غلام رباني
سنڌ جي تاريخ جو محقق—پير حسام الدين راشدي
تاريخ ماضيءَ جي ڪارنامن جو دستاويز آهي. ڪابه قوم
پنهنجي ماضيءَ جو اعمالنامو مطالعي ڪرڻ کانسواءِ
اڳتي وڌي نٿي سگهي.
ماضيءَ جو حال سان ۽ حال جو مستقبل سان ايترو ته گهرو ۽
گهاٽو لاڳاپو آهي، جو اعتماد سان چئي سگهجي ٿو ته
قومن جي مستقبل جي عمارت ماضيءَ جي بنيادن تي
تعمير ٿئي ٿي.
اهو ئي سبب آهي جو زندهه قومون پنهنجي تاريخ جو ورق ورق
وري پڙهنديون رهنديون آهن.
پاڪستان جي ٻين پرڳڻن وانگر سنڌ جي تاريخ به هڪ اهڙو
اهم قومي دستاويز آهي، جنهن جي کوجنا ڪرڻ ۽ جنهن
جو وري وري مطالع ڪرڻ اسان جو قومي فرض آهي.
سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ کان اڳ واري دور جي تاريخ اڄ غالباَ
ڪٿي به موجود ڪونهي. ايتري به خبر ڪانهي ته انهيءَ
زماني ۾ ڪا تاريخ لکي به ويئي هئي يا نه. پر گمان
غالب آهي ته ضرور لکي به ويئي هوندي، ڇو ته سنڌ
انهيءَ اوائلي زماني ۾ به سکي ستابي هئي، منجهس
وسندڙ شهر ۽ راڄ هئا ۽ انهن کي لکڻ پڙهڻ جو هنر
ايندو هو. ٻڌ مذهب جي هڪ سنڌي وزير ٻڌيمان لاءِ
روايت آهي ته هن راجا جي هدايت تي، حڪمرانيءَ جي
فن بابت هڪ ڪتاب لکيو هو. پر منهنجي خيال موجب اها
روايت تصديق طلب آهي حقيقت اها آهي ته سنڌ زماني
جا جيڪي لاها چاڙها ڏٺا، تن ۾ بدقسمتيءَ سان ڪابه
تاريخي تحرير محفوظ رهي ڪانه سگهي.
خوش قسمتيءَ سان تاريخ نويسن عربن جي فتح کان پوءِ سنڌ
جو جن ڪتابن ۾ احوال لکيو آهي، سي زماني جي دست
وبرد کان محفوظ رهيا آهن ۽ اڄ اهي ئي ڪتاب عربن جي
فتح کان اڳ سنڌ جون حالتون معلوم ڪرڻ لاءِ اسان جي
معلومات جو مکيه ذريعو آهن مثلاَ چچ نامو، عربن
کان پوءِ سنڌ ۾ عرب تاريخ نويسن جي طرز تي تاريخ
لکڻ جو رواج پيو ۽ انهن اوائلي دورن جا اڪثر تاريخ
نويس به مسلمان ئي هئا. ”تاريخ طاهري“ ۽ ”بيگلار
نامو“ يا ان کان به پوين زمانن ۾ لکيل ڪتاب مثلا
”ترخان نامو“ ۽ ”لب تاريخ سنڌ“ به مسلمان تاريخ
نويسن جا لکيل آهن. اهڙيءَ ريت، تاريخ معصوميءَ جو
مصنف مير معصوم به اڪبر جي درٻار جو سنڌي مسلمان
امير هو. صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جو پهريون تاريخ نويس
غالباَ مير علي شير قانع هو ۽ سندس ”تاريخ تحفته
الڪرام“ کي سنڌ جي مڙني اوائلي تاريخي ماخذن ۾ سڀ
کان وڌيڪ معتبر ۽ مستند ڪتاب ڪوٺي سگهجي ٿو. پر
اهي ۽ سنڌ جي تاريخ جا ٻيا اهڙا قديمي ڪتاب، قيام
پاڪستان تائين گهڻي ڀاڱي قلمي نسخن جي صورت ۾
موجود هئا. علمي ذوق رکندڙ ڪن ورلي ماڻهن انهن کي
ڏٺو هو، ورنه اڪثر ماڻهن انهن جا رڳو نالا ٻڌا
هئا.
سن 1956ع جي اوائل ۾ حڪومت پاڪستان سنڌي ادبي بورڊ کي
مالي امداد ڏيئي آماده ڪيو ته سنڌ جي تاريخ جي مٿي
ذڪر ٿيل ڪتابن تي کوجنا ڪئي وڃي ۽ سنڌ جي اڳوڻن
عالمن ۽ فاضلن جا لکيل ٻيا اهڙا ڪتاب، جيڪي پڻ
زماني جي دست برد کان محفوظ رهي سگهيا هجن، تن کي
ڳولي محفوظ ڪجي ۽ بعد ۾ شايع ڪجي. قومي تاريخ ۽
ادبيات جي تعميرنو واري انهيءَ تجويز جو محرڪ، سنڌ
جو قابل فخر فرزند، پير حسام الدين راشدي هو ۽
انهيءَ ڪارخير ۾ سندس ٻيا ساٿي هئا: مرحوم ممتاز
حسن، تڏهوڪو مالي سيڪريٽري حڪومت پاڪستان، محترم
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ جناب محمد ابراهيم جويو.
