پير صاحب جي ڪتاب ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“
تان ورتل اقتباس – صفحو 126-128
”...ڪراچيءَ مان ”مهراڻ“ جا پرچا اچي پهتا. ساندهه سال 1959ع
جا. ڄاتم ته اباڻي پار جو پانڌي اچي پهتو.
ڪو جو وريو واء، اڄ ملڪ ملير ڏنهن،
ڄڻ آيم اباڻاء، ماڻهو موٽائڻ جو!
جلدي جلدي جو کڻي ورق واريان ته جنسي ڪيس ۽ ڪلوڙ ٿيا
پيا آهن. مورڳوئي ماتم لڳو پيو آهي. ڊاڪٽر
دائودپوٽي جو داغ ته دل تي انهيءَ وقت پهتو، جڏهن
خود منهنجي پنهنجي حياتيءَ جو سفينو لهرن ۽ لوڏن*
۾ هو، تانگهي ۽ تار جو پتوئي ڪونه ٿي پيو. ڪڏهن
واءُ سنهنجو ته ڪڏهن اوکو ٿي لڳو، ڪڏهن سڙهه چڙهيا
ٿي ڪڏهن لٿا ٿي. يقين ڪونه هو ته سير جي سٽن کان
نڪري ڪشتي ڪناري لڳندي.
هتي آيس (منيلا 19- ڊسمبر 1958ع) تي خبر پيئي، آغا شمس
الدين خان به ساٿ ڇڏيو. ان کان پوءِ پيغام پهتو ته
12- نومبر 1959ع جو (نواز علي) ”نياز“ به رحلت
ڪئي. هاڻي وري ”مهراڻ“ مان معلوم ٿيو ته تون هِتي
اِنهن ٽن جا روئڻا ٿو روئين، هُتي سڄو ساڻيهه ئي
سُڃ ٿي ويو آهي!
(1) ماستر الهه بچايو سمو 9- ڊسمبر 1958ع تي گذاري ويو آهي.
(2) خاواج سلطان علي، سنڌي زبان جو خاموش خدمتگار، 9- جنوري
1959ع تي هن دارفانيءَ کي ڇڏي چڪو آهي.
(3) امام الدين ”ضامن“ 12- جنوري 1959ع تي رحلت ڪري ويو.
(4) ”عاجز“ ساڪرائي،س انگي مرحوم جو صحبتي، 25- جولاءِ 1959ع
جو فوت ٿيو.
(5) سردار بهادر محمد بخش ”ڪوجهي“ 24- سيپٽمبر 1959ع تي
هيءُ جهان ڇڏي چڪو.
(6) شيخ عبدالعزيز قنڌاري، سنڌيءَ جو اديب ۽ آزاد سنڌ جي
قديم تحريڪ جو رڪن، رڪين، ڇنڇر رات ساڍي ٻارهين
بجي 26- سيپٽمبر 1959-ع تي رب ڏانهن راهي ٿيو.
(7) آغا تاج محمد 30- سيپٽمبر 1959ع ساڍي ٽين بجي ڌاري دوستن
کي داغ ڏيئي ويو.
(8) پير محمد ”سائل“ جو قافلو 19- آڪٽوبر 1959ع تي سومر
ڏينهن اسر ويل هالن مان نڪتو.
(9) خليفي محمد عمر ”اختر“ هالائيءَ، 12- آڪٽوبر 1959ع تي، اربع
ڏينهن سفر تي سانباهو ڪيو.
(10) منهنجي استاد مرحوم مغفور حاجي محمود ”خادم“ ڇنڇر ڏينهن
9- جنوري 1960ع تي لاڙڪاڻي جي وڻن کي وداع چيو.
مطلب ته:
آڻي ڪانگ ڏنياس، ڪتابت قريب جي،
پَهو ڪتيندي پَٽَ پَيس، ڇو هئون تند ڇُٽياس،
ڀيڄئون ڀيڄ ٿياس، روئندي چولي چڪ ۾.
جيڪو خطرو ۽ خيال هو، سو صحيح نڪتو. ڪيچي آخر وڃي ڪيچ وڻين
رسيو. سانگي نيٺ وڃي ساڻيهه پهتو.
مٿيان سڀئي بزرگ اسان جي اکين جو نور ۽ اسان جي دل جو
سرور هئا، سنڌ جو سينگار انهن سان هو. اسان جي
تهذيب ۽ تمدن جا اهي نمائندا هئا، انهن جي وڃڄڻ
سان سنڌي ادب جي عمارت جا گويا ڪيئي ستون اچي پٽ
پيا. هاڻي دل ايترو دهلجي ويئي آهي، جو ٻين لاءِ
ٻئي هٿ پيا مٿي کڄڻ، شال جيئندن جو خير! خدا انهن
کي عمردراز ڏئي، انهن کي لهر لوڏو ڪونه اچي، شل
انهن کي اوکو واءُ نه لڳي.
