شروعات ۾ پير صاحب مون سان اردوءَ ۾ ڳالهائيندو هو،
منهنجي حيدرآباد ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌي ۾ ڳالهائڻ
شروع ڪيائين. مان اردو ۾ ڳالهائيندو هوس ۽ پاڻ
سنڌيءَ ۾ جواب ڏيندا هئا. اڪثر چوندا هئا ته
سنڌيءَ ۾ ڇو نٿو ڳالهائين؟ ان ڪري مان ڪوشش ڪري
پير صاحب سان سدائين سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو هوس.
منهنجي ملتان ۾ هوندي ٽن سالن ۾ چار پنج ڀيرا پير صاحب
هتي آيا ۽ مان هميشه ڪافي وقت پير صاحب سان گڏ
گذاريندو هوس. مون کي اڄ اهي ڪچهريون به ياد اچي
رهيون آهن. هڪڙي ڏينهن جڏهن پير صاحب ملتان ۾ هو،
ڪجهه دوست مون وٽ آيا ۽ چيائون ته گورنمينٽ ڪاليج
۾ پير صاحب سان گڏجاڻي ٿئي ته چڱو. مون چيو تمام
سٺو. سڀاڻي شام جو جلسو رکو، مون کي پڪ آهي ته پير
صاحب مون سان انڪار نه ڪندو، پوءِ اسين پير صاحب
وٽ وياسين. مس ويٺا هئاسين ته پير صاحب ڪنهن کي
چئي رهيو هو ته سڀاڻي صبح جي گاڏيءَ ۾ منهنجي سيٽ
بڪ ڪرائي اچ. مون عرض ڪيو ته سائين ائين نه ڪريو،
سڀاڻي اوهان سان ڪجهه دوست ملڻ ٿا چاهين ۽ اسين
انهيءَ سلسلي ۾ اوهان جي خذمت ۾ حاضر ٿيا آهيون.
پير صاحب منهنجي ڳالهه ٻڌي خاموش ٿيو ۽ پوءِ
چيائون ته ائين ٿي نٿو سگهي. مون کي ڪراچيءَ ۾
ضروري ڪم آهي، هر صورت ۾ پرهينءَ پهچڻو آهي، هتي
رهي نٿو سگهان. مون چيو سائين اسين ته دوستن کي به
گهرائي چڪا آهيون. ”انهيءَ ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه
آهي، پڇو ها ته اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيان ها“، پير صاحب
چيو. مان اصل نااميد ٿي چڪو هوس ۽ اهڙي حالت ۾
چيومانس ته سائين منهنجي پوزيشن ڏاڍي خراب ٿي
ويندي. پير صاحب ڪوبه جواب نه ڏنو، خاموش ٿي ويو.
ان کان پوءِ چيائون ته هڪڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي
جيڪڏهن اوهان پنهنجو جلسو شام جي بدران ٻنپهرن جو
رکي ڇڏيو ته مان سڀاڻي شام جو هليو وڃان. جيڪڏهن
ائين ممڪن نه آهي ته معافي، يار زنده صحبت باقي،
وري ڪڏهن اچڻو هوندو ته ڏسنداسين. يارن چيو ته
بلڪل ٺيڪ آهي ۽ پير صاحب پنهنجي بڪنگ صبح جي بدران
شام جو ڪرائي ڇڏي ۽ ٻپهريءَ جو اسان جي گڏجاڻي
تمام شاندار نموني ۾ ٿي ۽ ملتان جا يار سڀيئي خوش
ٿيا ۽ تڪڙ ۾ جيڪو جلسو ڪيوسين، اڄ تائين ملتان جا
دوست ياد ڪندا آهن. اهڙي ئي نموني ۾ دوستن سان
ڳالهه هلي رهي هئي ۽ اسان پير صاحب کي چيو ته اسين
چاهيون ٿا ته ملتان ۾ سچل سرمست جو ڏينهن ملهايون.
پير صاحب تمام خوش ٿيو ۽ چيائين ته جيڪڏهن اوهان
سچل جو ڏينهن ملهايو ته مان پنهنجي وڏي ڀاءُ پير
علي محمد راشديءَ کي به اچڻ لاءِ مجبور ڪندس ۽ ٿيو
به ائين. جلسو شاندار نموني ۾ ٿيو. پير صاحب صدارت
ڪئي ۽ جلسي کان پوءِ راڳ جي محفل به ڪامياب ٿي.
پير صاحب جي مشوري تي سچل سرمست ۽ خواجه غلام فريد
جون هم طرح ۽ هم مضمون ڪافيون ٻڌائي ڳائڻن موجود
ماڻهن کي مست ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح پير صاحب دوستن
کي مشورا به ڏيندو هو. انهن سان سنگت به ڪندو هو
انهن کي وندرائيندو به هو. هر نموني ۾ مدد ڪري
سهارو ڏيندو هو.
