رشيد ڀٽي
پيهي جن پروڙيو
1952ع جو اونهارو هيو. صبح جو بابا سڏائي چيو ته راشدي
صاحب ۽ ڪو ٻيو مهمان آيل هئا، جن کي اروڙ وٺي وڃڻو
هو. مون حياتيءَ ۾ پهريون دفعو ڪنهن ٻُڌل ۽ پڙهيل
وڏي شخصيت سان متوقع ملاقات تي حسرت محسوس ڪئي،
اندر ۾ هو را کورا اُتپن ٿي ۽ ڪجهه نروس نيس به
ورائي ويم. انهن ئي گاڏڙ ساڏڙ جذبن ۽ احساسن سان،
مان سنڀري سيٺ سلطان مارواڙيءَ جي اسٽيشن روڊ واري
اسٽار هوٽل تي پهتس. سلطان سيٺ، راشدي صاحب جو،
سکر واري دورِ قيام جو دوست ۽ اسٽار هوٽل ان مهل
سندس پسنديده هوٽل هو. ان وقت مان هاءِ اسڪول ۾
ڇهين درجي يعني پريمئٽرڪ جو شاگرد هوس. ان ڪري جا
منهنجي ذهني ۽ دلي ڪيفيت هوندي، سا اوهين ڄاڻي
سگهو ٿا. مون پير صاحب جي علمي، ادبي، صحافتي ۽
شخصي دلچسپ زندگيءَ جو ذڪر بابا سائينءَ کان ڪافي
ٻڌو هو. کيس پڙهيو هوم. ان وقت منهنجيءَ نظر ۾
راشدي صاحب هڪ نمايان صحافي، مشهور مضمون نويس ۽
ناميارو افسانا نگار هو. هو بابا جي ماهوار
”المنار“ جو ايڊيٽر هو. سندس ادارت وارا ”ستاره
سنڌ“ ۽ ”سنڌ زميندار“ جا پرچا مون بابا جي
لائبرريءَ ۾ پڙهيا هئا. اسان جي شمسيه ڪتب
خاني،سندس افسانن ۽ هڪ ناول جا ڪيترائي ڇاپا شايع
ڪيا هئا. ورهاڱي کان اڳ جي نثر نويسيءَ ۾ راشدي
صاحب جو خاص مقام هو، جنهن کي اڄ جا تاريخ نويس ۽
نقاد الاجي ڇو وساري ويٺا آهن. سندس ڪهاڻين
”امانت“، ”گلن واري ڇوڪري“، ”پاڪدامن عورت“ ۽
”انارڪلي“ وغيره ۽ هڪ ناول ”الزليخا“ اڄ به مون وٽ
هٿيڪا آهن. تن ڏينهن ۾ پير صاحب ”فدائي الراشديءَ“
جي قلمي نالي سان لکندو هو. ان کان علاوه هُن
ڪيترا ٻيا افسانا به لکيا، جي ”المنار“ جي فائيلن
۾ محفوظ آهن.
راشدي صاحب جي اها اوائلي دور واري افسانه نويسي ۽ اها
طرز تحرير پڇاڙيءَ تائين سندس لکڻين ۾ جهلڪندي
رهي. سندس ڪتاب ”هُو ڏوٿي هُو ڏينهن“ منهنجي ان
دعويٰ جو ثبوت آهي. هن مثالي يادگيرين جي ڪتاب ۾
ماحول ۽ حالتن جو مشاهدو، ڪردارن جو مطالعو، واقعن
جو ذڪر ۽ انهن جي بيان جو اسلوب، پير صاحب جي
افسانوي انداز بيان جو نمايان ۽ نادر نمونو آهن.
هو شخص جي ذڪر ۾ ڄڻ ڪو ڪردار پيش ڪيو ويو آهي. هر
واقعو ڄڻ ڪا ڪهاڻي آهي. سارو ڪتاب نه رڳو ان دور
جي سماجي، سياسي ۽ ثقافتي زندگيءَ جي تصوير آهي،
پر انيڪ افسانن ۽ ڪردار نگارين جو مجموعو آهي.
اسٽار هوٽل پهتم ته ذهني ۽ اعصابي ڪيفيت ٻيڻي ٿي ويئي.