سدا هئن سُکيا، ماروئڙا ته ملير ۾،
شل نه ڏينهن ڏکيا، اچن آجڙين تي!
پير علي محمد راشدي
حسام الدين مرحوم، حسام الدين ڪيئن بڻيو
”ما و مجنون هم سبق بوديم در ديوان عشق“
ڏينهن جو وقت ھو ۽ گرميءَ جي مند. اسين ولايتي
مھنديءَ جي ٻوٽي کان گڏ ”ڪوٽ“ جي ڀت جي سائي ۾
ويٺا ھئا سون
–
ڏاڏا مرحوم، آئون ۽ شيخ غلام علي مرحوم، جنهن کي
ڳوٺاڻا پيار وچان ”غلام شيدي“ چوندا ھئا (سندس
ڪاري رنگ ۽ گھنڊيدار وارن جي ڪري .
اهو غلام محمد مرحوم، خانبهادر غلام علي نانا مرحوم جو وڏو ڀاءُ
۽ جسٽس فيروز نانا مرحوم جو چاچو هو. عجب ڪردار جو
انسان هو. ڪنهن مردم شناس معاشري ۾ هجي ها ته هن
وقت تائين سندس زندگيءَ بابت ، سندس فلسفي ۽
ڪمالات تي مٿس سوين ڪتاب لکجي چڪا هجن ها. وڪالت
سندس ڌنڌو هو. ۽ پنهنجي وقت جو تمام وڏو وڪيل هو.
علم جو اونهو سمنڊ، سياست ۾ انگريزن جو ڪٽر دشمن
۽ طبيعت جو قلندر. ڏاڏا مرحوم جو ويجهو يار ۽ ڏک
سک جو ساٿي هو.
سندس عجب جهڙيون ڳالهيون هر هنڌ پيون ڳائبيون هيون. انگريز
حڪومت وڪيلن تي پابندي هنئي ته ڪوٽ پتلون پائي
پوءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿين. شيخ صاحب ڪوٽ پتلون ۽ ٽاءِ
سان گڏ مٿي تي وڏو پڳڙ رکي ۽ پيرن ۾ گهيتلا پائي
ڪورٽ ۾ وڃڻ لڳو. کيس اهڙيءَ حالت ۾ ڏسي انگريز جج
ڪاوڙبا ته ضرور هئا، پر ڪڇي نه سگهندا هئا. شيخ
صاحب ”رول“ جي حدن اندر رهندو هو، البت مٿو ۽ پير
”رول“ جي چوٽ کان ٻاهر رکندو هو. هر سياسي ڪيس ۾
بنا ڪنهن لوڀ لالچ ۽ فيءَ وٺڻ جي مفت، حڪومت جي
خلاف، ڏوهاريءَ جي پاران پيش ٿيندو هو. سنڌ ۾ ڪٿي
به ڪو اهڙو ڪيس ٿيو (خاص ڪري ڪانگريس ۽ خلافت
تحريڪن جي زماني ۾) هيءُ صاحب پاڻمرادو پنهنجي خرچ
تي اتي پهچي ويندو هو ۽ ڏوهاريءَ جي پاران ايڏي ته
زوردار وڪالت ڪندو هو جو انگريز جج، انگريز حڪومت
جي وڏي ۾ وڏي دشمن سان به انصاف ڪرڻ تي مجبور ٿي
ويندا هئا. جيتري قدر مون کي ياد آهي ته هت ڪنهن
به سياسي ڪيس ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي سزا نه ملي. اهو
سڀ شيخ صاحب جي محنت ۽ قانوندانيءَ جو ڪرشمو هو.
ساڳئي وقت اهو به چوڻو پوندو ته انگريزي دؤر جا جج
بي ضمير ۽ نيچ نه هئا، جو پنهنجي نوڪري بچائڻ جي
لاءِ ڪني ۾ ڪنو ڪم ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيهن، سنڌ
جي وڪيلن جو به اهو سونهري دؤر هو. انگريزن جي
انصاف پسنديءَ ۽ قانون جي بالادستيءَ، وڪالت جي
ڌنڌي کي وڏي شان ۽ مان وارو بنائي ڇڏيو هو. شيخ
صاحب اتر سنڌ جي وڪيلن جو مڃيل سردار سمجهيو ويندو
هو.