اڄ اهڙو دوست مهربان، بزرگ، عالم، مورخ، اديب ۽ سڀ کان
وڌيڪ پيارو دوست ۽ قابل احترام شخصيت اسان ۾ موجود
نه آهي. هر گڏجاڻي ۾، هر ادبي محفل ۾ اکيون انهيءَ
شخصيت کي، جو مجلس جو مور ۽ سڀا جو سينگار هوندو
هو، ڳولينديون آهن ۽ يقين نه ٿو اچي ته پير صاحب
سچ پچ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. مان مضمون ختم ڪري رهيو
آهيان ته ڪيترائي واقعات ۽ ڪيتريون ئي ڳالهيون ياد
اچي رهيون آهن. سڀني تي لکڻ جي همت نه آهي نه وقت.
يادگيرين جو اڻ ٽٽ سلسلو آهي ۽ جيستائين حياتي
آهي، پير حسام الدين راشدي موقعي موقعي تي ياد
ايندو. هن وقت نواب صاحب تاجپور مرحوم نور احمد
خان جي بنگلي تي پير صاحب جون ڪچهريون منهنجن اکين
آڏو آهن. انهيءَ محفل کي پير صاحب مجلس فقراء
چوندو هو، مانيءَ جو ته رڳو بهانو هوندو هو. ڪلاڪن
جا ڪلاڪ پير صاحب ڳالهائيندو هو. چرچن ۽ کل ڀوڳ ۾
وقت ائين گذري ويندو هو، جو ڪنهن کي خبر ئي نه
هوندي هئي. حاضرين دنيا جي غم کي وساري ڄڻ ته هڪ
نشي ۾ مست ٿي ويندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن حيدرآباد کان
ٻاهر به مجلس فقراء جو اجلاس ٿيندو هو. اهڙين
مجلسن ۾ تاجپور وارو جلسو، جنهن ۾ خانه فرهنگ جو
دوست ۽ خاص ڪري ڊاڪٽر محبوب شريڪ هو ۽ راڳ جو به
اهتمام هو. نئن باران جي ڊاڪ بنگلي ۾ شام جي اڻ
ڇپيل ڪلام جي ٻڌڻ وارو جلسو سدائين ياد رهندو،
جنهن ۾ ٺٽي ضلعي جي ڪن پوڙهن فقيرن شاهه جو اهڙو
ڪلام ٻڌايو هو جو رسالن ۾ ڪونهي. ڪلام ٻڌڻ کان
پوءِ پير صاحب جي ڪچهري خاص طور تي ياد رهندي.
هينئر پير صاحب ئي اسان کي ڇڏي ويو آهي ته اهڙيون
محفلون ڪٿي! هلڻ وارا هليا ويا ۽ اسين به سڀ هلڻ
هارا، رهي نالو سائينءَ جو! --- (اصل سنڌي ۾ لکيل)
..............................
ساڳئي شاعر راجا جي فرمائش تي ڪلام مجيد جو به سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪيو، جنهن کي راجا روزانو بلا ناغي ٻڌندو
هو. هڪ دفعي سوره ياسين جي هڪ آيت جو جڏهن هن کي
ترجمو ٻڌايو ويو، تڏهن هو تخت تان يڪدم لهي آيو ۽
دوباره ترجمو ٻڌي ٻه-ٽي قدم اڳتي وڌي، زمين تي
سجدي ۾ ڪري پيو، ۽ سجدي جي دوران ايترو ته رُنو،
جو سندن ڳَل به آليءَ مٽيءَ ۾ ڀرجي پيا. جڏهن
گهڻيءَ دير بعد سجدي مان اُٿيو، تڏهن بلند آواز ۾
بي اختيار سندس زبان مان نڪتو ”بيشڪ اهوئي رب
معبود آهي، جيڪو ازلي ۽ ابدي آهي.“
سيد
حسام الدين راشدي
مضمون؛ منصوره جي تاريخ جو هڪ باب
(ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون؛ ص 16)
ڊاڪٽر محمد ايوب قادري
اردوءَ جو پير
جناب پير حسام الدين راشدي تاريخ و ادب تي محققانه نظر رکندا
هئا. پاڻ سنڌي، فارسي ۽ اردو ۾ تصنيف و تحقيق جي
اعتبار کان يادگار ڪارناما ڇڏيا آهن. هن مضمون ۾
مان، سندس اردو زبان سان تعلق جي خيال کان سندس
علمي ۽ ادبي خدمتن جو ذڪر ڪندس.
پير صاحب جي تعليم حسب رواج فارسي ۽ عربي ۾ رهي ۽ اها
ئي تعليم و تربيت اردو زبان ۽ ادب جي لاءِ اڀياس
بنجي ويئي. پوءِ سندس مسلسل مطالع ۽ فطري ذوق ان
کي اڃا به وڌيڪ چمڪايو. پاڻ اردو ادب جو اهم ۽
صاحب طرز مصنفن ۽ شاعرن جو باقاعده مطالع ڪيائون.
