سن 1924ع تائين، جڏهن منهنجي عمر اڻويهن ورهين جي ٿي، مون ۾
ايتري لياقت پيدا ٿي ويئي هئي جو آءٌ ڪجهه لکي
سگهندو هوس. مون هڪ ماهنامو ”الراشد“ جي نالي سان
اتان ڳوٺ مان ڪڍڻ شروع ڪيو. ڇپائيندو سکر مان هوس،
پر آفيس ڳوٺ ۾ ئي رکيم. حسام الدين ان ڪم ۾ منهنجو
هٿ ونڊائڻ شروع ڪيو. خريدارن جي لسٽ اپ ٽوڊيٽ رکڻ،
حساب رکڻ، اهي سڀئي ڪم هن جي ذمي هوندا هئا ۽ هو
ڏاڍي سليقي سان اهي فرض پورا ڪندو هو. لکڻ ڏانهن
اڃا ڌيان ڪونه ويو هوس. البت لڪ ڇپ ۾ ٿوري گهڻي
شاعري ڪندو هو. تخلص هوس ”فدائي“.
انهن ڏينهين اخبار ڪڍڻ قانوني طرح سولو ڪم هو. ڪنهن به
ماجسٽريٽ جي اڳيان رڳو هڪ ڊڪلئرشن ڏيڻو پوندو هو
ته آءٌ فلاڻي هنڌان فلاڻي اخبار ڪڍڻ گهران ٿو.
ماجسٽريٽ ان جي تصديق ڪندو هو ۽ ان آڌار تي پوسٽ
آفيس مان رعايت حاصل ٿي ويندي هئي. اجازت وجازت جو
ڪوبه مسئلو نه ٿيندو هو. انگريز جي اها پاليسي
هوندي هئي ته جيتري قدر ٿي سگهي، ماڻهن کي آزادي ۽
سهولت هجي، جيئن اهي پنهنجي دل تان بار هلڪو ڪندا
رهن ۽ اندر ئي اندر ٻوساٽجي نه مرن، نه باغي ٿي ڀڃ
ڊاهه جا رستا وٺن.
ان زماني ۾ مون سياست ڏانهن رڙهڻ شروع ڪيو. پهرين پنهنجي قبيلي
جي تنظيم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس. ايتري ۾ هندو
مسلم فساد شروع ٿي ويا (جن جي شروعات اسان جي ضلعي
لاڙڪاڻي کان ٿي). آءٌ خان بهادر کهڙي سان گڏجي
مسلمانن جي طرفان ڪم ڪرڻ لڳس. ڳالهه مان ڳالهه
نڪتي ۽ اسين جلد ئي ان نتيجي تي پهتاسين ته
جيستائين سنڌ بمبئيءَ کان جدا نه ٿي ٿئي، هندن جي
هٿان اهو مسلم آزاريءَ جو سلسلو ختم نه ٿيندو
تنهنڪري کهڙي مرحوم ان تحريڪ جي اڳواڻي سنڀالي ۽
آءٌ سندس مددگار ٿيس . سنڌ جي جدا ٿيڻ لاءِ ته
ڪيترن ئي ورهين کان گهر ٿي رهي هئي، پر هاڻي ان کي
هڪ نئين انداز سان منظم طريقي تي اٿاريو ۽ اڀاريو
ويو. کهڙي صاحب مون کي سنڌ زميندار اخبار (سکر) جو
ايڊيٽر مقرر ڪيو، جنهن جو پاڻ مئنيجنگ ڊائريڪٽر
هو. اها اخبار سنڌ جي هندو ۽ مسلمان زميندارن جو
آرگن هئي ۽ ان وقت تائين ان جا ايڊيٽر سنڌي اسڪولن
جا رٽائرڊ ماستر هوندا هئا، جن جي چونڊ وقت جا
عملدار پاڻ ڪندا هئا. کهڙي مرحوم اها رسم ٽوڙي مون
جهڙي شعلي مزاج نوجوان کي کڻي اتي ويهاريو. مون
ٿوري ئي وقت ۾ اخبار جون پراڻيون روايتون ختم ڪري
ان کي سنڌ جي مسلمان عوام جو کڻي آرگن ڪيو ۽ هندن،
هندو دوست ۽ وقت جي نوڪر شاهيءَ جي خلاف اهڙا
مضمون لکيا جو ٿوري ئي وقت ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان
جدا ٿيڻ واري مسئلي جي سلسلي ۾ سجاڳي ۽ عام راءِ
جي هڪ لهر اڳتي وڌڻ لڳي.
اهو واقعو سن
1929ع
جو هو، جڏهن منهنجي عمر
24 سال ۽ حسام الدين جي
18 سال هئي. حسام الدين هميشه مون سان گڏ هوندو هو. آءٌ
ايڊيٽر ٿي سکر آيس ته هو به گهر ۽ زمينداري ڇڏي
اتي آيو ۽ منهنجو انڊر اسٽڊي ٿي ڪم سکڻ لڳو. ”مون
سندس ذهن ۾ هيءَ ڳالهه ويهاري ڇڏي ته ان وقت جي
حالتن هيٺ اخبار نويسي ۽ سياست تمام ڏکيا ڪم آهن.