سندس ڪي حرڪتون ته اچرج ۾ وجهڻ جهڙيون هونديون هيون؛ مثال طور
کيس پنهنجي ڪنهن به اصيل جي شڪل ياد نه رهندي هئي.
هر ڀيري پڇندو هو، ”ڪير آهين؟ ڇو آيو آهين؟ في ڏني
اٿئي يا نه؟ “ هر هڪ جواب ڏيندو هو ته في ته ڪڏهو
ڪو ڏئي ويو آهيان، جيتوڻيڪ ڪي اصيل ڪوڙ به
ڳالهائيندا هئا. شيخ صاحب ته حساب ڪتاب کان ونئون
ويندو هو ۽ ٻيو ته کيس انهن ڳالهين جي پرواهه به
ڪين هوندي هئي، تنهن ڪري وڌيڪ جهنجهٽ ۾ پوڻ جي
بدران هڪدم ڪورٽ ۾ وڃي پيش ٿيندو هو ۽ ڪيس کٽي
ايندو هو. وري اصيل به اهڙا جو ڳوٺ وڃڻ جو ڀاڙو
ڀتو به شيخ صاحب کان وٺي ويندا هئا، چي؛ سائين
غريب ماڻهو آهيان، دعائون ڪندو سانءِ. وڪالت کي
شيخ صاحب عبادت ڪري سمجهندو هو. پئسي جو لوڀ لالچ
اصل ڪونه هوندو هئس. جڏهن وفات ڪيائين ته گهر مان
پائي به ڪونه نڪتس. ڪتاب وڪڻي ڪفن دفن جو بندوبست
ڪيو ويو. باقي نالو سو وڏو ڇڏي ويو. هر شخص هن جي
مغرفت جي دعا ٿي ڪئي، مون ته ڪيترن ئي ماڻهن کي
سندس گهر جي اڳيان روئندي ڏٺو. شيخ صاحب ڪن مخفي
علمن جو به ماهر سمجهيو ويندو هو، علم نجوم جو ته
مڃيل استاد هو. عقل چرخ ڪندڙ اڳڪٿيون ڪندو رهندو
هو. يارن جو يار دوستن جو دوست هڪ بيمثال انسان.
حسام الدين جي ولادت ڏاڍي ڏکي ٿي. ٽن ڏينهن تائين اسان جي
والده مرحومه ويم جي تڪليف ۾ مبتلا رهي. ڊپ ٿي
رهيو هو ته ٻار مري ويو هوندو يا مري ويندو. ڀلا
ڳوٺ ۾ ڪو ڪوائليفائيڊ نرس يا ڊاڪٽر ڪٿان آيو.
عورتن کي اسپتال ۾ وٺي وڃڻ بابت ته ڪير سوچي به نه
ٿي سگهيو. هونءَ به انهن ڏينهن ۾ سکر توڙي لاڙڪاڻي
ضلعن ۾ هڪ به ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ڪونه هو.
اهڙي پريشانيءَ جي حالت ۾ اسان جي ڏاڏي پنهنجي دوست شيخ غلام
محمد کي لاڙڪاڻي مان گهرايو، تنهن ڪري انهيءَ
مونجهاري ۾ هو به موجود هو. هن صبح جو ئي حساب ڪري
ٻڌايو ته اڄ شام ٿيڻ کان اڳواٽ ئي ٻار پيدا
ٿيندو، جيڪو زندهه هوندو وڏي ڄمار ٿيندس، خوش نصيب
هوندو، وڏو نالو ڪڍندو.
ٽپهريءَ تائين گهران خبر آئي ته ٻار ڄائو آهي، زندهه آهي، پر
اکيون نه هجڻ جي برابر اٿس.
رسم مطابق ٻار کي وهنجاري سهنجاري دائي ٻاهر ڏاڏا مرحوم وٽ کڻي
آئي. شيخ صاحب به ويٺو هو. ٻار جون اکيون بند هيون
۽ انهن مان پونءِ پئي وهي. اهو ڏسي ڏاڏا کي ڏاڍو
ڏک ٿيو ۽ ٻار کي شيخ صاحب جي هنج ۾ ڏيندي چوڻ لڳو؛
”غلام محمد، کڻ هن کي، ڪوڙا نجومي، توته چيو ٿي ته هيءُ ڏاڍو
خوش نصيب ٻار ٿيندو ۽ وڏو نالو ڪڍندو، پر هن کي ته
اکيون ئي ڪونهن. نالو ڌوڙ ڪڍندو.“
شيخ صاحب ٻار کي هنج ۾ کڻي کلڻ لڳو ۽ ڏاڏا کي چوڻ لڳو ؛
”سائين پير شاهه، اوهان ڳڻتي نه ڪريو. منهنجو حساب سچو آهي، هن
جون اکيون به ٿينديون ۽ اهڙيون اکيون ٿيندس جو
دنيا ڏسي اچرج ۾ پئجي ويندي.“
ڏاڏا پنهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم حسام الدين شاهه جو نالو ان ٻار تي
رکيو. هن جي اکين جو پاڻ علاج ڪيو (هو هڪ حاذق
حڪيم به هو). جلد ئي ٻار جون اکيون ٺيڪ ٿي ويون.
