بدر الدين اڄڻ
پير حسام الدين شاهه راشدي مرحوم
منهنجي پهرين ملاقات پير صاحب جن سان سندن جمشيد روڊ
واري بنگلي تي ٿي هئي. پاڻ تن ڏينهن ۾ اڃا اتي
رهندا هئا. ڪاليج کان نڪري رهيا هئاسين ته پنهنجي
دوست ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ کان پڇڻ تي معلوم ٿيو ته
هو صاحب پير حسام الدين صاحب جن ڏي وڃي رهيو آهي،
ڇاڪاڻ ته کيس ياد ڪيو هئائون. جيئن پير صاحب جو ان
وقت تائين فقط نالوئي ٻڌو هوم؛ دل سٽ ڏني ته جيڪر
روبرو ملي ديدار ڪريان. ڊاڪٽر صاحب سان گڏجي پير
صاحب جن وٽ حاضر ٿياسين تعارف ڪرائيندي ڊاڪٽر صاحب
کين ٻڌايو ته مان به سندن چاهڻ وارن مان آهيان ته
ڏاڍو خيال سان همت افزائي ڪيائون ۽ شڪارپور جي چند
وڏين هستين سان پنهنجي گذاريل گهڙين جو ذڪر
ڪيائون. پير صاحب جن مطالعي جي اهميت تي زور ڏيندي
نصيحت ڪئي ته جيڪڏهن پاڻ کي ڪامياب استاد بنائڻو
اٿئي ته محنت ۽ محبت سان مطالعو ڪر. در محمد ڏانهن
اشارو ڪندي چيائون ته ”ههڙن دوستن جي صحبت ۾ رهي
ڪري جيڪڏهن اثر نٿو قبول ڪرين ته پوءِ مون وٽ وري
نه اچجانءِ.“ ان سخت تنبيهه پٺيان جيڪا نصيحت لڪل
هئي ان جو احساس مون کي اڄ ٿي رهيو آهي، مون سندن
ڏسيل رستي تي هلڻ شروع ڪيو. آخر هڪ ڏينهن ڪراچي
يونيورسٽيءَ ۾ سچل جو ڏينهن ملهايو پئي ويو، جنهن
جي صدارت پير صاحب جن ڪرڻ وارا هئا. ڊاڪٽر نواز
علي شوق جي دعوت تي مون پنهنجو پهريون مقالو
انگريزي ۾ پڙهيو. عنوان هوس ”سچل ۽ ملٽن ۾ هڪ
جهڙايون.“ خاص مهمانن ۾ مسٽر حمايت علي شاعر،
ڊاڪٽر ترمذي، وائيس چانسيلر، ميڊم ڊاڪٽر حميده
کهڙو ۽ پير حسام الدين شاهه راشدي جن هئا. چانهه
جي وقفي دوران پير صاحب سان ڪچهري ٿي ۽ ڊاڪٽر در
محمد، پير صاحب جن کي ٻڌايو ته هي دوست اهو اٿو،
جنهن کي توهان نصيحت ڪئي هئي ۽ ان جو نتيجو توهان
اڄ پاڻ ڏٺو. پوءِ ته پير صاحب جن ڏاڍا خوش ٿيا ۽
سڏ ڪري ڀرسان ويهاري وڌيڪ محبت ۽ شفقت سان
ڳالهائڻ لڳا. بس پوءِ ته ڪراچيءَ جي جنهن به فنڪشن
۾ پير صاحب اچن ته اسان سندن قرب حاصل ڪري سعادت ۽
شفقت جا ٻول ٻڌڻ لاءِ بيٺا هوندا هئاسين.
پير صاحب جن جڏهن علاج لاءِ لنڊن وڃي رهيا هئا ته هڪ
دفعو سندن خدمت ۾ ويس، پر طبيعت جي خرابيءَ ڪري
ملي نه سگهيا ۽ معذرت چوائي موڪليائون. وري ٻيو
دفعو سائين محمد ابراهيم جويي سان گڏجي وياسون، پر
ان وقت علاج لاءِ ڊاڪٽر ڏي نڪري چڪا هئا ۽ وري به
ملاقات نه ٿي سگهي.
پهرين اپريل 1982ع خميس جو ڏينهن هو. آءٌ شڪارپور ۾
ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ صاحب جن وٽ ويٺو هوس ته اتي
غلام مصطفيٰ ڀيو، جيڪو پير صاحب جي شيداين مان آهي
۽ علم ۽ ادب سان دلي لڳاءُ اٿس، اهو به اچي نڪتو.
ڳالهيون ڪرڻ لڳاسين، پير صاحب جن جو ذڪر خير به
نڪتو، ڇاڪاڻ ته غلام مصطفيٰ کي پير صاحب سان بيحد
عقيدت آهي ٿوري دير گذري ته ٻاهران سائين غلام
حسين ڀٽي ٻڌايو ته پير صاحب جن هن فاني دنيا مان
لاڏاڻو ڪري ويا. بس پوءِ ته هر ڪنهن جي دل پئي رنو
۽ خاموشي تاري ٿي وئي. غلام مصطفيٰ کان عقيدت جا
ڳوڙها بيهي نه سگهيا ۽ اوڇنگارون ڏيندو بنا
موڪلائڻ جي اٿي هليو ويو. ان ڏينهن اسان کان سنڌ
جو برک تاريخدان، عالم، بيباڪ مقرر ۽ ٻولين جو
ماهر موڪلائي ويو. پير صاحب جن جي وڃڻ ڪري ايڏو
وڏو خال پيدا ٿي پيو جيڪو ڀرڻ ناممڪن ۽ مشڪل ڳالهه
ٿي لڳي.