پهريون شرط هيءُ آهي ته انسان ۾ توڪل، محنت،
جاکوڙ، سخت جاني ۽ مقصد سان پورو چاهه (Total dedication)
جهڙا وصف هجن. وقت جو قدر ۽ قيمت معلوم هجي. علم
جي اهميت جو احساس هجي يعني صحافت جي ليليٰ جو
وصال حاصل ڪرڻو هجي ته مجنون ٿيڻو پوندو. مرحوم
اهي شرط کليءَ دل سان قبول ڪيا ۽ اخباري ۽ علمي
دنيا ۾ عملي طرح اسان جو ساٿ شروع ٿي ويو. اسان جي
ويجهوئي سکر ميونسپالٽي جي جنرل لائبرري هئي.اتان
ڪتاب وٺي اسان پڙهڻ جي به شروعات ڪري ڇڏي. ٻيو
ڪوبه شغل نه، ڪوبه ڪم نه. سڄو وقت ڪتاب يا قلم.
ايتريقدر جو ننڊ به ٿوري ڪبي هئي. حسام الدين ته
سمهندو به فرش تي هو.
وقت گذرندو ويو، ڪم وڌندو ويو. مون کي اها ڳالهه ڏکي لڳي ته
کهڙي مرحوم جو سيڪريٽري ٿي سياست به ڪندو رهان ۽
اخبار جي لاءِ به لکان. تنهنڪري سن
1930ع ۾ کهڙي صاحب حسام الدين کي نائب مدير ڪري اتي ئي رکيو. حسام الدين جي عمر
ويهه ورهيه هئي. منجهس ايتري صلاحيت اچي ويئي هئي
ته هو ايڊيٽوريل لکي سگهي. لکڻيءَ ۾ تيزي هوندي
هئس ۽ لفاظيءَ کان وڌيڪ دليلن تي زور. ٿوري ئي وقت
۾ نالو ڪڍيائين ۽ مون کي خاطري ٿي ته منهنجين
مصروفيتن ۽ غير حاضريءَ جي ڪري اخبار جي معيار ۾
ڪوبه فرق نه ايندو. منهنجي توقع سچي نڪتي.
ٽن سالن ۾ ئي ظاهر ٿي ويو ته سنڌ جدا ٿي رهي آهي، پر جدا ٿيڻ
کان پوءِ ڇا پروگرام ٿئي، انهيءَ تي منهنجي ۽ کهڙي
صاحب جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيو. اختلاف ان ڳالهه تي
ٿيو ته مون ٿورو تيزيءَ سان وڌڻ گهريو ٿي ۽ کهڙي
صاحب جون ذميداريون جيئن ته گهڻيون هيون، هن وڏيرن
۽ مسلمان نوڪر شاهيءَ کي ساڻ ڪري اڳتي وڌڻ ۾ مصلحت
سمجهي.
مون ڪاوڙ ۾ اچي هڪدم کيس پنهنجي استعفا ڏياري
موڪلي ۽ ٽپڙ ٽاڙي ٻڌي روانو ٿي ويس. حسام الدين
کان پڇيم، ”تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟“ جواب ڏنائين؛
”جيڪا صلاح مالڪ جي، اها بندي جي.“ ”پر هاڻي ته
اسان جي توڪل تي تمام وڏو ٻوجهه پئجي ويندو.“ مون
چيو . وراڻيائين؛ ”تنهنجي منهنجي ذميداري پوري ٿي.
هاڻي ان جي ذميداري ٿيندي جنهن تي توڪل آهي.“
توڪل
تي انڪري پئي زور ڏنو سون جو اسان ٻنهين وٽ ان
ڏينهن رڳو اٺ آنا هئا ۽ ان رقم ۾ ڪيڏانهن وڃون ها؟
_ گهر؟ _ پر گهر وڃڻ جي لاءِ ريل جي ٿرڊ ڪلاس جو
ڀاڙو هڪڙي ماڻهوءَ جو اٺ آنا هو. اها کوٽ ڪيئن
پوري ٿئي؟ توڪل ڪري، اسين ٻئي ٻه آنا خرچ ڪري
ٽانگي ۾ چڙهي ريلوي اسٽيشن پهچي ويا
سون.
هاڻي اسان وٽ رڳو ڇهه آنا وڃي بچيا هئا.