يڪ نه شُد، دو شُدا! راشدي صاحب سان گڏ ملڪ جو هڪ
ٻيو عظيم مورخ ۽ محقق مولانا غلام رسول مهر به آيل
هو. سارو ڏينهن اروڙ جي خاڪ ڇاڻي، جڏهين شام جو
ماڳ موٽياسين، ته پنهنجي اندر ۽ دل تي راشدي صاحب
جا اهڙا پائيدار اثر ۽ نقش ڇڏيا، جن جي ڇاپ اڄ به
زندگيءَ تي محسوس ڪريان پيو. مون سمجهيو هو ته
مورخ ۽ محقق خشڪ، بي چسا ۽ رزروڊ هوندا آهن، پر
پير صاحب ان جي ابتڙ خوش مزاج، دلچسپ، زنده دل ۽
پَل ۾ پنهنجو ڪندڙ پيارو ماڻهو هو. مهر صاحب جي
تاريخ ڏانهن پهچ روايتي مورخ ۽ محقق واري هئي، پر
پير صاحب جي تاريخ ڏانهن روش قوميت ۽ قومي فڪر
واري هئي. اروڙ جي پس منظر ۾ جنهن نموني راشدي
صاحب سنڌ جي تاريخ جو اُپٽار ڪيو، تنهن تاريخ بابت
منهنجو فڪر ۽ خيال ئي ڦيرائي ڇڏيو. هن مهل تائين
اسان کي اسان جي تاريخ کان اڻ ڄاڻ پئي رکيو ويو.
اسان جي تاريخ فاتحن جي تاريخ هئي، اسان جي نه.
تڏهين پهريون دفعو مون سنڌ ۽ سنڌيت بابت سوچ جو
سفر شروع ڪيو هو. گذريل قومي ۽ ادبي جدوجهد دوران،
جڏهن اياز پنهنجو هڪ ڪتاب، پير صاحب ڏانهن منسوب
ڪندي، هن لاءِ لکيو هو، ”جنهن جي روح مان مون کي
اروڙ جي مٽيءَ جي ڀني ڀني خوشبوءِ ايندي آهي،“ ته
منهنجو خيال راشدي صاحب سان اروڙ واري ملاقات
ڏانهن هليو ويو هو. پير صاحب بيشڪ سنڌ جي تاريخ ۽
سنڌ جي تاريخ نويسيءَ کي نئون ۽ صحيح موڙ ڏنو. ان
کان اڳ اسان وٽ تاريخ فاتحن جي نظرين ۽ طرفن جي
ترجماني ڪندي هئي. راشدي صاحب پهريون ڀيرو سنڌ جي
تاريخ جو صحيح ۽ سچو تجزيو پيش ڪيو. مفتوحن جي
نظرين ۽ خيالن جي ترجماني ڪئي، ان انداز ۽ اصول تي
تاريخ جو مطالعو ڪيو ۽ تاريخ نويسيءَ جو بنياد
وڌو. هن مرد ڪوهه ڪن جوئي ڪارنامو ۽ ڪاوش آهي، جو
اڄ اسان وٽ اسان جي ماضي ۽ تاريخ جي صحيح صورت پيش
ٿي چڪي ۽ ٿي رهي آهي. اڄ سنڌ ۾ تاريخ جي تحقيق ۽
تحرير فاتحن جي فرسوده ۽ روايتي بنيادن تي نه، پر
قوميت جي اٽل اصول، عوامي پس منظر ۽ سائنسي بنيادن
تي ٿي رهي آهي.
پير صاحب نه رڳو اسان جي تاريخ کي نئون رخ ۽ موڙ ڏنو،
پر هن تاريخ نويسيءَ جي فن کي ڪماليت به بخشي. هن
صاحب تاريخ تي جو به ڪم ڪيو، سو نهايت ئي خوبيءَ ۽
ڪمال جي حد تائين ڪيو. جيستائين هو پنهنجي تحرير
کي تڪميليت (Perfection)
نه ڏيندو هو، تيستائين مطمئن نه ٿيندو هو ۽ ڪتاب
ڇپائيءَ لاءِ نه موڪليندو هو، پوءِ ڀل ڇو نه سال
پئجي وڃن. سطحي ڄاڻ يا اُتاڇري مطالعي مان هو
ڪڏهين به راضي نه ٿيو. هر مضمون ۽ ڪتاب لکڻ لاءِ
هن ڳوڙهو ۽ لامحدود مطالعو ڪيو، ان لاءِ هن سنڌ ته
ڇا، پر ڏيهه پرڏيهه جي ڪتبخانن جا چڪر به ڪاٽيا.
رڳو ان تي اڪتفا نه ڪئي، پر تاريخ سان وابسته جاين
جڳهين جو به تفصيلي ڏيهي ۽ پرڏيهي سفر ڪيو ۽ ڪشالا
ڪڍيا، تڏهين وڃي ڪو ڪتاب تيار ڪيائين. اهڙيءَ ريت
ئي هن مانجهي مڙس تاريخ جي فن کي تڪميليت بخشي
سندس تاريخي تحقيق جا ڪتاب ان جو چٽو ثبوت آهن. ان
۾ ڪابه ڪوتاهي يا ڪمي اوهان نه نگاهبي. ان تڪميليت
۽ ڪماليت جو ٻيو سبب راشدي صاحب جي تاريخ ۽ تاريخ
نويسيءَ ڏانهن ڪل وقتي ارپنا
Whole Time Devotion
آهي. پير صاحب پنهنجي علمي زندگيءَ جي شروعات
فدائي الراشدي جي حيثيت ۾ ڪئي، ۽ ان جي انتها
فدائي تاريخ سنڌ جي صورت ۾ ڪئي. هن پنهنجي زندگي،
وقت، سک، آرام ۽ وسيلا تاريخ کي ارپي ڇڏيا هيا.