اڄ پير حسام الدين راشدي مرحوم اسان ۾ ناهي پر سندس ڪيل
خدمتون ايتريون ته آهن جو صدين تائين سندس ذڪر خير
سنڌي قوم ۾ هلندو رهندو ۽ سندس علم ادب تي هلڻ جي
تلقين هميشه ياد رهندي.
گهوٽ اسان کي گهائي ويڙا.
پور پون ٿا، نيڻ ٽمن ٿا.
جهانگيئڙا اڄ جوءِ منجهارئون |
مارو ماڳ مٽائي ويڙا. |
پور پون ٿا، نيڻ ٽمن ٿا.
موج ڀرئي مهراڻ جي ڪپ تي |
جانب جوت جلائي ويڙا. |
پور پون ٿا، نيڻ ٽمن ٿا.
ماڪ نه آ، هيءَ رات رني آ، |
لوڪئون پاڻ لڪائي ويڙا. |
پور پون ٿا، نيڻ ٽمن ٿا.
جهانگيئڙن جي جهوري جيءَ ۾، |
ڏوٿي ”قمر“ ڏکائي ويڙا. |
پور پون ٿا، نيڻ ٽمن ٿا.
رحيم بخش ”قمر“
فقير امداد علي سرائي
مرحياتي پير حسام الدين شاهه راشديءَ جو علمي اهاءُ
ڇو نه شاهه سائينءَ جي هن سچي شيدائيءَ بابت شاهه رح جي بيتن
سان ئي بسم الله ڪجي
ڪالهه ڪلاچي ويا، گهاتو ڪري گهور،
مادر ملاحن جا، ويٺي سهان سور،
مون کي ڪري ملور، اونهي ويا اوهري.
.............
اڄ اٺارن لڏئو، صبح ڪيائون سايو،
سفر مسافرن تي، اوچتو ئي آيو،
مادر ميڙائو، موٽي ڪو مس ٿئي.
.............
اڄ نه اوطاقن ۾، طالبن توار،
اَسڻ مٿي ان جي، نت ٽمايم نار،
سامي سڀوڪار، وڄائي واٽ ٿيا.
.............
اڄ نه اوطاقن ۾، سا بابوئن باس،
ويا ويراڳي نڪري، وِلها ڪري واس،
جن جي اندر ۾ اداس، سي لاهوتي لڏي ويا.
هن مرهياتي مانجهي مڙد، پرياتي پير، سلڇڻي سادات، بي
بانور ۽ اتور اديب، لاثاني ليکڪ، عالمي اڪابر، مها
مدبر، بابائي پارسي و پسر صالح سنڌ، سونسارڪي سنڌي
ٻوليءَ جي جسکري ڄاڻو ۽ ڄاموٽ، ملڪ جي مڃيل مورخ ۽
محقق، علم جي ڀريل ڀنڊار، سنڌ جي اڪابر علمائن جي
پوئين پٿ جي روشن چراغ، سوڌي سرهاڻي، سائو سڄاڻ،
سکنور داناعه، سنڌي ساهت ۾ ويروتار واڌ آڻيندڙ
وينجهار ۽ سليکڪ سونهاري سائين پير حسام الدين
راشديءَ جي شاهي لکڻن، الستگي عادتن، علمي خدمتن،
سرهين ۽ سهڻين اصلاحي و تاريخي لکڻين کي ڪڏهن ۽
ڪنهن پر ڀي وساري نه ٿو سگهجي. سندس ڪمهلي موت
سنڌي ادب جي سڄڻن ۽ گهڻگهرن جي چيلهه ٽرڪو ڏئي
ٽوڙي ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ساهت جي هن نالياري
نرمل، سهي صراف، ڀر جهلي ڀاري اڄ اسان کان بي موڪل
لاڏاڻو ڪري اسان جي سنڌي ادب جي واڌاري ۽ وي ۾
هڙوڙ (ڏڪار) جو اڍڪو ۽ سونڪو پيدا ڪيو آهي، ڇو ته
ٻيهر اهڙي وريام ۽ وينجهار جو ورڻ، لڀڻ ۽ پيدا ٿيڻ
محال آهي:
جن لئي نيڻ جهڄن سي آءٌ ڪٿ نهاريان.“
۽ انهيءَ جهڄڻ ۽ جهوريءَ اسان جو ڏيل ڏهيون ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ
ته هن ملوڪ کي ملڪ الموت اسان کان موڪلائڻ به نه
ڏنو آهي:
لڏي ويم ڇڏي، ڪري ڀاڻ ڀنا،
منهن ماروئڙن جا، راتو ڏينهن ررنا،
اچي قول پنا، وهين ويڙهيچن جا.