غالب، حالي، اڪبر الهه آبادي ۽ اقبال جي ڪلام تي
سندن گهري نظر هئي. پاڻ فرمائيندا هئا ته
عبدالحليم شور جي ناولن، خواجه حسن نظامي جي
ڪتابن، ملا واحدي جي مقدمن وغيره جي مطالع دوران
راتين کي مون ڏينهن بنائي ڇڏيو. اردو جا علمي ۽
تحقيقي رسالا پابنديءَ سان سندن اڀياس هيٺ رهيا.
معارف، برهان، نگار، اورينٽل ڪاليج مخزن، نظام
المشائخ، پيشوا، مدينه (بجنور) وغيره جو مطالع
سندن معمول هو ۽ انهن مان ڪيترن ئي رسالن جا فائيل
سندن ڪتب خاني ۾ موجود هئا. انهن رسالن جي حاصلات
لاءِ پاڻ ڪتب فروش سان دوستي رکندا هئا. معارف
(اعظم ڳڙهه) ۾ سندن مضمون پڻ ڇپيا آهن. نواب صدر
يار جنگ، مولانا حبيب الرحمان خان شيرواني ۽ باباي
اردو مولوي عبدالحق مرحوم سان، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ
سندن خط و ڪتابت هوندي هئي. پير صاحب جي نالي
مولانا شيروانيءَ جا خط، مون رسالي ”العلم“ ۾ شايع
ڪيا هئا. 41-1942ع ۾ پير صاحب، پنهنجي وڏي ڀاءُ
محترم پير علي محمد راشدي صاحب سان گڏ دهلي، نيني
تال، پيلي ڀيت ۽ ناگپور وغيره ويا. شڪار وغيره سان
گڏ علم و فضل جي صاحبن سان ملاقاتون پڻ ڪيائون.
مولوي عبدالحق وٽ خاص مهمان طور رهيا.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مولوي عبدالحق جي لاءِ هندستان ۾
حالتون ناسازگار ٿي پيون. کيس مجبورا پاڪستان اچڻو
پيو. پراڻن تعلقات جي ڪري پير صاحب سندن آڌر ڀاءُ
ڪيو. مولوي صاحب خود لکن ٿا.
[1]
”جهاز ساڍي ٻارهين بجي ڪراچي پهتو. هوائي اڏي تي شعيب
قريشي، خان عبداللطيف خان ۽ پير حسام الدين راشدي
صاحب موجود هئا. خدا جو شڪر بجا آندو، جو خير
عافيت سان ڪراچي پُڄي ويس، هاڻي هتي نئين مهم جي
شروعات ٿيندي.“
مٿين سِٽن جي وضاحت انجمن ترقيء اردو پاڪستان جي هڪ
رپورٽ ۾ هن طرح سان بيان ڪئي ويئي آهي2.
”جڏهن هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ مولوي عبدالحق صاحب
اهو محسوس ڪيو ته کيس دهلي يا دهليءَ کان ٻاهر
هندستان ۾ ڪٿي به ڪم ڪرڻ جو موقعو ڪونه ملندو،
تڏهن پاڻ شروع ۾ نومبر 1947ع ۾ پاڪستان آيا ۽ پوءِ
هميشه لاءِ 28 جنوري 1949ع تي هتي اچي ويا.
ڪراچيءَ ۾ پاڻ پير الاهي بخش جي گهر رهيا. ڪراچيءَ
۾ صاحب موصوف کان سواءِ حڪيم محمد احسن صاحب، پير
حسام الدين راشدي ۽ حاتم علوي صاحبان ۽ ٻين دوستن
کيس خوش آمديد چيو، طئه ڪيو ويو ته انجمن ترقيء
اردو جو پاڪستان لاءِ هڪ الڳ دفتر ڪراچي ۾ قائم
ڪيو وڃي، ڇو ته ڪراچيءَ ۾ دارالسلطنت هجڻ ڪري، ڪم
ڪرڻ لاءِ گهڻيون سهوليتون هيون.“ پير الاهي بخش
صاحب جي سفارش سان جناب هاشم رضا، گجراتي ايجوڪيشن
سوسائٽيءَ جي هڪ عمارت انجمن کي ڏني، ليڪن حڪيم
محمد احسن صاحب- جيڪو ان وقت ڪراچي شهر جو ميئر
هو- اُن کان به هڪ وڌيڪ سٺي جاءِ جي نشاندهي ڪئي ۽
ڪوشش وٺي اُها (موجوده) عمارت (سرسوتي مندر) انجمن
کي الاٽ ڪرائي ڏني. ان طرح مولوي صاحب پنهنجي
دوستن ۽ اردو جي سڄڻن جي خاص مدد ۽ تعاون سان
پاڪستان ۾ انجمن ترقيء اردو جي تنظيم ڪري سگهيو.
انهن صاحبن مان ڪيترا هن وقت انجمن ترقيء اردو جي
انتظامي بورڊ جا ميمبر آهن.