پير صاحب نه رڳو تاريخ کي تڪميليت يا ڪمال بخشيو، پر
پنهنجي زندگيءَ ۾ به هو پورنتاپسند (Perfectionist)
هيو. اٿڻ ويهڻ، خوردنوش، لٽي ڪپڙي ۽ ورتاءَ سڀاءَ
۾ به هو هڪ صحيح معنيٰ ۾ مڪمل شخص هيو، پنهنجي نجي
زندگيءَ جي به هر پهلوءَ ۾ هو تڪميليت پسند هيو.
هن جي روزانه زندگي ۽ هر عمل ڪن نيمن ۽ قائدن جو
پابيد هيو. سندس زندگيءَ جا اهي نيم ۽ قائدا ئي،
ٻن مهلڪ بيمارين جي باوجود سندس طويل عمريءَ جو
ڪارڻ هيا. وقت تي اٿڻ، وقت تي مطالعو ڪرڻ“ وقت تي
کائڻ، وقت تي چهل قدمي ڪرڻ“ وقت تي ڪچهري ڪرڻ ۽
وقت تي آرامي ٿيڻ. سندس روز جي زندگي هڪ ٽائيم
ٽيبل تي ٻڌل هئي. وقت کان پوءِ منٽ به ڪنهن جو
انتظار نه ڪندو. ڏنل وقت تي ڪو مانيءَ تي نه پهتو
ته آيل سان ماني کائڻ شروع ڪري ڏبي. ٻين کان وقت
جي پابنديءَ جو متقاضي، پير صاحب پاڻ به وقت جو
سخت پابند هيو. ڪٿي وڃڻو هوندو ته منٽ دير سان
پهچڻ بجاءِ ٻه منٽ اڳواٽ پهچڻ جي ڪوشش ڪندو.
ڇا ته پير صاحب جي خوش پوشي، سنوار ۽ سينگار هيو. ٽيهن
سالن جي عرصي ۾ هزارين ڀيرا ساڻس ملڻ ٿيو. صبح
شام، منجها سنجها، اويل سويل، مهل ڪُمهل، اطلاع
سان، اوچتو، جڏهين پير صاحب سان مليو ته کيس سليقي
۽ سيبتي نموني سان ڪپڙن ۾ ڏسبو هيو. مان ڪڏهين به
کيس بغير شيو، ۽ بي ترتيب يا بي ڍنگي نموني سان
ڪپڙو پهريل نه ڏٺو. لٽو ڪپڙو هرڪو مٿس ٺهندو هو.
کاڌي هجي يا ريشم، شلوار قميص هجي يا پينٽ پتلون،
هر ويس ڄڻ هن لاءِ ٺهيو هيو. اهوئي ذوق، شوق، ۽
معيار کاڌ خوراڪ ۾ به نمايان هوندو هيو. وقت تي،
سادو پر سٺو ۽ سوادي کاڌو کائڻ ۽ کارائڻ پير صاحب
جو نيم هيو. سندس دعوت شيراز نه هوندي هئي، پر
سنڌي رڌ پچاءَ، طعام ۽ سواد جو نادر نمونو هوندي
هئي. پاڻ پڇاڙي حياتي ڪافي عرصو ڪِريءَ تي رهيو.
ڪِري به اهڙي جو قوت ارادي (Will-power)
جو مظهر، پهرين دلي عارضي بعد جو پرهيز ڪيائين ۽
سگريٽ ڇڏيائين ته آخر دم تائين ان اِرادي تي اٽل
رهيو. اهائي قوت ارادي هن زندگيءَ جي ٻين اهم
فيصلن ۾ به ڏيکاري، خاص ڪري جيئري رهڻ ۽ موت آڏو
هار نه مڃڻ جو ارادو!
سندس سڀاءُ، ڪردار ۽ اخلاقي همت جي ڪيتري ساراهه ڪجي.
