سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1983ع (1)

 

صفحو :22

شيرين خان                             (پرديس مان پچار)

 

آقاي راشدي

 

        پريس ۾ رهندڙ ڪو شخص جڏهن سالياني موڪل تي پنهنجي وطن واپس ورندو آهي، تڏهن تجربو هيءُ آهي ته يا ته منهنجي بيچيني هوندي آهي. يا وري خوشيءَ جو احساس خوشي ان ڪري جو مٽن مائٽن ۽ دوستن احبابن سان ملڻ جلڻ ٿيندو آهي ۽ بي چيني ۽ خوف ان ڪري ته متان ڪو ويجهو يا ڄاتل سڃاتل شخص هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو هجي! نقصان جو اهو احساس ان وقت ويتر تڪليف ڏيندڙ ٿيندو آهي، جڏهن اهڙو ڪو شخص پير راشدي يا آقاي راشدي جهڙو بيحد عزت ۽ احترام لائق انسان هوندو آهي، جنهن کي هڪ فارسي گو شخص جي حيثيت ۾ آءٌ انهن نالن سان ڄاڻندي هيس.

        سندس مرتبي جهڙن عالمن جي هر هنڌ کوٽ آهي ِ۽ خاص ڪري پاڪستان ۾ انسان ته ورلي لڀندا، جتي تحقيق جهڙي ڪارائتي ڪم ڏانهن تمام گهٽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو. آقاي راشدي وڏين خوبين جو مالڪ هو؛ هو هڪ ديانتدار دانشور هو ۽ سندس دل ۾ تاريخ ۽ ادب جي لاءِ تمام گهڻو پيار هو، ۽ جيتري قدر منهنجو تعلق آهي ته آءٌ چئي سگهان ٿي ته کيس فارسي ادب جي لاءِ ته وڏي عزت ۽ احترام هوندو هو- ۽ اهائي ڳالهه اسان ٻهين جي هڪجهڙي هئي، جيتوڻيڪ ان تمام وڏي عالم جي آڏو منهنجي حيثيت هڪ سيکڙاٽ کان وڌ نه هئي.

        آقاي راشدي تمام ٿورو ڳالهائيندو هو، کيس يقين هو ته ٿور ڪلامي ئي حاضر جوابيءَ جو روح آهي ۽ هڪ سچي عالم وانگر هو پنهنجا خيال فقط تڏهن ظاهر ڪندو هو، جڏهن انهن جي ضرورت هوندي هئي. حقيقت ۾ انسان ۽ علمي موضوعن بابت سندس گهري ڄاڻ ۽ علم جي ڪري پاڻ فضول ۽ اجاين ڳالهين کي برداشت نه ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته هو اهو تاثر ۽ بلڪل بجا تاثر ڏيندو هو ته سندس اوسي پاسي ڪوبه اهڙو شخص ڪونهي، جنهن سان ادبي مسئلن تي ڪو سنجيده بحث ڪري سگهي؛ تنهنڪري پنهنجن خيالن کي پاڻ تائين رکڻ ۾ ئي چڱائي سمجهندو هو.

        وطن کان پري آءٌ اڪثر ڪري ملڪ ۾ شين جي اڻاٺ هجڻ ۽ ملڪ جي قدرتي وسيلن جي ختم ٿيڻ بابت پڙهندي آهيان ته ڏاڍو ڏک ٿيندو اٿم. پر منهنجا حوصلا ان وقت خطا ٿي ويندا آهن، جڏهن عالمن، اديبن ۽ فنڪارن جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌندي آهيان. ڇاڪاڻ ته حالتون کڻي ڪيتريون به خراب ڇو نه هجن، پر روشن خياليءَ جي جستجوءَ جو گهٽجڻ خود زندگيءَ جي خوبي جو خاتمو آهي. آقائي راشديءَ جي تصنيفات جي خوبين ۽ خاصيتن جي ڪَٿَ ڪرڻ ته ڪنهن عالم جو ئي ڪم آهي، آءٌ ان سلسلي ۾ ته رڳو حيرت ۽ ڏک جو اظهار ڪندي، ڪن انهن ڳالهين کي ورجائينديس، جيڪي مون کي ياد آهن.