اسان جو ٽانگو اڃا اسٽيشن جي ويٽنگ هال جي اڳيان
مس اچي بيٺو هو ته اسان جو هڪ غريب ڳوٺاڻو دوست
اسان کي ڏسي ڊوڙندو اسان ڏانهن آيو ۽ پڇڻ لڳو،
”گهر هلو ٿا ڇا؟“ مون وراڻيو“ ”هائو.“ اهو ٻڌي
ڀڄندو ٽڪيٽ گهر ڏانهن ويو ۽ اتان ٻه سيڪنڊ ڪلاس جا
ٽڪيٽ وٺي آڻي اسان جي هٿ ۾ ڏنائين ۽ پوءِ اسان جو
ٿورو گهڻو سامان کڻي اسان جي پويان پويان پليٽ
فارم ڏانهن هليو. اسين ٻئي ڏاڍي شان سان وڃي سيڪنڊ
ڪلاس ۾ ويٺاسون. حسام الدين جو چهرو ٿورو خوشيءَ
وچان پئي ٻهڪيو. سبب پڇڻ تي وراڻيائين؛ ”جنهن تي
توڪل هو، تنهن اسان جي عزت به رکي ۽ پنهنجو شان به
ڏيکاريو اڳي ٿرڊ ڪلاس ۾ هلندا هئا سون، اڄ سندس
مهمان ٿيا سون ته سيڪنڊ ڪلاس ۾ پيا سفر ڪريون.“
اسانجي ان مفلسيءَ جو سبب هيءَ
هو ته اسان وٽ پئسو بچندو ئي ڪونه هو. منهنجو
پگهار مهيني جي آخر تائين پنجاهه روپين کان مٿي نه
ٿيو ۽ جيتري قدر ياد پويم ٿو ته حسام الدين کي
مهيني ۾ شايد ٽيهه روپيا ملندو هو. گهر وارن کان
پئسو به ڪونه وٺبو هو، رشوتخوريءَ
جو رواج اڃا اخبار نويسن
وٽ ڪونه پيو هو. صحافت کي هڪ مقدس مشن سمجهيو
ويندو هو. اخبار نويسن جي ايمانداري ۽ ڪردار جي
باري ۾ ماڻهو ايترا ته حساس هوندا هئا، جو جيڪڏهن
کين ڪو شڪ ٿئي ته فلاڻو اخبار نويس رڳو پئسن ڪمائڻ
جي لاءِ اخبار ڪڍي ٿو ۽ عوام جي ڀلائي جي نالي تي
ڪا
ڦير
گهير ڪري ٿو ته ماڻهو سندس
اخبار خريد ڪرڻ ته ڇڏيو مرڳو وجهه ملندي ئي ساڻس
ڪا جٺ ڪندي ويرم نه ڪندا هئا. اهو بيشڪ اخبار نويس
کليو کلايو پنهنجيءَ اخبار کي سرڪاري آرگن ڪري
حڪومت جي ترجماني ۽ خوشامد ڪندا رهن. پر ڳالهه
پڌري پٽ هجي _ ظاهر هجي _ منافقت نه هجي. اخبار
آزاد سڏجي، عوام جي ترجمانيءَ جي دعويٰ ڪري، پر
حڪومت کان پئسا ۽ رعايتون حاصل
ڪرڻ جي غرض سان ماڻهن کي فريب ڏيندي رهي ۽ کين
بيوقوف بنائيندي رهي، ته اها ڳالهه سهپ کان ٻاهر
هوندي هئي. اهو ان ماحول جوئي
اثر هو جو ان زماني ۾ ظفر علي خان، حسرت موهاني،
ابوالڪلام، هار نيمن، محمد علي جوهر،
شيخ
عبدالمجيد سنڌي ۽ رامانند چئٽر جي جهڙا ناميارا
اخبار نويس اڀريا، جن تاريخ جي سڀ کان وڏي سلطنت
جون جڙون هن ننڍي کنڊ مان پٽي اڇلايون. اخبار نويس
جو قلم نه پر ڪردار وڙهندو هو ۽ انقلاب تائين وٺي
ايندو هو.
اسين ٻئي ڀائر ته انهن صحافين جي جتين کڻڻ جا به
اهل نه هئا سون، پر اسان ۾ ۽ هنن ۾ جيڪا هڪ ڳالهه
هئي اها هيءَ ته اسين به غريب هئاسون ۽ غربت ۾ وڏن
خوابن ڏسڻ جا عادي! مفلس ضرور هئاسون پر نيچ نه
هئا سون.
هڪ ٻن ڳالهين جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي.
پهرين هيءَ ته اهو ”سستائيءَ“ جو زمانو هو. هر
مهيني پنجاهه روپيا گذاري جي
لاءِ هڪ خاصي رقم هوندي هئي. پلو يا مڇي چئڻ ڇهن
آنن ۾ ملندي هئي. گوشت ڇهه آني هڪ سير ملندو هو.
ڪڻڪ
ڏيڍ
روپئي مڻ، چانور ٻن ٽن روپين ۾ مڻ، گيهه (سچو) هڪ
روپئي سير، وائلو اٺين آني وال، لٺو چئين آني وال.