خوش مزاج، زنده دل، با اخلاق ۽ ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽
محفلن جو مور. ساڻس ويهڻ ورونهن هئي، ته ڪچهري ڪرڻ
قرب ۽ سڪ ونڊڻ جو وسيلو هيو. سندس ڳالهيون ٻڌي
ڏکندا ڏور ٿيندا هيا. پير صاحب ڪٿي باقاعدي تعليم
نه پرائي، ڪي امتحان پاس نه ڪيا. اندر جي اک سان
هن جهان ۾ زندگيءَ جو مطالعو ڪيو؛ حياتيءَ جي
لاهين چاڙهين ۽ تجربن هن کي ذهني ۽ شعوري بلوغت ۽
مشاهدي سان مالامال ڪيو. پنهنجي سر اندر جي سوجهري
سان هن اهو علمي ۽ ادبي مرتبو ماڻيو جو گهٽ ڪنهن
کي نصيب ٿيو هوندو. هو هڪ خود ساخته انسان، اديب،
دانشور ۽ مفڪر هو، پر هن ڪڏهين به نه خود ثنائي
کان ڪم ورتو نه ئي ٻين کان پنهنجي مدح سرائي پسند
ڪيائين. اعليٰ، سچي ۽ پرخلوص فنڪار ۽ مفڪر جيان
نهٺائي ۽ ڪسر نفسي سندس ڪردار جي زينت رهيا. کيس
ايران سرڪار پاران ڊاڪٽريٽ ۽ ”نشان سپاس“ ۽
پاڪستان سرڪار پاران ستاره امتياز جا اعزاز مليا،
پر هن ڪڏهين به پاڻ کي ڊاڪٽر نه سڏايو ۽ نه ئي
نالي اڳيان ڊاڪٽر جي ۽ پويان اعزازن ۽ خطابن جي
لکڻ جي ضرورت محسوس ڪئي.
راشدي صاحب جي نه رڳو لکڻ ۾ رواني هئي، پر سندس تقرير ۽
گفتگو ۾ سنڌوءَ جي سير واري تيزي ۽ چنچلتا هئي.
نجي محفل هجي يا ادبي ۽ ثقافتي گڏجاڻي، راشدي صاحب
ڳالهائڻ شروع ڪندو ته ڄڻ موتين جي ورکا شروع ٿي
ويندي. تاريخ، ثقافت ۽ ادب ۾ ڄاڻ جي درياهه جي ڄڻ
پالوٽ ٿي ويندي هئي. قوم جي سماجي ۽ سياسي
ڪسمپرسيءَ جي وڍ ڪٽ ڪندو هيو. سچ ۽ صداقت جي صدا
بلند ڪندو هيو. مصلحت پسنديءَ کان ڪوهين ڏور، ڪو
رک رکان نه ڪرڻ وارو، يا ائين کڻي چئجي ته منهن-
ڦٽ ۽ بي باڪ! جو ڪجهه سوچيندو ۽ سمجهندو هو سو بنا
روڪ چئي ڏيندو هيو، پوءِ ڀل ته ڪو ڪاوڙجي يا منهن
۾ گهنڊ وجهي. سنڌي شامن، هوشوءَ جي ورسين،بزم
صوفياءِ سنڌ جي ڪانفرنسن ۽ لطيف ۽ سچل جي ورسين تي
ڪيل سندس تقريرون اسان جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو
چٽو عڪس به آهن، ته انهن جي ڪارڻ ۽ سبب جو اپٽار
به. انهن جو تجزيو به ڪن ٿيون ته دوا ۽ دارون به
ڏسين ٿيون! انهن ئي ڪچهرين ۽ ڪانفرنسن ۾ خبر پئي
ته راشدي صاحب نه رڳو سنڌي تاريخ ۽ ثقافت جي ڄاڻ
جو ساگر هيو، پر سنڌي ثقافت جو بي پناهه چاهيندڙ ۽
پرستار به هيو. سنڌي راڳ ۽ موسيقيءَ سان ته کيس
لامحدود لڳاءُ هيو. هو راتين جون راتيون جاڳي به
راڳ رنگ جي محفلن مان لطف اندوز ٿيندو هيو. اهڙين
محفلن لاءِ پري پري جا پنڌ ۽ اڙانگا سفر به روڪي
نه سگهندا هيا. ادبي ۽ ثقافتي اجتماعن جي موسيقي
وارين محفلن ۽ ڦليليءَ ڪناري ٻيڙي فقير مرحوم وٽ
مخصوص راڳ جي بيٺڪن ۾ سندس شرڪت، موسيقي ۽ سنڌي
راڳ لاءِ سندس محبت ۽ ذوق شوق جي عروج جو واضح
ثبوت آهن.