انهيءَ زماني تائين مرحوم و مغفور مولوي دين محمد
وفائي، مولوي نور محمد نظاماڻي، شمس العلماء ميرزا
قليچ بيگ ۽ شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي سنڌ جي
تاريخ تي عالمانه انداز ۾ تحقيق جو آغاز ڪيو هو.
پر تاريخ جي عام طالب علمن جو تڪيو ڪلام اهو ئي
هوندو هو ته ”تحفته الڪرام جي صاحب هيئن لکيو آهي“
۽ ”لب تاريخ سنڌ واري“ هونئن لکيو آهي. ڪن انگريز
عملدارن مثلن جيمس پرنس، لينگلي، هينري پاٽنجر ۽
رچرڊ برٽن سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪيو هو ۽ ڪي
قابل توجه ڪتاب پڻ لکيا هئا، پر انهن تحريرن ۾ کين
پنهنجو مخصوص سامراجي مفاد مدنظرهوندو هو. صحيح
معنيٰ ۾ سنڌ جي تاريخ تي کوجنا 1956ع کان پوءِ
سنڌي ادبي بورڊ شروع ڪئي ۽ سنڌ جي عالمن مان محترم
پير حسام الدين راشدي، محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ،
جناب محمد ابراهيم جويي ۽ مولانا غلام مصطفيٰ
قاسمي انهيءَ علمي جستجو ۾ پيش رفت ڪئي. مون کي
ورهين جا ورهيه انهن عالمن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو
موقعو مليو آهي، ان ڪري مان ان حقيقت جو چشم ديد
گواهه آهيان ته هو ڪيئن پورهيتن وانگر پهرن جا پهر
پگهر جو پورهيو ڪندا هئا. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ قديم
علمي ۽ تهذيبي مرڪزن جا دورا ڪندا هئا ۽ انهن ۾
خانگي ڪتبخانن جو معائنو ڪندا هئا. سندن ڪوششن
وسيلي ئي سنڌ جي لائق ۽ فائق اڳوڻن عالمن جا صديون
اڳ لکيل تاريخي اهميت جا تقريبا ٽي چار سئو قلمي
ڪتاب ضايع ٿيڻ کان بچي ويا ۽ انهيءَ ذخيري مان اڃا
فقط ٽيهارو کن ڪتاب ئي عربي ۽ فارسيءَ ۾ شايع ٿيا
ته انگلنڊ، جرمني، فرانس، روس، آمريڪا، ايران،
افغانستان، عراق، انڊونيشيا، مليشيا ۽ هندستان جي
علمي مرڪزن مان انهن عالمن ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڏانهن
مبارڪون اچڻ لڳيون.
ڊاڪٽر انيمري شميل، چارلس آدمس ۽ سائمن ڊگبي جهڙا
مستشرق سنڌ جي علمي ورثي جي ساراهه ڪرڻ لڳا. مون
کي خيال ٿيو ته ائين ته ناهي ته هي مغربي مستشرق،
جن جي رتبي جي دنيا ۾ ڌاڪ ويٺل آهي، محض تاليف
قلوب جي جذبي هيٺ اسان جي پٺي ٺپي رهيا آهن. سو هڪ
ڀيري مون پير صاحب کان راءِ ورتي، پير صاحب چيو ته
اسان سنڌ جي تاريخ جا بنيادي ماخذ، هٿ ڪري، انهن
کي ڇاپي، سنڌ جي تاريخ تي کوجنا لاءِ ميدان تيار
ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اهو مستقبل جي تاريخ نويسن تي
ڇڏيل آهي ته هو ان مواد تي ڪم ڪن ۽ سنڌ جي تاريخ
لکن.
مرحوم پير صاحب خود پنهنجي زندگي سنڌ جي تاريخ جي کوجنا
۽ خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. چنانچه ورهين جا
ورهيه ميز جي اڳيان ڪرسيءَ تي نور نچوئڻ ۽ صحت جي
نيمن کي درگذر ڪرڻ جي نتيجي طور کيس 1958ع
صحيح معنيٰ ۾ سنڌ ۾ دل جو دؤرو پيو. انهيءَ سبب سان زخمي دل جي
بحاليءَ لاءِ پاڻ ٻه ٽي سال منيلا ۾ پنهنجي وڏي
ڀاءُ وٽ علاج لاءِ ويو. پر جيئن ئي پنهنجي جسماني
صحت جي خود اعتمادي بحال ٿيس ته وطن واپس اچڻ بعد
وري اچي پنهنجي ڪرت سان لڳو سندس چوڻ موجب کيس
ڊاڪٽرن جي منع هئي ته ٿڪائيندڙ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي ۽
ڏهين يارهين بجي صبح کان پوءِ اس ۾ نه نڪري. پر
حقيقي صورتحال ڪهڙي هئي، ان جو فقط هڪ مثال عرض
ڪريان ٿو.