        ڊسمبر 1977ع ۾ علامه اقبال تي هڪ بين الاقوامي ڪانگريس لاهور ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ هو به شريڪ ٿيو هو. پوءِ جڏهن اوچتو کيس دل جي تڪليف ٿي هئي ته فڪر ۽ ڳڻتيءَ وچان،انهن ماڻهن جا مُنهن لهي ويا هئا، جيڪي سندس گهڻگهرا هئا. پر جڏهن خبر آئي ته پاڻ ان بيماريءَ مان چڙهي پار ٿيو آهي ته انهن ماڻهن سک جو ساهه کنيو. وري مون کي ياد اچي ٿو ته هڪ ادبي يا ثقافتي گڏجاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تي ڪنهن هڪ ڊنر ۾ مون هن کي ڏاڍي سٺيءَ ڪيفيت ۾ ڏٺو. ان موقعي تي ساڻس گفتگو ڪندي، سندس هڪ سوال جي جواب ۾ مون کيس ٻڌايو ته آءٌ سنڌي ادبي بورڊ جي لاءِ، سنڌي لوڪ ڪهاڻيون انگريزيءَ ۾ پئي ترجمو ڪريان. اهو ٻڌي کيس سچ پچ ته خوشي ٿي، پر هن پنهنجي مخصوص انداز ۾ وراڻيو ته جيڪڏهن توکي دائمي زندگي حاصل ڪرڻي آهي ته پوءِ توکي هڪ پراڻي فارسي مخطوطي جو ترجمو ڪرڻ گهرجي، جيڪو مون وٽ ٽجوڙيءَ ۾ محفوظ رکيو آهي. مون معافي وٺندي چيو ته انهيءَ ڪم ۾ آءٌ پنهنجو نور اجايو نچوئينديس. انهيءَ تي هن خوشمزاجيءَ مان مُرڪيو، پر هاڻي ان ڳالهه تي سوچيندي لڳيم ٿو ته جيتوڻيڪ اهو ڪم تمام ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ هو، پر مون پنهنجي زندگيءَ جو هڪ تمام سهڻو موقعو هٿان وڃائي ڇڏيو!

        گذريل پنجن ورهين ۾ پاڪستان کان ٻاهر رهندي آءٌ ساڻس فقط هڪ ڀيرو ملي سگهيس. مئي 1979ع ۾ جڏهن وطن آئي هيس، تڏهن هڪڙي صبح جو منهنجي ڀيڻ ۽ آءٌ گڏجي وٽس ويونسين. ان وقت پاڻ پنهنجي لکڻ پڙهڻ واري ڪمري ۾ ويٺو هو. اسان کي ڏسي هن کي ڏاڍي خوشي ٿي ته عجب به لڳو ۽ گهڻي دير تائين اسان سان ڳالهيون ڪندو رهيو. پوءِ اسان کائنس موڪلايو ۽ جلد ئي ٻيهر ملڻ جو انجام ڪيوسين، پر اهو انجام پورو ٿي نه سگهيو.

        پنهنجي وطن ڏانهن وڃڻ وقت، ٻاهرين ملڪ ۾، تڙ تڪڙ ۾ اسان کان اڪثر ڪري گهڻو ئي ڪي رهجي ويندو آهي. گذريل سال اپريل جو مهينو هو، جو ڪراچيءَ ۾ منهنجي پهچڻ کان ٿورو ئي پوءِ مون ساڻس وري ملاقات ڪرڻ جو پڪو پَهه ڪيو هو. پر ٻيءَ صبح ”ڊان“ جي پهرئين ئي صفحي تي سندس وفات جي خبر، منهنجي انهيءَ خواهش کي ڊانواڊول ڪري ڇڏيو ۽ آءٌ ٻئي هٿ مٿي تي ڏيئي ويهي رهيس! ساڻس عقيدت جي احترام ۾ ان وقت اهائي هڪ ڀوائتي ماٺ هئي، جيڪا آءٌ پيش ڪري ٿي سگهيس.

(ترجمو: مراد علي مرزا)

 

محمد ابراهيم جويو

 

حسام الدين راشدي – منهنجو دوست، منهنجو بزرگ

(1)

        پير حسام الدين راشدي منهنجو بزرگ، دوست ۽ ساٿي رهيو آهي. اسان جي سنگت لڳ ڀڳ پنجويهه سال پراڻي آهي. اسان سنگت شروع به ڪئي سواءِ ڪنهن ذاتي غرض جي، ۽ اها هيستائين قائم پڻ سواءِ ڪنهن شخصي غرض جي رهي آهي. بي غرض ساٿ،  بنا لوڀ ۽ لالچ جي ٻن يا چئن، پنجن يا اٺن ماڻهن جي هڪٻئي سان سنگت، هڪ عجيب نعمت آهي، جنهن لاءِ هو پنهنجي نصيب جا جيترا ٿورا مڃين اوترو چڱو. اڄوڪي ماحول ۾، جڏهن سواءِ غرض جي ڪوبه ڪنهن سان گهڙي گڏجي ويهڻ لاءِ تيار نه آهي، اهڙي دوستي، جنهن ۾ ڪابه ذاتي طمع وچ ۾ ڳنڍيندڙ نه هجي، اڻلڀ کڻي نه به هجي، پر هڪ بيمثل ۽ املهه دولت ضرور آهي.

