سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1983ع (1)

 

صفحو :1

مهراڻ 1983ع (1)

نگران: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ

 

قرآن ڪريم جون مقدس آيتون ۽ نبي ڪريم صه جون حديثون ديني معلومات لاءِ شايع ڪيون وڃن ٿيون. اُنهن جو احترام اسان جو فرض آهي، ان ڪري جن صفحن تي اهي آيتون يا حديثون هجن، تن کي اسلامي طريقي مطابق، بيحرمتيءَ کان محفوظ رکيو وڃي.

 

گذارش


        سنڌي ادبي بورڊ، وڏي احترام ۽ ادب سان، سنڌ جي مايه ناز اهل قلم ۽ پنهنجي مربي ۽ محسن، پير حسام الدين راشدي (مرحوم) جي ياد ۾ ”مهراڻ“ جو هي ”خاص نمبر“ سندن پهرينءَ ورسيءَ جي موقعي تي شايع ڪري رهيو آهي.

        پير صاحب جن صديءَ جي تقريباَ هڪ چوٿائيءَ جيترو عرصو سنڌي ادبي بورڊ جي پاليسي تشڪيل ڏيندڙ بورڊ آف گورنرس جا ميمبر رهيا. سنه 1954ع ۾ پاڻ پهريون دفعو بورڊ جا ميمبر مقرر ٿيا هئا ۽ وچ ۾ ڪن جزوي وقفن کان سواءِ، سنه 1976ع تائين مسلسل بورڊ جا ميمبر رهندا آيا. انهيءَ طويل وابستگي سببان بورڊ جي ڪم تي سندن سوچ جي گهري ڇاپ آهي. هونئن ته پاڻ ملڪ جي ٻين به متعدد ادارن سان به ٿوري يا گهڻي عرصي لاءِ وابسته رهيا، پر سنڌي ادبي بورڊ سان سندن تعلق خاص الخاص هو. بلڪ حقيقت اها آهي ته پير صاحب ۽ سنڌي ادبي بورڊ هڪ ئي ڳالهه هئي. اهو ئي سبب آهي جو ڪن ٿورڙن ڪتابن کي ڇڏي، باقي سندن سمورا ڪتاب به بورڊ جا ئي شايع ٿيل آهن. پاڻ ڪجهه عرصو بورڊ جا ”باضابطي اسڪالر“ به مقرر ٿيا هئا ۽ انهيءَ ئي زماني ۾ هن ئي مهراڻ رسالي جا اعزازي ايڊيٽر به رهيا هئا. بورڊ جي اڪثر ملازمن سان سندن شخصي قرب جا ناتا هئا. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي (موجوده چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ) جو چوڻ آهي ته ”مان جڏهن ديوبند مان علم جي تحصيل ڪري ڳوٺ پهتس، تڏهن پهريون پهريون شخص، جيڪو مون کي مبارڪ ڏيڻ آيو، سو پير صاحب هو. سياري جي مند هئي، اسان ٻئي نوجوان هئاسون ۽ ٻهراڙي جي دستور موجب، بُنڊ ٻاري، مچ جي ڀرسان رات جو دير  دير تائين ڪچهري ڪئيسون، اها ڳالهه اڃا منهنجيءَ دل تي نقش آهي.

        ساڳيءَ ريت، مسٽر غلام ربانيءَ (بورڊ جو موجوده سيڪريٽري) سان پير صاحب جو قرب هڪ عالم آشڪار ڳالهه آهي. جيڪڏهن ائين چئجي ته رباني صاحب سان پير صاحب جو پنهنجي گهر جي ڀاتين وارو سلوڪ هو، ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي. رباني صاحب فخر سان چوندو آهي ته منهنجي ذهني نشو و نما ۾ پير صاحب جو وڏو هٿ آهي.

        اهڙيءَ ريت، مون کي به ان ڳالهه تي فخر آهي ته مون تي به پير صاحب جي مهر ۽ محبت واري نگاهه هئي. ٻين ڪيترن ئي مهربانين کان علاوه منهنجي شاديءَ ۾ خاص طرح پاڻ جيڪا شفقت فرمايائون اها مون کان ڪڏهن به وسرڻ جي نه آهي.

