2- يادگيريون
هو ڏوٿي هو ڏينهن: هن ڪتاب ۾ پير صاحب ماضيءَ جا واقعات ۽ ذاتي
تاثرات بيان ڪيا آهن. پير صاحب منيلا ۾ هو، ته کيس
محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو 30 جنوري 1960ع
تي ڊاڪا مان لکيل خط 5 فيبروري تي منيلا ۾ مليو.
ان ۾ لاڙڪاڻي جي بلند پايه شاعر نواز علي نياز جي
وفات جي خبر هئي. ان کان متاثر ٿي پير صاحب ان دور
جا حالات، ذاتي مشاهدا ۽ تاثرات لکيا، ۽ ان دور جي
لاڙڪاڻي جي ادبي ڪچهرين ۽ مشاعرن جو ذڪر ڪيو.
اهڙيءَ طرح هي ڪتاب وجود ۾ آيو، جيڪو سنڌي ادبي
بورڊ 1977ع ۾ شايع ڪيو. پير صاحب سموريون حقيقتون
نهايت سچائي، خلوص ۽ ديانتداريءَ سان ۽ حقيقت
پسندانه نوع ۾ لکيون آهن. عبارت ۾ وڏو اثر ۽ رواني
آهي، ۽ پڙهڻ سان سمورا واقعا ۽ نظارا اکين آڏو
اچيو وڃن. لاڙڪاڻي بابت ڪهڙو نه صحيح لکيو اٿس:
”جنهن دور جو ”نياز“ نمائندو هو، انهيءَ دور ۾ لاڙڪاڻو سڄيءَ
سنڌ ۾ برک هو. اهوئي زمانو هو، جو لاڙڪاڻي کي
”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ چيو ويو ۽ اهو به مشهور آهي
ته ”هجيئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو“.
”“لاڙڪاڻي ۾ سنڌي زبان جي ادب ۽ شعر و سخن جو به ڏاڍو چرچو
هوندو هو. گويا ان وقت، جيستائين مسلمانن جو تعلق
آهي، لاڙڪاڻي کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي. سانگي، گدا
۽ قليچ جي دور ۾ اهو شرف حيدرآباد کي هو، اتي اهو
چهچٽو هو. جڏهن اُتي مجلسان منتشر ٿيون ۽ جڏهن اها
راند ڦٽي، تڏهن لاڙڪاڻي جو وارو وريو. حيدرآباد تي
جنهن وقت اها خزان آئي، ان وقت لاڙڪاڻي ۾ ادبي
بهار جي آمد ٿي. سنڌي ادب ۽ سنڌ جي ادبي تحريڪن جو
سمورو معاملو ۽ مرڪز لاڙڪاڻي منتقل ٿي ويو.“
3- مقدما، تعليقات ۽ حواشي
مٿي ذڪر اچي چڪو آهي، ته پير صاحب جيڪي ڪتاب ايڊٽ ڪيا
آهن، انهن جي شروع ۾ مفصل مقدما لکيا اٿس، ۽ انهن
تي مفيد حاشيا ۽ تعليقات لکيا اٿس. خاص طرح سان
مڪلي نامه جي حواشي ۽ حديقة الاولياء جو مقدمو
قابل ذڪر آهن؛ جن ۾ سنڌ جي تاريخ بابت ڪيترو ئي
قيمتي مواد آندو ويو آهي. ان کان سواءِ منشور
الوصيت جي ضميمن ۾ ڪلهوڙن جي دور بابت ڪيترو ئي
نئون مواد هڪ هنڌ جمع ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي تاريخي ڪتابن کان سواءِ پير صاحب ڪن ٻين تاريخي
ڪتابن ۽ تذڪرن جا مقدما ۽ حاشيا به لکيا آهن،
جهڙوڪ: تذڪره شعراء ڪشمير، سيرالعارفين وغيره.