کاڌي رڌڻ پچائڻ واري ڇوڪري جو ماهانه پگهار ٻن کان
چار روپيا. مون وٽ پوءِ به ويهه روپيا بچي پوندا
هئا، جن جا آءٌ ڪتاب وٺندو هوس.
ٻي ڳالهه هيءَ ته ان زماني ۾ ٿرڊ ڪلاس ۾ سفر ڪرڻ
عيب ڪونه سمجهيو ويندو هو. سياسي تحريڪن جا وڏا
وڏا ليڊر (گانڌي جي سميت) سدائين ٿرڊڪلاس ۾ سفر
ڪندا هئا. گاڏين ۾ تمام گهڻا ماڻهو ڪونه چڙهندا
هئا. آءٌ ڪراچيءَ کان بمبئي، ڪلڪتي، مدراس تائين
ٿرڊ ڪلاس ۾ سفر ڪندو هوس. گاڏي جو وڏو حصو خالي
پيو هوندو هو. ۽ اسن ٻه ٽي ڄڻا بئنچن تي هنڌ بسترا
وڇائي آرام سان ويٺا هوندا هئا سون يا سمهي رهندا
هئا سون.
اسين گهر ته پهچي ويا سون، پر ٿورن ڏينهن کان پوءِ
ائين
لڳو ته اسين پنهنجي دل سکر ۾ ڇڏي آيا آهيون. انهن
ڏينهن سکر ڄڻ ته جنگ جو ميدان هو ۽ اتان غائب ٿي
وڃڻ کي ماڻهو اسان جي بزدلي سمجهن ها. هونئن ته
ڪوبه پڇا ڳاڇا ڪرڻ وارو نه هو، پر اسان کي پنهنجي
ضمير پئي چڪ وڌا.
سکر
جنگ جو ميدان ان سبب ڪري هو جو سن1927ع
کان
اتر سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ هڪ قسم جي ”سول
وار“ لڳل هئي، جنهن جو مرڪز اهو سکر هو.
مهاسڀا، شڌي ۽ سنگهٽن جا فتنا هونئن ته سموري
هندستان ۾ پکڙيل هئا، پر انهن جو پاڇو سنڌ تي سن
1927ع
کان
پوڻ شروع ٿيو، جڏهن هندن زور آوري ڏيکارڻ ۽ چئلينج
ڪرڻ
جي
نيت سان هڪ مسلمان عورت کي ٽن ٻارن سميت ڀڄائي
”شڌ“ ڪيو، تڏهن هندو مسلم فسادن جو سلسلو لاڙڪاڻي،
سکر ۽ جيڪب آباد تائين پکڙجي ويو. انهيءَ اڻبت ۾
اڃا به واڌ سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ واري تحريڪ
جي ڪري به ٿي.هندن سمجهيو هو ته سندن زور ٽوڙڻ جي
لاءِ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ کان جدا پيا
ڪرائين. تنهنڪري سنڌ جدا ٿئي، ان کان اڳ ۾ ئي ساڻن
وڙهي خود سندن زور ٽوڙيو وڃي. ياد هجي ته گڏيل سنڌ
بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ مسلمان آبادي رڳو اٺ سيڪڙو
هئي، پر سنڌ ۾ مسلم آبادي
75 سيڪڙو
هئي. اهو ئي فرق هو جنهن جي ڪري هندن کي ڊپ هو.
سندن خيال
هو ته جيڪڏهن فرقيرار يت
جي
بنياد تي سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي خونريزي ٿيندي رهندي ته
هندستان جا هندو سنڌ کي هر گز جدا ٿيڻ نه ڏيندا.
انهيءَ مقصد کي پوري ڪرڻ خاطر سنڌ جي هندن هيٺيان
طريقا اختيار ڪيا هئا؛
هنن وڏي انداز ۾ هٿيار گڏ ڪيا ۽ پنهنجن نوجوانن کي
انهن جي ٽريننگ ڏياري هئي (سنڌ کان ٻاهر موڪلي
به).
ٿوري ٿوري ڳالهه تي فساد ۽ خونريزي ڪرڻ جي لاءِ
تيار ٿي ويندا هئا
عدالتي
ڪاررواين جو ڄار پکيڙيو ويو هو، جنهن کي وڌائيندا
پئي ويا (وڪيل هنن جا، ماجسٽريٽ هنن جا، انگريز جي
حڪومت سندن پشت پناهه، پئسا هنن وٽ تنظيم هنن وٽ _
مطلب ته ڪنهن به
مسلمان قومي ڪارڪن کي ڦاسائڻ کان سواءِ ڪون ڇڏيو
هئائون) ڪيس سڀئي ڪوڙا هوندا هئا.
اخبار ۾ هاءِ گهوڙا ايتري ته ڪيائون جو سنڌ جي سڄي
مسلمان قوم رڳو چور، ڌاڙيل ۽ قاتل پئي نظر آئي.