        مهراڻ جو هي خاص نمبر محترم غلام رباني ۽ مون، سائين علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن جي دعا سان ترتيب ڏنو آهي. ان جي ڇپائيءَ جو ڪم محترم الله بچائي، مئنيجر سنڌي ادبي بورڊ پريس ۽ سندس رفيقن وڏي چاهه سان سرانجام ڏنو آهي. نه رڳو ان ڪري جو هو بورڊ جا فرض شناس ملازم آهن، پر ان ڪري جو جيئن مٿي عرض ڪيو ويو آهي ته پير صاحب جا بورڊ جي ملازمن سان براه راست قرب جا ناتا هوندا هئا. پاڻ مسٽر الله بچائي سان محبت ڪندا هئا ۽ کيس سڪ سان ”ميان صاحب“ ڪوٺيندا هئا.

        اسان اهو چئي ڪونه ٿا سگهون ته اسان پير صاحب جي ياد ۾ هڪ شاهڪار نمبر شايع ڪيو آهي. پر اسان ان کي سٺي کان سٺو بنائڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي. عام لکندڙن کي اپيل ڪرڻ کان علاوه، اسان پير صاحب جي خاص دوستن ۽ احبابن کي خط پٽ لکيا ۽ بار بار يادگيري ڏياري. انهن مڙني ڪوششن وسيلي جيڪو به مواد مليو، اهو سنواري، سينگاري، پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. اميد اٿئون ته ان کي قبوليت جو شرف نصيب ٿيندو ۽ مستقبل جي محققن کي موجوده دور جي مشاهيرن ۽ پير صاحب جي شخصيت تي قلم کڻڻ ۾ هي خاص نمبر ڪم ايندو.

        اسان محترم حسين شاهه راشديءَ جا نهايت شڪرگذار آهيون، جنهن هن نمبر جي اشاعت ۾ اسان سان ڀرپور تعاون ڪيو ۽ مرحوم پير صاحب جي ڪاغذن مان گهربل خط ۽ تصويرون عنايت ڪيون.

  – نفيس احمد شيخ

 

نه سي وَؤڻ ۾، نه سي ڪاتياريون

پسئو بازاريون، هينئڙو مون لوڻي ٿئي!

- ڀٽائي رح

 

بنام جهاندار جهان آفرين

 

        هن ڌرتيءَ تي اسان جو هي ننڍڙو جهانُ، تارن ڀريي آسمان واري وڏي، ويڪري ۽ وسيع جهان کان جدا ڪونهي – بلڪ ان جوئي هڪ ننڍڙو حصو، ذرو ۽ پرزو آهي.

        اسلامي دنيا جو هاڪارو حڪيم، فلسفي، سائنسدان، مدبر ۽ موسيقار، ابن سينا ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو. پنهنجي هڪ شعر ۾ تارن ڀريي آسمان کي خطاب ڪندي چيو اٿس:

                ”چمڪندڙ تارن سان جڙيل نيرا گنبذ، اي آسمان!

                خدا جي واسطي مون کي ٻڌاءِ ته سهي

                ته تون پنهنجيءَ مرضيءَ سان هميشه متحرڪ آهين

                يا، ڪنهن حڪم هيٺ دائمي گردش ۾ آهين!“

        ابن سينا وارو اهو سوال انساني ذهن ۾ ابتدائي آفرينش کان اجھ ڏينهن تائين ڪيئي سوال اٿاريندو رهيو آهي.

        اسان جي جهان ۾، هر روز، هزارين ۽ لکين انسان ڄمن ٿا ۽ مرن ٿا. پر انسان پيدا ڇو ٿو ٿئي ۽ مري ڇو ٿو؟

        اهو سوال به روز ازل کان اڄ ڏينهن تائين انساني ذهن ۾ سوين سوال اٿاريندو رهيو آهي.

        جيئن نيري تارنڀريي آسمان ۾ هڪڙا تارا پنهنجي جمال ۽ جوت سببان ٻين کان وڌيڪ روشن آهن، تيئن هن جهان ۾ به هڪڙا انسان پنهنجي قول ۽ فعل جي سونهن سبب ٻين انسانن کان منفرد ۽ ممتاز آهن.