(شاهه رحه)
هڪ ڏينهن پاڻ ٺٽي مڪلي واري مقام ۾،
جاکوڙ لاءِ دستور موجب منزل انداز هئا ۽ لک کن
لاءِ مڪلي ريسٽارنٽ ۾ اڃ اجهائڻ لاءِ اچي ويٺا،
جتي بوتل پيئندي هن لائق منهنجي باري ۾ ڀر ۾ ويٺل
ماڻهن کان منهنجي شاهه رحه جي رسالي جي ڄاڻ بابت
سرٻر ۽ ساراهه جون سٽون ٻڌيون ته مون آزور ۽ اڀري،
فقيرن ۽ سگهڙن جي پٿ ۽ ساٿ مان شاهه جي ڪلام ۾
ڪافي ڪجهه پرايو آهي، جنهن سبب ڪري مون اڌر نڌر
اڀري ۽ اڄاڻ فقير جو نالو نوٽ ڪري، مون کي چٺي لکي
پنهنجي سيداڻي نجهري تي ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائيون. مون
کي ته سندس علمي ۽ قلمي قابليت اڳيئي متوالو ڪيو
هو ۽ مون کي پهريون ڀيرو ساڻن ڏيٺ ڪرڻ ۽ ورونهن جو
وجهه مليو. اوهير آءٌ سندس علمي شخصيت پسي دهلجي
ويس، مگر سندس شاهه رحه سان لنئه جي لغار ۽ پاٻوهي
پچار، مرڪ ۽ ميٺاج ڏسي دل کي ڏڍ ڏئي، چپن جي سوڪ،
نڙيءَ جي گهٽجڻ ۽ حلق جي هٻڪڻ کي سندس داد ڏيڻ ۽
واهه واهه ڪرڻ تي هو ريان هوريان گهٽائي، سنڪي کي
سرير مان ڪڍي ساڻس روح رچنديون ڳالهيون ڪري، قرابت
جو ڪلو کوڙي، هڪ ٻئي سان واڳجڻ جو وچن ڪيو ۽ ٻيهر
روح رهاڻ لاءِ ڏينهن ٻڌو بس، هاڻي اسان ٻنهي شاهه
جي شيداين جون شاهه سائين جي سانگاپي سرهيون
ڪچهريون ٿينديون رهيون ۽ اهڙي پر هن مهري (مهر
ڪندڙ) جو مون سان خط وڪتابت جو رستو رواجي طرح
جاري رهيو ۽ سندس چوڻ موجب هر خط ۾ آءٌ سائينءَ کي
نئون ۽ اٻڌل شاهه سائينءَ جو بيت لکي موڪليندو
هوس، هر مهيني 2—3 ڀيرا مون مسڪين جي هن امير سان
ملاقات شاهه جي بيتن جو دور، بحث ۽ معنيٰ تي ڏي
وٺ ٿيندي رهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته آءٌ بيت پڙهندو
هوس ته پاڻ ان بيت جي بدران پارسيءَ جو بيت پڙهي
منهنجي علم ۾ اضافو ڪندا هئا. مثلن مون هي بيت
پڙهيو هو:
شڪن ۽ شبهن، پنڌان کاري پرينءَ جي،
جي پٺيءَ هوت نه هليون، سي مر روهه رلن
جت نه نين پاڻ سين، هي هڏهن ٿڪن منجهه ٿرن،
لڳي ساڻ لڪن، پر ساٿ نه پهتي سسئي،
سڳوري ٿڌو ساهه کڻي هيئن چيو:
”خلاف پيمبر ڪسي رهه گذيد.
ڪه هر گز بمنزل نه خوهند رسيد.“
اهڙيءَ طرح جڏهن مون هي سٽ پڙهي ته:
جي مون موڙهي مت، ته تون پاڻ سڃاڻج سپرين......
پان فرمايائون ته حضرت آدم جي آهن ۽ دانهن جو صحيح ترجمو شاهه
صاحب ڪيو آهي ۽ هي آيت پڙهي ٻڌايائون.
”ربنا ظلمنا انفسنا.......“
هن شاه جي ساڃارو ۽ پڙهيل پير سان منهنجون محبت
جون ميخون ۽ جيءَ جون جڙون ڏينهان ڏينهن ڏاڍيون
ٿينديون ويون ۽ مرحوم مون سان اهڙيءَ طرح ته شاهه
رحه جي قرابت ڪري روحاني طرح وندري ويو جو ڪنهن
هفتي ڪراچيءَ وڃڻ نه ٿيندو هو ته سندس ويڻن سان
ڀريل ڪا ڳر اچي ڪڙڪندو هو آءٌ هاڻي سندس شاهه رحه
۾ بي انت شوق ۽ ذوق ڏسي، هر ڀيري شاهه صاحب جا
چونڊ ۽ سنڌائتا بيت ڪوڙيين ياد ڪري وڃي ٻڌائيندو
هوس ۽ کيس ريجهائڻ ۽ روئارڻ ۾ مون کي مزو ايندو
هيو.
هڪ ڀيري هن بيت تي کاؤنس ڇرڪ نڪري وئي. وسهان
ٿو ته پاڻ سچو سيد هيو، ۽ پنهنجي آقا جي ثنا ٻڌي
سيسراٽ پئجي ويس.
ڇپر ٿيندم ڇٽ، پنهون پيادين جو،
آفديت ملڪي عليڪ يا محمد! اي نوراني نکٽ،
ملڪ نه تنهنجو مَٽُ، نڪو مٽ مين جو.
ڏسڪن کان آجو ٿي مون کي چيائون: ”فقير صاحب!
اهڙا املهه ماڻڪ شاهه صاحب جا بيت رسالي ۾ مون کي
ته ڪو نه ٿا لڀن“، جنهن تي مون وراڻيو ته قبلا!