آءٌ حسام الدين کان ڇهه سال وڏو هوس. اڃا ٽن ورهين جو هوس ته
ڏاڏا مرحوم مون کي پنهنجي دواخاني جي منتظم ۽ ڳوٺ
جي ملان وٽ موڪلي ڏنو ۽ هن کي چوائي موڪليو ته مون
کي پهرين ڏينهن کان جامي جي يوسف زليخا پڙهائڻ
شروع ڪري.
سنڌي زبان اسان جي مادري زبان هئي، اسڪول ۾ ان جي سکڻ کي اجايو
سمجهيو ويو. انگريزي جي تعليم انڪري ضروري نه هئي
جو انگريز جي نوڪري ڪرڻ جو ڪو سوال ئي ڪونه هو،
تنهنڪري سڄو زور پارسيءَ تي ڏيڻو هو. منهنجي
تعليم؛
الهٰي غنچه اميد بڪشا گلي از روضه جاويد بنما
سان شروع ٿي ۽ جيڪا ٿوري عرصي تائين لوڏن ۾ هئي. لوڏن جو سبب
هيءُ هو ته اسان جو استاد ملان مٺل مرحوم منهنجي
پڙهڻ تي پوريءَ طرح ڌيان نه ٿي ڏئي سگهيو. سندس ٻه
زالون هيون حليمان ۽ ڪريمان. بدقسمتيءَ سان نه
حليمان ۾ حلم هو ۽ نه ڪريمان ۾ ڪرم. ٻئي هر روز
هڪٻئي جا ڄنڊا پٽينديون هيون، جنهن ڪري ملان جو
گهر اڄڪلهه جي دنيا جي سپر پاورز جي دنيا ٿي پيو
هو. البت منجهن ايتري شرافت سا ضرور هئي ته ٻئي
هڪٻئي سان وڙهنديون هيون، ٻين غريبن کي پاڻ ۾
ويڙهائي پري کان رونشي ڏسڻ جي منجهن عادت نه هئي .
سندن ويڙهه جو وقت اهو ئي هوندو هو جڏهن اسان جي
تعليم شروع ٿيندي هئي هيڏانهن اسان جو سبق شروع
ٿيو، هوڏانهن هنن ۾ جنگ شروع ٿي ويندي هئي. جنگ
هلندي ٿانون جا ڦهڪا ۽ هيسيل ٻارن جون ريهون ۽
رڙيون، ملان صاحب کي آرام سان ويهڻ ئي ڪونه
ڏينديون هيون. لاچار مڪتب مان اٿي گهر ويندو هو ۽
جيستائين اهي ويڙهاڪ مايون رڌ پچاءَ جي ڪم سان نه
لڳنديون هيون، تيستائين اندر ئي اندر هوندو هو.
هيڏانهن اسين ٻه _ ٽي شاگرد ٿورو وقت هڪ ٻئي جو
منهن تڪڻ کان پوءِ اٿي گهر ويندا هئا سو. اهو
تفصيل ان ڪري به ڏيان ٿو ته اڳتي هلي حسام الدين
کي به پڙهڻ جي لاءِ اهڙن ئي گهٽن گهيڙن مان لنگهڻو
پيو هو.
ملان مٺل الله کي پر تو ته اسان جي تعليم جي لاءِ هڪ ٻيو مولوي
صاحب مقرر ٿيو. حسام الدين به ٽن _ چئن ورهين جو
ٿيو ته مون سان گڏ اتي ئي پڙهڻ ويٺو. اهو نئون
مولوي صاحب مرحوم _ جور استاد بهه ز مهر پدر
(استاد جي سختي پيءُ جي پيار کان بهتر ٿئي) جي
فلسفي جو ٿورو حد کان وڌيڪ قائل هو. گهڻو ڪري
شاگردن کي ماريندو رهندو هو. شاگرد کانئس ايترو ته
ڪنبندا هئا جو سندس اڳيان ايندي ئي سبق وسري ويندو
هون.
