڏجي ڪم ڪرڻ جو جذبو (ٽيم اسپرٽ) زندهه رهندو آيو ۽ رٿيل ڪم ڪار خوش اسلوبيءَ سان سر انجام ٿيندا رهيا.

پير صاحب وڏا مجلسي انسان هئا. سندن شگفته مزاجي ۽ بدله سنجيءَ وسيلي هر محفل ۾ رونق ۽ زندگيءَ جو سبب پيدا ٿي ويندو هو. دوستن جي حلقي ۾ ويهڻ کان پوءِ پاڻ بي تڪلف ٿي ويندا هئا ۽ مزي سان ڳالهيون ڪندا هئا. بعض اوقات سنجيده طبع هوندا هئا ته سکر جي صحافتي دؤر جا، پاڪستان تحريڪ جي زمانن جا ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وارا بعض اهم واقعا دلچسپ ۽ پر معنيٰ انداز ۾ ٻڌائيندا هئا. سندن حافظو نهايت سٺو هو ۽ گفتگو جو انداز دلاويز، انڪري جڏهن هو پراڻا واقعا تفصيل سان ٻڌائيندا هئا (۽ ائين گهٽ ٿيندو هو) ته ٻڌڻ وارن کي وقت گذرڻ جو احساس ئي  نه ٿيندو هو ته ڪيتري دير ٿي چڪي آهي.

پير صاحب دوستن جي اچڻ سان خوش ٿيندا هئا ۽ دوستن جي گهر وڃي به. ممتاز حسن صاحب جيستائين زندهه هو انهن جو هڪ ٻئي وٽ اچڻ وڃڻ جاري رهيو. پوءِ بشير احمد ڊار صاحب مرحوم جيترو وقت اقبال اڪيڊمي جو ڊئريڪٽر رهيو، پير صاحب هر ٻئي ٽئي ڏينهن وٽس آفيس ۾ ويندا هئا. طارق روڊ طرف سندس رهڻ کان پوءِ ويجهڙائيءَ جو هڪ هوٽل ملاقات جي جاءِ طور ڪم ڏيندو هو. تاريخ جي مشهور استاد پروفيسر شيخ عبد الرشيدصاحب سان پير صاحب کي خاص سڪ هئي.جيستائين سندس رهائش الحمرا جي ويجهو بهادر آباد ۾ هئي، وٽس اچڻ وڃڻ لاءِ سولائي هئي. خود سندس گهر هلي ويندا هئا يا گاڏي موڪلي کيس پاڻ وٽ سڏي وٺندا هئا. حقيقت اها هئي ته جڏهن پير صاحب شيخ عبدالرشيد صاحب ۽ ڊار صاحب پاڻ ۾ گڏجندا هئا ته عجيب مجلس ٿيندي هئي، جنهن ۾ عالمانه نڪتا، خوش طبعيون کل ڀوڳ ۽ گذري ويل زماني جون اهڙيون اهڙوين ڳالهيون نڪرنديون هيون جي اگر ٽيپ ٿي سگهن ها ته محفوظ ۽ يادگار بنجي وڃن ها. شيخ صاحب عليڳڙهه جي موضوع تي اچي اتان جون يادگيريون ٻڌائڻ لڳندا هئا. پير صاحب شيخ صاحب جي ان ڪمزوريءَ تي نهايت لطيف فقره بازي ڪندا هئا. پير صاحب سنڌي هئا ۽ شيخ صاحب پنجابي آهن. ان نڪتي تي پڻ مزيدار نوڪ جهوڪ ٿيندي هئي. ليڪن انهن ٻنهي بزرگن ۾ جا گهاٽي محبت ۽ الفت هئي، سا گذري ويل زمانن جي خلوص ۽ نگت جي آئينه دار هئي. هاڻي نه اهي ماڻهو رهيا آهن ۽ نه اهي محبتون ۽ دوستيون. انهن صحبتن ۾ مون کي ۽ منهنجي دوست پروفيسر محمود الحسن صديقي کي پڻ شرڪت جا اڪثر موقعا ملندا هئا، ڇاڪاڻ ته اسان ٻيئي هڪ طرف شيخ صاحب سان شاگرديءَ جي ناتي ۾ آهيون ته ٻئي طرف پير صاحب جي دوستن جي حلقي ۾ شامل.