گهڻو ڪري بيت اوهان کي آءٌ گنج جا ٻڌائيندو
آهيان.“ رومال سان لما لڙڪ اگهي چوڻ لڳو ته: ”ان
بيت ۾ شاهه صاحب پنهنجي روحاني پيشوا ۽ سچي پنهون
کي پاڌاريو آهي“. جنهن تي مون ساڻن شامل راءِ ٿي
کيس چيو ”سائين، ڇاڪاڻ ته اکر ”مين“ جي معنيٰ
اصحاب سڳورن ڏانهن منسوب ٿي سگهي ٿي؛ ڇاڪاڻ جو
جيئن اٺن کي هلائڻ وارو سوار (جت) هوندو آهي ۽
انهن کي ڪيڙي گس تي آڻيندو آهي، اهڙيءَ طرح اصحابن
سڳورن کي به حضور نبي ڪريم جن ڪيڙي سواٽ (صراط
المستقيم) تي هلايو، جيڪي اسلام آڻڻ کان اڳ اٺ
وانگر سمجهه ۾ موڳا ۽ اسلام تي ايمان آڻڻ ۾ گونگا
هئا. ان گفتگو تي مون شاهدي ۾ هي شاهه رحه جو بيت
پڙهيو:
ڪيڙي ڪيچائن، گورا گس هلايا،
لڙيو چڙيو چوٽيين، ڪريو ڪوهه وڃن،
سونهن جي سردار سين، سي اٺ نه اَگهٽجن،
لطف ساڻ لطيف چئي، لنگهوُبَر بوتن،
تن ڪهڙو غم گونگن، هوت حمايت جن جو.
۽ سائين ان بيت ۽ بحث ٻڌڻ بعد مون کي پٺن تي
هٿڙو هڻي داد ڏئي مان موکيو ۽ منهنجي لطيفي عشق ۾
الاهي اضافو ڪيو ۽ وڌيڪ چوڻ لڳو ته توکي به فقيرن
ڪاملن ڪيڙي رسالي ۾ سرهي ۽ سرس ڄاڻپ آهي. جنهن تي
مون سائينءَ کي چيو ته ”قبلا سائين! جيڪا رسالي جي
سڃاڻپ گوڏ ٻڌل ۽ پيرن اگهاڙن فقيرن ۾ آهي، اهڙي
سوجها نيڪ ٽاءِ ٻڌندڙ ڪامورن ۽ استادن ۾ ڪانه ڏٺي
اٿم. لطيف سائينءَ جي گودڙيءَ جو وارث فقير ئي ٿي
سگهي ٿو ۽ نه نراڙ تي ٽوپي رکندڙ گيرب گاءِ ڪندڙ
پڙهيل ڪامورو.“
مون کي ياد آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اهڙو به ڏينهن هن
دانهه جي دائري تي آيو، جو منهنجو سندن گيان
موکيندڙ گهر تي وڃڻ ٿيو هوندو ته ات اڳواٽ ويٺل
ويرن سان ساڻم ملاقاتي ڪرائي، مون کي فوني وانگر
چاٻي ڏئي. لطيفي لات سڻڻ لاءِ ويٺلن کي به لطيف
سائينءَ جي ڪلام ٻڌڻ لاءِ شريڪ ڪندا هئا ۽ سندن
قرب اهڙا اَميا هوندا هئا. جو پاڻ منهنجي لاءِ
چانهه ٺاهيندا هئا ۽ مون کي ڀٽائي بادشاهه جي ڪلام
ٻڌائڻ ۾ رڌل رکندا هئا. پاڻ رسالي شريف جي بيتن جي
اکرن ۾ ڪو نه منجهندا هئا ۽ منهنجي رسالي ۾ فارسي،
عربي، ترڪي ۽ عبراني اکرن جي معنيٰ ٻڌائڻ ۾ مدد
ڪندا هئا.
هڪ ڀيري، هڪ ڏينهن پوياڙيءَ جو آءٌ هن پارس سان
سندس پارڪ ۾ ويٺل هوس، اوچتي سندس سهڻي ۽ سرهي
سانجاڻ کي ڏسي مون هي بيت پڙهيو:
لاکا، لڄ سندياء، آءُ اوڏ اگلي آهيان،
پکا سي پرتياءِ، جي اَجهي تنهنجي اڏيا.
بس منهنجي بيت پڙهڻ جي دير هئي. هي شاهه جي
شيدائي دانهن ڪري پنهنجي شاهي ڪتاب گهر ڏانهن
ڊوڙيو ۽ سيگهه ۾ پنو پينسل کڻي آيو ۽ ساڳيو بيت
لکي بيت کي چمي چوڻ لڳو ته ”ادا فقير! هن بيت ۾
شاهه صاحب جي عاجزي ۽ دعائن جو جهجو عرق ٿو ڏسجي ۽
هن بيت کي وظيفو ڪري پڙهجي ته بجاءِ ٿيندو“، اهو
پهريون ڀيرو، اسان ٻاهر ويٺل هئاسين. نه ته اسان
گهڻو ڪري سندس لئبرريءَ ۾ ويهندا هئاسين، جتي هي
صاحب نولا ۽ ٺاهوڪا بيت پنهنجي بنديءَ تي اتاريندو
هو. آءٌ نٿو سنبران ته ڪو اهڙو ڏينهن آيو هوندو،
جو هن ڏاتار مون کي سواءِ مانيءَ يا چانهه وغيره
جي ڇڏيندو هوندو. مطلب ته هن وڙائتي ور ۽ ڀلاري
مون سان ڪيئي وڙ ۽ ڀلايون ڪيون. ايتريقدر جو هي
سونهارو سادات مون کي وڃڻ وقت سچو ڊرائيور ساڻ
ڏيندو هو، جيڪو مون کي منهنجي چوڻ موجب سولي هنڌ
تي لاهي ايندو هو يا سچو سندن نوراني نجهري تي
موجود نه هوندو هو، ته هي قربائتو ڪانڌ ۽ مڙد خليق
مون کي ٻنڀي (دروازي)تائين ڇڏڻ ايندو هو.