        جڏهن مان چوان ٿو ته پير صاحب ۽ اسان جي سنگت بي غرض بنيادن تي قائم ٿي ۽ بي غرض نيتن سان هيستائين هلندي آئي آهي، تڏهن اهو منهنجو مطلب نه آهي ته اسان جي سنگت بي مقصد هئي ۽ بي مقصد آهي. اسان جو ساٿ، جو هيتري مدت ايترو پيار ڀريو، ڀروسي وارو ۽ ايتري ڪم وارو رهيو آهي، سو بلڪل اِنهيءَ ئي سبب، جو اُهو هڪ بامقصد ساٿ هو. اسين شروع ۾ هڪٻئي جي ويجهو به هڪ گڏيل مقصد سان آيا هئاسون، ۽ هيءَ پوري چوٿائي صديءَ جي مدت خالص انهيءَ ئي گڏيل مقصد جي پورائيءَ لاءِ پنهنجي سنگت هلائيندا ۽ قائم رکندا آيا آهيون.  ان مان اسان کي وڏا فائدا ٿيا آهن. ذاتي فائدا به ۽ ان مقصد جي پورائيءَ جي سلسلي جا پڻ، جيڪو اسان لاءِ هڪجهڙو قيمتي ۽ هڪجهڙو عزيز هو. ان مقصد جو سڌيءَ طرح، اسان جي ڪنهن محدود ذاتي غرض سان ڪو واسطو نه هو، جنهن مان مراد پئسي، عزت ۽ طاقت جي طلب ۽ حصول هجي، پر جيڪڏهن ماڻهوءَ جي دلي خواهش کي ئي هن جو غرض چئي سگهجي ٿو، ته پوءِ اسان جي سنگت جو اهو مقصد ئي اسان جو غرض هو ۽ ان غرض جي حصول لاءِ اسان گڏجي هيترو عرصو پاڻ پتوڙيو آهي. اسان جو اهو مقصد ۽ غرض هو سنڌ جي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي علم ۽ ادب جو واڌارو ۽ سڌارو.

        ٻي اسان جي سنگت جي خصوصيت هيءُ سمورو عرصو ائين رهي آهي ته اسان ڪڏهن به هڪٻئي سان ڪڙو نه ٻوليو آهي. اختلاف ٿيندا رهيا، گرما گرم بحث ٿيندا رهيا، هڪٻئي کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪندا رهياسون، پر هڪٻئي کي رنجائڻ ۽ ڏکوئڻ جي اسان ڪڏهن به نه نيت ڪئي، نه ڪوشش. اهو به فقط انهيءَ ڪري ممڪن ٿي سگهيو، جو هن سنگت مان، اسان مان ڪنهن کي ڪڏهن ذاتي فائدي وٺڻ جي سڌ دل ۾ نه آئي. اهڙيءَ بي غرض پر بامقصد سنگت جي قائم ٿيڻ ۽ هلندي رهڻ لاءِ به اسان پنهنجي قسمت جا ڪيڏا به هوند احسان مڃون ته اهي ٿورا چئبا. هڪ ڀيري سو پير صاحب کان مون کي ڏکاري ٿيڻ جو سبب مليو، پر ان ۾ به پير صاحب پنهنجي طبع جي فياضيءَ کان ڪم وٺندي، پاڻ اڳتي وک کڻي اهو ڏک ائين مٽائي ڇڏيو، جو ان کان پوءِ پاڻ وڌيڪ اسان جون دليون ڳنڍجي ويون. هڪڙي انگريزي شاعر چيو آهي:

“Oh! Blessings on the falling our,

That all the more endears,

When we fall out with those,

We love, we embrace with tears.”