مسلمانن جي مدد ڪرڻ
کان
خود مسلمان ٿي ڊنا.
هندن جي انهيءَ تحريڪ جو مرڪز سکر کي ڪيو ويو،
ڇاڪاڻ ته ان دؤر جا وڏا هندو ليڊر،
وڪيل، سرمائيدار، صحافي، سازشي ۽ فسادي سڀ اتي ئي
رهندا هئا،
هونئن به سکر اتر سنڌ جو اهم ضلع هو اتي جيڪو به
ٿيندو هو
ان جو اثر لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد تي به پوندو رهندو
هو.
مطلب ته اهو هو جنگ جو ميدان، جنهن کي اوچتو
(هڪ
جذبي
هيٺ) اسين ئي ڀائر ڇڏي گهر آيا هئا سون.
پر گهر ۾ ٿورن ڏينهن کان وڌيڪ رهيو نه ٿيو.
حسام
الدين۽ مون فيصلو ڪيو ته ”در بلا باش“ گرد بلا
مباش“ اسان کي واپس سکر هلي بخت کي آزمائڻ گهرجي.
ڪو خاص پروگرام اڳيان نه هو، فقط اهو جذبو هو ته
اتي هلي ڪو ڪم ڪجي. جهنگ ۾ بيڪار ۽ هٿ تي هٿ رکي
ويهڻ اجايو ٿيندو. جيتريقدر ڪم جو تعلق هو ته اسين
رڳو لکڻ پڙهڻ ۽ اخبار ڪڍڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن به
ڪم جا اهل نه هئاسون.
سکر
اچي اسان چار رپيا مهينو مسواڙ تي نارائڻ داس
موٽرن واري جي بلڊنگ ۾ هڪ ڪمرو ورتو. اها عمارت
ليوڪس پارڪ جي سامهون هئي ۽شايد اڃا تائين موجود
آهي.آئيندي بابت اڃا به اسان جو ذهن خالي هو. قدرت
ڏانهن ڏسڻ لڳاسون ته اسان جي لاءِ ڪهڙي واٽ ٿي
ڪڍي.
مسواڙ تي ورتل ان ڪمري
۾ فرنيچر جهڙي ڪابه شيءِ موجود نه هئي ۽ وري هجڻ
به نه کپندي هئي،ڇاڪاڻ ته اهو رهڻ جي لاءِ نه هو.
دڪان جي
لاءِ
ٺاهيو ويو هو. ان جي ويجهو ئي هڪ حجم جو دڪان هو
جيڪو اسان کي سڃاڻندو هو. هن اسان جي حال تي رحم
کائي پاڻ وٽان
هڪ کٽ ۽ ٻه ڪرسيون آڻي اتي رکيون. ايتري ۾ اسان جو
پراڻو نوڪر ڇوڪرو به اتي پهچي ويو. هن شام جو دڪان
جي اڳيان ۽ ليوڪس پارڪ جي ڪناري ڇنڪار ڪري کٽ ۽ ڪرسي
رکي اسان جي ويهڻ لاءِ جاءِ ڪئي. اهو عام رستو هو
جتان ماڻهن
پئي آيا ۽ ويا ۽ اسان کي ڏسندا رهيا. ڪلاڪ اڌ کان
پوءِ شهر ۾ خبر پکڙجي ويئي اسين واپس اچي ويا
آهيون. اسان جا گهڻا دوست هئا. سياست ۾ مسلمانن جي
پاران ڀرپور حصو وٺڻ جي ڪري قومي ڪارڪن به اسان کي
ڀائيندا هئا. اسان جي اچڻ جي خبر ٻڌندي ئي انهن
مان ڪيترا ماڻهو اتي اچي مڙيا. جيئن ته ويهڻ جو
بندو بست گهٽ هو، اسين سڀئي اتان اُٿي پارڪ جي لان
تي وڃي ويٺاسون. هاڻي اسان جا اهي دوست پڇڻ لڳا ته
اسن ڇا ٿا ڪرڻ گهرون؟ اسان جا ڪهڙا ارادا آهن؟ ڇا
پروگرام آهي؟ اسان وٽ اهڙي قسم جي ڪاشي ته هئي
ڪين، رڳو اهو پئي چيو سون ته ”پنهنجي اخبار ڪڍندا
سون.“
سوال؛ڪهڙيءَ
طرح؟
جواب؛
اها خبر ڪانهي.
پر اهي سڀ ايندڙ ڏينهن جا مسئلا هئا. بر وقت مسئلو
رات جي مانيءَ جو هو، جنهن جي لاءِ نه اسان وٽ ڪو
انتظام هو نه وري ايترا پئسا جو هوٽل ۾ وڃي
کائي
سگهون.