سيرالعارفين: هي ڪتاب حامد بن فضل الله جمالي دهلوي جو
لکيل آهي، ۽ منجهس بزرگن جو احوال آيل آهي. ان جو
اردو ترجمو ڊاڪٽر محمد ايوب قادري ڪيو آهي، ۽ ان
جو اردو مقدمو پير صاحب لکيو آهي. مقدمو 110 صفحن
تي مشتمل آهي، ۽ پنهنجي ليکي جداگانه تصنيف جي
حيثيت رکي ٿو. ان ۾ جمالي دهلويءَ جي حياتيءَ جو
احوال تفصيل سان ڏنو اٿس، سندس سير و سفر جو احوال
بيان ڪيو اٿس، ۽ ان جي علمي خدمتن تي روشني وڌي
اٿس.، جماليءَ جي سير و سفر جو احوال بيان ڪندي،
سنڌ جو احوال هن طرح آندو اٿس:
”شيخ جمالي ملتان کان هلي سنڌ پهتور ستي ۾ يقيناَ اچ ۽
ٻين تاريخي جاين تان لنگهيو هوندو. اچ ۾ جلال
جهانيان جهان گشت ۽ ٻين بزرگن جي مقبرن جي زيارت
ڪئي هوندائين. بکر جي تاريخي شهر مان لنگهيو هوندو
۽ دادو ضلعي ۾ پهتو هوندو، جتي جي ٻن ٽن شهرن جو
ذڪر ڪيو اٿس.“
ريل: انهيءَ تاريخي شهر ۾ سندس ملاقات هڪ باڪمال ۽ ڪشف
۽ ڪرامات جي صاحب جي خاندان سان ٿي. هي خاندان شيخ
الاسلام بهاؤالدين جو مريد هو.
بحري: سيوستان جي پسگردائيءَ ۾ هڪ ڳوٺ جو نالو ”بحري“
لکيو اٿس، جتي سندس ملاقات ان وقت جي وڏي بزرگ
مخدوم بلاول سان ٿي. ان وقت مخدوم صاحب تصوف جو
ڪتاب عوارف المعارف پڙهي رهيو هو. ان ڳوٺ ۾ سندس
ملاقات هڪ ٻئي بزرگ حاجي آرام سان ٿي. ان کي پلاءَ
جو شوق هو، انهيءَ ڪري هن ڳئن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ پاليا
هئا، جيڪي سواءِ ڪنهن ڌنار جي جهنگ ۾ چرندا رهندا
هئا. ڪڏهن به ڪنهن ڌڻ مان چوري نه ڪئي. حاجي آرام،
جماليءَ جي ڏاڍي مهمان نوازي ڪئي ۽ پلاءَ به رڌي
کارايائينس. (ص 90)
4- مقالا ۽ مضمون
پير صاحب وقت بوقت ڪيترائي تحقيقي، تاريخي ۽ علمي مقالا
۽ مضمون لکيا، جن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي تاريخي،
ثقافتي ۽ علمي پهلوئن تي روشني وڌل آهي. سنڌجي
تاريخي مواد جي سلسلي ۾ اهي مقالا به وڏي اهميت
رکن ٿا. انهن مان چند چونڊ سنڌي مقالا ”ڳالهيون
ڳوٺ وڻن جون“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي
چڪا آهن. سنڌي مقالن کان سواءِ بيشمار اردو، ۽
فارسي مقالا به لکيائين، جيڪي اردو ۽ فارسيءَ جي
نامور رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. ضرورت آهي، ته اهي
مقالا به ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيا وڃن. نموني طور هڪ
تحقيقي مقالي جو تعارف هيٺ ڏجي ٿو:
سنڌ ۽ ايران جا تعلقات: هي مقالو دراصل پير صاحب
سيپٽمبر 1966ع ۾ تهران ۾ منعقد ٿيل ايران شناسن جي
بين الاقوامي ڪانگريس ۾ پڙهيو. ان جو اردو ترجمو
نقوش لاهور ۾ ڇپيو. مقالي ۾ ايران ۽ سنڌ جا سياسي
۽ ثقافتي تعلقات نهايت تفصيل سان بيان ڪيا ويا
آهن. ان مان ڪن ٽڪرن جو سنڌي ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:
”هي عجيب اتفاق آهي ۽ فخر جي ڳالهه آهي، ته فارسي شاعرن
جو سڀ کان پهريون تذڪرو، جنهن کي ديوان چيو ويو
آهي، سرزمين سنڌ ۾ ترتيب ڏنو ويو.، ان کان سواءِ
ٻئي قديم ترين تذڪره لبن اللباب جي تڪميل جو شرف
به سنڌ کي ئي حاصل هيو. ان دور جي فارسي شاعريءَ
جا نمونا اسان کي لُب اللباب ۾ ملن ٿا. خود عوفيءَ
جو اهو قصيدو، جيڪو هن بکر جي قلعي جي فتح تي لکيو
آهي، اسان جي آڏو هڪ قيمتي ادبي نشان آهي.
ايران مان آيل خاندانن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”اٺين صدي هجري يا ان کان پوءِ اسان کي ڪيترائي شرفا ۽
علمي خاندان اهڙا ملن ٿا، جن ايران کي ڇڏي سنڌ ۾
مستقل سڪونت اختيار ڪئي.... انهيءَ سلسلي ۾ شيراز
جي انجوي سادات جي هڪ شاخ جي مورث سيد محمد جو
نالو وٺي سگهجي ٿو، جيڪو 786هه ۾ شيراز کان سنڌ ۾
اچي رهيو.
