مرزا نظام الدين بيگ
پير حسام الدين راشدي- اسان جي قديم ثقافت جو نقيب
پير حسام الدين راشدي جي شخصيت نهايت پهلودار هئي. پاڻ
مختلف النوع صلاحيتن جا صاحب هئا. آءٌ سندس شخصيت
۽ ڪارنامن کي تفصيلي بيان ڪونه ڪري رهيو آهيان.
سندن ذات جي مختلف پهلوئن تي سندس دوستن ۽ مداحن
ڪافي گفتگو ڪئي آهي ۽ ڪندا رهندا. بلاشبه، پاڻ هڪ
عظيم انسان هئا ۽ اهڙي ڪمال جا صاحب هئا، جنهن جي
ذات جو ترورو قومن جي مقدر جو تارو بنجي اڀري ٿو
مان سندن صلاحيتن جي هڪ اهڙي، وجهڻ چاهيان ٿو،
جيڪو عام طور تي ڄاڻُن کان لڪل آهي، ليڪن نهايت
اهم آهي ۽ نادر پڻ. اهم ان خيال سان، ته پير صاحب
جي انهيءَ صلاحيت جي ئي ڪري علم جو هڪ وڏو خزانو
حاصل ٿيو ۽ نادر ان خيال کان، ته اهڙي خوبي وارو
انسان هاڻي مشڪل سان ئي پيدا ٿي سگهندو.
پير صاحب فارسي زبان جا عاشق هئا، ان زبان ۾ پنهنجي
عالمانن ۽ محقانه ڪارنامن—جن جو دائرو نهايت وسيع
آهي. جي قطع نظر، پير صاحب فارسي شاعريءَ جي عشوه
طرازين جا اسير پڻ هئا؛ جنهن جو سبب شايد سندن
مزاج جي لطافت ۽ طبيعت جي نفااست هئي. اهوئي سبب
هو، جو پاڻ فارسي شاعريءَ جي محبوبه جي خم ابرو جو
شڪار ٿي ويا هئا. بهرحال، اها ڳالهه ته ائين ئي
وچ ۾ اچي ويئي، دراصل پير صاحب جي شخصيت جو اهم
جوهر، جنهن جي وضاحت آءٌ هن مضمون ۾ ڪري رهيو
آهيان، فارسي زبان ۽ ان جي ادب جي حوالي سان ئي
تعلق رکي ٿو.
پير صاحب مزاجاَ اسان جي مشرقي تهذيب ۽ تمدن جا آئينه
دار هئا. سندن ذهني تعلق اسان جي قديم تهذيب و
ثقافت سان نهايت گهرو رهيو آهي. ايترو ئي نه، پر
اهو تعلق عملي طرح سندن ذات جو هڪ فعال عنصر هو.
انهيءَ تعلق جي نسبت سان پاڻ ملڪ جي مختلف علمي ۽
ادبي ادارن جا رڪن رڪين رهيا آهن. اهڙن علمي ۽
ثقافتي ادارن ۾ هڪ سرڪاري ادارو ”قومي عجائب گهر“
ڪراچي به آهي، جنهن جي مشاورتي ڪائونسل جا پير
صاحب بنيادي رڪن هئا ۽ ممتاز حسن صاحب جي وفات کان
پوءِ صدر مقرر ٿيا. مٿئين اداري طرفان قومي
نوادرات خريد ڪيا ويندا آهن ۽ ان جي مشاورتي
ڪائونسل نادر تاريخي شين جي پرک ڪري، قومي عجائب
گهر لاءِ خريد ڪرڻ جو مشورو ڏيندي آهي. انهيءَ
عجائب گهر ۾ هڪ قلمي نسخن جو شعبو پڻ آهي، جتي
قديم خطي نسخن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. انهيءَ
شعبي جا چار حصا آهن: هڪ حصو خطي ڪتابن جو، ٻيو
قلمي تصويرن جو، ٽيون خطاطيءَ جو ۽ چوٿون حصو
مشتمل آهي پراڻن تاريخي فرمانن ۽ اهم دستاويزن تي.
مخطوطا فارسي، عربي، اردو، سنڌي، پنجابي ۽ پشتو
زبانن ۾ آهن، ليڪن انهن ۾ ججهو حصو فارسي ۽ عربي
زبان جي ڪتابن جو آهي. راقم جو انهيءَ شعبي سان هڪ
وڏي عرصي
تائين واسطو رهيو آهي ۽ اتي ئي پير صاحب مرحوم—جنهن
کي مرحوم چوندي هڪ عجيب بيچارگيءَ جو احساس ٿئي
ٿو. هو مرحوم ناهي، زندهه آهي ۽ زندهه رهندو ۽
حافظ جي:
هرگز نه ميرد آنکه دلش زنده شد بعشق،
ثبت
است بر جريدهء عالم دوام ما.