هڪ ڏينهن مون مرم جي ماريل کيس وينتي ۽ ورلائپ
سان چئي ڏنو ته ”قبلا، اوهان مون کي در تائين ڇڏڻ
سان گنهگار نه ڪندا ڪريو، نه ته هي ٻانهو ٻيهار
اوهان وٽ ڪو نه ايندو.“ جنهن تي هن سدا توري سادات
مون کي ڪلهن تي ٻاجهڀريا هٿ رکندي چيو ته ”فقير،
توهان حضرت علي جو قصو ڪو نه ٻڌو آهي؟“ ائين چئي
ڳالهه ڪيائون ته ”هڪ ڀيري امير المومنين جي محفل ۾
هڪ شڪاري اچي داخل ٿيو. پاڻ اٿي هن جي آجيان
ڪيائون ۽ پنهنجي ڀر ۾ کيس ويهاري حال احوال
ورتائون ۽ موڪلائڻ وقت کيس در ڀيڙو ڪري آيا. جنهن
تي ويٺلن اصحابن لٽو منهن تي ڏئي کلڻ ڪيو ۽ کيس
عرض ڪيائون ته يا سيدي، اوهان ڀليا آهيو، هي ته
نيچ شڪاري آهي، هن کي ايڏي آدرڀاءُ ڏيڻ واجب نٿي
لڳي.“ پاڻ فرمايائون ته سا خبر مون کي به آهي ته
هو پرياتو شڪاري، ڪتن سان شڪار پڪڙيندڙ آهي. پر هڪ
ڳالهه جا مون کي نه ايندي هئي، سان مون هن کان پڇي
پڪ ڪئي آهي، تنهنڪري ان هڪ گفتي جي سکڻ ڪري مون
سندس استاد وانگر آجيان ڪئي؛ اصحابن ۽ ساٿين پڇيو
ته اوهان محمدي علم جي شهر جا دروازا آهيو، هن نيچ
ڪهڙي اوهان کي ڄاڻ ڏني. جنهن تي شاهه مردان چيو ته
مون کي اڳ اها خبر ڪو نه هئي ته ڪتو بالغ ٿئي ته
ڪيئن سڃاڻجي، تنهنڪري هن واسطيدار ماڻهوءَ کان مون
اها ڄاڻ حاصل ڪئي ته ڪتو بالغ ٿيندو آهي ته ٽنگ
کڻي مٽندو آهي.“ اها ڳالهه ٻڏائي مرحوم مون کي
مرڪي چيو ته ”شاهه جي ڪنهن ڪنهن بيت جي اکر جي
معنيٰ نه اچڻ ۽ پڇڻ ڪري اوهان کي عزت ڏيڻ واجب ٿا
سمجهون.“ ائين چئي مون نالائق کي نوازي هن مون کان
مرڪي موڪلايو ۽ اسان الله ٻيلي چئي پنهنجو رند
پڪڙيو.
ٿورن ڏينهن کان پوءِ وري آءٌ سندس پير چمڻ ۽
ڪچهري ڪرڻ لاءِ موڪل جي ڏينهن وٽس ويس ته مرحوم
ٻيڙو فقير ڪنڀار ۽ ڪي ٻيا سنڌي پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو
سندس گهر جي زيبدار ۽ قميتي قالين وڇايل هال ۾
محفل ڄمايون ويٺا هئا. مون در کان گهڙندي سلام
ورايو ۽ هٿ ادب جا ٻڌي ڏانهس وڌيس مان نوڙڻ جي ڪئي
ته پاڻ ڀاڪر وجهي مون کي منع ئي ته ڪڏهن به مون
سان جهڪي نه ملندو ڪر. خير، ٻيڙي فقير ڪنڀار سگهڙ
سان ته منهنجي اڳ ۾ ئي اليڪ سليڪ هئي، جنهن منهنجي
ڀليڪار ڪئي ۽ سائينءَ مون کي ٻين مان وارن مهمانن
سان سڃاڻپ ڪرائي. ٻيڙي فقير کين اڳي ئي ويٺي ڪچهري
ڪري وندرايو، جنهن جا ٻجهارتون ٻهون ٻول مون وڏي
در وٽ ٻڌا هئا. پير صاحب جي هٿ ۾ هڪ ننڍڙي سهڻي
تسبيح هئي، جيڪا سندس هٿ مبارڪ تي ناز سان ڦري رهي
هئي،. پير صاحب مون کي چيو ته ”ادا فقير، اهو تو
وارو بيت پڙهي رهيو آهيان.“ ٻيڙي فقير چيو ته
”سائين، ڪهڙو بيت؟ وظيفو......“ پير صاحب بيت پڙهي
ٻڌايو ۽ ٻيڙي فقير چيو ته ”سائين، لاکي جا بيت
ڏاڍا سٺا آهن.“ ائين ڪندي ٻيڙي فقيرلاکي جو هڪ بيت
پڙهيو. پير صاحب مرحوم کلي کيس چيو ته ”بيت سوچي
سمجهي ڏج، متان فقير امداد علي ڪا چڪ نه پڪڙي
وجهئي.“ خدا جي قدرت، ٻيري فقير هي بيت پڙهيو:
”لاکو لوڻيين آيو، جنهن جي هنڌ هنڌ پئي هاڪ.“
اڃا پهرين سٽ مس پڙهيائين ته مون ٻيڙي فقير کي چيو ته