مون حسام الدين کي ساڌ ٻيلي اماڻيو ته اتان مفت
جون پوريون ۽ پرشاد وغيره وٺي اچ. ساڌ ٻيلو اڃا
موجود آهي. انهيءَ مندر جي پوڄارين جو لنگر هوندو
هو، جيڪو
24
ڪلاڪ
هلندو رهندو هو. سواءِ ڪنهن مت ڀيد جي سڀني ۾ پيا
ورهائيندا هئا. کاڌو ڏاڍو لذيذ هوندو هو.
گيهه سچو واپرائيندا هئا. سنڌ جي سماج ۾ ملاوت جو
مرض اڃا ڪونه پکڙيو هو. انهيءَ ڏينهن حسام الدين
نوڪر کي به پاڻ سان وٽ
وٺي ويو هو. ٻئي ڪيترو ئي کاڌو پاڻ سان کني آيا.
ٿورو ان وقت کاڌو ويو، باقي ٻئي ڏينهن جي لاءِ
رکيو سين. سڄو هفتو اهڙيءَ ريت گذريو، جيستائين
اسين ان پوزيشن ۾ آيا سين ته رڌ پچاءُ جو بندو بست
پاڻ وٽ ڪري سگهون. پوءِ به ڪفايت کان ڪم وٺڻو
پوندو هو، ڇاڪاڻ ته پئسن جي ڏاڍي کوٽ هئي. وڌ ۾ وڌ
هڪ رپيو روز خرچ ڪري ٿي سگهيا سون، پر ڪم نڪري
ويندو هو.
سکر
شهر جا مالدار ۽ هلنديءَ پڄنديءَ وارا مسلمان هڏ
ڏوکي ماڻهو ڪونه هئا. اهي شهرت جا بکيا ته برابر
هئا، پر قومي ڪمن تي هڪ پائي به خرچ ڪرڻ لاءِ تيا
نه ٿيندا هئا. البت غريب غربو انهن معاملن ۾ دل
کولي خرچ ڪرڻ کان ڪين ڪيٻائيندو هو. اسان اعلان
ڪيو هو ته جنهن ڏينهن اسان کي پنج سؤ خريدارن جا
نالا ۽ اڳواٽ چندو ملي ويندو،
ان کان هڪ هفتو پوءِ اسين اخبار ڪڍڻ شروع ڪندا
سون. انهن ڏينهن اتفاق سان هڪ ڏينهن اسان جو هڪ
دوست اتان لنگهيو. هو پاڻ جيڪب آباد جو رهاڪو هو ۽
هندن جو ستايل هو،قومي ڪمن ۾ به کيس چـڱي دلچسپي
هئي . اسان جي لکيل هر شيءِ پڙهندو هو. انهيءَ
ڏينهن اسان کي رستي تي ويٺل ڏسي هن ٽانگو جهليو ۽
هيٺ لهي اچي اسان سان مليو. دستور مطابق حال احوال
ڏنو ورتو سين. اسان هن کي ٻڌايو ته اسان پنهنجي
اخبار ڪڍڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سلسلي ۾
ٿورو گهڻو بندوبست ڪيو ويو آهي. هن ڪوبه جواب
ڪونه ڏنو، رڳو اسان جي ڳالهه ٻڌندو رهيو ۽ مرڪندو
رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ اٿي هليو ويو.
اڳئين ڏينهن صبح ٿيندي ئي هن جو هندو منشي اسان وٽ
پهچي ويو ۽ چوڻ لڳو ته سردار
صاحب
جي حڪم مطابق سندس طرفان هڪ پريس يعني مشين ۽
ڇپائيءَ جو ٻيو سامان خريد ڪري، اوهان جي حوالي
ڪرڻ آيو آهيان. انهيءَ ڏينهن اسان کي اڳواٽ اطلاع
ڪرڻ کان سواءِ اسان جو هڪ ٻيو دوست، جنهن پاڻ به
پريس پئي هلائي، پاڻ وٽان ڇاپڻ جي هڪ سيلينڊر مشين
ڪڍرائي اسان وٽ کڻي آيو ۽ پنهنجن مسترين جي هٿان
اتي هڻائڻ لڳو. هڪڙي ئي وقت الله
تعاليٰ
اسان جون سڀ مشڪلون آسان ڪري ڇڏيون. ٻن ٽن ڏينهن ۾
هڪ چڱي خاصي پريس
لڳي ويئي. حسام الدين ڊڪلئريشن وٺي آيو. اخبار جو
نالو ”ستارة سنڌ“
رکيو ويو. پهرين پهرين، هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڇپبي هئي.
وڌيڪ ڏهن ڏينهن اندر پنج سؤ جي بدران ست سؤ
خريدارن اڳواٽ ساليانو به موڪلي ڏنو.
هاڻي اخبار ڪڍي ويئي ۽ وڏي شان مان سان نڪتي. حسام
الدين ڪوشش وٺي
پهرئين پرچي ۾ هر قسم جي موضوع تي دلچسپ مواد ڪٺو
ڪري ڏنو. ادب ۽ تاريخ کان سواءِ سياسي اهميت جون
شيون به ڏنيون . مرحوم ۾ ٿوري جذباتيت هئي. کانئس
رهيو نه ٿيو ۽ هڪ ئي وقت ڪيترائي محاذ کولي ويٺو ۽
هر هڪ سان مقابلي ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺو.