هڪ ڏينهن پاڻ، سندس ڀائٽيو ڊاڪٽر شمن شاهه راشدي ۽ مان
ڪراچيءَ کان ٺٽي آياسين. تن ڏينهن ۾ پير صاحب کي
ٺٽي جي تاريخي جاگرافيءَ وارو تحقيقي مضمون لکڻو
هو، (جيڪو بعد ۾ مهراڻ ۾ شايع ٿيو). انهيءَ مضمون
لکڻ لاءِ کيس ٺٽي ۾ تاريخي اهميت وارا ڪي هنڌ ڏسڻا
هئا ۽ انهن جون تصويرون به ڪڍڻيون هيون. اسان صبح
جو سوير جمشيدروڊ واريءَ سندس رهائشگاهه تي گڏ
ٿياسين ۽ موٽر ۾ ٺٽي روانا ٿياسين. ڪلاڪ ڏيڍ سفر
بعد، مڪليءَ تي آثار قديمه کاتي جي ريسٽ هائوس ۾
اچي لٿاسين ۽ هٿ منهن ڌوئي ٺٽي شهر ۾ گهڙياسين. هڪ
سونهون ساڻ کنيوسين. ڪئميرائون، قلم ۽ ڪاغذ کڻي
شهر جي اتر، اوڀر، ڏکڻ ۽ اولهه ۾ ميلن جا ميل پنڌ
ئي پنڌ هلندا رهياسين. پير صاحب ۽ شمن فوٽن ڪڍڻ تي
۽ مان انهن جي فهرست مرتب ڪرڻ تي. شهر ۾ مختلف
قبيلن ۽ خانوادن جا پراڻا پاڙا ڳولي لهڻ ۽ انهن
جون تصويرون ڪڍڻ جي ٿڪائيندڙ ڪم پوري ٿيڻ بعد شهر
کان پري پري، مغلن جي زماني جي باغن ۽ واهن جا هنڌ
وڃي ڏٺاسين، پورچوگيزن جي باهه وارو هنڌ به
ڏٺوسين. مسجد دابگير جون تصويرون ڪڍيونسين، جنهن ۾
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عرب ۽ عجم جي طالب علمن کي
درس ڏيندو هو. خود مخدوم محمد صاحب رهائش گاهه
واري هنڌ تي به حاضري ڏنيسون. سندس پيڙهيءَ مان هڪ
عمر رسيده خاتون، جا انهيءَ زماني ۾ ستر پنجهتر
ورهين جي عمر ۾ هئي ۽ مقامي ماڻهن جي روايتن موجب،
سمورو وقت ورد ۽ وظائف ۾ گذاريندي هئي، ۽ اڪثر
اوقات نماز جي مصلي تي هوندي هئي، تنهن کي پيغام
موڪليوسين، جنهن بيبيءَ سڳوريءَ اسان جي حق ۾
دعاءِ خير گهري.
هڪ ٻين بجي منجهند تائين پنڌ ئي پنڌ، هلي هلي، جڏهن
پگهر ۾ شل ٿي وياسين، پيرن ۾ لڦون پئجي ويون ۽ ٺٽي
جي دسڙ ۽ مٽي نڪ جي ناسن ۾ ساهه کي گهٽڻ لڳي، تڏهن
وڃي پير صاحب ڪم بند ڪرڻ تي مجبور ٿيو.
ان ڏينهن، مون پنهنجي اکين سان، پير صاحب مرحوم کي جنهن
عشق ۽ عقيدت سان ٺٽي جي مٽيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ جا
ذرڙا ڳوليندي ڏٺو، تيئن وري ٻئي ڪنهن عالم کي ڪو
نه ڏٺو.
واپسيءَ تي مڪليءَ واري ريسٽ هائوس ۾ جڏهن اسان مان هر
هڪ مٽيءَ جا تهه ڪپڙن تان ڇنڊيا ۽ اهڙا ئي مٽيءَ
جا ٻيا چاپڙ غسل ڪري بدن تان ڌوئي لاٿا، تڏهن وڃي
سڃاڻڻ جهڙا تياسين. گهران آندل ماني کائي، ڪجهه
دير آرام ڪيوسين. غالباَ، ان کان پوءِ وري پير
صاحب کي مڪليءَ جي قبرستان ۾ گهڙڻ ۽ خاص طرح مخدوم
محمد هاشم واري پاسي ڪن تاريخي قبرن جون تصويرون
ڪڍڻ جو ارادو هو. پر کيس منيلا جي ڊاڪٽرن جون
هدايتون ۽ نصيحتون ياد اچي ويون، سو اهم ڪم وري
ٻئي موقعي لاءِ ملتوي ڪري، پوئتي موٽيو. سج لٿي
ڌاري اسان ڪراچي پهتاسين.