بدقسمتي چئجي جو جلدي هن جو ٽڪر حسام الدين سان ٿي پيو. هن حسام
الدين کي هلڪي چماٽ هڻي ڪڍي. حسام الدين جهٽ ڏئي
سندس ڏاڙهيءَ سان گستاخي ڪئي، جنهن جي ڪري
سونهاريءَ جا ڪي وار به شهيد ٿي پيا. اهو هڪ تمام
وڏو ايڪسيڊنٽ هو. ڀاءُ سان همدردي ڪرڻ لاءِ آءٌ به
ڪتاب ڦٽا ڪري تؤنري (جنهن تي اسين ويهندا هئا سين)
پنهنجي مٿان وجهي ليٽي پيس ۽ اندران ئي اندران
مولانا جي لاءِ ڪي گٿا لفظ ڪڍندو رهيس. نيٺ معاملو
ڏاڏا جي اڳيان پيش ٿيو اسان کي گهرايو ويو. مولوي
صاحب دانهن ڏني، مون وري حسام الدين جو پاسو ورتو.
فيصلو ته؛
”ٻئي ٻار ذهين آهن، مٿن سختي ڪئي ويئي ته ڪجهه به نه پڙهندا.
تنهنڪري سندن نالوئي نه وٺجي. پاڻ پڙهڻ گهرن ته
ڀلي، نه پڙهن ته خير جيڪا سندن تقدير.“
انهيءَ فيصلي ٿيڻ کان پوءِ مولوي صاحب جو ڍنگ ئي ٻيو ٿي ويو.
ڏنڊي کي پاسيرو رکي ميٺ محبت سان ڪم وٺڻ لڳو. حسام
الدين جي دل رکڻ خاطر سندس تعريف ۾ هڪ نظم به
لکيائين. هڪ مصرع اڃا تائين ياد اٿم؛
گرامي دُر دينل شاهه باشد
”ڏنل شاهه“ حسام الدين جو پيار جو نالو هو.
هوڏانهن خود مولوي صاحب جي هانوَ تي ڇنڊي وجهڻ لاءِ اسان جي
والده پنهنجي ٻانهيءَ کي موڪلي اسان جي پاران
معافي گهري ۽ ڪي سوکڙيون به موڪليون. ان کان پوءِ
ڳالهه آئي ويئي ٿي ويئي.
هاڻي اسين ٻئي ڌيان سان پڙهڻ لڳاسون. پر الله سائينءَ کي اهو
منظور ئي ڪونه هو ته اسين مولوي صاحب کان ڪو وڌيڪ
فيض پرايون. مولوي صاحب جا ٻه اڻپڙهيل پٽ هئا، جن
گهر ۾ سندس غيرحاضريءَ جو وجهه وٺي ڪي اهڙا ابتا
ڪم ڪيا جو پوليس سندن ڪڍ لڳي. ڏينهون ڏينهن معاملو
وڌندو ويو ۽ لاچار مولوي صاحب کي وڃي ڳوٺ ۾ رهڻو
پيو ۽ اسان وٽان استعيفا ڏئي ويو.
هاڻي هن جي جاءِ تي پهرين هڪڙو مولوي صاحب آندو ويو ۽ پوءِ هڪ
انگريزي خواندو استاد، جيڪو ٽونڪ رياست جو رهاڪو
هو. پر ٻنهين جا پير نه کُتا. مولوي صاحب ٿر جي
ويرانين جو رهندڙ هو، سندس دل اتر سنڌ جي آبادين ۾
نه لڳي. استاد انهيءَ ڪري واپس هليو ويو جو حاجت
پوري ڪرڻ لاءِ ڪو پاخانو ڪونه هو ۽ کيس ڪرو کڻي
جهنگ ۾ وڃڻو پوندو هو، جتي گدڙ رهندا هئا.
منهنجي تعليم جو اهو دؤر ته اتي ئي پورو ٿي ويو، البت حسام
الدين جي لاءِ هڪ ٻيو استاد مقرر ڪيو ويو، نالو
هوس مولوي محمد الياس. آواز جو ڏاڍو مٺو ۽ سهڻو
جوان هو. پر هو به اسان وٽ گهڻا ڏينهن رهي نه
سگهيو. سبب هيءُ ٿيو ته اسان جي ڏاڏي وٽ ڀڳت سنگهه
نالي هڪ پنجابي سک رهندو هو، جيڪو ڏاڏا جي لاءِ
فرنيچر ٺاهيندو رهندو هو. فنڪار ڪاريگر هو. سندس
ٺاهيل سامان جي مقابلي ۾ يورپ جون ٺهيل شيون تڇ
هونديون هيون. ورهين جا ورهيه اسان وٽ رهيو پيو
هو. پيريءَ ۾ پنجاب وڃي اتان هڪ نوجوان ڇوڪري
پرڻجي آيو ۽ مسجد جي ويجهو هڪ ڪواٽر ۾ رهڻ لڳو.