پير صاحب شروع کان وٺي انجمن جي ڪمن ۾ مددگار رهيا. ان
جي انتظامي بورڊ جا ميمبر رهيا. انجمن جي رسالي
”اردو“ جي ايڊيٽوريل ڪميٽيءَ جا رڪن رهيا. انجمن
جي عملي منصوبن جا مشير رهيا. باباي اردو ۽ پير
صاحب تعلقات جو اندازو انهن خطن مان لڳائي سگهجي
ٿو، جيڪي مولوي صاحب کيس لکيا آهن.
پير صاحب اردو ڪاليج ڪراچيءَ جي بانين مان هئا. اڄ اهو
ڪاليج پاڪستان جي هڪ ممتاز درسگاهه آهي. انجمن
ترقي اردو زبان جي ادارن جي قيام ۽ ترقيءَ ۾ پير
صاحب ڀرپور حصو ورتو. ترقيء اردو بورڊ ڪراچي، جيڪو
اردو زبان جي عظيم لغت جي تاليف ۽ اشاعت لاءِ قائم
ٿيو، پير صاحب شروع کان وٺيا ان جي مجلس انتظاميه
جا ميمبر چونڊيا. پاڻ بورڊ جي ڪمن ۾ پوري دلچسپيءَ
سان حصو وٺندا هئا.
جڏهن مرڪزي اردو بورڊ لاهور ٺهيو، ته پير صاحب بحيثيت
ايڊيٽر مقرر ٿيا. پاڻ بورڊ جي اشاعتي منصوبن ۾
رهنمائي ڪيائون. ماثرالامراء از صمصام الدوله
شاهنواز خان، سيرالعارفين از جمالي دهلوي ۽ طبقات
اڪبري از خواجه نظام الدين احمد بخشي جي اردو
ترجمن جا منصوبا پير صاحب جي تجويز ۽ تائيد سان ئي
عمل ۾ اچي سگهيا ۽ راقم الحروف اهي ڪم سرانجام
ڏنا. مولانا اعجاز الحق قدوسيءَ جا ڪتاب تذڪرهء
صوفياي بنگال، تذڪرهء صوفياي سرحد ۽ سيرالاولياء
اردو ترجمو، پير صاحب جي ڪوششن ۽ توجهه سان ڇپجي
شايع ٿيا.
مولانا غلام رسول مهر مرحوم طبقات ناصريءَ جو اردو
ترجمو ڪيو هو. پير صاحب ان تي نظرثاني ڪئي آهي ۽
آخر ۾ تعليقات جو ترجمو سندس ئي نظرداريءَ هيٺ
ٿيو. تعليقات جي هڪ حصي جو ترجمو خاڪسار راقم
الحروف ڪيو آهي. تزڪ جهانگيري جو اردو ترجمو مجلس
ترقيءَ ادب لاهور شايع ڪيو هو، جيڪو موجوده زماني
جي تحقيقي انداز مطابق نه هو. ان جو ازسرنو ترجمو
پير صاحب جي نگرانيءَ هيٺ ٿيو. پير صاحب برصغير جي
اولين تاريخ تاج الماثر (نظامي) جي اردو ترجمي
لاءِ خواهشمند هئا. پروفيسر عبدالمجيد صديقيءَ سان
ڳالهه ٻولهه به ٿي هئي، مگر افسوس جو اهو منصوبو
عمل ۾ اچي نه سگهيو. غرض ته مرڪزي اردو بورڊ لاهور
جي اشاعتي منصوبن ۽ اردو ترجمن ۾ پير صاحب جا
مشورا ۽ دلچسپيون برابر شامل هيون.
پير صاحب پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي مجلس عامله جا
ميمبر رهيا. سوسائٽيءَ جي ڪمن ۾ گهڻي دلچسپي وٺندا
هئا. 1960ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ ۾ هسٽري ڪانفرنس منعقد
ٿي ته پير صاحب ڪانفرنس جي مندوبين کي ٺٽي سير و
تفريح لاءِ وٺي ويا. رهائش ۽ مهمانداري جي ذميواري
پير صاحب پاڻ کنئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ پاڻ جهانگيري
دور جي گورنر غيرت خان تي اردوءَ ۾ هڪ تحقيقي
مقالو پڙهيو هو، جيڪا تاريخدانن لاءِ هڪ نئين
دريافت هئي. پير صاحب جي تحريڪ تي تاريخ فيروزشاهي
(برني) جو اردو ترجمو مرڪزي اردو بورڊ لاهور شايع
ڪيو.
رساله ”سب رس“ ڪراچيءَ جي ايڊيٽر خواجه حميدالدين شاهد
جڏهن ”ايوان اردو“ قائم ڪيو ته پير صاحب اُن جا
نائب صدر ۽ ان جي ادبي محفلن جا شمع فروزان بنيا.