ننڍي هوندي ٻڌندا هئاسين ته مڪليءَ تي سوا لک پير پوريل
آهن. تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿيو ته مڪليءَ تي
پيرن سان گڏ سنڌ جا مير، امير ۽ مشاهير به موجود
آهن. قبرستان ۾ گهڙي ڪم ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه ڪانهي.
انسان جي روح تي هڪ قسم جو بار پوي ٿو، ان ڪري جن
ماڻهن پير صاحب جو ڪتاب ”مڪليءَ نامو“ پڙهيو
هوندو، فقط اهي ئي ان ڳالهه جو اندازو لڳائي
سگهندا، ته پير صاحب مڪليءَ ۾ ارغونن، ترخانن ۽
مغلن جي مقبرن ۾ سنڌ جي تاريخ جا منتشر اوراق گڏ
ڪرڻ ۾ ڪيڏو نه ڪشالو ڪڍيو هوندو!
سنڌ پنهنجي جغرافيائي صورتحال موجب برصغير جو حصو هئڻ
جي باوجود قديم زماني کان وٺي تاريخي سببن ڪري
شمال مغربي ملڪن سان وڌيڪ لاڳاپيل رهي آهي. خصوصاَ
عربن جي فتح ۽ اسلام جي اچڻ کان پوءِ سنڌ جو
سينٽرل ايشيا سان تمام گهرو گهاٽو تعلق رهيو آهي.
جيڪڏهن غور سان ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته اسان کي
دين اسلام بيشڪ عربستان مان مليو، پر اسلامي ڪلچر
سينٽرل ايشيا مان مليو، ان ڪري اسان جي رهڻي ڪهڻي،
اٿيءَ ويٺيءَ، کاڌي خوراڪ، رسم، رواج، زبان، ادب،
هنر ۽ ڪيترين ئي ڪاريگرين تي سينٽرل ايشيا جي ڪلچر
جي گهري ڇاپ آهي. غالبا اهو ئي سبب هو، جو سڄي
زندگي سنڌ جي تاريخ جو طالب علم رهڻ سببان پير
صاحب سنڌ جي تاريخ جا پيرا کڻندي، وڃي سينٽرل
ايشيا ۾ پهتو. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي نسب نامن،
تاريخ ۽ تذڪري جو مطالعو ڪيائين ۽ ان ۾ ايڏي ته
مهارت حاصل ڪيائين جو ايران جي اڳوڻي حڪومت ملڪ جو
سڀ کان اعليٰ اعزاز ”نشان سپاس، درجه اول“ ڏنو. ان
ريت پير صاحب ايران، افغانستان ۽ سنڌ جي قديم
تعلقات تي تاريخي کوجنا جو ڪم پڻ ڪيو.
ابن خلدون پنهنجي تاريخ جي مقدمي ۾ هڪ هنڌ چتاءُ ڏنو
آهي ته تاريخ نويس جو ڪم فقط اهو ڪونهي ته هو
اڳوڻن زمانن جي قومن ۽ انهن جي حالتن جي تاريخ
مرتب ڪري، پر پنهنجي زماني جي حالتن جي پڻ انهن
سان ڀيٽا ڪري ۽ نتيجا اخذ ڪري، ڇو ته وقت جي گذرڻ
سان حالتون به بدلبيون رهن ٿيون. چنانچه پير صاحب
سنڌ جي فاتح ارغونن، ترخانن ۽ مغلن فاتحن کي به
اخلاق جي معيار تي پرکيو آهي ۽ محض مسلمان هجڻ
سببان سلطان ۽ ظل سبحاني جا خطاب ڪو نه ڏنا آهن،
پر اڇي کي اڇو ۽ ڪاري کي ڪارو، ظالم، جابر ۽ غاصب
قرار ڏنو آهي چنانچه، پير صاحب جي تاريخ نويسيءَ
جي هڪ امتيازي خصوصيت اها آهي ته هن سنڌي قوميت جو
بنياد فراهم ڪيو آهي. سنڌ جي تاريخ جو ان طريقي
سان تشريح ڪرڻ سببان هو ڪجهه وقت ڪن حلقن جي عتاب
جو نشانو به بنيو، پر جتي کيس انهن حلقن جي عداوت
برداشت ڪرڻي پيئي، اتي ساڳين سببن ڪري کيس ٻين
حلقن جي تائيد، حمايت ۽ مقبوليت به حاصل ٿي. خاص
طرح سان سنڌي تعليم يافته نوجوان سندس سوچ، تحرير
۽ تاريخي واقعن جي تعبير جا شيدائي ٿي پيا. اهڙيءَ
ريت، پير صاحب پنهنجي تحقيق وسيلي هڪ ته سنڌ جي
تاريخ جي ڪيترن ئي لڪل بابن کي روشنيءَ ۾ آندو ۽
ٻيو ته ابن خلدون جي اصول موجب، تاريخ مان نتيجا
اخذ ڪري، پنهنجي فڪر کي متحرڪ قوت ۽ پنهنجيءَ
شخصيت کي سنڌ سان محبت جي علامت بنائي ڇڏيو. بيشڪ،
هڪ عالم ۽ مؤرخ جي حيثيت ۾ اهو پير صاحب جو وڏو
ڪمال هو!