”ادا، بيت ائين پڙهه جيئن ڀٽائي صاحب چيو آهي “
ٻيڙي فقير ٻيهر بيت جي ساڳي چوڪ ڪئي. مون وري چيو
ته ”بيت اصل ۾ ائين نه آهي.“ پير صاحب چيو ته ”آءٌ
رسالو کڻي ٿو اچان.“ مون عرض ڪيو ته ”سائين، رسالي
مطابق ٻيڙو فقير بيت صحيح ٿو پڙهي، پر بيت جي
پهرين سٽ رسالي ۾ ٿوري غلط آهي.“ ائين ڪندي ويٺلن
مون کي چيو ته ”اوهان بيت، غلطي دور ڪري پڙهو.“
مون عرض ڪيو ته:
”لاکو لوڻيين آيو، جنهن جي هٻه پئي هاڪ“
ٻيڙي فقير ”هٻه“ جي بدران ”هنڌ هنڌ پئي هاڪ“ پڙهي هئي. آخر بحث
وڌي ويو مون اکرن جي وضاحت ۽ صداقت بابت عرض ڪيو
ته مشهور لاکي ڌاڙيل ڪڇ جي کان، ڪوٽن ڀر راجا به
ڊڄندا هئا. لوڻيان هڪ وڏو ڳوٺ ڪڇ ڀڄ ۾ آهي، جنهن ۾
لاکي ڌاڙو هنيو ۽ هٻه وري ان ڳوٺ کان ٻن ميلن تي
ٻيو ڳوٺ هو. ته شاهه صاحب به ”هٻـﮧ“ وارن ڳوٺاڻن
جي ڊپ ۽ اڊڪي جي ڳالهه ٿو ڪري ۽ ”لوڻين“ کان پوءِ
”هٻه“ وارن ڳوٺاڻن کي چتاءُ ٿو ڪري ته اهو ناليارو
ڌاڙيل (هاڻُو) سڀاڻي هٻه وارن کي به ڪو نه ڇڏيندو،
جيڪي هن جي گس تي آهن ۽ اتان ئي لاکي کي موٽڻو
آهي، تنهن ڪري هٻه وارن کي هن آفتي ۽ آزاريندڙ
ڌاڙيل جو خيال رکڻ گهرجي، متان سڀاڻي اچي لاکو
سندس مهمان نه ٿئي ۽ مال هڻي وڃي. چوندا نه آهن ته
”جي هاڻو هُوني مٽ، ته به اڊولاهه مَ ان جو“.
مطلب، جيڪڏهن تنهنجو مائٽ ڌاڙيل هجي، ته به ان جو
ڊپ ڪج، ڇاڪاڻ جو هو عادت کان مجبور آهي، توتي به
ڪنهن وقت وار ڪري سگهي ٿو. انهيءَ ٿورڙي بحث کان
پوءِ پير صاحب مرحوم به ائين چيو ته هن به اها
پڙهڻي مرحوم نون صاحب سابق ڊپٽي ڪمشنر ٺٽه جن جي
ڪوٺايل فقيرن ۽ سگهڙن جي ڪچهريءَ ۾، ٺٽه ضلعي ۾
ٻڌي آهي. جنهن تي مون عرض ڪيو ته مون کي اها پڙهڻي
ٺٽه ضلعي جي تعلقه ڪيٽي بندر جي هڪ جت فقير طيب
ٻڌائي آهي، جيڪو وهنيئي فقير جي ڇهينءَ پشت مان
حال حيات آهي. وهنيو فقير شاهه صاحب جي مشهور
حاضري فقيرن مان هو، جيڪو شاهه صاحب جي ڪتن جي
سنڀال ڪندو هو، تنهن ڪري وهنيي فقير کي ”وهنيو
فقير ڪتائي“ به چوندا هئا. هي فقير اصل ڪڇ جي طرف
جا ويٺل آهن، جن کي لوڻيي ۽ هٻـﮧ ڳوٺن جي پوري خبر
آهي. ان کان پوءِ پير صاحب ۽ ويٺلن چيو ته اصل ۾
رسالي جي گهڻن بيتن ۾ اهڙيون چڪو اچي ويون آهن، جن
جون درستيون ٿيڻ گهرجن. جنهن تي مون وينتيءَ سان
عرض ڪيو ته سائين، منهنجي ٽولي جا فقير، رسالي جا
وڏا ڄاڻو آهن ۽ انهن ڪافي اهڙيون چڪون ڪڍيون آهن،
تنهن ڪري هڪ ڏينهن مقرر ڪيو وڃي ته رسالي جي انهن
مشهور ۽ ڄاڻو فقيرن جي ڪچهري ڪوٺائي، شاهه جا اڻ
ڇپيل بيت ۽ رسالي ۾ آيل غلطيون ۽ انهن جي درستين
جي پاڌارڻ جو هنر ڏٺو وڃي. پير صاحب منهنجيءَ منٿ
تي هائو ڪئي ۽ مون کي چيائون ته اهو بندوبست ڪٿي
ڪبو؟ مون عرض ڪيو ته نئين بارڻ بنگلي تي، جيڪو
حيدرآباد کي ويجهو ، ٺٽه حيدرآباد رستي جي ويجهڙو
آهي. اسان ڏينهن مقرر ڪيو ۽ مون رسالي جي انهن
مشهور ڄاڻو فقير سگهڙن جي آڻڻ جو وچن ڪيو ۽ پير
صاحب ڪچهريءَ ۾ گڏجاڻي ڪندڙ معزز مهمانن جا مون کي
نالا لکايا ۽ دعوت نامن موڪلڻ جو تاڪيد ڪيو.