چوڻ مطابق آهن- کي ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ
جا موقعا مليا، ۽ اتي ئي سندس اها صفت مون تي
آشڪار ٿي.
پير صاحب کي پنهنجي تاريخي ورثي سان بي پناهه
دلچسپي هئي. جيئن ته قديم قلمي ڪتاب اسان جي
تاريخ جو اهم ورثو آهن ۽ انهيءَ ورثي جي ئي وسيلي
اسان صحيح رُخ تي پنهنجو ارتقائي سفر ڪاميابيءَ
سان جاري رکي سگهون ٿا، لهٰذا پير صاحب کي ان ورثي
جي حفاظت جو گهڻو اونو رهندو هو. اهوئي سبب آهي،
جو پاڻ قلمي نسخن جا عاشق هئا. قديم قلمي ڪتابن کي
پرکڻ ۾ کين وڏو ملڪو حاصل هو. پاڻ اهڙن نسخن کي هڪ
ماهر نقاد وانگر پرکيندا هئا ۽ انهن جي افاديت
اجاگر ڪري سگهندا هئا. اگرچه مشاورتي ڪائونسل جي
سڀني ميمبرن جي راءِ تي ئي فيصلا ٿيندا هئا، ليڪن
مخطوطن جي خريداريءَ جي معاملي ۾ عام طرح سان پير
صاحب جي راءِ ئي فيصله ڪن هوندي هئي. ممتاز حسن
صاحب، جيڪو پاڻ قلمي نوادرات جي معاملي ۾ صاحب نظر
هو، پير صاحب جي راءِ کي ترجيح ڏيندو هو.
پير صاحب
کي
قديم قلمي ڪتابن جي معنوي شناخت ۾ وڏي مهارت حاصل
هئي. سندن دلچسپي زياده تر فارسي زبان جي ڪتابن
سان رهندي هئي. عربي ۽ ٻين ٻولين جا نسخا عام طرح
سان، پاڻ، ٻين ميمبرن جي حوالي ڪندا هئا. اگرچه،
ان ڳالهه ۾ پڻ نسخي جي قدامت ۽ ان جي ظاهري خد و
خال جي پرک جو فيصلو،
سڀيئي ميمبر، متفقه طور تي پير صاحب جي ئي حوالي
ڪندا هئا ۽ پاڻ هميشه صحيح فيصلو ڏيندا هئا. ان
سلسلي ۾ سندن نگاهون نهايت حقيقت بين هيون. ڪنهن
به نسخي جو ڪوبه پهلو سندن نظرن کان پوشيده نه
رهندو هو. جن نسخن ۾ ڪتابت جي تاريخ لڳل نه هوندي
هئي ته پاڻ پنهنجي
تجربي
۽ مهارت جي آڌار تي اُن جو عهد طئه ڪري سگهندا
هئا، ۽ منهنجو تجربو آهي ته سندن تعين درست هوندو
هو. تاريخي نوادرات جي خريد ڪرڻ جو طريقو اهو
هوندو هو ته انفرادي طرح جمع ٿيل شيون جڏهن وڏي
تعداد ۾ عجائب گهر ۾ گڏ ٿي وينديون هيون ته
مشاورتي ڪائونسل جي اڳيان پيش ڪيون وينديون هيون.
جمع ٿيل قلمي نسخن تي، مخطوطات جي شعبي جو عملو
مختصر تعارفي نوٽ تيار ڪري ڪائونسل جي آڏو پيش
ڪندو هو، جيئن ڪائونسل جي ميمبرن جو وقت ڪتابن جي
تحقيق تي ضايع نه ٿئي. راقم الحروف جڏهن انهيءَ
شعبي سان وابسته ٿيو ته ڪائونسل جي گڏجاڻين جي موقعن
تي، قلمي ڪتابن جي باري ۾ پير صاحب جو والهانه
ذوق و شوق ڏسڻ جو موقعو مليو. قلمي نسخن سان سندن
دلچسپي جنون جي حد تائين هئي. جن سندن ذاتي
صلاحيتن جو اهو رخ نه ڏٺو آهي، اُهي اها ڳالهه
سمجهي نه سگهندا.
پيدا کهان هين ايسلآ پراگنده طبع لوگ،
افسوس! تم کو مير کي صحبت نهين رهي.