        پير حسام الدين راشدي ويهين صدي سنڌ جي آسمان جو هڪ روشن تارو هو.

 

 

هو سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪناري سان، بهمڻ نالي هڪ ڳوٺڙي ۾، سکيي ستابي پيراڻي گهر ۾ پيدا ٿيو.

سندس ڏاڏو، سيد پير شاهه سنڌ جي مثالي بزرگن وانگر وڏيءَ ڏيا وارو مڙس هو. چون ٿا ته تر ۾ سندس حشمت ۽ هڪل جي ڌاڪ ويٺل هئي.

        سيد پير شاهه سنڌ جي برگزيده شخصيت پير محمد راشدي روضي ڌڻيءَ جو اولاد هو، جنهن جي نالي پٺيان هاڻي سڄو خاندان ”راشدي“ سڏجي ٿو.

       

 

ڀانئجي ٿو ته پير حسام الدين راشديءَ جي ننڍپڻ ۾ باضابطي نموني ۾ تعليم ۽ تربيت ڪانه ٿي سگهي. پر، هن پنهنجيءَ همت، حوصلي ۽ محنت سان علم جي جستجو ڪئي.

        شروعاتي دور دور ۾ شعر، افسانا ۽ مضمون لکيائين. ڪجهه وقت اخبار نويسي به ڪيائين. رفتي رفتي هو سنڌ جي تاريخ ڏانهن متوجهه ٿيو. جڏهن زندگيءَ جا پنجاهه ورهيه پورا ڪري چڪو هو، تڏهن سنڌ جي تاريخ جو عالم تسليم ٿي چڪو هو.

        حياتيءَ جي آخرين حصي ۾، سنڌ جي تاريخ تي پير صاحب جو قول سند جي حيثيت رکندو هو.

        سنڌ، پاڪستان، افغانستان ۽ ايران بابت قومي ۽ بين الاقوامي مذاڪرن ۾ سندس نشست صف اول جي علامن ۾ هوندي هئي. اهڙن ڪن اهم اجلاسن جي ملڪ جي اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر صدارت به ڪيائين.

        ملڪي ۽ غير ملڪي حڪومتن، سندس علمي مرتبي کي تسليم ڪيو ۽ کيس تمغا، علمي اعزاز، انعام ۽ اڪرام ڏنا.

 پير صاحب هونئن ته مشرق ۽ مغرب ۾ سفر ڪيو ۽ نوان نوان ملڪ ڏٺا، پر ايران کيس گهڻو وڻيو. ايراني عالمن ۽ تاريخ نويسن سان سندس دوستانه تعلقات قائم  ٿيا. خود شهنشاهه سندس معترف ٿيو ۽ کيس ايران جو وڏي ۾ وڏو اعزاز ”نشان سپاس، درجه اول“ ڏنائين.

          پير صاحب جو ايراني حڪومت تي ايڏو اثر هو، جو پاڻ جيڪا سفارش ڪندو هو، ان تي ايراني حڪومت فوراَ عمل ڪندي هئي.

          ڪراچيءَ ۾ ”ايراني خانه فرهنگ“ ته ڪنهن زماني کان قائم ٿيل هو، پر حيدرآباد وارو مرڪز ايران جي وزير ثقافت آقاي پهل بد، پير صاحب جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو.

 

        پير حسام الدين راشدي يار ويس، مهمان نواز، مجلسي، محبتي ۽ مٺو ماڻهو هو. ڪاوڙبو هو ته پوءِ ”حسام بي نيام“ جي جهلڪ ڏيندو هو، نه ته هونئن سنڌي محاوري، موجب خالص مکڻ ماکيءَ مان ٺهيل هو. کل ڀوڳ جو ڪوڏيو، سٺي کاڌي ۽ سٺي لباس جو شوقين، وضعدار، بردبار ۽ يا اخلاق، ڊگهي نظر ۽ ڳڻ ڳوت ڪرڻ وارو دلنواز دوست هو.