الحمرا سوسائٽيءَ ۾ اچي رهڻ کان پوءِ پير صاحب جو اهو معمول هوندو هو ته هر مهيني ۾ ٻه _ ٽي ڀيرا يونيورسٽي ڪئمپس طرف ايندا هئا. اسان جي بيٺڪ يا منهنجي گهر ٿيندي هئي يا صديقي صاحب وٽ. اتي ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب پڻ اچي شريڪ ٿيندو هو. شام جي وقت يونيورسٽيءَ جي هوا نهايت خوشگوار بنجي ويندي آهي. شهر ۾ گهٽ ۽ حبس هجي، تڏهن به ڪئمپس ۾ وڻندڙ هوا جا ڪجهه جهونڪا پهچي ئي ويندا آهن. پير صاحب شام ويلي ڪئمپس پهچي نهايت خوش ٿيندا هئا ۽ وڏي اطمينان ۽ سڪون سان، ڪلاڪ ٻه ڪلاڪ ويهندا هئا. انهن رهاڻين ۾ انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل ائنڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز جا ڪم ڪار پڻ گفتگو جا موضوع بنجندا هئا ۽ فيصله طلب مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي ويندي هئي. آءٌ انهيءَ شام کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس جڏهن پير صاحب آخري دفعو منهنجي گهر آيا هئا. يونيورسٽي طرف اهو سندن آخري چڪر هو. شايد نومبر 1982ع جو مهينو هو. پير صاحب جڏهن به منهنجي گهر تشريف فرما ٿيندا هئا ته انهيءَ ڪمري ۾ ويهڻ پسند ڪندا هئا، جتي منهنجي لئبرري هئي. تنهن ڏينهن مون کين ڊرائينگ روم ۾ ويهڻ لاءِ عرض ڪيو ته پاڻ منهنجي دل رکي اتي ويهي رهيا. صديقي صاحب ۽ شوق صاحب پڻ موجود هئا. پير صاحب ان ڏينهن معمول جي خلاف اداس هئا. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ مون اٿي عابده پروين جو ڪيسيٽ لڳايو، جنهن ۾ سڀ ڪلام  سنڌ جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ مان چونڊيل هئا پير صاحب تي هڪ غير معمولي ڪيفيت طاري ٿي ويئي ۽ پاڻ سر جهڪائي پوري ڌيان سان ٻڌندا رهيا. ڪيسيٽ جو هڪ طرف وڄي ختم ٿيو ته مون ٻيو پاسو شروع ڪيو، جنهن ۾ سڀ کان پهريون ڪلام ”سورٺ“ هو. پير صاحب استغراق جي عالم ۾ ٻڌندا رهيا. جڏهن ڪيسٽ ختم ٿي ويو ته مون کين عرض ڪيو ته مون وٽ ايراني نغمن جو پڻ هڪ ڪيسٽ آهي. پير صاحب فرمايو ته اهو پڻ ٻڌرايو. اهو ڪيسٽ پڻ پاڻ ٻنهي طرفن کان ٻڌائون. ان دوران، سندن چهري جا تاثرات ظاهر ڪري رهيا هئا ته سندن نگاهن آڏو انهيءَ ايران جا منظر فلم وانگيان هلي رهيا هئا، جنهن سان کين عشق هو ۽ جيڪو هاڻي ”قصئه پارينه“ بنجي چڪو آهي.