”مولانا عبدالعزيز ابهري پنهنجي خاندان کي ساڻ ڪري
انهيءَ دور (ڄام نندي جي حڪومت جو دور) ۾ سنڌ ۾
اچي مستقل طرح رهيو.... 901هه ۾ مشهد مقدس مان سيد
يعقوب ۽ سيد اسحاق سنڌ ۾ آيا. سندن خاندان مشهدي
سادات جي نالي سان ٺٽي ۾ اڄ به موجود آهي. مشهدين
جو ٻيو خاندان، جيڪو ٻن ڀائرن سيد احمد ۽ سيد محمد
(سيد محمد عابد مشهدي جا فرزند) تي مشتمل هو،
906هه ۾ سنڌ ۾ آيو.
”اهوئي دور آهي (ارغون دور) جنهن ۾ غياث الدين منصور
دشتڪي شيرازي جي خاندان مان سيد شڪرالله شيرازي
سنڌ ۾ آيو، جنهن جي خاندان مان ڪيترائي عالم،
فاضل ۽ فارسي شاعر پيدا ٿيا. شيرازي سيدن جو ٻيو
خاندان سيد ڪمال ۽ سيد جمال نالي ٻن ڀائرن تي
مشتمل انهيءَ ئي سيد شڪرالله سان گڏجي ٺٽي پهتو.
انهن جي خاندان مان به ڪيترين ئي شخصيتن وجود
ورتو.
مولانا جامي جي دوست ۽ روحاني رفيق شيخ جلال الدين
بايزيد پورانيءَ کان هر اهو پڙهيل لکيل واقف آهي
جنهن ”نفحات الانس“ پڙهيو آهي. انهيءَ پوراني بزرگ
جو ڏوهٽو ميرڪ شيخ محمود وغيره انهيءَ دور (ارغون
دور) ۾ سنڌ ۾ آيا؛ ٻن سون ورهين تائين اهو خاندان
سنڌ ۾ عالم، فاضل، شاعر ۽ مصنف پيدا ڪندو رهيو.
سنڌ ۾ هي خاندان ميرڪي سبزواري عرب شاهي جي نالي
سان مشهور آهي، ۽ پوراني ساداتن جي نالي سان به
سڏيو وڃي ٿو.“
جيڪڏهن پير صاحب جي تاريخي، علمي ۽ تحقيقي خدمتن تي
تفصيل سان لکيو ويندو، ته ڪيترائي دفتر درڪار
ٿيندا. انهيءَ ڪري اتي ئي اڪتفا ڪجي ٿي.
سيد صباح الدين عبدالرحمان
¢
پياري پير حسام الدين راشديءَ جي ياد ۾
پهرين اپريل 1982ع جي رات جو ريڊيو پاڪستان تان هيءَ
دردناڪ خبر ٻڌم ته جناب سيد حسام الدين راشدي
پنهنجي پالڻهار ڏانهن روانو ٿي ويو. اها خبر ٻڌي
دل کي ڏاڍو ڌڌڪو رسيو. سڄي رات هنڌ تي پاسا
ورائيندي گذري. هن جون سموريون يادگيريون ۽
ملاقاتون سئنيما جي چرندڙ تصويرن وانگر اکين اڳيان
ڦرڻ لڳيون.
هن سان منهنجي پهرين ملاقات سال 1955ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڏاڍي
رواداريءَ ۾ ٿي. ان کان پوءِ هِتان اعظم ڳڙهه مان
ساڻس خط و ڪتابت جاري رهي. پر جڏهن پاڪستان جي ڪن
ناشرن دارالمصنفين جي ڪتابن کي ڇپڻ شروع ڪيو ته
دارالمصنفين جي مالي حالت تمام خراب ٿي ويئي. ان
باري ۾ پهرين ته هندستان ۾ ان وقت جي پاڪستان جي
هاءِ ڪمشنر کي دانهن ڏني ويئي؛ پر اتان ڪوبه
خاطريءَ جهڙو جواب ڪونه مليو، ڇو ته هن کي به
شڪايت هئي ته پاڪستان جا ڪتاب هندستان ۾ به ڇپبا
رهن ٿا. ڪراچيءَ ۾ جناب سيد حسام الدين راشدي صاحب
دارالمصنفين جو وڏو قدردان هو. پاڻ چوندو هو ته
”خدا جو سُنهن، مون دارالمصنفين جي ڪتابن مان ئي
لکڻ سکيو.“ پاڻ علامه شبلي ۽ مولانا سيد سلمان
ندوي ٻنهين جو وڏو مداح هو. پاڻ ان وقت تائين هڪ
وڏي درجي جو مصنف به ٿي ويو هو، تنهنڪري پاڪستان
جي علمي دنيا ۾ کيس عزت ۽ احترام جي نظرن سان ڏٺو
ويندو هو. مون سندس ڌيان پاڪستان جي ڪن ناشرن جي
انهيءَ هٿ چراند ڏانهن ڇڪايو. دارالمصنفين سان
انهيءَ زيادتيءَ جو کيس ڏاڍو ڏک ٿيو. پاڪستان جي
وڏين اخبارن مثلاَ جنگ، حريت، مشرق، امروز ۽ نواءِ
وقت وغيره ۾ هڪ مضمون ڇپائيءَ هن دارالمصنفين کي
تباهيءَ کان بچائڻ جي اپيل ڪيائين؛ ان سلسلي ۾ اتي
جي سڀني وڏن وڏن ليکڪن کي مدد ڪرڻ لاءِ به چيائين.