ان ڏس ۾ پير صاحب جي خصوصيت اها هئي ته پاڻ هر خطي
نسخي جو غور سان جائزو وٺندا هئا ۽ ان جو آغاز ۽
ترقيمه ضرور ڏسندا هئا. ان جي ظاهري ۽ معنوي خوبين
کي چڱيءَ طرح سان پرکيندا هئا، ليڪن معنوي خوبين
تي سندن نگاهه وڌيڪ رهندي هئي. فارسي مخطوطن جي
معاملي ۾ سندن ڄاڻ تمام گهڻي هئي. سندن معلومات ۾
اڪثر اها ڳالهه رهندي هئي ته ڪهڙو ڪتاب ڇپجي چڪو
آهي ۽ ڪهڙو نسخو اڃا اڻ ڇپيل آهي. ڪتابن جي چونڊ ۾
سندن پسند ”ذاتي پسند“ تائين محدود نه رهندي هئي،
بلڪ سڀني موضوعن جا سٺا ڪتاب چونڊيندا هئا. سندن
پنهنجا پسنديده موضوع ته تاريخ ۽ فارسي شعر و ادب
هئا، ليڪن ظاهر آهي ته مشاورتي ڪائونسل ۾ قلمي
نسخن جي چونڊ قومي عجائب گهر لاءِ ڪئي ويندي هئي،
لهٰذا، پير صاحب جي آڏو پاڪستان جي ايندڙ نسلن جي
ارتقائي بهبود رهندي هئي. پاڻ چونڊ ڪرڻ وقت هميشه
موضوعن جي گهڻ- پاسائين هجڻ جو لحاظ رکندا هئا. ان
ڏس ۾، سائنسي علمن وارن نسخن کي ڪڏهن به نظرانداز
نه ڪندا هئا، خواه انهن جي حالت ظاهر ۾ خراب ئي ڇو
نه هجي. پير صاحب کي انهيءَ خاڪسار لاءِ وڏو حسن
ظن هو! قلمي نسخن بابت منهنجي تيار ڪيل تعارفي
نوٽن کي ساراهيندا هئا ۽ مون کي تحقيقي ڪم ڪرڻ
لاءِ همتائيندا هئا. مون عاجز تي ان حد تائين
اعتماد ڪندا هئا، جو منهنجي تيار ڪيل نسخن جي وڌيڪ
چڪاس نه ڪندا هئا ۽ پنهنجو اتفاقي فيصلو ڏيئي
ڇڏيندا هئا.
پير صاحب قلمي نسخن جي قيمتن طئه ڪرڻ ۾ به صاحب
نظر هئا. پاڻ انهن جي تاريخي حيثيت کي ضرور ذهن ۾
رکندا هئا. هڪ دفعو
شهنشاهه
اڪبر جي ڪتبخاني جو هڪ فارسي قلمي نسخو مشاورتي
ڪائونسل ۾ پيش ڪيو ويو. اهو نسخو فريدالدين عطار
جي فارسي مثنوي ”منطق الطير“ جو نسخو هو. اگرچه
اهو ڪتاب اڻ لڀ ناهي، ليڪن انهيءَ نسخي جي وڏي
تاريخي اهميت هئي. اهو نسخو گجرات ۾ لکيل هو. اتان
جي شاهي ڪتبخاني
جي
ملڪيت هو. گجرات جي سلطنت جي اڪبري شهنشاهيت سان
الحاق کان ٽي سال اڳ اهو نسخو ڪتابت ڪيو ويو هو.
شهنشاهه اڪبر جو اهو دستور هوندو هو ته جيڪو
علائقو پاڻ فتح ڪندو هو ته اتان جي شاهي ڪتبخاني
جا ڪتاب مال غنيمت ۾ پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو.
چنانچه، ”منطق الطير“ جو
اهو نسخو به گجرات جي شاهي ڪتبخاني مان نڪري، ٻين
ڪتابن سان گڏ شهنشاهه اڪبر جي ڪتبخاني جي زينت
بنجي ويو. انهيءَ نسخي تي، اڪبر ۽ ٻين مغل بادشاهن
جي زماني جي مشهور شخصيتن جون مهرون لڳل آهن، يعني
اهو ڪتاب انهن جي مطالع هيٺ رهيو. چنانچه، اهو
نسخو ڏسي پير صاحب ڀڙڪي اٿيا ۽ مشاورتي ڪائونسل جي
ٻين ميمبرن کي چوڻ لڳا: ”اگر مون کان پڇيو وڃي ته
انهيءَ ناياب نسخي جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت پنجاهه هزار
رپيا لڳائي ڇڏيان.“ پير صاحب کي پنهنجي تاريخي ۽
ثقافتي ورثي سان ڪيتريقدر شغف ۽ دلچسپي هئي، سا
انهيءَ ڳالهه مان بخوبي سمجهي سگهجي ٿي.