”ان وڙهڻ تي رحمت هجي، جيڪو پيار کي وڌائي ٿو،

جي پنهنجن پيارن سان وڙهجي ٿو،

        جن سان دليون ڳنڍيل آهن،

ته ڳوڙها ڳاڙي، ڀاڪر وجهي، تن کي پرچائڻو ئي پوي ٿو.“

        ٽين پير صاحب ۽ اسان جي سنگت جي ڳالهه هيءَ آهي ته انهن ڳالهين جي سنگت نه پير  محبت جي ۽ پورهئي جي سنگت آهي. جڏهن پنجويهه سال اڳ سنڌي ادبي بورڊ جي ڪم لاءِ پاڻ ۾ گڏياسون، ان کان وٺي اڄ تائين اسان هڪٻئي کي پورهيو ڪندي ڏٺو آهي. گڏجي پورهئي بابت ڳالهيون ڪيون اٿئون ۽ گڏجي پورهيو ڪيو اٿئون. پير صاحب پورهيت اديب ۽ پورهيت عالم آهي. هن وقت تائين پاڻ ڏهاڪو هزار کن صفحا لکيا اٿن. 1955ع ڌاري جڏهن سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي عالمن جا فارسي مخطوطا ايڊٽ ڪرائي شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ انهن مان ڪن مخطوطن جي ايڊيٽنگ جو ڪم پير صاحب پنهنجي ذمي کنيو، تڏهن پير صاحب جن کي فارسي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ته ايندي هئي، پر فارسيءَ ۾ مضمون لکڻ ايترو ڪونه ايندو هون، انهيءَ ڪري پهريان ٻه يا ٽي مخطوطا جيڪي پاڻ ايڊٽ ڪيائون، تن جا مقدما پاڻ اردوءَ ۾ يا سنڌيءَ ۾ لکيائون. هڪ منزل تي اسان گڏجي ويهي فيصلو ڪيو ته فارسي مخطوطا  فارسيءَ ۾ ئي پوري جا پورا ايڊٽ ٿيڻ کپن. ان کان پوءِ پير صاحب فارسيءَ جي لکڻ تي جيڪا محنت ڪئي، تنهن جو ٻيو مثال مون وٽ ڪونهي جو ڏيئي سگهان. هڪدم پاڻ ايراني سفارتخاني وارن سان لاڳاپو قائم ڪري، انهن کي پنهنجي سنگت ۾ آڻي، وٽانئن ڪتاب، مخزنون ۽ اخبارون وٺي پڙهڻ، پنهنجون لکيتون انهن کي ڏيکارڻ، انهن سان فارسيءَ ۾ ڳالهائڻ، ايران مان فارسيءَ جا عالم اچن ته انهن سان محفلون ڪرڻ-- مطلب ته ائين ٻن- اڍائي سالن جي لڳاتار پورهئي سان پير صاحب فارسيءَ جي مضمون نويسيءَ ۽ انشا پردازيءَ تي اهو عبور حاصل ڪري ورتو، جو ان کان پوءِ پاڻ ويهارو کن فارسي ڪتاب، فارسي عبارت ۾، ايتري ته ادبي ۽ علمي معيار جا ايڊٽ ڪيائون، جو ان علمي تحقيق ۽ علمي پورهئي تي کين ايراني علم جي دنيا پنهنجي دلين ۾ جاءِ ڏني، ۽ اهو اعزاز * ڏنو، جنهن جهڙو هنن اڄ تائين اسان جي ملڪ مان ڪنهن کي نه ڏنو.

        پير صاحب ۽ اسان جي سنگت ائين پنهنجي گڏيل مقصد جي حصول لاءِ پوريءَ لگن سان پورهئي جي سنگت رهي آهي.  اسين ائين پنهنجي پنهنجي پورهئي  ۾ سدائين ايترا رڌل رهندا  هئاسين، جو پوءِ هڪٻئي کي ڪڏهن ڪڏهن ان کان ساهي پٽڻ جون صلاحون ڏيڻ شروع ڪيوسين. ان جا جواب به پوءِ هڪٻئي لاءِ ٺاهي ڇڏياسين. يعني هي ته ”پير صاحب، ڪهڙو ڪم هٿ ۾ اٿو؟“ جواب: ”ادا ڪهڙو ڪم! واندڪائي ئي واندڪائي آهي!“ ۽ هوڏانهن حقيقت هيءَ هجي، جو پير صاحب سڌو ميز تان اُٿي، ڇپائيءَ لاءِ مسودي جي ڪاپي تيار ڪري، ٿيلهي ۾ وجهيو، پاڻ سان کنيو آيو هوندو!

        چوٿين خاصيت پير صاحب ۽ اسان جي سنگت جي هيءَ رهي آهي ته اسان پورا پنجويهه سال هڪٻئي جي سنگت ۾ رهي، هڪٻئي جي ساراهه ڪئي آهي—هن منهنجي، مون هن جي، اسان سڀني گڏجي هڪٻئي جي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته لياقت وارا ماڻهو لازمي طرح، هڪٻئي سان نه ٺهندا آهن، بلڪ انهن جي هڪٻئي سان رقابت ۽ عداوت هوندي آهي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هڪٻئي جي ويجهي وڃڻ سان لائق ماڻهن جي هڪٻئي جي عيبن جي خبر پوي ٿي. تنهنڪري منجهن محبت ٽٽيو وڃي ۽ منجهن نفرتون پيدا ٿي پون ٿيون. ٻيا وري جڏهن ڪن ٻن- چئن لائق ماڻهن جي ڪا پڪي پختي سنگت ڏسندا آهن، ته ٽوڪبازيءَ وچان چوندا ته ”ادا، اهي سڀ رڳو منهن تي هڪٻئي جي خوشامد ٿا ڪن؛ پرپٺ اهي هڪٻئي جي گلائن ۾ پورا اٿو.“ ڪي ننڍيءَ دل ۽ مختصر لياقت وارا ماڻهو وري اهڙا آهن، جو رڳو انهيءَ ڪري انهن صالح ماڻهن جي سڀاڳيءَ سنگت تي پيا خار کائيندا، جو هو پاڻ ان سنگت ۾ شامل ٿي نه سگهيا هوندا ۽ ان کان الڳ رهجي ويا هوندا. پر ڇا به هجي، ڪن گُن ۽ ڌُن وارن ماڻهن جون سنگتون جيتريون پڪيون ۽ پختيون هجن، جيتريون گهڻيون هجن، ايترو چڱو- انهن لاءِ، انهن جي گُن ۽ ڌُن لاءِ، ۽ اُن سماج ۽ ملڪ لاءِ به، جنهن ۾ اهي موجود. اديبن جون، عالمن جون، فنڪارن جون× ۽ وطن دوستن جون سنگتون ۽ سڀائون جيتريون گهڻيون، جيتريون اثر واريون، جيتريون بي غرض ۽ بامقصد ۽ جيتريون پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ محو ۽ مگن ڪنهن معاشري ۾ هجن، اوترو اهو معاشرو معتبر ۽ متبرڪ چئي سگهجي ٿو.