سندس انهيءَ اپيل جي ڪري دارالمصنفين جي حق ۾ تمام
سٺو اثر پيدا ٿيو. اخبارن اداريا لکي سندس اپيل جي
پٺڀرائي ڪئي. وري انهيءَ ڪم سانگي فيبروري 1970ع ۾
ڪراچي وڃڻ ٿيو. اتي پهچي جناب راشدي صاحب سان
جمشيد روڊ تي سندس گهر ”بيت الضياء“ ۾ مليس. پاڻ
پنهنجي ڪتبخاني ۾ ويٺا هئا، جتي پهچي احساس ٿيم ته
پاڻ رڳو ڪتابن جي ماحول کي پسند ڪن ٿا؛ ڪتبخانو هن
جي لاءِ آهي ۽ هو ڪتبخاني جي لاءِ انگريزي لباس
پاتل هوس، پر ملڻ جلڻ، اٿڻ ويهڻ، گڏ هلڻ وقت اڳيان
پٺيان رهڻ ۽ ڳالهين ڪرڻ ۾ دهلي ۽ لکنو جي پراڻي
تهذيب جي ياد پئي تازي ڪيائين. پاڻ سنڌ جي وڏن
رئيسن مان هو، پر پنهنجين ملاقاتن ۽ خاص ڪري پڙهيل
لکيل ماڻهن سان ملڻ ۾ وڏي نهٺائي ۽ هيٺاهين
ڏيکاريندو هو.، هن ڪافي دير تائين مون کي پنهنجي
سيني سان لاتو. کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته منهنجي
ڪهڙيءَ طرح ۽ ڪيئن خاطر تواضع ڪري؟ ڳالهيون شروع
ٿيون ته اهو سلسلو ختم ڪرڻ لاءِ دل نه پئي ٿي. وڏي
رات ٿي ويئي، تڏهن به دل پئي گهريو ته ڳالهيون
ڪندو رهان.
آءٌ هن جي علمي ڪارنامن جو وڏو قدردان ٿي ويو هوس. پاڻ
جيڪو به ڪتاب لکندو هو ته ان ۾ محنت ۽ ڪوشش جي حد
ڪري ڇڏيندو هو. سال 1957ع ۾ سندس ايڊٽ ڪيل تذڪره
مقالات الشعراء مولف مير علي شير قانع ٺٽوي (وفات
سن 1203ع ڏسڻ جو موقعو مليو. ان ۾ ست سؤ اڻويهن
فارسي شاعرن جو ذڪر آهي. ان جي مولف کي سنڌ جي
تاريخ تي هڪ نهايت ڪارائتي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ جي
مصنف جي حيثيت ۾ ته ڄاڻندو هوس، پر جناب راشدي
صاحب مقالات الشعراء جي شروع ۾ سندس زندگيءَ جو
جيڪو احوال لکيو آهي، ان کي پڙهي حيرت ٿيم ته هو
نه رڳو هڪ زبردست شاعر هو، پر هن ٽيتاليهه ڪتاب به
لکيا هئا. راشدي صاحب وڏيءَ محنت سان انهن ڪتابن
جا نالا ڳولي هٿ ڪيا، جن جي ڪري هن قدر لائق مصنف
جون علمي ۽ ادبي ڪوششون پڙهندڙن تي ظاهر ٿيون.
راشدي صاحب ان ڪتاب جو مقدمو سولي ۽ روان فارسيءَ
۾ ئي لکيو آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته ان زبان تي کيس
پورو عبور حاصل هو.