        پاڻ عالم هو ۽ عالمن جو قدردان هو. سندس گهڻو تڻو وقت ڪتبخاني ۾ گذرندو هو. پر سندس سمهڻ جي ڪمري ۾ به ڪتاب ئي ڪتاب هوندا هئا. ڪتابن کان پوءِ ٻئي نمبر تي جنهن ڳالهه جو کيس گهڻي ۾ گهڻو شوق هو، سا هئي فوٽو گرافي. زندگيءَ جي پوين سالن ۾ سنڌي راڳ به وڏي چاهه سان ٻوڌندو هو.

        انساني فطرت ڪمزورين کان خالي ڪانهي. پير صاحب کي به پنهنجا گڻ ۽ اوگڻ هوندا. پر ڪاٿو ڪوبو ته پاڻ انسانذات جي انهيءَ گروه ۾ نظر ايندو، جنهن لاءِ ڀلاري ڀٽائيءَ فڀرمايو آهي:

”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.“

 

        پير صاحب جي خانگي زندگيءَ ۾ وڏو خلا هو، انڪري زندگيءَ ڀر کيس تنهائيءَ جو احساس ستائيندو رهيو. بيحد حساس طبيعت هو، سو سندس اُڃايل اکڙيون ڪڏهن ڪڏهن ڇلڪي به پونديون هيون. پر کيس غم برداشت ڪرڻ جو وڏو حوصلو هو!

        اولاد جي نعمت کان محروم هو. وڏي ڀاءُ جي وڏي پُٽ ۽ وڏيءَ نياڻيءَ کي گود وٺي پاليو هئائين ۽ پنهنجي حقيقي اولاد جون سڀ تمنائون ساڻن ئي وابسته ڪيون هئائين. جيڪي ماڻهو پير صاحب کي ويجهو هئا، تن کي معلوم آهي ته هو حسين شاهه ۽ حسنا بيبيءَ سان ڪيڏو نه پيار ڪندو هو!

        هڪ دفعي، ڪنهن دوست سان ڪچهري ڪندي، پنهنجي تنهائيءَ جو ذڪر ڪيائين ۽ نياڻيءَ جي شاديءَ کان پوءِ پنهنجيءَ روزمره جي زندگيءَ ۾ درپيش ايندڙ مسئلن جي شڪايت ڪيائين. هن کيس ڪا چڱي صلاح ڏيئي چيو ”هن ريت اوهان پنهنجيءَ نياڻيءَ جي غير موجودگيءَ سببان پيدا ٿيل خلا کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪريو.“

        اهو ٻڌي، هو خاموش ٿي ويو ۽ ڏک ۾ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين. ڪجهه دير کان پوءِ ٿڌو ساهه ڀري چيائين:

”ڀاءُ، اهي وڻ به ويا، واهيرا به ويا!“

جڏهن ڪنڌ مٿي کنيائين، تڏهن سندس اکيون ڳوڙهن سان ٽمٽار هيون.

 

         پير صاحب، حياتيءَ جي پوين ڏينهن ۾، سنڌ جي مڃيل، متبرڪ، قداوار شخصيت هو. سنڌ جو نوجوان نسل وڏيءَ عقيدت ۽ اُڪير سان فقط پيار جا ٻه ٻول ٻڌڻ لاءِ ڏانهس واجهائيندو هو. پر، جڏهن پير صاحب پنهنجن توڙي پراون ۾ عزت ۽ محبت جو ايڏو اعليٰ ۽ ارفع مقام حاصل ڪيو، عين انهيءَ وقت قسمت کيس زهر سان ڀريل هڪ پيالو پياريو – هو ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿيو!

        هاڻ جڏهن حياتيءَ جو ماڻُ ڀرجي آيو اٿس، ته دل غم ۽ گوندر ۾ ويڙهجي ويئي اٿس. ويهه ورهيه اڳ دل جي عارضي سبب جيڪا سگريٽ نوشي ڇڏي هئائين، سا ڊاڪٽرن جي منع جي باوجود وري شروع ڪئي اٿس.