        ڪلا ۽ ڏات جا ڌڻي پاڻ ۾ ڪٿي اچي گڏ ٿين، سنگت قائم ڪري، پنهنجي پنهنجي دلچسپ مقصد جي پورائيءَ لاءِ ڪم ۾ جنبي وڃن، ۽ ڪم ڪندي، هڪٻئي کي واهه واهه چوندا رهن، ان کان وڌيڪ ڪنهن سماج جو ٻيو ڪهڙو سڀاڳ ٿي سگهندو! جيڪڏهن ڪنهن ملڪ مان، ڪنهن سماج مان، ڪنهن شهر مان اهڙا سنگ بلڪل گم ٿي وڃن، ته اتي ڪنهن  جوتيوان، ڪنهن جولانيءَ جو گذارو هڪ مسافر جهڙو ئي وڃي ٿو رهي، جو ڪنهن مسافر خاني ۾ ٻه پهر بسيرو ڪري، پنهنجي راهه وٺي ويندو رهي.

        پير صاحب ۽ اسان جي سنگت اهڙي ئي هڪٻئي جي ساراهه ڪندڙ ساٿين جي سنگت هئي ۽ آهي. اسان جي سنگت ۾ رڳو پير صاحب ۽ آءٌ نه، پر ٻيا به ڪيئي لائق ۽ فائق، صالح ۽ سڄاڻ، ڌُني ۽ ڪلونت ساٿي گڏ رهيا، ۽ انهن سڀني گڏجي، پنهنجي هن غريب پياري ديس ۾ هڪڙي اهڙي بيغرض ۽ بامقصد، پيار ۽ پورهئي جي سنگت قائم ڪئي، جنهن تي پنهنجن توڙي پراون طرح طرح جا الزام هنيا ۽ اسان کي طرحين طرحين تڪليفون ڏنيون؛ پر اهو سڀ ڪجهه سهندي، سهائيندي، اسان جي سنگت پنهنجيءَ پر ۾ سنڌ جي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ادبي ۽ علمي واڌاري ۾ پنهنجو ڪم ڪندي رهي.

        پير صاحب جو هن سنگت ۾ اسان سان گڏ رهڻ-- اسان جي رهبرن مان هڪ رهبر جي حيثيت ۾ ۽ اسان جي ساٿيءَ جي حيثيت ۾-- اسان سڀني لاءِ وڏي مان شان جي ڳالهه آهي. اسان جون دليون هن اسان جي سڀاڳ تي خوشيءَ ۾ نٿيون ماپن.

        پير صاحب پورا پنجويهه سال شخصي طرح منهنجو محترم ۽ پيارو بزرگ، دوست ۽ ساٿي رهيو آهي. آءٌ کين سندن علمي حاصلات تي ۽ اڄ جنهن عزت ۽ اقبال جي پد تي، پنهنجي محنت ۽ لياقت سان پاڻ بيٺل آهن، ان لاءِ کين دلي مبارڪون ڏيان ٿو. آءٌ سندن اڳيان محبت ۽ عقيدت سان پنهنجو ڪنڌ جهڪايان ٿو.

(14 اپريل، 1974ع تي پير صاحب جي اعزاز ۾ تقريب جي

 موقعي تي تقرير: سماهي ”مهراڻ“ 1-1974)

 

(2)