مثال طور؛
هندو جن
جي
ظلمن جي ڪري مسلمان بيزار هئا.
نوڪر شاهي، جيڪا هندن سان گڏجي مسلمانن کي پيڙي
رهي هئي.
وڏيرا، جن جي ڏاڍ غريب مسلمان ڳوٺاڻن جي چيلهه ڀڃي
ڇڏي هئي.
ملان ۽ پير، جن کي هو سنڌ جي مسلمانن جي ذهني
جهالت جو ذميدار سمجهندو هو.
سنڌ
جي مسلمانن جا عيوضي، جيڪي بمبئي ڪائونسل ۾ وڃي
انگريزن ۽ هندن کي خوش ڪرڻ لاءِ مسلم مفاد سان
غداري ڪندا هئا.
هندو اخبارون، جيڪي سنڌي زبان کي خراب ڪري رهيون
هيون ۽ سنڌ جي تاريخ کي غلط طريقي سان پيش ڪري
رهيون هيون.
انگريز بهادر ۽ سندس سامراج،
جنهن
کان سڄي دنيا بيزار هئي.
مرحوم جي مرضي هئي ته بمبئي کا جدا ٿيڻ کان پوءِ
جيڪو سنڌ جو نئون صوبو ٺهڻ وارو هو، ان جي سماج کي
پوري ريت نون بنيادن تي مضبوط بنايو وڃي. اڳ جا
جيڪي دقيانوسي ادارا هئا ۽ جن جي ڪري سنڌ جي عوام
۾ جهالت پکڙيل هئي، انهن سڀني کي
هڪ ئي ڌڪ سان ختم ڪيو وڃي.
ان پاليسيءَ جو نتيجو هيءُ
نڪتو جو وقت جون
سموريون
طاقتون اسان جون دشمن ٿي پيون ۽ اها ڳالهه هلائڻ
لڳيون ته اسان جي صحافت جو مقصد رڳو ڀڃ ڊاهه ۽
تباهي آهي. حسام الدين سڄو وقت دفتر ۾ هوندو هو ۽
لکڻ پڙهڻ ۾ رڌل هوندو هو. ٻاهر
ماڻهن سان سندس ميل ملاقات ڪين هوندي هئي. ٻاهر جو
ڪم منهنجي ذمي هوندو هو. ستاره سنڌ جي
تکين
۽ تين
لکڻين جي ڪري جڏهن مون ڏٺو ته ڳالهه حد کان ٻاهر
نڪرندي ٿي وڃي، ته مون هڪ ”هدايت نامو“ لکي سندس
ڪمري ۾ ميز جي اڳيان ڀت تي ٽنگائي ڇڏيو. ان ۾ هيءَ
تلقين ڪيل هئي ته خبرداريءَ کان ڪم ورتو وڃي ۽ هڪ
ئي وقت ۾ هر طاقتور عنصر کي چئلنج نه ڏنو وڃي،
يعني صفائيءَ جو ڪم درجي بدرجي ٿيڻ گهرجي، وغيره
وغيره.
هڪڙي ڏينهن مون سندس ڪمري ۾ جهاتي پائي ڏٺو ته
منهنجي هدايت نامي جي هيٺان هيءُ شعر لکيل نظر
آيو؛
فيضي
از قافله ڪعبه روان بيرون نيست
اين قدرت هست که از ما قدمي درپيش لست.
ان کان پوءِ
مون وري پاليسيءَ جي موضوع تي ساڻس ڪابه ڇيڙ ڇاڙ
نه ڪئي. کيس آزاد ڇڏي ڏنم
ته
جيڪي وڻيس سو ڪري. البت ان جي ڪري جيتريون به
مصيبتون
اسان تي آيون، انهن کي اسان ٻئي خوشيءَ ۽ خاموشيءَ
سان ڀوڳيندا رهيا سون.