پير صاحب جي ڪوششن سان پاڪستان جي قومي عجائب گهر،
ڪراچي، ۾ قلمي ڪتابن جو هڪ اهڙو مايدار ڪتبخانو
برپا ٿي چڪو آهي، جتي متعدد نسخا اهڙا آهن، جن جو
ڪو ٻيو نسخو دنيا جي ڪنهن به ڪتبخاني ۾ موجود
ناهي، حتاڪه يورپ جا ممتاز قلمي ڪتبخانا پڻ انهن
نسخن جي وجود کان
خالي
آهن. پير صاحب پنهنجي صدارت جي آخري زماني ۾ هڪ
عظيم تاريخي ۽ يادگار ڪارنامو سرانجام ڏنو. سنڌ جي
هڪ مشهور روحاني شخصيت سيد محب الله شاهه راشدي
المعروف به ”پير جهنڊو“ جو خانداني ڪتبخانو، هڪ
زماني کان وٺي پنهنجي عظمت کان گهڻو مشهور هو،
ليڪن زماني جي دستبرد سبب ان جو وڏو حصو ضايع ٿي
چڪو هو ۽ باقي بچيل حصو به پنهنجي افاديت جي لحاظ
کان نهايت پُرمايه هو. پير صاحب جي اڻٿڪ ڪوششن سان
پير جهنڊي جو اهو سمورو ڪتبخانو، قومي عجائب گهر ۾
خريد ڪيو ويو ۽ هاڻي اهو مشهور زمانه ڪتبخانو هن
اداري جي ملڪيت آهي. پير جهنڊي واري
ڪتابن
جي ذخيري ۾ قلمي نسخن سان گڏ ڇپيل ڪتاب پڻ آهن، جن
مان ڪيترائي نهايت نادر ۽ ناياب آهن. انهيءَ ذخيري
جا سمورا ڪتاب اسلامي علوم بابت آهن ۽ منهنجو
پنهنجو خيال آهي ته پوري پاڪستان ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ،
هڪ ئي موضوع تي ڪتابن جو ايترو وڏو تعداد يڪجا ٿيل
نه هوندو. انهن ڪتابن ۾ علم تفسير، حديث، فقه، علم
ڪلام، تجويد، منطق ۽ فلسفي وغيره، سڀني موضوعن تي
ڪتاب آهن. سمورا ڪتاب عربي زبان ۾ آهن. اسلامي
علوم تي تحقيقي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ وڏي سهوليت آهي
ته هو هڪ ئي هنڌ تي ويهي پنهنجو ڪم ڪري سگهن ٿا ۽
انهن کي حوالي جي ڪتابن لاءِ ٻين هنڌن ڏانهن
سرگردان ٿيڻو نه پوندو.
محترم پير حسام الدين راشدي صاحب جي بهترين ڪوششن
جي وسيلي ئي قومي عجاب گهر ڪراچيءَ ۾ علم جو هڪ
اهڙو بيش بها خزانو جمع ٿي ويو آهي، جيڪو پاڪستان
جي لاءِ عزت جو باعث آهي.، پير صاحب جي ذوق، علمي
اُڃايلن جي سيرابيءَ لاءِ اهڙو سامان مهيا ڪري
ڇڏيو آهي، جيڪو اسان جي ملي روايتن جو امين به آهي
۽ ايندڙ نسلن جو رهنما پڻ. اسان جي ملي روايتن ۾
علم جي حاصلات کي وڏي فوقيت رهي آهي. پير حسام
الدين راشدي جو زير احسان اهو قومي سرمايو، اسان
جي قوم جي مُرده احساسن لاءِ هڪ تازيانو آهي.
افسوس،
جو
قوم جي ذهني تعطل ۽ عزائم جي بي حسيءَ جو اهو عالم
آهي، جو انهيءَ علمي چشمي مان استفادو ڪرڻ ته پري
جي ڳالهه رهي، ليڪن تمام گهٽ اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي
انهيءَ جي موجودگيءَ جي ڄاڻ رکن ٿا. ڪابه قوم
پنهنجي ماضيءَ کي وساري زنده نٿي رهي سگهي ۽ وري
مسلمان قوم- جنهن جو ماضي نهايت روشن رهيو آهي ۽
جنهن جي ماضيءَ جي علمي ورثي ترقي يافته يورپ کي
فڪر و نظر جي روشني بخشي آهي. اسان جي نئين نسل جي
ذهني ۽ فڪري نشو و نما، پنهنجي ماضيءَ جي علمي
سرمايي جي ئي تسلسل سان بهتر طور ٿي سگهي ٿي. پير
حسام الدين راشدي پنهنجي مقصد ۾ هڪ ڀرپور ۽ ڪامياب
زندگي گذاري ٻهڪندڙ ۽ پر سڪون چهري سان اسان کان
جدا ٿي ويو قدرت کيس جن صلاحيتن سان نوازيو هو،
انهن جو پورو پورو استعمال پير صاحب ڪيو ۽ خوب
ڪيو. اسان جي لاءِ ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي لاءِ
علم جي هڪ اهڙي شاهراه تعمير ڪري ويا آهن، جيڪا
ماضيءَ کان
شروع ٿي، حال وٽان لنگهندي، مستقبل ڏانهن وڃي رهي آهي.
(مترجم: امتياز حسين قاضي)
......................................