سندس جنهن علمي ۽ ادبي شاهڪار کان آءٌ گهڻو متاثر ٿيس،
اها سندس ايڊٽ ڪيل ڪشمير جي شاعرن جي تاريخ آهي،
جيڪا ڪيترن ئي جلدن ۾ آهي. کيس پهرين اصلح متخلص
به ميرزا بن حاجي محمد اسلم خان سالم ڪشميري جو
لکيل هڪ تذڪرو مليو، جنهن ۾ ٽي سو پنجن ڪشميري
شاعرن جو ذڪر ڪيل آهي ۽ انهن جي شعرن جا نمونا
ڄاڻايل آهن. تذڪرو لکندڙ محمد شاهه جي دور جو آهي.
هن انهيءَ تذڪري ۾ گهڻو ڪري عالمگيري دور کان وٺي
محمد شاهي دور تائين جي شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي.
انهن مان ڪيترن شاعرن جو ڪنهن نه ڪنهن حيثيت ۾
ڪشمير سان لاڳاپو هو. خود مولف به ان تذڪري جو
ڪوبه نالو نه رکيو هو، پر راشدي صاحب ايڊٽ ڪرڻ وقت
ان جو نالو ”تذڪرة شعراءِ ڪشمير“ رکيو. ان کان
پوءِ هن اها به ذميداري کنئي ته ڪشمير ۾ فارسي جا
ٻيا جيڪي به شاعر ٿي گذريا آهن، تن جو حال احوال
گڏ ڪجي. ان سلسلي ۾ هن پنهنجي بي پناهه محنت ۽
ڪوشش سان ايترو ته مواد ڪٺو ڪيو جو ان کي ڇهن جلدن
۾ ڇپائي پڌرو ڪيائين. انهن ۾ جن جن شاعرن جو ذڪر
آيو آهي. انهن بابت جيترن به تذڪرن ۾ کيس جيڪي به
هٿ آيو، انهن جا چونڊ حصا هڪ هنڌ ڪٺا ڪيائين. ان
کان پوءِ پڙهندڙن يا تحقيق ڪندڙن کي انهن شاعرن جي
باري ۾ ٻئي ڪنهن به ڪتاب ڏسڻ جي تڪليف ڪرڻي نه
پوندي. انهن شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ جن باغن، تاريخي
جاين ۽ واقعن جا حوالا ڏنا آهن، تن تي به حاشيه
لکيا اٿس ۽ ضروري معلومات ڏني اٿس. ايتري سخت محنت
۽ ڪوشش سان شايد ئي ڪنهن ٻئي ڪتاب جي ترتيب ۽
تدوين ٿي هوندي. اهي جلد انهن مولفن ۽ مصنفن جي
لاءِ ڄڻ ته سبق آهن، جيڪي تڙ تڪڙ ۾ پنهنجا ڪتاب
ڇپرائي سستي شهرت حاصل ڪن ٿا. هن ننڍي کنڊ جي علمي
دنيا ان ڪارنامي تي جيترو به فخر ڪري گهٽ آهي.
راشدي صاحب جي وڌيڪ علمي سرگرمين جو تفصيل کانئس جدا
جدا موقعن تي معلوم ٿيندو رهيو. سن 1970ع تائين هن
فارسيءَ جا هيٺ ڄاڻايل ڪتاب ايڊٽ ڪري ڇپائي پڌرا
ڪيا هئا:
(1) مثنوي چنيسر نامه از ادراڪي بيگلار (سال 1956ع).
(2) مقالات الشعرا از قانع ٺٽوي (سال 1958ع). (3)
مثنوي مظهر آلاثار (سال 1957ع). (4) تڪلمه مقالات
الشعراء از خليل ٺٽوي (سال 1958ع). (5) قصائد و
مثنويات از قانع ٺٽوي (سال 1961ع). (6) مثنوي هشتِ
بهشت از عطا ٺٽوي (سال 1963ع). (7) تاريخ مظهر
شاهجهاني از يوسف ميرڪ (سال 1964ع). (8) منشور
الوصيت و دستور الحڪومت از ميان نور محمد ڪلهوڙو
(سال 1964ع). (9) تاريخ ترخان نامه از مير محمد
ٺٽوي (سال 1967ع). (10) تذڪره حديقة الاولياء از
عبدالقادر ٺٽوي (سال 1967ع). (11) تذڪره شعرائي
ڪشمير از ميرزا محمد اصلح (سال 1967ع). (12) تذڪره
شعرائي ڪشمير حصو اول (سال 1967ع). (13) تذڪره
شعرائي ڪشمير حصو ٻيو (سال 1967ع). (14) تذڪره
شعرائي ڪشمير حصو ٽيون (سال 1967ع). (15) تذڪره
روضة السلاطين از فخري هروي (سال 1968ع). (18)
تذڪره شعرائي ڪشمير حصو چوٿون (سال 1969ع).