مخدوم بلال رحمت الله عليه سنڌ جو هاڪارو عالم ۽ اهل
الله هو. سنڌ جي باڪمال شاعرن کيس سڪ سان ڳايو
آهي. صديون گذرڻ کان پوءِ به اڃا تائين سوين
هزارين ماڻهو سندس ابدي آرام گاهه تي حاضري ڏيڻ
ويندا آهن. اهڙو الله جو نيڪ ٻانهو به غاصبن ۽
حاسدن جي نظر جو نشانو ٿيو. جڏهن ارغونن جي مخالفت
ڪيائين، تڏهن سندس مخالفن، مذهب جي آڙ وٺي، کيس
گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪيو. حسد انساني فطرت آهي ۽
وڏو عذاب آهي. قرآن ڪريم ۾ انسان کي سيکاريو ويو
آهي ته پنهنجي رب کان دعا گهر ته توکي حاسد جي حسد
کان بچائي. پير صاحب جي حاسدن مٿس دين جي دشمنيءَ
جو الزام هنيو، پر جيڪي کيس ويجها هئا، تن کي
معلوم آهي ته هو خوف خدا رکندو هو ۽ نبي ڪريم تي
صلوات پڙهندو هو. نه رڳو ايترو، پر اوکيءَ ويل
مڪليءَ جي اوليائن ۽ قلندر شهباز جي درگاهه تي دعا
گهرڻ به ويندو هو.
هڪ ڀيري ڳالهين ڪندي هن مون کي چيو هو: ”رباني! چون ٿا
ته قيامت ڏينهن ماڻهوءَ کي وار کان سنهي ۽ ترار
کان تکي پلصراط تان لنگهي، پاڻ بچائي، بهشت ۾ پير
رکڻو آهي. پر حقيقت ۾ هن دنيا جي حياتي ئي پلصراط
آهي.“
اڄ پير صاحب اسان ۾ موجود ڪو نه آهي، پر مان ائين
سمجهان ٿو ته هو پلصراط تان پاڻ بچائي اڳتي اڪري
ويو آهي ۽ خدا جي حضور ۾ پنهنجو اڇو اجرو
اعمالنامو پيش ڪري بهشت برين ۾ داخل ٿيو آهي.
شال رب رحيم ڪريم جون مٿس بيشمار رحمتون هجن.
.....................
ڪيڏو ڏور هليو ويو ڏاهو!
مٽيءَ منجهه ملي ڪي ماڻهو ڇڏي وڃن ٿا واس،
جن جي سار ۾ سالن تائين سارو لوڪ اداس.
اڀ - ادب ۾ اڏندي وڇڙي ڪالهه قطاران ڪونج،
اڄ به انهيءَ جي ڪرڪي جي آ روهه روهه ۾ گونج.
هو جو ڪالهه هليو ويو آهه ڏاهو ڪيڏو ڏور
تنهن جون سارون، روز پڇارون، پل پل تنهن جو پور،
تاريخون ۽ تحقيقون، ڪي مڪليءَ جون قبرون،
”ڪالهه انهن کان وڇڙي ويو هو“، اخباري خبرون.
ڏات ڏاهپ جي آڏو آهي موت به خود مئل،
جسم حوالي قبرن جي پر علم ته آهه اٽل.
سڪ سچيءَ سان مڪليءَ تي آ پهتو پير حسام،
”شيخ صاحب“ سان هاڻ ڪچهريون ٿينديون صبح وشام.
”مڪلي نامو“ آهه اسان وٽ، مڪليءَ تي آ هو.
ڦهليل هن جي ڏاهپ جي آ نگر نگر خوشبوءَ.
”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ پڙهندا ماڻهو هن کان پوءِ،
جهر جهنگ هن جون يادون رهنديون لڇندي هن لئه لوءِ.
هن ڌرتيءَ جو دانشور آ صديءَ صديءَ جو سچ،
علم، ادب ۽ محبت وارو مچندو رهندو مچ.
جڳ ۾ جيڪو بڻبو سڀ لئه، ٿڌڙي ٿڌڙي ڇانءُ،
من من جي ڪاڳر تي لکيل، سوئي رهندو نانءُ.