ادارهء يادگار غالب ڪراچي جا پڻ پاڻ نائب صدر هئا ۽
اداري جي ترقيءَ لاءِ گهڻي دلچسپي ورتائون. جڏهن
1969ع ۾ اداري جي پاران غالب جون سؤ ساله جشن
تقريبات منعقد ٿيون ته پير صاحب، مرزا ظفر الحسن
جا رفيق ۽ صلاحڪار، معين و مددگار ٿيا. ڪتابن جي
ڇپائي ۽ انهن متعلق سڀني ڪمن جي ذميواري پير صاحب
کنئي. مرزا ظفر الحسن، عبدالروف عروج ۽ پير صاحب
جي نشست روزانه رات جو ڏهين بجي کان هڪ بجي تائين
هوندي هئي. ان دوران مولانا غلام رسول مهر (لاهور)
مولانا عبدالقادر (پشاور) ۽ پروفيسر حميد احمد خان
(لاهور) سان علمي مذاڪرا ٿيندا رهيا. دعوتون
ٿينديون رهيون ۽ استقباليه ڏنا پئي ويا. انهن
مجلسن ۾ پير صاحب کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. انهيءَ
موقعي تي پير صاحب جو ڪتاب ”دودِ چراغِ محفل“
اداره يادگار غالب طرفان شايع ٿيو.
اقبال اڪيڊمي ڪراچي سان پڻ پير صاحب جو گهرو واسطو
رهيو. جنهن اداري سان مرحوم ممتاز حسن جون
دلچسپيون هجن، تنهن سان پير صاحب جون ڪيئن نه
هونديون؟ بشير احمد ڊار مرحوم ڊئريڪٽر مقرر ٿيو ۽
تذڪره شعراء ڪشمير جو منصوبو پير صاحب جي حوالي
ٿيو، جيڪو پاڻ پنجن جلدن ۾ شايع ڪري مڪمل ڪيو. ان
جي پهرين جلد جو خلاصو خاڪسار راقم الحروف پير
صاحب کي پيش ڪيو، ۽ ان مخطوطي جي نشاندهي پڻ ڪئي
هئي. هن عظيم منصوبي جي ترتيب ۽ تدوين ۾ پير صاحب
جي دوستن مولوي نسيم امروهوي ۽ مرحوم مسلم ضيائي
خاص طور تي سندس مدد ڪئي هئي.
پير صاحب سنڌي ادبي بورڊ جي بانين مان هئا. ان اداري جي
وسيلي سنڌ جي تاريخ، ادب، ثقافت ۽ مشاهير تي خوب
ڪم ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌ جي تاريخ جا ٽي
بنيادي ڪتاب چچنامه، معصومي ۽ تحفة الڪرام اردو ۾
ترجمو ٿيا ۽ انهن جي اشاعت ۾ پير صاحب جي مشورن کي
دخل آهي.
انهن کان سواءِ نڄاڻ، ٻيا ڪيترائي ادارا هئا، جن سان
پير صاحب جون دلچسپيون وابسته هيون، ۽ جن جي وسيلي
علم ادب جي خدمت ٿيندي رهي. اردو جي گهڻن ئي اديبن
۽ شاعرن، مصنفن ۽ صحافين سان پير صاحب جا گهاٽا
دوستانه ناتا هئا. پير صاحب انهن جي ڪمن ۾ دلچسپي
وٺي سندن رهنمائي ۽ سرپرستي ڪندا هئا. سندن خيال
هو ته سندس دوستن مان ڪم ڪندڙ اديب ۽ مصنف بيڪار
نه هجن ۽ ڪو معياري ڪم ڪندا رهن.
پاڪستان کان علاوه هندستان جا نامور عالم ۽ محقق مثلاَ
ڊاڪٽر مالڪ رام، مولانا امتياز علي عرشي، قاضي
عبدالودود، ڊاڪٽر نذير احمد، پروفيسر خليق احمد
نظامي، سعيد احمد اڪبر آبادي، مولانا سيد صباح
الدين عبدالرحمان، ڊاڪٽر ضياءُ الدين احمد ڊيسائي
سندس دوستيءَ جي دائري ۾ هئا. انهن مان جڏهن به ڪو
عالم پاڪستان ايندو هو ته پاڻ انهن جي مان ۾
شاندار دعوتون ڪندا هئا، جن ۾ مقامي اهل علم پڻ
شريڪ ٿيندا هئا.
هڪ ڀيرو ڊاڪٽر نظام الدين (حيدرآباد دکن) ۽ ٻيا اديب
مشرق وسطيٰ کان واپسيءَ دوران ڪراچيءَ پهتا. ان
موقعي تي پير صاحب پنهنجي ڀاءُ محترم پير علي
محمد راشديءَ جي بنگلي (لارينس روڊ، گارڊن ويسٽ) ۾
هڪ علمي مجلس منعقد ڪئي، جنهن ۾ ڪراچيءَ جا سمورا
ممتاز شاعر شريڪ ٿيا. جوش مليح آبادي مير مجلس هو،
نياز فتحپوري به آيل هو.