مون ٺٽي پهچي پنهنجن فقيرن ۽ ٻين سگهڙن کي خط لکيا ۽
دعوت نامي جا ڪارڊ ڇپرائي پير صاحب جي دوستن کي
روانا ڪيا. مون هيٺين دانائن کي دعوت نامن موڪلڻ
جي عزت حاصل ڪئي: (1) جناب شيخ اياز تڏهوڪو وائيس
چانسلر سنڌ يونيورسٽي، (2) جناب غلام رباني تڏهوڪو
پرووائيس چانسلر، (3) جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا،
(4) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، (5) نواب نوراحمد
خان لغاري تاجپوري (مرحوم) (6) مرادعلي مرزا ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد، (7) الياس عشقي، تڏهوڪو
ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، (8) ٻيڙو فقير
ڪنڀار وغيره. سنڌيالاجي اسٽاف ۽ ٻين معزز مهمانن ۽
ڳوٺاڻن پڻ شرڪت ڪئي. هن ڪچهريءَ ۾ فقير رمضان جت،
فقير طيب جت، فقير عبدالله، فقير حاجي خميسو
چانڊيو، فقير جمع ولد مرحوم فقير حاجي هاشم
مڱڻهار، مون ۽ ٻين فقيرن سگهڙن پنهنجي وت آهر
پنهنجي فقيري فن جو اظهار ڪيو. اسان ڪچهريءَ جي
ملوڪن کي پهريائين ڀٽائيءَ جا ڇپيل بيت پڙهي ٻڌايا
۽ بعد ۾ رسالي ۾ آيل غلطين جي بدران صحيح سٽون
پڙهي مطمئن ڪيو. فقير رمضان جو آواز عرش ڏاريندڙ
هو ۽ هو اسان سڀني کان شاهه جي بيتن ۾ سرس هو. هن
هڪ بيت سسئيءَ جو پڙهيو، جو رسالي ۾ ته ڪو نه آهي،
پر ”گنج“ ۾ به مون اڃان ڪو نه پڙهيو آهي. بيت هي
هو:
الٿي سج آهون ڪري، ٿي هنجن هڻي هٿ،
منهن پٽيندي منڌ جو، نڪان وئي نٿ،
ڳالهيون ڪندس ڳٿ، پنهونءَ جون پرڏيهه ۾.
هن بيت جي ٻڌڻ شرط شيخ اياز کان ڍڪ نڪري ويئي
هن ٽپائيءَ تي ٺوٺيون رکي، منهن هٿن ۾ جهلي، اونڌو
ڪنڌ ڪري، رڙ ڪري چيو ته فقير بيت وري پڙهجان.
پير صاحب به پنهنجي پر ۾ ڏاڍو سرهو ٿي ڏٺو. ويتر جو
بندوبست سٺو ۽ سندس طرفان مون ڪيو هو. تنهن
هيڪاندو هن کي خوشيءَ ۾ ٿي ٽڙايو. رات جو هڪ بجي
تائين هيءَ لطيفي لات هلي، جنهن ۾ واين ڳائڻ ۽
بينن جي وڄت، رنگت ۽ سنگت جي سرهي سٽا سٽيل هئي.
وچ ۾ رڳو اڌ ڪلاڪ ماني ۽ چانهه جو وقفو ڪيو هوسين.
اسان بنگلي اندر کٽن تي ٽڪ جي رلين سان اهڙو ته
رنگ رچايو ۽ سينگاريو هو، جو جهنگل ۾ منگل نه پر
ڪيچ مڪران جي سردار جو ڪاڄ ٿي نظر آيو.
محفل پوري ٿيڻ بعد، ڇاڪاڻ جو حيدرآباد ارڙهن ميلن جي
فاصلي تي هئي، تنهنڪري مهمان ڪچهرين ۽ فوٽو ڪڍائڻ
۾ شرڪت ڪري هليا ويا. ته ڪي اتي ننڊاڪا ٿي سمهي
رهيا. الله پاڪ نواب حاجي نور احمد خان لغاري
(تاجپور واري) کي جنت ۾ جايون ڏي، رات جو ويندي
وقت هن مون کي لڪائي فقيرن جي ڀاڙي خرچ لاءِ ڪجهه
پئسا ڏنا ۽ منهنجي سٺڙي مددڙي ڪري دل ٺاري ڇڏي.
مون کي سڀني سرواڻن چيو ته ٻي ڪچهري پڻ مهيني اندر
ڪرائي وڃي ۽ ان جو خرچ سنڌ الاجي طرفان ٿيڻ گهرجي.