گذريل اڌ صديءَ تائين سنڌ جي علم و ادب ۽ تاريخ جي کليل آسمان ۾
چمڪندڙ ستارو پير حسام الدين شاهه راشدي ڪالهه
ڪراچيءَ ۾ گذاري ويو. پير حسام الدين راشدي، تاريخ
جي انهن ڄاڻن مان هڪ هو، جن پنهنجي سموري زندگي هڪ
مقصد لاءِ ارپي ڇڏي. ڪارزار حيات ۾ هڪ مول متو
ٺاهي، ان جي ويهي آبياري ڪيائين. انساني حياتي جا
لازوال داستان، جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ تاريخ بنجي
وڃن ٿا، انهن واقعن ۽ احساسن جي تسلسل ۽ حادثن کي
هڪ لڙيءَ ۾ ويهي پوئڻ ۽ انهن واقعن حادثن لاءِ
نئين اڀرندڙ نسل کي چاهه پيدا ڪرڻ ۾ به پير صاحب
مرحوم جو وڏو هٿ هو.
(روزانه ”سنڌ نيوز“، حيدرآباد، 2- اپريل 1982ع جي ايڊيٽوريل مان اقتباس)
الياس عشقي
هالاري هليا ويا
رچي جي ريٽو ٿئا، ڪين اُٻاٽجن اوءِ،
کنڀ نه کاري، تنـﮧ کي، جو هالاري هوءِ،
توڻي ڌوٻي ڌوءِ، ته لالي تهين نه لهي!
اهڙن ماڻهن مان، جي رچي ريٽا ٿيندا آهن، جي هالاري
هوندا آهن ۽ جنين جي لالي ڪو ڌوٻي، ڪو کٽي، ڌوئي
نه سگهندو آهي، پير حسام الدين راشدي صاحب به هو.
1949ع جي ڳالهه آهي: هڪڙي ڏينهن مان مولانا ماهر
القادريءَ جي رسالي ”فاران“ جي دفتر ۾ ويٺو هوس.
دفتر جي فرش تي الاهي ناياب ڪتاب پکڙيا پيا هئا ۽
مولانا پنهنجي خاص انداز ۾ ٻڌائي رهيو هو ته ”هيءَ
ڪتاب ڪنهن رئيس جي ملڪيت آهن. ڏس ته ڪهڙا نه
شاندار ۽ مهانگا جُلد آهن. اهڙا جُلد ڪو معمولي
ماڻهو ايترن ڪتابن تي ٻڌرائي سگهي ٿو؟“ ڏسڻ شرط
معلوم ٿي ويو ته انهيءَ شخص کي ڪتابن سان ڪيترو نه
عشق آهي! هڪڙو هڪڙو ڪتاب ڏيکاري، مولانا، ڪتابن جي
مالڪ جي ذوق ۽ ڪتابن جي چونڊ جي تعريف ڪري رهيو هو
۽ سچ ته وڏي تعداد ۾ ڪتابن جا خاص ۽ مهانگا
ايڊيشن هئا. مولانا پوءِ ڏاڍي افسوس سان چوڻ لڳو
ته نتيجو هيءُ نڪتو! پڇيومانس ته ڪتاب ڪنهن جا آهن
۽ اوهان وٽ اهڙي انداز ۾ فرش تي پکڙيل ڇو پيا آهن،
ته مولانا ٻڌايو ته هو ماڻهو پاڻ سان ڪتابن کان
سواءِ ڪجهه به آڻي نه سگهيو ۽ هينئر اُن جي حالت
اهڙي ته خراب آهي جو ڪو يقين به ورلي ڪندو ته هي
شخص رئيس ماڻهو هوندو هو ۽ هاڻي ايتري قدر مفلس ٿي
پيو آهي جو ڪتاب وڪڻڻ لاءِ تيار ٿيو آهي. پر
اڄڪلهه ماڻهو سڀ پريشان آهن، ڪتابن جي شوقينن وٽ
پئسو ڪونهي ۽ جن وٽ پئسو آهي، انهن کي ڪتابن جو
شوق ڪونهي. جوش ۾ اچي مولانا چوڻ لڳو: پر مان هڪڙو
ڪتاب به وڪڻڻ لاءِ تيارنه آهيان، جيستائين انهيءَ
بدبخت انسان کي ڪتابن جي مناسب قيمت نه ملندي. مون
پڇيس، مولانا صاحب، هيل تائين ڪو ڪتاب وڪاميو به
آهي يا نه؟ مولانا چوڻ لڳو: اهڙي ڳالهه به ڪونهي،
اهڙين حالتن ۾ به ڪتابن جا قدردان پيا آهن، جن
ڪتاب خود به خريد ڪيا آهن ۽ ٻين علم دوست ماڻهن کي
به آماده ڪيو آهي ته هو اِهي ڪتاب خريد ڪن ۽
انهيءَ ماڻهوءَ جي مدد ڪن. مون پڇيس ته هو ڪهڙو
صاحب آهي؟ مولانا ٻڌايو ته ”اسان جو هڪ تمام سٺو،
شريف النفس ۽ علم دوست مهربان آهي، جو پاڻ ڪتابن
جو شوقين آهي ۽ وٽس تمام سٺي لائبريري آهي، جنهن ۾
ڪيترائي ناياب ڪتاب آهن. ٻه- ٽي ڏينهن ٿيا آهن.