مرحومـﮧ نورالصباح بيگم وٽ سالانه مشاعرو ٿيندو هو،
جيڪو صبح جو پورو ٿيندو هو. ڪراچيءَ جي شاعرن ۽
اديبن جو وڏو تعداد شريڪ ٿيندو هو. جسٽس محبوب
مرشد صدارت ڪندا هئا ته ڪڏهن جسٽس ايم. بي. احمد.
پير صاحب پابنديءَ سان انهن مجلسن ۾ شريڪ ٿيندا
هئا.
مولانا امداد صابري (دهلي) جي ڪتاب ”داستان شرف“ جي
1980ع ۾ رونمائيءَ جي تقريب ٿي، پير صاحب ان جي
صدارت ڪئي. صدارتي تقرير اگرچه مختصر ڪيائون، ليڪن
ان ۾ ڪتاب ۽ ان جي لکندڙ جي تعارف ۽ تبصره جو پورو
حق ادا ڪيل هو.
پير صاحب پنهنجي اردو دوستن کي اردوءَ ۾ ئي خط لکندا
هئا. انداز بيان هلڪو ڦلڪو ۽ روان هوندو هو. هن
خاڪسار جي نالي سندن بي شمار خط آهن. هڪ دفعي مون
کي خط لکيائون ته ”تو مولانا ندويءَ تي جيڪو مضمون
لکيو آهي، اهو مون کي کپي ۽ جلدي موڪلي ڏئي.“ خط ۾
نالو ڄاڻايل ڪونه هو، ان ڪري مان سوچ ۾ پئجي ويس
ته مون ڪهڙي معروف ندويءَ تي مضمون لکيو آهي؟ پوءِ
خيال آيو ته مولوي سعيد اشرف ندوي صاحب تي مون هڪ
مختصر مضمون ”العلم“ ڪراچيءَ ۾ برابر شايع ڪرايو
هو. سعيد اشرف ندوي وارفته مزاج بزرگ آهي. لباس و
هيئت مجذوبانه، ندوه جو فاضل، جديد عربي ادب تي
سُٺي ڄاڻ رکندڙ، ترڪيءَ کان به واقف. مرحوم رئيس
احمد جعفريءَ جو گهڻو ڪم هن صاحب ڪيو. خير، اهوئي
مضمون کڻي مان پير صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيس. پاڻ
نهايت خوش ٿيا ۽ فرمائڻ لڳا ته ”مون کي ان بزرگ جو
نالو وسري ويو هو، مگر ان جا اوصاف ۽ خصوصيتون
منهنجي ذهن ۾ موجود هيون. مان ان صاحب تي هڪ مضمون
لکڻ چاهيان ٿو.“
قدر گوهر شـﮧ بداند يا بداند جوهري.
هڪ دفعي هي خاڪسار، مشهور مصنف مفتي انتظام الله شهابي
مرحوم کي پاڻ سان گڏ پير صاحب وٽ وٺي ويو. پاڻ
صاحب کان حالات ۽ سندس ڪتابن جا نالا لکايا،
آٽوگراف ورتو ۽ فوٽو به ڪڍيائون. هيءَ هئي پير
صاحب جي نظر ۾ علم وارن ماڻهن جي قدر و منزلت!
پير صاحب دوستن جو خاص خيال رکندا هئا ۽ انهن جي مسئلن
۾ دلچسپي وٺندا هئا. جوش جو جشن هجي يا عيش
ٽونڪيءَ جي مالي مدد جو مسئلو، مولانا اعجازالحق
قدوسي ۽ تحسين سروريءَ جي وظيفن جو مسئلو هجي يا
ماهر القادريءَ جي رهڻ لاءِ گهر جو مسئلو، مفتي
انتظام الله جي ڪسٽوڊين جا معاملا هجن يا ذڪريا
مائل جي ڪتاب جي ڇپائيءَ جو مسئلو. پير صاحب دوستن
جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هميشه اڳي اڳي رهندا هئا.
شيخ عبدالمجيد سنڌي سنڌ جا بزرگ ۽ سڄاڻ سياستدان هئا.
سندن خدمتون تاريخ جي سونهري ورقن ۾ محفوظ آهن، جي
هن ملڪ جي نئين نسل لاءِ هميشه رهنمائيءَ جو ڪم
ڏينديون. پاڻ نومسلم هئا. سنڌ جي هڪ وڏي دانشمند ۽
انقلابي شخصيت شيخ عبدالرحيم حيدرآبادي سندن ذهني
تربيت ڪئي هئي. مون، شيخ عبدالمجيد صاحب کان سندن
مشرف ٿيڻ واري موضوع تي هڪ تفصيلي انٽرويو ورتو
هو، جيڪو شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد جي رسالي
”الولي“ (اردو) ۾ شايع ٿيو هو. ان مضمون پڙهڻ کان
پوءِ محترم راشدي صاحب پاڻ فرمايائون ته ”تو اهو
مضمون لکي اسان جون اکيون کولي ڇڏيون آهن. شيخ
عبدالمجيد رسالي ”شيخ عبدالمجيد سنڌي نمبر“ ڪڍيو
(؟) ۽ هر سال، سندس ڏينهن ملهائجڻ لڳا*.