- ادل سومرو
محمد امين بلوچ
.......... وايون وڻجارن جون
سنڌ جو عظيم مورخ، تاريخدان، عالم۽ اديب جناب پير حسام
الدين راشدي صاحب پهرين اپريل 1982ع تي اسان کان
جدا ٿي ويا. اهو ڏينهن سنڌ لاءِ هڪ عظيم سانحي طور
ياد ڪيو ويندو. پير صاحب هڪ عظيم شخصيت جو مالڪ
هو. ڳالهائڻ وقت سندس پياري وڻندڙ ۽ گنڀير آواز
مان سنڌ جي تاريخ جي عظمت ظاهر ٿيندي هئي. هو هڪ
وڏو تاريخدان هو ۽ خاص ڪري سنڌ جي تاريخ ۽ علم و
ادب تي سندن مطالعو تمام وسيع هو. اها سنڌواسين جي
وڏي خوش قسمتي هئي، جو پير صاحب سنڌ جي تاريخ ۽
علم و ادب تي سنڌ جي تاريخدانن عالمن ۽ اديبن کان
علاوه، مغربي ۽ مشرقي عالمن جيڪي ڪجهه لکيو، انهن
جو مطالعو ڪيو ۽ اهي ضخيم ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ
جهڙي اداري کان شايع ڪرايا. سنڌي ادبي بورڊ جي
وجود ۾ اچڻ کان پوءِ پير صاحب جن جي تحقيقي ڪشالن
جو باضابطه دؤر شروع ٿئي ٿو.
پير صاحب جن شروع کان وٺي ڪافي سالن تائين مسلسل سنڌي
ادبي بورڊ جا ميمبر پڻ رهيا هئا، سندن ۽ ٻين ساٿين
جي نيڪ مشورن سان بهترين علمي، ادبي ۽ تاريخي ڪتاب
شايع ڪرڻ ڪري هي ادارو سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويو.
آءٌ سال 1958ع کان وٺي هن اداري سان وابسته آهيان. ان
وقت سنڌي ادبي بورڊ جي مرڪزي آفيس ڪراچي ۾ هوندي
هئي ۽ بورڊ جون ڪاروباري ميٽنگون پڻ ڪراچيءَ ۾
ٿينديون هيون. ان وقت بورڊ جو سيڪريٽري جناب محمد
ابراهيم جويو هو، جنهن صاحب جي دلچسپي، محنت ۽
ڪوشش سان پير صاحب جن جا لکيل ۽ ايڊٽ ڪيل ايڏا
وڏا ۽ ضخيم ڪتاب شايع ٿيڻ لڳا هئا. جيئن ته انهن
مان گهڻا ڪتاب اصل فارسي زبان ۾ هئا، ان ڪري بورڊ
جي فيصلي مطابق فارسي زبان ۾ شايع ٿيا، مگر سنڌ جي
ماڻهن جي اڪثريت جي تقاضا اها هئي ته اهي سنڌي
زبان ۾ ترجمو ٿي شايع ٿين، جيئن عام ماڻهو به انهن
ڪتابن کي پڙهي ۽ سمجهي سگهي ۽ انهن مان فائدو حاصل
ڪري سگهي. ان لحاظ سان بورڊ انهن مان ڪن مکيه
ڪتابن جا ترجما پڻ ڪرايا ۽ انهن مان هڪ ڪتاب
”تاريخ مظهر شاهجهاني“ سنڌيءَ ۾ شايع ٿيو، جو
وڏيءَ مقبوليت سبب هٿو هٿ ختم ٿي ويو.
پير صاحب جن نهايت گهڻي محنت ۽ ڪوشش سان سنڌ جي تاريخي
ڪتابن کي ايڊٽ ڪري مٿن عالمانه مقدما لکيا، جنهن
ڪري اهي ڪتاب عوام ۾ وڌيڪ مقبول ٿيڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته
اهي ڪتاب، جنهن به دؤر ۾ لکيا ويا هئا، ته ان دؤر
جي سموري تاريخ کان پڙهندڙن کي واقف ڪرايو ويو هو.
پير صاحب جن جي ايڊٽ ڪيل ڪتابن مان تاريخ مظهر
شاهجهاني، مڪلي نامو، مقالات الشعراءَ، تڪمله
مقالات الشعراءَ، منشورالوصيت، مثنوي چنيسرنامه،
مثنوي مظهر الاثار، تاريخ تازه نواءِ معارڪ، ترخان
نامو، حديقته الاولياءَ، تحفته الڪرام فارسي،
تذڪره مشاهير سنڌ روضته السلاطين وغيره پڙهندڙن کي
تمام گهڻو پسند پيا.