مٿي ڄاڻايل محفلن ۽ ميڙن ۾ شرڪت ۽ شموليت جو انداز ۽
دلچسپي پير صاحب جي شخصيت ۽ ڪردار جي هڪ ٻئي
پهلوءَ جي به نشاهدي ڪن ٿا. هو وقت ۽ زمان جو
پابند نه هو. هن جي سوچ ۽ زندگيءَ ڏانهن رويو ساڪت
۽ جامد نه هئا. هو ان ڏس ۾ ارتقا جو قائل هو. هو
زمان ۽ مڪان سان وڌندو ۽ ساٿ نڀائيندو رهيو. پراڻي
پيڙهيءَ مان هوندي به هُن نئين ٽهيءَ کي ڪڏهين ان
جو احساس نه ٿيڻ ڏنو. گدائي، گرامي ۽ ڏيپلائيءَ
جيان هن به پيڙهه وڇوٽيءَ کي پنهن جي ۽ نئين نسل
جي وچ ۾ وٿي ٿيڻ نه ڏنو. هن نه رڳو نئين نسل (ادبي
کيتر ۽ ٻن نسلن) کي اوپرائپ ۽ ڏوريءَ جو احساس ٿيڻ
نه ڏنو، پر کين پنهنجو گرويدو بڻائي ڇڏيو. سکر اچي
يا حيدرآباد، خيرپور يا دادو، همعمر ۽ همعصر ساٿين
سان گڏوگڏ، نوجوان ليکڪن ۽ شاعرن سان روح رهاڻ ڪرڻ
به فرض سمجهندو هو. هُن نه رڳو نئين نسل سان سڪ ۽
قرب ڀريو ساٿ ڏنو، پر سندس رهنمائي ۽ همت افزائي
به ڪئي. پاڻ کان پوءِ جي ٻن ٽهين جي ذهني ۽ شعوري
تربيت، اضافي ۽ لاڙن ۾ جن بزرگن نمايان ڪردار ادا
ڪيو آهي، پير صاحب انهن مان هڪ آهي. مون کي ياد
آهي ته هڪ نجي محفل ۾ راشدي صاحب چيو هو ته
”نوجوانن ۽ نئين نسل سان گڏجي ۽ ڪچهري ڪري مان پاڻ
کي نوجوان محسوس ڪندو آهيان ۽ ايمان تازو ٿي ويندو
اٿم، ڇو ته منهنجي زندگيءَ جو سرمايو، منهنجون
تخليقون ۽ منهنجي لائبرري سنڌ جو نئون نسل آهي.“
پير صاحب بابت مٿينءَ راءِ منهنجي ذاتي مشاهدي ۽ لڳاءَ
جو اظهار آهي. ٿي سگهي ٿو ته مون ڪٿي وڌاءُ کان ڪم
ورتو هجي ۽ ڪٿي ڪجهه ڇڏي ويو هجان. بهرحال مون
جيئن کيس ڏٺو ۽ جيئن جو ڪجهه محسوس ڪيو، سو ’حال
حبيبان نال پريان‘ مصداق حاضر خدمت آهي. آخر ۾ پير
صاحب جي شخصيت جو مجموعي اظهار شاهه سائينءَ جي
هيٺينءَ بيت رستي ڪري، مان اوهان کان موڪلائيندس.
گنجو ڏونگر گام، پيهي جَن پروڙيو،
ڪري تَن تمام، لوچي لاهوتي ٿيا.
(7- مئي 1982ع تي، فٽاز هوٽل حيدرآباد ۾ ڪوٺايل پير صاحب جي ياد
۾ گڏجاڻيءَ ۾ پڙهيو ويو.)
..............................
اسان جي خيال ۾ پير حسام الدين شاهه راشديءَ جو انتقال ملڪ جي
علمي ۽ ادبي دنيا جو هڪ وڏو نقصان آهي، جنهن جي
تلافي ممڪن نه آهي.
پير صاحب پنهنجي علمي قابليت سبب نه صرف پاڪستان ۾ پر
پوري دنيا جي ادبي حلقن ۾ ڄاتو سڃاتو ويندو هو.
فارسي ادب جي خدمت جي اعتراف طور کيس ايران جو
قومي اعزاز به مليو هو. مرحوم سنڌي ادبي بورڊ“
اردو بورڊ ۽ ٻين علمي ۽ ادبي ادارن لاءِ ناقابل
فراموش خدمتون سرانجام ڏنيون.
(روزانه ”مهراڻ“ حيدرآباد، 3- اپريل 1982ع، ايڊيٽوريل مان
اقتباس)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
منهنجو مهربان، سنڌ جو وڏو محقق ۽ مؤرخ
پير حسام الدين راشدي
ذاتي تاثرات ۽ تعلقات
ملازمت توڙي تعليم جي ڪري سکر ۾ تمام وڏو عرصو گذريو
اٿم. انهيءَ سموري عرصي دوران جيستائين مولائي
شيدائي مرحوم جيئرو هو، تيستائين ساڻس وقت بوقت
ملندو رهندو هوس. مولائي شيدائي مرحوم عجيب غريب
شخصيت جو مالڪ هو. ڏاڍي بي تڪلفيءَ سان
ڳالهائيندو هو، ۽ هر موضوع تي بحث ڪندو هو. انهيءَ
ڪري سندس صحبت مان دل کي سڪون ملندو هو، ۽ ماضي
قريب جي تاريخ واتي ويڻي ٻڌبي هئي. راشدي ڀائرن
سان رهاڻيون ته ڏاڍي مزيدار نموني ٻڌائيندو هو.
انهن ڏينهن ۾ پير حسام الدين راشدي مرحوم جا
تاريخي مقالا سه ماهي مهراڻ ۾ پڙهندو رهندو هوس، ۽
سندس مؤرخانه ۽ محققانه حيثيت کان ڏاڍو متاثر هوس.