        (پير صاحب جو) ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ اسان جي دور جو هڪ اهم ڪتاب آهي. گذريل تقريباَ ڏيڍ سئو سالن جو عرصو سنڌي معاشري لاءِ عربي ۽ فارسيءَ جي تهذيبي بالادستيءَ کان قدم بقدم آجائيءَ، ۽ اُن جي پنهنجي وجود، پنهنجي ذات، جي وڌندڙ شعور ۽ جوهر شناسيءَ جو عرصو رهيو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ عرصو، وري به، سنڌي معاشرو ڌارينءَ تهذيبي بالادستيءَ کان پوريءَ طرح آجو نه رهيو، پر هن ڀيري جنهن حڪمران تهذيب سان ان جو واسطو رهيو، اُها اڳئين زوال يافته ۽ پاروٿين بالادست تهذيبن جي ڀيٽ ۾ هڪ جدت پسند ۽ ڪشاده ذهن تهذيب هئي، ۽ انهيءَ ڪري اُن نه فقط پنهنجي تازه دم علم ۽ ادب جا دروازا سنڌي معاشري لاءِ کليل رکيا ۽ ائين پنهنجي سڄي جديد عالمي تجربي جي حاصلات کي استفادي لاءِ اُن جي آڏو آندو، پر اُن جي پنهنجي تهذيبي اظهار ۽ سماجي فروغ لاءِ اُن جي ٻوليءَ کي بنيادي ذريعو تسليم ڪرڻ سان اُن لاءِ علمي ۽ ادبي ميدانن ۾ ۽ پڻ زندگيءَ جي ٻئي هر شعبي ۾ اُن جي ذاتي اقبال منديءَ ۽ پاڻ ڀرائي جا موقعا پيدا ڪيا. اُن سلسلي ۾ پوءِ سنڌيءَ ۾، تعليمي زبان طور، وڏو تعداد خاص طرح جديد علمي ڪتابن جو تيار ٿيو؛ اعليٰ ادبي ڪتاب- شاعريءَ جا ۽ نثر جا- گڏ ٿيا، ڪيئي ترجما ٿيا، سنڌي رسم الخط وجود ۾ آيو، سنڌي ٽائيپ ايجاد ٿي ۽ ڇاپخانا قائم ٿيا، سنڌي ٽائيپ رائيٽر ٺهيو ۽ سنڌي شارٽ هئنڊ ايجاد ٿي، جُڳن کان لڪل ۽ وسري ويل قديم آثار ڳولي پنهنجا ڪيا ويا ۽ صدين کان محفوظ صدري روايتون دل جي ڪَنن سان ٻڌيون ويون ۽ اُنهن جي عظمت ۽ حڪمت کي ساهه سان سانڍيو ويو- ۽  ائين سنڌي معاشري پنهنجي پاڻ تي نگاهه وڌي، پنهنجي ماضيءَ کي ڄاڻڻ- ان تي خوش ٿيڻ ۽ پڻ شرمائڻ- شروع ڪيو، پنهنجي حال جو جائزو ورتو ۽ آئيندي جا خواب لڌا ۽ اهڙيءَ طرح تاريخ ۾ هڪ پاسي ان پنهنجي وٿُ ۽ ڪَٿَ ڪئي ۽ ٻئي پاسي دنيا جي قومن ۾ پنهنجي جڳهه تلاش ڪندي، پنهنجي لاءِ زندگيءَ جي ڪنهن نقش، ڪنهن ڍنگ، ڪنهن رخ جي مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. قومي خود آگهيءَ جي هن علمي، ادبي ۽ تحقيقي مهم ۾، ڪيترن پنهنجن ٻين لائق ۽ فائق هم قوم عالمن، اديبن ۽ محققن جي صف ۾ بيهي، هڪ منزل تي، راشدي برادران به پنهنجو ڀرپور حصو ادا ڪيو- ۽  اُن ۾ هن ڪتاب جي صاحب، اسان جي محترم دوست ۽ بزرگ، ميان حسام الدين، جي ستيا ۽ سر سيتائي، ثابت قدمي ۽ مستقل مزاجي ته اڄ به سنڌ جي علم، ادب ۽ تحقيق جي دنيا ۾ هڪ سِڌانت سروپ روشن مشعل شمارجي ٿي. هيءُ سندن ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، جنهن ۾ سندن عرق ريزيءَ جو جَسته جَسته ۽ ٽڙيل پکڙيل، پنجاهه سالن جي لاڳيتيءَ مدت جو پڪل ۽ پيش ڪيل ثمر (1930ع ۾ لکيل ”محمد عارف ’صنعت‘ شڪارپوري“ کان 1980ع ۾ لکيل ”ٺٽي ۾ تصنيف ۽ تاليف جو جائزو“ تائين) گڏ ڪيل اهي، سندن اُن لڳاتار ۽ اڻٿڪ فڪري ڪوشش جو هڪ پڌرو رڪارڊ آهي، ۽ اُن ۾ سنڌ جي اُن تقريباَ ڏيڍ سؤ سالن جي طويل خود آگهيءَ جي مهم جو عڪس به پڙهي سگهجي ٿو.