ٿورن ڏينهن کان پوءِ کيس شڪ ٿيو ته مولوي صاحب جي
ٻانگن سندس نوجوان زال جي ذهن تي اثر وجهڻ شروع
ڪيو آهي، تنهنڪري هن مولوي صاحب کي قتل ڪرڻ جو پڪو
پهه ڪيو. سک هو ۽ اها ڳالهه سندس سوچ سمجهه کان
پري نه هئي. لاچار مولوي صاحب کي واپس سندس ڳوٺ
اماڻيو ويو.
انهن حادثن جي ڪري منهنجي تعليم ته ڪڏهوڪي پوري ٿي ويئي هئي،
هاڻي حسام الدين جي به ختم ٿي ويئي. اسڪول، ڪاليج
يا مدرسي ۾وڃڻ جو ته سوال ئي ڪونه هو، پر ان بي
قاعدي ۽ غير رسمي تعليم جو سلسلو به ٽٽي پيو. البت
اسان جي والده مرحوم جي زور ڀرڻ تي حسام الدين ۽
آءٌ وري ريلوي اسٽيشن جي بابوءَ کان ٿوري ”گٽ مٽ“
سکڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا سون. اها ريلوي اسٽيشن اسان
جي ڳوٺ کان ڏيڍ _ ٻه ميل پري هئي. اسان جي سواريءَ
لاءِ هڪ بجليءَ نالي ننڍڙي گهوڙي خريد ڪئي ويئي،
جنهن تي چڙهي اسين اسٽيشن وڃڻ لڳا سون. اڳيان آءٌ
۽ منهنجي پٺيان حسام الدين، جيئن اڄڪلهه اسڪوٽر تي
سواريون ويهنديون آهن. اها گهوڙي فقط ٻه ڳالهيون
ڄاڻندي هئي _ منهن ۾ لغام پوڻ کان پوءِ پنهنجي
مرضيءَ ۽ پنهنجيءَ رفتار سان ڀڄڻ يا وري ڀڄندي
ساوڪ کي ڏسي اوچتو بيهي رهڻ (۽ اسان جو سندس پٺيءَ
تان زمين تي ڪرڻ ). ڪچي رستي تي هر روز مٽيءَ ۾
ڀڀوت ٿيڻ ته ڪا ڳالهه نه هئي، پر ڊپ لڳو ته متان
ڪنهن پڪي رستي تي ڪري پنهنجا هڏ گڏ نه ڀڃائي
ويهون. ان اسڪيم جي ناڪاميءَ جو ٻيو سبب هيءُ هو
ته انهيءَ بابو صاحب جي علمي ڄاڻ تمام ننڍڙي هئي،
جنهن ڪري ٿورن ئي ڏينهن ۾ انگريزي لفظن جو اسٽاڪ
ختم ٿي ويو هو. تنهنڪري فيصلو ٿيو ته علم جي ڳولا
۾ ٻاهر نڪرڻ بند، ٿي سگهي ته گهر ۾ ئي ويهي ٿورو
پڙهجي نه ته الله بس باقي هوس.
حسام الدين مرحوم ۽ منهنجي وڌيڪ تعليم جو آسرو نه رهيو ته ٿوري
وقت لاءِ اسان جون راهون جدا ٿي ويون. حسام الدين
راند روند ۾ لڳي ويو ۽ ڏاڏا مرحوم مون کي پاڻ وٽ
رهائي منهنجي تربيت شروع ڪئي. پاڻ جيڏانهن به
ويندو هو، جنهن سان به ملندو هو، مون کي پاڻ سان
وٺي ويندو هو، بمبئي، پونو، راجپوتانه ۽ دهلي ڏسڻ
جا موقعا ملندا رهيا. ان زماني جي وڏن وڏن ماڻهن
سان ملاقاتون به ٿينديون رهيون. انهن ۾ هندستان
جا مشهور ماڻهو به هئا ته انگريز حاڪم به ڪڏهن
ڪڏهن ته ائين به ٿيندو هو ته هو نياپو ڏئي مون کي
هنن ڏانهن اڪيلو موڪليندو هو، جيئن مون ۾ پاڻ
ڀروسو پيدا ٿئي. آءٌ بلڪل ڪونه گهٻرائيندو هوس ۽
منهنجي ننڍڙي عمر کي ڏسي هو به مون سان پيار ڪندا
هئا.