انهيءَ ڪري مولائي شيدائي مرحوم کان سندس ڳالهيون
ور ور ڪري پڇندو هوس، ۽ هو به ڏاڍي شوق ۽ ذوق مان
مختلف رهاڻين جا واقعا ٻڌائيندو هو. هڪ ڀيري جو
وٽس ويس، ته ڏاڍي خوشيءَ مان پريان ئي رڙ ڪري
کيڪاريائين، چيائين: تازو پير صاحٻ سان ملاقات ٿي
آهي. ملاقات دوران پير صاحب چوڻ لڳو: ”مولائي!
نئون تارو کِڙيو آهي، تو اهو ڏٺو آهي.“ مولائي
صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته ”نئين تاري مان پير صاحب جو
مطلب تون آهن. پير صاحب تنهنجا ٺٽي ۽ ساموئيءَ
بابت تاريخي مضمون عبرت جي ماهوار ايڊيشن ۾ پڙهيا
آهن. پير صاحب ڏاڍو خوش پئي نظر آيو، ته سنڌ جي
تاريخ تي تحقيقي انداز ۾ لکڻ وارن ۾ هڪ لکندڙ جو
واڌارو ٿي رهيو آهي.“
هن واقعي کان پوءِ منهنجيءَ دل ۾ پير صاحب لاءِ اڃا به
وڌيڪ محبت ۽ عزت پيدا ٿي. ان کان سواءِ پرپٺ
قدرداني ۽ همت افزائي طور جيڪا گفتگو ڪيائون،
انهيءَ مون ۾ اعتماد پيدا ڪيو، ۽ سنڌ جي تاريخي
مقالن لکڻ ۾ مصروف ٿي ويس. ڪجهه وقت کان پوءِ پير
صاحب سان ملاقات ٿي. ڏاڍي محبت سان پيش آيا، ۽ سنڌ
جي تاريخ تي لکڻ لاءِ اُڀاريائون. منهنجا تاريخي
مقالا ۽ ڪتاب شايع ٿيندا رهيا. اهو ڏسي پير صاحب
ڏاڍو خوش ٿيندو هو، ۽ همت افزائي ۽ قدرداني ڪندي
وقت بوقت خط لکندو رهندو هو. نه فقط ايترو، پر
مختلف سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن ۾ جڏهن به سنڌ جي
ڪن پهلوئن تي لکائڻ جو ڪم نڪتو، ته ليکڪ طور
منهنجو نالو به انهن کي ڏنائون. اهوئي سبب آهي، جو
مختلف ادارن لاءِ سنڌي ۽ اردو ۾ مون گهڻو ڪجهه
لکيو. پنجاب يونيورسٽيءَ جي تاريخ ادبيات لاءِ
سرائڪي، سنڌي ۽ بلوچي ادبي تاريخ بابت لکيم، دائره
معارف اسلاميه لاءِ لکيم، فرئنڪلن پبليڪيشن طرفان
تيار ٿيندڙ جامع اردو انسائيڪلو پيڊيا لاءِ لکيم،
۽ اهڙيءَ طرح ٻين به ڪن ادارن لاءِ لکيم. سندس ئي
مهرباني سان سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌ
الاجيءَ جي صلاحڪار بورڊ جو ميمبر ٿيس. پير صاحب
جن جي اها خوبي هئي، ته منهنجو ڪو تحقيقي مقالو
پڙهندا هئا، ته فوراَ خط لکندا هئا. نه فقط ايترو،
پر جيڪڏهن ڪو خط لکندو هيو مانِ، ته جلد جواب
ڏيندا هئا، ۽ علمي ۽ تحقيقي ڪمن ۾ منهنجي رهنمائي
ڪندا رهندا هئا. پويون خط منهنجي ڪتاب ”سنڌيءَ ۾
نعتيه شاعري“ بابت لکيائون، جنهن ۾ ڪتاب جي ڏاڍي
تعريف ڪئي اٿن.
پير صاحب جي مون سان محبت ۽ دلچسپي انهيءَ ڪري پيدا ٿي،
جو آءٌ سنڌ جي تاريخ تي تحقيقي انداز ۾ لکڻ لڳو
هوس. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته پير صاحب
کي سنڌ سان ڪيڏي نه دلچسپي هئي. هن جي دلي خواهش
هوندي هئي ته سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو نروار ٿيندا رهن،
جيڪي سنڌ جي تاريخي پهلوئن تي لکندا رهن ته جيئن
سندس شروع ڪيل ڪم جاري ۽ ساري رهي، بلڪ اڳتي وڌندو
رهي. سائين پير صاحب جي اها به خاص خوبي هئي، ته
منهنجا خاص دوست جهڙوڪ: ميان غلام مصطفيٰ ڀيوڪرن
وارو ۽ ڊاڪٽر نواز علي بلوچ جڏهن به ساڻس ملندا
هئا، ته گفتگو دوران مون کي به ياد فرمائيندا هئا.