مٿي ڄاڻايل ڪتابن کي ايڊٽ ڪرڻ وقت راشدي صاحب جيڪو علمي
پورهيو ڪيو آهي، اهو علمي ۽ ادبي تاريخ ۾ هڪ تمام
وڏي خدمت جي لائق آهي. هو پنهنجي غير معمولي محنت
۽ پورهئي سان ايڊٽ ڪيل ڪتابن کي وزنائتو ڪريو ڇڏي.
مثال طور مٿي ڏنل تفصيل ۾ فخري هروي جا ٻه تذڪرا
روضة السلاطين ۽ جواهر العجائب گهڻو مختصر آهن.
پهريون ڪتاب 108 صفحن جو ۽ ٻيو ڪل 38 صفحن جو آهي.
پهرئين ڪتاب ۾ انهن بادشاهن، شهزادن ۽ اميرن جو
ذڪر آهي جن فارسي يا ترڪي زبان ۾ شعر چيا؛ ٻئي
ڪتاب ۾ ڪن شاعره عورتن جا احوال آهن. راشدي صاحب
انهن ٻنهي تذڪرن تي 77 صفحن جو مقدمو ۽ 120 صفحن
جا تعليقات لکي انهن کي علمي دنيا ۾ هڪ اهم جاءِ
ڏئي ڇڏي آهي. انهن ۾ جنهن تحقيق ۽ محنت سان فخريءَ
جي زندگيءَ جوا حوال ۽ سندس لکيل ڪتابن جا نالا
ڪٺا ڪيا ويا آهن، ان جي ڪري فخريءَ جي بدران خود
راشدي صاحب پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ تي قابض نظر اچي
ٿو. روضة السلاطين سال 953هه کان پوءِ لکيو ويو ۽
جواهر العجائب سال 962هه ۾ قلمبند ڪيو ويو. اهي
ٻئي تذڪرا سنڌ جي پراڻي گاديءَ واري شهر ٺٽي ۾
تصنيف ٿيا. راشدي صاحب پنهنجي مقدمي ۾ اهو به
ٻڌايو آهي ته فارسي زبان ۾ سڀ کان پهريون تذڪرو
تذڪره شعراء آهي، جيڪو ملتان ۾ سال 600هه کان اڳ
لکيو ويو هو. ان کان پوءِ عوفيءَ جو لُب الالباب
آهي جيڪو سنڌ ۾ ئي سال 625هه ۾ مرتب ڪيو ويو. ان
لحاظ کان راشدي صاحب کي اهو فخر ڪرڻ بلڪل جڳائي ٿو
ته فارسي زبان ۾ تذڪره لکڻ جي شروعات سنڌ مان ٿي.
وري علي شير نوائي جو ڪتاب مجالس النفايس (سال
892هه) ۽ فخري هروي جا روضة السلاطين ۽ جواهر
العجائب سنڌ ۾ ئي لکيا ويا، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته
فارسي زبان ۽ ادب تي تاريخ ۾ سنڌ جي اها خدمت ڪا
معمولي خدمت ڪانهي. انهيءَ خدمت جي ذڪر ڪرڻ ۾
راشدي صاحب جو قلم ڏاڍي روانيءَ سان هليو آهي. هن
روضة السلاطين ۽ جواهر العجائب جو مقدمو ته وڏي
مانائتي اردو ۾ لکيو آهي، پر تعليقات فارسيءَ ۾
لکيون اٿس، جن کي پڙهڻ سان ٻنهي زبانن تي سندس
مهارت جي خبر پوي ٿي.
هن جي مادري زبان سنڌي هئي، تنهنڪري سنڌي زبان ۾ به
علمي خدمت ڪندو رهيو. ان زبان ۾ هن جا هيٺ ڄاڻايل
ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن:
1- مولانا محب علي سنڌي (سال 1942ع)، 2- مهراڻ جون
موجون (سال 1955ع)، 3- تذڪره اميرخاني (سال
1961ع)، 4- ماڪ ڀِنا رابيل (سال 1965ع)، 5- مڪلي
نامه (سال 1967ع). آخري ڄاڻايل ڪتاب اٺ سؤ صفحن تي
پکڙيل آهي. اردو ۾ هن جا ٻه ڪتاب ”هفت مقاله“ ۽
”دودِ چراغ محفل“ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. ان ئي زماني
۾ اهو معلوم ڪري حيرت لڳي ته هن وٽ فارسي، سنڌي ۽
اردو ڪتابن جا 29 مسودا تيار رکيا آهن، جيڪي جلد
ئي ڇپجي پڌرا ٿيندا. انهن ۾ تاريخ رشيدي از ميرزا
حيدر دوغلت، تاريخ فرامين سلاسل تيموريان ۽ سلسله
نورجهان بيگم زن جهانگير بادشاهه، سنڌ ۾ اردو،
تذڪره مير معصوم بکري، غازي ترخان اور اس کي بزم
ادب وغيره شامل هئا. فارسي ادب جي خدمتن جي صلي ۾
ايران جي حڪومت جي طرفان هن کي سال 1962ع ۽ سال
1966ع ۾ ٻه ڀيرا ”نشان سپاس“ جا تمغا مليا.