ٻيو ڪم منهنجي حوالي اهو ٿيو ته آءٌ اخبارون پڙهي، سندن
دلچسپيءَ جون خبرون چونڊي کين ٻڌائيندو رهان. وٽن
ڪيترين ئي اخبارون اينديون هيون، سنڌي، اردو،
انگريزي، پاڻ فرمائيندو هو ته اخبارن پڙهڻ جي ڪري
ماڻهوءَ جو دماغ کلي ٿو، پاڻ لکڻ پڙهڻ سکي ٿو،
وڏين ڳالهين ۾ دلچسپي پيدا ٿئي ٿي ۽ دنيا ۾ جيڪي
وهي واپري ٿو ان کان باخبر رهي ٿو.
اخبارن ڏسڻ سان گڏ مون کي ڪتابن ڏسڻ جو به شوق ٿيو. اهو شوق
ايترو ته وڌيو جو آءٌ پنهنجو ٻه پئسا روزانو گڏ
ڪري انهن پئسن مان ننڍا ننڍا ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ
لڳس. جيتري قدر مون کي ياد پوي ٿو ته لاهور ۾
سردار سنت سنگهه نالي ڪو پبلشر هو. جيڪو ننڍيون
چوپڙيون (ٻن آنن ۾ هڪ) ڇاپي ريلوي بڪ اسٽالن تي
وڪري جي لاءِ رکائيندو هو. هن جو ”چلبلي غزليات“
جو سلسلو ان زماني ۾ ڏاڍو مقبول هو. آءٌ اهي سستا
ڪتاب وٺي انهن کي جلد ٻڌرائي پنهنجي ڪمري جي هڪ
ڪٻٽ ۾ رکندو هوس.
هڪڙي ڏينهن حسام الدين راند ڪندي ڪندي منهنجي ڪمري ۾ اچي انهن
ڪتابن سان کڙاند ڪرڻ لڳو. مون کيس دڙڪو ڏنو، ”اڙي
ڄٽ، تون منهنجن ڪتابن کي هٿ نه لاءِ “ هن مون
ڏانهن ڏٺو ۽ هيئن چوندو هليو ويو، ”آءٌ ڄٽ آهيان؟
چڱو ادا.“
ان واقعي کان پوءِ هن جي طبيعت ۾ وڏو انقلاب آيو. هن رانديون
رهڻ ۽ ڳوٺ جي ٻارن سان رلڻ هڪدم ڇڏي ڏنو. اڳي کان
وڌيڪ منهنجي ويجهو آيو ۽ هر ان شيءِ ۾ دلچسپي وٺڻ
لڳو، جنهن ۾ مون کي هئي. ماٺ ميٺ ۾ هر ڪا ڇپيل
شيءِ پڙهڻ لڳو. جيڪو به پڙهيل لکيل ماڻهو مليس،
تنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪري ڪانه ڪا ڪم جي شيءِ حاصل
ڪرڻ لڳو. رات جي ماني کائڻ کان پوءِ لالٽين رکي ڪي
نه ڪي پيو پڙهندو هو ۽ دير تائين پڙهندو رهندو هو.
ڳوٺ ته ڇڏيو سنڌ جي وڏن وڏن شهرن ۾ به اڃا بجلي
ڪين آئي هئي. اسان جي والده مرحوم پکو کڻي ساڻس گڏ
ويهندي هئي ۽ جيستائين هو پاڻ ٿڪجي سمهي نه رهندو
هو، هوءَ اتان چرندي به نه هئي. گهڻو ڪري ٻئي صبح
جو ٽين چئين بجي تائين ويٺا هوندا هئا.
حسام الدين جي تربيت ۾ منهنجو حصو ان کان وڌيڪ نه هو ته مون مٿس سخت ڊسپلين عائد ڪئي. اهو ڊسپلين جو مرض مون کي شروع کان
لڳل هو. آءٌ
indiscipline
کي ته بلڪل سمجهي نه ٿو سگهان. هڪ ڀيري سندس ڪنهن
حرڪت تي ڪاوڙجي مون مٿس ايئر گن (هوائي بندوق)
سان فائر ڪيو. بندوق ۾ ڇيرن جي بدران چڻن جا داڻا
ڀريل هئا. ان هوندي به سندس پيٽ تي زخم ٿي پيو ۽
ان مان خون وهڻ لڳو. آخري عمر تائين مرحوم جي پيٽ
تي اهو نشان هو. چوندو هو ته اها تنهنجي غلاميءَ
جي مهر آهي. جيئن قلندر شهباز جا فقير گرم لوهه
سان پنهنجي بازوءَ تي مهر هڻائيندا آهن.