نواب نوراحمد خان لغاري مرحوم سائين مرحوم جو بهترين
دلي دوست هو. پير صاحب جن جڏهن به حيدرآباد ايندا
هئا ته اچي وٽس ترسندا هئا. تنهن مانائتي مير جي
حيدرآباد واري بنگلي تي مون کي وڌيڪ صلاح مشوري
لاءِ اچڻ جو امر ڪيو ويو. هن ڪچهريءَ جي خبر سڀني
اخبارن ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب ڏئي ڇڏي هئي. تنهنڪري
ٻي ڪچهريءَ لاءِ ماڻهن ۾ ڏاڍو ڪوڏ جاڳيو ۽ اهڙيءَ
طرح ٺيڪ هڪ مهيني گذرڻ بعد مون وري هڪ وڏي ٺٺ سان
شاهه سائينءَ جي بيتن جي ڪچهريءَ جو سٽا فقير محمد
هاشم مڱڻهار جي ڳوٺ سامهون ٽڪريءَ تي مٿي ڪرايو.
هن ڀيري هزار کن ماڻهن ۽ مهمانن جي ڀت جو بندوبست
ڪيو ويو. راڳ، الغوزن، چنگ ۽ دهل شرنائين جو رنگ
رچايو ويو. هن ڀيري ساڳين سڄاڻن کان سواءِ معشوق
علي خان ڀٽي، ڊاڪٽر مدد علي قادري، ظفرحسن شاهه،
خان محمد پنهور، مک ڪامورن ۽ ڪن عرب پير صاحب جي
دوستن گڏجاڻي ڪري اسان کي مان موکيو. مون ٻنهي
ڪچهرين ۾ رڙيون ڪيون ته شاهه صاحب جي رسالي ۾ آيل
چڪون ۽ اڻ ڇپيل ڪلام کي هند، سنڌ ۽ بلوچستان مان
گڏ ڪرڻ لاءِ اسان فقيرن جي ٽيم کي مقرر ڪيو وڃي ۽
اهڙيءَ طرح هڪ جامع ۽ صحيح رسالو ڇپائڻ جو ثواب
کٽيو وڃي.
مون محفل جي مورن کي اهو پڻ ٻڌايو ته ڪي جهونا
فقير حياتيءَ جي پوئين پهر ۾ جي رهيا آهن، تنهن
ڪري سندن سينن ۾ لڪل لطيفي لعل جلدي گڏ ڪيا وڃن،
ورنه هو ان خزاني سميت مري، هميشه لاءِ دفن ٿي
ويندا، ۽ اهڙا وريام ۽ وينجهار، ٻئي ڀيري ڀاڳ ملن
وارو ڪم نه ٿي وڃي. پير صاحب کي هن ڪم جو ڏاڍو
اونو هو.مون کي تاڪيد ڪيائين ته آءٌ پنهنجي اهڙي
رٿا لکي، سندس معرفت سنڌ يونيورسٽيءَ جي حوالي
ڪريان ته جئن هي اهم ۽ سنڌي ساهت کي موڙ ٻڌائيندڙ
ڪم جلدي ڪرايو وڃي. خير سان اسان جي هيءَ ڪچهري به
ڏاڍي ٺٺ ۽ فقيرن جي ڪمال درجي جي قابليت سان ٿي
گذري ۽ اسان کي سڀ دوست خوب کيرون ڏئي خوش ٿي
موڪلائي هليا.
ٿورن ڏينهن بعد خبر پيم، ته سائين بادشاهه روس
جي دوري تي ويل آهن ۽ ڪجهه مهينا اتي قيام ڪندا.
منهنجي دلڙي، جيڪا ساڻس اڙجي ويئي هئي، سا درشن
بنا ڏاڍي اداس ٿي پئي. مون کي هن وريام جي وماس ۾
ڏهلا ڏينهن گهارڻا پيا. ويتر جو سندس اوچتو ماسڪو
مان خط آيو ته هو ات اسپتال ۾ داخل ٿيا آهن، تنهن
جهوريءَ هيڪاري مون کي جهوري وڌو. اسان فقيرن مٿو
اگهاڙو ڪري، سندس خيريت ۽ سگهي نوبني ٿيڻ جون
دعائون گهريون ۽ رب پاڪ جي فضل و ڪرم سان سائين
تندرست توانو ٿي وطن پهتو. مون خبر ٻڌڻ سان وڃي
سندن زيارت ڪئي.
هن عظيم انسان کي مون سندس رحلت کان ٿورو اڳ هڪ
خط لکي سرهي سماچار موڪلي ته آءٌ هنگلاچ شريف جي
ياترا (زيارت) لاءِ اپريل مهيني جي 9 تاريخ ڪراچي
سوامي نارائڻ مندر کان هڪ سامين ۽ ساڌو ئن جي ساٿ
سان وڃي رهيو آهيان ۽ هو منهنجا سرواڻ ٿي سار لهن.
منهنجي هنگلاچ ناني وڃڻ کان اڳ هي مومن مڙد سچي
هنگلاچ هليو ويو ۽ اسان کي جيئري ماري جدائي جو
جام پياري هليو ويو ۽ اسان سدائين سندس سوڳ ۽
ويراڳ ۾ ڳوڙهن وهائڻ سان کيس ختمو بخشيندا
رهنداسي:
نيڻ نهائين جئن، ستي لوڪ ڍڪيان
اجهاميو مران، توکي ساريو سپرين.
سندس قبر مبارڪ تي مون روئي وڃي شاهه صاحب جو
هي شعر پڙهيو:
ڳرين ڏئي ڳاٽ، جان مون گهڻو نهاريا،
مڙهيون مون مارين ٿيون، جوڳي ويا جاٽ،
وجهلان انهي واٽ، راول جه راهه گيو. |