پير سائين سان آخري ملاقات پر سال (1981ع) ڪراچي ۾
آرڪالاجي کاتي جي لائبريري ۾ ٿي. انهن ڏينهن ۾ آءٌ
سنڌي ساهت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪراچي ويو هوس.
اتي نمائش ۾ آرڪالاجي وارن هڪ تمام پراڻو ڪتاب
رکيو هو، جنهن ۾ سڪندر يوناني جي ڪاهه جو ذڪر هو.
ڪانفرنس پوري ٿيڻ کان پوءِ انهيءَ ڪتاب مان نوٽس
وٺڻ لاءِ آرڪالاجي کاتي جي لائبريري ۾ ويس. خوش
قسمتيءَ سان سائين پير صاحب بيماريءَ جي باوجود
انهيءَ لائبريري ۾ اچي نڪتو. مون کان پڇيائين:
”ڇاتي پيو ڪم ڪرين؟“ مان ٻڌايومانس ”ته انهن سياحن
۽ مورخن تي تحقيق پيو ڪريان، جيڪي سنڌ ۾ آيا ۽ سنڌ
بابت ڪجهه لکيائون. انهيءَ ڪري ئي هي ڪتاب ڏسڻ آيو
آهيان.“ پير صاحب خوشيءَ جو اظهار ڪيو، ۽
فرمايائون ته ”هي ڪتاب به ڏسجانءِ.“ مطلب ته سائين
سان جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي، ته تحقيقي ۽ تاريخي
ڪم جي رفتار پڇندا هئا، هدايتون ڏيندا هئا ۽ ماخذن
جي نشاندهي ڪندا هئا نه فقط ايترو، پر جيڪڏهن ڪنهن
تحقيقي ڪم ۾ ڪنهن قلمي ڪتاب جي ضرورت پوندي هئي، ۽
وٽن لنگهي وڃبو هو، ته ٻيا ڪم سيڙائي به اهوئي
قلمي ڪتاب ڪڍي ڏيندا هئا. وٽن ”بيان العارفين“
پارسي جو هڪ قلمي نسخو هو، جيڪو مون کي پنهنجي
پي. ايڇ. ڊي. جي مقالي لاءِ ڏسڻو هو. ان سلسلي ۾
جڏهن به وٽن وڃڻ ٿيو، ته فراخدليءَ سان اهو قلمي
نسخو ڪڍي ڏنائون.
سائين پير صاحب جي قدرداني ۽ پرخلوص دوستيءَ جو هڪ
جيئرو جاڳندو مثال به منهنجي سامهون آهي. اهو آهي:
ميان غلام مصطفيٰ ڀيو (ويٺل ڪرن، لڳ شڪارپور). هو
منهنجو تمام پيارو دوست آهي ۽ هن جي مون سان بي
انتها محبت آهي. هو علم دوست، عالمن ۽ محققن جو
قدردان ۽ تاريخي ڪتابن جي وسيع مطالعي جو صاحب
آهي، بلڪ ائين چئجي، ته بيجا نه ٿيندو، ته هو سنڌ،
هند ۽ اسلامي تاريخ جي چرندڙ پرندڙ انسائيڪلو
پيڊيا ۽ تاريخي ماخذن جي ببلو گرافي آهي. ڪو
تاريخي عنوان گفتگو ۾ ايندو ته هڪدم ان سان تعلق
رکندڙ ڪتاب ٻڌائي، ٻڌندڙن کي حيران ڪري ڇڏيندو. نه
فقط ايترو، پر اهو به ٻڌائي ڇڏيندو، ته انهيءَ
موضوع تي فلاڻا فلاڻا ماڻهو لکن پيا، يا فلاڻا
ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن. هن جي انهن سڀني اردو ۽
سنڌي تاريخي ڪتابن تي نظر هوندي آهي، جيڪي تازو
ڇپيا آهن، يا ڇپائيءَ هيٺ آهن، مارڪيٽ ۾ ڪٿي موجود
آهن، يا ناياب ٿي چڪا آهن. هو اهو به ٻڌائي ويندو
آهي، ته ڪنهن مورخ ۽ محقق ڪهڙا ۽ ڪيترا ڪتاب لکيا
آهن. انهن خوبين ۽ خصوصيتن جي ڪري پير صاحب سان بي
انتها محبت هئي. پير صاحب سان ملڻ لاءِ سيڙجي به
ڪراچيءَ ويندو هو ۽ پير صاحب سان رهاڻيون ڪندي دل
ڍاپندي ئي نه هئس. هينئر جڏهن پير صاحب جو ذڪر
نڪرندو آهي، ته سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو آهي!
تحقيقي ڪم جو جائزو
پير صاحب جي تاريخي ۽ تحقيقي ڪم جو جائزو ورتو ويندو،
ته ان جا مختلف پهلو نظر ايندا، جن کي هيٺين ريت
بيان ڪري سگهجي ٿو.