ماڻهو اچن ٿا ۽ ڪوڪو ماڻهو ڪتاب خريد به ڪري ٿو.
تو ڪڏهن پير حسام الدين راشديءَ جو نالو ٻڌو آهي؟“
مون چيو ته نه سائين، اتفاق نه ٿيو آهي. مولانا
چوڻ لڳو: ”پوءِ ڪراچيءَ ۾ اچڻ جو ڪهڙو فائدو؟ مان
ته هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو پير صاحب سان ضرور ملندو
آهيان. وري ايندين ته مون سان گڏ تون به هلجان،
توکي پير صاحب سان ملائيندس.“
انهن ڏينهن ۾ مان ڪوٽڙيءَ ۾ رهندو هوس ۽ ڪڏهن ڪڏهن
ڪراچي وڃڻ ٿيندو هو. هڪڙي ڀيري مولانا وٽ ويس ته
هو مون کي پير صاحب وٽ وٺي ويو. پير صاحب روايتي
شرافت سان مليو. شوق سان پنهنجا ڪتاب ڏيکاريائين ۽
ڪافي وقت ڪچهري هلي، پوءِ اسين موٽي آياسين. هيءَ
پير صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات هئي. پير صاحب
جي شرافت ۽ علم دوستيءَ جو مون تي گهاٽو اثر پيو ۽
مان دل سان سندن قدر ڪرڻ لڳس. مولانا ماهر سان گڏ
وري ٻه ٽي چار ڀيرا پير صاحب جي خذمت ۾ حاضر ٿيس ۽
پير صاحب مون کي سڃاڻڻ لڳا.
انهيءَ زماني ۾ مان ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪر ٿي لاهور هليو
ويس ۽ اُتان بدلي ٿي پشاور ويس. 1955ع ۾ جڏهن
حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي ته بدلي ٿي هتي
آيس. سال کن مس گذريو هوندو ته مشهور اديب ۽ شاعر
حفيظ هوشيار پوري به بدلي ٿي حيدرآباد اچي ويو. هو
افسر سان گڏ منهنجو دوست به هو. 1948ع يا 1949ع ۾
هن مون کي ڪراچيءَ ۾ مولانا دين محمد وفائيءَ سان
به ملايو هو. حفيظ صاحب جي دوستي پير صاحب سان به
هئي ۽ پير صاحب جي واسطي سان ئي شايد هن کي سنڌي
ادبي بورڊ جي ڪتاب ”مثنويات هير و رانجها“ جي
تدوين ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اسڪيم شاهه عبداللطيف
ڀٽائي جي رسالي جي منظوم اردو ترجمي جي نظرثاني
ڪرڻ جو ڪم به مليو هو؛ ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن حفيظ صاحب
سان گڏ سنڌي ادبي بورڊ ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. سنڌي
ادبي بورڊ جي ڪري پير صاحب به ڪڏهن ڪڏهن حيدرآباد
ايندو هو ۽ مان به حفيظ صاحب سان گڏ پير صاحب سان
ملڻ ويندو هوس. عرصو گذري ويو هو ۽ مون کي پڪ هئي
ته پير صاحب کي ڪراچيءَ جون ملاقاتون وسري ويون
هونديون، پر جڏهن حفيظ منهنجو تعارف ڪرايو ته پير
صاحب چوڻ لڳو: ”حفيظ! ريڊئي جي ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ
کي مان به سڃاڻندو آهيان. عشقي صاحب اسان جو دوست
آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي مون کي خوشيءَ سان گڏ تعجب به
ٿيو ۽ مان پير صاحب جي شرافت ۽ فراخدلي ۽
وضعداريءَ جو قائل ٿي ويس. پير صاحب معمولي ملاقات
کي به ”دوستي“ سمجهندو هوندو، منهنجي خواب خيال ۾
به اهڙي ڳالهه نه هئي.
جيئن جيئن پير صاحب سان ملاقاتون وڌنديون رهيون، سندن
خوبيون مون تي وڌيڪ ظاهر ٿينديون رهيون. راءِ جي
اظهار ۾ پير صاحب بيباڪ ۽ صاف گو هو. جنهن ڳالهه
کي سچ سمجهندو هو، بنا ڪنهن لحاظ ۽ خوف جي چئي
ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن لفظن جي چونڊ ۾ بي احتياطي
ڪري ويندو هو ۽ خيال نه ڪندو هو ته انهيءَ ڳالهه
جو اثر هن ماڻهوءَ تي ڇا ٿيندو، پر دل جو صاف هو.