        ٻهراڙيءَ ۾ سنجها ويل جڏهن مايون پنهنجن گهرڙن ۾ چلهه ٻارينديون آهن، تڏهن گهر گهر مان نڪرندڙ دونهين جي ڌار، ڄڻ ته سج لهڻ جو خاموش اعلان هوندي آهي. پير صاحب جي آ

رين ۾ جلندڙ سگريٽ مان نڪرندڙ دونهين جي ڌار به ڄڻ ڪنهن لهندڙ سج جو اطلاع آهي!

        پير صاحب ڪينسر جي علاج لاءِ ماسڪو ۽ لنڊن به ويو. پر حياتيءَ جي گهڙيال کي چاٻي فقط هڪ دفعو ايندي آهي.

        جڏهن هي جهان ڇڏيائين، تڏهن قومي ۽ بين الاقوامي علمي مرڪزن تي غم جا ڪڪر ڇانئجي ويا. پاڪستان جي صدر، سنڌ جي گورنر، ملڪي مشاهيرن ۽ اديبن سندس علمي خدمتن کي ساراهيو ۽ خراج عقيدت پيش ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ هڪ ڏينهن لاءِ پنهنجون آفيسون بند ڪيون.

 

 پاڪستاني پريس، ٽي- وي ۽ ريڊيو، بي بي سي، وائيس آف آمريڪا، آل انڊيا ريڊيو، اولهه جرمني ريڊيو ۽  ماسڪو ريڊيو سندس ياد ۾ خصوصي پروگرام نشر ڪيا. روسي سفير، غمزده خاندان سان همدرديءَ لاءِ، اسلام آباد کان ڪهي ڪراچيءَ آيو، جتي بعد ۾ ”فرينڊ شپ هائوس“ ۾ تعزيتي جلسو پڻ ٿيو. خيرپور ۾ ٻي هڪ باوقار جلسي ۾، جسٽس سيد غوث علي شاهه، وزير تعليم ۽ ثقافت سنڌ، مرحوم پير صاحب جي علمي خدمتن جي اعتراف طور،س ندس پوٽي، ننڍڙي علي رضا کي، گولڊ – ميڊل گلي ۾ پارايو.

  

قومون پنهنجن مشاهيرن سان سڃاپنديون آهن. جنهن سنڌ قانع، قليچ ۽ گربخشاڻيءَ جهڙن عالمن ۽ اديبن کي جنم ڏنو، ان سنڌ جي ڪُک خالي ڪيئن رهندي!

        سنڌ ماضيءَ ۾ به وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن ۽ مستقبل ۾ به وڏا ماڻهو پيدا ڪندي رهندي.

        پير حسام الدين راشدي ايندڙ هر دور ۾ سنڌ جي علم ۽ عظمت جو يادگار رهندو. هو سونهاريءَ سنڌ جو صحيح معنيٰ ۾ عظيم فرزند هو. سنڌ جي نسل در نسل جو مٿس سلام رهندو!

 

پير صاحب تقريباَ مني صدي هڪ ڀرپور زندگي گذاري. سندس شخصي ۽ علمي لاڳاپا تمام گهڻو ڦهليل ۽ چوڏس پکڙيل هئا.

        سنڌ ۾ پاڪستان ۾، هندستان ۾، ايران ۾، افغانستان ۾ ۽ يورپ ۽ آمريڪا جي مشرقي علومن وارن مرڪزن ۾، سندس دوستن ۽ مداحن جو وڏو تعداد هو. تاهم، سندس قريبي حلقي جي ڪن مانوس چهرن جي آسانيءَ سان نشاندهي ڪري سگهجي ٿي. انهن ۾ سرفهرست غالباَ، ممتاز حسن جوئي نالو ايندو. پر پير صاحب بيڊ روم ۾ سندس سيرانديءَ کان پنهنجن گهر ڀاتين سان گڏ ٽن دوستن جون به تصويرون نظر اينديون هيون. اُهي هئا آغا بدرالدين دراني، ڊاڪٽر شمل ۽ نواب نوراحمد خان لغاري.

 

خيري کن، اي فلان و غنيمت شمار عمر

زان پيشتر کـﮧ بانگ بر آيد: فلان نماند

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com