پير صاحب جي علمي ڪارنامن لاءِ هڪ الڳ دفتر درڪار آهي. جيڪي علمي ڪم پاڻ مڪمل ڪيا اٿن. تن جي لسٽ ڪافي وڏي آهي ۽ خاص طرح سان سندن وفات کان پوءِ اخبان ان کي ڪيترائي ڀيرا شايع ڪيو آهي ڪيترائي اهڙا ڪم هئا، جيڪي هلندڙ هئا ۽ سندن حياتيءَ ۾ مڪمل ٿي نه سگهيا آهن.  در اصل زندگيءَ جي آخري سالن ۾ مرض جي شدت جي ڪري پير صاحب وڌيڪ ڪم ڪري نه سگهيا هئا. غير مڪمل ڪمن مان غالباً سڀ کان وڌيڪ اهم ڪم مرزا حيدر دغلات جي شهرهء آفاق تاريخ رشيدي جي ايڊيٽنگ جو ڪم هو. اها رٿا سندس زندگيءَ جي وڏين آرزوئن جي هئي ۽ 1981ع جي پڇاڙيءَ تائين پاڻ ان فڪر ۾ هئا ته ڪنهن طرح اهو ڪم پورو ٿي وڃي. جنوري 1982ع ۾ جڏهن پاڻ لنڊن روانا ٿيڻ وارا هئا تڏهن شايد اچڻ واري واقعي جو مٿس القا ٿي چڪو هو، ڇاڪاڻ جو روانگي کان اڳ ”تاريخ رشيدي“ جي سمورن روٽو گرافن ۽ صاف ڪيل نقلن جو ڪريٽ منهنجي ۽ پروفيسر محمود الحسن صديقيءَ جي حوالي ڪري ويا.

هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هڪ اهڙو ادارو قائم ڪيو وڃي، جيڪو پير صاحب جي علمي مشن کي جاري رکي. ٻين ڪمن سان گڏ انهن ڪتابن کي پورو ڪري ڇپائي جيڪي پاڻ اڻمڪمل حالت ۾ ڇڏي ويا آهن. سندن اهي ڪتاب پڻ ٻيهر شايع ڪري، جيڪي هاڻي ناياب ٿي ويا آهن ۽ سندن مضمونن کي گڏ ڪري مجموعن جي شڪل ۾ شايع ڪري پير صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ بي شمار لکندڙن، اديبن ۽ شاعرن جي همت افزائي ۽ واهر ڪئي. هاڻي اهو انهن ماڻهن جو فرض آهي ته هو پير صاحب جي عظيم علمي مشن کي جاري رکڻ ۾ سيد حسين شاهه راشدي جو هٿ ونڊائين، جنهن صاحب انهيءَ ڪم جو بار پنهنجي مٿي کنيو آهي.

(مترجم: نفيس احمد شيخ)

..................................

سمن جي شمع جو آخري شعاءُ ان کان پوءِ ان جو اجهامڻ، باهمي نزاع سبب سنڌ جي آزاديءَ جو سلب ٿيڻ، سنڌ جي سرزمين تي ڏيهئون ڏور قنڌارئون پري جي هڪ تڙيل قبيلي جو تسلط ڪرڻ، ڪجهه تڙ ڏاڏهنس جي آخر دور حيات ۾ ۽ باقي پڙ ڏاڏهنس جي سانڀر ۾ ٿيڻ کپي. ارغون بابر هٿان تهس نهس ٿي، قنڌار مان مان لڏ پٽي ڪيئن اچي سبيءَ منجهه لٿا! نظام الدين جي واصل بالله ٿيڻ کان پوءِ ڪيئن تخت نشينيءَ جي سلسلي ۾ خانه جنگيءَ جو آغاز ٿيو؟ صلاح الدين هڪ طرف ۽ فيروز ٻئي طرف ڪهڙيءَ ريت پنهنجي پنهنجي مدد ۽ مداوا لاءِ پيءُ _ ڏاڏي جي آزاد مملڪت مٿان پراون جا ڪٽڪ ڪهرائي اچي پهتا؟ سبيءَ جي خشڪ برپٽ بيابان مان بيزار ٿيل ۽ شال جي ويران ٽاڪرو ملڪ جا ڏڪاريل ارغون ڪيئن سنڌين جي گهرو نفاق مان فائدو وٺي پهرين ٽانڊي ڪاڻ اچي، پوءِ بورچي بڻجي ويهي رهيا؟ دريا خان دولهه ڪهڙيءَ ريت سنڌ جي انهيءَ غلاميءَ واري داستان جي سرخيءَ کي پنهنجي خون سان رتولي، ظالمن جي دامن دائمي طرح داغي ڇڏي؟ الغرض اهي سڀئي هاڃا ۽ اهي سمورا حادثا اهي مڙئي قهر ۽ اهي سڄا ڪلور عطا جي پڙ ڏاڏي پنهنجي گنهگار اکين سان ڏٺا هوندا.