1- سنڌ جي تاريخي ڪتابن جي ترتيب، تصحيح ۽ اشاعت:
هن سلسلي ۾ پير صاحب بنيادي ۽ اهم ڪم ڪيو آهي ۽ سنڌ جي
تاريخ تي لکندڙن کي بنيادي ماخذ سنواري سڌاري مهيا
ڪري ڏنا آهن. اهوئي سبب آهي، جو سنڌ جي تاريخ،
ثقافت ۽ علم ادب جا ڪيترائي لڪل پهلو روشن ٿيا
آهن.، اهڙن ڪتابن جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو.
تحفة الڪرام، ج 3، حصو پهريون: تحفة الڪرام (ج 3) کي سنڌ جي
تاريخ جي سلسلي ۾ بنيادي حيثيت حاصل آهي. ان ۾ سنڌ
جي تاريخ به بيان ٿيل آهي، ته ان ۾ اهم شخصيتن ۽
شهرن جو ذڪر موجود آهي. انهيءَ ڪري ان کي جيڪڏهن
سنڌ جي انسائيڪلو پيڊيا چئجي ته بيجا نه ٿيندو. ان
جو سنڌي ترجمو شايع ٿي چڪو آهي. پير صاحب جي دلي
خواهش هئي، ته ان جي فارسي متن کي نئين سر سنواري
سڌاري شايع ڪيو وڃي. اهو اهم ڪم هٿ ۾ کنيائين ۽ ان
جو پهريون حصو حاشين سان سينگاري شايع ڪيائين.
افسوس جو ان جا باقي رهيل ٻه حصا شايع نه ٿي
سگهيا. سنڌي ادبي بورڊ کي جڳائي، ته معلوم ڪري ته
جيڪڏهن پير صاحب اهي ٻئي حصا به مڪمل ڪري ويو آهي،
ته اهي هٿ ڪري شايع ڪري، ڇاڪاڻ ته هي حصو سنڌي
ادبي بورڊ ئي ڇپايو آهي.
مقالات الشعراء: هي سنڌ جي فارسي شاعرن جو تذڪرو آهي، جيڪو تحفة
الڪرام جي صاحب مير علي شير قانع جو لکيل آهي. هي
ڪتاب به پير صاحب ايڊٽ ڪري شايع ڪرايو آهي. ڪتاب
جي متن جي تصحيح سان گڏ، حاشيا به لکيا اٿس، جن ۾
مختلف شاعرن بابت ٻين ڪتابن مان معلومات حاصل ڪري،
وڌيڪ معلومات ڏني اٿس. ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو
آهي.
مڪلي نامـﮧ: هي به مير علي شير قانع جو لکيل آهي، جنهن ۾ ٺٽي ۽
مڪليءَ جي رنگين محفلن جو ذڪر ٿيل آهي. ان مان ٺٽي
جي ثقافت، رنگينين رعنائين ۽ خوشحاليءَ جو پتو پوي
ٿو. ان سان گڏ انهيءَ ڪتاب ۾ ٺٽي ۽ مڪليءَ جي
بزرگن جي درگاهن جو ذڪر به ملي ٿو. پير صاحب هن
ڪتاب جي فارسي متن کي ايڊٽ ڪيو آهي ۽ ان تي طويل ۽
مفصل حاشيا به لکيا اٿس. حاشين ۾ انهن بزرگن،
عالمن، حڪمرانن ۽ تاريخي جاين جو مفصل ۽ مستند
احوال ڏنو ويو آهي، جن جو ذڪر مڪلي نامـﮧ جي متن ۾
آيو آهي. اهڙيءَ طرح هي ڪتاب نه فقط ٺٽي، بلڪ سنڌ
جي انسائيڪلوپيڊيا بنجي پيو آهي. هي ڪتاب به سنڌي
ادبي بورڊ ڇپايو آهي.
تڪلمـﮧ مقالات الشعراء: هي ڪتاب خليل ٺٽويءَ جو لکيل آهي ۽ ان ۾
پوئين دور جي فارسي شاعرن جو تذڪرو بيان ڪيو ويو
آهي. هي ڪتاب به پير صاحب اهڙي ئي نموني محنت سان
ايڊٽ ڪيو آهي، جهڙي نموني مقالات الشعراء ايڊٽ ڪيو
اٿس. ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل آهي.
تاريخ مظهر شاهجهاني: هي ڪتاب يوسف ميرڪ بن مير ابوالقاسم نمڪين
بکريءَ جو لکيل آهي. سنڌ جي تاريخ جو هي نادر ۽
ناياب نسخو پهريون ڀيرو پير صاحب جي ڪوشش۽ محنت
سان منظر عام تي آيو. ڪتاب جي مقدمه ۾ پير صاحب
پاڻ لکيو آهي: |