پاڪستان جي حڪومت کيس ”ستاره امتياز“ ڏئي سندس
علمي خدمتن جي قدر افزائي ڪئي. ۽ پوءِ خبر ڪانهي
ته ڪيترين اخبارن ۽ رسالن جو به ايڊيٽر رهي چڪو
هو. سال 1930ع ۾ سکر مان المنار نالي هڪ ماهوار
رسالو نڪتو ته ان جو ايڊيٽر ٿيو. وري سال 1930ع
کان سال 1934ع تائين ”سنڌ زميندار“ جو ايڊيٽر ٿيو.
”ستاره سنڌ“ (34-1937ع)، ”الوحيد“ ڪراچي
(40-1942ع)، ”قرباني“ (45-1946ع) سندس ئي ادارت ۾
ڇپيون. ٽماهي رسالن ۾ ”مهراڻ“ حيدرآباد (1957ع)،
”اردو“ ڪراچي ۽ ”پارس“ ڪراچي جو به ايڊيٽر ٿي
رهيو. طهران مان هڪ رسالو سال 1967ع ۾ ”ايران
شناسي“ نڪرندو هو، ان جو به ايڊيٽر ٿيو. پاڪستان
جي شايد ئي ڪا علمي يا ادبي مجلس هوندي جنهن جو هو
اهم رڪن نه ٿيو هجي. وري اتي جي يونيورسٽين جي
ڪنهن نه ڪنهن ڪاميٽيءَ جو ميمبر به ضرور چونڊيو
هو. ايشيا ۽ يورپ جي لاتعداد ملڪن جا به سير سفر
ڪندو رهيو. سال 1963ع ۾ پاڪستان جي طرفان، بغداد
جي هزار ساله سالگرهه جي موقعي تي شرڪت لاءِ عراق
موڪليو ويو. سال 1964ع ۾ افريقا ۽ ايشيا جي زبانن
جي ڪانفرنس ماسڪو ۾ ٿي پاڻ ئي ان ۾ پاڪستاني وفد
جي اڳواڻي ڪيائين. سال 1967ع ۾ طهران ۾ ايرانيات
جي ماهرن جي بين الاقوامي ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيو. سال
1965ع ۾ چين ويو، جتي ليکڪن جي هڪ ڪانفرنس ٿي هئي
۽ 1974ع ۾ دوباره چين ويو هو.
پير صاحب ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ باقاعده تعليم حاصل نه
ڪئي هئي، پر سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ کان سواءِ
انگريزي ۽ عربيءَ ۾ سندس غير معمولي قابليت ’قدرت
جو عطيو‘ هئي. انهيءَ ۾ هو پنهنجيءَ محنت ۽ پورهئي
سان واڌارو ڪندو ويو. سندس اصلي وطن بهمڻ ضلع
لاڙڪاڻه سنڌ ۾ هو. سال 1911ع ۾ اتي ئي پيدا ٿيو،
پر ڪراچيءَ ۾ گهر ڪري اچي ويٺو ۽ رات ڏينهن علم ۽
فن جي خدمت ڪرڻ ۾ فڪرمند ڏسڻ ۾ آيو. هو ڳالهيون
ڪندو هو ته سندس حجت ۾ سنجيدگي ۽ سنجيدگيءَ ۾ حجت
هوندي هئي. پاڻ دارالمصنفين جي علمي ڪارنامن جو
وڏو مداح هو؛ هر هر چوندو هو ته ”خدا جو قسم، مون
جيڪي به سکيو آهي، دارالمصنفين جي ڪتابن مان ئي
سکيو آهي.“ سندس انهن ڳالهين مون تي ڏاڍو اثر ڪيو
۽ مون کي به پنهنجي اداري تي فخر محسوس ٿيو. ان
اداري جي مسئلن ۽ تڪليفن جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي
ته چوڻ لڳو ته ”آءٌ پاڻ وٽ ڪنهن ڏينهن رات جي
مانيءَ تي ڪراچيءَ جي سڀني ليکڪن ۽ عالمن کي دعوت
ڏيندس، ۽ سندن اڳيان اهي مسئلا رکندس.“
20- نومبر 1969ع تي سندس گهر ۾ اهو ميڙ ڪٺو ٿيو، جتي
ڪراچيءَ جي سڀني وڏن وڏن ليکڪن سان هڪ هنڌ ملڻ جو