_ سيد حسام الدين راشدي

(مثنويات هشت بهشت ص 89)

 

اعجاز الحق قدوسي ¢

 

پير حسام الدين راشدي – منهنجو قدردان

 

        10- اپريل 1954ع نهنجي زندگيءَ جو نهايت اُداس ۽ غمگين ڏينهن هو، جو ان ڏينهن تي منهنجي والده رحلت ڪئي. پوءِ پهرين اپريل 1982ع هڪ اُداس ۽ غمگين ڏينهن  وري منهنجي سامهون آيو، ان ڏينهن منهنجي عزيز ترين دوست پير حسام الدين راشديءَ انتقال ڪيو. هي ٻيو صدمو به منهنجي سهپ کان ٻاهر هو. 25 سالن جي دوستيءَ ۽ خلوص مون کي ’يڪ جان دو قالب‘ بنائي ڇڏيو هو. اسان جي دوستي سڄي پاڪستان ۾ مشهور هئي. منهنجي راءِ تي کيس وڏو اعتماد حاصل هو. پاڻ هميشه مون سان اهم مسئلن دوران مشورو ڪندا هئا. آءٌ کين نهايت خلوص سان راءِ ڏيندو هوس. پاڻ فرمائيندا هئا ته ”قدوسي! آءٌ صرف توسان مشورو ڪريان ٿو، تون صائب الراءِ آهين، آءٌ پنهنجي ڀاءُ سان به مشورو نه ڪندو آهيان.“ پاڻ مون کي عزيزن کان وڌيڪ گهرندا هئا ۽ مان پڻ ساڻس بي پناهه محبت ۽ عقيدت رکندو هوس.

تم مين هم اور هم مين تم گُم هوگئلآ،

رفته رفته ايک هم تم هوگئلآ.

        منهنجي ساڻس پهرين ملاقات 1951ع ۾ ٿي. ملاقات کان اڳ، مون پاڪستان ۾ شروعاتي ملازمت مولانا احتشام الحق ٿانوي رح وٽ ڪئي، جا ويهه پنجويهه ڏينهن هئي. اُتي منهنجو رفيق ڪار مولانا عبدالحليم چشتي هو. هُو اڪثر راشدي صاحب جي مشهور ڪتبخاني جو ذڪر ڪندو رهندو هو ۽ چوندو هو ته فلاڻو ڪتاب مون پير صاحب جي لئبرريءَ ۾ ڏٺو هو، وغيره.

        منهنجي ذهن ۾ ان وقت پير صاحب جو جيڪو تصوراتي خاڪو جُڙيو، تنهن ۾ جبه و دستار، عُبا ۽ قبا ۽ مريدن جي فوج ظفر موج جي بنياد تي، مگر ساڻس ملاقات کان پوءِ هي حقيقت واضح ٿي ته پاڻ مغربي لباس ۾ مشرقي دل و دماغ جا صاحب آهن، مشاهدي کان پوءِ، تصوراتي خاڪو پُرزا پُرزا ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ تي جيڪا تصوير سامهون آئي ان ۾ خلوص ۽ محبت، وقار ۽ انڪسار سمايل هئا.