سندن دل ۾ کوٽ ۽ ڪپت نه هئا. پير صاحب جي صاف گوئي
سبب ڪيترن دوستن کي شڪايت به ٿي ويندي هئي، پر پير
صاحب جي خيال ۾ اهڙي ڪا ڳالهه نه هوندي هئي. هو
ساڳئي ئي خلوص سان ملندو رهندو هو، پر جڏهن ڪنهن
دوست جو کيس علم ٿي ويندو هو ته ان جي رنج ۽ ڪاوڙ
جي تلافي پنهنجي نموني ۾ ڪندو هو. دوستيءَ جو
قدردان هو ۽ دوستن سان پيار ڪندو هو.
جنهن زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ ”مجلس يادگار غالب“ قائم ٿي ته
ٻين علم دوست ماڻهن سان گڏ پير صاحب به ان ۾ شريڪ
هو. هن اداري غالب تي ڪيترائي ڪتاب ڇپارائي پڌرا
ڪيا، جنهن ۾ هڪڙو ڪتاب ”دود چراغ محفل“ پير صاحب
جن پاڻ مرتب ڪيو هو. هڪڙي دوست جي ڪتاب جي سلسلي ۾
منهنجو پير صاحب سان اختلاف ٿي ويو ۽ پير صاحب
تمام سخت لفظن ۾ ڳالهايو. الائي مان به ڪهڙي خيال
۾ ويٺو هوس، منهنجي واتان به ڪي سخت لفظ نڪري ويا.
پوءِ ته پير صاحب سچ پچ ڪاوڙ ۾ اچي ويا. چوڻ لڳا:
”مان ته توکي لائق ماڻهو سمجهندو هوس، پر تون ته
ڪو صفا چٽ ماڻهو آهين. تون پاڻ کي سمجهين ڇا ٿو-
توکي اچي ڇا ٿو؟“ چيومانس: ”سائين پنهنجو پنهنجو
خيال آهي، اوهان ايئن سمجهندا آهيو. اوهان کي
اختيار آهي ۽ شايد اوهان ئي ٺيڪ هجو“. ”مان سڀ
سمجهان ٿو“، پير صاحب ورجايو. شايد ڪاوڙ وڌي وئي
هئس، چوڻ لڳو: ”يار اوهان سرحد پار کان آيل ماڻهو
پاڻ کي سمجهو ڇا ٿا؟ خبر ڪنهن کي ڪک جيتري به نه
هوندي پر پاڻ کي افلاطون سمجهندو“- مان چيو
”سائين، اوهان جي ان ڳالهه جو مون کي ڏاڍو ارمان
آهي. اوهين عالم ٿي سگهو ٿا، پر ٻين کي جاهل چوڻ
جو اوهان کي ڪو حق ڪونهي“. پير صاحب تي منهنجي
ڳالهه جو ڪو اثر نه ٿيو ۽ ٿوري دير کان پوءِ مان
اٿي گهر هليو ويس ۽ پنجن ڇهن مهينن تائين پير صاحب
سان ملاقات نه ٿي. انهن ڏينهن ۾ پير صاحب حيدرآباد
۾ رٽز هوٽل ۾ ترسندو هو ۽ دوست وڃي هوٽل جي ڪمري ۾
کيس ملندا هئا. مان به هميشه ائين ڪندو هوس، پر
هاڻي مون کي ته پير صاحب سان شڪايت هئي. ڪيترا
ڀيرا مون کي معلوم ٿيو ته پير صاحب جن رٽز ۾ ترسيل
آهن، پر مان نه ويس.
ڪراچي ويس ته انهيءَ دوست سان مليس، جنهن جي ڪتاب جي
سلسلي ۾ پير صاحب سان اختلاف ٿيو هو ۽ ان کي سڄو
قصو ٻڌايم، پر تاڪيد ڪيم ته پير صاحب کي نه
ٻڌائجو، ۽ مون کي پڪ آهي ته هن پير صاحب کي اصل نه
ٻڌايو هوندو. هڪڙي ڏينهن پنهنجي دفتر ۾ ويٺو هوس
ته پير صاحب جو ٽيليفون آيو. ڏاڍي سنجيدگيءَ سان
ڳالهائي رهيو هو. ”عشقي صاحب! الاهي ڏينهن ٿيا
آهن، اوهان سان ملاقات نه ٿي آهي، دفتر جو وقت ته
آهي پر اوهين مون سان ملي سگهو ٿا. مان رٽز هوٽل ۾
آهيان، نه اچي سگهو ته مان اچان.“ جواب ڏنومانس
”سائين، مان پهچي رهيو آهيان.“ هوٽل دفتر جي تمام
ويجهو هو. ڏهن منٽن ۾ مان پير صاحب جي ڪمري ۾ هوس.