پر منهنجي طبيعت جي انهيءَ تنديءَ ۽ تيزيءَ جي ڪري، هن تي ايترو
اثر سو ضرور ٿيو جو سندس طبيعت ۾ ڪيتريون ئي نيون
ڳالهيون پيدا ٿي ويون. مثال طور راند روند کان
نفرت؛ حد کان وڌيڪ سيلف ڊسپلن ۽ ادب؛ دل، دماغ ۽
زبان تي بيحد ضابطو؛ پڙهڻ ۽ محنت مشقت کان دل نه
لاهڻ؛ تجسس ۽ تحقيق جو شوق. اڃا ٻارهن تيرهن سالن
جي عمر ٿي هيس، پر طبيعت ۾ ڪابه ٻاراڻي ڳالهه نه
رهيس. طبيعت جو ڏاڍو حساس هو. هڪ اڌ اشاري ۾ ئي
سندس طبيعت ۾ اهو فرق اچي ويو هو. منهنجي عمر به
ارڙهن اڻويهه سال ٿي ويئي هئي. اسان ٻنهي جي اهائي
ڪوشش هئي ته جلد ۾ جلد وڏا ٿي ڪو ڪم ڪريون. انهن
ڏينهن ڪلڪتي مان ”بخشي“ جنتري ڇپبي هئي، جنهن ۾ ڪن
شين جا اشتهار به ايندا هئا. انهن مان هڪ اشتهار
ڏسي اسان ٻنهي نقلي ڏاڙهيون گهرايون ۽ ۽ ڪي رعبدار
مڇون به. اهي هڻي اسين پنهنجي دل خوش ڪندا هئا سون
۽ سمجهڻ لڳاسون ته اسين جوان ٿي ويا آهيون ۽ هاڻي
ڪنهن ڪم ڪرڻ جي لائق ٿيا آهيون. اسان جو خانداني
ڌنڌو زمينداري هو يعني اسين پير سان گڏ وڏيرا به
هئا سون. چؤطرف وڏيرڪو ماحول هو. ڳوٺاڻي زندگي، هر
پاسي اڻڄاڻائي ۽ جهالت سستي ۽ ڪاهلي، ڏاڍ ڏمر،
وندر ورونهن، چوري چڪاري، ڇڪتاڻ، وڏن وڏن وڏيرن ۽
جاگيردارن کي ڏسبو هو ته اهي عيش عشرت ۽ اجاين
ڳالهين ۾ ڪيئن نه پنهنجي زندگي وڃائيندا هئا، ميلا
ملاکڙا ڪرائيندا هئا، ڪڪڙ ويڙهائيندا هئا، سوئرن ۽
ڪتن جي ويڙهه ڏسندا هئا. پاڻ کان ڏاڍن جي خوشامد
ڪندا هئا ۽ پاڻ کان ڪمزورن جي نڙيءَ تي لت رکيو
ويٺا هوندا هئا. اهي ئي ماڻهو هئا، جن پوءِ سنڌ جي
سياست ۾ گهڙي ايترو گند پکيڙيو. حسام الدين ۽ آءٌ
اهڙن ماڻهن کان سخت نفرت ڪندا هئا سون. اسين سندن
ويجهو برابر هئا سون، پر انهن مان بنهه نه هئاسون.
سندن دنيا سان ذهني طرح اسان جو ڪوبه واسطو ڪونه
رهيو هو اهو ئي سمجهائيندي ذهني انقلاب آڻڻ ۾ اسان
جي والده مرحومه جو وڏو هٿ هو. پاڻ هر وقت اسان کي
اهو ئي سمجهائيندي رهندي هئي ته ”زمانو ڦرڻ وارو
آهي. وڏيرڪي ۽ پيري جٽاءُ نه ڪندي. جيڪڏهن علم
حاصل ڪندؤ، محنت ڪندؤ ۽ پنهنجن پيرن تي بيهڻ سکندؤ
ته ڪي ڪري سگهندؤ، نه ته ڌڪا پيا کائيندؤ.“الله
سائين امڙ کي شل جنت ۾ جايون ڏئي. هوءَ پاڻ ته
پڙهيل لکيل نه هئي، پر وڏي دانا ۽ دور انديش هئي.
|