پير صاحب جن فارسي ڪتابن جي ايڊٽنگ کان علاوه متعدد
طبعزاد ڪتاب لکيا، جن مان بورڊ هيٺيان ڪتاب شايع
ڪرايا آهن: تذڪره امير خاني، هو ڏوٿي هو ڏينهن،
مير معصوم بکري جهڙا ڪتاب مشهور آهن، جي سالن جي
محنت ۽ اڻٿڪ ڪوششن بعد مڪمل ٿيا آهن.
ان کان علاوه پير صاحب جن ڪيترائي تحقيقي مقالا پڻ لکيا
آهن، جن مان ڪجهه ٽماهي رسالي مهراڻ ۾ شايع ٿيا
آهن، جي هر لحاظ سان تمام اهم ۽ شاهڪار آهن، جن
مان خاص ڪري سنڌ جي تاريخ جا ماخذ، ٺٽي جي آڳاٽي
جاگرافي ۽ ٺٽي ۾ تصنيف تاليف مشهور مضمون آهن.
مون وٽ بورڊ جي بڪ اسٽال تي جڏهين به ماڻهو ڪتاب خريد
ڪرڻ اچن ٿا ته اهي پير صاحب جي لکيل ۽ ايڊٽ ڪيل
تاريخي ڪتابن جي تمام گهڻي تعريف ڪن ٿا ۽ پير صاحب
جي خذمتن تي داد ڏيندا رهندا آهن. تاريخي ڪتاب
ايترو ته ماڻهن کي پسند پيا، جو انهن مان گهڻا
ڪتاب ته اسان وٽ بلڪل ختم ٿي ويا آهن.
افغانستان جو هڪ مشهور ڪتابن جو واپاري عبدالغني قنڌاري
گهڻو ڪري هر سال اسان وٽ ايندو هو ۽ پير صاحب جي
ايڊٽ ڪيل فارسي ڪتابن جو چڱو تعداد اسان کان خريد
ڪري افغانستان، ايران ۽ ٻين ملڪن ڏانهن موڪليندو
هو. ان کان علاوه اسان کي ايران، هندستان ۽ ڪن ٻين
ملڪن جي ماڻهن ۽ لئبررين طرفان پڻ پير صاحب جي
ڪتابن لاءِ آرڊر ايندا رهن ٿا، جن کي اسان
موڪليندا رهندا آهيون.
پير صاحب جن علمي ۽ ادبي وفدن سان دنيا جي ڪيترن ئي
ملڪن جو مختلف حيثيتن سان سفرڪيو هو ۽ بين
الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي هئي،
جن ۾ ايران، عراق، افغانستان، روس ۽ چين وغيره ملڪ
شامل آهن. پير صاحب جن جي علمي ادبي خذمتن جو قدر
ڪندي، حڪومت پاڪستان ۽ ايران سرڪار طرفان کين
اعليٰ ادبي اعزاز ڏنا ويا. پاڻ جڏهين به ٻاهرين
ملڪن ڏانهن ويا ته انهن ملڪن جي وڏين وڏين لئبررين
مان سنڌ جي تاريخ تي لکيل ڪتابن ۽ مواد جي ڳولا
ڪندا هئا، پوءِ اهي سنڌي عالمن جا لکيل هجن يا
مغربي اسڪالرن جا لکيل هجن، اتان جيڪي به ڪم جون
شيون کين مليون ته اهي مائڪرو فلم جي صورت ۾ يا
فوٽو اسٽيٽ ڪاپين جي صورت ۾ کڻي آيا ۽ انهن جا
حوالا پنهنجن ڪتابن ۾ ڄاڻايا اٿن.
پير صاحب جن جو اهو ڪارنامو وسارڻ جهڙو نه آهي، جو
فلپائينس ۾ ڪجهه عرصو رهڻ دوران جرمنيءَ جي جڳ
مشهور عالم خاتون ڊاڪٽر ائنيمري شمل کي سنڌي پڙهڻ
تي آماده ڪيائون ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ايتري ته رهبري
ڪيائون، جو هوءَ سنڌيءَ ۾ خط لکي سگهي ۽ اهي سندس
هٿ اکر لکيل خط ڪافي عرصو اڳ سنڌي ادبي بورڊ جي
ٻارن لاءِ ماهوار رسالي ”گل ڦل“ ۽ ٽماهي ”مهراڻ“ ۾
ڇپيا هئا. ان بعد ڊاڪٽر شمل سنڌي ادب جو وڌيڪ
مطالعو ۽ سنڌ جي صوفي شاعرن ۽ بزرگن تي تحقيقات
ڪئي.
ٻاهرين دنيا توڙي پاڪستان ۾ پير صاحب جن سنڌي ادبي بورڊ
جي اسڪالر طور سڃاتا ويندا هئا، ان ڪري ٻاهرين
ملڪن مان جيڪي به علمي ۽ ادبي وفد ايندا هئا يا ڪي
مفڪر، فيلسوف، تاريخدان، وڏا وڏا عالم ۽ اديب
پاڪستان ايندا هئا ته ڪوشش ڪري هن اداري کي ڏسڻ
ضرور ايندا هئا ۽ هن اداري جي ڪم کان تمام گهڻو
متاثر ٿيندا هئا.