        تازو مون هڪ هنڌ پڙهيو ته بلغاريه ملڪ جي دارالحڪومت جي قومي نشانن واريءَ ڍال تي هيءُ قول اُڪريل آهي ته ”هيءَ (رياست) وڌي ٿي، وڏي ٿئي ٿي، پر پوڙهي ڪانه ٿي ٿئي.“ بعاريا جي رياست کي قائم ٿئي 1300 سال ٿيا ۽ هن سال اُن پنهنجو 13 سؤن سالگرهه ملهايو. دنيا جا ٻيا ڪيئي ملڪ ۽ اُنهن جون رياستون به شايد اهڙي ڪا دعوا ڪري سگهن ٿيون ۽ ڪن به ٿيون؛ پر سوال آهي ته جڏهن تاريخ جي عام فتوا، ۽ پڻ حقيقت، انهي ڳالهه جي اُبتڙ آهي، ته پوءِ اِها قومن ۽ رياستن جي ڪڏهن پوڙهي نه ٿيڻ جي دعوا ڇو ٿي ڪئي وڃي! اها به حقيقت آهي ته ”هر شيءِ وقت سان گڏ هلي ٿي، نه ته وقت اُن کي هلائي ڇڏي ٿو“، ۽ ڪيتريون رياستون ۽ قومون آهن، جي وقت سان گڏ نه هلڻ سبب، وقت جي هٿان ڌڪجي، رستي کان هٽي، کڏ ۾ ڪري، ختم ٿي وڃن ٿيون. ۽ هيڏانهن اسان جي سنڌ ۽ سنڌي تهذيب به اِها دعوا ڪري ٿي ته اُها، ڪي سو ته ڇا، ڪيئي هزار سال قديم آهي! ته ڇا سنڌ ۽ سنڌي تهذيب به وڏي آهي، وڏي ٿي آهي، پر پوڙهي نه ٿي آهي؟ ۽ واقعي، پوڙهپڻ کان پوءِ شين جو خاتمو به ته لازمي آهي! هڪڙي انگريزي شاعر جا لفظ، انهيءَ سلسلي ۾، مون پڙهيا، جيڪي ڏاڍا سوچڻ ۽ دل سان لائڻ جهڙا لفظ آهن. پنهنجي ملڪ انگلينڊ ۽ پنهنجي قوم انگريز بابت اهڙي ئي ”ڪڏهن پوڙهي نه ٿيڻ“ جي ڳالهه ڪندي، هُن دعوا ڪئي.

“The glory of my land is the secret of youth,

        To see at every sunrise, a new horizon….

        To make the voyage of history

Through a perpetual sea- spring.”

(”منهنجي ديس جي مهما، اُن جو جلال، اُن جي جوانيءَ جو راز آهي-

هر نئين سج، اُن جي نگاهه هڪ نئين اُفق تي پوي ٿي....

۽ تاريخ جي بحر تي اُن جو سفر،

بحر تي سدا موجود بسنت رُت ۾ جاري آهي.“)

        هيءَ نئين سج نئين اُفق تي نگاهه، هيءَ زندگيءَ جي سفر جو، سدا بهار جي ترنگ ۾، جاري رهڻ— واقعي وڌڻ ۽ وڏي ٿيڻ، پر پوڙهي نه ٿيڻ، جهڙي ڳالهه آهي؛ قومي خيال کان ۽ پڻ انفرادي خيال کان ائين آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي حالتن ۾ وقت سان اٽوٽ ناتو قائم رهي ٿو— قوم جو ته ائين آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي حالتن ۾ وقت سان اٽوٽ ناتو قائم رهي ٿو— قوم جو ته پڌري پٽ، پر فرد جو موت کان پوءِ روحاني (فڪري، ذهني، تهذيبي) ورثي سان ڀائيوار هئڻ جي صورت ۾- ۽ انهيءَ ئي انداز ۾ ساڳئي ملڪ بلغاريا جي خان اومرتاغ (814-1831) جو ڇڏيل پيغام اڄ به سمجهي سگهجي ٿو: ”حافظي کي موت تي فتح حاصل هئڻ کپي، انسان سٺي زندگي گذارڻ جي باوجود مري ٿو وڃي ۽ ٻيو انسان جنم ٿو وٺي --  پوءِ جي جنم وٺڻ واري کي اِهو ياد رکڻ کپي.“ پر هيءَ ”موت تي حافظي جي فتح“، هيءَ ”انسان جي سٺي زندگي“، هيءَ ”سدا موجود بسنت رت ۾“ اڳتي وڌندڙ زندگي، فقط ۽ فقط آزاديءَ جي زندگي يا آزاديءَ لاءِ جدوجهد جي زندگي ٿي سگهي ٿي، ڇو ته اُهائي پُراعتماد ۽ پُراميد زندگي آهي-- ۽ فرد جي توڙي قوم جي ”جوانيءَ جو راز“ به اهوئي آهي. ۽ ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته اُنهي سدا جوان (- اِنهيءَ ڪري، سدا حيات) زندگيءَ جي ڳولائن ۽ سيڪڙاتن لاءِ آزاديءَ جي سکيا. گهر ۾ سُرائتي سبق پرائڻ بلڪ سوريءَ سزاوار ٿيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو به ڪونهي- ڇو ته آزاديءَ يا آزاديءَ لاءِ قربان ٿي هڪ بيمار قوم جي روح کي اعتماد ۽ اميد سان آباد ڪري ٿي، آزادي ئي ان کي انهن سڀني آزارن مان ڇڏائي سگهي جن ۾ اُها هر وقت ڦاسندي ۽ سڄو وقت لڇندي ۽ ڦٿڪندي رهندي آهي- آزادي ئي آهي، جا غلام قوم جي سڀني سورن، سڀني آزارن جو پختو ۽ پورو علاج آهي. غلاميءَ ۾ قومون پنهنجن آزاد اديبن عالمن ۽ محققن کان محروم نه هونديون آهن، ۽ اُهي ئي هوندا آهن، جيڪي قوم جي اڄ جو رشتو اُن جي ڪالهه سان ڳنڍي، ائين ان جي حافظي کي جاڳائي، ان جي اجتماعي تشخص کي اُجاگر ڪندا آهن، آزاديءَ جي بشارت سان اُن ۾ نئون ساهه وجهندا آهن، ۽ ائين ان جي تاريخ لکندا آهن ۽ تاريخ بنائيندا به آهن.