اتفاق ٿيو. انهن ۾ مشهور ماڻهو هيءُ هئا: جناب
ممتاز حسن صاحب، سابق سيڪريٽري وزارتِ خزانه،
حڪومت پاڪستان؛ ڊاڪٽر معين الحق، سيڪريٽري،
پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي؛ جناب جميل الدين عالي
صاحب، انڪم ٽيڪس صلاحڪار نيشنل بئنڪ؛ سيد الطاف
حسين بريلوي، پاڪستان ايجوڪيشنل ڪانفرنس؛ حڪيم
محمد سعيد، مالڪ همدرد دواخانو؛ شان الحق حقي
صاحب، اعزازي سيڪريٽري، ترقيء اُردو بورڊ؛ مولانا
رازق الخيري، ايڊيٽر رسالو عصمت؛ پروفيسر ڊاڪٽر
رياض الاسلام، شعبهء تاريخ ڪراچي يونيورسٽي؛ ڊاڪٽر
محمد صابر، استاد ترڪي زبان، ڪراچي يونيورسٽي؛ ابن
انشاء صاحب، ڊائريڪٽر نيشنل بوڪ سينٽر؛ مشفق خواجه
صاحب، انجمن ترقيء اردو پاڪستان؛ مولانا اعجازالحق
قدوسي صاحب، مصنف شيخ عبدالقدوس گنگوهي؛ پروفيسر
محمد ايوب قادري صاحب، استاد اردو ڪاليج ڪراچي؛
جناب سيمين خان صاحب، چيئرمين ڪاپي رائيٽ بورڊ.
انهن صاحبن کان سواءِ راشدي صاحب جا ٻيا ڪيترائي
دوست، ڪراچيءَ جا ڪي ناشر ۽ اخبارن جا ڪي خاطو پڻ
هئا. انهيءَ اهم ميڙ ۾ پهرين جناب سيد حسام الدين
راشديءَ دارالمصنفين تي هڪ تقرير ڪئي ۽ پاڪستان جا
ڪي ناشر ان اداري جا ڪتاب ڇاپي، ان کي جنهن وڏي
نقصان ۾ وجهي رهيا هئا، ان مسئلي ڏانهن انهن صاحبن
جو ڌيان ڇڪايو. ان ميڙ ۾ مون کي به ڳالهائڻ جو
موقعو مليو. پاڪستان جي ان اهم علمي ميڙ کي عرض
ڪيم ته ”آءٌ هت دارالمصنفين جي خيرخواهن ۽ همدردن
کان اخلاقي امداد وٺڻ جي لاءِ آيو آهيان. جيڪڏهن
ان اداري جا ڪتاب هت ڇپبا رهيا ته هتي جي ناشرن
کي ٿوري وقت لاءِ ڪي فائدا ضرور حاصل ٿيندا، پر
دارالمصنفين جهڙو پراڻو ۽ خدمت ڪندڙ ادارو مري کپي
ختم ٿي ويندو. اهو هڪ تمام وڏو علمي حادثو ٿيندو،
جنهن جو ماتم پاڪستان جا ماڻهو به وڏي ڏک ۽ افسوس
سان ڪرڻ تي مجبور ٿيندا؛ ڇو ته ان اداري جو خرچ
پکو، ان اداري جي ڇپيل ڪتابن جي وڪري مان ٿئي ٿو.“
هتي جي ماڻهن، جنهن خدمت ۽ قربانيءَ کان ڪم ورتو
آهي، ان جو تفصيل به ٻڌايم. منهنجين ڳالهين کي
تمام ڌيان سان ٻڌو ويو. هنن دارالمصنفين سان
همدردي ڏيکاري ۽ پوءِ ان تي بحث شروع ٿي ويو ته
انهيءَ اداري جي ڪتابن کي هٿ چراند کان ڪئن بچائي
سگهجي ٿو. آخرڪار فيصلو ٿيو ته وڌيڪ سوچ ويچار ڪرڻ
جي لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهي وڃي، جنهن جا ميمبر جناب
ممتاز حسن، جناب حسام الدين راشدي، جناب جميل
الدين عالي، جناب ابن انشاء ۽ جناب ابن الحسن
چونڊيا ويا. ان مجلس جي سُٺين ۽ راحت ڏيندڙ يادن
جا ڏيئا اڃان تائين منهنجي اکين جي آڏو روشن آهن ۽
ان ۾ جناب راشدي صاحب جيڪو ڪم ڪيو، انهيءَ جي ياد
سدائين تازي رهندي.
|