        منهنجي ساڻس پهرين ملاقات 1951ع ۾ ٿي، جڏهن مان سنڌي ادبي بورڊ ۾ نئون نئون ملازم ٿيو هوس. بورڊ ۾ منهنجو واسطو سڀني کان وڌيڪ راشدي صاحب سان پيو. اڃا آفيس ويندي ٻه – ٽي ڏينهن  مس گذريا هئا، ته هڪ صاحب تشريف فرما ٿيو: سوٽ بوٽ ۾ ملبوس، مٿي تي هئٽ، شڪل شبيـﮧ مان نفاست پسندي ظاهر، شرافت ۽ سيادت جو پيڪر، ڪجهه ڪتاب بغل ۾ دٻائي منهنجي ميز جي سامهون اچي بيهي رهيو. منهنجي ڪم کي وڏي غور سان ڏٺائين. ڪتاب ميز تي رکي مون کي چوڻ لڳو ته جتي جتي مون نشان وڌا آهن، اهي ٽڪرا نقل ڪجن، مگر ڪابه غلطي نه ٿئي. ٽن- چئن ڏينهن ۾ اهو ڪم ختم ڪري منهنجي حوالي ڪجو. ٽن- چئن ڏينهن کان پوءِ هُو وري آيو ۽ منهنجي ميز آڏو بيهي پڇڻ لڳو ته غالباَ توهان اُهي ڪاغذ تيار ڪري ڇڏيا هوندا. مون وراڻيو: جي، ها. اهي تيار آهن. پوءِ پاڻ اهي ڪاغذ وڏي غور سان ڏسڻ لڳو. مون سندس چهري تي اطمينان جا آثار ڏٺا. پاڻ سمورين عبارتن کي غور سان جاچي چوڻ لڳو ته توکي ڪهڙي احمق هِتي ويهاريو آهي ته مسوده نويسي ڪندو رهين؟ مون وراڻيو ته هن جاءِ تي مون کي منهنجي قسمت ويهاريو آهي. توهان چاهيو ته بورڊ ۾ منهنجي صلاحيتن جي تصديق ڪري، منهنجي ترقيءَ جي سفارش ڪري سگهو ٿا. راشدي صاحب فرمايو ته مان ضرور تنهنجي سفارش ڪندس. چنانچه، پاڻ پنهنجو اهو واعدو پورو ڪيو ۽ منهنجي پگهار، ٻن مهينن کان پوءِ اَسي رپين مان وڌائي هڪ سؤ ويهه رپيا ڪئي ويئي.

        آءٌ پهرين دفعو، ڪنهن آفيس جي ڪم سان سندس جمشيد روڊ واري بنگلي ”بيت الضياء“ ويس. نهايت گرمجوشيءَ سان مليو ۽ موڪلائڻ وقت رڪشا جو ڀاڙو وڌايائين. مون گهڻوئي انڪار ڪيو، پر سندس اصرار وڌندو  رهيو. آخر مون ائين چئي ڪرايو ورتو ته پيرن جو تبرڪ آهي، ان کان نٽائڻ مناسب نٿو لڳي.

        تڪلف ۽ افسري- ماتحتيءَ جا ويڇا ڇڄندا ويا. بي تڪلفي ۽ دوستيءَ اها جاءِ والاري. ايتريقدر جو اسان ٻئي انهيءَ ناتي ۾ اچي وياسين، جو اسان جي دوستي، پوري پاڪستان جي سموري علمي دنيا ۾ مشهور ٿي ويئي. مون دوستي ۽ افسري- ماتحتي جي خانن کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو هو، جيڪي هڪٻئي تي اثرانداز نٿي ٿيا.