آءٌ
مٿي عرض ڪري چڪو آهيان ته هندن جو دستور هو (۽ ڪن
هلنديءَ وارن مسلمان امير ماڻهن جو به) ته اهي
پنهنجن مخالفن کي تنگ ڪرڻ جي لاءِ مٿن ڪوڙا ڪيس
ڪندا
هئا جنهن تي به ٿوري تنقيد ڪئي ويندي هئي اهو ان
کي پنهنجي بيعزتي سمجهي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪندو هو
اهو ورهين جا ورهيه پيو هلندو هوا هڙا ڪيس،
نه رڳو ايڊيٽرن جي خلاف ٿيندا هئا، پر پريس جي
سموري عملي کي (ڪمپوزيٽرن کان وٺي اخبار وڪڻڻ وارن
تائين) ان ۾ گهليو ويندو هو. اسان تي به هڪڙو ڪيس
ڪيو ويو، جيڪو ٽي سال هلندو رهيو ۽ انهن ٽن سالن ۾
نه رڳو فريادي ڌر جي صاحب بهادر کان آڏي پڇا ٿيندي
رهي. اها آڏي پڇا ڪل نوي ڪلاڪ هلي ۽ اڃا پوري
نه ٿي هئي ته انگريز ماجسٽريٽ حڪومت کي لکي موڪليو
ته انهيءَ آفيسر کان هڪدم استعفا وٺي کيس نوڪريءَ
مان موڪل ڏني وڃي، ڇو ته هن ايترو ته ڪن ڪيو
آهي
جو کيس وڌيڪ نوڪريءَ ۾ رکڻ سان سڄي انتظاميه
بدبودار ٿي ويندي.
آفيسر
ته هليو ويو ۽ ڪيس به ختم ٿي ويو، پر انهن ٽن
سالن
۾ اسان ٻنهين ڀائرن ڪيتريون صعوبتون سٺيون هونديون
۽ ڪيترو خرچ ڪيو هوندو، ان جو اندازو ڪرڻ ڏاڍو
مشڪل آهي. ان ڪيس جي سلسلي ۾ جدا جدا کاتن مان
گهرايل پنجويهه سؤ ڳرا فائيل ماجسٽريٽ سان گڏ
هلندا هئا. پاڻ گشت تي هوندو هو ته اهو سمورو دفتر
اُٺن تي کڻائي ويندو
هو. خود نوي ڪلاڪ جي آڏي پڇا (جيڪا اڃا اڻپوري
هئي) رڪارڊ پرفارمنس هئي. اها آڏي پڇا ڪنهن وڪيل
نه ڪئي هئي، پر مون پاڻ ڪئي هئي.
مطلب ته اهي هيون حالتون، جن ۾ حسام الدين مرحوم اخبار هلائيندو
رهيو ۽ پنهنجي اصولن کان پل لاءِ به پري نه ٿيو.
تڪليفون ضرور اينديون هيون، پر ٻوسٽ ۽ روحاني گهُٽ
جي ڪيفيت ڪڏهن به نه ٿي. ماڻهو جيڪي سچ سمجهندا
هئا، چئي ڏيندا هئا؛ جيڪي دل ۾ هوندو هئن، لکي
سگهندا هئا.
هر انساني سوسائٽيءَ جون ڪي خصوصيتون ٿينديون آهن. سنڌ بابت
اڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري هڪ انگريز مستشرق ۽ محقق
سر رچرڊ برٽن لکي ويو آهي ته اها
valley of sleeping souls
آهي . هتي جا ماڻهو ان وقت تائين ستا پيا هوندا
آهن، جيستائين ڪو ٿڏو نه لڳي.
مثال طور؛ هتي جا ماڻهو پنهنجي ملڪ جي تاريخ بابت ويهين صديءَ
جي شروعاتي پنجويهن ورهين تائين بي پرواهه ۽ ڪنهن
حد تائين بيخبر هئا. شمس العلماء مير زا قليچ بيگ
جي ڪوششن هوندي به انهن ۾ ڌرتيءَ جي هن حصي بابت
ڪو خاص فهم پيدا ٿي نه سگهيو هو. بي پرواهيءَ ۽
ذهني پستيءَ جي ان دؤر ۾ هزارين قلمي ڪتاب تباهه
ٿي ويا. ڪابه نئين تحقيق نه ٿي، ڪوبه اهم ڪتاب نه
لکيو ويو، ڪابه اهڙي لائبريري قائم نه ٿي جتي اهي
پراڻا قيمتي ڪتاب هڪ هنڌ گڏ ٿي سگهن. جيتوڻيڪ
فارسي ۽ عربيءَ جي اوچتو ختم ٿيڻ کان پوءِ هزارن
جي تعداد ۾ انهن ٻولين ۾ لکيل ڪتاب سڄي سنڌ ۾
پکڙيا پيا هئا. پر انهن جي اهميت کي محسوس ڪرڻ
وارو ۽ انهن کي تباهيءَ کان بچائڻ وارو ڪو به نه
هو.
خوشقسمتيءَ سان سن 1927ع ڌاري ڪي ڳالهيون ٿيون، جن سنڌ جي پڙهيل
لکيل ماڻهن کي جاڳائڻ جي لاءِ ٿڏي جو ڪم ڪيو.
مثال طور؛
موئن جو دڙو کليو جنهن هتي جي تاريخ جي قدامت بابت سڄي دنيا
جون اکيون کولي ڇڏيون.
هتي جي ڪن متعصب ۽ سر ڦريل هندن اخبارن ۽ رسالن جي
ذريعي سنڌي زبان ۽ سنڌ جي تاريخ سان هٿ چراند شروع
ڪئي. |