پير صاحب جن جي طبيعت نهايت وڻندڙ ۽ خوش مزاج هئي.
ڪڏهين ڪڏهين ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڪنهن تي محبت
آميز ٽوڪ به هڻندا هئا، مگر ڪڏهن به ڪنهن سان کهرو
نه ڳالهايائون. خاص ڪري اسان اسٽاف وارن سان تمام
سهڻي نموني پيش ايندا هئا ۽ اسان جا ڪي مسئلا
هوندا هئا ته بورڊ جي ميٽنگن ۾ سندن همدرديون اسان
سان هونديون هيون.
پاڻ پاڪستان جي ڪيترن ئي اردو ادارن سان تعلق ۾ هئا ۽
سندن روح روان رهيا. ان لحاظ سان 1962----1963ع
ڌاري ڪجهه عرصو مرڪزي اردو بورڊ لاهور سان وابسته
هئا ۽ لاهور ۾ رهندا هئا. انهن ڏينهن ۾ مغربي
پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي آفيس لاهور ۾ هئي. ون
يونٽ جو دور هو. ان وقت بورڊ جو سيڪريٽري سائين
ميران محمد شاهه هو. درسي ڪتابن جي وڪري جي انگ
اکر ڏيکارڻ لاءِ آفيس طرفان مون کي لاهور موڪليو
ويو هو. آءٌ لاهور ۾ پهريون ڀيرو ويو هوس، ڊسمبر
جو مهينو هو ۽ سخت سردي هئي. لاهور جي سردي ۽ گرمي
مشهور آهي. لاهور ۾ مون پير صاحب جن سان ملڻ خاطر
گلبرگ جهڙي وسيع آبادي واري علائقي ۾، جتي رڳو
بنگلا ئي بنگلا آهن ۽ هر هڪ بنگلو هڪٻئي کان وڌيڪ
سهڻو ۽ خوبصورت آهي، جتي صرف وڏا ماڻهو ۽
سرمائيدار رهن ٿا، ان گنجان آبادي واري علائقي ۾
تمام وڏي مشڪل ۽ ڪوشش سان، ٽيڪسين جي مدد سان، مون
سندن بنگلو هٿ ڪيو هو، جيڪو پير صاحب جن مسواڙ تي
ورتو هو. پاڻ ان وقت موجود نه هئا ۽ ڪنهن تقريب ۾
ويل هئا. جڏهين ڪجهه وقت بعد آيا ته تمام سٺي
نموني سان مليا. حيدرآباد جي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي
اسٽاف کان علاوه ٻين يارن دوستن جي خير عافيت ۽
خبرون چارون پڇيائون. پوءِ ماني ۽ رهڻ جي صلاح
ڪيائون، مگر آءٌ جيئن ته لاهور ۾ ئي هوٽل ۾ ترسيل
هوس، تنهن ڪري مون کانئن معذرت ورتي. پاڻ سخت
سرديءَ جي ڪري نوڪر کي آتشدان ٻارڻ لاءِ چيائون،
جيئن ڪمرو گرم رهي. بهرحال ڪجهه وقت اتي ويهڻ بعد
آءٌ کانئن اجازت وٺي، واپس هوٽل تي آيو هوس ۽ پاڻ
حيدرآباد جي سنگت ساٿ لاءِ سلام چيائون.
ڪراچيءَ ۾ جڏهن آءٌ سندن جمشيد روڊ واري بنگلي تي ويو
هوس، ته سندن لئبريري ڏسي حيران ٿي ويو هوس، اهو
هڪ وڏو هال هو، جو فرش کان ڇت تائين چئني طرفن کان
ديوارن ۾ لڳل تختن ۽ ڪٻٽن ۾ ڪتابن سان ڀريل هو ۽
جڏهن به وڃبو هو ته پير صاحب لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ مشغول
هوندو هو.
پير صاحب هڪ بيباڪ شخص هو. ڪڏهن ڪن ادبي محفلن ۾ جڏهن
هو ڳالهائيندو هو يا ڪنهن تقريب ۾ صدارتي تقرير
ڪندو هو ته هو ڪنهن کان به ڪو نه مڙندو هو، جيڪي
ڪجهه سچ هن کي محسوس ٿيندو هو، هو چئي ڏيندو هو.
پير صاحب جن کي سنڌ سان ڏاڍو پيار هو ۽ هو سدائين سنڌ
کي سرسبز ۽ سنڌ ۾ رهڻ واري کي سدائين خوشحال ڏسڻ
چاهيندو هو، ان ڪري نوجوان نسل جي ان بابت هر طرح
سان همت افزائي، رهبري ۽ رهنمائي پڻ ڪندو هو. |