        مون کي ياد آهي ته آءٌ هڪ دفعو مقالات الشعراء جو مسودو صاف ڪري وٺي ويو هوس، راشدي صاحب تاڪيد ڪيو هو ته جيئن ته اِهو مسودو پريس لاءِ آهي، ان ڪري ان کي ان طرح صاف ڪري اچان، جيئن هر لفظ جي وچ ۾ ٿوري اسپيس هجي. جڏهن مسودو سندس آڏو رکيم ته کيس پسند ڪونه آيو ۽ ڪاوڙ مان سڄو مسودو ڦاڙي ڇڏيائين. اگرچه ان وقت سندس اهو عمل مون کي سخت ناگوار لڳو، پر ان ڳالهه مان مون اهو سبق سکي ورتو ته پريس ۾ ڇپجڻ لاءِ مسودا ڪهڙيءَ طرح تيار ڪيا ويندا آهن.

        مون پير صاحب کان گهڻو پرايو آهي. اگر مان کيس پنهنجي معنوي استاد چوان ته بيجا نه ٿيندو. اجمال کي تفصيل بنائڻ جو طريقو مون وٽانئس سکيو. سنڌ جي تاريخ جا گُر پير صاحب ئي مون کي سيکاريا.

        سنڌ وارن تي راشدي صاحب جو وڏي ۾ وڏو احسان اهو آهي، جو سنڌ جي تاريخ جي ڪميابي بلڪ نايابي سبب مٿس جيڪي قلف چڙهيل هئا، راشدي صاحب انهن ماخذن کي ايڊيٽنگ جي جديد، مستند، مدلل ۽ سائنسي اصولن موجب حواشي ۽ تعليقات، مقدمن ۽ حاشين، وضاحتن ۽ نوٽن سان سنواري ۽ سينگاري، قلفن جي ڪٽ لاٿي ۽ منظر عام تي آندا ۽ ان طرح سنڌ جي تاريخ عام ماڻهو آڏو پهتي. سنڌ جي تاريخ جا اڪثر ماخذ سندس ئي ايڊٽ ڪيل آهن.

        ان طرح پاڻ سنڌ جي فارسي گو شاعرن تي پڻ وڏو احسان ڪيو آهي. اڪثر شاعرن جي تصنيفات کي ايڊٽ ڪري، سنڌ جي فارسي گو شاعرن جي سرمايي کي هميشه لاءِ محفوظ ڪيو اٿن، جنهن ۾ احساس ۽ فڪر جي هڪ ڪائنات سميٽيل آهي.

        ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مير علي شير قانع ٺٽوي سنڌ جي سياسي،  معاشرتي ۽ ادبي تاريخ کي نئين حياتي بخشي آهي، ليڪن موجوده دور ۾ راشدي صاحب نئين رنگ ۽ ڍنگ، روپ ۽ سجاوٽ سان سنڌ جي تاريخ جي چمن ۾ هڪ نئين بهار آندي آهي. اگرچه پير صاحب جو اهو ڪارنامو قانع جو نقش ثاني آهي، ليڪن هن صاحب، قانع جي تاريخي نشانن کي اجاگر ڪري هڪ نئون موڙ ڏنو آهي. قانع بيشڪ سنڌ جي تاريخ جو اولين محسن آهي، پر موجوده زماني ۾ پير صاحب طرفان سنڌ جي تاريخ لاءِ ڪيل خدمتن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. مقالات الشعراء ۽ تڪمله مقالات الشعراء، سندس ايڊٽنگ جا اهي وڏا ڪارناما آهن، جي سندس شهرت ۽ عظمت کي چار چنڊ لڳايو بيٺا آهن.

        مون سان سندن خلوص ۽ محبت جو اهو عالم هو جو اپريل 1963ع ۾ جڏهن مان انجمن ترقي اردو مان ترقيء اردو بورڊ ۾ آيس ته راشدي صاحب جو گهر منهنجي نئين آفيس کي ويجهو هو. چوڻ لڳو ته تون منجهند جي ماني روزانو منهنجي گهر کائيندين. مون گهڻو ئي نٽايو، پر پاڻ ڪونه مڃيائون. آخرڪار، منجهند جي ماني آءٌ اڪثر و بيشتر وٽس ئي کائيندو هوس.