ان ڏس ۾ جيڪو پهريون جلسو منعقد ٿيو، تنهن جي
صدارت محترم پير صاحب ڪئي هئي. خاڪسار کي پڻ خيالن
جي اظهار جو موقعو مليو. پير صاحب کي شيخ صاحب
مرحوم سان ڪيڏي نه دلي ۽ روحاني وابستگي هئي، جو
وفات کان پوءِ پاڻ، مڪليءَ تي شيخ صاحب جي مزار جي
ڀرسان آرامي آهن.
اردو ڪاليج جي رسالي ”برگ گل“ جي نگرانيءَ ۾ ڪم اڪثر هن
خاڪسار جي سپرد هوندو هو، ۽ ان جا خاص نمبر پڻ
شايع ٿيا آهن. جڏهن ته پير صاحب کي خاص نمبر لاءِ
مضمون واسطي عرض ڪيم ته اها خواهش پوري ڪيائون. هن
رسالي جو ”تعليمي پاليسي نمبر“ پير صاحب خاص طرح
پسند فرمايو هو.
لاهور جا اڪثر دانشور ۽ عالم پير صاحب وٽ ئي ترسندا
هئا. ڊاڪٽر محمد عبدالله چغتائي، مولانا غلام رسول
مهر، ڊاڪٽر وحيد قريشي ۽ اي. ڊي. اظهر ته سدائين
پير صاحب وٽ ئي ٽِڪندا هئا.
هن خاڪسار هڪ ڪتاب ”تبليغي جماعت جو تاريخي جائزو“
عنوان سان لکيو هو. اهو ڪتاب پير صاحب جي خدمت ۾
ان ڪري پيش ڪونه ڪيو هوم، جو اها هڪ مذهبي جماعت
جي تبليغي سرگرمين جي روداد هئي، جنهن سان پير
صاحب جي ڪهڙي دلچسپي؟ مگر وٽانئن هڪ ڏينهن ان ڪتاب
جي تقاضا جو خط پهتو. جڏهن اهو ڪتاب کڻي مان سندن
خدمت ۾ حاضر ٿيس ته پاڻ ان کي پسند فرمايائون.
ڪتاب پيش ڪرڻ وقت مون هڪ شعر لکيو:
بخدمت مقدس معليٰ جناب،
نذر هلآ ادب سلآ مختصر کتاب.
پير صاحب پڙهي مُسڪرايو ۽ جواباَ ارشاد فرمايائون:
قادري صاحب نلآ لکها راشدي،
جائزه تبليغ کا کيا خوب هلآ،
مين پڙهون گا شوق سلآ اس کو ابهي،
ان کي هر تحرير بس مرغوب هلآ.
1977ع ۾ لاهور ۾ علامـﮧ اقبال جي پيدائش جون سؤ ساله
تقريبات شروع ٿيون. انهيءَ بين الاقوامي ڪانگريس ۾
پاڪستان کان ٻاهران ٻه سؤ کن عالم آيا هئا، جن مان
اڪثر مندوبين جا پير صاحب سان علمي دوستانه ناتا
هئا. ڪانگريس دوران، لاهور ۾ رهائش وقت
انٽرڪانٽيننٽل هوٽل ۾، فارغ وقتن تي پير صاحب جي
ڪمري ۾ عالمن ۽ فاضلن، دانشورن ۽ مندوبين جو ميڙو
لڳو پيو هوندو هو.
جڏهن باباي اردو مولوي عبدالحق مرحوم انجمن جي 15 روزه اخبار
”قومي زبان“ جاري ڪئي ته ان وقت طئه ٿيو ته ان ۾
ڪجهه صفحا سنڌي زبان جا به هوندا ۽ اهو ڪم پير
صاحب جي حوالي ڪيو ويو. چنانچه، ”قومي زبان“ جي
جون 1948ع واري پرچي ۾ مولوي عبدالحق صاحب لکيو:
”جوامع الحڪايات (عوفي) جي اردو ترجمي (از اختر شيراني)
جي سليس ۽ شگفته سنڌي ترجمي جو ذمو محترم پير حسام
الدين راشدي صاحب کنيو آهي. پاڻ انجمن جا قديم
ڪرمفرما آهن ۽ ڪراچيءَ ۾ انجمن جو قيام گهڻو ڪجهه
سندن ئي سعي و اخلاص جو مرهون منت آهي. علوم
لساني، موصوف جي روحاني فضائل جو ضميمو آهي.“
جوامع الحڪايات جو سنڌي ترجمو شايع ٿيڻ لڳو. اها خبر
پئجي ڪانه سگهي ته اهو مڪمل ٿي سگهيو يا نه؟
پير صاحب نه صرف اردوءَ ۾ لکڻ پڙهڻ تي دسترس رکندا هئا،
پر ان سان گڏ وٽن ادب ۽ انشا جو انداز ملي ٿو. کين
اردوءَ ۾ اظهار بيان تي قدرت حاصل هئي. پاڻ علامه
دتاتريه ڪيفي ۽ مرحوم شاهد احمد دهلويءَ تي جيڪي
مضمون لکيائون، سي ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهن. پاڻ
اردوءَ ۾ ٻيا به ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيا اٿن،
جن کي گڏ ڪري ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سندن بعض مقالا ته اهڙا آهن، جو انهن کي بنياد
بنائي باقاعده ڪتاب لکي سگهجن ٿا، چنانچه ”سنڌ ۽
ايران جا تعلقات“ موضوع تي سندن مقالو انهيءَ
نوعيت جو آهي.