        تاريخ کي، يعني وقت کي، حقيقتن کي قائم ڪرڻ ۽ بدلائڻ جي وڏي قوت آهي.، سماجي نقطي نگاهه کان، تاريخ يا وقت جي اها قوت انسانن کي استعمال ڪرڻي آهي ۽ انسان ئي استعمال ڪن ٿا. ابتدا کان اڄ تائين، انسان پنهنجي سڄي زندگي ۽ اُن جون حقيقتون  ائين وڌايون آهن، قائم ڪيون آهن ۽ بدلايون آهن ۽ ان لاءِ هن جي پنهنجي سوچ ۽ پنهنجي خيال ئي هن کي هر ڪرامت ۽ هر قدرت جو ڪم ڏنو آهي. خيال ئي آهي، جو تقدير جي انڌ ۽ پاڻ زورائيءَ خلاف سينو سپر ٿي بيهي ٿو ۽ ان کي بدلائي ٿو، قبضي ۾ رکي ٿو ۽ ڪم آڻي ٿو. هونئن ته تاريخ جا اڻ ڳڻيا ۽ انيڪ سبق آهن، جيڪي انسانن کي اُها سيکاري ٿي، ۽ ان جي سبقن جي اها ڪثرت ۽ انيڪتائي، هيڪر ته، ڪمزور ۽ تابع قوم کي منجهائي ۽ ملول ڪري ٿي ڇڏي.

گهنگهريا گهڻ ڄاڻ، موڙهي مُت مهائيين.....

پر تاريخ جو مطالعو، بهرحال، غلام قوم لاءِ بيحد اهم ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو ان کي هڪڙو سبق جو سبق- قومي ٻڌيءَ جو سبق- سيکاري ٿو، ۽ وڏي ڳالهه ته ان کي ان جو بنياد به مهيا ڪري ٿو ڏئي، جنهن بنياد جي ان کي گهڻي ضرورت هوندي آهي. محڪم ۽ وقت جي پاتار ۾ کُتل ڪو خيال ئي هوندو آهي، جيڪو خاص طرح ڌَڪيل انسانن، مردن ۽ عورتن، ۽ سڄين قومن، کي تختي جو، تُرهي جو، سالم ٻيڙي جو ڪم ڏيندو آهي، جنهن تي هر وقت ۽ حادثي جي آرَ تي ترندا آهن ۽ ان جي اجهاڳ وهه مان نڪري اڳتي ٿيندا آهن. اهڙو ڪو بنيادي ۽ وقتائتو خيال، اهڙي ڪا محڪم قومي شناس ۽ سمڪ به انهن کي سندن تاريخ جي مطالعي مان ملندي آهي- تاريخ، جنهن کي جڳ مشهور تاريخدان، ايڊورڊ گِبن، A great panorama of a people’s fate (”ڪنهن قوم جي تقدير جو وسيع مانڊاڻ“) ٿو سڏي- ۽ پوءِ هو اُهو ڪجهه ڪندا آهن، جو باندي انسان جي تاريخ جي هر دؤر ۾ ڪندا آيا آهن ۽ جيڪو باندي انسانن جو بنيادي ۽ جنمي حق آهي، جنهن کي آمريڪي شاعر، والٽ وِٽمئن ”او بغاوت جا ازل کان موجود مخفي حق!“ چئي، پاڻ ڏانهن، ۽ دنيا جي باندي انسانن جي واهر لاءِ، پڪاريو آهي.


× * 6 مارچ 1974ع تي ايران سرڪار سڄيءَ دنيا مان ايران شناسيءَ جي ڏهن چونڊ عالمن کي طهران يونيورسٽيءَ طرفان دعوت ڏيئي گهرايو، ۽ سندن فارسي ادب جي خدمت جي اعتراف طور کين ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڏني. اُنهن ڏهن چونڊ عالمن مان سنڌ جو محقق ۽ مؤرخ جناب حسام الدين راشدي به هڪ هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com