        هر علمي ۽ ادبي ماڻهوءَ  سان پير صاحب کي دلي لڳاءُ هوندو هو. کيس جتي به علم ۽ فن وارو ماڻهو سُجهندو هو ته ان جي عزت ۽ احترام ڪندو هو. هڪ دفعي، جوش مليح آباديءَ سان سندس ڪجهه شڪر رنجي ٿي پيئي، جنهنڪري جوش مٿس هڪ شڪايتي شعر چيو؛

حسام الدين ڀي شمشير نڪللآ

ميرلآ حق مين بُتِ بي پير نڪللآ

        راشدي صاحب ساڻس معذرت ڪئي ته مون ڏٺو ته ان کان پوءِ هُو ٻيئي پاڻ ۾ هميشه وانگر کير کنڊ ٿي ويا. بحيثيت اديب ۽ شاعر، جوش صاحب جو پير صاحب وڏو قدر ڪندو هو.

        فيبروري 1982ع جي پهرئين هفتي ۾ مون کيس هڪ خط لکيو هو: ”هاڻي جسم تي ڇالا پئجي ويا، ڪيترن ئي ماهر ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو اٿم، مگر تقدير ۾ ناڪامي لکيل آهي. ”تن همه داغ داغ شد، پنبه کجا کجا نهم.“ خدا ڄاڻي، هي خط کين مليو يا نه، مان پنهنجي بيماريءَ ۾ پريشان هوس. مون کي خبر ناهي ته هن يار عزيز تي ڇا گذري؟

        آخر پهرين اپريل 1982ع تي اهو قيامت خيز ڏينهن اچي ويو، جڏهن منهنجو محسن، منهنجو قدردان، منهنجو شفيق ۽ عزيز دوست پير حسام الدين راشدي، مون کي ۽ پنهنجن لاتعداد دوستن کي ڇڏي، انهيءَ ڏورانهين ڏيهه اُسهيو، جتان ڪوبه وانگي وريو ناهي.

(سنڌيڪار: انور هالائي)

 

........................................

 

ٻارهين صدي هجري سنڌ لاءِ سڀاڳي به هئي ۽ نڀاڳي به. سڀاڳي هن لاءِ ته مغلن جي ڏيڍ سؤ ورهين واري غلاميءَ کان سنڌ کي نجات ملي، جنهن جي پيڙا سنڌين جو ست ۽ رت سڪائي ڇڏيو هو. نڀاڳي هن ڪري جو غيرن جي بالادستيءَ سنڌي ذهن، فڪر، معاشري ۽معيشيت ۾ جيڪي ناسور پيدا ڪيا ۽ نقصان رسايا، تن جي چيٺ اڃا مس شروع ٿي ته مٿان اچي نادر افشار جو ڪوپ ڪڙڪيو، جنهن آزاديءَ جي نئين اڏاوت جون سڀئي چوڙون هڪ دفعو وري ڌوڏي ڇڏيون.

        ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو اِهو وڏي ۾ وڏو الميو  آهي، جيڪو ميان نور محمد جي دور ۾ ٿيو، ۽ جنهن ميان صاحب جي سڀني عزائمن کي ختم ۽ سندس همت جي سڀني بلندين کي پست ڪري ڇڏيو. ”وصيت“ اندر نهايت دردناڪ لهجي ۾ انهيءَ واقعي جا اشارا موجود آهن.

 

- سيد حسام الدين راشدي

(منشور الوصيت و دستور الحڪومت ص 11)


نوٽ: پير صاحب جي دلي دوست ۽ معمر اهل قلم جناب مولانا اعجازالحق قدوسي، باوجود پيرسني ۽ علالت جي، اسان جي گزارش تي، اهو مضمون، خاص طرح سان هن خصوصي نمبر لاءِ لکي موڪليو، جنهن جو ترجمو ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com