1952ع ۾ مولوي عبدالحق جي صدارت هيٺ پاڻ ”سنڌ ۾ اردو“
جي عنوان سان جيڪو مقالو پڙهايو هئائون، سو پڙهڻ
وٽان آهي! اهو مضمون رسالي ”اردو“ جي جنوري- اپريل
1953ع واري پرچي ۾ شايع ٿيل آهي. پير صاحب هن
موضوع تي باقاعده ڪتاب لکڻ ٿي گهريائون.
پير صاحب جا اردو زبان ۾ لکيل چار ڪتاب يادگار آهن.
1- مولانا محب علي سنڌي
2- هفته مقاله
3- دود چراغ محفل
4- مرزا غازي بيگ ترخان اور اس کي بزم ادب.
پهريون ڪتاب 1950ع ۾ ادبي پريس ڪراچيءَ مان پير صاحب
پاڻ شايع ڪرايو. ٻيو ڪتاب انجمن ترقيءَ اردو
پاڪستان، ڪراچي، 1967ع ۾، شهنشاهه ايران جي
تاجپوشيءَ جي موقعي تي شايع ڪيو. ٽيون ڪتاب، غالب
جي سؤ ساله جشن تقريبات جي موقعي تي غالب اڪيڊمي،
ڪراچي، شايع ڪيو. چوٿون ڪتاب 1970ع ۾ انجمن ترقيءَ
اردو پاڪستان، ڪراچي، شايع ڪيو آهي.
(ترجمو: پروين شيخ)
…………………….
ايران هجي توڙي خراسان، عرب هجي توڙي عجم، سنڌ هجي يا هند، مشرق
۾ جتي به گذريل زماني ڌاري جيڪي تاريخون لکيون
ويون آهن، اهي گهڻو ڪري شاهن، شهزادن، وزيرن توڙي
اميرن جي ساراهه سان ڀريون پيون آهن. يعني انهن جو
مرڪزي نقطو ڪنهن نه ڪنهن شخصيت تي مبني هو ۽ سڀئي
واقعا انهيءَ نقطي جي چوڌاري گردش ڪندا ٿي رهيا.
جنگ جا داستان، بهادريءَ جا افسانا، ملڪ گيريءَ جا
قصا، سخا ۽ عدل انصاف جون حڪايتون، موافق جي
تعريف، مخالف جي مذمت وغيره، اهي ئي اسان وٽ تاريخ
نويسيءَ جا اسلوب پئي رهيا آهن. اسان جي تاريخن ۾
واقعن ۽ شخصيتن کي مصلحتن ۽ عاقبت انديشن جي پيش
نظر لحافن ۽ غلافن ۾ ويڙهي اهڙيءَ ريت بيان ڪيو
ويو آهي، جو نه ته ڪا حقيقي شخصيت ظاهر ٿئي ٿي، نه
ان جا اصل ڪردار سامهون اچن ٿا ۽ نه وري واقعات
پنهنجي صحيح شڪل صورت ۾ اُجاگر ٿين ٿا.
- سيد حسام الدين راشدي
(تاريخ مظهر شاهجهاني: ص 47)
تاريخ انجمن ترقيء اردو، از سيد هاشمي فريد
آبادي، ڪراچي، 1953ع صفحو 0228
2
اها رپورٽ مون ڏٺي آهي ۽ اِهو ٽُڪرو فائيل مان
مون پاڻ ورتو آهي.
شيخ
صاحب جي هڪ عاشق ۽ عقيدتمند محترم خان محمد
پنهور، شيخ صاحب جي حياتيءَ دوران، پوين سالن
۾، اول سندس سالگرهه تقريبات منعقد ڪيون ۽
سندن وفات کان پوءِ هر سال، پابنديءَ سان،
سندس ورسيون ملهائڻ جو بندوبست ڪيو. پاڻ شيخ
عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي قائم ڪئي اٿس ۽ سندس
سوانح تي هڪ ڪتاب ”هوندا سي حيات“ پڻ ڇپايو
آهي.
|