مون کي ڏسڻ شرط کلي فرمايائون: ”عشقي صاحب! اسان
سنڌي ڏاڍا مڙس هوندا آهيون، جنهن کي جهَليندا
آهيون ته ڇڏيندا نه آهيون.“ پوءِ تمام سنجيده ٿي
چيائين: ”يار! تنهنجو مغز ڪجهه ڦريل ٿو ڏسجي،
ايترن ڏينهن کان غائب ڇو آهين؟ ڇا انهيءَ ڏينهن
واري ڳالهه کي دل ۾ رکي ويٺو آهين؟“ چيومانس نه
”سائين، اوهان جو هڪدم بدليل انداز ڏسي مون کي
ڏاڍو ارمان ٿيو هو، پر اوهان جي محبت ڏسي هينئر
شرمندو آهيان.“ پير صاحب چيو ته ”يار، وري لکنؤ جي
تهذيب ۾ اچي ويو آهين. ميان! اسان جي دل ۾ ڪجهه به
نه هوندو آهي. دل کي صاف رکندا آهيون. جو گند ڪچرو
جمع هوندو آهي، انهيءَ کي ڪڍي ڇڏيندا آهيون. دوستن
جي برخلاف ڳالهه ڪرڻ جو خيال به اسان کي نه ايندو
آهي. پر دوستن سان احتياط سان ڳالهه ڪرڻ اسان کي
اچيئي نٿو. يار! توکي شرم اچڻ گهرجي. ڇا تون چاهين
ٿو ته مان تو کان معافي گهران؟ هي ڪا شرافت آهي؟
ٻڌي ڇڏجان، ائين جيڪي ڪڇ وڻندو چوندس ۽ توکي ٻُڌڻي
پوندي.“ مون چيو ”سائين، حاضر“ ۽ پير صاحب پاڻ نه
بدليو ۽ مون کي بدلائي ڇڏيائون. هي هو پير صاحب جو
پنهنجن دوستن ۽ عقيدتمندن سان سچائيءَ وارو ڪشاده
قلبيءَ ۽ خلوص سان سلوڪ، جنهن کي مان اڄ ياد ڪري
رهيو آهيان.
ڪڏهن ڪڏهن پير صاحب اهڙيون ڳالهيون به
ڪندو هو، جنهن تي سياسي ۽ ثقافتي تعصب جو گمان
گذرندو هو. اردوءَ جي برخلاف بظاهر ڳالهائيندو هو،
پر ڪن ماڻهن جي رويي جي خلاف اهو ان جو رد عمل
هوندو هو، نه ته انجمن ترقي اردو، ترقي اردو بورڊ،
اقبال اڪيڊمي ۽ ٻين اردو ادارن ۾ پير صاحب ڪنهن
کان گهٽ خدمت ڪئي آهي؟ جڏهن دارالمصنفين جا ڪتاب
غير قانوني طور ڇاپي ڪن پاڪستاني ناشرن فائدو
ڪمائڻ شروع ڪيو ته سڀ کان وڌيڪ تڪليف پير صاحب کي
ٿي ۽ هن ڪن بااثر دوستن کي گڏ ڪري هڪ سٺي مقصد
لاءِ ڪم ڪيو ۽ آخرڪار دارالمصنفين جي ڪتابن جو حق
واسطو حڪومت کان خريد ڪري دارالمصنفين جي مدد
ڪيائون. ڪڏهن ڪڏهن وات جو جيترو ڪؤڙو هوندو هو،
اوترو ئي دل جو نرم ۽ مٺو هوندو هو. ذاتي طور مون
کي چوندو هو: ”عشقي! توکي ڪا تڪليف هجي ته ٻڌاءِ،
ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ مان شايد تنهنجي مدد ڪري
سگهان.“ ۽ مون کي پَڪ آهي ته پير صاحب رڳو مون کي
خوش ڪرڻ لاءِ ائين نه چوندو هو. ڪوڙ ڳالهائڻ ان جي
فطرت جي برخلاف هو. اڪثر چوندو هو ته ”عشقي! شاعر
ته ٻيا به آهن، تون سيريس ڪم ڪر. تاريخ، ڪلچر، آرٽ
۽ سنڌي موسيقيءَ تي مفصل لک.“ ڪڏهن چوندو هو
”سنڌيءَ ۾ لک، انهيءَ ٻوليءَ ۾ لکڻ جي وڌيڪ ضرورت
آهي. جنهن سر زمين ۾ ماڻهو رهي ان جو حق ادا ڪرڻ
گهرجي.“ ڪڏهن ڪڏهن مون کي پير صاحب جون اهڙيون
ڳالهيون بي موقع به لڳنديون هيون، پر هينئر سمجهان
ٿو ته پير صاحب ٺيڪ ئي هو. سوچيا ٿو ته پير صاحب ۽
گرامي صاحب کان پوءِ اهڙيءَ محبت، پنهنجائپ ۽ حق
سان ڳالهه ڪرڻ وارا هينئر ڪٿي ملندا؟ |